آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر

شاھ جي رسالي ۾ پکين جو ذڪر



ٻاٻيھو

ٻاٻيھو، ڳيري جيترو ھڪ ننڍڙو پکي آھي. شاھ لطيف، سُر حسيني، سُر سسئي آبري ۽ سُر ڏهر ۾ ٻاٻيھي جو ذڪر ڪيو آھي. ’ٻاٻيھو‘ ٿر واري پاسي جو پکي آھي. ٻانهون خان شيخ، پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جي رسالي‘ ۾، ٻاٻيھي جي معنيٰ ڏيندي لکي ٿو: ”چاتڪ پکي جيڪو رڻ پٽن ۾ رهي، مينھن جي ڦڙن تي گذران ڪندو آھي ۽ گرمي سھي نہ سگهندو آھي.“(شيخ، 2001ع، جلد ٻئو، ص: 268)

ٻاٻيھي پکيءَ کي ھندي ۽ اردوءَ ۾’پپيها‘ چون ٿا. ڪوئل ڪٽنب جو ھيءُ پکي ننڍي کنڊ ۾ ملي ٿو. نر ۽ مادي ھڪ جھڙا ٿيندا آھن. ھي پکي مٿي کان پٺيءَ تائين ڪارو آھي، ڳچيءَ کان ڇاتي ۽ پيٽ اڇو اٿس، پُڇ جون چوٽڙيون اڇيون ۽ مٿي تي اڇي ڪاري چوٽي اٿس.

ھيءُ پکي ھر مشڪل ۽ تڪليف کي سھندو آھي، پر پنھنجي ديس کي ھرگز نہ ڇڏيندو آھي، اُڃَ، بک، سيءُ، گرمي مطلب تہ ھر تڪليف سھندي سھندي مري ويندو آھي، پر پنھنجا ماڳ ڇڏي ڪنھن ٻي ھنڌ تي نہ ويندو آھي. گرم ھوا، لُڪون، خشڪ ۽ گرم موسم سندس لاءِ موت جو سبب بڻجنديون آھن. خاص ڪري جابلو علائقن ۽ ٿر جي وارياسي ميدان ۾ جيڪي لڪون لڳنديون آھن، سي ٻاٻيھي کي انهيءَ سڪ، سچائيءَ جي حوالي سان ڏاڍو تڙپائينديون آھن. ان جو ذڪر، شاھ لطيف، ڏاڍي اثرائتي انداز ۾ ڪيو آھي.

منجھان منھنجي رُوح جي وڃي ساڄَنُ وِسري،

تہ مَر لڳي لُوهه ٿَر ٻاٻيھو ٿي مران!

(آڏواڻي، ڪلياڻ، (2019ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻئو، بيت 4، ص: 265)

ٻَگهہ

ٻگهہ، ھڪ قسم جو ڍانڍي پکي آھي، گهڻو ڪري اڇي رنگ جو ٿيندو آھي، سندس چھنب ۽ ٽنگون ڳاڙهسريون ۽ ڊگهيون ٿينديون آھن. شاھ لطيف جي سُر ڪارايل ۽ سُر سهڻيءَ ۾ ’ٻگهہ‘ جو ذڪر آيو آھي. ’ٻگهہ‘ پکي اونهي ۽ صاف پاڻيءَ کان پاسو ڪندو آھي، ڇو تہ ان کي پيٽ پورت ڪرڻ لاءِ، دُٻن، ڍنڍن ۽ تلائن جو لُڙاٽيل پاڻي گهرجي، تنھن ڪري ٻَگھہ، ھميشه ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن جي ڪنڌين يا بيٺل پاڻيءَ جي دُٻن ۾ نظر ايندو آھي. ٻگهہ گهڻو ڪري ميرانجھڙي پاڻيءَ ۾ ئي پيو پيرڙيون ڏيندو آھي. شڪار ڪرڻ وقت جي صاف پاڻيءَ ۾ ھوندو تہ بہ ان کي ٽنگن ۽ چُھنب سان ڇيڇري ڇڏيندوآھي. ان جي خوراڪ ۾ ننڍيون مڇيون، پاڻيءَ جا جيت ۽ ننڍا ڏيڏر شامل آھن.

شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾، ٻگهن جو ذڪر، ان جي رهڻي ڪھڻي ۽ اڻوڻندڙ عادتن کي سامهون رکي، اوگڻ جي اھڃاڻ طور ڪيو آھي:

ھَنجَنِ سين ھيڪارَ، جي ڳَڻَ ڪَري نِهارِيين،

ٻَگهن سين ٻِيهار، ٻيلھ نہ ٻَڌين ڪَڏَهِين،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 12، ص: 850)

تاڙو

تاڙو ، ھڪ ڪاري رنگ جو پکي آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سارنگ ۽ سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي. تاڙو ھڪ سهڻو، ڪوئل جھڙو پکي آھي، ڪنڌ ھيٺان ۽ کنڀن جي ڇيڙن وٽ اڇسراڻ ھوندي اٿس، پُڇ ڪوئل کان ڊگهو ۽ پُڇ جي کنڀن ۾ ڪو ڪو کنڀ اڇو ھوندو آھي. ھي پکي عام طور مينھن جي مند ۾ ڏسڻ ۾ ايندو آھي، سانوڻيءَ جي مند ۾ تنواريندو رهندو آھي، جنھن ڏينھن وڌيڪ ۽ سُريلو تنواريندو آھي، تنھن ڏينھن سمجهيو ويندو آھي تہ مينھن ضرور وسندو، ڇاڪاڻ جو ماڻهن کان گهڻو اڳ ھن پکيءَ کي مينھن وسڻ جي سُڌ پوندي آھي. ھي پکي سک ۽ سُڪار جي نشاني سمجهيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ’تاڙي‘ جو ذڪر برسات جي مند جي حوالي سان سک ۽ سُڪار جي علامت طور ڪيو آھي. سُر سارنگ ۾ تاڙي جي تنوار تي ھارين، سنگهارن جي خوش ٿيڻ کي، شاھ لطيف ھن ريت بيان ڪيو آھي:

