آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ جيتن جو ذڪر

شاھ جي رسالي ۾ جيتن جو ذڪر



آرون

ھي ھڪ قسم جو جيت آھي، جيڪو ڏينھن جو آرام ڪندو آھي ۽ رات جو ٿورو تيز آواز ڪڍندو آھي. ھي تڏ کان ٿورو ننڍو ٿيندو آھي. آرون وڻن جي ٿُڙَ تي ويهي تيز آواز ڪڍندا آھن، جيتوڻيڪ پاڻ ننڍو آھي، پر سندس آواز تيز ۽ وڏو آھي. رُون رُون جي آواز سان سڄو جهنگ مٿي تي کڻي ڇڏيندو آھي، مينھن جي مند ۾ تہ ويتر زوردار آواز ڪڍندو آھي.

جامع سنڌي لغات موجب: ”آرَ جمع آرُون: جيت جو ھڪ قسم (جو مينھن يا لڳ جي مند سنڀالي دانهون ڪري ۽ آنن لاھڻ بعد دانهون بند ڪري) تِڏو، ٻنڊو، مڪڙي ’آرُون ابر آسري، تاڙا تنوارين‘“(بلوچ، 2007ع، ص:47)

ان لفظ جي سلسلي ۾، شاھ لطيف تي تحقيق ڪندڙ محققن ۽ شارحن جي وچ ۾ اختلاف آھن. ٻانهون خان شيخ جي سھيڙيل ’شاھ جي رسالي‘ ۽ ممتاز مرزا پاران سنواريل ’گنج‘ ۾ ان لفظ جي پڙهڻي ’آرون‘ ڏنل آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل ’شاھ جو رسالو- رسالي جو ڪلام‘ جلد ڏهون ۾، ھن لفظ جي صورتخطي ’آرون‘ ڏنل آھي، جڏهن تہ غلام محمد شاھواڻي ۽ مرزا قليچ بيگ جي مرتب ڪيل ’شاھ جي رسالن‘ ۾ ان لفظ جي پڙهڻي ’آڙيون‘ لکيل آھي. مرزا قليچ بيگ، بيت ۾ لفظ ’آڙيون‘ لکيو آھي پر حاشيي ۾ ’آرُون‘ لکيو اٿس.

تاج جويو، پنھنجي مقالي ’سُر سارنگ: درست پڙهڻيون ۽ سماجي فڪري پھلو‘ ۾ ان لفظ تي، مختلف حوالن سان بحث ڪري، ھي نتيجو اخذ ڪري ٿو:”آڙيون واري غلط فھمي دور ٿي وڃڻ گهرجي، ڇو تہ ’آڙيون‘ نہ پر ’آرون‘ مينھن جي علامت آھن، ۽ ’آرون‘ ئي ابر جي آسري رهنديون آھن، جڏهن تہ ’آڙيون‘ ڍنڍ يا جر جا پکي آھن.“(سنڌي، حميد، 1998ع، ص:75)

شاھ لطيف، آروُن جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي:

ماڻهو مِرگههَ مينهِيُون، سَارِنگَ کي سَارِينِ،

آرُون اَبُرَ آسَري، تَاڙَا تَنوَارِينِ،

سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِجِ نِهَارِينِ،

پَلُرُ پِيَارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اَگُوندِروَ.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ،’شاھ جو رسالو‘،جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 318)

اُڏوهي

اُڏوهي ھڪ اھڙو جيت آھي، جيڪو ڪاٺ کي اندران کائي، کوکلو ڪريو ڇڏي. اھو جِيتُ ڪتاب ۽ ڪاغذ پڻ کائي ٿو. شاھ لطيف، اُڏوهيءَ جو ذڪر، سُر سامونڊيءَ ۾، ڪيو آھي. محبوب جي جدائيءَ جي ڏکن کي ’اُڏوهيءَ‘ سان تشبيھ ڏني اٿس ۽ چيو اٿس تہ جيئن اُڏوهي، ڪاٺ کي اندران کائي، ختم ڪري ڇڏي ٿي، اھڙي طرح مون کي ڏکن اندارن ختم ڪري ڇڏيو آھي.

