آگم ڪيو اچن...

رسالي ۾ ثقافتي اھڃاڻ: ريتون، رسمون، ساٺ سَوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا

رسالي ۾ ثقافتي اھڃاڻ: ريتون، رسمون، ساٺ سَوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا

رسالي ۾ ثقافتي اھڃاڻ: ريتون، رسمون، ساٺ سَوڻ ۽ ٽوڻا ڦيڻا

باسون باسڻ، اکا ڏيڻ، اوسھ / اوسائي وجهڻ:

سنڌي عورتون مسافريءَ تي ويل پنھنجي وَرن جي سلامتيءَ لاءِ باسون باسڻ، درياھ / سمنڊ ۾ اکا پائڻ / ڏيا ٻارڻ سان گڏ دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ اوسائي وجهنديون آھن.

شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۽ سُر سامونڊيءَ ۾ اھڙين عورتن جو ذڪر ڪيو آھي جن جا وڻجارا ور سامونڊي سفر تي روانا ٿيندا ھئا. اھي وڻجاريون پنھنجن ڪانڌن جي سلامتيءَ سان واپسيءَ لاءِ پاڻيءَ جي پوڄا (جل پوڄا) ڪنديون ھيون تہ جيئن سمونڊ ۾ ويندڙ ٻيڙا سلامتيءَ سان واپس اچن:

اُڀِيُون تَڙَ پُوڄِينِ، وَھون وَڻِجارَنِ جون،

آڻِيو اَکا ڏِينِ، کَٿُورِي سَمُونڊَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 201)

يا وري تڙ پوڄڻ ۽ اوسھ وجھڻ لاءِ شاھ لطيف چوي ٿو تہ:

وِچِينءَ جان ويهِي، جَرِ پَلئو پائِيان،

”تَڙِ ٻيڙا، گهر سُپِرِين“، اوسَھِ اِيءَ پيئِي،

جيئن وَڻجارو سين وَکرين، سَرَھا سَڀيٖئِي،

حُرمَتَ ساڻُ حَبِيبَ جي، سُونگِئا نہ سيئِي،

پاڻِهي اُوءِ پيٖهِي، کَنڊَ - کيڙائُو آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 12، ص: 182)

انهن وڻجارين جا وَر جڏهن خير سلامتيءَ سان واپس ورندا ھئا تہ اھي وهون خوش ٿينديون ھيون، تڙ تي پوڄا ڪندڙن جي خدمت ۽ خير خيراتون پڻ ڪنديون ھيون، جن لاءِ شاھ لطيف ھيئن ٿو چئي:

جَنِين ڪارَڻِ مون، تَڙَ پُوڄارا پُوڄِيا،

پُنِيَمِ اُميدُون، سٖي ئي سَڄَڻَ آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 202)

تتر پکيءَ جو اَسوڻ:

مختلف قومن ۽ قبيلن جون ريتون، رسمون، رواج، سوڻ، ساٺ ۽ وهم وسوسا بہ جدا جدا آھن. جيئن عرب قوم ۾ سفر ڪندي جيڪڏهن سھو سندن سامهون لنگهندو ھو تہ ان کي بد سوڻ سمجهي گهر موٽي ويندا ھئا، تيئن سنڌ ۾ بہ اھڙا ڪيئي اَسوڻ آھن، جيئن گهران سفر تي نڪرندي ڪا ڪاري ٻلي سامهون لنگهي وڃي تہ ان کي بہ بدسوڻ سمجهيو ويندو آھي يا وري جي ڏائي (کاٻي) پاسي تتر اڏامي تہ ان کي بدسوڻ سمجهيو ويندو آھي.

شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ان اسوڻ جو ذڪر سسئيءَ جي واتان ھيئن چورائي ٿو:

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ، ڪَھَہ گهڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،

تِتِرُ ٿِئي مَ تنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،

جَڏهِن ڄامُ پُنهُون ڄائو، تَڏهِن ٿِي وَسَ وَڻِڪارَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ڇھون، بيت 13، ص: 402)

پير کڻڻ / پير سڃاڻڻ / پيرڪڙڻ:

سنڌ ۾ پيرن کڻڻ يا پيرن سڃاڻڻ جو فن تمام پراڻو آھي. جي ڪٿي چوري ٿي وڃي ۽ چور ڪنھن ماڻهوءَ، جانور يا سامان کي کڻي وڃي تہ پيري / پيراڍو پير کڻي چور پڪڙيندا آھن، جيڪڏهن چور پير جي لِڪَ ڪندو يا رستو مٽائيندو آھي تہ بہ پيري سندس پير جو انگ سڃاڻي وٺندا آھن.

