آذر
آذر، حضرت ابراھيمؑ جو پيءُ ھو، جنھن جو ذڪر قرآن ۾ ملي ٿو. آذر، بابل ملڪ جو رهاڪو ھو. پاڻ وڏو بُت تراش ھو ۽ بُت ٺاھي وڪرو ڪندو ھو. جڏهن سندس پُٽ، حضرت ابراھيمؑ وڏو ٿيو تہ بُت وڪرو ڪرڻ وارو ڪم پنھنجي پُٽ جي حوالي ڪيائين. اڳتي ھلي حضرت ابراھيمؑ ان ڪم جي مخالفت ڪئي ۽ پيءُ کي بُتن جي پوڄا ڪرڻ کان منع ڪيائين. آذر تي پُٽ جي ڪنھن بہ ڳالهہ جو اثر نہ ٿيو، ويتر ڪاوڙجي کيس ھيسائڻ لڳو ۽ کيس سنگسار ڪرائڻ جو خوف ڏئي ڊيڄاريندو رهيو. جڏهن حضرت ابراھيمؑ بُت ڀڳا تہ آذر سندس دشمن ٿي پيو ۽ ساڻس سڀ رشتا ناتا ٽوڙي کيس پاڻ کان لاتعلق ڪيائين. آذر مرڻ تائين رب جي وحدانيت جو انڪاري رهيو ۽ ڪفر جو ساٿاري بڻجي بيٺو رهيو ۽ نمرود جي جوڙيل قاعدن ۽ قانونن جي پاسداري ڪندو رهيو.
شاھ لطيف، سُر آسا ۾، آذر جي بُت پرستي، نفس پرستيءَ، فريب ۽ شِرڪ جو ذڪر ڪيو آھي:
اِنَ پَرِ نہ اِيمانُ، جيئن ڪَلمِي گو ڪوٺائِيين،
دَغا تنھنجي دل ۾، شِرڪُ ۽ شَيطانُ،
منھن ۾ مُسَلمانُ، اَندَرِ آذَرُ آھِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 14، ص: 723)
بھاءُ الدين زڪريا
شيخ بھاءُ الدين زڪريا ملتاني عام طرح ’غوث بھاءُالحق‘ جي نالي سان مشھور آھي. سھروردي سلسلي جي ھن بزرگ جو تعلق قريش قبيلي سان آھي. خاندان جي وڏن بزرگن مان سڀ کان پھرين، شيخ ڪمال الدين مڪي، خوارزم کان ٿيندو ملتان پھتو ۽ ڪوٽ ڪروڙ وٽ سڪونت اختيار ڪيائين. تاريخدانن جي راءِ موجب، غوث بھاءُالدين جا وڏا اصل سنڌ جا ھئا. مولانا نور احمد فريديءَ موجب، سندس پوٽي شيخ رڪن الدين عالم، پاڻ مشھور سياح ابن بطوطہ سان ڳالهہ ڪئي تہ، اسان جا وڏا ڏاڏا محمد بن قاسم جي لشڪر سان گڏ، سنڌ ۾ آيا ھئا.
تاريخ طاھريءَ ۾ ڄاڻايل آھي تہ، شيخ بھاءُ الدين سھرورديءَ جو خاندان، منصورہ جي تباھيءَ کان پوءِ، لاڙ ۾ سومرن جي شھر، ’محمد طور‘ ۾ رهڻ لڳو ۽ انهيءَ شھر جي ويرانيءَ کان پوءِ، سکر ۾ اچي رهيو. ان کان پوءِ، غزنوي حڪومت جي پاڇي ۾ ملتان ۾ اچي رهيو.
’تاريخ فرشته‘ جي بيان موجب، حضرت بھاءُالدين ذڪريا جو جنم 578ھ/1182ع ڌاري ڪوٽ ڪروڙ ۾ ٿيو. پاڻ ڪوٽ ڪروڙ ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪيائين ۽ قرات جي تڪميل ڪرڻ کان پوءِ، خراسان پھتو، جتي عالمن بزرگن جي صحبت ۾ ست سال، ظاھري ۽ باطني علم جي تربيت ورتائين، جنھن کان پوءِ، بخارا پھتو ۽ اٺ سال وڌيڪ روحاني علم جو فيض ورتائين. بعد ۾ حج جي ارادي سان بخارا کان مڪي پھتو. حج کان پوءِ، مديني منورہ ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي روضي تي ذڪر ۽ فڪر ۾ گذاريائين. پنجن سالن کان پوءِ، فلسطين جي سفر تي نڪتو، جتي پاڻ علمي مرڪزن جو سفر ڪيائين. بيت المقدس جي زيارت کان پوءِ، بغداد پھتو ۽ حضرت شيخ شھاب الدين سھرورديءَ جو مريد ٿيو. اٽڪل ڏيڍ سال مرشد وٽ رهي تربيت ورتائين، تنھن کان پوءِ، شيخ شھاب الدين کيس پنھنجو خليفو بنائي، ملتان ۾ سھرودي سلسلي جي خانقاھ قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پاڻ مرشد جي حڪم جي تڪميل ڪندي، ملتان ۾ خانقاھ قائم ڪيائين. سندس خانقاھ، ننڍي کنڊ ۾ صوفياڻي سھروردي طريقي جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ھئي. پاڻ سھروردي طريقي کي سنڌ ۾ بہ متعارف ڪرائڻ لاءِ ڪيئي ڀيرا ٺٽي بہ آيو. ھتي جي رهواسين کيس وڏي عزت ڏني ۽ سندس مريد پڻ ٿيا، جن جي شاھدي اڄ بہ مڪليءَ واري قبرستان ۾، ابوالمساڪين ۽ ڪن ٻين سھروردي طريقي جي بزرگن جون مزارون ڏين ٿيون. ھنن بزرگن ۾ خاص ڪري ابوالمساڪين ھن سلسلي جي درس کي اڃا بہ اڳتي وڌايو ۽ وڏا بزرگ پيدا ڪيائين، جن ۾ خواجا محمد زمان لنواريءَ وارو بہ شامل آھي.
غوث بھاءُالدين زڪريا، 21 ڊسمبر 1262ع ڌاري ملتان ۾ ئي وفات ڪئي، جتي ھينئر سندس مزار آھي. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، غوث بھاءُ الدين زڪريا جو سڌو سنئون ذڪر تہ ڪونہ ڪيو آھي، پر ان جي مزار تي وسندڙ رحمت جي حوالي سان ھن ريت ذڪر ڪيو آھي:
ڪِيائون مِيران سَندو مُجرو، جَرَڪِيُون ۾ جِيلانُ،
جتي غوثُ بَھاءُالدينُ، اُت مَرَڪيون ۾ مُلتانَ،
کِنوي خُراسانَ، سُکَ وَسايَئُون سنڌڙي.
(قاضي، علامه، آءِ آءِ، (1986ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 30، ص: 266)
حاتم طائي
حاتم طائي بن عبدالله بن سعد، عرب ۾ جاھليت واري دؤر جو مشھور شاعر ۽ سخي مرد ٿي گذريو آھي. پاڻ ’طئي‘ قبيلي جو سردار ھو، سندس زمانو، ڇھين صدي عيسويءَ جي وچ ۽ ستين صديءَ جي ابتدا وارو آھي.. بشربن ابي خازم ۽ عبيد بن الابرص جھڙا ناميارا شاعر سندس ھمعصر ھئا.
حاتم طائيءَ جي شخصيت ۾ نيازمندي، مهمان نوازي ۽ سخاوت جا اعليٰ ڳڻ موجود ھئا ۽ ڪردار ۾ پڻ باڪمال شخصيت جو مالڪ ھو. گداگر ھجي يا ڪو ضرورت مند، ھو پنھنجيءَ ضرورت کي پاسيرو رکي، پھرين صدا ھڻندڙن جي ضرورت پوري ڪندو ھو. ڪو سندس در تان خالي ڪونہ موٽندو ھو. سخاوت جي ڪري ٿوري عرصي ۾، عربستان ۾ نالو ڪڍيائين. سندس سخا ۽ اعليٰ ڪردار جا ڳڻ، عربن جي ننڍن توڙي وڏن قبيلن ۾ ڳائجڻ لڳا. حاتم طائي نہ رڳو ماڻهن جي مالي طور تي مدد ڪندو ھو، پر جڏهن بہ ڪو ماڻهو ڪنھن مسئلي ۽ مونجهاري جو شڪار ٿيندو ھو تہ حاتم وٽ اچي پنھنجا حال اوريندو ھو. مسئلا ۽ مونجهارا کڻي ڪھڙي بہ نوعيت جا ھجن، پر حاتم ھنن کي نبيرڻ لاءِ اڳتي وڌندو ھو ۽ ڪڏهن بہ پٺيان پير نہ ڪيائين. ان ڪري ئي سندس شخصيت داستانن ۽ شاعريءَ ۾ ھڪ طلسماتي روپ ۾ ملي ٿي.
حاتم جي جوانيءَ ۾، سندس پيءُ جو لاڏاڻو ٿي ويو، پر سندس سخا جو سلسلو ھلندو رهيو، جيڪو سندس ڏاڏي کي پسند نہ ھو، ان ڪري ٿوري ئي عرصي ۾ ھن، حاتم کان لاتعلقيءَ جو اظھار ڪري ملڪيت کان کيس لادعويٰ ڪري ڇڏيو، تنھن ھوندي بہ حاتم پنھنجين روايتن تي قائم رهيو.
اسلام کان اڳ، حاتم طائي، عربن ۾ سخا ۽ مهماننوازيءَ جو مثالي ڪردار سمجهيو ويندو ھو، جنھن ڪري کيس ’حواد‘ يا ’اجود‘ بہ چيو ويندو ھو، جنھن جي معنيٰ ’سخي‘ آھي.
حاتم طائيءَ جي مزار، بلاد طئي جي ھڪ ٽڪريءَ جي مٿان آھي، جا تُنغہ جي وادي، حائل جي ڪناري تي واقع آھي. سندس مزار جي ساڄي ۽ کاٻي پٿرن جون چار مورتيون اُڪريل آھن، جن جون شڪليون ڇوڪرين جھڙيون آھن، جن جا وکريل وار ڄڻ تہ، سندس مزار تي نوحه خواني ڪري رهيا ھجن. مزار جي ڀرسان ان ديڳ جا ٽُڪرا پڻ رکيل آھن، جنھن ۾ حاتم طائي مهمانن کي کاڌو رڌائي کارائيندو ھو. اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، پال گريو جو حوالو ڏيندي لکيو آھي تہ، حاتم جي مزار ھن علائقي ۾ اڃا تائين مشھور آھي. حاتم جي شاعري، گهڻي قدر سخاوت ۽ قربانيءَ جي موضوعن تي آھي. عربي ادب ۾ حاتمطائيءَ جي شخصيت ۽ ڪردار جو اعليٰ مقام آھي ۽ کيس قدر جي نگاھ سان ڏٺو وڃي ٿو. شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ حاتم طائيءَ جو ذڪر ھڪ استعاري طور ڪيو آھي:
پانڊَپَ سين نہ پاڙِيان، سَوين ٻِيا سَردارَ،
آھي مِثِل مينھن جي، سَخِي تنھنجي سارَ،
حاتِمَ ھَزدَه ھَزارَ، جَهڙَ تنھنجي جَهپِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 5، ص: 903)
حُر
حُر، ڪوفي جي حاڪم، عبدالله بن زياد جي فوج جو سالار ھو، جيڪو سڀ کان پھرين، ھڪ ھزار لشڪر سان حضرت امام حُسينؑ جي رستي روڪ ڪري، کين عبدالله جي درٻار ۾ پيش ڪرڻ لاءِ سامهون ٿيو.
حضرت امام حُسينؑ کيس واپس وڃڻ لاءِ چيو، پر حُر راضي نہ ٿيو، جڏهن حُر کي ڪوفي وارن جي حقيقت جي خبر پئي تہ ڪوفي ڦِري ويا آھن تہ، ان ڳالهہ تي راضي ٿيو تہ، امام حُسينؑ، ڪوفي جو ارادو ترڪ ڪري، لشڪر سميت ڪنھن ٻئي ھنڌ ھليو وڃي. حُر، مخالف ڌُر جو ھوندي بہ، حضرت امام حُسينؑ سان احترام سان پيش آيو ۽ نماز جي وقت ساڻن نماز بہ پڙهندو ھو.
امام حُسينؑ، جڏهن نينوا جي ميدان تي پھتا تہ حُر کي حڪم ٿيو تہ حضرت امام حُسينؑ کي لشڪر سميت اھڙي ھنڌ ڇڏيو وڃي، جتي پاڻي ۽ رهڻ لاءِ ڪا مناسب جاءِ نہ ھجي. حُر، امام حُسينؑ جي قافلي کي جنھن جاءِ تي ڇڏيو، اُھو علائقو (ڪرب ۽ بلا) ڪربلا سڏجي ٿو. ڏهين محرم جي ڏينھن، جڏهن جنگ جي صف بندي ٿي، تہ حُر يزيدي لشڪر کان ڇڄي، حضرت امام حُسينؑ جي لشڪر ۾ شامل ٿيو. حضرت امام حُسينؑ سندس لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي. اھڙيءَ ريت، ڏهين محرم جي ڏينھن حُر يزيدي لشڪر کي ڇڏي، پنھنجن ڪجهہ ساٿين سميت اچي، امام حُسينؑ پاران يزيدي لشڪر سان وڙهيو ۽ شھادت ماڻيائين.
شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري ۾ حُر جي بھادري، سورهيائي ۽ امامن جي حق واري واٽ تي ھلي سِر گهورڻ جو ذڪر ڪيو آھي:
حُرّ ھَلِي آئِيو، مانجِهي مَردانو:
”آھيان عاشِقُ آڳِ جو، پَتَنگُ پَرِوانو،
مانَ راضي ٿِئي رَسُولَ رَبّ جو، نَبِيِ تو نانو،
ھِيُ سِرُ سَمانو، گهوٽَ! مَٿانئِين گهورِيان.“
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 6، ص: 673)
حسين بن منصور
حسين بن منصور جي ولادت، بيضا (فارس) شھر جي ڳوٺ، ’الطور‘ ۾ 244ھ/858ع ۾ ٿي. ڄمڻ وقت سندس نالو، حسين رکيو ويو ھو، جڏهن تہ ريشم جا ڪينئان پالڻ، ريشم جا ڌاڳا ٺاھڻ ۽ ڪپھ ٽاڻڻ جي خانداني پيشي سبب کين ’حلاج‘ چيو ويندو ھو. عربيءَ ۾ حلاج جي معنيٰ ڪپھ ٽاڻيندڙ، ’پيڃارو‘ آھي. سندس والد جو نالو، منصور ھو، جو مجوسي مذھب (باھ پوڄيندڙ) يعني ’زرتشت‘ جو پوئلڳ ھو. جڏهن اسلام جي روشني فارس ۾ پکڙي، تہ منصور اسلام قبول ڪيو.