اَڄُ پُڻِ اُتَرَ پارَ ڏي، تاڙيٖ ڪِي تنوارَ،

ھارِين ھَرَ سَنباھِيا، سَرها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻِ منھنجٖي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 684)

تِتر

تِتر، ھڪ مشھور پکي آھي، جيڪو سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو. ھونءَ تہ ھن پکيءَ جا تمام گهڻا قسم آھن، پر عام طور تي سندس ٻہ قسم ڳڻيا ويندا آھن: ھڪ ڪارو تتر ۽ ٻيو ڀورو، اڇڙو (بگڙو) تتر.

ھي پکي قدبت ۾، ’ڳيري‘ کان سوايو ھوندو آھي. تِتر جو نر ۽ مادي، رنگ ۾ ھڪ جھڙا ٿين ٿا، پر نَر کي کڙهون ھونديون آھن، جيڪي ھُو پاڻ ۾ وڙهندي ھڪ ٻئي کي ھڻندا آھن. ھن پکيءَ جي چُھنب ڪاري ۽ پير ڳاڙها ٿين ٿا. تتر، ٽوليءَ جي شڪل ۾ رهندو آھي، پر لڳ جي مند ۾ جوڙي جوڙي ٿي ويندو آھي. تِتر زمين ۾ ننڍا ننڍا پٿر رکي، ان جي وچ ۾ آنا لاھيندو آھي. ان جا ٻچا تيسين ماءُ سان گڏ ھوندا آھن، جيسين اھي اڏامڻ جھڙا ٿين. ڀوري تتر جا ٻچا ماڻهوءَ سان ھري مِري ويندا آھن. خفتي انهن کي پڃرن ۾ بند ڪري، اُڏوهي کارائي وڏو ڪندا آھن. ڪارو تتر ھِرڻ سکيو ئي ناھي، ڀلي توهان وٽ ننڍو ٿي وڏو ٿيو ھجي، پر اڏريو تہ وري ڪونہ ايندو.

ھي پکي، سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواھ، ھندستان ۽ سريلنڪا تائين ملي ٿو. سنڌ جي ٻہراڙين ۾ اڃا تائين واٽ ويندي، تتر جي ڏائي- کاٻي پاسي ٻولڻ کي بد سوڻ سمجهيو ويندو آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر ديسي ۾، ڪيو آھي:

ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھهَ گهڻِي، جِتِ رِڻُ تَتو رائو،

تِتِرُ ٿِئي مَ تَنِ کي، ڏُونگَرَ ۾ ڏائو،

جَڏهِن ڄامُ پُنهُون ڄائو، تَڏهِن ٿِي وَسَ وَڻِڪارَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ڇھون، بيت 13، ص: 402)

چِٻَ / چٻرو

چٻرو، ٻليءَ جھڙي شڪل وارو پکي آھي، جيڪو ويران ۽ غير آباد جاين ۾ رهندو آھي. چٻري جي ماديءَ کي ’چِٻَ‘ ڪوٺيو ويندو آھي. ھي پکي ماڻهوءَ جو نقل ڪرڻ ڄاڻندو آھي، تنھن ڪري کيس ’چٻرو‘ چيو ويندو آھي. ”چٻرو لفظ جي معنيٰ آھي بي سرو ويچار ڪڍندڙ.“(ڌامراھو، 2007ع، ص: 36) اوڀر جي ملڪن ۾ ھن پکيءَ کي بيوقوفي، خوف، تباھي ۽ نحوست جي علامت سمجهيو وڃي ٿو. جڏهن تہ اولهہ وارن ملڪن ۾ ڏاھو سمجهن. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’چٻري‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، چِٻُون ۽ چِيھا،

مَنِزَل دُورِ، مَن تَنها، اُتِ ٻولنِ ٻاٻِيھا،

رائي پيرَ رَتُ ڪِئا، لَڳي لُکَ ڏِينھا،

لِکيي جُون لِيھَا، لوڙيان ٿِي لَڪَنِ ۾.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُرآبري، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 176)

چَتُون / طوطو

چَتُون، پکيءَ آھي، جنھن کي ’طوطو‘ يا ’مٺو‘ پڻ چيو ويندو آھي. عام طرح ان جو رنگ سائو، چُھِنبَ ڏاڍي تکي ٿيندي آھي. نَر کي ڳچيءَ ۾ ڳاڙهو يا رنگارنگي پٽو بہ ٿئي ٿو، جنھن کي ’ڳاني‘ چيو ويندو آھي. ولايت ۾ رنگ برنگي ننڍڙا سهڻا طوطا بہ ٿيندا آھن، جن جا مختلف نالا مروج آھن. ھن پکيءَ جو آواز وڏو ۽ مٺو ٿيندو آھي. مِٺوُ، ماڻهن جي ٻولي بہ سمجهندو آھي. ڪوهستاني چتون جو آواز ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تيز ٿيندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’چَتوُن‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ چَتُونءَ جِي چانگارَ،

اِيءَ عِشقَ جِي اُٻَڪارَ، نَعرو آھي نينھن جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ستون، بيت 18، ص: 371)

چِڙي (جهرڪي)

چِڙي، ھڪ ننڍي قد جو پکي آھي، جنھن کي عام طور ’جهرڪي‘ بہ چيو وڃي ٿو. جهرڪي گهڻو ڪري گهرن، ڇاپرن ۽ مال جي واڙن جي لڙين ۾ آکيرو ٺاھي رهندي آھي. ھي پکي اصل ايشيا ۽ يورپ جو رهاڪو آھي، پر سڄي دنيا ۾ ملي ٿو. ان جي کاڌ خوراڪ، مختلف قسمن جا اَن ۽ ننڍا جيت جڻا آھن.