اھو فن شاھ لطيف جي دؤر ۾ بہ سنڌ جا رهاڪو ڄاڻندا ھئا. پير کڻڻ وقت اُھي پير سڃاڻڻ وارا پير ڪڙيندا ھئا، يعني ليڪيندا ويندا ھئا، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ھيئن ٿو ڪري:

ڪَڙهي ۽ ڪَڙي، پَرِ ۾ پيرُ پُنهُوءَ جو

سِڪَ ٻَڌائين سَندرو، جانِبَ لئه جَڙي

لَڪَنِ سِرِ، لَطِيفُ چي، مُنڌَ جهيڙي ۽ جھڙيٖ

پَڻِي تان نَہ پَڙي، جي عُمِرِ سڀِ اِيئن ڪري.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ستون، بيت 10، ص: 313)

سام جهلڻ:

سام جهلڻ غيرتمند قومن جو گُڻ آھي. سنڌي قوم ان حوالي سان ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ اڳري نظر اچي ٿي. ننگن تان نثار ٿيڻ سندن ثقافت جو حصو رهيو آھي. سام عام طور تي قبيلي جو چڱو مڙس يا سردار جهليندو آھي، جيڪو ننگن جي عزت لاءِ پنھنجي جان جي بہ پرواھ ڪونہ ڪندو آھي، انهن جي رکوالي ڪندي، جيڪڏهن موت جي منھن ۾ بہ اچي وڃن، تہ ان کي مُرڪي منھن ڏيندا آھن. سنڌي ماڻهو غيرتمند، نياڻين جا رکوال ۽ سامن جهلڻ جا ڪوڏيا رهيا آھن. اڳوڻي دور ۾ جڏهن جنگيون ٿينديون ھيون تہ پنھنجي عورتن ۽ ٻارن کي ڪنھن دل گهرئي دوست ۽ مائٽ ڏانهن سام طور موڪليو ويندو ھو. سام جهلڻ وارو انهن جي ننگ ناموس کي پنھنجي گهر وارن کان بہ وڌ سمجهندو ھو ۽ انهن جو وار بہ ونگو ٿيڻ نہ ڏيندو ھو.

سَرَڻِيَنِ جي سُکَ لئٖي، سامَ کَنئِي سَردارَ،

جي آيُون اَبڙي جي آڌارَ، سي سُونگُ نہ ڏِيندِيون سُومِرِيونُ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان پھريون، بيت 14، ص: 896)

سنڌ ۾ اھڙا سورهيہ ٿي گذريا آھن، جن سامن جي حفاظت لاءِ ڌارين جي فوج جو مقابلو بہ ڪيو ھو. جيئن ابڙي سمي سومرن جي سامن جي حفاظت لاءِ سِر ڏنو. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ان جي شھادت ڏيندي چوي ٿو:

آروڙِجِي اُٿِيو، ديٖمِنِ وِڌائِين دُکَ،

لاٿائِين، لَطِيفُ چي، عالَمَ تان اَھُکَ،

تَنِ سَرَڻِيَنِ ٿِيا سُکَ، جي اَجهي آيُون اَبڙي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان پھريون، بيت 10، ص: 895)

شاديءَ / وهانءَ جون رسمون:

ڇيڄ / ڏانڊيا: اڳوڻي زماني ۾، شادين ۾ ڇيڄ يا ڏانڊيا ناچ ضرور ٿيندو ھو. ھاڻي بہ ٻهراڙين ۾ ڪٿي ڪٿي اھو رواج ھلندڙ آھي. ڇيڄ ناچ جو ھڪ قسم آھي، جنھن ۾ دُهل جي وڄت تي، مرد ماڻهو، مڱڻھار جي چوڌاري گولائيءَ ۾ قطار ٺاھي فٽ کن جو ڏانڊيون ھٿ ۾ کڻي بيھن. دھل جي وڄت تي ھڪ خاص انداز ۾ ڦيرا ڏيئي اھي ڏانڊيون ھڪ ٻئي سان ٽڪرائيندي، نچندا آھن، جنھن سان ھڪ خاص قسم جو آواز پيدا ٿئي ٿو. شاھ لطيف انهيءَ رسم جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

سَمَرُ جَنيِن نَہ ساڻُ، ھوتُ حِماِتي تَنِ جو،

ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهُون ايندو پاڻ،

ٿِيندي رِيجھه رِهاڻِ، لحظي مَنجھ لَطيفُ چئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘ سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 5، ص: 396

ڏاج / ڏيج ڏيکارڻ:

وهانءَ وقت ڪُنوار کي جيڪو سامان پنھنجي ماءُ پيءَ پاران ملي ٿو، تنھن کي ڏيج يا ڏاج چوندا آھن، ڏيج ۾ ڪپڙا، چوڙيون، ۽ ٻيا ڳھ، جُتيون ۽ ٻيو ذاتي ضرورت جو سامان ڏنو ويندو آھي. عام طور اصلوڪن سنڌين ۾ ڏيج جي باقاعدي گهوٽيتن پاران گهر نہ ڪئي ويندي آھي، ڪنواريتا پنھنجي وت ۽ وَس آھر جيڪي ڏين سو قبول پوندو آھي، پر ھاڻي ڌارين قومن جي ريس ۾ گهڻي ڏاج جو رواج پئجي ويو آھي. اھو سڄو ڏاج شاديءَ ۾ ڄاڃين کي ڏيکاريو بہ ويندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، انهيءَ ’ڏاج ڏيڻ‘ واري رسم جي ڳالهہ ھن ريت ڪئي آھي:

