آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ حديثون

شاھ جي رسالي ۾ حديثون

اَلتَّحِيَّاتُ لِلّٰهِ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيِّبَاتُ

نماز ۾ قعدي واري حالت ۾ ويھي ’تشھد‘ يا ’التَّحيات‘ پڙهي ويندي آھي، تنھن جو ھيءَ مٿيون جُز آھي، جيڪو شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سورٺ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڪوڙِيين ڪِيرَتِئا ھُئَا، ڀَتو ڀَتين ڀَانَ،

جَنِ ٿي ڳَڙَهَان ٻَاھَرِ ڳَايو، ظَاھِرُ سَاڻُ زِبَانَ،

ھِيءُ مَنجھ پيٺو مَڱڻُو، اَپَرِ سين اِحسَانَ،

اَلتَّحِيَّاتُ لِلّٰهِ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيِّبَاتُ، چَئِي ساراھيائين سُبحَان،

جِهَڙو ڀَلو ڀَانُ، تِھَڙَا ڏَانَ ڏِيَاچَ جَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت 12، ص: 381)

جنھن جو ترجمو آھي: ”سڀ زباني عبادتون خدا لاءِ آھين ۽ بدني ۽ مالي (عبادتون پڻ).“

(شيخ، 2001ع، ص: 381)

ھيءَ حديث جو حصو محمد بن اسمٰعيل بخاري جي حديثن جي ڪتاب ’صحيح البخاريءَ‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”التَّحِيَّاتُ لِلّٰهِ وَالصَّلَوَاتُ وَالطَّيِّبَاتُ“

(بخاري، 1999ع، حديث نمبر 1202، ص: 192)

اَلْحُبُّ لِلّٰهِ وَالْبُغْضُ لِلّٰهِ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

جِيمَئُون جوڳِيَڙَنِ جِي، جَان نِهَارِيَمِ جُوءِ،

عَقلُ اُت اوڄُون ٿِئو، ھُو ھَلِئَا مَٿي ھُوءِ،

مُون کي اِنَ مَذڪُورَ جِي، بَانسَ نَہ پيئِي بُوءِ،

اَلْحُبُّ لِلّٰهِ وَالْبُغْضُ لِلّٰهِ، خَاصِي سَندِيَنِ خُوءِ،

وَڃِي رُوبَرُوءِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 5، ص: 130)

جنھن جو ترجمو آھي: ”محبت الله ڪارڻ ۽ بغض يعني دشمني (بہ) الله ڪارڻ.“

(شيخ، 2012ع، ص: 130)

حديث جو ھي حصو سليمان بن اشعث السجستاني ابو داود جي حديثن جي ڪتاب ’سنن ابـي داود‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”الْحُبُّ فِي اللّٰه والْبُغْضُ فِي اللّٰه“

(ابو داود، 1999ع، حديث نمبر 4599، ص: 650)

اَلدُّنْيَا جِيفَةٌ وَطَالِبُھَا كَلَآبٌ

ھيءَ حديث، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر معذوريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڪُتو ڪُرِٽي ھَڏِيُون، جُوان مَڙدُ جِڳِرُ کاءِ،

اَلدُّنْيَا جِيفَةٌ وَطَالِبُھَا كَلَآبٌ، ايئن ھِنئين سين لاءِ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پھريون، بيت 9، ص: 346)

ھن حديث جو ترجمو آھي: ”دنيا ڍونڍ آھي ۽ سندس طالبو ڪتا آھن.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 346)

ھيءَ حديث جلال الدين عبدالرحمٰن بن ابي بڪر السيوطي جي حديثن جي ڪتاب ’الدرالمنتثرة في الاحاديث المشتہرة‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”الدُّنْيَا جيفةُ والناسُ كِلَابُھا“

(السيوطي، حديث نمبر 230، ص: 119)

ھيءَ حديث سيد عبدالڪريم شاھ بلڙي واري جي ملفوظات ’بيَان العَارفين و تنبيه الغافلين‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”چيائون تہ پيغمبر عليه الصلواة والسلام جو قول آھي: ’الدنيا جيفة وطالبہا كلاب‘ يعني ھيءَ دنيا ڍونڍ آھي، ۽ ان جا طالب ڪتا آھن.“

(محمد رضا، 2002ع، ص:78)

اَلدُنيَا سِجْنٌ لِلمُوْمِنِيْنَ وَجَنَّةٌ لِلْکَافِرِيْنَ

ھيءَ حديث، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

پَنجِينءَ راتِ پَيغَامَ، مُڪَمِ مَاروءَ ڄَامَ ڏي،

وَيرِيُن ويڙِهِي آھِيَان، وَرِجِ وِيرَ وَرَيَامَ،

اَلدُنيَا سِجْنٌ لِلمُوْمِنِيْنَ وَجَنَّةٌ لِلْکَافِرِيْنَ، ماڙيءَ ۾ ماتامُ،

ڀَانيان قَيدُ قِيَامَ، تي ڏُکِئا ڪَاٽِيَان ڏينھَڙا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان سورهون، بيت 6، ص: 484)