حلاج جو ھڪ نالو، ’ابوالمغيث‘ بہ بيان ڪيو ويو آھي. سندس پُٽ حمد موجب، حسين منصور جي ھند ۽ سنڌ جي مريدن ان نالي کي استعمال ڪيو آھي، جڏهن تہ سندس ڪتاب، ’الطوسين‘ ۾ بہ اِھو نالو، ڏنل آھي، ان ڪري سندس پورو نالو، ’ابوعبدالله الحسين بن منصور ابوالمغيث حلاج‘ وڃي بيھي ٿو.
حلاج، سورهن سالن جي عمر ۾ حفظ قرآن، تفسير، صرف و نحو ۽ ٻين مختلف علمن ۽ مذھبن جا ڪتاب پڙهي پورا ڪيا. 260ھ ۾ پاڻ، ’تستر‘ شھر ۾، سھل بن عبدالله جي مدرسي سان لاڳاپيو. ٻن سالن کان پوءِ، بصري ويو ۽ حسن بصريءَ جي مريدن سان مليو، جتي صوفين وٽان باقاعدي خلافت جو خرقو يعني مرشد کان تبرڪ طور جبو (لباس) ۽ سند حاصل ڪيائين. حلاج، بصري ۾، ابو يعقوب الاقطع جي ڌيءُ سان شادي ڪئي، پوءِ پاڻ، جنيد بغداديءَ جي حلقي ۾ شامل ٿيو. 270ھ ڌاري پاڻ مڪي ويو ۽ ھڪ سال تائين تزڪيه نفس، قلب جي صفائيءَ سان گڏ، عبادت ۽ رياضت جي ڏکين مرحلن مان لنگهيو. جڏهن ٻاھر نڪتو تہ پنھنجي روحاني تجربن ۽ الھامي مشاھدن کي عام توڙي خاص آڏو ظاھر ڪرڻ شروع ڪيائين.
272ھ ۾ حلاج پنھنجي گهر واريءَ ۽ ساليءَ سان گڏ، ’تستر‘ ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي ۽ ٻِن سالن تائين اتي پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ رُڌل رهيو. کيس ’تستر‘ ۾ ٻہ جاڙا پُٽ عبدالله ۽ سلمان ۽ ھڪ ڌيءَ ڄائي. ٻن سالن کان پوءِ، سموري خاندان کي ’تستر‘ ۾ ڇڏي، پاڻ سفر تي اُسھيو. خراسان، ڪرمان، سجستان، اصفھان، قُم، سنڌ ۽ ھندستان ۾ پنھنجي فڪر جو پرچار ڪيائين. ان سفر کان پوءِ، پاڻ لکڻ جي شروعات ڪيائين. تحريرن سبب، سندس شھرت ھر پاسي پکڙجي وئي. انهيءَ عرصي ۾ ابوسھل ابن النوبختيءَ مٿس جادوگريءَ جا الزام مڙهيا.
سندس مخالفت وڌڻ لڳي تہ 281ھ ۾ چار سؤ مريدن سان گڏ، بصري روانو ٿيو ۽ بعد ۾ بغداد اچي رهيو. انهيءَ عرصي ۾ حلاج ٻين مذھبن جو گھرو اڀياس ڪيو، خاص ڪري ٻُڌمت، ھندومت، عيسائيت ۽ انهن جي ڀڪشوئن، راھبن سان گھرو رابطو رکيائين. سندس راتيون عبادت، رياضت ۽ مجاھدي ۾ گذرڻ لڳيون ۽ ڏينھن جو مسجدن، خانقاھن، رستن، چوڪن تي بيھي، ماڻهن کي خدا ڏانھن اچڻ جي دعوت ڏيڻ لڳو. ماڻهو سندس خيالن کان متاثر ٿيڻ لڳا، جنھن ڪري ھڪ اھلِ ظاھر فقيھ محمد ابن دائود، حلاج خلاف ڪفر جي فتويٰ جاري ڪئي، جنھن کي شافعي عالمن رد ڪيو.
ٿورڙي عرصي ۾ وٽس امير، غريب، عالم، شاگرد، صوفي، عارف، عابد توڙي زاھد اچڻ لڳا ۽ سندن حلقئه ارادت ۾ شامل ٿيندا ويا. ان دؤر ۾، بغداد جون حالتون خراب ٿينديون ويون. ماڻهن ۾ بيچيني وڌڻ لڳي ۽ 297ھ ۾، المقتدر کي ھٽائڻ لاءِ ھڪ بغاوت ٿي، جنھن کي بروقت ئي چٿيو ويو، جنھن ڪري سوين باغي گرفتار ٿيا. ھزارين ماريا ويا، جنھن ۾ حلاج جي مريدن جو تمام وڏو حلقو شامل ھو. نتيجي ۾، المقتدر خلاف بغاوت جو مکيه اڳواڻ حلاج کي قرار ڏنو ويو. حلاج، حالتن جو رُخ ڏسي، روپوشي اختيار ڪئي ۽ ’اھواز‘ نالي وسنديءَ ۾ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. حڪومت سندس ڳولا لاءِ پنھنجا خاص ماڻهو مقرر ڪيا. ايئن ٽي سال گذري ويا ۽ ’اھواز‘ ۾ بہ سندس عقيدتمندن جو حلقو وڌندو رهيو. سندس پاڙي ۾ رهندڙ ھڪ عورت، انعام جي لالچ ۾ حڪومت وٽ وڃي جُوڻي ڪئي ۽ حلاج کي گرفتار ڪيو ويو.
سندس گهر مان ملندڙ ڪتاب، خط ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو ويو ۽ کيس قاضيءَ وٽ پيش ڪيو ويو. قاضيءَ، ضبط ڪيل ڪاغذن ۽ ڪتابن مان نتيجو ڪڍيو تہ، حلاج ’حلول‘ جو قائل آھي. ھن ڪعبة الله ۾ ٿيندڙ حج کي ردڪد ڏنو آھي. ھن، ’اناالحق‘ جو نعرو ھڻي، خدا سان برابريءَ جي دعوا ڪئي آھي، جنھن ڪري ھو ڏوهاري ڪافر آھي. چاليھ ڏينھن ڪيسن جي ڪارروائي ھلي. انهيءَ عدالت ۾ شھر جا محدث، عالم، فقيھ ۽ مفتي شامل ھئا، جن کيس سزاوار قرار ڏنو.
کيس پھريان چار ڏينھن، شھر جي مختلف چوڪن تي ڪاٺ جي اُڀي تختيءَ سان ٻڌي لٽڪايو ويو، جتي سرعام سندس تذليل ڪئي ويندي ھئي. پوءِ کيس درياھ جي ڪناري تي قائم حامد وزير جي محل جي قيدخاني ۾ قيد ڪيو ويو، جتي کيس 8 سال 7 مھينا ۽ 9 ڏينھن قيد رکيو ويو. 309ھ ۾، ڪيس جو آخري فيصلو ٿيو ۽ 18 ذوالقعد تي، حلاج کي موت جي سزا ڏئي وئي. سزا جي فتويٰ ھن ريت ھئي: پھرين ڦٽڪا ھڻجن، پوءِ ھٿ پير وڍجن، پوءِ سر ڌڙ کان ڌار ڪجي، پوءِ جسم کي باھ ڏيئي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏجي.
حلاج ’اناالحق‘ جو نعرو ھڻي، وحدت الوجود جي راھ ۾ سِر ڏنو. حلاج جون 50 کن تصنيفون آھن، جيڪي دين دنيا، حق باطل، زھد تقويٰ، تصوف ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي آھن، جن ۾ سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ديوان حلاج‘ بہ شامل آھي.
شاھ لطيف بہ تصوف جي سلسلي ۾ وحدت الوجود جو قائل ھو. حلاج بن منصور جي ذڪر جا اولڙا سندس ڪلام ۾ مختلف ھنڌن تي، خاص ڪري ’سُر ڪلياڻ‘ ۽ ’سُر يمن ڪلياڻ‘ ۾ ملن ٿا. شاھ لطيف، ’سُر سُهڻيءَ‘ ۾، حلاج بن منصور جو نالو وٺي، سندس سورهيائي، حق گوئيءَ جو ذڪر ڪيو آھي تہ، خدا سڀ ۾ موجود آھي ۽ سچ کي ڪيئن مٽائي ٿو سگهجي:
سَڀَتِ پَچارَ پِرِيَنِ جي، سَڀَتِ ھوتَ حُضُورُ،
مَلڪُ مِڙوئي مَنصُورُ، ڪُھِيِ ڪُھَندين ڪيتَرا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان 9، بيت 2، ص: 265)
حضرت محمد مصطفيٰﷺ
حضرت محمدﷺ جن جي پيدائش جي تاريخ بابت، مختلف تاريخدانن جا مختلف رايا آھن. محمد حسين ھيڪل، پنھنجي ڪتاب، ’حيات محمدﷺ‘ ۾ لکي ٿو: ”ربيع الاول ۾ ولادت مبارڪ جا قائل ان مھيني جي تاريخ 3، 9 ۽ 10 قرار ڏين ٿا. ابن اسحاق جي روايت مطابق 12 ربيع الاول آھي.“(هيڪل، 2001ع، ص: 156)
جڏهن تہ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ، پنھنجي ڪتاب، ’حيات النبيﷺ‘ جي صفحي نمبر 44 تي، نبي سڳوريﷺ جن جي جنم جي تاريخ ’9 ربيع الاول سن عام الفيل جي پھرئين سال مطابق 20 اپريل 571ع مطابق 25 ويساک سنبت 628 بڪرمي سومر جي ڏينھن، پرھ ڦٽيءَ کان پوءِ، سج اڀرڻ کان اڳ جو وقت‘ ٻڌايو آھي.
اسلامي انسائيڪلوپيڊيا جي صفحي نمبر 1317 تي حضرت محمدﷺ جن جي جنم جي تاريخ ’9 ربيعالاول عام الفيل، 22 اپريل 571ع بروز دوشنبه‘ لکيل آھي.
اردو دائرہ معارف اسلاميه جي جلد 19 ۾، حضرت محمدﷺ جن جي ولادت بابت، ھن طرح لکيل آھي: ”رسول مقبول حضرت محمدﷺ جن جي ولادت باسعادت موسم بھار ۾ دوشنبہ جي ڏينھن 12 ربيع الاول سن 1 عام الفيل 571ع ۾ مڪي مڪرمه ۾ ٿي.“(اردو دائرہ معارف اسلاميه، 1986ع، ص: 12)
حضرت محمدﷺ جن جي والد جو نالو، عبدالله، والدہ جو نالو، بيبي آمنہ ۽ ڏاڏي جو نالو، عبدالمطلب ھو. عرب جي مشھور قريش قبيلي سان پاڻ سڳورنﷺ جو واسطو ھو.
”پاڻ سڳورنﷺ جن جي امڙ، اميدواريءَ جي ڏينھن ۾ ھڪ خواب ڏٺو ھو، جنھن ۾ کين ھدايت ڪئي وئي تہ ٻار جو نالو، احمد رکجو. ان ڪري امڙ پاڻ سڳورنؐ جو نالو، احمدؐ رکيو. ڏاڏي عبدالمطلب سندن نالو، محمدؐ رکيو. ابوالفدا جي روايت موجب، جڏهن ماڻهن تعجب کان عبدالمطلب کان معلوم ڪيو تہ، توهان پنھنجي خاندان جي مروجه نالن کي ڇڏي، ھي نالو، ڇو رکيو آھي؟ عبدالمطلب وراڻيو تہ، ’ڇاڪاڻ تہ منھنجو پوٽو سڄي جڳ ۾ واکاڻ ۽ ساراھ جو شايانِ شان قرار ڏنو ويندو.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1318)
حضورﷺ جن کي پھريان ست ڏينھن ٿڃ پنھنجي ماءُ بيبي آمنه ۽ ابو لھب جي آزاد ڪيل ٻانهيءَ، ثوبيه پياري. سندن ڄمڻ کان ڪجهہ ڏينھن اڳ سندن والد حضرت عبدالله گذاري ويو ھو.
”مڪي جي وڏن ماڻهن جو قديم دستور ھو تہ، ٻار جڏهن اٺن ڏينھن جو ٿيندو ھو تہ ٿڃ پياريندڙ داين جي حوالي ڪري، ٻھراڙيءَ ڏانھن موڪلي ڇڏيندا ھئا. انهيءَ دستور موجب، حضرت پاڪﷺ جن کي بي بي حليمه سعديه جي حوالي ڪيو ويو.“(سيوهاڻي، 1983ع، ص: 47)
”حليمه، پاڻ سڳورن بابت، بيان ڪري ٿي تہ، جڏهن مون آمنه جي ڪڇ مان ٻار ورتو تہ منھنجين ڇاتين ۾ ايترو کير نہ ھو، جو آءٌ پنھنجي ٻار ۽ کين ھڪ ئي وقت پياري سگهان. جيئن ئي مون ھن مبارڪ ٻار کي ھنج ۾ ورتو تہ منھنجين ڇاتين ۾ کير وڌيو. جڏهن مون کيس گهر آندو تہ، اسان جي کير ڏيڻ وارن جانورن جا ٿڻ کير سان ڀرجي ويا.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1318)
پاڻ سڳوؐرن جي ننڍپڻ جو ھڪ واقعو، ’اردو دائرہ معارف اسلاميه‘ جي صفحي 16 تي لکيل آھي، جنھن موجب، حضرت محمدﷺ جن جڏهن چئن سالن جا ٿيا تہ ھڪ ڏينھن بيبي حليمه جو ٻار چراگاھ مان ڊوڙندو آيو ۽ چيائين تہ ڪي ماڻهو آيا ۽ قريشي ڀاءُ جي ڇاتي چيري ڇڏيائون. حليمه، چراگاھ پھتي تہ ڏٺائين تہ آنحضرت محمدﷺ جن ھڪ پٿر تي ويھي، يڪ ٽڪ آڪاش ڏانھن نھاري رهيا آھن. پڇڻ تي چيائون تہ ’فرشتا آيا ھئا، سينو چاڪ ڪري دل ڪڍيائون، ڌوئي، برائين کان پاڪ ڪري پوءِ وري اُن جڳھ تي رکيائون.‘
چئن ورهين جي ڄمار ۾ حضورﷺ جن کي بيبيآمنه جي حوالي ڪيو ويو. ٻن سالن کان پوءِ، جڏهن پاڻ سڳوؐرن جي عمر ڇھن ورهين جي ويجهو پھتي تہ، سندن والدہ بيبي آمنه بہ ھن دنيا مان لاڏاڻو ڪري وئي. پوءِ پاڻ سڳورﷺ، پنھنجي ڏاڏي، عبدالمطلب جي پالنا ھيٺ آيا. جڏهن پاڻ سڳوراﷺ اٺن ورهين جي ڄمار کي رسيا تہ سـندن ڏاڏو عبدالمطلب بہ کانئن وڇڙي وڃي خالق حقيقيءَ سان مليو، جنھن کان پوءِ، پاڻ سڳورؐن جي پرورش سندن چاچي ابوطالب ڪئي، جنھن جي پاڻ سڳوؐرن سان تمام گهڻي دل ھئي. ان عمر ۾ پاڻ سڳوؐرن، ٻڪريون بہ چاريون.