ماءِ! وِهاڻُو وارِ، کَڻُ پَٿَراڻِي پانهنجي،

جِيڪِين ڏنُئي ڏيجَ ۾، سو سَڀوئِي سارِ،

وَڃان ٿِي وَڻِڪارِ، ڏِٺُمِ پيرُ پُنهُونءَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 4، ص: 451)

ڏانوڻ ڏائڻ:

گهوٽ جڏهن ڪنوار جي گهر جي در تي پھچندو آھي تہ ان وقت ڪيتريون ئي ڪنواريتيون يا ڪنوار جون ڀينرون سندس رستو جهلي بيھنديون آھن ۽ انهن مان گهوٽ جي سالي يا ڪنوار جي ويجهي مائٽياڻي ھڪ ڪچو ڌاڳو کڻي پير جي اڱوٺي کان وٺي، سندس ساڄي پاسي جي ھٿ جي چيچ تائين ور ڏيئي ڏانوڻ ڏائيندي آھي. ڪا ڏهاڳڻ يا ڏُکي عورت ان رسم ۾ حصو ڪانہ وٺندي ڇو تہ اُن کي بدسوڻ سمجهيو ويندو آھي. ان رسم کان پوءِ عورتون ڪجهہ لاڳ پئسا وٺي پوءِ ڇڏينديون آھن. ڪوهستان ۽ لاڙ واري پاسي ڪنوار ڏانهن ويندي در تي سالي ڏانوڻ ڏائڻ جو ساٺ ڪندي آھي، جنھن ۾ ڪاٺي اُڀي بيھاري وٽيل ڌاڳي سان گهوٽ جو ھڪ ھٿ ڦاسائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آھي. اھا رسم، شاھ لطيف جي زماني ۾ بہ ھئي. شاھ لطيف، سسئيءَ جي واتان چورائي ٿو:

مَتان ڪا، ٻَڙِي! ٻولَ ٻاروچي وِسَھي،

ھوندَ نَہ سُتِيَس، سَرَتِيُون! وِيهِي رَہيَسِ وَڙِي،

جَتَ پنھنجي جُوءِ ۾، گهارِنِ مانَ گهڙِي،

ڪيچِيَنِ آنءُ نَہ ڪَڙِي، ڪنھن ڏُکِيءَ ڏاوَڻُ ڏائِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 13، ص: 407)

ڍڪڻ ڀڃڻ:

ڏانوڻ جي رسم کان پوءِ گهوٽ کان ڍڪڻ ڀڃايو ويندو آھي. سنڌ جي ڪن حصن ۾ اھو ڍڪڻ گهوٽ کان سندس گهر ۾ ئي عورتون ڀڃائينديون آھن ۽ ڪٿي وري اَنهير، جيڪو گهوٽ جو مددگار ۽ ساٿي ھوندو آھي، اھو ڪنوار جي گهر وڃي ڍڪڻ ڀڃندو آھي، پر ڪن علائقن ۾ خاص ڪري ڪوهستان واري پاسي اھو ڍڪڻ جڏهن گهوٽ، ڪنوار جي گهر ايندو آھي، تڏهن ڪنوار جي گهر جي در تي ڀڃندو آھي.

سنڌ جي ڪجهہ ايراضين ۾ ان ڍڪڻ تي گهوٽ کان اڳ ۾ ڪنوار پير رکندي آھي ۽ ان کانپوءِ گهوٽ رکندو آھي، جيڪڏهن گهوٽ جو پير ڍڪڻ تي پوريءَ طرح رهيو ۽ آڏو ٽيڏو نہ ٿيو تہ پوءِ اھو سٺو سوڻ سمجهيو ويندو آھي، پر جيڪڏهن پير ابتو سبتو رهيو، تہ پوءِ بد سوڻ ڄاتو ويندو آھي. سُر ليلا چنيسر ۾، شاھ لطيف، انهيءَ سوڻ جو ذڪر ڪيو آھي:

پُوچا ڏِٺَمِ پيٖر، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،

مُون ڀانئِيو تنھن ويٖرَ، ڪوجِھي ڪَندو پِرِيتڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 15، ص: 501)

ليلا جڏهن ڏٺو تہ ڍڪڻ جي رسم ادا ڪرڻ وقت سندس گهوٽ چنيسر جو پير ڍڪڻ تي پورو نہ رهيو تہ ليلا ان مان اھو اندازو لڳايو تہ چنيسر ساڻس وفاداري نہ ڪندو.