اُڏوهِيءَ جيئن ڏُکَڙا، چَڙِهيا چوٽِيءَ سِيئَن،

منھنجو نينھن اَپَلِيو نَه رَهي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، وائي ٽي، ص: 198)

ڀؤنر

ھي ھڪ قسم جو اڏامندڙ ڪاري رنگ جو جيت آھي، جيڪو سنڌ ۾ عام جام ملندو آھي. ڀؤنر جا ٻہ قسم آھن: ھڪ گڊو ڀؤنر، رنگ جو صفا ڪارو ۽ پاسن ۾ پيلا ٽِڪا ھوندا اٿس، ٻيو وري صفا ڪٺ ڪاري رنگ جا ٿئي. ڀؤنر اڏامندا تہ سندن سَنهن پرن منجھان ڀُون ڀُون جو آواز ايندو آھي، تنھن ڪري سندس نالو ’ڀؤنر‘ رکيو ويو آھي.

ڀؤنر، ھر قسم جي گلن جو واس وٺندو آھي، ڇو تہ ھو سُڳنڌ جو شيدائي آھي. سُڳنڌ جي پٺيان مست ٿيندي، اچي اُن جو رس چوسيندو آھي. ڀؤنر اھو بہ نہ ڄاڻي سگهندو آھي تہ گل جو قسم ڪھڙو آھي ۽ گل ڪھڙي جاءِ تي آھي. يعني گل باغيچي ۾ آھي، گلدستي ۾ آھي يا ڪنھن عورت جي چوٽيءَ ۾ آھي. ڀؤنر، چندن گل جي خوشبودار تيل جي سُڳنڌ تي بہ مست ٿي اچي ڦيرا پائيندو آھي.

جنھن تَڙِ ڌوڙُون، ڌُونِ، چوٽا چَندَنِ چِڪَ ڪِيو،

اَچَنِ ڀَؤنرَ ڀَنڀولِيا، پاڻِيءَ تِنهين پُونِ،

راوَلَ رَتو رُونِ، ڪو وَهُه لَڳو واسُئين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 526)

ھي ڪچن گهرن، ڇاپرن ۽ لانڍين جي ڪاٺين جي سَلن ۾ رهندا آھن ۽ انهن مان مٽيءَ جي گپ ٺاھي کائيندا آھن. ھي گلن جا عاشق ٿين ٿا. ’ڀؤنر‘ گل ڏٺو تہ سندس واس ۽ رس وٺڻ کان سواءِ ڪونہ رهندو. سنڌي شاعريءَ ۾ ڀؤنر کي ڏاڍو ڳايو ويو آھي، جيئن تہ سنڌ ۾ ڪنول جو گل گهڻو ٿئي ٿو، ان جي پنن جي وچ ۾ سنهيون ڏانڊيون ٿين، اھي ڀؤنر شوق سان کائيندا آھن. عام طور چون ٿا تہ ڀؤنر، ڪنول جو گل ڏسي سندس واس وٺڻ لاءِ ڦيرا ڏيندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي رسالي جي ’سُر ڪارايل‘ ۾ ڪنول گل سان ڀؤنر جي عشق جو مثال ڏيندي چيو آھي تہ اُن عشق کي شاباش ھجي، جيڪو ھوا ۾ اڏامندڙ ڀؤنر ۽ پاڻيءَ ۾ پاڙون ھڻندڙ ڪنول جي گل جو پاڻ ۾ ميلاپ ڪري ٿو.

ڪَؤۡنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀَؤنرُ ڀِريٖ آڪاسِ،

ٻِنِهِي سَندِي ڳالِهڙِي، رازِقَ آندِي راس،

تنھن عِشقَ کي شاباسِ، جنھن مَحَبتِي ميڙِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 22، ص: 852)

شاھ لطيف، سُر بروو، سُر مومل راڻو ۽ سُر ڪارايل ۾ پڻ ڀؤنر جو ذڪر ڪيو آھي.

پتنگ

پتنگ ھڪ سهڻن پَرن واري جيت جو قسم آھي، جيڪو ڏيئي، فانوس، بتي يا باھ جي روشني وغيرہ جي چوڌاري اڏامندو آھي، جنھن کي ’پروانو‘ پڻ چيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، پتنگ جو ذڪر سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪيو آھي. پتنگ کي شاھ لطيف ھڪ سچو عاشق ڪوٺيو آھي، جيڪو باھ جي مَچ ۾ ڪاھي پوي ٿو.