”جڏهن حضور جن جي عمر ٻارهن ورهيه ٿي، تڏهن ابوطالب پاڻ سڳورن کي شام جي مسافريءَ تي وٺي ويو، جو واپار سانگي اوڏانھن پئي ويو. جڏهن شام جي شھر بصري ۾ پھتا، تڏهن ھڪڙي گرجا ۾ وڃي ٽِڪيا. ان گرجا جو پادري ’بحيرہ‘ نالي ڏاڍو سمجهو ۽ سياڻو، توريت ۽ انجيل جو وڏو عالم ھو. کيس سدائين آخري پيغمبر جي پيدا ٿيڻ ۽ ڏسڻ جي آس ۽ اُميد ھوندي ھئي. کيس معلوم ھو تہ آخري پيغمبر جون ڪھڙيون نشانيون ھونديون، تنھن حضور سڳورن کي سڃاڻي ورتو ۽ سندن چاچي ابوطالب کي بياختيار چيائين تہ خدا نہ ڀُلائي تہ ھي ٻارڙو، آخر زماني جو وڏو ناليرو پيغمبر ٿيندو. سندن ٻنهي ڦڻين جي وچ تي نبوت جي مُهر جو نشان بہ ڏٺائين، جنھن بابت، بائيبل ۾ پڙهيو ھئائين تہ، آخر زماني جي پيغمبر کي اھو نشان ھوندو.“(سيوهاڻي، 1983ع، ص: 48 ۽ 49)
پاڻ سڳوؐرن جو ننڍپڻ ۽ جواني، پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان گذريا. امانتداري ۽ سچ ڳالهائڻ جي ڪري کين ’صادق‘ ۽ ’امين‘ جو لقب مليو.
جَکِري جِهو جُوانُ، ڏِسان ڪونَه ڏيھ ۾،
مُهَڙُ مِڙِنِي مُرسَلين، سَرسُ سَندُسِ شانُ،
’فَڪَانَّ قَابَ قَوۡسَينِ اَوۡ اَدنَيٰۡ‘ اِيءُ مُيَسرُ ٿِيُسِ مَڪانُ،
اِيءُ آگٖي جو اِحسانُ، جنھن ھادِيءَ ميڙِيُمِ ھِهڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 2، بيت 10، ص: 900)
پاڻ سڳوؐرن پنھنجي چاچي ابوطالب جي صحبت ۾ شام ۽ فلسطين ڏانھن جيڪي سفر ڪيا، انهن مان پاڻ سڳوؐرن کي وڻج واپار جي قاعدن ۽ قانونن سکڻ ۾ وڏي مدد ملي. ان کان پوءِ، پاڻ سڳوؐرن پنھنجو واپار شروع ڪيو.
”پاڻ سڳورا سترهن يا ويھن سالن جي ڄمار ۾ ھئا، جڏهن حرب فجار (فجار جي جنگ) ڇڙي پئي. ھيءَ جنگ قيس ۽ ڪنايه قبيلن جي وچ ۾، حج جي مقدس زماني ۾ لڳي، مڪي جا قريشي بہ پنھنجا ڌار جٿا قائم ڪري جنگ ۾ شامل ٿيا، ڇاڪاڻ تہ قريش ھن جنگ ۾ حق تي ھئا، تنھن ڪري آنحضرت جن بہ ھن جنگ ۾ پنھنجي چاچن جي طرفان حصو ورتو.“(اردو دائرہ معارف اسلاميه، 1986ع، ص: 24)
پنجويھن ورهين جي ڄمار ۾ پاڻ سڳوؐرن بيبي خديجه جو واپاري وکر کڻي، سندس غلام، ميسرہ سان گڏ، شام ملڪ جو سفر ڪيو. اھو سفر وڏو نفعي بخش ثابت ٿيو ۽ بيبي خديجه بہ معاھدي کان وڌيڪ معاوضو سندن خدمت ۾ پيش ڪيو. انهيءَ سفر جي واپسيءَ جي ٽن مھينن کان پوءِ، بيبي خديجه جي طرفان رشتي ڪرڻ جي آڇ جي نتيجي ۾، پاڻ سڳوؐرن، بيبي خديجه سان شادي ڪئي. نڪاح ۾ نبي ڪريمﷺ جن جي طرفان سندن چاچا ابوطالب ۽ حضرت حمزہ شريڪ ٿيا. شاديءَ وقت پاڻ سڳوؐرن جي عمر پنجويھ ورهيه ۽ بي بي خديجه جي ڄمار چاليھ سال ھئي.
ڪعبة الله ۾، حجر اسود رکڻ لاءِ ٻن قبيلن جي وچ ۾ جهيڙو ٿيڻ وارو ھو. ٻنهي قبيلن مان ھر ھڪ، حجر اسود رکڻ جو حقدار پاڻ کي ٿي سمجهيو. اُتي ٻنهي قبيلن ۾ عزت رکندڙ ابو اميه حذيفہ بن مغيرہ جهيڙي کي ختم ڪرڻ لاءِ صلاح ڏني تہ ’هن وقت جيڪو ماڻهو سڀ کان پھرئين مسجد جي اندر آيو، اُن کي منصف بڻايو‘. سڀني قبول ڪيو. اتفاق سان آنحضرت ﷺ ئي ھئا، جيڪي مسجد ۾ داخل ٿيا. پاڻ سڳوؐرن کي ڏسي سڀ ماڻهو چوڻ لڳا ’هٰذا الامين رضينا بہ‘ يعني ھي تہ امين آھي، اسان سڀ ان فيصلي تي راضي آھيون. قصو ٻڌي، پاڻ سڳوؐرن ھڪ چادر وڇائي، پٿر کي اُن تي رکيو ۽ چادر جون ڪُنڊون قبيلن جا نمائندا پڪڙي اُٿيا ۽ ڀت جي ويجهو ڪيائون، اتي حضور سڳوؐري (سڀني جي اجازت ۽ گڏيل منصف جي حيثيت سان) حجر اسود کڻي، انهيءَ جاءِ تي رکيو.
حضرت محمدﷺ جن جون شاديون ڪيتريون ٿيل ھيون، تن بابت، مختلف روايتون آھن. ”حضرت شاھ ولي الله، پنھنجي ڪتاب، ’سيرت رسولؐ ‘ ۾ حضورﷺ جن جي ازواج مطھرات جو تعداد چوڏهن لکيو آھي. ڪجهہ ٻيون روايتون تيرهن، يارهن ۽ نَو جون بہ آھن.“ (اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 144)
حضرت محمدﷺ جن جي نڪاح ۾ آيل بيبين سڳورين جا نالا: حضرت خديجه بنت خويلد، حضرت سودھ بنت زمعه، حضرت عائشہ بنت حضرت ابوبڪرؓ، حضرت حفصه بنت حضرت عمرؓ، حضرت اُم سلمه بنت خذيفه، حضرت زينب بنت حجش، حضرت جويريه بنت حارث بن ضرار، حضرت اُمِ حبيبه بنت ابو سفيانؓ، حضرت صفيه بنت حيي، حضرت ريحانه بنت زيد نضريه، حضرت ماريه بنت قبطيه، حضرت ميمونه بنت حارث.
انهن بيبين مان حضؐور جن کي ٻہ پُٽ قاسمؓ ۽ عبداللهؓ، چار نياڻيون زينب، رقيه، اُم ڪلثوم ۽ فاطمه رب پاڪ پاران اولاد جون سوکڙيون مليون، پر پُٽ ننڍپڻ ۾ ئي الله کي پيارا ٿي ويا.
پاڻ سڳورنﷺ جي نبوت جي باري ۾ روايتن جو تت ھن ريت آھي: ”اھا بشارت 9 تاريخ، مھيني ربيع الاول مطابق 12 فيبروري سن 610ع جي سومر جي ڏينھن الله پاڪ جي درگاھ مان پاڻ سڳورنﷺ جن کي ملي، انهيءَ وقت سندن عمر 41 ورهيه ھئي، يعني چاليھ ورهيه پورا ٿيا ھئا ۽ ايڪيتاليهن ۾ سندن پير ھو. حضرت جبرائيلؑ اچي چيو، ’اي محمد! بشارت ھجئي، قبول فرماءِ، اوهين الله پاڪ جا رسول آھيو. الله پاڪ اوهان کي اھو عھدو عطا ڪيو آھي. آءٌ جبرائيل، خدا جو خاص ملائڪ آھيان، جو اھڙيون خبرون ۽ پيغام نبين وٽ کڻي ويندو آھيان‘.“(سيوهاڻي، 1983ع، ص:59)
جوڙيٖ جوڙَ جَهانَ جِي، جڏهن جوڙِيائِين،
خاوَندُ خاص خَلِقٖي، مُحَمَّدُ مُڪائِين،
ڪَلمو تنھن ڪَرِيمَ تي، چِٽو چايائين،
اَنَا مولاڪ وَ اَنتَ مَحبُوبِي اِيئَن اُتائِين،
ڏِکِي ڏِنائِين، ٻَئِي سَرائون سَيّدُ چٖيُ
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 2، ص: 65)
حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي لکڻ موجب، تنھن کان پوءِ، پاڻ سڳوؐرا گهٻرائجي ويا ۽ جلد پنھنجي حويليءَ ۾ موٽي آيا ۽ اچڻ شرط ئي ليٽي پيا. بيبي خديجه کي فرمايائون تہ، ’مون کي ڪمبل ڍڪ‘ جڏهن طبيعت مبارڪ ۾ ڪجهہ آرام آين، تڏهن بيبي خديجه کي سڄو احوال ٻڌايائون، جنھن وڃي پنھنجي سؤٽ ۽ عيسائي عالم ورقہ بن نوفل جي اڳيان اِھا ڳالهہ بيان ڪئي. ورقہ بن نوفل ڪجهہ دير سوچڻ کان پوءِ، چوڻ لڳو، ’سبحان الله! جنھن ذات جي قبضي ۾ ورقہ جي جان آھي، تنھن جو قسم تہ اي خديجه! جيڪڏهن تون سچ ٿي چئين تہ پوءِ اھو فرشتو، اھو ناموس اڪبر آھي، جيڪو حضرت موسيٰؑ تي نازل ٿيو ھو ۽ خديجه تنھنجو مڙس ھن اُمت جو نبي ٿيندو، کيس چئجانءِ تہ خطرن کان نہ ڊڄي.‘
پاڻ سڳوؐرن تي سڀ کان پھرين، بيبي خديجه، حضرت علي ڪرم الله وجهہ، حضرت ابوبڪر صديقؓ ۽ حضرت زيدؓ بن حارث ايمان آندو. پاڻ سڳوؐرا ٽن ورهين تائين ڳجهي نموني اسلام جي تبليغ ڪندا رهيا. جڏهن ان ڳجهہ کي پڌرو ڪيائون تہ، مڪي ۾ سندن سخت مخالفت ٿي. کين مختلف طريقن ۽ حربن سان ستايو ۽ ايذايو ويو. عرب جا قريش، حضور سڳوؐرن تي ٺٺوليون ڪرڻ ۽ دين جي راھ ۾ رنڊڪون وجهڻ لڳا، پر حضور سڳوؐرن، صبر ۽ تحمل سان سڀ اذيتون برداشت ڪري، ماڻهن کي حق جي راھ ڏيکارڻ ۽ خدا جي وحدانيت ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻڻ جي تلقين ڪندا رهيا. ڪافرن کين وڏيون لالچون ڏنيون ۽ حضرت ابوطالب وٽ دانھين بہ ٿيا، پر حضور سڳوؐرن حڪم الاھيءَ کان سواءِ، ڪنھن جي بہ نہ ٻُڌي. جڏهن مڪي ۾ مخالفت وڌي وئي تہ، حضور سڳوؐرا، حڪم الاھيءَ سان، پنھنجن ساٿين ساڻ، جيڪي اُن وقت مسلمان ٿي چڪا ھئا، مڪي مان ھجرت ڪري مديني آيا. پاڻ سڳوؐرن، مديني جي يھودين سان امن جو ٺاھ ڪيو. اھڙيءَ ريت ھڪ پاسي مسلمانن جو انگ وڌڻ لڳو ۽ ٻئي پاسي قريشين جون شرارتون، اڳرايون ۽ ارھ زورايون بہ وڌڻ لڳيون. جنگ بدر، جنگ احد، جنگ خيبر، خندق، حنين ۽ تبوڪ جون جنگيون لڳيون، جن ۾ مسلمانن کي ھر محاذ تي فتح نصيب ٿي. اڳتي ھلي مسلمانن مڪو شريف فتح ڪيو ۽ دنيا جي نقشي تي ھڪ اسلامي رياست جو بنياد وڌو، جنھن کي پوءِ چئن خليفن وڌايو ۽ مضبوط ڪيو.
وَحدَهُ جي وَڍِئَا، اِلا اللهَ اَڌَ ڪِئَا،
مُحَمؐدُ رَسُولُ چَئِي، مُسلِمَانَ ٿِئَا،
عَاشِقَ عَبدُاللطِيؒـفُ چَئي، اِنِهين پَھِه پِئَا،
جيلاَھَه ڌَڻِيءَ ڌُئَا، تي وِئَا وَحدَتَ گڏِجِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 8، ص: 53)
پاڻ سڳوؐرن تي قرآن شريف جون 114 سورتون نازل ٿيون، جن ۾ 87 مَڪِي ۽ 27 مدني آھن.
پاڻ سڳوؐرن، مسلمانن کي اسلام جي پنجن رُڪنن تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي، جيڪي اسلام جي عقيدي ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا، جن ۾ ڪلمو (ايمان) ، نماز، روزو، زڪوٰت ۽ حج شامل آھن، جيڪي مسلمانن تي فرض آھن.
حضور سڳوؐرن جي طبيعت، 29 صفر تي خراب ٿي پئي ۽ 12 ربيع الاول 11 ھجري بمطابق 8 جون 632ع ۾ ھن دنيا مان لڏي وڃي رب سان مليا.
شاھ لطيف، سُر ڪلياڻ (۽ ٻين سُرن) ۾ پاڻ سڳوؐرن جو ڪافي بيتن ۾ ذڪر ڪيو آھي، جن ۾ پاڻ سڳوؐرن جي شخصيت، ڪردار ۽ اُن تي ايمان آڻڻ جو ذڪر ڪيو ويو آھي.