ھيءَ حديث مسلم بن الحجاج القشيري جي حديثن جي ڪتاب ’صحيح مسلم‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛”الدُّنْيَا سِجْنُ الْمُؤْمِنِ وَجَنَّةُ الْكَافِرِ“

(مسلم، 2000ع، حديث نمبر 7417، ص: 1281) جنھن جو ترجمو آھي: ”دنيا يعني جھان مومنن لاءِ قيد آھي ۽ ڪافرن لاءِ جنت آھي.“

(شيخ، 2012ع، ص: 484)

اَلسَّفَرُ قِطْعَةٌ مِنَ النَّارِ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ استعمال ٿيل آھي:

مِڙِي مُنڌَ ڏي آئِيُون، ساھيڙِيُون سَھجان،

اَلسَّفَرُ قِطْعَةٌ مِنَ النَّارِ، ھارِي موٽُ ھِتان،

سَگُ صِرَاطَ المُستَقِيمَ جو، اَٿِئِي تان اَڳِيان،

سي ڪيچِي نيندءِ ڪِئان، تُنھِنجو نينهن نِفاقَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر ديسي، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 380)

ھن جو ترجمو آھي: ”مسافري باھ يا دوزخ جو ٽُڪرو آھي.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 380)

حديث جو ھي حصو محمد بن اسمٰعيل بخاري جي حديثن جي ڪتاب ’صحيح البخاريءَ‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”السَّفَرُ قِطْعَةٌ مِنْ الْعَذَابِ“

(بخاري، 1999ع، ديث نمبر 1804، ص: 290)

اَلسَّلَامُ عَلَيْكَ اَيُّهَاالنَّبِيُّ وَرَحْمَــﺔُ اللّٰهِ

نماز ۾ قعدي واري حالت ۾ ويھي تشھد يا التَّحيات پڙهي ويندي آھي، تنھن جو ھيءَ مٿيون جُز آھي، جيڪو شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سورٺ‘ ۾ ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

سَھسين ھُئَا سَارِنگِئَا، مَانجهي مَڱڻَهَارَ،

تَنِ ڳَڙَهَان اوري ٿي ڳايو، سَھسين ڪَري سِينگارَ،

تُنبيري جي تَندُ جِي، پِھرِين ھُئِي پَچَارَ،

آءُ مَٿَاھُونَ مَڱڻَا، لَنگھي دَرُ دُوَارُ،

توکي گهوٽَ گھرايو، خِلوَتَ لَئِي کَنگھَارَ،

اَلسَّلَامُ عَلَيْكَ اَيُّهَاالنَّبِيُّ وَرَحْمَــﺔُ اللّٰهِ، کِلي ڪِئائون کِيڪَارَ،

تِھَان پوءِ ڏَاتَارَ، ڏِنُو مُلڪُ مڱڻَهَارَ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت 11، ص: 381)

ھن جو ترجمو آھي: ”سلام ھجي تو تي اي نبي (سڳوراﷺ) ۽ الله جي رحمت.“

(شيخ، 2001ع، ص: 381)

حديث جو ھي حصو محمد بن اسمٰعيل بخاريءَ جي حديثن جي ڪتاب ’صحيح البخاريءَ‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”السَّلَامُ عَلَيْكَأَيُّهَاالنَّبِيُّ وَرَحْمَــﺔُ اللّٰهِ“

(بخاري، 1999ع، حديث نمبر 1202، ص: 192)

إِنَّ اللّٰهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الْوِتْرَ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

’آئون‘ سين اُنَ پارِ، ڪَڏهن تان ڪونہ ٿِيو،

إِنَّ اللّٰهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الْوِتْرَ، نيئِي ٻِيائِي ٻارِ،

ھيڪَڙائِيءَ وَٽِ ھارِ، ھَنجُون جي ھُئڻَ جُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان پھريون، بيت 2، ص: 705)

حديث جو ھي حصو، محمد بن عيسيٰ الترمذي جي حديثن جي ڪتاب ’سنن الترمذي‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”إِنَّ اللّٰهَ وِتْرٌ يُحِبُّ الْوِتْرَ“

(الترمذي، 2000ع، حديث نمبر 453، ص: 120)

جنھن جو ترجمو آھي: ”تحقيق خدا ھڪ آھي ۽ ھيڪڙائي ھن کي پسند آھي.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 705)

اَنَا اَحْمَــدُ بِلَا مِيْمٍ

ھيءَ حديث، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سورٺ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