سڳو ٻڌڻ / ڳانو ٻڌڻ:

ڳانو دراصل ھڪ ڏوريءَ کي چئبو آھي، جنھن جو مطلب ڪو ٻنڌڻ ٻڌڻ ھجي ٿو. اھو ڳچيءَ ۾ بہ پائي سگهجي ٿو تہ ٻانھن يا پيرن ۾ بہ ٻڌي سگهجي ٿو. اھو سزا ڏيڻ لاءِ لوه جي پٽيءَ جي صورت ۾ بہ ٿي سگهي ٿو، سنڌ ۾ ڳاني جا ڪيترائي ڪارج آھن. ھڪڙو ڪارج شاديءَ ۾ ٻانھن ۾ سُٽ يا ريشم جا ڌاڳا ٻڌڻ پڻ آھي. شاھ لطيف جي دور ۾ شاديءَ جي موقعي تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٻانھن ۾ ڳانا ۽ سڳا ٻڌا ويندا ھئا، جن جو ذڪر شاھ لطيف ڪري ٿو:

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون،

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مون کي ٻانھن ٻَڌائُون،

عُمَرَ جو آئُون، پَٽُ ڪيئن پَرَہيان سُومَرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 566)

ڳِچِيءَ ڳانا لوهَہ جا، زيرِيُون ۽ زنجِيرَ،

پَيڪَڙا پيرَنِ ۾، ڪوٺِيَنِ اَندِرِ ڪِيرَ،

چارِي چَوڳانَن ۾، واھِيَتَ ڪَنِ وَزِيَر،

ڇَنِ نَہ ڇَڄيٖ آھِيان، اِھَڙِيءَ سِٽَ سَرِيرَ،

مارُو ڄامَ مَلِيرَ، پُڇِجِ ڪِي پَھنوارِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 13، ص: 581)

اھي ڳانا يا سڳڙا ايستائين گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٻڌل ھوندا آھن، جيسين لائون لهن. لائن مھل جيڪي ساٺ سوڻ ڪيا ويندا آھن، انهن ۾ ڏانوڻ بہ ھڪ رسم آھي.

سَڱُ ڪرڻ: سنڌ ۾ شاديءَ جي رسم جي شروعات سڱ ڪرڻ سان ٿيندي آھي. ھڪ پھاڪو آھي تہ:

”سڱ سئوٽن اڳرو، ميڙو ماساتن،

ڦل ڏجي پُڦاٽن، مهڻو ماروٽن.“

سنڌي مسلمانن ۾ سئوٽ يا ڏاڏي پوٽي سان سڱ ڳنڍڻ کي فوقيت حاصل رهي آھي، اُن کان پوءِ ٻين مائٽن ۾ سڱ جي ڳولها ٿيندي ھئي، پر ھاڻ وقت بدلجي ويو آھي، ۽ خاندان کان ٻاھر پڻ شاديون ٿين ٿيون. ھندو جاتيءَ ۾ سنڌي ھندن ۾ پنھنجي مائٽن ۾ سڱ ڪرڻ جي منع آھي. ھڪ ڀيرو سڱ جي پڪ ٿي تہ اُن جي اعلان کي ’پڌري‘ چون ۽ باقاعدي رسم ڪرڻ کي ’مڱڻو‘ چون. شادي ٿيڻ تائين ڪيتريون ئي رسمون ٿينديون آھن، انهن سان لاڳاپيل انهن لفظن بابت ھتي احوال ڏجي ٿو. جيڪي شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آندا آھن. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سڱ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڀينَرُ! آءٌ ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪيو،

ڏِيندا مُون ڏيرَ ويا، جھڄَڻُ ۽ جهورِي،

لَڳِي جن لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورينديوُن.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘ سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 18، ص: 307)

سيج جون رسمون:

سيج ان ھنڌ کي چئجي. جنھن تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي وهاري لائُن جو ساٺ يا شاديءَ جا ٻيا سوڻ ساٺ ڪجن.

سيج اڪثر ڳاڙهي رنگ جي بخملي سوڙ يا رِلي تيار ڪئي ويندي آھي. مختلف علائقن جي ريتن موجب ڪٿي سيج ڪنواريتا تيارڪن تہ ڪٿي وري اھو ذمو گهوٽيتن مٿان ھوندو آھي.

سيج وڇائي وچ تي وهاڻو رکي، ان تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي اھڙي نموني آمهون سامهون وهاريو ويندو آھي جو، گهوٽ جو منھن اولھ طرف ۽ ڪنوار جو منھن اوڀر طرف ٿئي. گهوٽ جي اچڻ کان اڳ ڪنوار جو منھن ڍڪي کيس ڪا سھاڳڻ پلئہ ڏئي سيج تي ويھاريندي آھي ۽ پوءِ گهوٽ کي سندس ڀيڻ يا ڪا ويجهي مائٽياڻي پلئہ ڏئي سيج تي وهاريندي آھي.