شاھ لطيف، جهرڪيءَ جي عادتن جو گھرو مشاھدو ڪيو آھي. جهرڪي اَن چُڳڻ، اُڏرڻ، ڪک کڻي آکيرو ٺاھڻ ۾ تڪڙ ڪندي آھي، تنھن ڪري، شاھ لطيف، پنھنجي ھڪ بيت ۾، سندس ھن عادت کي تشبيھ طور ڪتب آندو آھي.

مَحرومَ ئي مَرِي ويا، ماھَر ٿِي نہ مُئا،

چِڙِي جيئن چُھُنجَ ھَڻِي، لَڏِيائُون لُئا،

حُبابَ ئِي ھُئا، اِنهِيءَ وادِيءَ وِچَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 3، ص: 721)

چيھو

چيھو، ھڪ رنگ برنگي ننڍڙو پکي آھي. ان جو پيٽ ھيٺان کان ٿورو اڇيرو ۽ پُڇ کڙو ٿيندو اٿس. چيھو گهاٽن وڻن ۽ پاڻيءَ جي ڪنارن تي رهي ٿو ۽ ان جي ٻولي تمام مٺي ۽ سُريلي ھوندي آھي.

مولانا دين محمد وفائي، ’چيهي‘ بابت لکي ٿو، فارسيءَ ۾ ان کي ’سرخاب‘ سڏيندا آھن، ’سرخ آب – ڳاڙهو پاڻي ‘. ’چيھو‘ مينھن جي مُند ۾ ڦٽندڙ ھڪ قسم جي گاھ کي بہ چيو ويندو آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سارنگ ۽ سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي.

شاھ لطيف، سُر سسئي آبريءَ ۾، ’چيهي‘ پکيءَ جي تات ڪئي آھي، جنھن ۾ ھو جهنگ جي ويرانيءَ ۾ پکين جي ٻولين ۽ پنهون جي سڪ ۾، سسئيءَ کي وندريل ڏيکاريندي، نھايت خوبصورت منظرڪشي ڪري ٿو.

وَڏا وَڻَ وَڻڪارَ جا، چِٻُون ۽ چِيها،

مَنِزَل دُورِ، مَن تَنها، اُتِ ٻولنِ ٻاٻِيها،

رائي پيرَ رَتُ ڪِئا، لَڳي لُکَ ڏِينها،

لِکيي جُون لِيهَا، لوڙيان ٿِي لَڪَنِ ۾.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُرآبري، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 176)

شھباز / سيچاڻو / باز

باز، ھڪ پکي آھي، جيڪو تازو گوشت کائيندو آھي. ان جي نظر تمام تيز ھوندي آھي، ان سان گڏوگڏ ان جي وريل نوڪدار چھنب ۽ پيرن جا سُنبن جيان وريل چنبا ھوندا آھن، جن سان ھي شڪار کي مضبوطيءَ سان جهٽي ۽ جڪڙي رکندو آھي. شاھجي رسالي ۾ ھن پکيءَ کي باز، شھباز، سيچاڻو، بحري جي نالن سان سڏيو آھي.

باز / بحري:

مِزِمانَنِ مَهِرِي، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،

چائي چَنبَنِ ۾ ويا، جيئن بَازُ سٽي بَحرِي،

ڪوهِيارو قهرِي، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 387)

سيچاڻو:

نِينهَن سِيچَاڻي، سِينهَن، ٽِنهِي قَصَدُ ڪَبَابَ سين،

راتِ ڪاڌائُون ڏيِنهَن، تَہ پُڻ ڀُڻَن بُکِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 20، ص: 374)

شھباز:

شِڪارُ تون شَھبازَ جو، تون تان مَنجھ شِڪار، توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، وائي، ص: 172)

ڪانگ / ڪانءُ

ڪانگ/ڪانءُ، ڪاري رنگ جو ھڪ عام پکي آھي، جيڪو نيوزي لينڊ ۽ انٽارڪٽيڪا کان سواءِ دنيا ۾ ھر ھنڌ ملي ٿو. اسان جي سنڌي سماج ۾ڪانگ، مهمان جي اچڻ جو اھڃاڻ، قاصد يا نياپو آڻيندڙ ۽ نيندڙ بہ سمجهيو وڃي ٿو، تہ ان جي سياڻپ کي ناڪاري ۽ اھڃاڻي انداز ۾ بيان ڪيو ويندو آھي، جيئن چوڻي آھي تہ ’سياڻو جھڙو ڪانءُ‘، ’سياڻو ڪانءُ ٻہ ٽنگو ڦاسي‘ وغيرہ.

