شاھ لطيف جي ڪلام کي اسين جڏهن پڙهندا آھيون، تہ اسان کي سندس ڪلام ۾ اھڙا ڪيترائي بيت ملندا، جن ۾ مصراعن جون مصراعون، يا ڪنھن بيت جي مصرع جو ھڪ پد سنڌي ٻوليءَ جي چوڻين يا پھاڪن طور ڪم اچڻ جي قابل ملنديون. پھاڪو معنيٰ ’پھ ڪيو‘، اھڙا ٻول جن ۾ سوچ ويچار ۽ صدين جا پھ ڪيل نڪتا بيان ٿيل ھجن ۽ ان جي لغوي معنيٰ ھڪڙي تہ حقيقي معنيٰ ٻي ھجي. چوڻيءَ مان مراد اھڙا ٻول، جنھن جي لغوي توڙي حقيقي معنيٰ ساڳي ھجي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انيڪ بيت، سٽون ۽ پد اھڙا آھن، جيڪي پھاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندا آھن. عام طور تي پڙهندڙ پھاڪي ۽ چوڻين ۾ ڪو فرق روا نہ رکندا آھن، جڏهن تہ انهن جي فني جوڙجڪ ۾ وڏو فرق آھي.
ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي پنھنجي ڪتاب ’سنڌي پھاڪا ۽ محاورا‘ ۾ انهن صنفن جي وصفن جي پيرائتي نموني وضاحت ھن ريت ڪئي آھي: ”سنڌيءَ ۾ ڪتب ايندڙ سڀني (لفظن ۽ فقرن جي) کي اسين ٻن قسمن ۾ ورهائي سگهون ٿا.
اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جي بيھڪ ۾ نہ ٻڌجي، ھڪ الڳ ايڪي يا جملي وانگر ڪتب اچي ٿو.
اھو مروج استعمال، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو بڻجي وڃي ٿو. ھر ھڪ قسم جي مروج استعمال کي معنيٰ جي لحاظ کان ٻن ڀاڱن ۾ ورهائي سگهجي ٿو.
الف: اھو مروج استعمال، جيڪو اکري معنيٰ نہ ڏيئي، ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي ڪا معنيٰ ڏئي.
ب: اھو مروج استعمال، جيڪو پنھنجي اکري معنيٰ ۾ ئي ڪتب اچي ٿو.
(جيٽلي، 1996ع، ص: 23 ۽ 24)
|
مروج استعمال (Formal Usage) |
|||
|
الڳ پورو جملو يا ايڪو |
جملي جو جُزو |
||
|
ٻي معنيٰ ڏيندڙ |
اکري معنيٰ ڏيندڙ |
ٻي معنيٰ ڏيندڙ |
اکري معنيٰ ڏيندڙ |
|
(پھاڪو) |
(چوڻي) |
(محاورو) |
(ورجيس) |
مٿئين چارٽ ۾ جيڪڏهن ڏٺو وڃي تہ ڊاڪٽر جيٽلي چئن صنفن يعني پھاڪي، چوڻي، محاوري ۽ ورجيس کي بنيادي طور تي مروج استعمال جي پھرين ٻن قسمن ۾ ورهايو آھي، جيڪا انهن جي فني ورهاست کي ظاھر ڪري ٿي سا ھيٺئين ريت آھي:
الڳ پورو جملو يا ايڪو
جملي جو جزو
اڳتي ھلي ڊاڪٽر جيٽلي انهن کي وڌيڪ ٻن قسمن ۾ ورهايو آھي، جيڪو ھيٺين ريت آھي:
ٻي معنيٰ ڏيندڙ:
پھاڪو
محاورو (اصطلاح)
اکري معنيٰ ڏيندڙ:
چوڻي
ورجيس
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ انيڪ بيت، سِٽون، پد اھڙا آھن، جيڪي پھاڪن ۽ چوڻين طور ڪتب ايندا آھن. ’پھاڪو‘ جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”پھاڪو ج پھاڪا ]سن. پٿ + ڪو[ ڏاھپ جو قول، ڪھاوت – مقولو – سياڻپ، دانائيءَ يا ڪنھن واقعي جو ٿورن لفظن ۾ اشارو (جو ڪنھن کي مثال طور ٻڌايو وڃي، جيئن ”ڪُتو بہ کاڌو، ڪُک بہ نہ ڀري“ وغيرہ). رستو – واٽ – نصيحت.“ (بلوچ، 2007ع، ص: 256)
’سائل ڪوش‘ لغت ۾ ’پھاڪو‘ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”پھاڪو. م. چوڻي، ڪھاوت، ننڍو پُر معنيٰ قول، ننڍو.“ (سائل، 2004ع، ص: 163) جڏهن تہ چوڻيءَ جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”چوڻي جمع چوڻيون ث – چوڻ جو طريقو – چوڻ جو نمونو، قولُ، چوڻ جي ڳالهہ، پھاڪو، مثال طور ڳالهہ، مثال سياڻن جو ٻول. (بلوچ، 2007ع، ص: 394)
آدِمين اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِيو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي، داستان ٽئين جي بيت چوٿين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
آدِمِيَنِ اِخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪِيو،
ھاڻِ کائي سَڀِڪو، ماڻهوءَ سَندو ماسُ،
دِلبَرَ! ھِنَ دُنِيا ۾، وَڃِي رَهَندو واسُ،
ٻِئي سَڀِ لوڪَ لِباسُ، ڪو ھِڪَدِلِ ھوندو ھيڪَڙو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 771)
ھن بيت جي پھرين سٽ جو مفھوم آھي تہ، دنيا جي لوڀ ۽ لالچ ھاڻ ماڻهن جي دلين مان سچائي ختم ڪري ڇڏي آھي. ھينئر وقت اھڙو آھي جو جھڙوڪر ماڻهو ھڪ ٻئي جو ماس کائي رهيا آھن.
ھن دنيا ۾ انسان کي انسان جو دشمن ڏسي ارمان ۽ افسوس ڪندي، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روھَ رَتِيوُن ٿِيين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ٽئين جي بيت 20 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ ھمت، جرئت، عزم ۽ حوصلي جي حوالي سان ھڪ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرَنِ وَرُ وَڏو ڪيو،
نِهارِيندِيَسِ نِڪَڻِي، بوتَنِ ڪارَڻِ بَرُ،
آڏو ٽَڪَرَ ٽَرُ، مَتان روهَه رَتيُون ٿِيين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 389)
شاھ لطيف وٽ ڏاڍ کان ڏرڻ ۽ حالتن کان ھار کائي موٽڻ مهڻو آھي. مقصد جي منزل ماڻڻ لاءِ انسان ۾ ايڏي ھمت ۽ جرئت ھجي جو ھو ھر ڏکيائي ۽ مصيبت کي ختم ڪري سوڀارو ٿي سگهي. ھيءَ سٽ بنيادي انساني حقن جي آڏو ايندڙ طاقتن سان مُھاڏي اٽڪائڻ جي درس ڏيڻ مھل علامتي طور تي استعمال ڪئي ويندي آھي. بيت جي ھن سٽ ۾ انساني پھ ۽ ارادي جي پختائيءَ جو ڀرپور اظھار آھي.
آڻِينِ ڪِي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيھاڻِي سُومَرا!:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان ستين جي چوٿين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
آڻِينِ ڪِي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چٖي، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنب لَطِيفُ چي، چانئُر ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 4، ص: 584)
ھن بيت جي پھرين سٽ جو مفھوم آھي تہ، جيڪي روزانو محنت ۽ مزدوري ڪن ٿا، سي پنھنجو پيٽ مس پالين ٿا يعني ايتري ٿوري ڪمائي، جنھن مان گذران ڏکيو ٿئي ٿو ۽ ٻئي ڏينھن لاءِ ڪجهہ نہ ھوندو اٿن.
آئُون سِنڌِيائِي نَہ سَمُجهان، اُوءِ پارِسي پُڇَنِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان 13 جي بيت ٻئي جي ٻي سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
پييَمِ پَٺاڻَنِ سين، ٻولِي جي نَه ٻُجهن،
آئُون سِنڌِيائِي نَه سَمُجھان، اُوءِ پارِسي پُڇَنِ،
اَللهَ ڪيچَ ڌَڻِيَنِ، مُون سين پوي نَه مامِرو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، شاھ جي رسالي، جلد ٻئو، سُر ديسي، داستان تيرهون، بيت 2، ص: 213)
شاھ لطيف جي مٿئين بيت جي ھن سٽ ۾ سسئي چوي ٿي تہ، مان سنڌي ٻولي بہ نہ سمجھان، پر ھو (منھنجا ڏير) مون سان پارسي ٻوليءَ ۾ پيا ڳالهائين.
روزمره جي زندگيءَ ۾ ھيءَ سٽ عام طور تي ان وقت چئي ويندي آھي، جڏهن ڪو ماڻهو سولي ڳالهہ کي ڏکيو ڪري ڳالهائي يا پيش ڪري.
آئون طَعني سوڌِي تُنھِنجِي، تُون طعنُو ئِي مُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي، داستان ٽئين جي بيت 20 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا ڪنھن خاص مھل ۽ موقعي تي چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي:
آئُون طَعني سُوڌِي تنھنجي، تُون طَعنوئِي مُون،
سو ڪِين سَرِيوسُون، جو سَرَتِيون! ڪنھن نَه سَرِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 528)
اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنھن عورت کي ڪنھن سان تعلق تي ڪو مِهڻو يا طعنو ڏئي وجهي، تڏهن شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ ان جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي ۽ ھوءَ پنھنجي پرينءَ يا محبوب جي ڪري ملندڙ انهيءَ طعني کي اکين سان قبوليندي آھي تہ:
آئون طعني سوڌي تنھنجي، تون طعنو ئي مون.
يعني اي پرين! تنھنجي ڪري مليل اھو طعنو مون کي قبول آھي ۽ مان انهيءَ طعني سوڌي تنھنجي آھيان.
آيا، آسَ ٿيام، ٻاروچا ڀنڀورَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني جي داستان ڇھين جي بيت پھرئين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
آيا، آسَ ٿِيامِ، ٻاروچا ڀَنڀورَ ۾،
پَسِي پَھَرَ پُنهُونءَ جِي، نُنهَن سينءَ نيڻَ ٺَرِيام،
گوندَر وِسَرِيامِ، سُکَنِ شاخُون مُڪِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 455)
جيڪڏهن ڪنھن جو ڪو ويجهو مائٽ، عزيز يا دل گهريو دوست ڏُور ھوندو آھي ۽ جڏهن ھُو موٽي ماڳ ايندو آھي، تہ مٿئين بيت جي اھا پھرين سٽ چئي ويندي آھي، يا وري جڏهن ڪو دل گهريو اڱڻ پيھي ايندو آھي، تڏهن بہ شاھ لطيف جي بيت جي اِھا سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي.
اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو ڍَنگهر ڍلو مَ ٿِئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر جي داستان چوٿين جي بيت 46 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو ڍَنگهر ڍِلو مَ ٿِئٖي،
جنھن ڀَرِ ويھي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 46، ص:889)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ اوڏن جيڪي جهوپا اڏيا آھن، سي شل سلامت رهن. جڏهن ڪو غريب ۽ سماجي طور محروم شخص، وڏي جاکوڙ ۽ محنت سان ڪجهہ حاصل ڪري يا سماج ۾ پنھنجي حيثيت مڃائي وٺي، پر ڏُکيي وقت ۾ کائنس اھو سڀ ڪجهہ کسجڻ جو خطرو ھجي تہ اھڙي حالت ۾ اھو پاڻ يا ڪو ٻيو شخص سندس لاءِ اھو پھاڪو چوندو آھي.
اَسان تان نَہ سَري، تو ڪِيئَن سَرِي سُپِرِين؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان ستين جي بيت 12 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ان جي معنيٰ آھي تہ ’اسين تہ توکان سواءِ رهي نہ سگهياسين تون ڪيئن رهئين؟‘.
عاشِقَ! معشوقنِ جِي، وَٺِي ويهُه ڳَرِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِييٖن، سَندِي دوستَ دَرِي!
ڏيندا ٻُڪي ٻاجهه جِي، وِيندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَه سَرِي، تو ڪيئن سَري سُپِرِين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ستون، بيت 12، ص: 121)
ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور ان وقت استعمال ڪئي ويندي آھي، جڏهن ڪنھن جو دوست يا ويجهو عزيز ڏور ھوندو آھي يا رُسِي ويندو آھي تہ ان کي ڏوراپو ڏيندي اھا سٽ چوندو آھي.
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرِيَنِ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت 32 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. جنھن جو مفھوم آھي تہ پنھنجي محبوب جي قربت ۽ راضپو حاصل ڪرڻ کي اسين عبادت سمجهون ٿا.
مُلِھه مَهَنگو قَطَرو، سِڪَڻُ شَھادتَ،
اَسان عِبادَتَ، نَظَرُ نازُ پِرِيَنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 32، ص: 77)
اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سارنگ جي داستان پھرئين جي بيت 25 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
اَڱڻَ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونھن،
سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،
اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 25، ص:689)
ھن بيت ۾ مينھن وسڻ کان پوءِ، خوشحاليءَ وارين حالتن ۾ پنھنجي محبوب سان قرب ونڊڻ جو ذڪر آھي. ھي ھڪ دعائيه چوڻي آھي. ھيءَ چوڻي ان وقت چئي ويندي آھي جڏهن انسان پنھنجي پياري پرينءَ سان سڄي زندگي گڏ گذارڻ جي خواھش ۽ دعا ڪندو آھي.
اَڳِہ اَڳِرائِي جو ڪَريٖ، خطا سو کائٖي:
ھيءَ ’شاھ لطيف جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 20 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ڪنھن کي اڳرائي ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
ھُو چُونِئي، تون مَ چَؤُ، واتا وَرائٖي،
اَڳِہ اَڳَرائِي جو ڪريٖ، خطا سو کائٖي،
پاندَ ۾ پائٖي، وِئو ڪِينٖي وارو ڪِينَ ڪِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (61-1960ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 17، ص: 150)
اَڳٖي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان پھرئين جي بيت ڏهين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
اَڳٖي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀٖيرٖي ماٺِ ٿي،
پلاڻِيندٖي، پاڻَ ۾، ڪُڇِئو ڪِينَ ڪُٺَنِ،
ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پُڻِ ھُئِي ھُنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (61-1960ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 10، ص: 504)
ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجي ڏيرن ۽ اُٺن جي گڏيل ويساھ گهاتيءَ جو بيان ڪندي چوي ٿي تہ سندس ڏيرن جي سازشن سان جھڙوڪر اُٺ بہ شامل ھئا، جو جڏهن کين پرانهين پنڌ لاءِ پلاڻيو ٿي ويو تہ پھريون ڀيرو ائين ٿيو، جو اُٺ بہ ڪين رڙيا.
ڪيتريون اھڙيون حقيقتون ۽ عمل ٿيندا آھن، يا مصيبتون اچي ڪڙڪنديون آھن، جن جي اڳواٽ ڪا سُڌ نہ پوندي آھي، ڇو تہ سُڌ پوڻ سان تہ ماڻهو پاڻ سنڀالي وٺندو آھي، پر آگاھيءَ بنا ڪا مصيبت يا آفت اچي ڪڙڪندي آھي يا جڏهن ڪنھن سان ناانصافي ۽ ظلم ٿيندو آھي تہ اھڙي حالت کي بيان ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف جي مٿين سٽ انساني اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي.
اڳٖي ايئن ھُياسِ، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَمِ ڪَپڙا، ھاڻي ايئن ٿِياسِ، جيئن جتَ نہ نِينِم پاڻَ سين:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر حسيني داستان 12جو بيت 37 آھي، جيڪو پھاڪي طور استعمال ٿيندو آھي.
اَڳٖي ايئن ھُياسِ، جيئن پُنهُونءَ ڌوتَمِ ڪَپڙا،
ھاڻي ايئن ٿِياسِ، جيئن جتَ نہ نِينِم پاڻَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻارهون، بيت 37، ص: 491)
ھن بيت ۾ سسئي پنھنجي ڏيرن ۽ پُنهُونءَ کي ساٿ ڇڏي کيس اڪيلو ڪري وڃڻ تي چوي ٿي تہ اڳي تہ ڪنھن وقت منھنجي ڪاڻ پُنهُون ڌوٻي بڻجي ڪپڙا ٿي ڌوتا، پر ھاڻي پُنهُون ۽ سندس ڀائر مون کي پاڻ سان گڏ وٺي وڃڻ لاءِ بہ تيار نہ آھن. جڏهن ڏکيو وقت ايندو آھي تہ پنھنجا ويجها، مٽ مائٽ، يار دوست ۽ پرين پيارا بہ ساٿ ڇڏي ويندا آھن، تڏهن مٿيون بيت دل تي تري ايندو آھي ۽ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي.
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻڪَنِ موٽَ ٿِي، پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان چوٿين جو بيت 14 آھي، جيڪو سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آھي. ڪڏهن وري جدا جدا ھر ھڪ سٽ پھاڪي طور ڪتب آڻبي آھي. ھن بيت جي معنى آھي تہ دنيا ۾ ڪائو ڪچ (ڪوڙ) تہ اگهامجي پيو، پر ماڻڪَ (سچ) موٽايا ٿا وڃن. اھڙيءَ حالت ۾ سچ جھڙي اَملهه شيءَ کي آڇيندي سچي ماڻهوءَ کي لڄ ٿي اچي.
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 14، ص: 176)
استعمال جي ڪيفيت: شاھ لطيف جي چيل ھن بيت جو مڪمل يا جدا جدا سٽن جي صورت ۾ چوڻيءَ طور استعمال مختلف وقتن ۽ ڪيفيتن تي ٿيندو آھي. جھڙوڪ:
جڏهن سچ جي مقابلي ۾ ڪوڙ کي فتح حاصل ٿيندي ھجي.
جڏهن ڪنھن اصلي ۽ قيمتي شيءِ جي ڀيٽ ۾ نقلي شيءِ کي وڌيڪ اھميت ڏني ويندي ھجي.
جڏهن ڪنھن باصلاحيت ماڻهوءَ جي صلاحيتن کي نظرانداز ڪري ڪنھن نالائق کي سفارش يا رشوت جي بنياد تي مانَ ۽ مرتبو ڏنو وڃي، تہ اھڙي ماحول ۾ پنھنجي سچ کي عيان ڪندي بہ لڄي ٿئي.
اَڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَہ پَسان جُوءِ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ جي داستان پنجين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
اڱَڻَ اُھيئِي، جَتَ نَه پَسان جُوءِ ۾،
اوطاقُون اُٺَنِ ري، سُڃِيُون سَڀيئي،
اکڙِيُون روئِي، ماڳَ نِهاري موٽِيُون.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، شاھ جي رسالي، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 11، ص: 154)
ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجو پاڻ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿي تہ، گهرن جا اڱڻ تہ اھيئي ساڳيا آھن، پر جَتَ (پُنهُون ۽ ان جا ڀائر) جُوءِ ۾ ڪونھن، يعني ماڳ مڪان تہ اھي ساڳيا آھن، پر اھي دل گهريا انسان نہ رهيا آھن.
جڏهن ڪنھن جا پرين پيارا يا مِٽ مائٽ پرديس ھليا ويندا آھن، يا لاڏاڻو ڪري ويندا آھن، تڏهن شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ سندن اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي.
اَلا! اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿِيئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ٽئين جي بيت پنجين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌ ۾ چوڻي يا ڀليڪار ۽ آجيان لاءِ استعمال ٿيندي آھي:
اَلا! اَچَنِ اُوءِ، جَنِ آئي مَنُ سَرَهو ٿِيئي،
پسان مانَ پَرِ ڪنهين، جَتَنِ سَندِي جُوءِ،
لنگهي لَڪَ، لَطِيفُ چئي، سُڻِيان ھوتَنِ ھُوءِ،
گولِي ٿِيان گُلبُوءِ، جي سُڃاڻان ساٿَ ڌَڻِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 5، ص: 385)
ھن سٽ جو مفھوم بلڪل واضح آھي ۽ اُن ۾ اھا دعا ڪيل آھي تہ اي الله! اسان جي اڱڻ تي شل اھي ئي ھلي اچن، جن جي اچڻ سان دل خوش ٿئي. اڄ ڪله شاديءَ جي دعوت نامن، مختلف ڪاڄن لاءِ ڏنل دعوت نامن مٿان اڪثر ڪري ھيءَ سٽ لکيل ھوندي آھي.
اَلا! ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر، داستان ٻئي جي بيت ڇھين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور ڪتب ايندي آھي.
اَلا! ڏاھِي مَ ٿِيان، ڏاھِيُون ڏُک ڏِسَنِ،
مُون سين مُون پِرِيَن، ڀورائِيءَ ۾ ڀالَ ڪِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 503)
شاھ لطيف، ليلا جي چالاڪيءَ کي ننديندي کانئس ھي بيت چورايو آھي. جيڪي ماڻهو ڏاھا ھوندا آھن، اھي ڪوبہ عمل سوچي سمجهي ڪندا آھن، پر جيڪڏهن ھو نتيجن کان بي پرواھ ٿي ڪو اھڙو عمل ڪري ويهندا آھن، جنھن سان فائدي بدران نقصان پَلئه پوي، تڏهن اھا چوڻي ڪتب ايندي آھي. ليلا ظاھري چمڪ دمڪ تي موهجي پنھنجيءَ پَرَ ۾ چالاڪي ڪئي، پر اھا کيس ڳچيءَ ۾ پئي. ان جو پڇتاءُ ھن سٽ ۾ پڌرو آھي.