وَحَدہُ لاشَرِيڪَ لَہ، جڏهن چَيو جَنِ،
تَنِ مَڃيو مُحَمَّد ڪارَڻي، ھيجان ساڻُ ھِنيئَنِ،
تڏهن منجهان تَنِّ، اَوَتَڙِ ڪونَه اولِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 6، ص: 66)
حضرت امام حَسنؑ
حضرت امام حَسنؑ بن حضرت علي ڪرم الله وجهہ بن ابي طالب، حضرت علي ڪرم الله وجهہ ۽ بيبي فاطمة الزھرهؓ جو پھريون پُٽ، شعبان مھيني جي وچ ڌاري، سن 3 ھجري مطابق 624ع ۾ مڪي شريف ۾ ڄائو. حضور سڳوؐري جن کي جيئن ئي خبر پئي تہ پاڻ سڳوؐرا ھڪدم بيبي فاطمه جي گهر پھچي ويا ۽ ٻار کي گهرائي، پاڻ سندس نالي جي پڇا ڪيائون، جڏهن کين ٻار جو نالو، ’حرب‘ ٻڌايو ويو تہ پاڻ چيائون تہ نه، ھن جو نالو، ’حسن‘ آھي. چيو وڃي ٿو تہ حضرت امام حَسنؑ جي شبيھ حضرت محمدﷺ جن سان ڪافي ملندڙ جلندڙ ھئي. ستن ڏينھن کان پوءِ، حضرت امام حَسنؑ جو عقيقو ڪيو ويو ۽ پاڻ سڳوؐرا ھر روز ٻار کي ڏسڻ ايندا ھئا.
امام حَسنؓ سان حضور ڪريمﷺ جن جو تمام گهڻو پيار ھو. کيس پنھنجو اولاد سمجهندا ھئا. ابن عباس کان ھڪ روايت آھي تہ، ھڪ ڏهاڙي، حضرت محمدﷺ جن امام حَسنؑ کي پنھنجن ڪلهن تي ويھاري اچي رهيا ھئا، تہ رستي ۾ ھڪڙي شخص، امام حَسنؑ کي چيو تہ ’اي صاحبزادا! تو ڪيڏي نہ بھتر سواري حاصل ڪئي آھي‘، جنھن تي حضور سڳوؐرن فرمايو تہ ’سوار بہ تہ تمام سٺو آھي.‘ پاڻ سڳوؐرا امام حَسنؑ جن لاءِ چوندا ھئا تہ ھي اسان جو پُٽ سردار آھي ۽ مسلمانن جي ٻن گروهن ۾ صلح ڪرائيندو. امام حَسنؑ اڃا اٺن ورهين جو ھو تہ آنحضرت ﷺ جن 12 ربيع الاول سن 11 ھجري موجب، 8 جون 632ع تي ھي جھان ڇڏي ويا.
حضرت عثمانؓ جي خلافت واري زماني ۾ امام حَسنؑ سڀ کان پھرين طبرستان تي فوج ڪشيءَ ۾ مجاھدانہ جوهر ڏيکاريا. حضرت علي ڪرم الله وجهہ جن جي شھادت کان پوءِ، اميرمعاويه جي قبضي واري علائقي کان سواءِ، باقي سڄي ملڪ جي ماڻهن امام حَسنؑ جي ھٿ تي بيعت ڪري ورتي ھئي. جڏهن کين عبدالله بن عامر جي بغاوت جي خبر پئي تہ پاڻ مقابلو ڪرڻ خاطر، ڪوفي مان مدائن طرف وڌڻ شروع ڪيائون. پاڻ جڏهن فوج ۾ ڪي ڪمزوريون ڏٺائون تہ کين جوش ۽ ھمٿ ڏيارڻ خاطر تقرير ڪيائون، جنھن ۾ چيائون تہ، مان ھڪ راءِ ٿو ڏيان، جا پڪ آھي تہ اوهان ضرور مڃيندا، تہ ھن تفرقي ۽ اختلاف کان بھتر آھي تہ جنھن ٻَڌيءَ ۽ ايڪي کي توهين پسند ڪريو ٿا، اھو ان تفرقي کان افضل آھي. جڏهن کين خبر پئي تہ فوج مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار نہ آھي ۽ مدائن تي عبدالله بن عامر قبضو ڪري ورتو آھي تہ پاڻ ڪن شرطن تي امير معاويهؓ جي حق ۾ خلافت تان ھٿ کڻي ويا. اھو واقعو ربيع الاول سن 40 ھجري جو آھي.
خلافت تان ھٿ کڻڻ کان پوءِ، پاڻ مديني منورہ ۾ باقي حياتي سڪون سان گذاريائون. 47 يا 48 ورهين جي ڄمار ۾، سن 50 يا 51ھ ۾ پاڻ وفات ڪري ويا. کين سندن گهرواريءَ، جعدہ بنت الاشعت زھر ڏنو ھو، جنھن لاءِ اُھو اُن ويل معلوم ٿي نہ سگهيو ھو تہ زھر ڪنھن ڏنو ۽ ڇو ڏنو؟ پاڻ ان وقت امام حُسينؑ کي اھو چيو ھئائون تہ، نبوت ۽ خلافت اسان جي خاندان ۾ گڏ، رهي نہ سگهنديون ۽ اھو بہ انديشو آھي تہ ڪوفي جا ماڻهو توکي بہ ھتان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪن. ان کان پوءِ، حضرت امام حُسينؑ کي جهيڙي ۽ خون خرابي کان منع ڪيائون. امام حَسنؑ کي سندن والدہ، حضرت بيبي فاطمهؑ جي تربت ڀرسان جاءِ ڏني وئي.
شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري ۾ امام حُسينؑ جي جنگنامي جي منظرنامي ۾ جيڪا رزميه شاعري ڪئي آھي، ان ۾ ڪجهہ بيتن ۾ امام حَسنؑ جو اڻ سڌيءَ طرح ذڪر ڪيو اٿس، مثال طور:
ڪِلي ويرَ ڪَٽَڪَ ۾، ھَئي جي حسنؑ ھُئو،
ڀيڙو ڀيڙو ڀاءُ تي، پَتَنگَ جيئن پِيو،
آھي ڪيرُ ٻِيو، جو ڪَري ھَلان مِيرَ حسينؑ تان؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 2، ص: 672)
شاھ لطيف ٻئي ھنڌ ھن ريت ٿو اشارو ڪري:
حسنؑ ناھِ حسينؑ وَٽِ، ٻيلِي نَه ٻاھُون،
ساڻِيھ شَھزادَنِ جو، آھي اَڳاھُون،
يَزِيدَ! جُلاھُون، تيلانھن ڪَرِيين تَڪِڙِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 5، بيت 1، ص: 672)
حضرت امام حُسينؑ
حضرت امام حُسينؑ، حضرت علي ڪرم الله وجهہ ۽ بيبي فاطمه زھره جا فرزند ۽ حضرت محمدﷺ جا ڏوهٽا ھئا. سندن جنم، 3 شعبان 4 ھجريءَ موجب، 8 جنوري 626ع تي ٿيو. امام حُسينؑ جي ڪُنيت، ابوعبدالله، سيد شھاب اھل الجنة ۽ لقب سيدالشھداءَ آھي. امام حُسينؑ جي ولادت کان پوءِ، حضور سڳوؐرا خوشيءَ مان حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي گهر آيا ۽ نئين ڄاول ٻار جي ڪن ۾ ٻانگ ۽ اقامت ڏئي، سندن نالو، ’حسين‘ رکيائون. حضرت امام حُسينؑ پاڻ سڳوؐرن جي محبت ۽ شفقت ۾ پليا. ننڍپڻ واري دؤر ۾، پاڻ سڳوؐرن جو امام حُسينؑ سان گهڻو پيار ۽ محبت ھئي ۽ اھڙا گهڻا ئي واقعا ملن ٿا، جن مان ثابت ٿئي ٿو تہ پاڻ سڳوؐرا امام حُسينؑ سان حد کان وڌيڪ محبت ۽ شفقت ڪندا ھئا. امام حُسينؑ اڃا ستن سالن جا مس ھئا، جو ھو تہ حضورﷺ جن جي شفقت کان محروم ٿي ويا.
حضرت امام حُسينؑ، حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي خلافت واري دؤر ۾، بلڪل جوان ٿي چڪا ھئا ۽ پنھنجي والد سان گڏ، جنگِ جمل، جنگِ صفين ۽ جنگِ نهروان ۾ شامل رهيا. پاڻ قرآن جو مطلب ۽ حديثون اڪثر موقعن تي بيان ڪندا ھئا. عبادت، رياضت، ڪثرت سان نفل پڙهڻ ۽ دين محمديءَ جو پيغام پھچائڻ سندن دستور ھو. اڪثر روزي ۾ رهندا ھئا. پاڻ ڪافي عمرا ۽ پنجويھ حج ڪيائون.
امام حُسينؑ، اسلام جو ارتقائي زمانو، پنھنجي اکين سان ڏٺو ھو. اسلامي تاريخ جا اھم واقعا، سندن اکين آڏو ھئا. 56ھ/675ع ۾، جڏهن حالتون گهڻيون خراب ٿيون ۽ يزيد کي ولي عھد نامزد ڪيو ويو، تڏهن پاڻ يزيد جي وڏي مخالفت ڪيائون. ان مخالفت تي شام جي حڪومت کانئن جواب طلبي ڪئي، جنھن جي جواب ۾ امام حُسينؑ حڪومت تي سخت تنقيد ڪئي ۽ پنھنجن خيالن کي بيان ڪندي، يزيد جي ولي عھد واري حيثيت کي ناجائز قرار ڏيڻ جو اعلان ڪيو ۽ بيعت طلب ڪرڻ تي امام حُسينؑ ناڪاري جواب ڏنو. ڇڪتاڻ وڌندي وئي، تان جو ڪربلا جو واقعو پيش آيو. يزيد جي حڪم تي امام حُسينؑ کي 10 محرم 61ھ/680ع تي ڪربلا جي ميدان ۾ شھيد ڪيو ويو. سندن مزار ڪربلا معليٰ ۾ آھي.
شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري جي ڪيترن ئي بيتن ۾ حضرت امام حُسينؑ جي سورهيائي، صبر، آزمائش، يقين، ارادي جي پختگي، جدوجهد ڪرڻ، لوڀ کي لوئڻ، ڏاڍ سان ھٿ ڳنڍڻ ۽ حق جي حاصلات لاءِ مھاڏو اٽڪائڻ ۽ دليريءَ سان وڙهڻ جو ذڪر ڪيو آھي:
پَسِي سَختِي مِيرَ حسينؑ جِي، رُنو نَبِيَنِ زارون زار،
مَلڪَ، فَلَڪَ، ڌَرتِي ڌُٻِي، آئِي عَرشَ مَٿان اوڇِنگارَ،
ھَئٖي ھَئٖي! شاھَ حسينؑ سِڌاريو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 2، وائي، ص: 665)
حضرت آدمؑ
حضرت آدمؑ مذھبي تاريخ ۾ دنيا جو پھريون انسان ليکيو وڃي ٿو، جنھن مان پوءِ پوري انسان ذات وڌي ويجهي، يعني ڪائنات جي سموري انساني مخلوق سندس اولاد جي اولاد مان آھي.
قرآن شريف ۾، 13 جاين تي حضرت آدمؑ جو ذڪر آيل آھي. جڏهن الله تعاليٰ، حضرت آدم ۾ روح ڦوڪيو ۽ آدم جي بُت ۾ ساھ پيو تہ سڀني فرشتن کي، آدمؑ کي سجدي جو حڪم ڏنو. سواءِ ابليس جي، سڀني فرشتن حضرت آدم کي سجدو ڪيو.
الله تعاليٰ حضرت آدمؑ کي ڪائنات جي سموري مخلوق تي فوقيت ڏئي، اشرف المخلوقات جو اعليٰ درجو عطا ڪيو ۽ زمين تي پنھنجو خليفو بنائي موڪليو. الله تعاليٰ کيس ھر شيءِ جو نالو سيکاريو، يعني کيس ’علم اسماءِ‘ عطا ٿيو.
حضرت آدمؑ کي عام طور پھريون نبي مڃيو وڃي ٿو، جڏهن تہ شريعت خداونديءَ جي شروعات حضرت نوحؑ کان ڪئي وئي آھي. يھودي ۽ نصارا بہ آدمؑ کي سڀني انسانن جو پيءُ مڃين ٿا. بائيبل ۾ آدمؑ جي آکاڻي، پيدائس کان وٺي عدن جي باغ مان بيبي حوا سميت نڪرڻ تائين بيان ڪيل آھي.
سنڌ ۾ عام روايت آھي تہ، حضرت آدمؑ بهشت مان نڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي ڪڇ واري حصّي ۾ لٿو، جتي ’حضرت آدم جي ٻني‘ (اھا ايراضي 1965ع جي جنگ کان پوءِ، ھندستان وٽ آھي، جتي مور پکي ججهي تعداد ۾ آھن) ھي علائقو ھن وقت بہ ان ئي نالي سان سڏجي ٿو. ڪن محققن جو چوڻ آھي تہ، سرانديپ (سريلنڪا) آدمؑ جي لھڻ جو مقام آھي، جيڪو ڪولمبو کان 60 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آھي ۽ ’آدمؑ جي ٽڪري‘ (چوٽي) جي نالي سان پڻ ھن وقت مشھور آھي.
شاھ لطيف، حضرت آدمؑ جو ذڪر، سُر مارئيءَ ۽ سسئي آبـريءَ ۾، ڪيو آھي:
پُنهُون ٿِيسَ پاڻِهِين، ويئِي سَسُئِيءَ جِي سُونهن،
’خَلَقَ آدَمَ عَليٰ صُورَتِہ‘ اِيءَ وَڻَنِ مَنجِھ وِرُونَهن،
چَرِيءَ مَنجهان چُونهن، کَڻِي ھوتُ ھَنجِ ڪيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 5، بيت 6، ص: 304)
حضرت دائودؑ
حضرت دائودؑ مشھور نبي ٿي گذريو آھي. سندس حسب نسب يارهين پيڙهيءَ ۾ حضرت ابراھيمؑ سان ملي ٿو. سندس شادي، حضرت طالوت جي ڌيءَ سان ٿي. قرآنشريف جي نَون سُورتن ۾ سورنھن ڀيرا سندس ذڪر ملي ٿو. حضرت دائودؑ ، اسرائيلي نبين جي تاريخ ۾ پھريون نبي ھو، جنھن کي الله تعاليٰ نہ رڳو نبوت ۽ رسالت جي منصب سان نوازيو، پر اقتدار جي واڳ بہ ھٿ ۾ ڏني. پاڻ ھڪ مستحڪم رياست جو بنياد وڌائين. ان وقت سندس سلطنت ۾ شام، عراق، فلسطين، اردن، عقبہ جي نار کان وٺي فرات تائين جا سمورا علائقا شامل ھئا.
حضرت دائودؑ نھايت خوبصورت ۽ نيڪ سيرت شخصيت جو مالڪ ھو. حڪومتي معاملن کان سواءِ، الله جي عبادت ۽ رياضت بہ ڪندو ھو. پنھنجي حڪومتي دؤر ۾، ڪڏهن بہ ڪنھن سان ناانصافي نہ ڪيائين. کيس پکين جي ٻولين جو بہ علم ھو.