پير حسام الدين راشدي، سنڌي سماج ۾ ڪانءُ جي اھميت بابت لکي ٿو: ”دھقاني دنيا ۾ ڪانوَ کي وڏي اھميت آھي. ھو نہ فقط سنڌي ادب جو ھڪ مکيه ڪردار آھي، بلڪھ اسان جو فيملي ميمبر بہ آھي.“ (راشدي، پير حسام الدين، 1977ع، ص: 42)

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، سڀني پکين کان وڌيڪ ھن ڪارڙي، ڪوجهڙي پکيءَ جو ذڪر ڪندي، کيس سُر پورب، سُر آسا، سر سامونڊي، سُر سسئي آبري، سُر حسيني، سُر ديسي، سُر مومل ۽ سر سهڻيءَ ۾ ڪانگ، ڪانگا، ڪانءُ، ڪانگڙو، ڪانگل، زاغ، کنياتو ۽ ڏائو جي نالن سان سڏيندي، تمام گهڻو ساراھيو آھي. شاھ لطيف، ڪانگ کي پنھنجي شاعريءَ ۾، سنڌي سماج ۽ سنڌي ثقافت کي سامهون رکي قاصد بڻائي محبوب ڏانھن موڪليو آھي، ۽ پرينءَ جي پار جون خبرون، نياپا ۽ سنيھا کڻي ٿو اچي.

ڪانگ جو نياپو آڻڻ کان پوءِ، ان جي ’ڪان ڪان‘ سُڻڻ لاءِ، انتظار ۾ ويٺل وينگس کي، پنھنجي سھيلين جو ڳالهائڻ بہ ويڻ ٿو لڳي، جنھن کي شاھ لطيف، ھن ريت بيان ڪيو آھي:

ڏائٖي چَڙهِي ڏارِ تي، زاغُ ڪَري زارِيُون،

آڻِيو ڏي آتڻ ۾، سَنِيها سارِيُون،

ماٺِ ڪَرِيو مارِيُون! ڪَھِيو سُڻان ڪانگَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 14، ص: 840)

ھيٺين بيتن ۾، شاھ لطيف، ڪانگن کي مختلف نالن سان بيان ڪيو آھي.

کنياتو:

ڪَري ڪانگَ ڪُرِنِشُون، پيرين پرينءَ پَئيج،

آئُون جو ڏِيَئِين سَنِيهو، وِچِ مَ وِساريجِ،

اللہِ لَڳِ، لَطِيفُ چي، ڳُجهو ڳالِهائيجِ،

چُئان تيئن چُئيجِ، تہ کِنياتا! خوش ھُئين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 1، ص: 837)

ڪانگڙو:

آءُ اُڏامِي ڪانگَڙا، پارانڀانِ پَچارِ،

ويهِي ھِتِ وِصالَ جو، تان ڪو تِر تَنوارِ،

جي ڏِسَڻَ ۾ ڏيسارِ، سي اُڏامِي آڻِ پِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 3، ص: 837)

ڪانگا:

وَهِلو وَرُ، وَرِيا پِرِين، آءُ ڪانگا وَڻِ ويههُ،

جَنِين ڏُورِ چيتارِيو ڏيههُ، سي اُڏامي آڻ پِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 5، ص: 838)

ڪانگل:

ڪانگَلَ سي ئي ڪوٺِ، پِرِين جي پَرَڏيهه وِيا،

جَنِين رِيءَ جهانَ ۾، اَکَڙِيَنِ اَروٺِ،

الله لَڳِ، لَطيِفُ چي، ڪِجِ ڳاراچو ڳوٺ،

جي ڏمَريا ڪنھن ڏوٺِ، سي اُڏامي آڻِ پِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان پھريون، بيت 7، ص: 838)

ڪانيرو / ڪَانئرو:

ڪانئرو، ڪانءُ جھڙو ڪارو ۽ ڊڄڻو پاڻيءَ جو پکي آھي ۽ ننڍن دُٻن ۾ رهندو آھي. سندس گذران بہ پاڻيءَ وارن جيتن ۽ ننڍين مڇين تي آھي. ھن جون خصلتون ٻگهن ۽ ڪنگن جھڙيون آھن، مڇي جهلڻ ۽ شڪار ڪرڻ وقت ٻگهن جيان پاڻيءَ کي ميرو ۽ لڙاٽو ڪري ڇڏيندو آھي.

شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾، ڪانئرن (دَدن) جو ذڪر، ان جي خراب خصلتن ۽ عادتن جي حوالي سان ڪيو آھي.

وِئَا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَه رَهِئو ھِڪِڙو،

وَطنُ ٿِئو وَرِي، ڪُوڙَنِ ڪَانيَرَنِ جو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڪارايل، داستان ٻئو، بيت 8، ص: 548)

ڪونج

ڪونج، ھڪ سهڻو، ڊگهي ڳچيءَ وارو پکي آھي، اسان جي محققن ۽ عالمن وٽ ڪونج جي اصل وطن، سندس رنگ ۽ قد بابت اختلاف ملن ٿا. ان پکيءَ کي سرائڪي، بلوچي ۽ پنجابي ٻولين ۾ بہ ’ڪونج‘ سڏجي ٿو، جڏهن تہ فارسيءَ ۾ ’ڪلنگ‘، ’قاز‘ (غاز) ، ترڪيءَ ۾ ’قاز‘ سڏجي ٿو ۽ انگريزيءَ ۾ ھن پکيءَ کي’ Crane‘ چئبو آھي.

مولانا دين محمد وفائي، پنھنجي ڪتاب ’شاھ جي رسالي جو مطالعو‘ ۾ ڪونج بابت ھن ريت لکي ٿو: ”ڪونج ھڪ پھاڙي پکي آھي، جو سنڌ جي لڳو لڳ بلوچستان وارن پھاڙن ۾ رهندو آھي. سخت سرديءَ جي مند ۾ سنڌ لھي ايندو آھي. ھو وڳر ۽ ولر ڪري داڻو پاڻي حاصل ڪندو آھي، اڇي رنگ جو قد آور پکي، ڊگهي ڳچيءَ سان ٿئي. ان جي آواز ۾ بہ چڱو ميٺاج آھي.“ (وفائي، 2012ع، ص: 93)

منوتولا رام گدواڻي، پنھنجي مقالي ۾، ڪونج بابت لکي ٿو: ”سندن (ڪونج جو) اصل وطن اتر ھندستان جي ڪن ٽڪرين ۾ آھي، جتي اھي ٻچا ڪنديون آھن، ان ڪري سانگي پکي آھن. سارين جي موسم ۾ اصلوڪي وطن کان اڏاميو اچيو پاڻيءَ تي لھن.“ (شوق، 1989ع، ص: 164)

جڏهن تہ Wikipedia موجب ڪونج ھندستان، سائبيريا، اُتر ايشيا، ڏکڻ آمريڪا، افريڪا، چين، ترڪي ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن ۾ ملي ٿو.