الا! جُنگَ جِيئَنِ، جنِين اَجهي گهاريان:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بلاول جي داستان ٽئين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
اَلا! جُنگَ جِيئَنِ، جنِين اَجهي گهارِيان،
شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئان پيءَ پيئَنِ،
مَرڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺٖي مُون ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُربلاول، داستان ٽيون، بيت 11، ص:904)
ھن بيت ۾ سخي مڙسن جي وڏي زندگي لاءِ دعا ڪئي ويئي آھي. ھيءَ چوڻي ڪنھن سخي، مٿير مڙس يا راڄ جي چڱي مڙس جي ساراھ ۾ چئي ويندي آھي. سماج جي اھڙي ڪردار، جنھن جي فيض ۽ شفقت جي ڇانءَ سندس ھيٺيائين طبقي يا رعيت، اوڙي پاڙي ۽ ڳوٺ راڄ تي ھڪ جيان ڇانيل ھجي، تنھن جو ذڪر ڪندي ھيءَ چوڻي چئي ويندي آھي.
اَللهَ جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو،
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان ٻئي جي بيت 18 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي.
اَللهَ جيئن نالوءِ، تيئن مُون وَڏو آسَرو،
خالِقَ تنھنجي کاندِ جو، پَرو پاندُ نَه ڪوءِ،
نالو رَبّ سَندوءِ، رَهِيو آھِمِ رُوحَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، شاھ جي رسالي، سُر ڏهر، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 875)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، الله ۾ اُميد رکڻ جي ڳالهہ ڪئي آھي. دنيا ۾ ڪو بي سھارو يا بي پھچ انسان، پنھنجي لاءِ دعا گهرندو آھي تہ ھو الله کي ٻاڏائيندي چوندو آھي تہ، ’اي الله! جيتري تنھنجي ذات وڏي آھي، اوتري وڏي مهربانيءَ جي توکان اميد رکان ٿو.‘
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پنجين جي بيت 29 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ڪنھن کي نصيحت ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
اَکَرُ پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، شاھ جي رسالي، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 29، ص: 111)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف انسان کي تلقين ڪندي چوي ٿو تہ من کي صاف رکڻ سان مراد حاصل ٿيندي آھي ۽ ظاھري علم ان وقت تائين ڪنھن ڪم جو نہ آھي، جيستائين انسان پنھنجي اندر کي نٿو اجاري، ان ڪري پڙهڻ سان گڏ ڪڙهڻ ضروري آھي.
اَندَرِ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃيو اُنِ کي.
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان پھرئين جي بيت اٺين جي ٻي سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ مھل ۽ موقعي جي حوالي سان استعمال ٿيندي آھي.
ساڄَنَ ڪارَڻِ سُڃَ، مَرُ قَبُولِي سَسُئِي،
اَندَرِ جنِين اُڃَ، پاڻِي اُڃَيو اُنِ کِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 8، ص: 285)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، جن جي اندر ۾ اُڃ آھي، تن لاءِ خود پاڻيءَ کي بہ اُڃ آھي يعني سچي سڪ وارن لاءِ خود ساجن بہ سِڪي ٿو.
اَندَرُ جنِين اَڌَ، ڏُونگرَ سي ڏورِيندِيُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان چوٿين جي بيت پنجين جي ٻي سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
سُکَنِ وارِي سَڌَ، مَتان ڪا مُون سين ڪَري،
اَندَرُ جنِين اَڌَ، ڏُونگرَ سي ڏورِيندِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان چوٿون، بيت 5، ص: 298)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ جن کي ڪا لوري لڳل ھوندي ۽ جن کي دل ۾ تڙپ ۽ درد ھوندو، سي ئي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليفون سھندا. بنا مقصد جي ماڻهو ڏک ڏولاوا سھي نٿو سگهي. پھاڙن جا پنڌ اھي ڪندا، جن جي اڳيان ڪو وڏو مقصد ھوندو.
اَندَرِ وِهارِيين ڪانءُ، ٻَھرِ ٻولِي ھَنجَ جِي:
ھيءُ شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان ڇھين جي بيت 16 جي سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
اَندَرِ وِهارِيين ڪانءُ، ٻَھرِ ٻولِي ھَنجَ جِي،
اِھڙو ٺَلِهو ٿانءُ، ڀَڃِي ڀورا نَه ڪَرِيين.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر آسا، داستان ڇھون، بيت 16، ص: 351)
ھن دنيا ۾ اھڙا بہ ماڻهو آھن، جيڪي ظاھري طور تي تہ زبان جا مٺا ۽ مخلص يا سچا نظر ايندا آھن، پر اندر جا کوٽا ھوندا آھن. اھڙن ئي ماڻهن لاءِ ھيءَ سٽ پھاڪي طور چئي ويندي آھي.
عام طور تي ھن بيت جي صرف پھرين سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي، جيڪا ھن طرح بہ چئي ويندي آھي:
اَندَرِ ڪارو ڪانءُ، ٻَھرِ ٻولِي ھَنجَ جِي.
اَڻَ چُوندَنِ مَ چَئو، چُوندَنِ چَيو وِسارِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 23 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
اَڻَ-چُوَندن مَ چَئو، چُوَندِن چَيو وِسارِ،
اَٺَئِي پَھرَ اَدبَ سين، پَرِ اِھائِي پارِ،
پايو مُنھُن مُونَن ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
مُفتِي مَنجھه وِهارِ، تہ قاضيَ ڪانيارو نہ ٿِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 23، ص: 127)
ھن مصرع ۾ شاھ لطيف پاران اخلاقيات جو درس ڏنل آھي، جنھن ۾ اھا نصيحت ڪئي ويئي آھي تہ جيڪي توکي ڪجهہ بہ نٿا چون يا گهٽ وڌ نٿا ڳالهائن، تن کي تون ڪجهہ بہ نہ چئه يا گهٽ وڌ نہ ڳالهاءِ ۽ جيڪي توکي ڪجهہ چون بہ ٿا يا گهٽ وڌ ڳالهائن ٿا، انهن جو چيو وساري ڇڏ. انهيءَ حوالي سان روزمرہ جي زندگيءَ ۾ درگذر جو درس ڏيندي، نصيحت طور شاھ لطيف جي مٿئين بيت جي اِھا پھرين سِٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
اِيءُ دوسَنِ جو دَسِتُورُ، جيئن ڇِني ڇَڏِنِ ڪِينَ ڪي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي جي داستان ٽئين جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ڏاتَرَ مُون ڏيکارِيو، ھوتَنِ جو حُضُورُ،
پِرِينِ پَرِچَڻَ جو ڪِيو، موٽائي مَذِڪُورُ،
اِيءُ دوسَنِ جو دَسِتُورُ، جيئن ڇِنِي ڇَڏِنِ ڪِينَ ڪِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 9، ص:772)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ ھيءَ دوستن جي ريت آھي، جو ھو دوستيءَ کي ڏُکئي سُکئي، وقت ۾ قائم ۽ دائم رکندا آھن، جڏهن ڪو انسان ڏکئي وقت ۾ دوستن کان مدد وٺي ۽ پوءِ سندن ٿورا مڃيندي انهن جي ساراھ ڪري تہ اھا چوڻي ڪتب ايندي آھي.
اِيءُ ڪَمُ اِلاھي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گهڙي؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻي، داستان ڇھين جي بيت 13 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ڪارِي راتِ، ڪَچو گهڙو اوڻِٽيهين اُونداھِي،
چَنڊَ نالو ناھِه ڪو، دَرِياھَه دَڙَ لائِي،
ساھَڙَ ڪارَڻِ سُهڻِي، آڌِيءَ ٿٖي آئِي،
اِيءُ ڪَمَ اِلاھِي، ناتَ ڪُنَنِ ۾ ڪيرَ گهڙيٖ؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 13، ص: 251)
ھن بيت جي آخري سٽ ۾ شاھ لطيف، سهڻيءَ جو مثال ڏيئي سمجھايو آھي تہ، ھن جهان ۾ ھرڪم ڌڻي تعاليٰ جي امر سان ٿئي ٿو. سهڻيءَ جو ميھار سان ملاقات لاءِ درياھ پار ڪري وڃڻ ڌڻيءَ جي امر موجب ھو، نہ تہ جيڪر ڪير ھيئن ڪنن ۾ڪاھي پوي؟
اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مٽائِنِ سونَ تي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان ٽئين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
اِيءَ نَه مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،
اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَ ڪُرِيت،
پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَه مَٽِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 567)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، مارئيءَ کي پنھنجي روايتن جي پاسداري ڪندي، ان جي واتان اھي لفظ ٿو ادا ڪرائي تہ اسين غريب ڀلي ھجون، پر ڪنھن جي محلات ڏسي، پنھنجا ڪچا يا پکاوان گهر نہ ڇڏيندا آھيون. پراوا محل ڏسي، پنھنجا ڀونگا ڪونہ ڊاھبا، سيڻن يا وطن تي ڪا بہ سوديبازي نہ ٿيندي، اھو ئي پيغام ھن سٽ ۾ ڏنو ويو آھي.
انهيءَ حوالي سان اصولن تي سوديبازي نہ ڪرڻ جو درس ڏيندي، شاھ لطيف جي ھن بيت جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرِياڻِيءَ اُجارِيو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ٽئين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرياڻِيءَ اُجارِيو،
لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، ھاڙهي-ڌَڻِيءَ ھورُ،
ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهُون ڪِيائُون پورُ،
آيو سو اَتورُ، جنھن ڏُکِيُون ڏِکَ وِهارِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 445)
ھن سٽ ۾ سسئي چوي ٿي تہ، پھريان ڀنڀور ڄڻڪ ٻُسو ۽ خراب شھر ھو، پر آرياڻي (پُنهُونءَ) اچي ان کي اجاريو ۽ ان جي اچڻ سان ڀنڀور شھرجھڙوڪر اجرو ٿي پيو.
ھن بيت جي ھڪ ٻي معنيٰ بہ ڪئي ويندي آھي، اُھا اِھا تہ ھي جهان اڳ ۾ ڪيترين ئي براين ۾ ورتل ھو، پر نبي سڳوريﷺ جن جي آمد سان اھو اجري روشن ٿي پيو.
ٻانِهيُون ۽ ٻايُون، پَکٖي سُونھَنِ پانھنجي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سارنگ، داستان پھرئين جي بيت 26 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ دعائيه چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جو مفھوم آھي تہ، ڏيهه سکيو ستابو ھجي، ھر ڪو خوش ھجي، تہ پوءِ سانئڻيون ۽ سندن ٻانھيون يعني شاھوڪار توڙي غريب سڀ پنھنجن گهرن ۾ ڀلي پيا سونھن:
بَرَ وٺا، ٿَرَ وَٺا، وَٺِيُون تَرايُون،
پِرِهَه جو پَٽَنِ تٖي، ڪَنِ وِلوڙا وايُون،
مَکَڻَ ڀَرِين ھَٿَڙا، سنگهارِيُون، سايُون،
ساري ڏُهَنِ سامُهِيُون، ٻولايُون، رايُون،
ٻانِھِيون ۽ ٻايُون، پَکٖي سُونھن پانهنجي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 26، ص: 689)
ٻُڏندي ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجهنِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان اٺين جي بيت پھرين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ٻُڏنديٖ ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجھنِ،
پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چيٖ، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،
توڻٖي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَھ ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان اٺون، بيت 1، ص:259)
ھن بيت ۾ درياءُ جي ڪنڌيءَ تي موريل ٻُوڙن جي تمثيل ۾ وفاداريءَ جي ڳالهہ ڪيل آھي. ھن پھاڪي جو مطلب آھي تہ ڏُکي وقت ۾ مدد لاءِ ڪنھن وفادار دوست جي چونڊ ڪرڻ داناءُ ماڻهوءَ جو ڪم آھي. جڏهن ڪنھن انسان تي ڏکيو دؤر اچي ۽ اھو پنھنجي دوستن مان، ڪنھن اھڙي ماڻهوءَ ڏانھن ھٿ وڌائي، جيڪو ساڻس نڀائيندي، کيس اونهي ڪُن مان ڪڍي يا وري پاڻ کي بہ جوکم ۾ وجهي، تہ اھڙي ماڻهوءَ جي حڪمت ڀريي فيصلي ۽ درست چونڊ کي بيان ڪرڻ لاءِ اھو پھاڪو چيو ويندو آھي.
ٻِنِ تراڙِنِ جاءِ، ڪا آھي ھيڪَ مِياڻِ ۾؟
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 22 جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ڪِينَ مائِيندا مَنَ ۾، خودِي ۽ خُدا،
ٻِنِ تراڙِنِ جاءِ، ڪا آھي ھيڪَ مِياڻِ ۾؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 22 ص:127)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف تصوف جي اھم نڪتي ’خودي‘ کي بيان ڪيو آھي. سندس چوڻ موجب، خوديءَ کي وڃائڻ سان ئي، خدا ملندو آھي، ھي ٻئي ھڪڙي دل ۾ سمائجي نہ سگهندا آھن.
شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ، پھاڪي طور تڏهن ڪتب ايندي آھي، جڏهن ڪو ماڻهو ڪنھن مسئلي يا مامري تي چٽو موقف رکڻ بدران متضاد ڳالهہ ڪري، يا ٻن متضاد شين کي پاڻ ۾ گڏائڻ جي ڪوشش ڪري.
ٻِئو سَڀُ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِل ھُوندو ھيڪَڙو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي جي داستان چوٿين جي بيت ٻئي جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
آدِمِينِ اخلاصُ، مَٽائي ماٺو ڪَيو
ڪَونَه کائي ڪَڏِهِينِ سَندو ماڻهوءِ ماسُ
دِلِبَرَ ھِنَ دُنيا ۾ وَڃي رَهندو واسُ
ٻِئو سَڀُ لوڪُ لِباسُ، ڪو ھِڪدِل ھُوندو ھيڪَڙو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو، داستان چوٿون، بيت 2، ص: 96)
انسانن ۾ گهڻائي اھڙن جي آھي، جن جو فقط ظاھري ڏيک ويک وڻندڙ ۽ زبان مٺي ھوندي آھي، پر منجهن سچي دل رکڻ وارا ايڪڙ ٻيڪڙ ئي ھوندا آھن. جڏهن ڪو انسان پنھنجي دوستن جي گهڻائيءَ ۾ ڪنھن ھڪڙي دوست جي وفاداري ۽ سچائيءَ جو ذڪر ڪري، ڪن دوستن کي مھل تي ڪم نہ اچڻ جي ڪري ميار ڏئي يا زماني ۾ موقعي پرستي ۽ بي وفائيءَ جي وڌندڙ رحجان کي بيان ڪري تہ اُن وقت اھا چوڻي ڪتب آندي ويندي آھي.
ڀَڳو ئي تُون ڀيرَ، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪاپائتي، داستان پھرئين جي بيت 13 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ڀَڳو ئي تُون ڀيرَ، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،
بُرِيَ بيڪارِيءَ سين، ھارِي! پاڻُ مَ ھيرُ،
ڪَتُ ڪِتَندِي ڪيرُ، نَنهن سيئن نِيزارِي ڪَري؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 13، ص: 831)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، ڪاپائتيءَ جو مثال ڏيئي وقت جو قدر ڪرڻ ۽ وقت زيان نہ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. شاھ لطيف، چرخو ڪتيندڙ ڪاپائتيءَ کي مخاطب ٿيندي چوي ٿو تہ، تون پراڻو يا ڀڳل ٽٽل چرخو ئي ھلاءِ، جيستائين ڳاڙهو يا سھڻو يعني نئون چرخو ٺھي راس ٿئي. نئين چرخي ٺھڻ تائين پراڻي چرخي مان ھٿ ڪڍي، ويھي پنھنجو وقت نہ وڃاءِ.
ھيءَ سٽ عام طور تي ھن طرح بہ چئي ويندي آھي:
تيسين ڀڳي سان ئي ڀير، جيسين رتو راس ٿئي.
ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانھنجي:
شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات، داستان پھرئين جي بيت پھرين جي پھرين سٽ آھي. ھيءَ سِٽَ سنڌي ٻوليءَ ۾ پنھنجي محبوب، پرينءَ، سڄڻ، دوست يا ڪنھن نيڪ سيرت انسان جي اعليٰ ڳڻن، چڱاين ۽ ڀلاين جي ساراھ ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي:
ڀَلا ئِي آھِينِ، پِرِين ڀَلائِيءَ پانهنجي،
سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نہ ڏِينِ،
مان ڏي مَدِيُون ٿِينِ، سَڄَڻَ سَڄايِنِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 1، ص: 131)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف محبوب جي اخلاقي حُسن کي ساراھيندي چوي ٿو تہ، پرين پنھنجين ڀلاين ۽ مهربانين جي ڪري سراپا (سمورا) ڀلائي آھن. اھي ٻاجهہ ڀريا ڪڏهن بہ منھن مقابل ٿي ڏوراپو نٿا ڏين. منھنجي طرف برايون ئي آھن، پر سڄڻ پاڻ ڀلاين سان ڀريل آھن.
ڀينَرُ! آئون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪيو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان پنجين جي بيت 18 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ڀينَرُ! آئُون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَه ڪيو،
ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جهڄڻُ ۽ جهورِي،
لَڳِي جَنِ لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 18، ص: 307)
ھن بيت جي پھرين سٽ ۾ سسئي پنھنجي ساھيڙين سان پنھنجي ڀورڙائپ ۽ سادگيءَ جي ڳالهہ ڪندي چوي ٿي تہ، اي ڀينر! آئون اھڙي اڻ ڄاڻ ھئس جو پُنهُونءَ سان سڱ جوڙڻ مھل خبر ئي ڪانہ پيم تہ ڪو مون سان ائين ٿيندو.
ھيءَ سٽ سماجي توڙي سياسي رشتا ڳنڍيندڙن جي ترجماني ڪندڙ آھي، جن سان ان ڳانڍاپي ۾ دوکو، دغا يا ويساھ گهاتي ٿيندي آھي.
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پنھنجو تُرَهو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان ڇھين ۾ شامل پھرئين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ پھاڪي طور ڪم آندي ويندي آھي.
تانگهي ۾ تاڻي، ٻَڌُ پَنهِنجو تُرَهو،
اونِهي ۾ آڻي، ڪونَه ڏِيندُءِ ڪو ٻِئو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سريراڳ، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 169)
جڏهن ڳالهائڻ ٻولھائڻ وقت سمجھاڻيءَ طور ڪنھن کي اھا نصيحت ڪبي آھي تہ اھو ڪي ڪجي جو آئي ويل ڪم اچي. انهيءَ مٿئين ساڳئي مقصد لاءِ منظوم نموني ۾ نصيحت ۽ ھدايت ڪرڻ لاءِ ھيءَ سٽ پھاڪي طور چئي ويندي آھي. جنھن جو مطلب پڻ ساڳيو آھي يعني انسان کي دور انديشيءَ کان ڪم وٺڻ گهرجي. ڏکئي وقت لاءِ اڳ ۾ ئي ڪو بندوبست ڪري ڇڏڻ گهرجي، ڇاڪاڻ تہ مصيبت جي مھل ٻيو ڪو بہ ڪنھن کي ڪم ڪونہ ايندو آھي.
تَتِيءَ ٿَڌِيءَڪاھِ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي، مَتان ٿئي اُونداھِ، پيرُ نہ لَھين پرينءَ جو:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ جي داستان ٻئي ۾ شامل بيت 18 آھي، جيڪو چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي. ڪڏهن فقط ان بيت جي پھرين سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي.
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاھ، ڪانھي ويلَ وِهَڻَ جِي،
مَتان ٿِئي اُونداھ، پيرُ نہ لَهين پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 442)
ھن چوڻيءَ ۾ اھو پيغام ڏنل آھي تہ انسان کي جيڪڏهن ڪا منزل ماڻڻي آھي يا ڪو مقصد حاصل ڪرڻو آھي تہ ھر قسم جي ڏکين سکين حالتن ۾ وقت سر ۽ لڳاتار محنت، شوق ۽ جذبي سان ڪم ڪرڻ گهرجي. وقت ۽ مھل گذري وڃڻ کان پوءِ پرينءَ تائين پھچڻ جا نشان وڃائجي ويندا.
تَڏهِ ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِه اَمرُ ڪَرِهو اُنِ کي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پھرئين جي بيت چوٿين جي ٽين سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي:
تون حبِيبُ، تُون طبيبُ، تُون دارُون کي دَردَنِ،
تُون ڏِيٖين، تون لاھِيٖين، ڏاتَرَ! کي ڏُکَندنِ،
تَڏهِ ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِه اَمرُ ڪَرِهو اُنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (61-1960ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 92)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ انسان جون ڪوششون ان وقت ساب ٿيون پون، جڏهن قدرت بہ ساٿ ڏئي ٿي يا مريض ڪيڏيون بہ دوائون وٺي، پر شفايابي فقط الله جي حڪم سان ٿيندي آھي.
تنھن عِشقَ کي شاباسِ، جنھن مُحَبتِي ميڙِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪارايل، داستان پھرئين جي بيت 22 جي آخري سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان اڪثر محفلن، مجلسن ۽ ميڙاڪن ۾ عام طور چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڪَؤنرَ پاڙُون پاتارِ ۾، ڀَؤنۡرُ ڀِريٖ آڪاسِ،
ٻِنِھِي سَندِي ڳالهِڙِي، رازِقَ آندِي راس،
تنھن عِشقَ کي شاباسِ، جنھن مُحَبتِي ميڙِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 22، ص: 852)
ھن بيت ۾ ڀؤنر جي ڪنول جي گل سان عشق جي انتھا ڏيکاريل آھي. ھڪ طرف ڪنول جو گل آھي، جنھن جون پاڙون پاتال ۾ آھن تہ ٻئي طرف ھوا ۾ اُڏامندڙ ڀؤنر آھي، جن کي عشق جي جذبي ۽ اُڪير پاڻ ۾ ملايوآ ھي.