سيج تي گهوٽ ڪنوار سان جيڪي رسمون ڪجن ٿيون انهن ۾ لائُون، تِر مُئڻ، ڦل چونڊڻ، مُٺ کولائڻ لاءِ (ڇوهارو ڇڏائڻ)، وڃڻو گھُلائڻ، قرآن پڙهائڻ، سُپ اپڙڻ، اُکري ۽ مُهري ۾ ان ڇڙڻ ۽ ڪي ٻيو رسمون پڻ ٿين ۽ آخر ۾ منھن ڏيکارڻ جي رسم ڪئي ويندي آھي. عورتون انهن ساٺن موجب ڳيچ پڻ ڳائينديون رهنديون آھن.

ڪن ھنڌن تي سيج سان ڳجها ساٺ پڻ ڪيا ويندا آھن. جن ۾ ڪنوار جو ونواھ وارو جوڙو گهوٽ واري پاسي کان سيج ھيٺان وڇائڻ، ھڪ مخصوص ڳيچ ڳائڻ، ان جي برعڪس گهوٽ کي انهن ساٺن ۽ سوڻن وسيلي بد اثرن کان بچڻ لاءِ پڻ ڪي ترڪيبون ڪيون وينديون آھن.

انهن مڙني رسمن کان پوءِ ڪنوار جي مائٽن کان موڪلاڻي ۽ ڄڃ جي موٽ جون تياريون شروع ٿينديون آھن.

وَرُ سٖي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرَ جَنِ،

گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻ اَباڻَنَ،

ويڙهيا گھُمَنِ وَلِيٖين، جهانگِي مَنجِھ جَھنگَنِ،

مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳَڻائِي سيڄَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 568

ڪاڄ:

ڪاڄ مان مُراد شاديءَ واري ڏينھن گهوٽيتن پاران آيل مهمانن کي آجياڻو ڏيڻ آھي، جنھن ۾ حيثيت آھر طعام تيار ڪرايا ويندا آھن.

ڪاڄ جي لغتي معنيٰ ھيءَ آھي: ”ڪاڄُ جمع ڪاڄَ: ڪم- ڪار- ڌنڌو- پيشو- ڪرت- ڌاري- ڪسبُ- ڪارگذاري- ڪاجُ. خوشيءَ جي ھڪ رسم- شادي- جشن- منگل آچار. شادي جي موقعي تي ڪيل کاڌو.“

( بلوچ، 1985ع، ص: 1967)

شاديءَ جي موقعي تي گهوٽيتا توڙي ڪنواريتا پنھنجي مٽن مائٽن، سنگت ساٿ، راڄ ڀاڳ ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن کي پنھنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڏ ڏيندا آھن، جيڪي ڪاڄ ۾ شريڪ ٿي پُئو / گهور بہ ڏيندا آھن.

شاديءَ جي رسم اوائلي دؤر کان وٺي اسان جي سماج ۾ رائج آھي. ماضيءَ ۾ شاديءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ خاص مڱڻھار مقرر ھوندا ھئا، جيڪي پاڙي پاڙي وڃي دھل وڄائي دعوت ڏيندا ھئا، پر ھاڻي جديد دؤر ۾ شادي جي سڏ لاءِ دعوت ناما يا شادي ڪارڊ ڇپرايا وڃن ٿا. پر ڳوٺن ۾ اڃان بہ شاديءَ جي ڪاڄ جي دعوت ڏيڻ جو پراڻو طريقو رائج آھي. ڪراچي جي علائقي لياري، ملير ۽ ڪوهستاني پٽيءَ ۾ عورتون ٽولي جي صورت ۾ مٽن مائٽن ۽ واسطيدارن کي ذاتي طور تي گهر گهر وڃي دعوت ڏينديون آھن.

شاھ لطيف، سُر ليلا ۾ ’ڪاڄ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

لِيَلان لُڇُ مَ اِيترو، ويئِي ڳالهہ ھَٿَان،

چَنيسَرَ ڪَانڌا، ڪونهَ پُنُو تو ڪَاڄَڙو.

(شيخ، ٻانھون خان، ( 2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ جلد ٽئون، سُر ليلا، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 209)

کيئڻ کارائڻ:

گهوٽ جي گهر صبح مان جڏهن گهوٽ جا ويجها مائٽ ۽ دوست اچي گڏ ٿيندا آھن، تہ انهن سڀني ڄاڃين کي سوجي، سيويون، پيهون نشاستو يا گهڻو ڪري گيھ ۽ کنڊ ۾ ڀوريل ماني کارائي ويندي آھي. ان رسم کي کيئڻ کارائڻ جي رسم چيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، ان رسم جو ذڪر پنھنجي ڪلام ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، وِيندو گهوٽُ وَناھِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پُنهُونءَ ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کِيڻَ کارايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، ابيات متفرقہ، وائي، ص: 337)

لائون:

گهوٽ ۽ ڪنوار جِتي لائون لهندا آھن، اُتي ھڪڙي سيج سجائي ويندي آھي، جنھن تي گهوٽ ۽ ڪنوار کي آمهون سامهون ويهاريو ويندو آھي ۽ لانئن جي ڳيچن سان مٽ مائٽ ھڪ ھڪ ڪري ست ڀيرا ٻنهيءَ جا مٿا ٽڪرائيندا آھن، جنھن کي لائون چئبو آھي.

شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ لائن جي رسم جو ذڪر ڪندي مارئيءَ جي واتان چورائي ٿو:

مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون، لوئِيءَ ۾ لائُون،

سونَ بَرابَرِ سَڳَڙا، مون کي ٻانھن ٻَڌائُون،

عُمَرَ جو آئُون، پَٽُ ڪيئن پَرَہيان سُومَرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 566)

موڙ:

موڙ شاديءَ جي ھڪ رسم آھي، جنھن کي مسلمان ’موڙ يا سهرو‘ ۽ ھندو ’مُگهٽ‘ چوندا آھن. ڪن ذاتين يا قبيلن ۾ نڪاح کان اڳ گهوٽ وهنجي سھنجي ايندو آھي، تہ کيس ڇني ۾ سيج تي ويھاريو ويندو آھي، جتي اجرڪ يا لونگي ڍڪائڻ جي رسم سان گڏ موڙ ٻڌڻ جي رسم پڻ ادا ڪئي ويندي آھي. موڙ ڪنواريتن طرفان گهوٽ کي ڏنا ويندا آھن. ڇني ۾ موجود ڄاڃين کان ڳوٺ جو وڏيرو يا چڱو مڙس موڙ جي موڪل وٺي، گهوٽ کي پھرين پڳ يا سنڌي ٽوپي پارائي مٿان موڙ ٻڌندو آھي. موڙ ٻڌڻ کان پوءِ مڱڻھار ڄاڃين کان موڙن جي گهور وٺندو آھي. وچولي ۽ لاڙ ۾ موڙ ٻڌڻ جي رسم گهر اندر گهوٽ جون ڀينرون ڪنديون آھن، ۽ انهن جا ڳيچ ڳائينديون آھن. موڙ ٻڌڻ کي اُتر سنڌ ۾ سھرو ٻڌڻ بہ چون.

سنڌ ۾ رهندڙ مختلف قبيلن ۽ ذاتين وٽ موڙ جا مختلف طريقا ملن ٿا. ڪي گلاب يا موتيي جي گلن جا موڙ ٺاھرائين تہ ڪي موتيي ۽ ڪوڏين جي لڙهين جي. گهوٽ کي موڙ ٻڌي مٿان وري لياري رنگ جي کُھنبي پوتي يا ھيڊي رنگ ۽ ڀرت ڀريل بوڇڻي پارائين. ڪن ھنڌن تي وري اجرڪ يا سبز رنگ جي چٽيل شال پڻ اوڍين.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مُگٽ ۽ موڙ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

چيلههِ چَڪَرَ سِڱِيُون، مَٿِنِ مُگِٽَ موڙَ،

جوڳِي اِھَڙِيءَ جوڙَ، مُون ويَسرِيءَ وِڃاَيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2012ع ) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر پورب، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 160)

ميندي لائڻ:

شاديءَ کان ھڪ رات اڳ ڪنوار ۽ گهوٽ کي ميندي لڳائي ويندي آھي. گهڻو ڪري ڪنوار کي اُن جون جيڏيون، سرتيون ۽ گهوٽ کي اُن جون ڀينر ۽ ٻيون سھاڳڻيون ميندي لائينديون آھن ۽ ميندي لائڻ سان گڏوگڏ سهرا پڻ ڳائينديون آھن ۽ جهمريون ھڻنديون آھن. ان رسم دوران گهوٽ سان گڏ ويٺل سندس ’اَھنير‘ کي بہ ھڪ ھٿ تي ڪا ڇوڪري ميندي لائيندي آھي، جيئن خبر پئي تہ ھي گهوٽ جو ’اَھنير‘ آھي.

شاديءَ ۾ مينديءَ لڳائڻ جي رسم سنڌ ۾ پراڻي دؤر کان ھلندڙ آھي. شاھ لطيف جي دؤر ۾ بہ ھيءَ رسم ھلندڙ ھئي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ميندي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

مَيا! تو مُهارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،

چارِيئين چَندَنُ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏَارَ،

سَندِيَ پيءَ پَچارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 22، ص: 143)

نيکيٽي:

نيکيٽيءَ جي لغتي معنيٰ ھيءَ آھي: ”نيکيٽِي: جدائي، شاديءَ کان پوءِ ڪنوار جي مائٽاڻي گهر کان جدائي- شاديءَ کان پوءِ ڪنوار جو مائٽاڻو گهر ڇڏڻ- ڪنوار جو مائٽاڻي گهر کان جدا ٿيڻ.“

(بلوچ،2007ع، ص: 460)

نيکيٽي، وهانءُ جي ھڪ اھم ۽ آخري رسم آھي، جيڪا لانئن کان پوءِ سرانجام ڏني ويندي آھي ۽ ڪنوار، گهوٽ سان گڏ، مائٽاڻو گهر ڇڏي ساھراڻي گهر اُسھندي آھي ۽ اھي پَلَ لُڙڪن ۽ مُرڪن ۾ پويل ھوندا آھن. ان کي اڄڪلھ رخصتي بہ چون ان مهل جو ڳيچ ڳائبو آھي. شاھ لطيف، ’سُر سسئي آبري‘ جي ھڪ وائيءَ ۾ نيکيٽيءَ جو ذڪر ڪيوآ ھي:

پَرَڻَائي پُنهُونءَ کي، نيکيٽيءَ نِکَڙايو،

ٻيلي ٿِي ٻَانڀَڻ سين، ڏِکي ڏيجُ ڏيکَاريو.