ڪونج جو گذران گهڻو ڪري اَن ۽ خاص ڪري سارين تي آھي. گدواڻيءَ موجب، ڪتابن ۾ ڪونج جو قد اٽڪل ٽي چار فوٽ ڄاڻايل آھي، پر پاڻ جڏهن ھڪ ڪونج کي ماپيائين تہ سندس قد ٻہ فوٽ اڍائي انچ ڊگهو ۽ ويڪر ۾ کوليل کنڀڙاٽين جي ھڪ ڇيڙي کان ٻئي ڇيڙي تائين ٻہ فوٽ پنج انچ نڪتو. جڏهن تہ ان جي رنگ بابت گدواڻي لکي ٿو تہ ڪن ڀاڱن ۾ ڪونج جو رنگ ھلڪو خاڪي ۽ ڪن ۾ اڇو يا اڇيرڙو ٿيندو آھي.

پکين بابت تحقيق ڪندڙن، ڪونج تي بہ تحقيق ڪئي آھي، جنھن مان اھو معلوم ٿئي ٿو تہ ڪونجن جا مختلف قسم ۽ رنگ ٿين ٿا. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، سالم علي جي ڪتاب ‘A Hand Book of the Birds of India and Pakistan’ جي حوالي سان ڪونج جا چار قسم ڄاڻايا آھن، جن جا رنگ ۽ نالا ھي آھن.

ڪاري ڳچيءَ واري ڪونج Black necked Crane (Grus Nigricollis) .

ڊگهو سليٽي پکي، عام ڪونج وانگر، پر مٿو ۽ ڪنڌ ڪارو Hooded Crane (Grus manacha)

آسام ۽ ڪامروپ علائقي ۽ مني پور جو رهاڪو اڇي رنگ جو پکي Burmese Sarus (Grus antigone sharpu)

لاڙڪاڻي ۽ اوڀر ناري ۾ ايندڙ سليٽي رنگ جي ڪونج Siberian or Great white Crane (Crus Leucageranus)

شاھ لطيف، سر معذوري، سر مارئي ۽ خاص طور سر ڏهر ۾، ’ڪونج‘ جو ذڪر تمام اثرائتي انداز ۾ ڪيو آھي. شاھ لطيف، ’ڪونج‘ جو تمام گھري نظر سان مشاھدو ڪندي، ان جي سونھن، نزاڪت، لطافت، نفاست، الفت، قرب، سُر، سوز، درد، حب الوطني، ايڪي ۽ اتحاد جا اھڃاڻ پنھنجي شاعريءَ ۾ بيان ڪيا آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ڪونج جو وطن ’روهه‘ ڄاڻايو آھي:

ڪُونجِيُون ٿِيُون ڪُڻَڪَنِ، جيڪَسِ ھَلَڻَ ھارِيُون،

ٻَچا پوءِ اَٿَنِ، وَڃَنِ وانڌا ڪَندِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 12، ص: 883)

ڪوول (ڪوئل)

ڪوئل، ھڪ پکي آھي، جنھن جو نَر ڪاري چلڪندڙ رنگ ۽ مادي، ھلڪي ناسي رنگ جي ھوندي آھي، جنھن تي اڇا ٽڪا ٿيندا آھن. ڪوئل، پنھنجي آواز جي ڪري سڄي جڳ جهان ۾ مشھور آھي. ھن جو آواز مٺو ۽ سريلو ٿئي ٿو. ڪوئل بھار جي مند ۾ گهڻو ٻوليندي آھي. مينھوڳيءَ جي مند ۾ ان جو آواز اڃا وڌيڪ کلندو آھي. چوماسي جي مند ۾ ڪوئل جي ٻولڻ کي سٺو سوڻ سمجهيو ويندو آھي. گهاٽا ٻيلا ۽ وڻ ڪوئل جا ٿاڪ ٿين ٿا.

ھي پکي، کاڌي ۾ وڻن جا ميوا، گلن جو رس ۽ جيت جڻا چڳندو آھي. ڪوئل کي سک، آسودگي، سڪار ۽ سرهائي، پيار ۽ پريت جو اھڃاڻ سمجهيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڪوئل جي ڪوڪ‘ کي عشق ۽ درد جي دانھن سان تمثيلي طور بيان ڪيو آھي:

رُڃُنِ ۾ رَڙِ ٿِي، ڪَرَ ڪووَلَ جِي ڪُوڪَ،

وَلوَلو ۽ وُوڪَ، اِيءَ تان آھهَ عِشقَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ستون، بيت 17، ص: 370)

ڳِجهہ

ڳجهہ، ڍونڍ کائيندڙ پکي آھي. ھن پکيءَ کي خرابي، موت ۽ تباھيءَ جي علامت سمجهيو ويندو آھي. ڳِجهہ پکيءَ جي سنگهڻ جي قوت ڏاڍي تيز آھي ۽ انهيءَ قوت جي ڪري اھا ھر وقت ڍونڍ جي ڳولا ۾ رهندي آھي.