تاريخ ۽ روايتن ۾، سندس حڪومت جو عرصو ٽيهن سالن کان چاليھ سال لکيل آھي. حضرت دائودؑ پنھنجي حڪومتي دؤر ۾، ذاتي خرچ لاءِ ڪڏهن بہ شاھي خزاني مان خرچ نہ ڪندو ھو، پر پاڻ زرهون ٺاھي کپائيندو ھو ۽ اُن آمدنيءَ مان پنھنجو گذر سفر ڪندو ھو. حضرت دائودؑ کي الله تعاليٰ سُريلي آواز سان پڻ نوازيو ھو. پاڻ ارغنون نالي ساز ايجاد ڪيائين ۽ ان تي زبور جون آيتون آلاپيندو ھو، جن کي ’نغمئه دائود‘ سڏيو ويو آھي.
سندس آواز ۾ ايتري تہ ڪرشماتي قوت ھوندي ھئي، جو پاڻ ڳائيندو ھو تہ ساھوارين شين سان گڏ، پاڻيءَ جا وهڪرا ۽ وڻ ٽِڻ بہ جهومندا ھئا. حضرت دائودؑ سو سال جي عمر ۾ ڇنڇر جي ڏينھن وفات ڪئي، سندس مزار بيت المقدس ۾ آھي.
شاھ لطيف، سُر يمن ڪلياڻ ۾ حضرت دائودؑ جي پروقار شخصيت جي جلوي ۽ حشمت جو ذڪر ڪيو آھي:
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونِهي رَنگُ،
گهوڙِيءَ ھيٺِ اَيَنگُ، ڪاھِيو پاکَرِئين ھَڻي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 6، بيت 1، ص: 115)
حضرت علي ڪرم الله وجهہ
حضرت علي ڪرم الله وجهہ ابن ابي طالب بن عبدالمطلب بن ھاشم، رسول اللهﷺ جو سؤٽ ۽ چوٿون خليفو ٿي گذريو آھي. سندس ولادت مڪي ۾ 23ق.ھ/601ع ۾ ٿي، جڏهن حضرت محمدﷺ رسالت جو اعلان ڪيو تہ ان وقت پاڻ ٻارن مان پھريون ٻار ھو، جنھن اسلام قبول ڪيو.
حضرت محمدﷺ جن جا ڪيترائي چاچا ھئا، پر انهن مان پاڻ سڳوؐرا ابي طالب طرف ان ڪري گهڻو لاڙو رکندڙ ھئا، جو سندن والد ۽ ڏاڏي جي وفات کان پوءِ، سندن انهي چاچي گهڻي سرپرستي ڪئي ۽ جڏهن ابي طالب وفات ڪئي تہ پنھنجي پُٽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي پارت پاڻ سڳورنﷺ کي ڪري ويا.
جڏهن نبي سڳوؐري اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ ’بنيمُطلب‘ وارن جي سامهون اسلام جي نعمت عطا ڪرڻ جو اعلان ڪندي، کانئن ساٿ ڏيڻ ۽ پنھنجي مدد ڪرڻ لاءِ پڇيو تہ سڀ کان اول حضرت علي ڪرم الله وجهہ وڏي آواز ۾ ھيئن فرمايو: ”جيئن تہ مان عمر ۾ ننڍو آھيان ۽ منھنجون ٽنگون ڪمزور آھن، تنھن ھوندي بہ مان توهان جو ساٿي ۽ مددگار ۽ ٻانھَن جو ٻل بڻبس.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1091) پاڻ رسول اللهﷺ جن اھو سوال ٽي ڀيرا ورجايو، ٽئي ڀيرا حضرت علي ڪرم الله وجهہ پڻ ساڳيو جواب ڏنو.
شاھ لطيف پنھنجي رسالي ۾ حضرت علي ڪرم الله وجهہ بابت، سُر ڪيڏاري ۽ سُر رامڪليءَ ۾ ھيئن ذڪر ڪيو آھي:
چَنڊَ وِهاڻِيءَ چَڙهِيا، مَلَ مَدِينِئان مِيرَ،
اُنِ سين طَبَلَ، بازَ، تَبرَوُن، ڪُندَ، ڪَٽارا، ڪِيرَ،
عَلِيءَ پُٽُ اَمِيرَ، ڪَندا راڙو رُڪَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر ڪيڏارو، داستان 2، بيت 1، ص: 663)
نانگا نانِيءَ ھَلِيا، ھِنگلاجان ھَلِي،
ديکِي جَنِ دُوارِڪا، مَهيسِنِ مَلهِي،
آڳَھُه جَنِ عَلِي، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 28، ص: 783)
حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي والدہ ماجدہ، حضرت بيبي فاطمه بنت اسد بن ھاشم ھئي. پاڻ پھرين ھاشمي عورت ھئي، جنھن رسالت تي ايمان آندو ھو. جڏهن تہ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي زوجه مطھرہ جو نالو بہ، بيبي فاطمه ھو، جيڪا حضرت محمدﷺ جي نياڻي ھئي.
حضوؐر جن جي مڪي مان ھجرت کان پوءِ، پاڻ مديني ڏانھن ھجرت ڪيائون ۽ صرف ھڪڙي جنگ تبوڪ کان سواءِ، سڀني جنگين ۾ حضور ڪريمﷺ جن جو ساٿ ڏنائون، جنھن لاءِ ڪنھن شاعر ھي شعر لکيو:
”شاھِه مردان شير يزدان، قوتِ پروردگار،
لا فتح الا علي لاسيف الا ذوالفقار.“
(انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد 5، 2012ع، ص: 453)
’ذوالفقار‘ ھڪ اھڙي تلوار ھئي، جنھن کي ٻہ ڌارون ھيون، جيڪا اصل ۾ جنگِ بدر ۾ پاڻ سڳورنﷺ کي مال غنيمت ۾ ملي. حضور سڳوؐري اھا تلوار، حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي بھادري ۽ جنگي صلاحتين جي انعام ۾ کين تحفي طور عطا ڪئي ھئي. جنگ خيبر ۾ حضرت محمدﷺ، حضرت علي ڪرم الله وجهہ کي اسلام جو جهنڊو ھٿ ۾ ڏئي ڇڏيو ھو، تنھن ڪري کين ’فاتح خيبر‘ بہ ڪوٺيو ويندو آھي. حضور سڳوؐرا کين، ابوالحسنؑ ۽ ابوتراب جي ڪُنيت سان بہ سڏيندا ھئا. خيبر جي فتح کان پوءِ، حضرت محمدﷺ جن حضرت علي ڪرم الله وجهہ، سندس گهرواريءَ ۽ پٽن کي بہ سڏيو ۽ آيت مبارڪه نازل ٿيڻ کان پوءِ، اللهتعاليٰ کي عرض ڪيو: ’يا الاھي جو شخص عليءَ سان محبت رکي ٿو، تون بہ ان سان محبت رک ۽ جيڪو عليءَ سان دشمني رکي، تون بہ ان سان دشمني رک.‘
حضرت علي ڪرم الله وجهہ شاعر بہ ھئا ۽ کين خطبي ڏيڻ تي بہ ڪافي دسترس حاصل ھئي. خطبن تي ٻڌل، سندن ڪتاب، ’نهج البلاغه‘ گهڻو مشھور آھي، جنھن جو سنڌي سميت ڪيترين ئي ٻولين ۾ ترجمو ٿي چڪو آھي ۽ پوري عالم ۾ ڪافي مشھوري ماڻي چڪو آھي.
حضرت علي ڪرم الله وجهہ کي خلافت لاءِ چوٿون خليفو چونڊيو ويو ھو، جيتوڻيڪ کين خلافت ڪرڻ جو ڪو خاص شوق ڪونہ ھو، ڇاڪاڻ تہ کين ڪيترائي ڀيرا خلافت ڏيڻ لاءِ چيو ويو، پر پاڻ اھو چئي انڪار ڪيائون تہ اھو بار منھنجي کڻڻ کان ڳرو آھي، پر جڏهن کين خلافت ڏني وئي تہ سندن خلافت جي ھن حڪم تہ، ’ڪوفي، بصري ۽ مصر مان آيل عرب واپس ھليا وڃن‘، عبدالله بن سبا ۽ سندس گروھ مخالفت ڪئي ۽ انهن سان ٻيا بہ شورشي ٻٽ ٿي بيٺا ۽ جڏهن کين حضرت طٰحيٰؓ ۽ حضرت زبيرؓ ڪوفي ۽ بصري وڃڻ جي لاءِ اھو چئي اجازت گهري تہ اسان ڪوفي ۽ بصري ۾ وڃي وکريل خيال وارن کي ھڪ جاءِ ڪنداسون، پوءِ بہ حضرت علي ڪرم الله وجهہ کي انهن ۾ شڪ ھو، تنھن ڪري کين مديني کان ٻاھر وڃڻ جي اجازت نہ ڏنائون، جو ھنن مشروط بيعت ڪئي ھئي.
حضرت علي ڪرم الله وجهہ کي خلافت جي پنجين سال شھادت نصيب ٿي. ان وقت سندن عمر 62 يا 63 سال ھئي. ڪوفي ۾ نماز فجر ادا ڪندي، عبدالرحمٰن بن ملجم ۽ سندس ساٿي شعيب بن بجره، حضرت علي ڪرم الله وجهہ تي حملو ڪيو، جنھن ۾ پاڻ شديد زخمي ٿي پيا ۽ ٽئين ڏينھن 21 رمضان 40ھ مطابق 661ع تي جام شھادت نوش ڪيائون. سندن خلافت جو ڪل عرصو چار سال نَو مھينا رهيو.
حضرت موسيٰ عليہ السلام
حضرت موسيٰؑ، الله تعاليٰ جو نبي ٿي گذريو آھي، جنھن تي الله تعاليٰ جو ڪتاب ’توريت‘ نازل ٿيو. سندس ولادت 1571 (ق.م.) ڌاري مصر جي قوم بني اسرائيل ۾ ٿي. سندس والد جو نالو، ’حضرت عمران‘ ۽ ماءُ جو نالو، ’يوڪابا‘ ھو. قرآن ۾ 130 جاين تي حضرت موسيٰؑ جو ذڪر ملي ٿو. رب سان ھمڪلام ٿيڻ ڪري کين ’ڪليم الله‘ بہ چيو ويندو ھو.
نجومين، فرعون کي ٻڌايو ھو تہ، بني اسرائيل ۾ ھڪ ٻار اھڙو پيدا ٿيندو، جيڪو وڏو ٿي سندس تختو اونڌو ڪندو. ان خوف کان فرعون، بني اسرائيل جي نون ڄاول ٻارن جو قتلام ڪرائيندو رهيو. حضرت موسيٰؑ ان قھري حڪم کان انهيءَ ڪري بچي ويو، جو سندس ماءُ سندس ڄمڻ کان ترت پوءِ کيس خدائي الھام تي صندوق ۾ وجهي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو ھو. اھا صندوق، الله تعاليٰ جي قدرت سان، فرعون جي زال آسيه کي ھٿ آئي، جنھن کيس پنھنجي ھنج ۾ ورتو ۽ پُٽ ڪري شاھي طريقي سان پالنا ڪئي.
جڏهن حضرت موسيٰؑ وڏو ٿيو ۽ بني اسرائيل تي ٿيندڙ فرعون جي ڏاڍ جو احوال معلوم ٿيس تہ پاڻ ھنن جي وس آھر مدد ڪيائين. ھڪ ڏينھن ڪنھن اسرائيلي شخص جي ڪري، ھڪ مصري جي موت جو واقعو پيش آيو، جنھن جو الزام حضرت موسيٰؑ تي آيو، تہ پاڻ فرعون جي ظلم ۽ ڏاڍ جي ڊپ کان مصر ڇڏي، مديان واري علائقي ۾ اچي رهيو ۽ مديان ۾ حضرت شعيبؑ جون ٻڪريون چارڻ لڳو.
سندس اخلاق ڏسي حضرت شعيبؑ کيس پنھنجي نياڻي پرڻائي ڏني. پاڻ 10 سال مديان ۾ رهيو ۽ پوءِ موڪلائي مصر روانو ٿيو. ان رات تمام گهڻي ٿڌ ھئي ۽ پارو پئي پيو تہ حضرت موسيٰؑ جي نظر ٻرندڙ وڻ تي پئي، پاڻ باھ کڻڻ لاءِ وڌيا تہ وڻ پٺتي ھٽڻ لڳو، پوءِ کين الھامي آواز ٻڌڻ ۾ آيو ۽ ان آواز پٺيان لڳي ’ڪوھ طور‘ تي پھتو، جتي کيس نبوت جو درجو ۽ معجزا عطا ٿيا ۽ کيس حڪم ٿيوتہ خدائيءَ جي دعويٰ ڪندڙ فرعون کي ھدايت ڪري، حق جي راھ تي آڻي.
حضرت موسيٰؑ مصر آيو ۽ فرعون جي ڄم واري ڏينھن تي پاڻ عصا (لٺ جو نانگ ٿي وڃڻ) ۽ يد بيضا (هٿ جو چمڪڻ) وارا معجزا ڏيکاري، کيس خدائي حڪم ٻڌايا، جنھن تي بني اسرائيل کان سواءِ، ڪيترن ئي مصرين بہ ايمان آندو. پر فرعون پنھنجي خدائيءَ واري دعويٰ تي قائم رهيو. مصرين تي ڪيترائي خدائي عذاب نازل ٿيا ھئا، پر ان ھوندي بہ ھنن مان ڪن ايمان نہ آندو. ھڪ رات حضرت موسيٰؑ، پنھنجي قوم کي مصر کان وٺي ٻاھر نڪتو تہ فرعون 70 ھزار گهوڙي سوارن سان گڏ، سندن پٺيان نڪتو، جڏهن درياھ نيل وٽ پھتا تہ حضرت موسيٰؑ عصّا درياھ ۾ اڇلائي تہ وچ درياھ ۾ رستو ٺھي پيو. حضرت موسيٰؑ پنھنجي قوم وٺي، درياھ ۾ لھي پيو. حضرت موسيٰؑ عصّا کنئي تہ درياھ جو رستو ختم ٿي ويو ۽ فرعون جيڪو وچ درياھ تائين پھتو ھو، پنھنجي ساٿارين سوڌو نيل نديءَ ۾ ٻُڏي ويو، اھڙيءَ ريت، بني اسرائيل کي فرعون جي عذاب کان ڇوٽڪارو مليو. حضرت موسيٰؑ تي ڪوھ طور جبل تي ’توريت‘ نازل ٿيو ۽ 10 خدائي فرمان جاري ٿيا، جيڪي پاڻ اچي پنھنجي قوم کي ٻڌايائين. حضرت موسيٰؑ 130 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪيو.