شاھ لطيف چئي ٿو انهيءَ عشق کي آفرين ھجي، جيڪو نينھن وارن کي ھڪ ٻئي سان ملائي ٿو. ھيءَ چوڻي عشق جي ڇڪ کي نروار ڪرڻ يا ان جي ساراھ ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندي آھي.
تو جنِي جِي تاتِ، تن پڻ آھي تُنھِنجِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٽئين جي بيت 13 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور اڪثر ان وقت استعمال ڪئي ويندي آھي، جڏهن ڪنھن عاشق جي دل ۾ وسوسا پيدا ٿيندا آھن تہ جنھن جي سڪ مون کي ھر وقت ستائي ٿي، ڇا اھو بہ مون کي ياد ڪري ٿو يا نه؟ تڏهن ھو پنھنجي دل کي دلاسو ڏيڻ لاءِ شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ چوندو آھي تہ:
تو جنِي جِي تاتِ، تن پڻ آھي تُنھِنجِي،
فاذڪُرُوني اَذڪُر ڪُم، اِيءَ پَرُوڙِجِ باتِ،
ھَٿِ ڪاتِي ڳُڻُ واتِ، پُڇَڻُ پَرِ پِريَنِ جِي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلدپھريون، سُر ڪلياڻ، داستان ٽئو، بيت 13، ص: 23)
توڙي حُبّ نہ ھوءِ، تہ پھ ھوتَ! نہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي جي داستان پھرئين جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ڀَلِي ڪِيَئِي ڀَلا پِرين! ھينئن نہ مُناسِبُ ھوءِ،
لائي چِتُ چَرِيو ڪَري، پاڻ ڪَڍي وِيين پوءِ،
توڙي حُبّ نہ ھوءِ، تہ پھ ھوتَ! نہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان پھريون، بيت 9، ص:764)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ جيڪڏهن محبت برقرار نہ رهي تڏهن بہ ھڪدم قطع تعلق ڪرڻ مناسب ڪونهي. جڏهن ڪنھن انسان کان ان جو محبوب مُنھُن موڙي، مٽ مائٽ يا دوست وقتي ناراضگيءَ سبب ملڻ يا ڳالهائڻ کان نابري واري تہ پوءِ اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
تُون پارِسُ، آئُون لوھُ، جي سَڃِين تہ سونُ ٿِيان:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر پرڀاتيءَ جي داستان پھرئين جي بيت اٺين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
اُتِ ڪِيرت وارا ڪيتَرا، ڪيرت ڪَبو ڪوهُه،
جيڪِي بَندو ڪَمُ ڪَري، سو مِڙوئِي ڏوههُ،
تُون پارِسُ، آئُون لوھ ، جي سَڃِين تہ سونُ ٿِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرپرڀاتي، داستان پھريون، بيت اٺون، ص:859)
ھن سٽ ۾ رب کي پارس ۽ بندي کي لوھ سان تشبيھ ڏئي اھو چيو ويو آھي تہ تون پارس ۽ آئون لوھ آھيان، جيڪڏهن مون تي پنھنجي مهر واري نظر ڪرين تہ آئون لوھ مان ڦِري سون ٿيان.
تُون حَبِيبُ، تُون طبيبُ، تُون دردَ جي دوا:
شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پھرئين جي بيت پھرئين جي ھيءَ پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
اڪثر ڪري شاھ لطيف جو ھي سڄو ئي بيت چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏهن ڪو ماڻهو ڪنھن مرض يا بيماريءَ۾ مبتلا ٿيندو آھي تہ الله تعاليٰ جي آڏو مرض يا بيماريءَ کان ڇوٽڪاري لاءِ ليلائيندو آھي. ان حالت ۾ اھا سٽ پاڻمرادو زبان تي اچي ويندي آھي:
تُون حَبِيبُ تُون طبيبُ، تُون دردَ جي دوا،
جانِبَ منھنجي جِيءَ ۾، آزارَ جا اَنواع،
صاحبَ! ڏي شفا، مِيان! مَرِيضنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 85)
ٿورا نہ ٿورا، مون سين مارُوءَ جي ڪِئا، ڀَلائيءَ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيتَرا:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان ڇھين جو بيت 19 آھي، جيڪو پنھنجي مِٽن مائٽن، دوستن، سڄڻن ۽ عزيزن جي ڀلاين ۽ احسانن کي مڃڻ لاءِ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
ٿورا نہ ٿورا مون سين مارُوءَ جي ڪِئا
ڀَلائيءَ ڀيرا، ڳڻي ڳڻيان ڪيتَرا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 19، ص: 364)
شاھ لطيف جو ھيءُ بيت، (ڪڏهن سڄو تہ ڪڏهن فقط ان جي پھرين سٽ) ڀلائي يا احسان ڪرڻ واري کي شڪرگذاريءَ لاءِ چيو ويندو آھي. ڪنھن محفل، مجلس، گڏجاڻيءَ يا دعوت وغيرہ ۾ ڪَھِي آيل مِٽن مائٽن، سنگت ساٿ، سرتين ڀينرن جا ٿورا مڃيندي بہ عام طور انهن سٽن کي استعمال ڪيو ويندو آھي.
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪَڙو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪوهياري، داستان پنجين جي بيت ستين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
سُڃَ وَسَندِي تنِ کي، جوشَ جَلايا جي،
طالِبَ جي تَحقِيقَ جا، نينھن تنِي وَٽِ ني،
ٽيڏِي پَسي ٽي، ھُو تان آھي ھيڪَڙو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئون، سُر ڪوهياري، داستان پنجون، بيت 7، ص: 249)
پاندَ ۾ پائٖي، وِيو ڪِيني واري ڪِينَ ڪِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 17 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ ڪنھن کي ڪيني يا حسد ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ لاءِ نصيحت ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
ھُو چُونِئي، تون مَ چئو، واتان وَرائٖي،
اَڳِ اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائٖي،
پاندَ ۾ پائٖي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 17، ص: 126)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ ساڙ ڪرڻ وارو انسان ڪجهہ بہ حاصل نٿو ڪري سگهي. يعني ھو پنھنجي پلؤَ يا پاند ۾ ڪجهہ بہ وجهي کڻي نہ ٿو وڃي.
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان ٽئين جي بيت ڇھين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ھُئِي طالِبِ حَقّ جِي، توڏِي لاڪُون توڙ،
نہ مَلاحُ نہ مَڪُري، نَه ڪِين ٻَڌي نوڙ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙ، سُهڻِيءَ ليکي سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 6، ص:230)
بيت ۾، سهڻيءَ کي، حق جي طالب سڏيو ويو آھي، جيڪا ملاح ۽ مڪڙيءَ جھڙن وسيلن تي آڌارڻ بنا، عشق کي تُرهو بڻائي، منزل ماڻڻ لاءِ، نڪري ٿي ۽ درياءُ جي موج کي بہ گوڏي جيترو پاڻي سمجهي ٿي.
ھن پھاڪي جو مطلب آھي تہ سچن عاشقن جي لاءِ ڏکيا ۽ اڻانگا رستا بہ سڌا ۽ سنوان پَٽ بڻجيو پون. ھي پھاڪو عاشق جي ھمٿ ۽ حوصلي، عشق ۽ جنون جي ڪيفيت ۽ ماھيت بيان ڪرڻ لاءِ چيو ويندو آھي.
پاڻِيءَ مَٿي جُهوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان پھرئين جي بيت نائين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي. شاھ لطيف جي ڪلام ۾ آيل ھيءَ سٽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾ ٻن سٽن تي مشتمل بيت ۾ پڻ استعمال ڪيل آھي، شاھ لطيف جو اھو بيت ھن طرح آھي:
پاڻِيءَ مَٿي جُھوپَڙا، مُورِکَ اُڃَ مَرَنِ،
ساھان اوڏو سُپِرِين، لوچي تان نَه لَهَنِ،
دَمُ نہ سُڃاڻَنِ، دانھون ڪَنِ مُٺَنِ جيئن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 9، ص: 285)
مٿئين بيت جي ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ ھن دنيا ۾ ڪي اھڙا نادان ۽ مورک انسان بہ آھن، جيڪي پنھنجي اٻوجهائيءَ سبب، موجود اسباب کي سمجهي نہ سگهندا آھن، جو انهن کي استعمال ڪري مقصد حاصل ڪري سگهن. اھڙن ئي انسانن جي ناداني ۽ مورکائيءَ جو ذڪر ڪندي، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ پھاڪي طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
پُڄان جي نَہ پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَريان:
ھيءَ سٽ شاھ جي رسالي جي سر ديسي جي داستان اٺين جي بيت ستين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
پُڄان جي نَه پُڄان، وَڃَڻَ سين وَسُ ڪَريان،
سَڳَرَ ۾ سُڄان، تَھ رائي ۾ رَڙِي مُئِي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر ديسي، داستان اٺون، بيت 7، ص: 172)
ھن سٽ ۾ ارادي جي مضبوطي ۽ پنھنجي مقصد سان سچائيءَ جو پيغام ڏنو ويو آھي.
شاھ لطيف جي سورمي سسئي، عزم ۽ اٽل ارادي جو ھڪ اعلى مثال ھئي، جنھن پختو ارادو ڪيو ھو تہ ھوءَ ڪيچ پھچي يا نہ پھچي، پر ويندي ضرور، ڇاڪاڻ تہ وڃڻ ئي تہ سندس وس ۾ آھي.
اھڙن ئي نيڪ ۽ اعلى مقصد خاطر جدوجھد ڪندڙ ماڻهن جي زبان تي شاھ لطيف جي مٿئين بيت جي ھيءَ مصرع ھوندي آھي.
پُڄاڻان پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ڇھين جي بيت ستين جي آخري سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪِھَڙا پِرِين،
لَڏِئو لاڏوڻا ڪَرِئو، موٽِئو ڏيهَه وَڃَنِ،
پُڄاڻان پِريَنِ، ڪِجي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر ديسي، داستان ڇھون، بيت 7، ص: 160)
بيت جي ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجو پاڻ کي مخاطب ڪندي چوي ٿي تہ، پنھنجي پرينءَ جي وڃڻ کانپوءِ ڀنڀور کي ھميشه لاءِ الوداع ڪجي ۽ محبوب بِنا ھتي رهڻ اجايو آھي.
جن کان سندن محبوب رُسي يا وڇڙي ويندو آھي، اُھي پنھنجي محبوب بنا ھن دنيا جي آسائشن کي بيڪار سمجهندا آھن ۽ انهن آسائشن کان قطع تعلق ڪرڻ جي ڳالهہ ڪندي سندن من تي ھيءَ سٽ تري ايندي آھي.
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهن تَڏهن پِرِينءَ کي، ڏورِيندِيوُن ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ستين جو پھريون بيت آھي. ھيءُ بيت سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي.
پُڇَنِ سي پَسَنِ، جَڏهن تَڏهن پِرِينءَ کي،
ڏورِيندِيوُن ڏِسَنِ، اَڱَڻَ عَجِيبَنِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ستون، بيت 1، ص: 460)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف عمل جي ڳالهہ ڪندي چوي ٿو تہ، جيڪي انسان پنھنجي منزل يا مقصد لاءِ پڇائون ڪري ڄاڻ حاصل ڪن ٿا ۽ ان جي حاصلات لاءِ محنت، ڪوشش ۽ سعيو ڪن ٿا، سي ضرور ڪامياب ٿين ٿا. ڪڏهن ھي بيت سڄو تہ ڪڏهن ھڪ ھڪ سٽ ڌار پڻ چوڻيءَ طور ڪتب آڻبي آھي.
پِرتِ جنِ پُوري، تنِ رويو وِهامي راتڙِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پھرين جي بيت 19 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
سَگهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي، ٿا رُنڪَنِ رَنجُوري،
پيا آھِنِ پَٽَ ۾ مَٿنِ مامُورِي،
لڳِيَنِ لَنؤُ، لَطِيفُ چي، سدا جِي سُورِي،
پِرتِ جنِ پُورِي، تنِ رويو وِهامي راتڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 19، ص:88)
بيت ۾ شاھ لطيف چئي ٿو تہ تندرست ۽ چڱن ڀلن ماڻهن کي سُور جي سڌ ناھي، پر جيڪي محبت جا ماريل آھن، تن جون راتيون ڳڻتين ۽ ڳارن ۾ گذرنديون آھن. ڏينھن تہ شينهن آھي، پر رات جي اڪيلائيءَ ۾ کين محبوب جون يادگيريون ورائي ويهن ٿيون، نيڻن ننڊ وِههَ ٿئي ٿي ۽ پوءِ وٽن ھڪڙوئي رستو بچي ٿو تہ روئي دل جو بار ھلڪو ڪن.
جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جو ڪو مِٽ مائٽ، اولاد يا پرين پيارو، کانئس وڇڙي وڃي ۽ ھو کيس ساري ھنجون ھاري تہ پوءِ سندس حالت بيان ڪرڻ لاءِ اھا چوڻي چئي وڃي ٿي.
پِريان سندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٽئين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
پِريان سندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهٖي ڪَڙائي، چَکين جٖي چيٖٽ ڪَريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 80)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ محبوب پاران جيڪي ڪجهہ بہ ملندو آھي، اھو چُمي اکين تي رکڻ کپي. پرين تہ ننهن چوٽيءَ ڳڻ آھن. انهن کان اوڳڻ ٿي نٿو سگهي. انهن کان جيڪي بہ ملي، جيڪڏهن محبت سان قبول ڪجي تہ اھو سمورو مٺائيءَ مثل ھوندو آھي. ھتي بنيادي ڳالهہ اھا ڪئي وئي آھي تہ ڀلن کان سدائين ڀلائي سري سگهندي آھي.
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوشِ ڪَري وِئا خُوابَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي، داستان پھرئين جي بيت 11 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي.
پَرَوَسِ ٿِئَمِ پَرياڻَ، پِرِين وَسِ نَه پانهِنجي،
لَڳو ڪِينَ لَطِيفُ چئي، ڇَپَرُ ڇاتِيءَ ساڻُ،
پِرِين ڏيکاري پاڻُ، خُوش ڪَري وِئا خُوابَ ۾.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر برئو سنڌي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 391)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ، پرين اسان کي خواب ۾ پاڻ ڏيکاري راضي ڪري ويا. ھيءَ سٽ اھڙن عاشقن جي اندر جي ترجمان آھي، جن کي سدائين پنھنجي پرين کي ڏسڻ جي سڪ ۽ اُڪير ھوندي آھي.
پَڙِهيو ٿا پَڙهَنِ، ڪَڙهَنِ ڪِينَ قُلُوبَ ۾:
ھيءَ سٽ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجين جي بيت 27 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
پَڙِهيو ٿا پَڙَهَنِ، ڪَڙَهَنِ ڪينَ قُلُوبَ ۾،
پاڻان ڏوهَه چَڙَهَنِ، جِيَ وَرَقَ وَرائِنِ وِتَرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 27، ص: 111)
ھن بيت جي پھرين سٽ جو مفھوم آھي تہ، فقط مٿاڇرو پڙهڻ سان انسان عالم ڪونہ ٿي پوندو، جيستائين عملي طور ھنئين سان نہ ھنڊائي. جن ماڻهن جو رڳو پڙهڻ تي زور ھوندو آھي، پر دل سان ذرو بہ نہ ھنڊائيندا آھن ۽ نہ ئي وري چڱين ڳالھين تي عمل ڪندا آھن، تن لاءِ اھا سِٽ چئي ويندي آھي.
پِئو جو پاتارِ، سو ڪِيئَن پُسَڻان پالهو رَهي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان ستين جي بيت ٽئين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
پِئو جو پاتارِ، سو ڪِيئَن پُسَڻان پالھو رَهي،
سالِڪَ مُون سيکارِ، ڪو پہ اِنهِينءَ پاندَ جو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر آسا، داستان ستون، بيت 3، ص: 353)
معنيٰ/مفھوم: ھيءَ دنيا حرص ۽ ھوس ۽ نفساني خواھشن جوهڪ ڪُن آھي، جنھن مان پنھنجو پاڻ پُسائڻ کانسواءِ صحيح سلامت نڪري اچڻ ڏاڍو ڏکيو آھي. انهيءَ حوالي سان بندو، سالڪ (الله لوڪ انسان) کي مخاطب ڪندي چوي ٿو تہ، جيڪو انسان ھن دنيا جي نفساني خواھشن جي اونهي ڪُنَ جي تري ۾ پيو، سو پُسڻ کان ڪيئن آجو رهي سگهندو؟ ان ڪري ھو اھڙي ڏاھپ سيکارڻ جي لاءِ عرض ٿو ڪري جنھن سان اھو ممڪن ٿي سگهي.
جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سُمهو:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر جي داستان ستين جي بيت 7 جي سٽ آھي، جيڪا علامتي طور سجاڳيءَ جو درس ڏيندي پھاڪي طور استعمال ڪبي آھي:
جاڳو جاڙيجا، سَما سُک مَ سُمھو،
پَسو آن پارِئا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان ستون، بيت 7، ص: 259)
ھن بيت ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي لوڙين ھڻڻ جي حوالي سان شاھ لطيف، سمن ۽ جاڙيجن کي، جيڪي وڏا مالدار ۽ ڀاڳيا ھئا، ھوشيار ڪندي چوي ٿو تہ سندس ڏاڍاين ۽ ناانصافين جي خلاف اُٿي سجاڳ ٿيو. جيڪڏهن ٿوري بہ غفلت يا ننڊ ڪيوَ تہ الهه تلهه چٽ ٿي ويندو.
عام ماڻهوءَ کي سجاڳيءَ جي درس ڏيڻ لاءِ شاھ لطيف جي ھنن لفظن ۾ مخاطب ڪندا آھن، خاص ڪري ان وقت جڏهن حالتون خراب ھجن ۽ ماڻهو غافل ھجن.
جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناھِ نمازَ يا جان جان پَسين پاڻَ کي، تان تان ناھِ سُجودُ:
ھي ٻہ مصراعون شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان پھرئين جي ٻن بيتن 23 ۽ 24 جون پھريون سٽون آھن، جيڪي سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿينديون آھن:
جان جان پَسين پاڻ کي، تان تان ناھِه نمازَ،
سَڀِ وِڃائي سازَ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَؤ.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر آسا، داستان پھريون، بيت 23، ص: 317)
جان جان پَسين پاڻ کي، تان تان ناھِه سُجودُ،
وِڃائي وِجُودُ، تِھان پوءِ تَڪبِيرَ چَؤ.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر آسا، داستان پھريون، بيت 24، ص: 317)
ھنن سٽن جو مفھوم آھي تہ جيستائين انسان انا، خودفريبي ۽ ھوڏ نہ ڇڏيندو، تيستائين سندس عبادتون رائگان آھن. اھڙيءَ طرح زندگيءَ ۾ ڪابہ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ انانيت ڇڏڻ اولين شرط آھي.
جان جان ھُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نَہ ويٺِي، وڃي ڀُون پيٺِي، سِارِيندي کي سَڄَڻين!
ھي شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان ڇھين جو بيت 26 انهن سورمن/ سورمين کي ڀيٽا آھي، جيڪي پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪندا رهيا ۽ ھڪ اعليٰ مقصد کي ماڻڻ لاءِ مرڻ گهڙيءَ تائين جاکوڙيندا رهيا. اھڙن ئي سورمن/ سورمين جي لاڏاڻي تي شاھ لطيف جو ھي بيت کين خراج طور پيش ڪرڻ لاءِ ڏنو ويندو آھي ۽ عالمگير سطح تي چوڻيءَ طور مشھور آھي:
جان جان ھُئِي جِئَرِي، وِرِچِي نَه ويٺِي،
وڃي ڀُون پيٖٺِي، سِارِيندي کي سَڄَڻيٖن!
(قاضي، علامه، آءِ آءِ، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 26، ص: 789)
جنِ مَھانگو لَئِي ميڙيو، سٖي ٿا ھَٿَ ھَڻَن:
ھيءَ ’شاھ جو رسالو‘جي سُر سارنگ جي داستان چوٿين جي بيت 16 جي ٽين سٽ آھي، جيڪا سنڌيءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. اھي واپاري جيڪي اَنُ گڏ ڪري مهانگو وڪڻڻ لاءِ سنڀالي رکندا آھن تہ جيئن ڏڪار وارن ڏينھن ۾ اھو ٻيڻ ٽيڻ تي کپائي وڌ کان وڌ نفعو ڪمائين، سي مينھن پوڻ ۽ سُڪار ٿيڻ تي پڇتائيندا آھن. اھڙن ذخيرہ اندوزي ڪندڙ واپارين کي تنبيھ ڪندي چوڻيءَ طور ھيءَ سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي.
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، تہ سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَھَه ٽَھَه مينھن ٽِمَنِ،
جنِ مَهانگو لَهِي ميڙيو، سٖي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مَنجھان پندَرهن ٿِيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيهَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،
وَرِي وَڏِي وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهيون ڳَنوارَنِ،
سَيّد چٖي سَڀِنِ، آھِه توهِه تنھنجٖي آسِرَو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان چوٿون، بيت 9، ص: 701)
جنِين ڏِٺي جاءِ، تنِين موٽَڻُ مِهَڻو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙيءَ جي داستان ٻئي جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
پيرُ پَرُوڙي پاءِ، گَنجِي ۾ گُنَ گهڻا،
کاھوڙِي کَرا وِيا، نہ ڪا اوڏِي ماءِ،
جَنِين ڏِٺي جاءِ، تنِين موٽَڻُ مِهَڻو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان ٻيو، بيت نائون، ص:754)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ جنھن منزل جو ديدار ڪيو اُن لاءِ موٽڻ مهڻو بڻجي پئي ٿو.