ڳجهہ، اڇسري ۽ ڪاري رنگ جي ٿئي ٿي، ان جي چھنب وريل ۽ نوڪدار ۽ ھيڊسري رنگ جي ٿئي ٿي، جنھن سان اھا سولائي سان، ٿوري وقت ۾ گهڻو ماس پٽي سگهي ٿي. ھي ڪڪڙ کان ٿوري وڏي ٿئي ٿي ۽ ان جي اُڏام تمام اوچي ھوندي آھي. ان جا چنبا، باز جي چنبن جيان تيز ۽ نوڪدار ٿيندا آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام جي، سُر ڪيڏارو ۾ ’ڳجهہ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

کَنڀَ کُسَنِئِي ڳِجھڙِي، لِڱيِن پويئِي واءُ،

اَمِيرَنِ مَٿاءُ، جيئن تو ڦُلين ڇائُون نَه ڪِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ڇھون، بيت 8، ص: 677)

مور

مور، ھڪ سدا سهڻو، من موهيندڙ، قدآور، سٺو سڀاءُ رکندڙ ۽ وفادار پکي آھي. ان جي ست رنگي سهڻن کنڀن تي دلڪش نشان چنڊ وانگر چمڪندا رهن ٿا. ڳچي سهڻي ۽ مٿي تي ڪلنگي (تاج) ھوندي اٿس. مور پري تائين اڏامي نہ سگهندو آھي. مور جا کنڀ ڊگها ٿيندا آھن، جن سان ڪڏهن ڪڏهن خوشيءَ ۾ اچڻ وقت ھڪ سهڻو ڇٽ ٺاھي ناچ ڪندو آھي. مور جا کنڀ سياري جي شروعات ۾ ڇڻي ويندا آھن ۽ پوءِ وري بھار جي مند ۾ وڌي وڏا ٿي ويندا آھن. مور ھونئن تہ تمام سهڻو پکي آھي. پر ان جا پير ڪارا ۽ ڦڏا ٿيندا آھن. مور جي ماديءَ کي ’ڊيل‘ چوندا آھن.

مور جو گذر جيتن، گلن جي مکڙين، ولين، وڻن ۽ ٻوٽن جي ڪچڙن گونچن ۽ ٻجن تي ھوندو آھي. ھي انسان دوست پکي آھي ۽ نانگ جو ازلي دشمن آھي. نانگ کي ڏسڻ سان ئي ان کي چنبن ۾ جهلي، مٿي اُڏامي، ھيٺ ڦِٽو ڪندو آھي ۽ اھو عمل تيستائين ڪندو رهندوآھي، جيستائين نانگ بلڪل مري ختم نہ ٿي وڃي. ھي تمام سجاڳ پکي آھي، جنھن گهر ۾ رهندو، اتي بي وقت جيڪڏهن ڪو چور چڪار گهڙيو تہ وٺي رڙيون ڪندو. سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آھي تہ ’جنھن گھر رهندو مور، ان گھر ايندو نانگ نہ چور‘.

مرزا قليچ بيگ، پنھنجي ڪتاب، ’پکي‘ ۾ لکي ٿو: ” مور اصل ھندوستان جو رهاڪو آھي، جتي ڪيترن ھنڌن تي ھو ٽولين جون ٽوليون ڪري رهندا آھن. قريب ٽي ھزار ورهيه ٿيندا جو حضرت سليمانؑ اڀرندي وارن ملڪن مان پنھنجن جھازن ۾ مور آندا. سڪندر بادشاھ انهن کي يورپ ۾ مشھور ڪيو.“ (بيگ، قليچ، 2013ع، ص: 36)

سنڌ ۾ مور جام ٿين ٿا، خاص طور ٿرپارڪر ضلعي ۾ عام جام ٿين، ٿري ماڻهو گهرن ۾ مور جا کنڀ انهيءَ مقصد لاءِ رکن ٿا تہ جيئن نانگ سندن گهرن ۾ نہ اچي سگهي. ٿري مور سان پيار ڪن ٿا ۽ کين مارڻ پاپ سمجهن ٿا ۽ گهرن ۾ عام جام پالين.

شاھ لطيف، ’سُر ڪارايل‘، ’سُر معذوري‘ ۽ ’سُر پورب‘ ۾ مور جو ذڪر ڪندي، ان کي ڪارايل ۽ طاؤس جي نالي سان سڏيو آھي.

چَمڙَنِ جھڙا چُھِنبَ وَڍِئَا، ھُمَاءَ سين نَه ھَلَندا،

طَاِلعَ طَائُوسَنِ جَا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،

(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر پورب، وائي، ص: 152)

شاھ لطيف، مور جي چڱائيءَ ۽ اعليٰ گڻن کي اھڃاڻ طور پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي.

وِيا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَه رَهِيو ھيڪَڙو،

وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙَنِ ڪانِيئَرنِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘،سُر ڪارايل داستان پھريون، بيت 29، ص: 853)

شاھ لطيف، سسئي جي پنهونءَ لاءِ پاڻ پڇاڙڻ کي مور جي ٽپن ۽ ڪڏڻ سان تشبيھ ڏني آھي، تہ ھڪ وڻ جي ٽاريءَ تان ٽِپو ڏيئي ٻي ٽاريءَ تي ۽ ٻي ٽاريءَ تان ٽين ٽاريءَ تي پيو ٽپندو ڪڏندو آھي.

وِلاڙِيو وَڻيٖن چَڙهي، ڏِيو پَٽولي لانگَ،

ٽارِيءَ ٽارِيءَ ڇانگَ، سَسُئِي مورَ ٻَچَنِ جيئن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ستون، بيت 13، ص: 370)

شاھ لطيف، مور ۽ نانگ جي ھن ازلي دشمنيءَ کي بہ پنھنجي بيتن ۾ بيان ڪيو آھي.