شاھ لطيف، سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر آسا ۾ حضرت موسيٰؑ جي نيڪ سيرت ۽ اعليٰ ڪردار جو مثال ڏئي، بد سيرت ۽ شيطاني صفات ماڻهن جي نندا ڪئي آھي:
منھن تَہ موسيٰ جھڙو، عادَتَ ۾ اِبِليِسُ،
اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھ نَه ڇَڏِيين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 16، ص: 723)
منھن تَہ موسيٰ جھڙو، سِيرَتَ شَيطاني،
بازي بيٖرانِي، ڪَڍِي ڪوھ نہ ڇَڏيٖين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 17، ص: 724)
حضرت يوسفؑ
حضرت يوسفؑ، حضرت ابراھيمؑ جي وفات کان اٽڪل اڍائي سؤ سال پوءِ ڄائو. سندس پيءُ، حضرت يعقوبؑ ۽ ماءُ جو نالو، راحيل بنت لابان ھو.
حضرت يوسفؑ جو قرآن شريف ۾ ڪيترين ئي جاين تي ذڪر ملي ٿو. ’سورة یُوسُف‘ سندس نالي سان منسوب آھي، جنھن ۾ چوويھ ڀيرا سندس نالي جو ذڪر آيو آھي، ان کان سواءِ، سورت انعام ۾ چوراسي ڀيرا ۽ سورت ڪافر ۾ چوٽيھ ڀيرا، سندس نالو آيل آھي.
حضرت يوسفؑ کي بن يامين نالي ھڪ سڳو ۽ ڏھ ويڳا ڀائر ھئا. پاڻ ٻين ڀائرن کان وڌيڪ نيڪ سيرت ۽ سُهڻي صورت جا مالڪ ھئا، ان ڪري سندس پيءُ کيس وڌيڪ ڀائيندو ھو. ويڳا ڀائر ساڻس حسد ڪرڻ لڳا. ھڪ ڀيري ڀائر، سازش ڪري کيس گهمائڻ جي بھاني جهنگ وٺي ويا ۽ ويرانيءَ ۾ کيس ھڪ خالي کوھ ۾ اڇلائي ھليا ويا ۽ گهر اچي ھٿرادو ڪھاڻي ٺاھي، رت سان ڀريل قميص، حضرت يعقوبؑ کي ڏيکاريندي چيائون تہ، يوسف بگهڙن جو کاڄ ٿي ويو. پيءُ سندن سازش کي سمجهي ويو ۽ ماٺ ڪري صبر ڪيائين.
انهيءَ وقت ھڪ قافلو، مصر ڏانھن وڃي رهيو ھو. انهن مان ڪن پاڻي ڀرڻ لاءِ کوھ ۾ ڏول اڇلايو تہ، پاڻيءَ جي جاءِ تي حضرت يوسفؑ نڪري آيو، ايئن پاڻ ھڪڙي، مصري غلام جي ھٿ لڳا، جنھن کيس مصر جي بادشاھ، ’ريان‘ جي حڪومتي وزير، جيڪو ’عزيز مصر‘ جي نالي سان مشھور ھو، تنھن کي وڪرو ڪيو. جڏهن عزيز مصر، حضرت يوسفؑ کي گهر وٺي آيو تہ سندس گهرواري زُليخا، سندس سُهڻي صورت ڏسي مٿس موهجي پئي. زُليخا کيس ويجهو ڪرڻ لاءِ جتن ڪيا، حيلا ھلايا، پر حضرت يوسفؑ، پنھنجي پاڪدامنيءَ جي حفاظت ڪندي انڪار ڪيو. زليخا جي جڏهن ڪابہ حرفت بازي نہ ھلي تہ مٿس الزام مڙهيا ويا. جڏهن زليخا جي عشق جي خبر مصر ۾ پکڙجي وئي تہ مصر جي عزيز، ڳالهہ کي دٻائڻ لاءِ، حضرت يوسفؑ کي ستن سالن لاءِ بنا ڏوھ جي سزا ڏيندي، جيل اماڻيو. جيل ۾ حضرت يوسفؑ، پنھنجي تبليغ جو سلسلو شروع ڪيو، کين خدا جي طرفان خواب جي تعبير ٻڌائڻ واري نعمت عطا ٿي. جيل ۾ پڻ ڪيترن ئي قيدين کي خوابن جي تعبير ٻڌايائين.
ھڪ ڀيري عزيز مصر خواب ڏٺو، پر کيس ڪنھن بہ تعبير نہ ٻڌائي. جڏهن حضرت يوسفؑ کيس خواب جي تعبير ٻڌائي تہ فرعون کيس نہ رڳو جيل مان آزاد ڪيو، پر پنھنجو نائب وزير مقرر ڪيو. عزيز مصر جي مرڻ کان پوءِ، حضرت يوسفؑ مصر جو بادشاھ ٿيو. پاڻ ڪيترو ئي وقت مصر ۾ رهيو ۽ 110 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين، کين سندن وصيت موجب، فلسطين ۾ دفنايو ويو. سندس قبر فلسطين جي نابلس علائقي جي بلاطہ ڳوٺ ۾ آھي. ھيءَ قبر، ھڪ وڻ ھيٺان آھي، جنھن جو ذڪر توريت ۾ پڻ ملي ٿو.
شاھ لطيف جي سُر ڪيڏاري جي وائيءَ ۾، حضرت يوسفؑ ۽ بيبي زُليخا جو ذڪر موجود آھي، جنھن ۾ سندن نينھن جي ناتي جو بيان ملي ٿو:
زُليخَا مِصرِ کيڙي، يُوسُفُ ھُئا مَغِربِ ڪَاشَاني،
ھِي ڏُونھِين وَڃِي ٿِئَا خَاڪِ ۾ فَانِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 3، وائي، ص: 352)
(نوٽ: ھيءَ وائي ٻوليءَ جي حوالي سان شاھ لطيف جي نٿي لڳي، پر رسالي ۾ شامل ھئڻ ڪري، مثال طور ڏني وئي آھي.)
زُليخا
’زُليخا‘، مصر جي عزيز (عزيزِ مصر معنيٰ شاھي مُشير يعني وزير) جي گهر واري ھئي. حضرت يوسفؑ جڏهن غلام ٿي وٽن گهر آيو تہ زُليخا مٿس موهجي پئي ۽ حضرت يوسفؑ سان دل جو حال اوريائين ۽ پنھنجيءَ محبت جو اظھار ڪيائين، پر حضرت يوسفؑ سندس آڇيل محبت کان انڪار ڪيو تہ زُليخا کيس پاڻ ڏانھن راغب ڪرڻ لاءِ حرفتن جو ڄار وڇايو، پر ھوءَ ناڪام ٿي. پوءِ عاجزي ۽ انڪساريءَ سان کيس ريجهائڻ لاءِ حيلا ھلايائين ۽ جتن ڪيائين، جنھن جو بہ ڪو اثر حضرت يوسفؑ تي نہ پيو.
ٿوري ئي عرصي ۾ زُليخا جي عشق جو چرچو، مصر ۾ پکڙجي ويو. سندس مڙس، عزت بچائڻ خاطر، حضرت يوسفؑ کي بنا ڏوھ جي ستن سالن جي سزا ٻڌائي، جيل اُماڻي ڇڏيو.
زُليخا جيل ۾ بہ حضرت يوسفؑ کي نياپا ڪرايا تہ جي تون ضد تان لھي، منھنجي محبت جو اقرار قبول ڪرين تہ آءٌ توکي آزاد ڪرائي سگهان ٿي، پر حضرت يوسفؑ پنھنجي پاڪدامنيءَ وارين ڳالهين تي قائم رهيو. نيٺ عزيزِ مصر کي ھڪ خواب جي تعمير ٻڌائن تي، حضرت يوسفؑ کي جيل مان آزاد ڪري، کيس عزيز مصر جو نائب وزير مقرر ڪيو ويو. ھوڏانھن زُليخا، حضرت يوسفؑ جي جدائيءَ ۾ ملول ۽ بي چين رهڻ لڳي.
جڏهن مصر جي عزيز جي وفات ٿي تہ حضرت يوسفؑ مصر جو نئون عزيز مقرر ٿيو. بيبي زُليخا بي سھارا ٿي وئي ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ، حضرت يوسفؑ بيبي زُليخا سان شادي ڪئي.
بيبي زُليخا، عمر ۾ حضرت يوسفؑ کان وڏي ھئي. شاديءَ کان پوءِ، خدائي رحمت سان بيبي زُليخا ھڪ ڀيرو ٻيھر ساڳي جواني واري سونھن سوڀيا ماڻي. بيبي زُليخا کي حضرت يوسفؑ مان ٻہ پُٽ، افراھيم ۽ منشا ۽ ھڪ ڌيءَ رحمت پيدا ٿي.
شاديءَ کان پوءِ، بيبي زُليخا گهڻو وقت عبادت ۾ گذاريندي ھئي، جو حضرت يوسفؑ سان ٿيل مجازي عشق کيس حقيقت واري منزل جي راھ ڏيکاري ھئي.
شاھ لطيف جي رسالي جي سُر ڪيڏاري جي ھڪ وائيءَ جي ھڪ مصرع ۾ زُليخا جو ذڪر موجود آھي:
زُليخَا مِصرِ کيڙي، يُوسُفُ ھُئا مَغِربِ ڪَاشَاني،
ھِي ڏُونهِين وَڃِي ٿِئَا خَاڪِ ۾ فَانِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 3، وائي، ص: 352)
شيطان / ابليس / عزازيل
ابليس کي ’شيطان‘ ۽ ’عزازيل‘ بہ سڏيو ويندو آھي. قرآن شريف ۾، ’سورة البَقَرَة‘ ۾ ’ابليس‘ جو نالو، حضرت آدمؑ کي سجدي ڪرڻ جي نسبت سان نَو ڀيرا آيل آھي. ان کان سواءِ، ٻين سورتن ۾ پڻ ابليس جو تذڪرو ملي ٿو. قرآن شريف ۾ ڪن جاين تي کيس شيطان بہ سڏيو ويو آھي.
فتح الله صديقيءَ جي ’سنڌي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾، ’ابليس‘ جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي: ”هي عبراني ٻوليءَ جو لفظ آھي، ليڪن عرب اِھو لفظ ’بلس‘ مان اخذ ٿيل ٿا ڄاڻائين. جنھن جي معنيٰ آھي بي خبر، اڻ ڄاڻُ يا الله تعاليٰ جي رحمت کان مايوس يا نااُميد آھي. ھي لفظ اسم ذات آھي.“(صديقي، 2005ع، ص: 235)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ’جامع سنڌي لغات‘ موجب: ”اِبلِيس ج اِبليسَ (ابَالِسَہ) : ذُ صفت [عُ بَلَسَ = نا اُميد ٿيڻ] وڏي شيطان جو نالو، (جو پھريائين عبادت ڪري ملائڪن مقربن جي درجي کي پھتو پر پوءِ حضرت آدمؑ کي سجدي نہ ڪرڻ ڪري لعنتي ٿي بهشت مان تڙجي نڪتو) شيطان- شرير. لعنتي- تڙيل."(بلوچ، 1995ع، جلد 1، ص: 96)
قرآن شريف موجب، ابليس کي ملائڪن ۾ گهڻي عبادت جي ڪري اعليٰ مقام حاصل ھو، پر جڏهن الله تعاليٰ کيس حضرت آدمؑ کي سجدي ڪرڻ جو حڪم ڪيو تہ ھن حڪم جي نافرماني ڪئي، جنھن ڪري کيس شيطان ۽ الله تعاليٰ جو دشمن سڏيو ويو. حڪم نہ مڃڻ جي نتيجي ۾، الله تعاليٰ کيس بهشت مان تڙي ڇڏيو. اِھو ابليس ئي ھو، جنھن حضرت آدمؑ ۽ بيبي حواؑ کي برغلائي منع ٿيل ميوي کائڻ جي ترغيب ڏني ھئي، جنھن ڪري ابليس کي دنيا ۾ شر، فتني ۽ وڳوڙ جو سرچشمو سمجهيو وڃي ٿو. ابليس، الله تعاليٰ کان قيامت جي ڏينھن تائين موت جي مھلت گهري، جيڪا الله تعاليٰ قبول ڪئي. ان کان سواءِ، ھن کي انسانن کي برغلائڻ جي صلاحيت پڻ عطا ڪئي وئي، پر جيڪي نيڪ بندا ھوندا، سي ھن جي چوڻ ۾ ڪونہ ايندا. ابليس مختلف حيلن ۽ بھانن سان ماڻهن کي الله جي حڪمن کان ڦيرائيندو رهي ٿو ۽ قيامت تائين ڦيرائيندو رهندو. ڪيترن ئي عالمن جي راءِ آھي تہ ابليس جِنُ آھي، جڏهن تہ ڪيترن ئي وڏن عالمن ھن کي فرشتو سڏيو آھي. شاھ لطيف سُر يمن ڪلياڻ ۽ سُر آسا ۾ ابليس جو ذڪر ڪيو آھي.
شاھ لطيف، ھڪ پاسي ابليس جي خدا سان عشق جي انتھا ۽ اعليٰ مقام جو ذڪر ڪيو آھي تہ، ابليس، سر تي ملامت کنئي، پر خدا واحد جي ذات ۾ ڪنھن ٻئي کي شريڪ نہ ڪيو، پر مالڪ جي نافرمانيءَ ڪري شيطان ٿيو، تہ ٻئي پاسي شاھ لطيف، کيس فتنہ گير، ٻيائي رکندڙ ۽ خبيثُ سڏي، مٿس ملامت بہ ڪري ٿو:
عاشِقُ عَزازِيلُ، ٻيا مِڙَئي سَڌَڙِيا،
مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، لَعنتِي لالُ ٿِئو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 22، ص: 110)
منھن تَہ موسيٰ جِھَڙو، عادَتَ ۾ اِبِلِيسُ،
اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوھ نَه ڇَڏِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 16، ص: 723)
عزرائيل
اسلامي تاريخ جي حوالي سان چار فرشتا، حضرت جبرائيلؑ، حضرت ميڪائيلؑ، حضرت اسرافيلؑ۽ حضرت عزرائيلؑ مشھور آھن. عزرائيلؑ کي ’ملك الموت‘ بہ سڏيو ويندو آھي، جنھن جي ذمي، ساھ وارن جي روح کي قبض ڪرڻ جو ڪم رکيو ويو آھي.