ھي پھاڪو محنتي، جفاڪش ۽ اُورچ انسان پاران منزل جي حاصلات لاءِ ڪيل اڻٿڪ جدوجھد جي معنيٰ ۾ ڪم ايندو آھي. جڏهن ڪو ماڻهو منزل تائين پھچڻ کي، پنھنجي حياتيءَ جو مقصد بڻائي، ان جي حاصلات لاءِ واٽ تي ايندڙ سمورين ڏُکياين ۽ تڪليفن کي مُنھُن ڏيئي، پنھنجو سفر جاري رکندو آھي ۽ اڌ رستي تان موٽڻ بدران انهيءَ راھ تي قربان ٿيندو آھي تہ اھڙن انسانن لاءِ ھي پھاڪو ڪتب آندو ويندو آھي.
شاھ لطيف جي ھڪ ٻئي بيت جي سِٽَ پڻ ساڳي معنيٰ ۾ چوڻيءَ طور ڪم ايندي آھي.
مارَڳِ جي مَرَنِ، وَڏو طالِعُ تَنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرسسئي آبري، داستان ستون، بيت 6، ص:312)
جنِين ساڻسِ ويرُ، ٿِئي تنين جو واھَرُو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پنجين جي بيت چوٿين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
صُوفِي لاڪُوفِي، ڪونَه ڀانئيٖس ڪيرُ،
مَنجھان ئِي مَنجھه وِڙهي، پَڌَرِ نَه آھِسِ پيرُ،
جنِين ساڻُسِ ويٖرُ، ٿِئٖي تنِين جو واھَرُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 4، ص:107)
بيت ۾ صوفين جي لاءِ چيل آھي تہ اھي فرقي واريت جي گروهه بندين کان آجا ھوندا آھن، پنھنجي اندر ۾ موجود نفس سان جهيڙيندا آھن، ۽ پنھنجي دشمن سان بہ دوستاڻو رويو رکندا آھن.
جڏهن ڪو ماڻهو، پاڻ سان ٿيل عقوبتون ۽ دشمنيون وساري، بڇڙايون ڪندڙ ماڻهن سان جهيڙڻ بدران واھُرن وارو ورتاءُ رکندو آھي ۽ سندن چڱائي ۽ ڀلائيءَ لاءَ سوچيندو آھي تہ اُن ماڻهوءَ لاءِ اھا چوڻي ڳالهائي ويندي آھي.
جنين سَندي مُنھُن ۾، نِهائِيُون نَڪَنِ،
تِئان وَڍِئو ھيڪِڙو، تہ ڪَھڙو ٿورو تَنِ؟:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان اٺين جي بيت 24 جون پھريون ٻہ سٽون آھن، جيڪي چوڻيءَ طور ڪتب اچن ٿيون:
جنين سندي مُنھُن ۾، نِھائِيُون نَڪَنِ،
تِئان وَڍِئو ھيڪِڙو، تَھ ڪَھڙو ٿورو تَنِ؟
سي مَرُ سُڃائِي سُونھن، جَنِ ڀلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 24، ص: 312)
شاھ لطيف نرڄن نڪن يعني بي نڪن، بي لڄن ماڻهن جي ڳالهہ ڪري ٿو، تہ انهن جي منھن ۾ نڪن جون نهائيون ھونديون آھن، جيڪڏهن سندن ھڪڙو نڪ وڍجي ٿو تہ ھو انهن نھائين مان ٻيو نڪ کڻي، ھڻي ٿا ڇڏين. مطلب تہ کين سندن بي نڪائيءَ ۽ نر لڄائيءَ تي ڪو بہ فرق نہ ٿو پئي.
سنڌيءَ ۾ عام چوڻي آھي تہ، ’هن کي لوسڻ جو نڪ آھي.‘ انهيءَ حوالي سان مٿيون ٻہ سٽون چوڻيءَ طور عام استعمال ڪيون وينديون آھن.
جو مُنھُن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تنھن مَسَ ٿِئٖي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان پھرين جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ڪالَھَه گڏِيوسُون ڪاپَڙِي، پَھَرَ سِڄَ کان پوءِ،
پَسو سونھن سامِيءَ جِي، رَتَ وَرَنو روءِ،
جو مُنھُن مُومَلَ جي پوءِ، موٽَڻُ تنھن مَسَ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پھريون، بيت ٽيون، ص:517)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي، جيڪو ڪاڪ محل وڃي، مومل جو حُسن پسي ٿو، تہ ان جي شڪار ٿيڻ کان سواءِ پوئتي موٽ کائڻ ڏکيو ھجي ٿو.
ھي پھاڪو عشق ۽ حُسن جي سگهه ۽ ڇِڪَ بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي. جڏهن ڪو عاشق پنھنجي محبوب جو لازوال حُسن پسي ٿو ۽ ان جي ديدار سان سندس اندر ۾ جيڪا آنڌماند ۽ اُڻ تڻ پيدا ٿئي ٿي، تنھن کي بيان ڪرڻ لاءِ ھو لفظن جي چونڊ ڪرڻ ۾ بيوسيءَ جو شڪار ٿئي ٿو، تڏهن ھو ھن پھاڪي وسيلي پنھنجي ڪيفيت بيان ڪري ٿو.
جھڙا اَچَنِ ڏينھڙا، تھِڙا ويٺِي گهارِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ جي ابيات متفرقہ جي بيت 48 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
مَ ڪِي روءُ، مَ رَڙُ ڪِي، مَ ڪِي ھَنجون ھارِ،
جھڙا اَچَنِ ڏينھڙا، تهِڙا ويٺِي گهارِ،
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَڙا، سِگها ٿِينِ سَنگهارِ،
لَٿا، لوھ لَطِيفُ چي، پَروڙِجِ پَھُنوارِ،
ٻيڙِيُون نيئِي ٻارِ، تو تان بَندُ بِدا ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرمارئي، ابيات متفرقه، بيت 48، ص:614)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ جھڙي حال ۾ تون آھين، الله جي ان رضا تي راضي رهي زندگي گذار. جڏهن ڪنھن انسان تي ڏکيو وقت ايندو آھي تہ ان کي ھمٿائڻ لاءِ اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
جي تو نَظَرَ نيڪُ، تہ بِسم اللهِ ئِي بَس ٿئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجين جي بيت 37 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي آھر چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڪوڙييٖن ڪِتابَن ۾، حرفُ مِڙوئي ھيڪُ،
جي تو نَظَرَ نيڪُ، تہ بِسمِ اللهِ ئِي بَس ٿئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 37، ص: 113)
ھن سٽ ۾ اھا نصيحت ڪيل آھي تہ، جيڪڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جي نيت ۽ نظر نيڪ آھي يعني سندس اندر ۾ بَدي ۽ بغض وغيرہ سمايل نہ آھي تہ پوءِ ابتدا بہ سٺي ٿيندي تہ انتھا بہ.
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھي گهر آئِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سارنگ، داستان چوٿين جي بيت اٺين جي ٽين سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي حوالي سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڍَٽِ ڍَرِي پَٽِ پيٖيُون، ٿيا وَلهارَن وِيءَ،
سِڄُ چَنڊُ نہ پاڙِيان، سيڻَن جي شَبِيهَه،
جي جانِي اَندَرِ جِيءَ، سي پِرِين پيھي گهر آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان چوٿون، بيت 8، ص: 699)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، جڏهن ڪو ويجهو ۽ پيارو ڪنھن جي گهر ھلي ايندو آھي تہ ھو خوشيءَ منجھان اھڙو اظھار ڪندو آھي. ھيءَ سٽ اھڙن ماڻهن جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي، جن جا محبوب من اندر ۾ موجود ھئا، سي گهر ۾ پيھي آيا آھن.
جي ڇورين ڏِنا ڇالَ، تَہ پِہ لاھُوتِي لنگهي وِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان ٽئين جي بيت 17 جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ڪاڪِ نَه جهليا ڪاپَڙِي، موهِيا ڪنھن نَه مالَ،
سوڍِيُون سِجھائي وِيا، ھِهَڙا جَنِين حالَ،
جي ڇورين ڏِنا ڇالَ، تَہ پِہ لاھُوتِي لنگهي وِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت17، ص:528)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ ڪاڪ جي ڪُنوارين ڇوڪرين پنھنجي حُسن جا تجلا ڏيکاريندي گوهيون ڏنيون، پر مومل جا عاشق کين نظرانداز ڪري اڳتي وڌيا.
جڏهن ڪو سُڄاڻ ۽ سچو ماڻهو لوڀ ۽ لالچ جي زنجيرن ۾ جڪڙجڻ کان پاڻ بچائي، پنھنجي منزل مقصود تائين پھچندو آھي يا ڪو نيڪ ۽ ايماندار انسان دنياوي مزن ۽ لذتن کي نظرانداز ڪري، پرهيزگاريءَ واري زندگي گذاريندو آھي تہ ان جي اٽل ارادن ۽ سچائيءَ کي بيان ڪندي اھو پھاڪو چيو ويندو آھي.
جي ساھَڙَ جون سُونھِيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان ٽئين جي بيت 23 جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
مَحَبَتِي ميھارَ جُون، دِلِ اَندَرِ دونھيون،
آڻِيو وجهي اَرَ ۾، لُهاڻو لُوهِيُون،
جي ساھَڙَ جون سُونِهيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 23، ص:234)
بيت ۾ سهڻيءَ جي عشق ۽ اُڪير جي ڳالهہ ٿيل آھي، ھوءَ درياءُ جي تِکَ ۽ ڇولين کي بہ سنئين واٽ ڀانئيندي ھئي. ھن پھاڪي جو مطلب آھي تہ عشق جي اڳيان ڊپ ۽ ڏهڪاءُ، ڏکيايون ۽ تڪليفون ڪا معنيٰ نٿيون رکن.
جي لَهوارو لوڪُ وَهي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان ٻئي جي بيت 21 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُبَتو عامَ سيٖن،
جٖي لَهوارو لوڪُ وَهٖي، تُون اُوچو وَهُه اوڀارِ،
مَنجھان نوچَ نِهار، پُرُ پُٺِيرو پِرِينءَ ڏي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٻيو، بيت 21، ص: 713)
ھن سِٽ ۾ شاھ لطيف اھو پيغام ڏنو آھي تہ، جيڪڏهن عام ماڻهو زماني جي انڌي تقليد ڪندا رهن تہ عقلمند انسان کي ايئن نہ ڪرڻ گهرجي. عقلمند انسان کي گهرجي تہ زندگيءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ صحيح واٽ اختيار ڪري، جيڪا ڀلي تہ بظاھر اُبتي/ ڏُکي لڳندي ھجي.
جي لِيلائي نہ لَھين، تہ پُڻِ لِيلائيجِ، آسَرَ مَ لاھيجِ، سَڄَڻُ ٻاجهيندَڙُ گهڻُو:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر، داستان ٻئي جو بيت 21 آھي، جيڪو چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي. (ڪڏهن ڪڏهن ھن بيت جي فقط آخري سٽ ڌار چوڻيءَ طور پڻ ڪتب آندي ويندي آھي) ھن بيت ۾ شاھ لطيف، لِيلا کي ھوڏ ڇڏي کيس منٿن ڪرڻ، لِيلائڻ ۽ ٻاڏائڻ جو مشورو ڏئي ٿو ۽ ٻڌائي ٿو تہ اھو ئي طريقو آھي، جنھن سان پنھنجي رُٺل محبوب کي پرچائي سگهجي ٿو. اميد ۽ آسرو لاھي نااميد ٿي ويھي نہ رهڻ گهرجي ڇو تہ محبوب جي ٻاجهہ جو ڪو بہ پرو پاند ڪونهي:
جي لِيلائٖي نہ لَهين، تہ پُڻِ لِيلائيجِ،
آسَرَ مَ لاھٖيجِ، سَڄَڻُ ٻاجهيندَڙُ گهڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٻيو، بيت 21، ص: 506)
شاھ لطيف جو ھيءُ بيت دعائيه حوالي سان پڻ انسان کي الله تعاليٰ جي رحمت ۽ ٻاجهہ مان نااميد نہ ٿيڻ ۽ آسرو نہ لاھڻ جي تلقين ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي.
جي مون سين ڪِيَئِي قَولَ، سي سِگها پارِجِ سُپِرِين :
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻو، داستان پنجين جي بيت 14 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ خاص مھل ۽ موقعي جي حوالي سان استعمال ٿيندي آھي:
ڪاڪِ ڪَڙهِي، وَڻَ وِيا، ٻَرِيا رَنگَ رَتولَ،
تو پُڄاڻان سُپِرِين، ھينئڙي اَچَنِ ھَولَ،
جي مون سين ڪِيَئي قَولَ، سي سِگها پارِجِ، سُپِرِين!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پنجون، بيت 14، ص: 536)
ھن سٽ ۾ عاشق پنھنجي محبوب کي ڪيل قولن ۽ واعدن جي يادگيري ڏياريندي چوي ٿو تہ، اي پرين! جيڪي واعدا تو مون سان ڪيا ھئا، سي جلد پورا ڪج.
جي نَہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويھُ مَ تِنِي وَٽِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان چوٿين جي بيت 12جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
جي نہ سُڃاڻَنِ سَچَ کي، ويههُ مَ تِني وَٽِ،
اَمُلهه کي اَڌَ ڪَري، پاڻان ھَڻَندا پَٽِ،
وَڃِي مُهرَ تِنِي وَٽِ مَٽِ، جي پارکُو پارِسَ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 12 ص:176)
ھن بيت ۾ سٺي صحبت جي ھدايت ۽ بُري صحبت کان منع ٿيل آھي. جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ جي اُٿ ويهه اھڙن ماڻهن سان ھجي جيڪي چڱي مٺي، سچ ۽ ڪوڙ ۾ فرق نہ ڪري سگهن يا وري سندن قول ۽ فعل بلڪل ابتڙ ھجن تہ اھڙي ماڻهوءَ کي سندس صحبت مٽائڻ لاءِ تنبيھ خاطر اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
جيڏانھن ڪريان پرک، تيڏانھن صاحب سامهون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان پھرين جي بيت 23 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ايٖڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙِيٖين ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانھن ڪريان پَرَکَ، تيڏانھن صاحبُ سامُھون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 23، ص:70)
جنھن جي معنيٰ آھي تہ عاشق يا طالب کي دنيا جي لقاءُ يا نظاري ۾ معشوق يا مطلوب جو عڪس نظر ايندو آھي، ھو جيڏانھن بہ نهاريندو آھي، پنھنجي محبوب جو پرتوو پسندو آھي. صوفين جي فلسفي مطابق حقيقي محبوب ھر ھنڌ ۽ ھر جاءِ موجود آھي.
جيڏاھن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھن صاحِبُ سامُهون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر رامڪليءَ جي داستان نائين جي بيت ٻئي جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
نَه گِندا، نہ گَبرِي، نہ لانگوٽِيءَ لِکَ،
جيڏاھن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانھن صاحِبُ سامُهون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُررامڪلي، داستان نائون، بيت ٻيو، ص:817)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ جوڳي جيڏانھن قدم کڻن ٿا اوڏانھن کين صاحب نظر اچي ٿو. ھيءَ چوڻي نيڪ ۽ پرهيزگار ماڻهن جي لاءِ چئي ويندي آھي، جن جو ھر قدم الله جي راضپي لاءِ کڄندو آھي. ھو جنھن پاسي نهاريندا آھن، کين خدا جو عڪس نظر ايندو آھي.
جيڪي فراقان، سو وصالان نہ ٿئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني جي داستان پنجين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
جيِڪي فِراقان، سو وصالان نہ ٿِئٖي،
اَچي اوطاقان، مون کي پِرِيَنِ پَري ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 11، ص:452)
ھن چوڻيءَ مان اھا مراد ورتي ويندي آھي تہ وڇوڙو، وصال کان بھتر آھي، ڇاڪاڻ تہ فراق، عاشقن جي دل ۾ سڪ ۽ سوز جي ٻريل باھ کي تيز ڪندو آھي. وصال اُن جي اُبتڙ عشق جي چڻنگ کي وسائيندو آھي. ان جي لحظي جي سک ۽ سُرور کان پوءِ من ۾ محبوب جي لاءِ اڳ وارو چاھ نٿو رهي ۽ ’من اندر جا لوچ، ملڻ سان ماٺي ٿئي‘، واري ڪار ٿيندي آھي.
جيھا جي تيھا، مُون مارُو مَڃِئا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان تيرهين جي بيت پنجين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
جيھا جي تيھا، مُون مارُو مَڃِئا،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِينِ مَوڪَ مِها،
منھنجي آھَه اِھا، ڪيرائِيندِي ڪوٽَ کي.
(شيخ ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر مارئي، داستان تيرهون، بيت 5، ص: 463)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، مارئيءَ جي پنھنجي مارُن سان محبت ۽ سچائيءَ جي ڳالهہ ڪندي اھو پيغام ڏنو آھي تہ وطن جو ھر ماڻهو چاھي اھو غريب ھجي، مسڪين ھجي، بي پھچ ھجي، اھو اسان جو پنھنجو آھي. پيار ۽ محبت جي لائق آھي.
چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيون مَٺَنِ، جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ:
شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان چوٿين ۾ شامل بيت چوٿين جون ٻئي سٽون (گڏ يا ڌار ڌار) چوڻيءَ طور استعمال ٿينديون آھن.
چَڱا ڪَنِ چَڱائِيُون، مَٺائِيون مَٺَنِ،
جو وَڙُ جُڙي جَنِ سين، سو وَڙُ سيئِي ڪَنِ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 174)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ ھڪڙا انسان اھي آھن، جيڪي سٺن گڻن وارا آھن. اھڙن انسانن مان ھميشه چڱائيءَ جي اميد ڪري سگهجي ٿي. جڏهن تہ ٻئي پاسي وري اھڙا انسان بہ آھن، جيڪي سدائين غلط ۽ بُرا ڪم ڪندا رهن ٿا. اھڙن انسانن مان برائيءَ جي ئي اميد ڪري سگهجي ٿي. ان تي ڏک ڪرڻ جي ضرورت ناھي. ڇو تہ بُرا ڪم ڪندڙ انسانن جو وڙ يا ظرف بُرائي ڪرڻ ھوندو آھي ۽ چڱا ڪم ڪندڙ انسانن جو وڙ چڱائي ڪرڻ ھوندو آھي. انهيءَ حوالي سان ھن بيت جون ٻئي سٽون ڌار ڌار مھل ۽ موقعي پٽاندڙ چوڻيءَ طور استعمال ٿينديون آھن.
چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيُون، ايئن سَڀَڪو ھوءِ، تو جيئن ڪَري نہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون:
شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ، داستان چوٿين ۾ شامل ھيءُ بيت ٽيون سنڌي ٻوليءَ ۾ تعريف ۽ ثنا جي حوالي سان چوڻيءَ طور بہ استعمال ٿيندو آھي:
چَڱنِ ساڻُ چَڱائِيُون، ايئن سَڀَڪو ھوءِ،
تو جيئن ڪَري نہ ڪوءِ، بُڇَنِ ساڻُ ڀَلائِيون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 3، ص: 174)
چڱن سان ھر ڪو چڱو ھلندو آھي، اھا ھڪ لوڪ پَرِ آھي تہ سـٺن سان سٺو ھلجي، پر الله جا اھڙا ٻانها بہ آھن، جيڪي بڇڙن سان بہ ڀلائي ڪندا آھن. ڀلائي ۽ نيڪي اھڙن ماڻهن جي فطرت ھوندي آھي. اھڙي نيڪ عمل تي اھڙن اعليٰ ظرف انسانن جي ساراھ ۾ ھيءُ بيت ڏنو ويندو آھي.
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منھنجو ڏينھن ڏِنگو مَ ٿِيٖي:
شاھ جي رسالي جي سُر ديسي جي داستان ڏهين ۾ شامل بيت 11 جي ھيءَ پھرين سٽ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منھنجو ڏينھن ڏِنگو مَ ٿِيٖي!
اُٺَنِ، اوٺِيَئڙِنِ جٖي، ڇا وَهِيڻُو ويٖرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 375)
ھن سٽ جو ظاھري مفھوم آھي تہ سسئي پاڻ سان پيش آيل واقعي جو ذميوار پنھنجي ڏيرن يا اٺن کي نہ پر صرف ۽ صرف پنھنجي قسمت کي قرار ڏئي ٿي. توڙي جو ھوءَ پنھنجي غلطيءَ ۽ غفلت تي پشيمان ھئي، پر ھوءَ انهيءَ سڄي وارتا کي پنھنجي ڀاڳ کان ٿي ڀانئي.
ھن سٽ جو علامتي مفھوم اِھو آھي تہ ھن دنيا ۾ ڪير ڪنھنجو ڪيترو بہ مخالف ھجي يا ڪو ڪنھن کي نقصان پھچائڻ جي ڪيتري بہ ڪوشش ڇو نہ ڪري، پر قدرت جي طرفان سندس نصيب ۾ جيڪو نفعو يا نقصان لکيل ھوندو، اھو کيس ملندو.
ڇَپَرَ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِڙِيُون سُتَن کي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙي، داستان پھرئين جي بيت 16 جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ نصيحت طور استعمال ٿيندي آھي:
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، تہ ڏُونگَرَ ڏورَڻُ ڏاکَڙو،
ڇَپَرَ ڪِينَ ڏِئي، سُوکِڙِيُون سُتَن کي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 16، ص: 749)
شاھ لطيف ھن مصرع ۾ محبت ۽ جاکوڙ جو درس ڏنو آھي. ھُو سکڻي توڪل جو پرچار نٿو ڪري، انسان جو فرض آھي دل وجان سان محنت ڪرڻ ۽ محنت ڪندي، ڪھڙي بہ اڳيان مشڪلات اچي، تہ ھمت نہ ھارجي، پر پوري سمجهداري ۽ دليريءَ سان ان کي منھن ڏجي، پوءِ ڪاميابي اوس ملندي. باقي ستلن کي قدرت وٽان سوغاتون ملڻيون ناھن، قدرت جو ھٿ انهن کي ٿو رسي، جي سچي دل ۽ نيت سان سعيو ۽ ڪوشش ڪن ٿا.