نِرتِي تَندُ نِيازَ سيٖن، ٻُرائِي ٻِيجَلَ،

راڄا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ،

رازُ ڪِيائين راءَ سين، ڪنھن موچارِيءَ مَهَلَ،

”اَنَا اَحْمَــدُ بِلَا مِيْمٍ“، سَينَ ھَنئِي سائِل،

ڪنھن ڪنھن پيئِي ڪَلَ، تَھ ھردوئِي ھيڪُ ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 644)

ھن جو ترجمو آھي: ”آئون ’احمد‘ آھيان ’ميم‘ کان سواءِ.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 644)

ھيءَ حديث سيد عبدالڪريم شاھ بلڙي واري جي ملفوظات ’بيَان العَارفين و تنبيه الغافلين‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”چيائون تہ حضرت رسالت مآب ﷺ جن جو قول آھي: ’انا احمد بلا ميم‘ يعني آءُ ميم کان سواءِ احمد آھيان‘.“

(محمد رضا، 2002ع، ص:147)

التَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ

حديث جو ھي حصوشاھ جي رسالي ۾ ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ٻانهپَ جو ٻيڙيَنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون،

موتِي مَعرفتَ جا، سَچا سودِيائُون،

التَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ، اِيءَ کَٽِ کَٽِيائُون،

اُنِين جِيءَ آئون، بَرڪَتَ بارُ لَنگھائِيان!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 160)

حديث جو ھي حصو ابن ماجه، جي حديثن جي ڪتاب ’سنن ابن ماجه‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”التَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ“

(ابن ماجہ، 1999ع، حديث نمبر 4250، ص: 619) ھن جو ترجمو آھي: ”جيڪو گناھن کان توبھ ڪري ٿو، سو انهيءَ جهڙو آھي، جنھن گناھ نہ ڪيا ھجن.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 160)

جَفَّ الْقَلَمُ بِمَا ھُوَ كَآئِنٌ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

’قَيْدُالْمآءِ‘ ڪَھَنِ جو، سو مُون پاندِ پِيو،

جَفَّ الْقَلَمُ بِمَا ھُوَ كَآئِنٌ، وَهِي قَلَمُ وِيو،

اِيُ قَضا ڪَمّ ڪِيو، جيئن ٿَر مارُو، آن ماڙِئين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 560)

ھن جو ترجمو آھي: ”جيڪي ٿيڻو ھو، سو لِکي، قلم سُڪي ويو.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 560)

حديث جو ھي حصو، الامام احمد ابن حنبل جي حديثن جي ڪتاب ’مسند احمد- مسند عبدالله بن عباس‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”جَفَّ القَلَمُ بما ھو كَآئِنُ“.

(ابن حنبل، 1995ع، حديث نمبر 2803، ص: 18-19)

حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الْاِيْمَانِ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

مَارُو مِٽَ مَلِيرَ جَا، سَارِئَمِ سَڀيئِي،

حُبُّ الْوَطَنِ مِنَ الْاِيْمَانِ، اَندَرَ ۾ اَيهِي،

پَکَنِ ۾ پَيهِي مَحلَنِ جِي مَرُ ڌُئَان.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان يارهون، بيت 18، ص: 453)

ھن جو ترجمو آھي: ”وطن (يعني جنم ڀوميءَ) جي حُب يعني محبت ايمان مان آھي.“

(شيخ، 2012ع، ص: 453)

حديث جو ھي حصو محمد عبدالرحمٰن السخاوي جي حديثن جي ڪتاب ’المقاصد الحسنة‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”حُبُّ الوطِن من الِٕايمان.“

(السخاوي، 1985ع، حديث نمبر 386، ص: 98-297)

خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِـﻪ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

پُنهون ٿِيَسِ پاڻِهِين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونهن،

”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِـﻪ“ اِيءَ وَڻَنِ مَنجھ وِرُونهن،

چَريءَ مَنجهان چُونهن، کَڻِي ھوتُ ھَنجِ ڪيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 6، ص: 304)

ھن جو ترجمو آھي: ”خدا آدم کي پنھنجي صورت مطابق خلقيو آھي.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 304)

حديث جو ھي حصو محمد بن اسمٰعيل بخاري جي حديثن جي ڪتاب ’صحيح البخاريءَ‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِـﻪ“

(بخاري، 1999ع، حديث نمبر 6227، ص: 1084)

مَارَاَيْتُ شَيْئاً اِلاَّ وَرَاَيْتُ اللَّهَ فِيْهِ

ھيءَ حديث، شاھ جي رسالي ۾ ’سُرود سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ھيڪَرَ ھُئَڻُ ڇَڏِ، تَھ اوڏِي ٿِيين عَجِيبَ کي،

مَارَاَيْتُ شَيْئاً اِلاَّ وَرَاَيْتُ اللَّهَ فِيْهِ، نيئِي اَجها اوڏاھِين اَڏِ،

تَھ ھوتُ توهِين کَان ھَڏِ، پِرِين پَاسي نَہ ٿِئي.