قرآن شريف ۾، جبرائيلؑ ۽ ميڪائيلؑ جا نالا ملن ٿا، پر عزرائيلؑ جو نالو، ڪنھن بہ آيت يا سورت ۾ نٿو ملي. ”هن فرشتي جي شڪل ۽ صورت بابت، جيڪي روايتون اسان تائين پھتيون آھن، انهن موجب، اُن جي شڪل ڀوائتي ۽ ڊيڄاريندڙ آھي. ان جا چار ھزار پَر ۽ ستر ھزار پير آھن. چئن ئي طرفن کان منھن ۽ سڄي بدن تي اکيون اٿس.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1075)
سيد قاسم محمود، وڌيڪ لکي ٿو: ”عزرائيل فقط نبين ۽ نيڪ انسانن جا روح قبض ڪندو آھي، باقي سڀني جاندارن جا ساھ، سندس حڪم تي ٻيا فرشتا قبض ڪندا آھن.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1075)
شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ عزرائيل جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
اَچِي عزِرائِيلَ، سُتِي جاڳائِي سَسُئِي،
ٿِي دَوڙائي دَلِيلَ، تہ پُنهُونءَ ماڙهُو موڪَلِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 8، بيت 8، ص: 319)
قابيل
قابيل، حضرت آدمؑ جو وڏو پٽ ھو. ان زماني ۾ انساني آباديءَ جي واڌاري لاءِ بيبي حوا کي جاڙا ٻار ڄمندا ھئا، جن ۾ ھڪ ڌيءَ ۽ ھڪ پٽ ڄمندو ھو.
”حضرت آدمؑ جو دستور ھو تہ بي بي حوا مان ڄمندڙ جاڙي ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ جو نڪاح، ٻئي ڀيري ڄمندڙ ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ سان ڪندو ھو.“(رضوي، 2002ع، ص: 171 ۽ 172)
”قابيل سان گڏ، سندس ھڪ ڀيڻ، ’لبود‘ نالي ڄائي، تنھن کان پوءِ، ھابيل سان گڏ، ھن جي ڀيڻ ’اقليما‘ ڄائي. لبود سُهڻي ھئي ۽ اقليما ڪوجهي نہ سھي، پر ’لبود‘ جھڙي حَسين نہ ھئي. جيئن تہ حڪم ايئن ھو تہ پھرئين وياءَ واري ڇوڪري ٻئي وياءَ واري ڇوڪري سان شادي ڪري ۽ پھرئين وياءَ وارو ڇوڪرو، ٻئي وياءَ واري ڇوڪريءَ سان گڏجي. انهيءَ حساب سان، قابيل جي حصي ۾، ’اقليما‘ ٿي آئي، جيڪا شڪل ۾ اھڙي چڱي نہ ھئي، پر ان جي ابتڙ، ’هابيل‘ جي ڀاڱي ۾ ’لبود‘ آئي، جيڪا نھايت ئي حَسين ھئي. قابيل کان اھو برداشت نہ ٿي سگهيو، تنھن ڪري ھابيل سان جهيڙو ڪرڻ لڳو، تان جو نوبت قرباني ڪرڻ تائين پھتي.“(راھو، 1976ع، ص: 52)
حضرت آدمؑ فيصلو ڪيو تہ، ٻئي الله جي راھ ۾ قرباني ڪن، جنھن جي قرباني قبول پوندي، لبود، اُن جي نڪاح ۾ ايندي. قابيل زراعت ڪندو ھو. ٻنهي قرباني ڏني ۽ ھابيل جي قرباني قبول پئي، نتيجي ۾ قابيل ڏاڍو رنجيدہ ٿيو ۽ پنھنجي ڀاءُ جي رت سان، پنھنجا ھٿ رڱيائين، جيڪو ڪنھن انسان جو زمين تي پھريون قتل ھو. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾، قابيل جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
او قابِيلَ! اکين ۾ تِير تِکا توکي،
ساجَنَ اِنهين سُورَ جِي، ڪَلَ نہ آ ڪنھن کي،
مارين ٿو مُون کي، چاڙهي لوھ لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 6، بيت 5، ص: 116)
لعل محمد شاھ عرف للاڻي
سيد لعل محمد شاھ عرف ’للاڻي‘، سيد عبدالمومن عرف ’ممونءَ‘ جو فرزند ھو. سمن جي پوئين دؤر ۾، مٽياريءَ ۾ پيدا ٿيو. عبادت ۽ رياضت ڪري، ’سيد للاڻيءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس حسب نسب، امام موسيٰ ڪاظمؒ بن جعفر صادق سان ملي ٿو. پاڻ سھروردي طريقي جو سالڪ ھو. سندس عارفاڻي درجي بابت، مير علي شير قانع، ’تحفة الڪرام‘ ۾، ھڪ ھنڌ لکي ٿو: ”پنھنجي وقت ۾ خدائي فيض جي پالوٽ جي جاءِ، دائمي شھود جو سرچشمو ھو.“(قانع، 1989ع، ص: 441)
سيد للاڻيءَ کي سيد جلال شاھ ۽ شاھ عبدالڪريم نالي ٻہ پُٽ ٿيا، جيڪي پنھنجي وقت جا وڏا عابد، زاھد ۽ بزرگ ٿي گذريا آھن. سيد للاڻيءَ جو گذر سفر اڪثر لاڙ طرف ٿيندو ھو ۽ وفات پڻ اتي ئي ڪيائين. سيد للاڻي، شھاب الدين قريشيءَ جي مُقام ۾، شھاب الدين جي قدمن کان ڪجهہ وکون ڏکڻ پاسي مدفون آھي.
شاھ لطيف، بدين ۾ اچڻ وقت، سيد للاڻيءَ جي روضي تي اچي حاضري ڀريندو ھو، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف سُرڌناسريءَ ۾ ڪيو آھي:
وانءُ لَلاڻيءَ لوءِ، جِتِ وِلايَتَ وَٽَ ٿِيي،
معرفت مَڪانَ ۾، وَڻ ٽِڻ وائي ھوءِ،
ساٿيَڙي سَڀَڪنهِين پاندِ پِنئو ٿو پوءِ،
سيد پِيرُ سَندوءِ، مانَ پَسِي حال ھَٿُ کڻي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 4، ڇاپو ٻيو، ص: 431)
مروان بن الحڪم
مروان بن الحڪم جو جنم مڪي ۾ ٿيو. سندس واسطو بنو اميه جي ھڪ ننڍڙي قبيلي، ’بني عاص‘ سان ھو. مروان بابت، سمورا تاريخدان ھڪڙيءَ ڳالهہ تي متفق آھن تہ ھو سٺي ڪردار جو مالڪ نہ ھو.
حضرت عثمانؓ، مروان جو سوٽ ھو. جڏهن پاڻ گورنر مقرر ٿيو تہ مروان جي جلاوطني ختم ڪيائين ۽ پنھنجو ڪاتب ۽ خاص نائب مقرر ڪيائينس.
مروان، امير معاويهؓ جي دؤر ۾، مديني جو گورنر مقرر ٿيو. امير معاويهؓ جي وفات کان پوءِ، جڏهن يزيد خليفو مقرر ٿيو تہ مروان ان جي اطاعت قبول ڪئي.
”مقام جابيه تي بنو اُميه جي حامين جي ھڪ مشاورت ۾ مروان بن الحڪم کي خليفو بنائڻ تي اتفاق ٿيو ۽ خالد بن يزيد ۽ عمر بن سعيدالعاص کي اُن جو ولي عھد مقرر ڪرڻ تي اتفاق ٿيو.“(اسلامي انسائيڪلوپيڊيا، 1984ع، ص: 1351) مروان بن الحڪم کي رمضان 25ھ تي سندس گهر واريءَ، اُمِ خالد زھر ڏئي ماريو.
شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري ۾ مروان کي لعين سڏيو آھي، جنھن امامن کي ڪوفي ۾ سڏائي قتل ڪرايو ھو:
سُلطَانِي سُلطانُ، ڪَلَنگِيُون جَنِ ڪَپَارَ ۾،
ڪيڏو شَرَفُ قُرآنَ ۾، شاھَ تُنھِنجو شانُ،
ڪوٺي ڪربَلا ۾، مارِيائُون مِزمَانَ،
منھن ڪَاري مَرَوانَ، لَعنَتَ لِکِي لَعِينَ کي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 3، ص 354)
مولانا جلال الدين رومي
مولانا جلال الدين روميءَ جو اصل نالو، محمد ھو، پر ھُو جلال الدين جي لقب سان مشھور ٿيو. مولانا جلال الدين، تاريخ 6 ربيع الاول 604ھ/1207ع ۾ بلخ شھر ۾ ڄائو ھو، جيڪو سندس اباڻو وطن ھو. مولانا روميءَ جو والد، بھاءُالدين بلخي، وقت جو ڪامل صوفي درويش ھو. وٽس خلق جي تمام گهڻي اچ وڃ ۽ مڃتا ڏسي، وقت جي حڪومت کي ڪجهہ سياسي شڪ شُبها پيدا ٿيا ۽ کيس ڏيھ ڇڏڻ جو حڪم مليو. نتيجي ۾ شيخ بھاءُالدين بلخي ٽن سؤ خاص مريدن سميت، بلخ مان ھجرت ڪئي. ”ان وقت مولانا روميءَ جي عمر ڇھ ورهيه ھئي. شيخ بھاءُالدينؒ، سفر ڪندي، پنھنجي اٽالي سميت جڏهن نيشاپور ۾ پھتو، تڏهن فريدالدين عطار، سندس زيارت لاءِ آيو. مولانا روميؒ جي چمڪندڙ پيشاني ڏسي شيخ بھاءُالدينؒ کي عرض ڪيائين تہ، ’هن ننڍڙي املهہ ماڻڪ جي خبرداريءَ سان سنڀال ڪجو، انشاءَالله تعاليٰ ڏيھنِ جو ڏيئو ٿيندو.‘“ (شاھواڻي، 1999ع، ص: 15 ۽ 16)
مولانا روميءَ کي شروعاتي تعليم، سندس والد ڏني ھئي، پوءِ سندس پيءُ جو خاص مريد، محقق، مشھور عالم ۽ درويش، سيد برهان الدين سندس استاد مقرر ٿيو. والد جي وفات کان ھڪ سال پوءِ جلال الدين رومي حلب شھر جي ’جلاديه مدرسي‘ (ڊاڪٽر خليفي عبدالحڪيم، پنھنجي ڪتاب، ’تشبيهات رومي‘ ۾، مدرسي جو نالو، ’حلاويه‘ ڄاڻايو آھي) ۾ وڃي داخل ٿيو، جتي ھن تفسير، حديث، فقھ ۽ عربي زبان جي ٻين علمن ۾ مھارت حاصل ڪئي. ’مدرسه جلاديه‘ مان ’دستار فضيلت‘ حاصل ڪرڻ کان پوءِ، جلال الدين، قونيه ۾ وڃي رهيو، جيڪو اُن وقت مشرقي رومي سلطنت ۾ ھو (جيڪو ھاڻي ترڪيءَ ۾ آھي) . اتي ديني علمن جي تعليم جو مدرسو قائم ڪيائين، جتي پاڻ تعليم ڏيندو ھو، وعظ ڪندو ھو ۽ شرعي فتوائون ڏيندو ھو. مشرقي رومي سلطنت جي قونيه شھر ۾ رهڻ ڪري، مولانا روميءَ جي نالي سان مشھور ٿيو ھو. رومي، عالمانہ زندگي گذاريندو ھو ۽ صوفياڻي ’سماع‘ کان پرهيز ڪندو ھو.
ان وقت جو مشھور صوفي بزرگ، شمس تبريز، جيڪو سدائين سوداگرن جي لباس ۾ ملڪن جا ملڪ گهمندو رهندو ھو ۽ جنھن مسافرخاني ۾ رهندو ھو اُتي سماع ۽ فقيراڻين مجلسن ۾ مشغول رهندو ھو. جڏهن قونيه شھر ۾ پھتو تہ اتي بہ ھن پنھنجو سماع وارو شغل جاري رکيو. جڏهن اِھا خبر مولانا روميءَ کي پئي تہ پاڻ، عالماڻو لباس پائي، پنھنجا خاص شاگرد ساڻ ڪري، مسافر خاني ۾ شمس تبريز سان ملاقات ڪرڻ آيو ۽ ارادو ھئس تہ کيس غير شرعي ڪم ڇڏڻ لاءِ ھدايت ڪندو، ڇو تہ پاڻ قونيه شھر جو وڏي ۾ وڏو عالم ۽ فتويٰ جو صاحب ھو.
جڏهن مولانا رومي، شمس تبريز سان ملاقاتي ٿيو ۽ پاڻ ۾ ڳچ وقت تائين شريعت ۽ طريقت بابت، گفتگو ۽ سوال جواب ڪيائون تہ شمس تبريز جو مٿس اھڙو تہ روحاني اثر پيو، جو پاڻ عالماڻو لباس لاھي ڦٽو ڪيائين ۽ شمس تبريز سان گڏ، بيھي سماع ڪرڻ لڳو ۽ ساڻس گڏ، چلو ڪڍي مراقبي ۾ ويھي رهيو. ان کان پوءِ، مولانا روميءَ کان مدرسا ۽ واعظ ڇڏائجي ويا. سدائين عبادت، مراقبي ۽ سماع ۾ گذاريندو ھو. درويشن ۽ مريدن جون قطارون، ھر وقت سندس محفل ۽ مجلس ۾ حاضر رهنديون ھيون. ذڪر ۽ سماع جي مجلس متل رهندي ھئي. وقت جا حاڪم ۽ امير سندس زيارت لاءِ ايندا ھئا، جيڪي نذرانا ملندا ھئس، سڀ خيرات ڪري ڇڏيندو ھو.
مولانا روميءَ، اٺھٺ ورهين جي ڄمار ۾، 25 جمادي الثاني 672ھ/1274ع ۾، قونيه شھر ۾ وفات ڪئي، جتي سندس درگاھ اڄ تائين قائم آھي.
شاھ لطيف، روميءَ جي فڪر ۽ فلسفي کان گهڻو متاثر ھو، جو مثنوي رومي، ساڻس ھميشه گڏ ھوندي ھئي. ان باري ۾ ڊاڪٽر بلوچ ’شاھ جو رسالو‘ جي مقدمي ۾ لکي ٿو: ”مثنويءَ سان شاھ صاحب جي شغف جي ايتري تہ مشھوري ٿي، جو وقت جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي، مثنويءَ جو ھڪ خوشخط نسخو، شاھ صاحب ڏانھن تحفي طور موڪليو.“(بلوچ، 2009ع، مقدمو، ص: 16)
مثنويءَ جا اولڙا، شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ملن ٿا ۽ سُر يمن ڪلياڻ جي ڇھن بيتن ۾، مولانا روميءَ جو سنئون سڌو نالو پڻ کنيو آھي. نموني لاءِ ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
طالِبُ ڪَثَرَ سُونھن سَرُ، رُومِيءَ چيو آھي،
تاڙِي جي لاھي، تہ مَنجَهئيِن مُشاھِدو ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 12، ص: 108)
شاھ لطيف جا ڪيترائي بيت، مثنويءَ جي اثر ھيٺ چيل آھن يا اُن جو سار (تت) ۽ ترجمو بہ آھن.