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت ڏهين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي:
ڇِنَنِ توءِ مَ ڇِنُّ، پاءِ اُميرِي اُنِ سين،
جي اَوڳڻ ڪَنِئِي، اَسُنهِين! تون ڳُڻانِئي ڳِنُّ،
پاند جهلئو تون پِنُّ، ھن سُنهاري سَنڱَ ۾.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 10، ص: 122)
مٿين سٽ ۾ ’اُميري پائڻ‘ واري چوڻيءَ جو مطلب آھي تہ جي ڪنھن جو دلي دوست ناتو ڇني تہ بہ ان سان ناتو ڇنڻ نہ گهرجي ۽ جيئن ڪوري ڇڳل تند کي اُميري پائي جوڙين ٿا، ائين ڳنڍڻ گهرجي! انهن جو اوڳڻ بہ ڳڻ آھي.
دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪَڙو، گهڻا تان نہ ڪِجَنِ، دِلِ ڀِي ڏِجي ھِڪَ کي، توڙِي سَوَ سِڪَنِ، سي چِلوِلاَ چَئجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ دوسِتِي:
شاھ لطيف جي سُر بروي سنڌي، داستان ٽئين ۾ شامل ھيءُ بيت ستون (ڪڏهن سڄو ڪڏهن ڌار ڌار سٽون) سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪَڙو، گهڻا تان نہ ڪِجَنِ،
دِلِ ڀي ڏِجي ھِڪَ کي، توڙي سَوَ سِڪَنِ،
سي چلِوِلا چَئجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ دوسِتِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 772)
شاھ لطيف جي ھن بيت ۾ اھو سنيھو ڏنل آھي تہ، دل جو دلبر ھڪڙو ئي ڪجي. محبت ھڪ سان ئي ڪبي آھي، ڀلي ٻيا سوين سِڪَندا ھجن، ايئن نہ ڪرڻ غير سنجيدہ عمل آھي.
دُنِيا سَڀِ دَرِياھ، ڪو ڪو تارُو تنھن ۾:
ھيءَ شاھ لطيف جي سُر سريراڳ، داستان ستين جي ڇھين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
دُنِيا سَڀِ دَرِياھ، ڪو ڪو تارُو تنھن ۾،
ھِڪِڙي لَهِرِ لوڀَ جِي، ٻِيو آتَشِي اوڙاھ،
طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِهِيون مَڪُڙِيُون.
(شيخ ٻانُهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سرراڳ، داستان ستون، بيت 6، ص: 176)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، ھيءَ دنيا ھڪ درياھ مثل آھي، جنھن ۾ لوڀ لالچ ۽ ڪيئي برائيون موجود آھن، جنھن مان صرف ڪي سڄاڻ ماڻهو ھڪ تاروءَ وانگر تري پار پھچن ٿا ۽ دنيا جي گسن کان واقف ٿين ٿا.
ديسِي سيڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪَھَڙا پِرِين؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي جي داستان پھرين جي بيت 12 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور ڪم ايندي آھي:
ديسِي سيٖڻَ ڪِجَنِ، پَرَديسِي ڪَھَڙا پِرِين؟
لَڏِئِو، لاڏُوڻا ڪِئو، پَھجي ديسِ وَڃَنِ،
پُڄاڻا پِرِيَن، ڪِجٖي بَسِ ڀَنڀورَ کان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (61-1960ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 12، ص: 504)
شاھ لطيف ھن بيت ۾ اھو پيغام ڏنو آھي تہ ويجها مٽ مائٽ، جن سان سڱ پنڌ ھجن (سيڻ)، اھي پنھنجي ڏيهه جا ئي ھئڻ جڳائن. پرڏيهي وري ڪھڙا پرين ٿيندا؟ اھي ھڪڙي ڏينھن دوکو ڪري پاڻ لڏي ويندا! اھو بيت سسئيءَ جي واتان ان ڪيفيت جي ترجماني آھي، جڏهن سندس ڏير جيڪي ڌريان ئي ڌاريا ھئا، سسئي کي ستل ڇڏي، پُنهُون کي کنڀي کڻي ويا ۽ سسئي کي ڪشالا ڪڍڻا پيا. عام انساني زندگيءَ ۾ اھڙو وقت اچي ٿو، جڏهن انسان اھڙي غلطي ڪري ٿو ۽ ڀوڳي ٿو. ان مھل اھا سٽ پھاڪي طور ڪتب اچي ٿي.
ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مَئِيءَ جا نَہ ٿِئا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ جي داستان پھرئين جي تيرهين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڌُرِيان ئِي ڌارِيان، مِٽَ مُئِيءَ جا نَه ٿِيا،
مدي ڏيرَنِ مَنَ ۾، کِلِئو کِيڪارِيان،
صبوح ٿِي سارِيان، اُٺَ نَه اوطاقُنِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 13، ص: 376)
شاھ لطيف جي بيت جي ھن سٽ جي معنى آھي تہ ڌاريا ھميشه ڌاريا ئي رهندا آھن ۽ اھي ڪڏهن بہ پنھنجا ٿي نٿا سگهن. پنھنجائپ ۽ ڌاريائپ ۾ تمام وڏو فرق ھوندو آھي.
ھن سٽ ۾ اسان لاءِ ھدايت ۽ پيغام بہ آھي تہ واٽ بہ آھي. شاھ لطيف ھن سٽ ۾ سسئيءَ جي روپ ۾ پنھنجي قوم کي سجاڳيءَ جو درس ڏنو آھي تہ جيڪڏهن ڌارين جي سازشن کان وقت سر سجاڳ نہ ٿيؤ تہ ڌاريا سڀ ڪجهہ لُٽي ڦري ويندا. جيئن سسئيءَ جي غفلت سبب سندس ڏير پُنهُونءَ کي کڻي ھليا ويا ھئا.
ڏاتِ نَہ آھي ذاتِ تي، جو وهي سو لَھي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر پرڀاتي، داستان پھرئين جي ڏهين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا ھڪ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. ساڳئي وقت اھا شاعري/ تخليق جي معيار جي اصطلاح طور بہ ڪم اچي ٿي:
ڏاتِ نَه آھي ذاتِ تي، جو وهٖي سو لَهٖي،
آرِيُون اَٻوجهنِ جُون، سَپَڙُ ڄامُ سَھٖي،
جو راءَ وَٽِ راتِ رَهٖي، تنھن جُکِي تان نَه ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 10، ص: 860)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ انسان سڀ برابر آھن، ڪوبہ ماڻهو ڪنھن ذات يا ڪڙم قبيلي جي ڪري برتر يا ڪمتر ڪونهي. انسان کي جيڪا بہ ڏات يا خداداد صلاحيت مليل ھوندي آھي، ان جو دارومدار ذات تي ڪونہ ھوندو آھي بلڪہ سندس عمل، محنت ۽ مشقت تي ھوندو آھي، جيڪو محنت ڪندو اھو ئي ان کي حاصل ڪندو، محنت ۾ ئي عظمت آھي.
ڏُڪاريا ڏيھَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سارنگ جي داستان چوٿين جي سورهين بيت جي پنجين سٽ آھي،جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
حُڪُمُ ٿِيو بادَلَ کي، تہ سارَنگَ ساٺَ ڪِجَنِ،
وِڄُون وَسَڻَ آئِيُون، ٽَھَه ٽَھَه مينھن ٽِمَنِ،
جَنِ مَهانگو لَهِي ميڙيو، سٖي ٿا ھَٿَ ھَڻَنِ،
پَنجَنِ مَنجھان پندَرهن ٿِيا، ايئن ٿا وَرَقَ وَرَنِ،
ڏُڪارِيا ڏيهَنِ مان، شَلَ مُوذِي سَڀِ مَرَنِ،
وَرِي وَڏِي وَسَ جُون، ڪِيُون ڳالهيون ڳَنوارَنِ،
سَيّد چٖي سَڀِنِ، آھِه توهِه تنھنجٖي آسِرَو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان چوٿون، بيت 16، ص: 701)
جيڪي واپاري اَنُ ذخيرو ڪري رکندا آھن ۽ پوءِ اھو مهانگو وڪڻي ڏُڪار جھڙي حالت پيدا ڪن ٿا ۽ غريب مسڪين ماڻهن لاءِ آزار پيدا ڪن ٿا. اھڙن بخيل ۽ ڏڪار پيدا ڪندڙ واپارين کي پاراتو ڏيندي شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ شل اھڙا بخيل، ڪنجوس ۽ ڏڪاريا پوري دنيا مان مري ختم ٿي وڃن.
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھَن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان يارهين جي تيرهين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڏُکَ سُکَنِ جِي سُونھن، گهورِيا سُکَ ڏُکَنِ ري،
جَنِي جِيءَ وِرُونھن، سَڄَڻُ آيو مان ڳَري.
(شيخ ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر حسيني، داستان يارهون، بيت 13، ص: 336)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ ڏک ۽ تڪليفون حياتيءَ جو سينگار آھن، ڇاڪاڻ تہ اھي ايندڙ سکن جي علامت آھن. اھي سک گهوريا، جيڪي ڏکن کان سواءِ حاصل ٿين، ڇو تہ ڏکن ۽ تڪليفن کان سواءِ ملندڙ سک بي معنيٰ آھن ۽ تڪليفن کان سواءِ ملندڙ سکن وارو ماڻهو انهن جو قدر نہ ڪندو آھي ۽ اھو ڀٽڪي ويندو آھي. جدوجھد ۽ جفاڪشيءَ سان حاصل ٿيندڙ ڪاميابيءَ ۽ سُکن مان ئي انسان حقيقي خوشي ماڻي ٿو ۽ ھن کي حقيقي راحت ۽ سڪون ملي ٿو.
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ٽئين جي ستين بيت جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڏُکَنِ پُٺِيان سُکَ، سِگها ٿِيندَءِ سَسُئِي
پيرَ مَ ڇَڏجِ پِريِنءَ جو توڙي لَڪَنِ لُکَ
ڏورِجِ پاسي ڏُکَ، تہ پوي ٻاجهه ٻَروچ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 234)
جيڪڏهن ڪو پنھنجي مقصد حاصل ڪرڻ يا منزل ماڻڻ لاءِ تڪليفن ۽ ڏکيائن کي مُنھُن ڏيندي مايوس ٿئي تہ ان کي ھمٿائڻ لاءِ ھيءَ سٽ چئبي آھي.
ڏُکيءَ سَندِي ڏيجَ ۾، ڏُونگرِ ڏِنائُون:
ھيءَ سٽ شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ جي داستان پھرئين جي وائِيءَ جي آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
جي ھُوندَ ڏِٺائُون، وو جيڏِيُون!
حالُ منھنجو ھِهَڙو جھڙو
چَڙهِي نہ سَگهان چوٽِيين، مارَڳُ مَٿاھُون
ڏُکيءَ سَندِي ڏيجَ ۾، ڏُونگرِ ڏِنائُون
ھِنيَڙو ڏَندَڻَ پاڙَ جيئن، ڇِڪي ڇِنائون
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پھريون، وائي، ص: 232)
ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجي ڏيرن پاران ڪيل ويساھ گهاتيءَ جي ڪري مٿس آيل ڏکيائين ۽ ڏونگر ڏورڻ تي ھنجون ھاريندي چوي ٿي تہ، ’هُو مون ڏکيءَ کي ڏاج ۾ ڏونگر ڏورڻ ڏئي ھليا ويا.‘
اسان جي سماج ۾ ڏکن جون ستايل عورتون ھجن يا مرد، جڏهن انهن کي ھر طرف کان رڳو ڏک ۽ سور ئي پلئه پوندا آھن، تڏهن شاھ لطيف جي ھيءَ سٽ انهن جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي.
ڏُکِيُون جان نَہ مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نہ ٿئٖي، ٻِيُون ھونھِين ھَٿَ ھَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون:
شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ جي داستان ڇھين ۾ شامل ارڙهين بيت جون ٻئي سٽون چوڻيءَ طور عام استعمال ٿينديون آھن:
ڏُکِيُون جان نَه مِڙَنِ، تان تان ڀَنَڻُ نہ ٿئٖي،
ٻِيُون ھونهِين ھَٿَ ھَڻَن، رُوندِيُون رُوئَڻَ وارِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 18، ص: 458)
علامتي حوالي سان ھن بيت جو مفھوم آھي تہ ڪو وڏو اعلى مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ حقيقي طرح ان وقت تائين ڪا انقلابي جماعت ٺھي نہ سگهندي، جيستائين سڀ مصيبتن جا ماريل، ڏکويل ۽ درد دل وارا انسان ھڪ ھنڌ گڏ ٿي آواز بلند نہ ڪندا. جڏهن مصيبتن جا ماريل متحد ٿيندا، تڏهن ئي بيداري اچي سگهندي يا ڪو انقلاب اچي سگهندو، باقي محض ڏيکاءَ ڪندڙ تہ ٺلها نعرا ھڻي ھليا ويندا. جن کي درد ھوندو، سي پڌرا ھوندا، سندن ڳل، اکيون ۽ مهانڊا ڏسڻ ۾ پڌرا ھوندا ۽ رواجي ماڻهو بہ نشانبر ھوندا. انهن جي افعالن مان سڀ ڪجهہ پيو بکندو.
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندَءِ ھوت پُنهُونءَ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان پھرئين جي پندرهين بيت جي آخري سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
وِيهُه مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،
ٻانِھِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي! ڇَڏِ مَ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجھان ڏَسُ، پُوندَءِ ھوت پُنهُونءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 15، ص: 286)
بيت جي ھن سٽ ۾ سسئيءَ جي روپ ۾ انسان کي مسلسل جدوجھد ڪرڻ جو درس ڏنو ويو آھي، تہ جيڪڏهن انسان ورچي نہ ويھي ۽ لاڳيتو جدوجھد ۽ جستجو ڪندو رهي، تہ ھوُ ضرور پنھنجو مقصد حاصل ڪري سگهي ٿو. انهيءَ حوالي سان ئي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَھان شالَ مَ مِلان ھوتَ، مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي:
شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ستين ۾ شامل ھيءُ بيت چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي. اھا چوڻي گهڻي مقبول آھي:
ڏورِيان، ڏورِيان، مَ لَهان شالَ مَ مِلان ھوتَ،
مَنَ اَندَرِ جا لوچَ، مَڇُڻِ مِلَڻَ سان ماٺِي ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ستون، بيت 3، ص: 460)
ھن بيت جو مقصد ۽ مطلب اھو آھي تہ انسان کي مقصد حاصل ڪرڻ کان اڳ دل ۾ جذبو ھئڻ گهرجي، ڪوشش ۽ جدوجھد ھميشه جاري رکڻ گهرجي ۽ مقصد ۽ منزل کان وڌيڪ ان جدوجھد کي اھميت ڏيڻ گهرجي ڇو تہ اھا ئي انسان کي متحرڪ رکي ٿي، نہ تہ منزل تي پھچي ماڻهو ان جو قدر ۽ اھميت وڃائي ويهندا آھن.
ڏيکاريُسِ ڏُکنِ، گُوندرَ گَسُ پِريَن جو، سُونھائي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين:
شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ جي داستان يارهين ۾ شامل ھيءُ بيت ھڪ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندو آھي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ٻئي سٽون ڌار ڌار چوڻين طور استعمال ٿينديون آھن:
ڏيکارِيُسِ ڏُکَنِ، گُوندَرَ گَسُ پِريَنِ جو،
سُونهائي سُورَنِ، ڪِي ھيڪاندِي ھوتَ سين.
(شيخ ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر حسيني، داستان يارهون، بيت 14، ص: 337)
ھن بيت جو ظاھري مفھوم ۽ معنى اھا آھي تہ سسئيءَ کي وڇوڙي جي ڏک ۽ وصل جي تڙپ سان گڏ رستي جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ سان ئي سندس محبوب پُنهُونءَ جي شھر ’ڪيچ‘ جو گس مليو ۽ پُنهُونءَ ڏانھن وڃڻ ۾ اھي سورَ سندس رهبر بڻيا.
علامتي طور تي شاھ لطيف ھن بيت ۾ اھو پيغام ڏنو آھي تہ دلي مراد حاصل ٿيڻ يا منزل تي پھچڻ لاءِ دل ۾ ڏکيايون ۽ سُور سھڻ جي ھمت ھئڻ ضروري آھي.
ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَھِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍَ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان چوٿين جي بيت نائين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ڊِگهي اَڏِ مَ مَنَهِين، پَکو اَڏِ مَ لانڍَ،
اَڏِئو جنِ وِرانِڍَ، تنِ سَوارو لَڏِئو.
(شيخ ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 9، ص: 245)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، منهين ڊگھي نہ اڏڻ گهرجي، جو اھا جلد ڪِرِي پوندي ۽ پکو بہ تمام وڏو يا گهڻو مٿي نہ اڏڻ گهرجي، جو اھو ھوا تي اڏامي ويندو. جيڪا شيءِ جيئن ٺھي ۽ مناسب لڳي تيئن ٺاھڻ گهرجي. انهيءَ حوالي سان ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ھن سٽ جو ھڪ مفھوم اھو بہ آھي تہ زندگي مختصر آھي، انسان کي ھڪ ڏينھن لڏي وڃڻو آھي. ان ڪري وڏا وڏا منصوبا جوڙڻ اجايو آھي، جيڪي عارضي ھجن ٿا.
ڍولُ تنِين جي ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر جي داستان ٽئين جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
سَڀيئِي سُهاڳِڻيُون، سَڀنِي ڳِچِيءَ ھارَ،
پَسَڻَ ڪارَڻِ پِرِينءَ جي، سَھَسين ڪَنِ سينگار،
ڍولُ تنِين جي ڍارَ، ھيٺاھِيُون ھَلَنِ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرليلا چنيسر، داستان ٽيون، بيت 3، ص:507)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ محبوب انهن جي پاسي ھوندو آھي، جيڪي عاجزي اختيار ڪندا آھن. ھيءَ چوڻي نماڻائي، عاجزي ۽ ھيٺانهينءَ سان ھلڻ جي معنيٰ ۾ ڳالهائي ويندي آھي. جڏهن ڪو انسان وڏائي، تڪبر ۽ غرور ڪري پاڻ کي ھاڃي ۾ وجهي تہ کيس نصيحت طور ھي چوڻي چئي ويندي آھي.
روزُ نِھارنِ راھَ، اَکِيُون اوهان جي آسري. يا ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اوهان جي آسري:
ھي سٽون شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات، داستان ٻئي جي ٻن الڳ الڳ بيتن جون آھن، جيڪي پنھنجي محبوب جي انتظار ۽ اوسيئڙي جي ڪيفيت ۾ گذاريندڙ ڪنھن بہ انسان جي اندر جون ترجمان آھن:
ناسِيندي نِگاھَ، پِھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
اَحوال عاجِزَنِ جا، آکِج لَڳِ اَللهَ،
روزُ نِهارِنِ راھ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 139)
ناسِيندي نِهارَ، پِھرِين ڪِجِ پِرِيَنِ ڏي،
آئون جي ڏِيَئنۡ سَنِيها، چَئِجِ چَنڊَ! اَپارَ،
ساڄَنَ! سَڀَ ڄَمارَ، اَکِيُون اوهان جي آسَري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 139)
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَہ حَبِيبَ سين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان اٺين جي بيت جي آخري سٽ آھي،جيڪا سنڌي ٻوليءَ ۾ عاجزيءَ لاءِ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
نَڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نَڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
ھُورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونهي ھورُ،
زارِيءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونَه حَبِيبَ سين.
(شيخ ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان اٺون، بيت 22، ص: 176)
جن سان پريت جو پيچ پيل آھي، انهن پيارن آڏو سواءِ آزي نيزاريءَ جي ٻيو ڪو بہ چارو نٿو چلي. انهن سان ڪا بہ حجت نہ ٿي ھلي سگهي، اتي ھيٺائين، نياز نوڙت سان ئي ھلڻو پئي ٿو.
ساڻِي جن الله، ٻُجهان سي نہ ٻُڏَندِيُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان ستين جي بيت ڏهين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
سانڀارا سَڏَ ڪِيو، اُڀا چُونِمِ، ’آءُ‘،
ھِڪُ تِکو ئِي تارِ وَهيٖ، ٻِيو لُڙُ لَهِرِيُون ۽ واءُ،
ساڻِي جن اَللهَ، ٻُجهان سٖي نہ ٻُڏَندِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ستون، بيت 10، ص:257)
بيت ۾ درياءُ ۽ ان جي دھشت جي منظرڪشي ڪندي، الله تي توڪل ڪرڻ جي ڳالهہ ڪيل آھي. جڏهن ڪو ماڻهو، ڏُکئي دؤر مان گذري رهيو ھجي، تڪليفن ۽آزمائشن ۾ گهيريل ھجي تہ ان کي اُتساھ ۽ ھمت ڏيارڻ لاءِ اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
شاھ جي رسالي جي ھيٺئين سٽ بہ ساڳي معنيٰ ۾، چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي:
جَنِ جِي ساھَڙَ ساڻُ صَلاحَ، سي ڪِينَ ٻُڏندِيُون ڪَڏِهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ستون، بيت 9، ص:256)
سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نَہ ڪِجي ايتَرِي، سُلطانِي سُھاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نہ ٿِئٖي:
شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان ٽئين ۾ شامل ھيءُ بيت اٺون چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
سُتا اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نهَ ڪِجي ايتَرِي،
سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪَندي نہ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 8،ص: 878)
شاھ لطيف جو ھي بيت ديني توڙي دنياوي، ٻنهي معنائن ۾ چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
ديني لحاظ کان ھن بيت ۾ اھو پيغام ڏنل آھي تہ، اي ننڊ ۾ ستل انسان اٿي سجاڳ ٿي، ايتري ننڊ چڱي نہ آھي، جي پنھنجي محبوب جو قُرب حاصل ڪرڻ چاھين ٿو تہ پوءِ غفلت ۽ ننڊ کي ڦِٽو ڪر، ڇو تہ محبوب جو قُرب ننڊون ڪرڻ سان نہ پر راتيون جاڳي عبادت ۽ رياضت ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿو.