سَرَ ۾ سَانجِھيءَ وارَ، مورَنِ مَانڊاڻَا ڪِئَا،

سَٽُون ڏينِ سَپَنِ کي، ڪَارايَلَ ڪَنڌارَ،

مَاري نَانگَ اَپَارَ، وِهُه پِيتَائُون وٽِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڪارايل، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 560)

ھُد ھُد

ھُدھُد، ھڪ قسم جو پکي آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’ڍولير‘، ’چنڊول‘، ’چنڊو‘ ۽ فارسيءَ ۾ ’مرغ سليمان‘ چوندا آھن، ھي پکي چٽڪمرو ٿيندو آھي، چھنب ڊگهي ۽ ڪمان وانگر وريل مٿي تي ڪلنگي، کنڀ ھيٺان بادامي، وچ ۾ اڇيرا ۽ چوٽي تي ڪارا ٿيندا اٿس. ھن پکيءَ لاءِ ڪجهہ عجيب روايتون مشھور آھن.

ٻانهي خان شيخ موجب، ھن پکيءَ کي حضرت سليمانؑ جو قاصد ڪوٺيو ٿو وڃي.

شاھ لطيف، سُر پورب جي وائيءَ ۾ ’هُدھُد‘ پکيءَ جو ذڪر، ’هنج‘ پکيءَ جي حوالي سان ڪيو آھي تہ ھنج جھڙو نيڪ خصلت ۽ سلڇڻو پکي، ھُدھُد جي صحبت ۾ خوش ٿيندو آھي.

طَالِعَ طَائُوسَنِ جَا، پَسِئو زاغَ جَلَندا،

ھُدھُد پَاسي ھَنجَڙا، ويٺَائِي وِهسَندا.

(شيخ، ٻانهون خان، 2012ع، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر پورب، داستان پھريون، وائي، ص: 152)

ھُما:

ھماءُ پکيءَ جو ذڪر شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ ڪيو آھي، ھماءُ پکيءَ جي باري ۾ عام خيال اھو آھي تہ: اھو ھڪ خيالي پکي آھي. مولانا دين محمد وفائي، ھماءُ بابت لکي ٿو: ”هما ھڪ پکيءَ جو نالو آھي جو گهڻو ڪري اکين کان غائب رهي ٿو ۽ ڪنھن بہ جانور جو شڪار ڪري نہ کائيندو آھي، فقط ھڏين تي گذران ڪندو آھي... ايراني شاعرن جو خيال آھي تہ ھماءُ پکيءَ جو جنھن ماڻهوءَ جي مٿان پاڇو پوندو آھي سو بادشاھ ٿيندو آھي يا خدا جو ولي ٿي ويندو آھي.“(وفائي، 1991ع، ص: 23-122)

”قديم مصر ۽ ڪلاسيڪل روايتن موجب ھماءُ ھڪ جادوئي اثر رکندڙ پکي آھي، جيڪو سج کي پوڄيندو آھي. مصري ھماءُ پکي قد ۾ باز جيترو، سنهري ۽ ڳاڙها کنڀ رکندڙ ۽ سريلي آواز جو مالڪ پکي آھي. قديم ليکڪن موجب سڄي دنيا ۾ ھڪ وقت ۾ ھڪ ئي ھماءُ پکي وجود رکي ٿو جنھن جي عمر 500 سالن تائين ٻڌائي ويئي آھي.“(برٽانيڪا، 1988ع، واليم-9، ص: 393)

ھماءُ پکيءَ بابت ھڪ دلچسپ ڏندڪٿائي ڪھاڻي اھا بہ مشھور ٿيل آھي تہ: ھيءُ پکي خوشبودار ٽارين ۽ مرچن سان ھڪ آکيرو ٺاھي، ان کي باھ ڏيئو پاڻ بہ سڙيو وڃي ۽ ان رک/ڦليار مان وري ھڪ نئون ھما پکي جنم وٺي ٿو. شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ سسئيءَ کي ھماءَ پکي سان تشبيھ ڏني آھي، يعني سچو عاشق ھميشہ پرينءَ جي سڪ ۾ سرگردان رهي ٿو.

جِيئَن سي ھَرَڻُ ھُمَاءُ، سَرگَردَان سَنسَارَ ۾،

ھُو پَڳُ نَه ڌَري پَٽِيين، ھِيءُ ڌَرِ سِر ڌَري نَه سَاھُه،

جيڪُسِ تَنِ مُلاَ، سَسُئِيءَ سُورُ پِرَايو.

(شيخ، ٻانهون خان، 2001ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان نائون، بيت 1، ص: 180)

ھنج (هَنجهہ)

ھنج پاڻيءَ جو ھڪ سهڻو پکي آھي. شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾ ’هنج‘ کي تمام گهڻو ساراھيو آھي. مرزا قليچ بيگ، پنھنجي ڪتاب ’پکي‘ ۾، قاز شاھي ھنج بابت، لکي ٿو: ” قاز پکي پاڻيءَ جي سڀني پکين ۾ تمام وڏو ۽ تمام سهڻو ٿئي. ھن جي ڳچي سهڻي ۽ خمدار ٿي ٿئي ۽ ھن جي شڪل وڻندڙ آھي. ھن جا کنڀ صفا اڇا ٿيندا آھن. انهن ڳالهين ڪري قديم زماني کان ماڻهو ھن جي تعريف ڪندا اچن.“ (بيگ، قليچ، 2013ع، ص: 48) ھنديءَ ۾ ان کي ’هنس‘ چون ٿا.

ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’سُر ڪارايل‘ جي مقدمي ۾، لکيو آھي: ”هنجهہ جدا ۽ ’هنجر‘(بدڪ) جدا پکي آھي. ھنجهہ وڏو ڳرو پکي آھي ۽ بُت ۾ ’نيرگ‘ کان ٻيڻو ٿئي.“ (بلوچ، 1994ع، ص: 47) مختلف محققن موجب، ھنج جو رنگ اڇو، ڪارو ۽ ميٽائون (خاڪي) ٿيندو آھي. جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو- شاھ جو ڪلام‘ جلد ٽيون جي صفحي 47 تي، ’ڪارايل‘ جي معنيٰ ’ڪارو ھنج‘ بہ ڏني آھي.

ايس ايس ھڱوراڻيءَ لکيو آھي: ”هنج جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. سنڌ ۾ اڃا ٻہ قسم عام آھن، ھڪ خاڪي رنگ وارو ۽ ٻيو پٽاپٽي مٿي وارو، ھنديءَ ۾ ان کي ’راج ھنس‘ چوندا آھن.“ (هڱوراڻي، 1942ع، ص: 14) عام ھنج جو مٿو، ڪنڌ ۽ پُٺي خاڪي رنگ جا ٿين، ڳچي ۽ ڇاتيءَ جو رنگ ڪجهہ جهڪيرو ٿئي، ڄنگهون گوشت جھڙيون ڳاڙهيون ٿين. پُڇ اڌ فوٽ ڊگهو ٿئي، پيرن جون اڳيون ٽي آڱريون ڄاريدار پردي وسيلي ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل ھونديون آھن. ھن کي ڪڪڙ وانگر کڙهون ٿين. ’راج ھنس‘ گهڻو ڪري عام ’هنج‘ جھڙو ٿئي البت قد ۾ٿورو ننڍڙو ٿئي.

ھي پرديسي پکي آھي. ھن جو شمار لاڏائو ۽ روهاکي (روهاڪي) پکين ۾ ٿئي ٿو، جي سياري جي موسم ۾ اترين سرد علائقن مان اڏامي، جابلو ۽ ميداني علائقن مان ٿيندا، ڏاکڻن گرم علائقن ۾ پھچي، ڍنڍن ۽ تلائن ۾ سيارو گذاري، بھار ۾ وري پنھنجي وطن ورن ٿا.

ھنج جو اصل وطن روھ (جبل) آھي، جنھن جي ثابتي، اسان کي شاھ لطيف جي بيتن مان بہ ملي ٿي.

سُرَهو سَرُ وِڃائِيو، ڪُوڙَن ڪانِيئَرنِ،

رُٺا روهُه وَڃَنِ، ڪنھن ھِيڻائِيءَ کان ھَنجڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو، سر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 30، ص: 853)

ھنج پکي ھميشہ اڇي اُجري، صاف ۽ گهري پاڻيءَ تي رهندو آھي، سٺو ۽ صاف کائيندو آھي، موتي چُڻندو آھي ۽ کِکي مڇي کائڻ کان پاسو ڪندو آھي.

شاھ لطيف، ھنج ۽ ٻگهن جا اھڃاڻ ڏيندي چوي ٿو:

ھَنجَھنِ سِين ھيڪارَ، جي ڳُڻُ ڪَري نَهارِيين،

تہ ٻَگنِ سِين ٻَيهارَ، ھُوندَ ٻيلَ نہ ٻَڌِين ڪَڏهِين.

(بلوچ، نبي بخش خان ، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘،سُر ڪارايل، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 155)

مطلب تہ سُر ڪارايل ۾ شاھ لطيف، ھنج ۽ ٻين پکين جو ذڪر ڪندي، انهن جي عادتن، خصلتن ۽ صورت کي اھڃاڻ طور اھڙين ئي يعني چڱين ۽ ڪوجھين عادتن ۽ خصلتن وارن ماڻهن سان ڀيٽ ڏني آھي.

شاھ لطيف، ’سُر ڪارايل‘ ۾ ھنج پکيءَ کي تمام گهڻو ساراھيندي سندس خصلتون ۽ خوبيون بيان ڪيون آھن. ھنج جي ھڪ قسم ’لَلَي‘ کي بہ شاھ لطيف پنھنجي بيتن ۾ ڳايو آھي.

لَلو

ھي ھنج پکيءَ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو سهڻو، پيارو ۽ ناز ڪندڙ پکي سمجهيو ويندو آھي. ھي پکي عام ھنج کان وڌيڪ خوبصورت، نازڪ، نفيس ھوندو آھي ۽ اونهي صاف پاڻيءَ ۾ رهندو آھي. پاڻيءَ ۾ جيڪڏهن ٿوري بہ گندگي يا ڌپ ھجي تہ لَلو پکي اھڙي سَر ۾ رهي نٿو سگهي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ لَلو پکيءَ جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:

ھارِيا ھَنجَ! ٻَگهنِ سين، ڪيهِي ٻَڌين ٻيٖلھه،

ميرو مَٽائيجِ تُون، اَڇي ڪَرِ اُڪيٖلَ،

ڪَنگَنِ ساڻُ ڪُويٖلَ، لَلا! جِمَ لُڙ پِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 13، ص: 850)

شاھ لطيف، ھنجن جي سٺائي، صفائي ۽ اعليٰ ڳڻن جا پار ھن ريت ڏنا آھن:

ھَنجھ مِڙِيئِي ھَنجھه، ميرو مَنجھنِ ناھ ڪو،

جِتي پيينِ سَنجَھ، سو سَرُ ڪِئائُون سُرَهو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 7، ص:153)