پَتَنگُ چاييٖن پاڻَ کي، پَسِي مَچُ مَ موٽُ،

سَھائي سُپِرين جي، گِهڙُ تہ ٿئين گهوٽُ،

اَڃان تَون اَروٽُ! کُوري خَبَرَ نہ لَهِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 12، ص: 96)

ڄَيُون / جُون (ڄئي)

ڄَيُون، اھي جِيوَ آھن، جيڪي انسانن يا جانورن جي جسم تي گهاٽن وارن ۾ گدلاڻ سبب پيدا ٿين ٿيون ۽ جاندارن جو رتُ پيئن ٿيون. جامع سنڌي لغات موجب: ”ڄَئي، ج: ڄَيُون : جُونءِ جو ھڪ قسم، سنهڙي جُونءَ، لِيکَ.“(بلوچ، 1981ع، ص: 947) اھي ڄيون، چيڙ يعني مَير سبب ٿين ٿيون ۽ شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ انهن ڄَيُن جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ مارئي چئي ٿي تہ مون سان منھنجي وطن واريون ڪيئن رُسنديون، جومنھنجي چوٽيءَ ۾ مير سبب، چيڙ پئجي ويو آھي، جنھن ڪري مٿي ۾ رتُ ڄَيون ٿي پيون آھن، مان، نہ ڪو ھتي ويس مٽايا آھن ۽ نہ ئي ھتي پاڻ کي، صاف سٿرو ڪري، ڪو سينگار ڪيو اٿم. مان، جھڙي ملير مان آئي ھيس، اڃا تائين ان ئي حال ۾ آھيان.

مون سين مارُوئَڙِيُون، ڪِھَڙيءَ رِيتِ رُسَندِيُون،

چوٽِيءَ ۾ چِيڙُ پِيو، پِيَيمِ رَتُ ڄَيُون،

نيڻين نِنڊَ وِهُه ٿِئِي، ساري ساڏوِهيُون،

ھِتي جي ھُيون، تہ سُڌِ پيينِ سِيلَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، ( 1993ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 11، بيت 10، ص: 599)

چيڙ /ڪيڙ / چچڙ

چچڙ، ھڪ قسم جو جيت آھي، جيڪو گهڻو ڪري جانورن جي ڪنن، پُڇ ھيٺ ۽ پيٽ جي لڪل حصن ۾ ٿيندو آھي. عام طور تي چوپائي مال ۽ ٻين جانورن ۾، خاص ڪري ڪُتي کي لڳندو آھي. ڪڏهن ڪڏهن ڪُتي جي ڪن جي اندرين حصي تائين ويندو آھي ۽ پوءِ ڪتو پيو ڦيراٽيون ڏيندو آھي. ھن کي چچڙ، چيڙ يا ڪيڙ بہ چئبو آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪيڙ جي ڳالهہ ڪتي جي حوالي سان ھن ريت ڪئي آھي:

ڪُتو طالِبُ ڍُونڍَ جو، اَسين ڪُتي ڪِيڙَ،

چَھُٽِي آھي چِيڙَ، ڪارايي جي ڪَنَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پھريون، بيت 8، ص: 346)

سِپَ

’سِپ‘ يا ’سِپي‘ ھڪ سامونڊي جيو آھي، جنھن کي اُردو ۾ ’سيپ‘ چوندا آھن، جڏھن تہ انگريزيءَ ۾ ( Mother of Pearl) چيو وڃي ٿو. سپ جو ٻاھريون ڏيک ٻہ پُڙي سخت کوپي تي مشتمل ھوندو آھي.کوپي جي ٻاھرئين پاسي جيان اندريون پاسو پڻ سخت ھوندو آھي. انسائيڪوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”سپ کي انگريزيءَ ۾ نيڪر بہ سڏجي ٿو، جيڪو ڪيترن قسمن جي مولسڪ جانورن جي ٻاھرين کوپي جو انڊلٺي اندريون سخت تھ جوڙي ٿو.“ ( سنڌيانا، 2013ع، ص: 138)