دنياوي معنيٰ ۽ مفھوم جي لحاظ کان ھن بيت جي پھرين ۽ آخري سِٽ انسانن کي بيداري، سجاڳي ۽ منزل جي حصول لاءِ ڪوشش ۽ محنت ڪرڻ جو درس ڏيندي، چوڻيءَ طور استعمال ڪيون وينديون آھن، ڇو تہ سُستي يا آرام ڪندي مقصد يا منزل حاصل ٿي نٿا سگهن.
سُتي نہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي، وِهامِي وِيندِياءِ، گهڻا ھڻندين ھَٿَڙا:
شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان ٽئين ۾ شامل ھيءُ بيت 11، اھڙي مھل ۽ موقعي جي حوالي سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي جڏهن ڪنھن کي تنبيھ ڪرڻي ھوندي آھي:
سُتي نہ سَرَندِياءِ، ڪَرِ پَچارَ پِرِيَنِ جِي،
وِهامِي وِيندِياءِ، گهڻا ھَڻندين ھَٿَڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 11،ص: 879)
ھن بيت جي معنيٰ ۽ مفھوم آھي تہ، سُمهڻ سان ڪجهہ حاصل ڪونہ ٿيندو، وقت سر ڪوشش ۽ سعيو ڪرڻ سان ئِي مقصد حاصل ٿي سگهي ٿو ۽ وقت گذري وڃڻ کانپوءِ پڇتائڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ حاصل ڪونہ ٿيندو. ھن بيت ۾ وقت جو قدر ڪرڻ ۽ پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ محنت، ڪوشش ۽ سعيو ڪرڻ جو سبق ڏنل آھي.
سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ، صُباحَ تان چُونداءِ، تَہ اَسان تو اُڪارِئو:
شاھ جي رسالي جي سُر سهڻي، داستان پھرئين ۾ شامل ھيءُ بيت 42 چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
سُپيرِيان جي تُرَهي، ٻُڏين ھَٿُ مَ لاءِ،
صُباحَ تان چُونداءِ، تَھ اَسان تو اُڪارِئو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 42، ص: 228)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، خودداريءَ ۽ پنھنجي مدد پاڻ ڪرڻ جو درس ڏنو آھي. انسان تي ڪڏهن بہ ڏکيو وقت اچي سگهي ٿو. ان کي مُنھُن ڏيڻ لاءِ پاڻ کي ئي بندوبست ڪرڻ گهرجي. ان آسري ۾ نہ رهجي تہ اچي ڪو ٻيو مددگار ٿيندو، ڇو تہ اھا محتاجيءَ واري سوچ آھي. تنھنڪري بھتر آھي تہ ماڻهو پنھنجو پاڻ تي ڀاڙي، ايستائين جو ڪنھن دل گهرئي دوست کان بہ مدد وٺجي تہ سٺو.
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجٖي نہ مَنجهہ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت 14 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. جنھن ۾ ڪنھن ماڻهوءَ کي نصيحت ڪندي، پنھنجي پرينءَ جي طرفان ڏنل ڏکن، سورن ۽ تڪليفن جو ذڪر ڪنھن سان بہ نہ ڪرڻ جي تلقين ڪئي ويندي آھي:
جٖي تو سِڪڻُ سِکيو، تہ ڪاتِيءَ پَئٖي مَ ڪَنجهہ،
سُپيرِيان جي سُورَ جو، ماڙهُن ڏِجٖي نہ مَنجهہ،
اَندرِ اِيءُ اَھنجُ، سانڍجِ سُکائُون ڪري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 14، ص: 73)
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نہ ٿِئٖي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر معذوري، داستان ٻئي جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا اھڙي مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جڏهن ڪنھن کي غفلت ڇڏي متحرڪ ٿيڻ لاءِ چوڻو ھجي. ھن جو مفھوم آھي تہ ڪاميابي نِنڊُن ڪرڻ سان حاصل نٿي ٿئي:
سَڀَ نَنگِيُون ٿِي نِڪَرو، لالَچِ ڇَڏي لوڀَ،
سُپيرِيان سين سوڀَ، نِنڊُون ڪَندي نہ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 349)
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نہ ڪَڏهين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات، داستان پھرئين جي بيت 23 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ھُنَ تاريٖ، ھُنَ ھيٺِ، ھُتِ منھنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ ميٺِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نہ ڪَڏهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 23،ص: 136)
ھن چوڻيءَ موجب، ڪوبہ انسان پنھنجي پرينءَ جي ڳڻن جي ساراھ ڪندي چئي سگهي ٿو تہ منھنجو سپرين ماکيءَ جي ميٺاج جھڙو آھي ۽ ڪڏهن بہ ڪڙو ٿيڻ جو نہ آھي.
سِرجِي تان سُورَ، سامائِي تان سُکَ وِئا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان پنجين جي بيت ٻئي جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي. ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجي سورن جو ذڪر ڪندي چوي ٿي تہ، مان پيدا ٿيندي ئي سورن جي ور چڙهي ويس (جو پيءُ ڄمندي ئي پيتيءَ (صندوق) ۾ وجهي درياءَ جي لهرن جي حوالي ڪري ڇڏيو ھو) وري جڏهن جوان ٿيس تہ سُک ڦٽي ويو (جو مون پرديسي پُنهُونءَ سان پرڻو ڪيو، جنھن کي سندس ڀائر رات جي اوندھيءَ ۾ مون کان ڇني ڌار ڪري پاڻ سان گڏ وٺي ويا.)
سِرِجِي تان سورَ، سامائِي تان سُکَ وِئا،
اِھي ٻَئِي پُورَ، مُون نِماڻِيءَ نِصيبُ ٿِئا.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سر حسيني، داستان پنجون، بيت 2، ص: 284)
شاھ لطيف جي ھيءَ سٽ اسان جي سماج جي اندر سسئيءَ جيان ڏکن جي ور چڙهيل ڪيترين ئي انسانن جي اندر جي ترجمان آھي، جن جي قسمت ۾ رڳو ڏک ئي ڏک آھن.
سگهن سُڌِ نہ سُورَ جي، تہ گهايل ڪيئن گهارينِ؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان پھرئين جي بيت 18 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي:
سَگهنِ سُڌِ نہ سُورَ جِي، گهايل ڪِيئن گهارِينِ؟
پِيَلُ پاسو پَٽَ تان، واڍوڙَ نہ وارِينِ،
پَرِ ۾ پَچَنِ پرينءَ لئٖي، ھئي! ھَنجُون ھارين،
سَڄَڻُ جي سارِينِ، تَنِ رويو وِهامٖي راتَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 18،ص: 88)
عشق ۽ محبت جي ماريل انسانن جي ڏکن، دردن ۽ تڪليفن جو احساس صرف انهن ماڻهن کي ئي ٿيندو آھي، جن کي زندگيءَ ۾ پاڻ بہ ڪڏهن ڏک ۽ سور مليا ھجن. چڱن ڀلن، صحتمند ۽ عيش عشرت جي زندگي گذاريندڙن کي گهايل انسانن جي دردن ۽ ڏکن جو احساس نہ ھوندو آھي تہ ھو زندگي ڪيئن ٿا بسر ڪن. جيئن ميران ٻائيءَ جي سٽ آھي: گهايل ڪي گت گهايل جاني، اور نہ جاني ڪوءِ.
سَمَرُ جنِين نَہ ساڻُ، ھوتُ حِماتِي تنِ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان پنجين جي بيت پنجين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
سَمَرُ جنِين نَه ساڻُ، ھوتُ حِماتِي تنِ جو،
ڪَري ڇيڄَ ڇَپَرَ ۾، پُنهُون اِيندو پاڻَ،
ٿِيندِي رِيجهہ رِهاڻِ، لَحظي مَنجهہ، لَطِيفُ چئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 5،ص: 396)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، مقصد لاءِ جيڪڏهن سچي محبت آھي، تہ پوءِ ظاھري سامان سڙي جي ڪابہ ضرورت ڪانہ پوندي ۽ جنھن پرين لاءِ ان سفر ۾ پير پٿون ٿي رهيا آھن اھو پاڻ بہ ان جي مدد ڪندو.
سَندِي سِڪَ پِرِينِ، لوڪَ ڏِٺٖيئِي نَہ لَھي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي، داستان پھرئين جي بيت ڏهين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي:
اَڄ پُڻِ اَکَڙِيَنِ، سَڄَڻَ پنھنجا سارِيا،
ڳَلَنِ تان ڳوڙَهنِ جُون، بُوندُون بَس نہ ڪَنِ،
سَندِي سِڪَ پِرِينِ، لوڪَ ڏِٺٖيئِي نَه لَهي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان پھريون، بيت 10،ص: 764)
ھن سٽ جو مطلب آھي تہ، پنھنجي محبوب جي سِڪَ يا اُڪِير ٻين سوين ماڻهن کي ڏسڻ سان ختم نٿي ٿئي. جڏهن ڪنھن جو محبوب ڏُور ھوندو آھي يا وڇڙي ويندو آھي، تہ ان جي دل تي ھيءَ سٽ تري ايندي آھي.
سُورِهيه مرين سوڀَ کي، تَہ دِلِ جا وَهَمَ وِسارِ، ھَڻ ڀالا، وِڙهُ ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر ڪيڏاري جي داستان پنجين جي بيت پنجين جون شروعاتي ٻہ سٽون آھن، جيڪي عام طور ڪنھن کي پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ ھمٿائيندي، چوڻيءَ طور استعمال ڪيون وينديون آھن. پنھنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ اھي ھڪ پيغام طور استعمال ڪبيون آھن:
سُورِهيه مرين سوڀَ کي، تَھ دِلِ جا وَهَمَ وِسارِ،
ھَڻ ڀالا، وِڙهُه ڀاڪُرين، آڏِي ڍالَ مَ ڍارِ،
مٿان تِيغَ تَرارِ، مارِ تَھ متارو ٿِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 5، ص: 673)
سُورِي آھِ سينگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت پنجين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا حقيقي عاشقن يا پنھنجي منزل ۽ مقصد سان سچو رهندڙ انسان جي ساراھ ڪندي، چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. شاھ لطيف جي بيت جي ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ: عمل، جدوجھد ۽ قربانيءَ جي سهڻين وصفن سان عاشق پنھنجي زندگيءَ کي بامعنيٰ بنائين ٿا. مقصد جي واٽ ۾ ھر ڪا تڪليف سھي وڃڻ ۽ وڏي کان وڏي قرباني ڏيڻ سچن انسانن جو مَرَڪُ آھي:
سُورِي آھِه سينگارُ، اَڳِھِين عاشِقَنِ جو،
مُڙَڻُ موٽَڻُ مِيهَڻو، ٿِيا نِظاريٖ نِروارُ،
ڪُسَڻَ جو قَرارُ، اَصِلِ عاشقن کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 71)
سُورِي جنِين سٖيڄَ، مَرَڻُ تنِ مُشاھِدو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت ٻئي جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، عاشق کي پنھنجي وجداني ڪيفيت کان واقف ڪندي چوي ٿو تہ، جيڪو سُوريءَ کي سيڄ سمجهندو، سوئي مري مشاھدو ماڻيندو يعني سچن عاشقن جي حياتي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وقف ھوندي آھي ۽ ان واسطي ھو خوشيءَ سان سر بہ گهوري ڇڏيندا آھن ۽ ھر مصيبت يا آفت کي آرام سمجهندا آھن. اھڙن ئي سچن عاشقن کي ساراھيندي ھيءَ سٽ چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي:
اَنڌا اُونڌا ويٖڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِئا کانئِيٖين؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِييٖن پيٖڄَ،
سُورِي جنِين سٖيڄَ، مَرَڻُ تنِ مُشاھِدو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 71)
سَوکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشقُ اَللهَ سين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي جي داستان پھرئين جي بيت پھرين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ڇا کي وَڃِي ڇو، ٻيٖلِي ٿِئيٖن ٻينِ جو،
وَٺُ ڪَنجَڪَ ڪَرِيمَ جي، جَڳَ جو والِي جو،
سَوکو ھُوندو سو، جنھن جو عِشقُ اَللهَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان پھريون، بيت 1، ص:762)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ جنھن ماڻهو جو الله سائينءَ سان عشق ھوندو، سو سدائين سُکيو ۽ آسودو ھوندو.
جڏهن ڪو انسان ڏُکن، تڪليفن ۽ آزمائشن ۾ سڙندي بہ سَرهو ھجي تہ ان لاءِ اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
سُونھَنِ جِي صَلاحَ، وَٺ تہ وِيرِ لنگهي وڃِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان پنجين جي بيت ستين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
تاري وانءُ تَرازَ کي، مَنجھان مَوجَ مَلاحَ!
دانھون ڪَنِ درياھهَ جُون، اونِهي جا آگاھَ،
سُونھن جِي صَلاحَ، وَٺ تہ وِيرِ لنگهي وَڃِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 7، ص:181)
بيت ۾ اسان کي، رهبرن جي صلاح وٺڻ ۽ سندن تجربن مان سکڻ جي ھدايت ڪيل آھي. جڏهن ڪو سيکڙاٽ ماڻهو، ڪو نئون ڪم شروع ڪري ۽ غلطي ڪري. ڪو مسافر پنھنجي سفر ۾ رستو ڀُلجي وڃي ۽ ڏکيائن جو شڪار ٿئي، يا ڪو ماڻهو زندگيءَ جي مسئلن ۽ مامرن کي مُنھُن نہ ڏئي سگهي ۽ مُنجهي وڃي تہ کيس تجربيڪار ماڻهن جي صلاح وٺڻ جي ھدايت ڪندي، اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
سَھَسين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِيو مهراڻُ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان ڇھين جي بيت 18 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. ڪي انسان مقصد جي راھ ۾ گھائل ٿي فنا ٿي ويندا آھن، پر ڪي ارادي جا اٽل انسان اھڙيءَ ريت وڃي توڙ کي رسندا آھن، جو راھ جون رڪاوٽون ڪا معنى ڪونہ رکنديون آھن ۽ پاڻ فنا ٿي وينديون آھن. اھڙن ئي ارادي جي اٽل انسانن جي ساراھ ڪندي، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي، جنھن ۾ سهڻيءَ جھڙي منڌ کي مثال ڪري پيش ڪيو ويو آھي:
سَھسَين سائِرَ ٻوڙِيُون، مُنڌَ ٻوڙِيو مِهَراڻُ،
وَهَه وِڃائِيو پاڻُ، ھَڻٖي ڪَنڌُ ڪَپَنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 18،ص: 252)
سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر گهاتو، داستان پھرئين جي بيت 11 جي آخري سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
نَه ڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَه ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،
جِتي ڏَنڀَرِيَنِ جِي، اَڳي ھُئِي اُگهٽَ،
سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 11،ص: 634)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، اھي ھنڌ ۽ ماڳ جيڪي اڳي وسندڙ ھئا، اھي ھنڌ ۽ ماڳ ھاڻي ويران ڏسي ماڻهو موٽيو وڃن. جڏهن ڪا آبادي، وستي، واھڻ يا ڪو ماڳ ڦِٽي ۽ ويران ٿي ويندو آھي، تڏهن ان جو ذڪر ڪندي، شاھ لطيف جي ھيءَ سٽ چئي ويندي آھي.
سي پُنهُون ڪوھُ پُڇَنِ، جي سَنجهي رهن سُمهِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪوهياري، داستان پھرئين جي بيت ڏهين جي آخري سٽ آھي، جيڪا نصيحت يا تنبيھ لاءِ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
اِي ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جيئن سُمهَنِ پيرَ ڊِگھا ڪَري،
لوچين ڇو نہ، لَطِيفُ چي، ھارِي! لَئٖي ھوتَنِ،
نِنڊان نِڀاڳِنِ کي، اوڀالا اَچَنِ،
سي پُنهُون ڪوهُه پُڇَنِ، جي سَنجھي رَهَنِ سُمهِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان پھريون، بيت 10، ص: 414)
جيڪي انسان، پنھنجي منزل يا مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سچي دل سان ڪوشش ۽ جاکوڙ يا جدوجھد نٿا ڪن ۽ غفلت ۽ سستيءَ جو مظاھرو ڪن ٿا، انهن کي پنھنجي منزل يا مقصد ماڻڻ جون سڌون بہ نہ ڪرڻ گهرجن! اھڙن ئي سڌون ڪندڙ انسانن کي تنبيھ ڪندي، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ، چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ جي داستان ڏهين جي بيت ڇھين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ڪتب ايندي آھي:
ڏاگهنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرنِ، ٽِنهِي ڏِنَمِ ڏُکَ،
سي سَڀِ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر ديسي، داستان ڏهون، بيت 6، ص: 189)
سُر ديسيءَ ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جو پُنهُونءَ کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪٽڻ، پنھنجي منزل طرف ھلندي، ھر تڪليف، ڏک، ڏولاوا، برداشت ڪري، پنھنجو سفر جاري رکڻ، ڪيترن ئي خطرن جي ھوندي، مسلسل جدوجھد ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي.
اھڙيءَ طرح ھن دنيا ۾ سچا عاشق ۽ اعلى انسان مقصد جي راھ ۾ جيڪي بہ ڏکيائيون ۽ تڪليفون سھندا آھن، انهن ۾ کين سُک محسوس ٿيندو آھي. اھڙن ئي سچن عاشقن ۽ اعلى انسانن جي زبان تي، شاھ لطيف جي بيت جي اھا سٽ ھوندي آھي.
سي سُتائِي سُونھنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان ستين جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
تَنُ تَسبِيحَ، مَنُ مَڻِيُون، دِلِ دَنبُورو جنِ
تَندُون جي طَلَبَ جِيُون وَحدَتَ سِر وَڄَنِ
’وَحدھُ لاشَرِيڪَ لَہُ‘ اِھو راڳُ رَڳنِ
سي سُتائِي سُونھن، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ستون، بيت 3، ص:346)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، جن انسانن جي آڏو انسانذات جي خدمت ۽ ان جي بھتري ۽ ڀلائيءَ لاءِ جاکوڙڻ جو نصب العين آھي، تن جو ھر ڪو فعل عبادت آھي، ڇاڪاڻ تہ ھُو انسانذات جي خدمت لاءِ مسلسل جستجو ڪندا رهن ٿا. اھڙن انسانن جي ننڊ بہ بندگيءَ ۾ شمار ڪئي وڃي ٿي ۽ ھُو ستل ھوندي بہ سونھن ٿا. اھڙن ئي انسانن جي ڳڻن ۽ خوبين جي ساراھ ڪندي، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي.
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونھنِ، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي، داستان اٺين جي بيت 24 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
جَنِين سَندي مُنھُن ۾، نِهائِيُون نَڪَنِ،
تِئان وَڍِيو ھيڪَڙو، تَھ ڪِھَڙو ٿورو تَنِ،
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونھن، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 24،ص: 550)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، اھي شخص جي نڪ وارا (عزت نفس وارا) آھن ۽ مسڪينيءَ ھوندي بہ پنھنجي عزت ۽ آبرو قائم رکن ٿا، سي اڻ ھوند ۾ بہ سونھن ٿا. انهن لاءِ شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِھُ پَسيو، وِهُسَن گهڻُو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت 23 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن سٽ ۾ سچن عاشقن جي ساراھ ڪري ثابت ڪيو ويو آھي تہ سچا عاشق اھي آھن، جيڪي سِرُ ڏيئي سرها ٿيندا آھن:
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِهُه پَسيو، وِهُسَن گهڻُو،
ڪَڙيٖ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھٖيراڪَ،
لَڳِيَنِ لَئُون لطيفُ چٖي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻٖي چِڪَنِ چاڪَ، تَھ پِھ آھَه نہ سَلَنِ عامَ کٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 23،ص: 75)
شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ، انهن انسانن لاءِ چوڻي طور استعمال ڪئي ويندي آھي، جيڪي خطرن کان نہ رڳو ڊڄندا نہ آھن، بلڪہ انهن ۾ ڪُڏي ڪاھي پوندا آھن.