(شيخ، ٻانھون خان (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، وائي، ص: 21)

وناھ: وناھ يا ونواھ، شاديءَ جي موقعي جي اھم رسم آھي، جيڪا شاديءَ واري ڏينھن کان عام طور ٽي، پنج يا ست ڏينھن اڳي ادا ڪئي ويندي آھي، جنھن ۾ گهوٽيتن جون عورتون، ڪنوار جي گهر وڃي ڳيچ ڳائي، ڪنوار سان سوڻ ساٺ ڪري ۽ کيس (رسم موجب) شاديءَ تائين جو کاڌي پيتي ۽ سينگار جو سامان (ابٽن، پيٺي، ڪيسو ڦل، سرهو، تيل، ميندي، مساڳ وغيرہ) ڏيئي، اکيو ٻڌي گهر جي ھڪ ڪنڊ ۾ ويھارينديون آھن، جنھن کي وناھ / ونواھ ۾ ويھڻ چئجي ٿو.

جامع سنڌي لغات موجب ’وناھ‘ جي معنيٰ آھي: ”شاديءَ کان اڳ جي ھڪ رسم (جنھن ۾ ڪنوار کي ٽن ڏينھن کان ستن ڏينھن تائين اکيو ٻڌي ڪنڊ ۾ ويھارجي) – ونواھ.“

(بلوچ، 2007ع، ص: 216)

وناھ ۾ ويھڻ کان پوءِ ڪوبہ مرد ماڻهو ڪنوار جي منھن نہ پوندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ھن رسم جو ذڪر ھيٺئينءَ ريت ڪيو آھي:

لاھي بارُ ڀَنڀورَ ۾، وِيندو گهوٽُ وَناھِيو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

پُنهُون ڄاڃيئڙَنِ کي، رَڌي کِيَڻَ کارايو،

آئُون آرِياڻِيءَ عَرضُ چُوندِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، ابيات متفرقه، وائي - 3، ص: 337)

ڪانگ لنوڻ:

ڪنھن گهر جي ٻُنڀي، مَنَہه يا ڀت تي ڪانگ ويهي لنوي، تہ سنڌي ماڻهو ان مان گمان ڪڍندا آھن تہ اجهو ڪو سڄڻ يا دوست آيو. ڪي عورتون ڪانگ جي ڪان ڪان يا مخصوص لنوڻ مان اندازو ڪندي چونديون آھن تہ ڪانءُ ٿو لنوي، اجهو ٿو ڪو مهمان اچي. سنڌ واسي ڪانگ کي ھڪ قاصد پڻ سمجهندا آھن، جيڪو پرين جا سنيھا ۽ ھنن جي ميلاپ جو پيغام کڻي ايندو آھي.

ڪانگ کي سنڌ جي گهر گهر ۾ قاصد سان منسوب ڪيو ويندو آھي يا مهمان جي اچڻ جي نشاني سمجهيو ويندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ھن پکيءَ جو ان حوالي سان ذڪر ڪيو آھي:

وَہلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويھُ،

جَنِين ڏُورِ چٖيتارِيو ڏيھُ، سي اُڏامِي آڻ پِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 5، ص: 838)

ڳچيءَ پاند پائڻ / معافي وٺڻ:

جي دل گهر يو دوست يا مِٽ، ڪنھن ڳالهہ تان رسي پئي، ڪنھن کان جي ڪو ڏوھ جھڙو ڪم ٿي پئي يا ڪو نوجوان ليڪو لتاڙي، ارڏائي ڪري تہ اڳلي کي پرچائڻ لاءِ سنڌ واسي ڳچيءَ ۾ پاند پائي وڃي معافي وٺندا آھن.