ميران شاھ جيلاني (گيلاني) / سيد عبدالقادر جيلاني
سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي ولادت، ايران جي صوبي گيلان جي شھر، ’نيف‘ ۾ ٿي (عربيءَ ۾ جيئن تہ ’گ‘ جو حرف نہ آھي، ان ڪري عرب وارا ان کي ’جيلان‘ چون ٿا) . امام يعقوب حمويءَ جي روايت آھي تہ، سندس ولادت جو ھنڌ، ’بشتير‘ ھو. ڪن لکيو آھي تہ، خود شھر جو نالو، ’گيلان‘ ھو، جو ايران جي طبرستان (بلاد ويلم) ۾ ھو. ’بهجة الاسرار‘ جي مصنف لکيو آھي تہ، ”جيلان، ايران جي ھڪ ننڍي ڳوٺ جو نالو ھو، جو طبرستان جي ويجهو ھو. انهيءَ جيلان جي ھڪ حصّي ۾، سندس ولادت ٿي.“ ’بهجة القادريه‘ جي مصنف جو رايو آھي تہ، سندس ولادت، طبرستان جي ويجهي علائقي، ’جِيل‘ ۾ ٿي، انهيءَ ڪري جيلاني سڏيا وڃن ٿا.
سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي ولادت جي تاريخ تي اختلاف آھن. ڪن روايتن موجب، سندس ولادت پھرين رمضان المبارڪ 470ھ ۾ ٿي. ڪن روايتن موجب، ايڪويھين رمضان 471ھ تي تہ ڪن روايتن ۾ پھرين رمضان 471ھ ڄاڻايل آھي. سندس والد جو نالو، ابي صالح ھو، جيڪو ’جنگي دوست‘ جي لقب سان مشھور ھو.
سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي ڪُنيت، ’ابو محمد‘ ۽ لقب ’مُحي الدين‘ ھو. عوام ۾، سندس ھيٺيان لقب مشھور آھن: ’غوث اعظم محبوب سبحاني‘، ’قطب رباني‘، ’غوث حمداني‘، ’بادشاھ پير دستگير‘، ’يارهينءَ وارو پير‘، ’سلطان الاولياءَ‘ وغيره. سندس حسب نسب حَسني ۽ حُسيني آھي. سندس نسب جو سلسلو والد جي طرف کان يارهين پيڙهيءَ ۾ حضرت امام حَسنؑ سان ۽ والدہ جي طرف کان حضرت امام حُسينؑ سان ملي ٿو.
پاڻ ننڍپڻ کان ئي ذھين ھو ۽ کيس علم حاصل ڪرڻ جو ڏاڍو شوق ھو، سو ننڍيءَ عمر ۾ ئي قرآن شريف حفظ ڪري ورتائين. پاڻ اڃا جڏهن ڏهن سالن جو ھو تہ سندس پيءُ وفات ڪئي. پوءِ سندس پالنا ناني عبدالله الصومعيءَ ڪئي، جنھن کيس باطني فيض جي سکيا ڏني. ٿوري وقت کان پوءِ، سندس ناني بہ راھ رباني اختيار ڪئي. انهيءَ ڪري سارسنڀال جو سارو بار سندن امڙ تي پيو. جڏهن پاڻ ارڙهن سالن جو ٿيو تہ ملڪ کان ٻاھر وڃي، علم پرائڻ جو شوق جاڳيس. ان وقت ’مدرسه نظاميه‘، بغداد جو سڀ کان وڏو مدرسو ھو، جنھن ۾ دنيا جا وڏا عالم ۽ اُستاد ھئا. پاڻ انهن جي نگرانيءَ ھيٺ، مدرسي ۾ فقهه، حديث، تصوف، تفسير، ادب ۽ قرائت وغيرہ جي سکيا ورتائين.
پاڻ شاگرد تہ مدرسي نظاميه جو رهيو، پر فارغ وقت ۾، زماني جي ٻين مشھور عالمن کان بہ فيض پرايائين. علم جي تحصيل جي زماني ۾ سبق وٺي، جهنگن ۽ بيابانن ڏانھن نڪري ويندو ھو ۽ شھر جي بجاءِ اُتي رات گذاريندو ھو. مينھن، جُهڙ، طوفان، سردي ۽ گرميءَ کان بي نياز ٿي، اگهاڙين پيرين، رات جي اڪيلائي ۽ اونداھيءَ ۾ بيابانن ۾ گهمندو ڦرندو ھو. سندس مٿي تي ننڍو عمامو ۽ صوف (اُنَ) جو ھڪ جبو بدن تي ھوندو ھو. اھڙيءَ ريت پاڻ اٺن سالن جي عرصي ۾، 496ھ تائين، تيرهن علمن جي سکيا مڪمل ڪيائين. ان کان پوءِ، 25 سالن تائين دُنيوي ڳالهين کان قطع ڪري، خدا سان لونءَ لڳائي، رياضتن ۾ مشغول رهيو.
سيد عبدالقادر جيلانيءَ، چار شاديون ڪيون. انهن بيبين سڳورين جا نالا ھن ريت آھن: بيبي مدينہ بنت مير محمد، بيبي صادقہ بنت محمد شفيع، بيبي مومنہ ۽ بيبي محبوبه.
ڪن راوين جو چوڻ آھي تہ، انهن بيبين مان کيس ويھ پٽ ۽ اُڻٽيھ نياڻيون ڄايون، ڪن وري ستاويھ پٽ ڄاڻايا آھن تہ، ڪن وري ٻاويھ يا ارڙهن نياڻيون ڄاڻايون آھن، پر تاريخي ڪتابن ۾ ارڙهن جا نالا ڏنل آھن.
پاڻ، 521ھ ۾، درس ۽ تدريس، وعظ ۽ ھدايت جو سلسلو پنھنجيءَ طريقت جي مرشد، ابوسعيد مبارڪ جي مدرسي ۾ شروع ڪيائين. ٿوري ئي وقت ۾، سندس شھرت سڄي عراق، شام، عرب ۽ عجم ۾ پکڙجي وئي. ان کان سواءِ، صبح جو شاگردن کي تفسير، حديث، مذھب، اخلاقيات، ادب، صرف ۽ نحو جو درس ڏيندو ھو ۽ ٻپھريءَ جي نماز کان پوءِ، قرآن شريف جو ترجمو، توحيد ۽ قرآن حديث جا مسئلا بيان ڪندو ھو. پاڻ 528ھ ۾، ھڪ عاليشان مدرسو قائم ڪيائين، جيڪو ’مدرسه قادريءَ‘ جي نالي سان مشھور ٿيو، جتي ڏيھ توڙي پرڏيھ جا شاگرد علم پرائڻ ايندا ھئا.
سيد عبدالقادر جيلاني، بغدادي، ولين جو بہ ولي ھو ۽ اعليٰ پايي جو شاعر ۽ نثر نويس پڻ ھو. سندس ڪيتريون ئي تصنيفون ملن ٿيون، جن ۾ شريعت ۽ معرفت جون حقيقتون بيان ٿيل آھن. انهن تصنيفن ۾، غنية الطالبين، فتوح الغيب، فتح رباني، مڪتوبات محبوب سبحاني ۽ ديوان غوث اعظم شامل آھن. پاڻ سڄي زندگي، برائيءَ کي ميٽڻ ۽ اسلام جي تبليغ ڪندي گذاريائون. سيد عبدالقادر جيلانيءَ، 91 ورهين جي ڄمار ۾، سال 562ھ ۾ وفات ڪئي، سندس روضو مبارڪ بغداد ۾ آھي.
سيد عبدالقادر جيلانيءَ جي تبليغ جو سنڌ تي بہ گهرو اثر رهيو آھي. سنڌ جا ڪيترا صوفي بزرگ، سندس قادري سلسلي جا پوئلڳ رهيا، ان ڪري سنڌ جي صوفي شاعرن، پنھنجي طريقت جي مرشد جو ذڪر، پنھنجي ڪلام ۾ پڻ ڪيو آھي. جيئن تہ شاھ لطيف جو تعلق بہ طريقت جي قادري سلسلي سان ھو، ان ڪري شاھ لطيف، سُر ڌناسريءَ ۾ سندس ثنا ۾ ڪافي بيت چيا آھن ۽ کيس حسني، ھادي، بغدادي، سلطان، شيخ ۽ ميرانشاھ جي لقب سان مدد لاءِ پڪاريو آھي. نموني لاءِ ٻہ بيت ھيٺ ڏجن ٿا:
مِيران شاھ مدد ڪر، مُحي الدينَ مَلي،
آھيِين عبداللطيفَ جو، وسيلو وَلي،
ڪارڻِ حسنؑعَلي، ڪَرِ ڪَا مَاڙِ مُريدَ تي.
(مرزا، ممتاز، (1995ع) ، ’گنج‘ شاھ جو رسالو، ڇاپو پھريون، سُر ڌناسري، ص: 619)
ميران شاھَ مَددَ ٿِيءُ، دانھن سُڻِي دادِي،
آھيين عبداللطيفَ جو حَسَنِي تون ھادي،
بادشاھ بغدادي، ڪَرِ ڪا ماڙِ مُريدَ تي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 3، بيت 3، ص: 425)
نمرود
نمرود، 400 (ق.م.) ۾، حضرت ابراھيمؑ جي دؤر ۾، بابل (عراق) جو بادشاھ ھو. نمرود، تخت تي ويھندي ئي خدائيءَ جي دعويٰ ڪئي ۽ درٻار ۾ پاڻ کي سجدو ڪرائيندو ھو ۽ پاڻ بُتن جي پوڄا ڪندو ھو. ھٺ، ھوڏ ۽ تڪبر، سندس فطرت ۾ شامل ھئا. ھڪ ڀيري آسمان ۾، تير اڇلائيندي چيائين (معاذالله) جي ڪو خدا آھي، تہ اُھو اڄ ھن تير سان ختم ٿي ويندو. جڏهن سندس اُڇلايل تير واپس آيو تہ تير رت سان ڀريل ھو، اُھو تير کڻي پنھنجيءَ قوم کي ڏيکاريندي، فاتحانہ انداز ۾ چيائين تہ، مون ھن تير سان خدا کي ماري ڇڏيو آھي.
جڏهن حضرت ابراھيمؑ، نبوت جو اعلان ڪيو تہ ماڻهو حضرت ابراھيمؑ جي تبليغ کان متاثر ٿيڻ لڳا. نمرود کان اھو برداشت نہ ٿيو، سو باھ جو مچ تيار ڪرائي، اُن آڙاھ ۾ حضرت ابراھيمؑ کي اڇلايائين، پر رب جي حڪم سان حضرت ابراھيمؑ کي لھس بہ نہ آئي ۽ پاڻ سلامتيءَ سان باھ مان نڪري، خدا جي ھيڪڙائيءَ جي تبليغ ڪندو رهيو.
نمرود تي جڏهن خدائي عذاب نازل ٿيو تہ ھڪ مڇر، نڪ جي ذريعي سندس دماغ ۾ اندر گهِڙي ويو. چاليھ ڏينھن جي اذيت کان پوءِ، ھو مري ويو. شامي ڪئيلينڊر موجب، سندس وفات جولاءِ جي مھيني ۾ ٿي.
شاھ لطيف، سُر سُهڻيءَ جي ابيات متفرقہ جي ھڪ وائيءَ ۾، نمرودي ھَٺ، ھوڏ ۽ تڪبر جو ذڪر ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:
لَڙَڪيءَ لَنءُ نَه سُڃاتو، راندِ ڀايائِين راز کي.
اَنڌو اُلُوهِيَتَ کان، آھي اِيءُ اُمُاٿو،
صُباحَ سو نَه شُمارَ ۾، ليکِئان جو اَڄُ لاٿو،
پيَسِ ڪاڻِ ڪَريمَ سين، ٿِيُسِ نِمرُودِي ناتو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، ابيات متفرقه، وائي 4، ص: 276)
يزيد
يزيد بن معاويهؓ بن ابو سفيان بن حرب بن اُميه الاموي الدمشقي، قريش خاندان جي ’بنو اُميه‘ گهراڻي مان ھو ۽ ’خلافتامويه‘ جو ٻيو خليفو ھو. يزيد بن معاويهؓ،642ع ڌاري پيدا ٿيو، جڏهن حضرت عثمانؓ جي خلافت جو دؤر ھلي رهيو ھو. يزيد جي ماءُ جو نالو، ’ميسون‘ ھو، جيڪا شام جي ڪلبيا قبيلي جي عيسائي عورت ھئي.
امير معاويهؓ، حضرت امام حَسنؑ سان ڪيل معاھدي جي ڀڃڪڙي ڪندي، پنھنجي خلافت جي دؤر ۾ ئي، پنھنجي پُٽ يزيد کي خليفو مقرر ڪري، سندس لاءِ بيعت وٺڻ شروع ڪئي.
امير معاويهؓ جي وفات کان پوءِ، يزيد مديني جي حاڪم، وليد بن عتبہ کي پنھنجي بيعت وٺڻ لاءِ حڪم نامو جاري ڪيو. جڏهن وليد، يزيد جي حڪم تي بيعت وٺڻ شروع ڪئي تہ عبدالله بن عمرؓ ۽ ٻين ڪيترن ئي اصحابن، جن ۾ عبدالله بن زبيرؓ ۽ حضرت امام حُسينؑ شامل آھن، بيعت ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو ۽ يزيد جي خلافت کي ناجائز قرار ڏنو. تنھن کان پوءِ حالتن ڦيرو کاڌو ۽ ڪوفي ۾ بغاوت پکڙجي وئي، جنھن کي چٿڻ لاءِ يزيد، ڪوفي جي گورنر، نعمان کي عھدي تان لاھي، عبدالله بن زياد بن ابوسفيان کي ڪوفي جو گورنر مقرر ڪيو، جنھن مسلم بن عقيل ۽ سندس ننڍڙن شھزادن کي شھيد ڪرايو.
يزيد جي خلافت دؤران، محرم جي ڏينھن ۾ اسلامي تاريخ جو دردناڪ ’ڪربلا جو واقعو‘ پيش آيو، جنھن مسلمانن جي دلين کي ڌوڏي ڇڏيو ۽ اھي ڪيترن ئي ٽولن ۾ ورهائجي ويا. ان جنگ ۾، ڪربلا جي شھيدن جي بي حرمتي ڪئي وئي ۽ پاڪ بيبين سان پڻ سٺو ورتاءُ نہ ڪيو ويو.
يزيد، خلافت جي مسند تي ٽي سال (680-683ع) ويٺو، پر ان ٿوري وقت ۾ عوام کي خوش تہ نہ رکي سگهيو، پر ويتر کين رنجائي ڇڏيائين.
يزيد، 683ع ڌاري وفات ڪئي ۽ دمشق ۾ مدفون آھي. روايتن ۾ آھي تہ يزيد کي چوڏهن پٽ، پنج نياڻيون ۽ ٻہ زالون ھيون.
شاھ لطيف، سُر ڪيڏاري ۾ يزيد جو ذڪر ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:
جهيڙو لاھِ يَزِيدَ! عَلِيءَ جي اولادَ سين،
سا نَہ پَسَندِين عِيدَ، جا ھوندِي مِيرَ حُسينؑ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 4، بيت 2، ص: 669)