(شيخ، ٻانهون، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو - جلد ٻئو‘، سُر آبڙي، داستان پنجون، بيت 12، ص: 38)

ھن حديث جو ترجمو آھي: ”آئون ڪا اھڙي شيءِ نٿو ڏسان مگر ان ۾ خدا کي ڏسان ٿو (حديث قدسي) يعني ھر شيءِ ۾ خدا کي ڏسان ٿو.“

(شيخ، 2001ع، ص: 38)

ھي فقرو ’اخبار الحلاج اومناجيات الحلاج‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”مارايتُ شيئاً اِلاَّ ورايتُ اللّٰه فيه“

(لويس، 2005ع، ص: 20)

مَنْ عَرَفَ نُفْسَھُ فَقَدْ عَرَفَ ربہ

ھيءَ حديث، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

پُنھُون ٿِيَسِ پاڻِهِين، وِيو سَسُئِيءَ جو سِينگارُ،

”مَنْ عَرَفَ نُفْسَھُ فَقَدْ عَرَفَ ربہ“ اِھوئي آچارُ،

جو وِندُرَ ۾ واپارُ، سو سَودو سرِيُسِ ھِتَھِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 5، ص: 304)

ھن جو ترجمو آھي: ”جنھن پاڻ کي سڃاتو، تنھن ڄڻ پنھنجي رب کي سڃاتو.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 304)

ھيءَ حديث محمد عبدالرحمٰن السخاوي جي حديثن جي ڪتاب ’المقاصد الحسنة‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”مَنْ عَرَفَ نُفْسَھُفَقَدْ عَرَفَ ربہ“

(السخاوي 1985ع، حديث نمبر 1149، ص: 657)

مُوْتُوْا قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْا

ھيءَ حديث ، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر جُمن‘ جي ھيٺين وائيءَ ۾ آيل آھي:

مُون کي ٿَا مَارِينِ، ڪو پَھُه پِيَڙو سَڄَڻِين،

ٻَارِئو اُجَھائِينِ، پِرِين اُجهايو ٻَارِينِ،

لُهَان لُهَارَنِ جَا، مُون کي ٿا مَارِينِ،

وَڍِئِو چِيرئو چِچِرئو، ڏيھ کي ڏيکارِينِ،

سِيخُون سَڄَڻَنِ ھَٿَ ۾، چُلھي ٿا چَاڙِهِينِ،

مُوْتُوْا قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْا، مَرِضَ اِنَ مَاريَنَ،

لايَمُوْتُ فِيْهَا وَلا يَحْيٰ، مَارِئو جِيَارِينِ.

(شيخ، ٻانهون خان، (2021ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد پھريون‘، سُر جمن، داستان ٻيو، وائي، ص: 41)

ھن حديث جو ترجمو آھي: ”مرڻ کان اڳ مرو.“

(شيخ، 2021ع، ص: 41)

ھيءَ حديث محمد عبدالرحمٰن السخاوي جي حديثن جي ڪتاب ’المقاصد الحسنة‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”مُوْتُوْا قَبْلَ اَنْ تَمُوْتُوْا“

(السخاوي 1985ع، حديث نمبر 1213، ص: 682)

وَالْقَدْرِ خَيْرِهٖ وَ شَرِّهٖ مِنَ اللّٰهِ تَعَالیٰ

حديث جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

لامَئُون لَڏي ھَلِئَا، جوڳِي مَان جَايُنِ،

وَٺَنِ واٽَ وِچَٿَرِي، ڪنھن کي ڪِينَ چَون،

مَنجَا مَهرا مَڙِهِيُون، ڀَاڻُ ڪِئو ڀَانئينِ،

وَالْقَدْرِ خَيْرِهٖ وَ شَرِّهٖ مِنَ اللّٰهِ تَعَالیٰ، اِنِهين اھڃاڻن،

سَامِيَڙا سَنڪَنِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو - جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 28، ص: 139)

ھن جو ترجمو آھي: ”۽ ان جي خير (نيڪيءَ) ۽ شر (بديءَ) جو ٺھراءُ يا مقرري الله تعاليٰ کان آھي.“

(شيخ، 2012ع، ص: 139)

حديث جو ھي حصو محمد بن عيسيٰ الترمذي جي حديثن جي ڪتاب ’سنن الترمذي‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي؛ ”بِالْقَدَرِ خَيْرِهِ وَ شَرَّهِ“

(الترمذي، 2000ع، حديث نمبر 2144، ص: 493)