جيئن تہ عورت پنھنجي گنديءَ (رئي) جو پاند وجهندي آھي ۽ مرد پٽڪو لاھي پاند وجهي پرچائيندا آھن، ھن سماجي قدر کي، شاھ لطيف ھن ريت بيان ڪيو آھي:

لِيلان! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀِي! سِکِيين،

پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَريبِيءَ گَڏِ،

ھَڏِ نَہ چُوندءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِييٖن ڪانڌَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلا چنيسر، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 506)

مالاري / مالهاري پکيءَ جو سوڻ:

مالاريءَ کي انگريزيءَ ۾ Great Grey Shrike جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. ھيءُ پکي صبح جو مال جي پھرڻ وقت مينھن، ڳئن ۽ ٻڪرين جي پٺيءَ تي ڳچ پنڌ تائين سواري ڪندي نظر ايندو آھي. خاص ڪري ٻاڪري مال جي حوالي سان صبح جي پھر ۾ ھن پکيءَ جي مال (ڌڻ) جي کاٻي پاسي ويھڻ کي بدسوڻ ڄاتو ويندو آھي. اول تہ ڌنار ھن پکيءَ کي کاٻي پاسي ويھڻ ئي ناھن ڏيندا، جي ھيءُ پکي ويھڻ جي لاءِ واجهائي تہ اُلر ڪري اڏائي ڇڏيندس، ڇو تہ جڏهن ھي پکي ڌڻ جي کاٻي پاسي ويهي تہ اھو وهم ڪيو ويندو آھي تہ، مال تي ’ٺڪاڻ‘ سوار آھي. ٺڪاڻ کي غيبات طور سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا ڀاڳين جا وٿاڻ ولها ڪري ڇڏي، وهم ويٺل آھي تہ اِن ازغيبي آفت آڏو آيل چڱي ڀلي ٿلهي متاري ٻڪريءَ کي ڪاتي بہ مس پوندي، چڱي ڀلي صحتمند ٻڪري ھڪ خاص قسم جي وڏي رڙ ڪندي ۽ ٻيءَ رڙ تائين ڪاتي بہ مس پوندس. حلال ڪرڻ کان پوءِ جڏهن کل لاھبس تہ گوشت رتايل ھوندس ۽ گوشت جو اصل سواد ئي نہ ھوندو. ڪيترائي سوادي مصالحا ملائي رڌبو پر ٺڪاڻ واري خاص بوءِ اصل نہ ويندي. باقي ھن پکيءَ جي ساڄي پاسي ويھڻ کي سٺو سوڻ ڄاتو وڃي ٿو ۽ رحمت تصور ڪيو وڃي ٿو.

شاھ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ مالاري جو ذڪر ڪيو آھي:

سَڄي ھَٿِ ساٿِينِ جيِ، وانءُ مَ مالاريِ،

ڏائِي جا ڏيرَنِ جيِ، مَڻِج سا ٽاريِ،

مانَ وِرمَنِ وچِ ۾ اولاڻي آريِ،

آسُونہِ ويچاريِ، اِنَ پَرِ مِڙي ھوت کي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1969ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سرود سسئي، بيت 374، ص: 66)

موت تي روئڻ / پٽڻ (پار ڪڍڻ، اوسارا ڪڍڻ):

پار ڪڍڻ: ٻار جي پيدائش تي خوشي ۽ ڪنھن گهر ڀاتيءَ جي موت تي ڏک جو اظھار، انسان جي فطرت ۾ شامل آھي ۽ ھر ڪنھن جي خوشيءَ ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ غم ۾ ساٿ ڏيڻ انسانيت جو اھم جُز آھي.

شاھ لطيف جي زماني ۾ بہ اھي رسمون رواج ھوندا ھئا. جڏهن ڪو مائٽ مِٽ يا پاڙي ۾ ڪو مرندو آھي تہ سڀئي ڪٽنب ۽ پاڙي واريون عورتون، مري ويل جي وارثن سان ڏک ۾ شريڪ ٿينديون آھن ۽ پار ڪڍي روئنديون آھن. شاھ لطيف فرمائي ٿو:

سَرَتيُون! سُوراتِنِ جٖي، ڪُھِه ٿِيُون پَٿَرِ پُونِ،

گھاءُ نہ لَڳُنِ گهٽَ جو، رِيا مان ٿِيُون رُونِ،

چيٖتارِيو نَہ چُونِ، پارَ منهنجي پِرِينءَ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان پنجون، بيت 10، ص: 428)

ڀَنڻ: اھڙي غم جي موقعن تي اُھي ئي عورتون روئَنديون ۽ پار ڪڍنديون آھن، جن جي اندر ۾ لڳل ھوندي آھي ۽ جنھن جو ڪو گهر جو ڀاتي مرندو آھي:

ڏُکِيُون جان نَہ مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نہ ٿئٖي،

ٻِيُون ھونهِين ھَٿَ ھَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.

(شاھواڻي، غلا م محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 18، ص: 458)

اوسارڻ: عام موت تي روڄ ۽ راڙو تہ ھوندو آھي، پر جڏهن ڪو جوان، ڪونڌر جنگ جي ميدان ۾ ڪُسجي پوندو آھي تہ روئڻ ۽ غم جي ڪيفيت مختلف ھوندي آھي:

نَہ ڪي رُوئَڻَ وارِيُون، نہ ڪٖي اوسارِينِ،

مُنهِين کي مارِينِ، مُنهِين سَندا ڏُکَڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 19، ص: 458)