سپ بابت محمد حسين ڪاشف شاھ جي رسالي جي سُڄاڻي جلد ٻئي ۾ لکي ٿو: ” ھي ڪوڏ جي زمري جو ھڪ پاڻي جو جيت آھي. ھي ڪوڏ وانگيان ڪو نہ ٿئي، پر ھنجي بناوت بيضوي ٻنهين پاسي چپتري ٿئي ھن جيت جو خول نھايت سخت ھوندو آھي. “(ڪاشف، محمد حسين، 2011ع، ص:171)

سپ جي موتي ۽ کوپي کي خوشحالي ۽ خوش قسمتيءَ جي علامت پڻ سمجهيو وڃي ٿو.جڏھن تہ عام بيمارين ۾ ٽوٽڪي طور بہ انھن جو استعمال ڪيو وڃي ٿو، پر خاص ڪري عورتاڻي ھارسينگار ۾ سپ جي موتي ۽ کوپي جو استعمال ڪثرت سان ٿئي ٿو.

عام روايت موجب سپ، سمنڊ ۾ رهندي بہ ، سمنڊ جو پاڻي پيئڻ بدران برسات جو قطرو جهٽي ٿي، جيڪو سندس پيٽ ۾ نامياتي عمل کان پوءِ ھڪ اڇي رنگ جي موتيءَ جي شڪل اختيار ڪندو آھي. ان موتيءَ بابت محمد حسين ڪاشف لکي ٿو: ”موتي وڌ ۾ وڌ مڱ جي داڻي جيترو ٿئي. ھن جو رنگ سفيد قدري ميراڻ مائل يا ائين چئجي تہ کير وانگر ھوندو آھي. ھي دوا جي طور بہ حڪيم ڪم آڻيندا آھن.“(ڪاشف، محمد حسين، 2011ع، ص: 17-18)

ان موتي جي جڙڻ کان پوءِ سپ پاڻي کان مٿي ناھي ايندي، ان ڪري غواص پاتار ۾ پيھي سپون سوجهي ڪڍي ايندا آھن. سپ خاص طور تي سلون، عدن جي نار ۽ بحرين ايران جي نار ۾ ملي ٿي. شاھ لطيف، سُر مارئي ۾ ان روايت جو ذڪر، ھيٺين ريت ڪيو آھي:

سِپَ سَمُنڊين سَپَجي، اَبرُ آساروس،

ٻاڙو پِيئي نَه ٻِپُڙِي، مِٺو مُنھن لَڳوسِ،

ماڻِڪُ تي مِڙِيوسِ، جيئن تَنگُ ڪَڍِيائِين تارِ ۾،

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع،’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي،داستان ڏهون،بيت 14، ص:200)

ھنڊوو (مينھن وساڙو)

ھنڊوو يا مينھن وساڙو، مينھن جي مند ۾ ٿيندڙ ھڪ نھايت نرم، نازڪ، بخملي ۽ سهڻو ڳاڙهي رنگ جو جيت آھي. جيئن ئي مينھن وٺو تہ ھنڊوا ھلندي نظر ايندا آھن. مينھن جي مند ۾، پيدا ٿيڻ ڪري ھن جيت کي، ’مينھن وساڙو‘ بہ چوندا آھن. ھن جيت کي سنڌ جي ڪن ڀاڱن ۾ ’مينھن جي ناني‘ پڻ چيو ويندو آھي، جڏهن تہ بلوچي ٻوليءَ ۾ ھن کي ’هور ماس‘ مطلب ’مينھن جي ماءُ‘ بہ چيو ويندو آھي.

سنڌي شاعريءَ ۾، محبوب جي چپن کي، ’هنڊوي‘ سان تشبيھ ڏني ويندي آھي. شاھ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾، ساڳي تشبيھ طور کيس ڪم آندو آھي.

گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جيٖ چاھَ پَئي،

ھِنۡڊَوا حَيَرتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ،

چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ، جِئَن وِڄڙيون وِهسَنِ،

لوچَنِ ٿيون لَطِيفُ چَئٖي، پَسَڻَ لَئي پِريَنِ،

ڪَيسَر قَرِيبَنِ، سَنڀاري سَيدَ چَئٖي.

(قاضي، علامه، آءِ.آءِ.، (1986ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 270)