عدُل ڇُٽان آنءُ نہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضلَ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان ٻئي جي بيت پھرئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا دعائيه حوالي سان پھاڪي طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن ۾ ڌڻيءَ کان صرف مهرباني ۽ فضل جي گهر ڪيل آھي، ڇو تہ انسان پاڻ کي گنهگار ۽ سزاوار سمجهي ٿو، جنھن ڪري مالڪ حقيقي کان مهربانيءَ ۽ فضل جو طلبگار آھي. کيس خبر آھي تہ عدل ۽ انصاف جي ڪري ڇٽي نہ سگهندس. مالڪ فقط پنھنجو ڪرم ڪري. انهي حوالي سان ھيءَ سٽ پھاڪي طور ڪم ايندي رهندي آھي ۽ ڏيهاڙي جي پوڄا ۽ عبادت ۾ چئي ويندي آھي:
جيڪِي مَنجهہ جَھانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھنجِي،
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪان،
عَدُلَ ڇُٽان آن نہ، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 159)
عِشقُ نہ آھي راندِ، تہ ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان نائين جي بيت پھرئين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي:
عِشقُ نہ آھي راندِ، تہ ڪِي ڪَنِسِ ڳَڀَرُو،
جِيءَ، جُسي ۽ جانِ جِي، ڀَڃٖي جو ھيڪاند،
سِسِي نيزي پاندِ، اُڇلِ تہ اَڌَ ٿِئي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 118)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ عشق، ڪا معمولي راند نہ آھي، جو ڪي ڳڀرو کيڏندا وتن. ھي جيءُ، جسم ۽ جان جو پاڻ ۾ ناتو ئي ٽوڙي ڇڏي ٿو. جڏهن بہ ڪو عاشق، عشق ۾ آھون ۽ دانھون ڪرڻ لڳندو آھي ۽ رنج ۽ غم ۾ مبتلا ٿي ويندو آھي تہ ان مھل اھا چوڻي ڪتب ايندي آھي.
عَقُلُ، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نينھن نِھوڙِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻي، داستان ٽئين جي بيت پھرين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
تَڙِ تَڪَڻِ، تارِ گهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِينِ ڪَمُ،
ڏهَه ڏهَه ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،
عَقُلُ، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نينھن نِهوڙِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 229)
شاھ لطيف، سُر سهڻيءَ ۾، سهڻيءَ جي ميھار سان سچي نينھن، محبت ۽ سڪ جو ذڪر ڪيو آھي. سهڻيءَ جي ميھار سان محبت ۽ عشق واري عمل کي سندس وَرُ ’ڏم‘ توڙي ٻيا ڳوٺ وارا پسند نہ ڪندا ھئا ۽ انهيءَ عمل تي کيس طعنا ۽ مهڻا ڏيندا ھئا، پر ھُن انهن جي ڪابہ پرواھ نہ ٿي ڪئي.
اھڙيءَ طرح اسان جي سماج ۾ پڻ جڏهن ڪنھن کي ڪنھن سان سچي محبت، سچو نينھن ۽ عشق ٿي ويندو آھي ۽ اھو جذبو مٿس غالب پئجي ويندو آھي، تڏهن ھُو سماج جي ريتن ۽ رسمن جي ڪابہ پرواھ نہ ڪندو آھي ۽ مٿس ڪابہ نصيحت اثر نہ ڪندي آھي. اھڙيءَ ڪيفيت ۾جڏهن ڪو ھُن کي نصيحت ڪندو آھي، تڏهن شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ ان جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي. انسان ڪنھن مقصد ۾ سچو ھجي تہ پوءِ ڪو بہ بهانو يا رڪاوٽ کيس روڪي ڪونہ سگهي.
ڪاتيءَ ڪونهي ڏوھ، ڳَن وڍيندڙ ھٿ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوههُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عَجِيبَ جي، لِچيو وَڃي لوھ ،
عاشقنِ اَندوههُ، سَدا معشوقَنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 11، ص:73)
عام ڳالهہ ٻولھه ۾ ھي پھاڪو تڏهن چيو ويندو آھي، جڏهن ڪو صاحب اختيار يا طاقتور ماڻهو، ڪنھن ٻئي انسان تي ڏاڍ ڪري يا کيس ڏک ڏئي. تڏهن ائين سمجهيو ويندو آھي تہ اھو اُن صاحب اختيار ماڻهوءَ جو ڪم ناھي بلڪہ کيس مليل اختيار يا طاقت جو ڪم آھي ۽ اھڙي وقت ۾ اھو پھاڪو چيو ويندو آھي. ڪاتي تہ محض وسيلو آھي اصل نيت تہ ان ماڻهوءَ جي آھي، جيڪو ان تي ضابطو رکي ٿو.
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ٽئين جي بيت 18 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: اڻ ٺھڪندڙ ڳالهہ ڪرڻ يا ابتڙ دليل ڏيڻ:
ڪاڏي مُنھُن مَڪرانَ جو، ڪاڏي ڪيچُ ٿِيو؟
ھِهَڙو ساٿُ ڀَنڀورَ تان، ڪَڏِهِين ڪونَه پِيو،
ڪوهِيارو ڪامَ ھَڻِي، چوري چِتُ وِيو،
جنِين جَتُ نيو، تنِ اُٺَنِ گهورِي آھِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 18، ص: 389)
جڏهن ڪو ماڻهو ڪا اڻ ٺھڪندڙ ڳالهہ ڪندو آھي يا ڪو ابتڙ دليل ڏيندو آھي، تڏهن شاھ لطيف جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. انهيءَ ساڳي ئِي معنيٰ ۾ روزمرہ جي زندگيءَ ۾ عام طور تي ھيءَ چوڻي بہ استعمال ڪئي ويندي آھي:
ڪيڏانھن منھن مريم جو، ڪيڏانھن ٽنڊوالهيار.
ڪانَہ گهرجي مون، حَياتِي ھوتَنِ ري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻئي جي بيت پھرئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
تَنَ طبيبُ نہ تُون، سُڌِ نہ لَهِين سُورَ جِي،
سانڍِ پنھنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،
ڪانَه گهرجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 89)
ھن سٽ ۾ عاشق پنھنجي محبوب کانسواءِ پنھنجي حياتيءَ کي بيڪار سمجهندي اِھا طلب يا تمنا ٿو ڪري تہ مونکي پرينءَ کانسواءِ ھيءَ حياتي نہ گهرجي.
ڪائو ڪَمايوم، موتِي مون نَہ وَڻجِيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان پھرئين جي بيت ستين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
ڪائو ڪَمايومِ، مُوتِي مون نهَ وَڻِجيا،
سِيهي جو سَيّدُ چي، وَکَرُ وِهايومِ،
ھِهَڙو حالُ سَندومِ، توههَ تُنھِنجي اُبَھان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 7، ص:154)
بيت ۾ چيل آھي تہ انسان دائمي سچ ڇڏي، ڪُوڙ جي پُٺيان لڳندو آھي ۽ پنھنجو وقت وڃائي پشيمان ٿيندو آھي.
ھيءَ سِٽَ پھاڪي طور تڏهن ڪم آڻبي آھي، جڏهن ڪو ماڻهو اصل ڇڏي نقل جي پٺيان پئي يا چڱائيءَ بدران برائيءَ ۾ پئجي وڃي تہ پنھنجي حالت بيان ڪرڻ لاءِ ھي پھاڪو چوندو آھي.
ڪِتيم سَڀ ڄَمارَ، تہ پاندِي پُورِي نہ ٿِئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪاپائتي، داستان ٻئي جي بيت اٺين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڪَتيمِ سَڀَ ڄمارَ، تَوءِ پاندِي پُورِي نَه ٿِئي،
جِئي مُون ڀَتارُ، جو ڪوٺي ڏِيندُمِ ڪَپڙا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان ٻيو، بيت 8، ص:138)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ، انسان سڄي عمر ڪمائي مال ميڙي ٿو، پر پوءِ بہ پورت ڪانہ ٿي ٿئي. جيستائين مالڪ مهر نہ ڪري. انهيءَ حوالي سان ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
ڪَڏهن پئجي ڪَنُ ٿي، ڪڏهن ٿيجي واتُ، ڪڏهن ٿيجي ڪاتُ، ڪڏهن ٿيجي ٻڪرو:
ھيءُ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان يارهين جو بيت پنجون آھي، جيڪو چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندو آھي:
ڪَڏِهن پِئَجي ڪَنُ ٿِي، ڪڏهن ٿِيجي واتُ،
ڪَڏِهن ٿِيجي ڪاتُ، ڪَڏِهن ٿِيجي ٻَڪَرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 11، بيت 5، ص: 330)
شاھ لطيف ھن بيت ۾، وقت ۽ موقعي جي مناسبت سان ھلت ھلڻ ۽ مصلحت کان ڪم وٺڻ لاءِ چوي ٿو، تہ ڪڏهن ڪنھن جي ڳالهہ ٻُڌبي آھي تہ ڪڏهن چئي بہ ڏبي آھي، ڪڏهن قرباني وٺبي آھي تہ ڪڏهن قرباني ڏبي بہ آھي. ان ڪري انسان کي گهرجي تہ حالتن آھر مصلحت کان ڪم وٺي، جنھن شيءِ جي ضرورت ھجي اھڙيءَ ريت ھلجي.
ڪَڏِهن مڙه مُقامَ ۾، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽُ، سَندو وارِيءَ ڪوٽَ، اَڏِئو اَڏيندين ڪيترو:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان پھرين جو بيت 11 آھي، جيڪو چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
ڪَڏِهن مڙه مُقامَ ۾، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽُ
سَندو وارِيءَ ڪوٽَ، اَڏِئو اَڏيندين ڪيترو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 11، ص:161)
شاھ لطيف جي ھن بيت ۾ دنيا جي فاني ھجڻ جو ذڪر ڪيل آھي. ھن بيت جو مفھوم آھي تہ ڪڏهن انسان گُلن جو ھار پائي حياتيءَ جو اوج ماڻڻ لاءِ سينگاريل سيج ڏانھن اُسھي ٿو، تہ ڪڏهن وري ان انسان جو مڙه گلن سان سينگارجي مقام ڏانھن لٽجڻ لاءِ وڃي ٿو. انڪري انسان جو ھن فاني دنيا لاءِ اسباب گڏ ڪرڻ اجايو ڪم آھي.
ڪَڏِهِين ڪانَہ سُئِي، تَہ ڪا سَگهي گَڏِي سَڄَڻين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ستين جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
جي تُون ڪالَھَ مُئِي، تَھ ڪالَھَ ھئِي گَڏِي پِرِينءَ کي،
ڪَڏِهِين ڪانَه سُئِي، تَھ ڪا سَگهي گَڏِي سَڄَڻين.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان ستون، بيت 3، ص: 308)
ھن دنيا ۾ تڪليفن سھڻ ۽ مشڪلاتن کي برداشت ڪرڻ کان سواءِ زندگيءَ جو اعليٰ مقصد حاصل ٿي نٿو سگهي. ڪڏهن بہ تاريخ ۾ ائين ٻڌڻ ۾ ڪونہ آيو آھي تہ تڪليفن سھڻ کان سواءِ ئي ڪو پنھنجي منزل تي پھتو ھجي. صوفين جو اھو بہ متو آھي تہ ’مرڻ‘ محبوب سان دائمي وصال آھي.
ڪَرِ ڪو ڀيرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجهري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان ٽئين جي بيت پھرين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. ھي چوڻيءَ ان اڪيلي عورت جي اندر جي حالت بيان ڪرڻ لاءِ ڪتب ايندي آھي، جنھن کان سندس وَرُ يا ڪانڌُ ڏور ھوندو آھي:
ڪَرِ ڪو ڀيٖرو ڪانڌَ! مُون نِماڻِيءَ جي نِجهري،
پِرِين تُنھنجي پاندَ، ڍولِيا! ڍَڪِي آھِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 877)
ھن بيت ۾ وني پنھنجي وَرَ جي اوسيئڙي ۽ انتظار واري ڪيفيت ۾ پنھنجي مُنھُن چوي ٿي تہ، اي ڀتار! مون نماڻيءَ جي گهر تي بہ ڪو ڀلائيءَ جو ڀيرو ڪَرِ، مان اڪيلي تو کانسواءِ غير محفوظ آھيان.
ڪنھن جو ڪونهي ڏوھُ، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪوهياري، داستان ٻئي جي بيت ستين جي آخري سٽ آھي، جيڪا قسمت يا تقديرجي حوالي سان ھڪ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڏُونگَرَ ڏُکويُنِ کي، تَپِي ڪَندين ڪوهُه،
تُون جي پَھَڻَ پَٻَ جا، لِڱَ منھنجا لوھ ،
ڪنھن جو ڪونهي ڏوهُه، اَمُرَ مُون سين اِيئَن ڪِئو.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر ڪوهياري، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 233 - 234)
جڏهن بہ ڪنھن ماڻهوءَ سان ڪو حادثو پيش ايندو آھي يا کيس ڪا تڪليف پھچندي آھي تہ انهيءَ پھتل ڏک جا مختلف سبب بيان ڪندا آھن، تڏهن اھو ماڻهو انهيءَ پھتل تڪليف کي تقدير جو لکيو سمجهندي چوندو آھي تہ:
’ڪنھن جو ڪونهي ڏوهه، امر مون سين ايئن ڪئو.‘
يعني انهيءَ ۾ ڪنھن جو قصورڪونهي، اھا ڪار مون سان تقدير ڪئي آھي، جو قسمت ۾ اِھو ئي لکيل ھو.
ڪنھن کي ڏيان دانھن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان نائين جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
نہ ڪانِيءَ نہ ڪانهن، نَڪو ڏوههُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتيئِي لِکِيو، جِتِ نہ رَسٖي ٻانهن،
ڪنھن کي ڏيان دانھن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان نائون، بيت 9، ص:267)
ھن بيت ۾ تقدير کي بحث ھيٺ آندو آھي. ھن چوڻيءَ جي معنيٰ آھي تہ لکئي جي ميار ڪنھن کي نٿي ڏيئي سگهجي، جيڪو قدرت لکيو آھي، سو اوس ٿيڻو آھي. جڏهن ڪنھن ماڻهوءَ سان ڪو حادثو ٿيندو آھي يا سندس ڪو پرين پيارو، مٽ مائٽ يا عزيز وڇڙي ويندو آھي تہ اھو پاڻ سان ٿيندڙ وارتا کي بيان ڪندي، اھا چوڻي چوندو آھي.
ڪنِين ڪِينَ پِرائِيو، ڪِيني مَنجهان ڪِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺين جي بيت 19 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڪنِين ڪينَ پِرائِيو، ڪِيني مَنجهان ڪِين،
جي ھوءِ سَٽاڻِي سِيڱ، تہ زِھَ ڇِنٖي جوکو ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 19، ص: 127)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، ھٺ، ساڙ ۽ حسد کان بچڻ جي ھدايت ڪندي چوي ٿو، تہ ڪڏهن بہ ڪنھن کي حسد يا بغض مان ڪجهہ بہ پلئه نہ پيو آھي.
ڪِھَڙِي پڇُيٖن ذاتِ، جي آئِيا سي اَگهيا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان نائين جي بيت پنجين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
نَئُون نِياپو آئِيو، راڻي مُلا راتِ،
لَڌِيسُون لَطِيفُ چي، ڪَنان ڏاتَرَ ڏاتِ،
ڪِھَڙِي پڇُيٖن ذاتِ، جي آئِيا سي اَگهيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان نائون، بيت 5، ص:552)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ راڻي وٽ ذات پات جي اھميت ناھي، جيڪو سندس در تي ايندو سو نوازجي ويندو.
ھيءَ چوڻي رب پاڪ جي بارگاھ ۾ سُرخرو ٿيڻ ۽ نوازجڻ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندي آھي، جيڪو عادل ۽ عظيم آھي، وٽس رنگ نسل ۽ ذات پات جي ڪا اھميت ناھي، جيڪو انسان نيڪ عمل ڪندو سو مان لهندو. ان کان سواءِ جڏهن ڪو سخي ماڻهو، خدا جي خلق جو ذاتين، قبيلن، طبقن ۽ مذھبن جي رياءُ کانسواءِ ھڪ جھڙو ڀرجهلو ٿي بيھي ۽ مسڪينن، يتيمن ۽ مظلومن تي پنھنجي سخاوت جو مينھن وسائي، تہ ان لاءِ پڻ اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ بہ اوڏا سُپِرين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي، داستان پھرئين جي بيت 11 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جو مفھوم آھي تہ ڪي ويجها ھوندي بہ پري ھوندا آھن، تہ ڪي پرين پيارا پري ھوندي بہ ويجها ھوندا آھن:
ڪي اوڏائِي ڏُورِ، ڪي ڏُورِ بہ اوڏا سُپِرِين،
ڪي سَنڀرِجَنِ نہ ڪَڏِهِين، ڪي نَه وَسَرِنِ مورِ،
جيئن مينھن ڪُنڍيءَ پُورِ، تيئن دوسَ وَراڪو دِلِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 764)
ڪِيو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِينَ ٿِئٖي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان ٻئي جي بيت چوٿين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
آھي گهڻو اَگهنِ جو، تَرَسُ طَبِيبَنِ،
ڪِيو وَسُ ويڄَنِ، تان ڪِرِيءَ ري ڪِينَ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان داستان ٻيو، بيت 4، ص:90)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ ويڄ يا حڪيم ڀلي ھزار حيلا ھلائي پر جيسين مريض رک يا ڪِري نہ ڪندو تيسين شفا ملڻ ممڪن ناھي. جڏهن ڪو بيمار طبيب کان مرض جو علاج ڪرائي پر ڪِري نہ ٿو ڪري يا ڪو انسان پاڻ سان ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافيءَ تي پنھنجي اڳواٽ يا زماني جي شڪايت ڪري ٿو، پر پنھنجي حالت بدلائڻ لاءِ پاڻ ڪجهہ نٿو ڪري تہ اھڙي موقعي تي اھا چوڻي چئي ويندي آھي.
کاھوڙِيَنِ اُھُڃاڻُ، اَنگِ نَہ سَڄِي اَڳِڙِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙيءَ جي داستان پھرئين جي بيت 24 جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
کَڻَڻِ نہ ڪَھَڪانُ، پَنڌَ پَراھين ھَلِيا،
ڏوٿِيئَڙا ڪنھن ڏُٿَ کي، جُنبِيا ڏي جابانُ،
کاھوڙِيَنِ اُھُڃاڻُ، اَنگِ نَه سَڄِي اَڳِڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 24، ص:751)
ھن سٽ ۾ ڏُٿ ڏوريندڙ کاھوڙين جي ڏُکيي پنڌ ۽ سخت پورهيي جو نقش چٽيو ويو آھي، جيڪي ڦاٽل ڪپڙن ۾، اونهاري توڙي سياري ۾ جهنگ ۽ بيابانن ۾ ڏُٿ ڏوريندا آھن.
ھن پھاڪي کي محنتي، جفاڪش ۽ اٽل اِرادن سان جدوجھد ڪندڙ ماڻهن جا اُھڃاڻ بيان ڪرڻ لاءِ ڪم آندو ويندو آھي. جڏهن ڪو ماڻهو وسيلن جي اڻاٺ ھوندي بہ پنھنجي منزل ماڻڻ لاءِ جستجو ۽ جُنون سان پنڌ ڪري تہ اھڙي ماڻهوءَ جي سچائي ۽ جفاڪشيءَ کي ھن پھاڪي وسيلي نروار ڪيو ويندو آھي.
کَٽين جي ھارائين، ھَنڌُ تنھنجو ھِيءُ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ جي داستان پھرئين جي بيت 15 جي ٻي سٽ آھي، جيڪا ڪنھن کي نصيحت ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي:
وَحدَهُ لاشريڪَ لہُ، اِيءُ وِهائِجِ وِيءُ،
کَٽين جي ھارائين، ھَنڌُ تنھنجو ھِيءُ،
پاڻان چوندِءِ پِيءُ، ڀَريٖ جامُ جَنَّتَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 68)
شاھ لطيف جي بيت جي ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ انسان لاءِ ھن دنيا جو عمل، آخرت جي عذاب ۽ راحت جو واحد مقام آھي. ھن دنيا ۾ جنھن نيڪ عمل ڪيا، تنھن ڄڻ تہ کٽيو، پر جنھن نہ ڪيا، ان ھارايو، يعني ڪاميابي يا ناڪاميءَ جو دارومدار انسان جي پنھنجي عمل تي آھي ۽ ھن جي کٽڻ يا ھارائڻ جو ھنڌ ھيءُ جهان ئي آھي.
کَمُ کَمَندَنِ کَٽيو، ھارايو ھوڙَنِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 15جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
کَمُ! کَمَندَنِ کَٽيو، ھارايو ھوڙَنِ،
چَکِيو نہ چُوندَنِ، ھُو جو ساءُ صَبُرَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 15، ص:126)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف صبر جي اھميت بيان ڪندي چئي ٿو تہ صبر جو سواد چکڻ صابر جو ڪم آھي، نڪي اُٻہرن ۽ اُتاولن جو. جڏهن ڪو ماڻهو اجائي تڪڙ ڪري، ڪنھن ڪم جي پوري ٿيڻ کان پھرين ان جي نتيجي ملڻ لاءِ اُتاولو ٿئي، ڌيرج يا صبر جو مظاھرو نہ ڪري سگهي تہ اھڙي حالت ۾، چوڻيءَ طور ھي بيت ڏنو ويندو آھي.
ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاھدَ ٿيندَءِ سامهان:
ھيءَ ’شاھ جي رسالو‘ جي سُر ڪلياڻ جي داستان پھرئين جي بيت 14 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن سٽ ۾ شاھ لطيف ھڪ غافل، گنهگار ۽ بي عمل انسان کي آخرت جو ڏينھن ياد ڏياري ٿو. شاھ لطيف جي ڪلام جي ھيءَ سِٽ ھميشه غافل، گنهگار ۽ بي عمل انسانن کي نتيجي طور ياد ڏيارڻ لاءِ نصيحت يا ھدايت طور چئي ويندي آھي:
وَحدَهُ لا شَرِيڪَ لَہُ، ٻُڌءِ نہ ٻوڙا،
ڪِي تو ڪَنين نہ سُئا، جي گهٽَ اندر گهوڙا،
ڳاڙيندين ڳوڙها، جِتِ شاھدَ ٿيندَءِ سامهان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 14، ص: 68)
گهڙيا سي چَڙهيا، اِيھين اٿيئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻي، داستان پنجين جي بيت چوٿين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
گهڙِيا سي چَڙهِيا، ايهين اَٿيٖئِي،
مَئٖي مَتٖي مِهراڻَ ۾، پئو ٽپو ڏِيئِي،
تہ ميھار مِليئِي، سَنڀُوڙو سِيڻاھَه سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پنجون، بيت 4، ص: 243)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، سهڻيءَ جو مثال ڏيندي چوي ٿو تہ جيڪي درياھ ۾ گهڙن ٿا، سي ئي پار پھچن ٿا يعني جيڪي ڪوشش ڪن ٿا، اھي ئي مقصد يا منزل ماڻين ٿا. انهيءَ حوالي سان ئي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
گهوڙا ڙي گهوڙا آئون نَہ جيئندِي اُن ري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر رامڪليءَ جي داستان پھرئين جي بيت ٽئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
لَکيٖن ڪِيا لِسانَ سين، لاھُوتِيَنِ لوڙا،
گهوڙا ڙي گهوڙا! آئون نَه جيئندِي اُنِ ريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پھريون، بيت ٽيون، ص:778)
ھن سٽ ۾ وڇوڙي ۾ تڙپندڙ دل جي دانھن بيان ڪيل آھي. جڏهن ڪو انسان پنھنجي دوست مٽ مائٽ يا اولاد کي ياد ڪري، جيڪو کائنس وڇڙي ويو ھجي يا پرڏيھ ويو ھجي ۽ ھُو سندس سِڪَ ۾ تڙپندي، پنھنجي ڪيفيت ھن چوڻيءَ وسيلي اظھاريندو آھي.
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيَڻُ ٿورا ڏِينھَڙا، ڪَڏِهن مَنجهہ ڪوٽَنِ، ڪَڏِهن راھِي رِڻَ جا:
شاھ جي رسالي جي سُر ڪيڏارو جي داستان ٽئين ۾ شامل ھي بيت ستون چوڻيءَ طور اڪثر ان وقت استعمال ڪيو ويندو آھي، جڏهن ڪو جوڌو جوان حق سچ جي راھ ۾ سر ڏئي سُرهو ٿيندو آھي. گهوڙن توڙي سورهيه سردارن جو جيئڻ ٿورن ڏينھن لاءِ آھي. ھُو ڪڏهن محلن ۾ آھن تہ ڪڏهن جنگ جي ميدان ۾. سر تريءَ تي رکي ھلندڙ جوڌا ۽ آبروءَ خاطر جيئندڙ انسان، ھميشه عارضي حياتيءَ تي اصولن کي ترجيح ڏيندا آھن. سندن دنيا ۾ رهڻ جو عرصو جيتوڻيڪ ٿورو ھوندو آھي، پر ھو اصولن خاطر سر گهوري سرها ٿي ھميشه لاءِ امر ٿي ويندا آھن.
گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيَڻُ ٿورا ڏِينهَڙا،
ڪَڏِهن مَنجھه ڪوٽَنِ، ڪَڏهِن راھِي رِڻَ جا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 416)
لَکُ لَھي ٿِي لوڏَ، جِيجان تن جَتَنِ جِي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان پھرئين جي بيت 20 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور پنھنجي ڪنھن پياري جي باري ۾ چئي ويندي آھي، جنھن جي ھر ادا سهڻي لڳندي آھي. ھن چوڻيءَ ۾ پياريءَ جي سندس لوڏ يا ھلڻيءَ جي ساراھ ڪئي وئي آھي:
ڪيچان آيو قافِلو، طَرَحَ موچاريءَ توڏَ،
سِينگارِيائُون سَيَدُ چئي، ڪَرَها مَنجھان ڪوڏَ،
لَکُ لَهي ٿِي لوڏَ، جِيجان تنِ جَتَنِ جِي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 20، ص: 130)
ھن سٽ ۾ سسئي، ڪيچ کان ڪَھِي آيل پُنهُون ۽ سندس قافلي جي ڀنڀور ۾ اچڻ تي انهن جي لوڏ ۽ ھلڻيءَ جي واکاڻ ڪندي، پنھنجي امڙ سان اندر جو احوال اوري چوي ٿي تہ، ’اي جيجل! انهن جَتن جي لوڏ بي بها يا بيحد وڻندڙ آھي.‘
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙي نَہ ٿِئي، پاڙيو ويٺِي پاڙ، جيڪين لالن لِکِيو لوحَ ۾.
ھي شاھ جي رسالي جي سُر معذوري، داستان پنجين جو بيت ڏهون آھي، جيڪو قسمت يا تقدير جي لکئي جي حوالي سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
لِکِيو جو نِراڙِ، سو اَنگُ ڪِياڙي نَه ٿِئي،
پاڙيو ويٺِي پاڙ، جيڪين لالن لِکِيو لوحَ ۾.
(قاضي، علامه آءِ آءِ، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پنجون، بيت 10، ص: 430)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ، جيڪو انگ نراڙ تي لکيل ھوندو، اھو ڪياڙيءَ ڏانھن ڪونہ ٿيندو، يعني انسان جي قسمت يا تقدير ۾ جيئن لکيل ھوندو، تيئن ئي ٿيندو.
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَع نہ ٿِيي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر معذوري، داستان نائين جي بيت 23 جي آخري سٽ آھي، جيڪا نصيب يا ڀاڳ جي حوالي سان چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
توڙي وَلاڙُون ڪَرِيين، توڙي ھَلين وِکَ،
لِکِئي مَنجهان لِکَ، ذَرو ضايَعَ نَه ٿِيي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئون، سُر معذوري، داستان نائون، بيت 23، ص: 123)
ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ انسان چاھي ڪيتريون بہ ڪوششون ڇو نہ ڪري ۽ ڪيترا بہ حيلا ڇو نہ ھلائي، پر ھن کي اھو ئي ملندو، جيڪو ڌڻيءَ جي پاران ھن جي ڀاڳ ۾ لکيل ھوندو. ھن بيت ۾ بظاھر لطيف جي جدوجھد جي سلسلي ۾ ابتڙ ڳالهہ ٿي لڳي پر ھن ذريعي ھو اھو چوڻ ٿو چاھي تہ ناڪاميءَ کان مايوس نہ ٿيڻ گهرجي، جيڪي نصيب ۾ لکيل ھوندو اھو ضرور ملندو!
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چي، نڪو قالُ نہ قِيلُ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي، داستان پھرئين جي بيت اٺين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. جڏهن ڪنھن جي محبت يا نينھن جو ناتو ڪنھن ماڻهوءَ مٿان حاوي ٿي ويندو آھي، تڏهن مٿس ڪابہ نصيحت اثر نہ ڪندي آھي ۽ نہ ئي مٿس ڪنھن جو چوڻ ھلندو آھي. انهيءَ حوالي سان ھيءَ سٽ چئي ويندي آھي:
لَڳِيءَ جو لَطِيفُ چي، نَه ڪو قالُ نَه قِيلُ،
لِکئٖي لامُون کوڙِيُون، نيڻين وَهٖي نِيرُ،
ھِينئڙا ٿِيءُ سُڌِيرُ، ڪالَهہ قَريبَنِ لَڏِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان پھريون، بيت 8، ص: 763)
مارُئِي نہ ڄائي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان ڇھين جي بيت چوٿين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو پِئا نَہ مامِري،
جنھن سامائي، ٿيلايا ٿَرَنِ ڌَڻِي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 4، ص: 412)
ھن سٽ جو مطلب آھي تہ، جي مارئي ڄمي ئي نہ ھا تہ جهيڙي جو سبب پيدا نہ ٿئي ھا ۽ نہ ئي مارو وڏي آزار ۾ پون ھا. روزمره جي زندگيءَ ۾ ھيءَ سٽ عام طور تي ھيئن بہ چئي ويندي آھي:
نہ ڄمي ھا مارئي، نہ پون ھا مارو مامري.
ماڙهُو گهرنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏينھن گهران سُپِرِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر بروو سنڌي جي داستان پھرئين جي بيت 13 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
ماڙهُو گهرَنِ مالُ، آئُون سَڀ ڏينھن گهران سُپِرِين،
دُنِيا تنھن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ،
ڪِيَسِ نامَ نِهالُ، پَسَڻُ تان پَريٖ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان پھريون، بيت 13، ص:765)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ ماڻهن کي مال ۽ دولت حاصل ڪرڻ جي خواھش آھي، پر مون کي محبوب جي تات لڳي پئي آھي. جڏهن ڪنھن انسان جي دل ۾ محبوب سان ميلاپ جي آرزوءَ کان سواءِ ڪا ٻي خواھش باقي نہ رهي، تہ ھو پنھنجي حالتن کي ھن چوڻيءَ وسيلي بيان ڪندو آھي.
مَتو آھِين مَڇَ، ٿلهو ٿِئو ٿونا ھَڻِين:
ھيءَ ’شاھ جو رسالو‘جي سُر گهاتوءَ جي داستان ٻئي، بيت پھرين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا علامتي حوالي سان پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
مَتو آھِين مَڇَ، ٿُلهو ٿِئو ٿُونا ھَڻِين!
جا تو ڏَٺِي اَڇَ، تِنہِ پاڻِيءَ پُنا ڏِينهَڙا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان ٻيو، بيت 1، ص:127)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ، اي مڇ! مچي متارو ٿيو آھين ۽ وتين ٿو مستيءَ ۾ ٿونا ھڻندو. جنھن تار پاڻيءَ جي اڇ کي ڏسي تون ڀلئين، تنھن جا ڏينھن پورا ٿي ويا. ھيءَ سٽ اجائي آڪڙ ۽ غرور ڪندڙ ڏاڍن ماڻهن کي ان وقت چيو ويندو آھي جڏهن ھو ظلم جي حد ڪري ڇڏيندا آھن. اڪثر سياسي توڙي سماجي جلسن ۽ جلوسن ۾ عالم، ڏاھا ۽ سياستدان تقريرون ڪندي ھيءُ بيت استحصالي قوتن لاءِ استعمال ڪندا آھن.
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھين، مُون وَٽِ وِٿاڻانِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان پنجين جي بيت 19 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَڪَنهِين، مُون وَٽِ وَٿاڻانِ،
ڀَرِيُون ڪِئو ڀُڻانِ، وِئا وِهائُو نِڪِري.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 19، ص: 288)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي سورن جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ سسئي چوي ٿي تہ ٿورا گهڻا ڏک سور تہ سڀ ڪنھن کي آھن، پر مون وٽ تہ غمن جا انبار آھن.
اھڙيءَ طرح اسان جي سماج ۾ پڻ ٿورا گهڻا ڏک سُور سڀ ڪنھن کي آھن، پر جن کي تمام گهڻا ڏک ۽ سور سَھِڻا پون ٿا، شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ انهن جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي.
مُحَبّتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ، تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو:
شاھ جي رسالي جي سُر ڪاپائتي، داستان پھرئين ۾ شامل ھيءُ بيت 17 چوڻيءَ طور استعمال ٿيندوآھي:
مُحَبّتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ،
تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئِي اَگهائِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 17، ص: 832)
علامتي حوالي سان ھن بيت جو مفھوم آھي تہ جيڪڏهن ڪو ڪم دل جي سچائيءَ سان ڪجي تہ ان جو معيار انتھائي اعليٰ ھوندو آھي. جيڪڏهن ڪنھن خلوص دل سان انسان ذات جي ڀلي خاطر ننڍڙو بہ ڪم ڪيو ھجي تہ اھو بدنيتيءَ واري گهڻي ڪيل ڪم کان ھزار ڀيرا وڌ ھوندو ۽ اھو ئي عوام اڳيان قبول پوندو. انهيءَ حوالي سان ئي ھيءُ بيت چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
مَردَ جنھن ماتِ ڪِئا، سَسُئِيءَ لَنگهئو سو:
شاھ جي رسالي جي سُر ديسي جي داستان نائين جي بيت 17 جي ھيءَ پھرين سٽ، چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي. ھن بيت ۾ شاھ لطيف چوي ٿو تہ سسئي، ھڪ نفيس ۽ نازڪ عورت ذات ٿي ڪري، پنھنجي عزم ۽ اٽل ارادي سبب اھو جبل لنگهي ويئي، جيڪو مرد بہ پار ڪري نہ ٿي سگهيا. سسئيءَ جو عشق سچو ھو ۽ عشق جي اڳيان وڏو جبل بہ ھيٺاھون ھوندو آھي:
مَردَ جنھن ماتِ ڪِئا، سَسُئِيءَ لَنگھئو سو،
جَبَلُ وَڏو جو، نوڻِ مِڙوئِي نينھن کي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان نائون، بيت 17، ص: 185)
علامتي مفھوم جي بنياد تي ھيءُ بيت چوڻيءَ طور تڏهن استعمال ٿيندوآھي، جڏهن ڪي بظاھر جسماني طور تي نازڪ ۽ ڪمزور پر ارادي جا اٽل انسان، پنھنجي منزل ماڻڻ لاءِ يا پنھنجي نيڪ مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ اھڙا تہ ڏکيا ۽ ناممڪن ڪَمَ بہ ڪري ڏيکاريندا آھن، جيڪي مضبوط ۽ طاقتور انسان بہ ھوندَ نہ ڪري سگهن.
مرڻان اَڳي جي مُئا، سي مَري ٿِينِ نہ ماتُ، ھوندا سي حيات، جيئَڻان اڳي جي جيا:
شاھ جي رسالي جي سُر معذوري، داستان چوٿين ۾ شامل ھيءُ بيت ستون چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي، جنھن جو مفھوم آھي تہ جن انسانن پاڻ کي نيڪ مقصد لاءِ فنا ڪري ڇڏيو، تن کي موت ڪڏهن بہ فنا ڪري نٿو سگهي. اھڙا انسان امر ٿي وڃن ٿا. اھڙن ئي انسانن جو مثال ڏيندي، شاھ لطيف جو ھي بيت چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
مَرَڻان اَڳي جي مُئا، سي مَرِي ٿِينِ نہ ماتِ،
ھوندا سٖي حَياتِ، جِيئَڻان اَڳٖيءَ جي جِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 357)
مُفتِي مَنجهہ وِهارِ، تہ قاضي ڪانيارو نہ ٿِيين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 23 جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
اَڻَ- چُوَندن مَ چَئو، چُوَندِن چَيو وِسارِ،
اَٺَئِي پَھرَ اَدبَ سين، پَرِ اِھائِي پارِ،
پايو مُنھُن مُونَن ۾، غُربَتَ ساڻُ گُذارِ،
مُفتِي مَنجھه وِهارِ، تہ قاضي ڪانيارو نہ ٿِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 23، ص:127)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف اسان کي پنھنجي اندر ۾ جهاتي پائي، پنھنجو پاڻ سڃاڻڻ جو درس ڏئي ٿو. ھن پھاڪي جو مطلب آھي تہ انسان جيڪڏهن خود احتسابي ڪري پنھنجو پاڻ سڃاڻي تہ ھوند قاضي يا گناھ ثواب جو فيصلو ڪندڙ اڳيان شرمسار ٿيڻ کان بچي وڃي. ھتي مفتيءَ جي ھڪ معنيٰ ضمير بہ آھي، جنھن ماڻهوءَ جو ضمير زندہ آھي تہ اھو ڪڏهن بہ شرمندو نہ ٿيندو.
منھن تہ موسيٰ جھڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر آسا، داستان چوٿين جي بيت 16 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
مُنھُن تَہ موسيٰ جھڙو، عادَتَ ۾ اِبلِيسُ،
اِھَڙو خامُ خَبِيثُ، ڪَڍِي ڪوهُه نَه ڇَڏِييٖن؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 16، ص: 723)
سماج ۾ برا توڙي ڀلا ھر قسم جا انسان رهن ٿا، پر ڪي اھڙا انسان بہ آھن، جيڪي ظاھري طور تي تہ ڀلا ۽ نيڪ ڏسڻ ۾ ايندا آھن، پر اندر ۾ دغا ۽ ٻيائي رکندا آھن. اھڙن ئي انسانن لاءِ شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي.
منھنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ جي داستان ڇھين جي بيت پھرئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
آڏَ تِراڇا، آھُڙا، ڏُونگَر کي ڏاڪا،
ڪِيَم آھَه عَجِيبَ کي، سِڪَ مَنجھان سا ڪا،
پيئِي ھَٿِيڪِي ھوتَ کي، ڪُوڪَ وَڃِي ڪَن ڪا،
منھنجو وَسُ واڪا، ٻُڌَڻُ ڪَمُ ٻَروچَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 399)
شاھ لطيف جي ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ بي وس ماڻهوءَ جو ڪم آھي فرياد ڪرڻ، باقي عرض اگهائڻ اختيار واري جي وس آھي. منزلون طيءِ ڪندي سسئي، پُنهُونءَ کي ان آسري پڪاريندي رهي، تہ من منھنجي ڪا ڪوڪ دانھن پرينءَ تائين پھچي، سندس وس ۾ تہ واڪا ئي ھئا.
شاھ لطيف جي بيت جي اھا سٽ ھيئن بہ چئي ويندي آھي:
واڪا ڪرڻ مون وس، ٻُڌڻ ڪم ٻروچ جو.
مُنھِين کي مارِينِ، مُنھِين سَندا ڏُکَڙا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان ڇھين جي بيت 19 جي آخري سٽ آھي، جيڪا ڏکن ۽ سورن جون ستايل عورتون پنھنجو پاڻ کي مخاطب ڪندي، چوڻيءَ طور استعمال ڪنديون آھن. ھن سٽ جو مطلب آھي تہ مونکي منھنجا پنھنجا ڏک ۽ سور ئي مارين ٿا، ٻئي ڪنھن کي ڪھڙو ڏوراپو ڏيان:
نَه ڪي رُوئَڻَ وارِيُون، نہ ڪٖي اوسارِينِ،
مُنهِين کي مارِينِ، مُنهِين سَندا ڏُکَڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 19، ص: 458)
مون ڀانيو مُون وَٽِ، ھَميشه ھُوندا پِرِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ٽئين جي بيت 15 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا مھل ۽ موقعي جي مناسبت سان چوڻي طور چئي ويندي آھي:
مُون ڀانيو مُون وَٽِ، ھَميشَه ھُوندا پرِين،
ويڙهو ڏيئِي ويڪَرو، پَھرِي ويا پَٽِ،
ساھُه جَنِين جي سَٽِ، وِڪِيمُ ٿي وَڻِڪارِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 388)
ھن سٽ ۾ سسئي پنھنجي توقع جي خلاف ڏيرن پاران ڪيل ويساھ گهاتيءَ تي افسوس ڪندي چوي ٿي تہ، مون ڀانيو تہ منھنجا سپرين سدائين مون سان گڏ ھوندا، پر ھو تہ مون کي ڇڏي اڪيلو ڪري ھليا ويا.
جڏهن ڪنھن کان اوچتو پنھنجا سڄڻ ۽ عزيز ڏور ھليا ويندا آھن، تڏهن شاھ لطيف جي ھيءَ سٽ ان جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي ۽ آھه ڀريندي چيو ويندو آھي تہ:
مون ڀانيو مون وٽ، ھميشه ھوندا پرين. مُون پِرِيان سين نينھن، ڇِنَڻَ ڪارَڻ ڪونَہ ڪِيو:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر رپ، داستان پھرئين جي بيت 14جي آخري سٽ آھي، جيڪا ھڪ عاشق پاران پنھنجي محبوب سان نينھن نڀائڻ جي ڳالهہ ڪندي، استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن سٽ جو مفھوم آھي تہ مون پرينءَ سان ناتو ٽوڙڻ لاءِ نہ ڪيو آھي:
جاءِ نَه سَڄو ڏينھن، ھِينئَڙو اوٺٖي وَڳَ جيئن،
مُون پِرِيان سين نينھن، ڇِنَڻَ ڪارَڻُ ڪونَه ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان پھريون، بيت 14، ص: 735)
مُون سي ڏِٺا ماءِ، جنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙي، داستان پھرئين ۾ شامل بيت ٻئي جي پھرين سٽ آھي، جيڪا اھڙن نيڪ بندن لاءِ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جيڪي پنھنجي زندگي، مقصد ۽ عمل ۾ مخلص ۽ سچا ھوندا آھن. اھڙن مخلص ۽ سچن انسانن سان ڏيٺ ويٺ يا واقفيت ھئڻ بہ ڀاڳن وارن کي نصيب ٿيندي آھي:
مُون سي ڏِٺا ماءِ، جنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي،
ڪَري نَه سَگهان ڪا، تنِي سَندِي ڳالَهڙِي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 1، ص: 7)
ھن بيت ۾ اھڙن ماڻهن جي ساراھ ڪندي، شاھ لطيف چوي ٿو تہ، اي امڙ! مون اھي انسان ڏٺا، جن پنھنجي حقيقي پرينءَ جو ديدار ڪيو آھي ۽ مان انهن جي ساراھ بيان ڪري نٿو سگهان.
مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ جي داستان ٽئين جي بيت 15 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
وَرُ سٖي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرَ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻُ اَباڻَنّ،
ويڙهيا گهمَنِ وَلِيٖين، جهانگِي مَنجھه جهنگَنِ،
مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 15، ص:568)
ھن سٽ مان مراد آھي تہ، ڪنھن انسان جو ھر وقت مصيبتن ۾ رهڻ تي شڪايت ڪرڻ. جڏهن ڪو ماڻهو ھميشه ھيڻائي ۽ اڻهوند واري حالات ۾ ھجي تہ اھو پنھنجي تقدير تي ميار ڏيندي اھا چوڻي ڪتب آڻيندو آھي.
مُون وَرُ تُونھِين تُون، تو، وَرَ! وَهُون ڪيترِيُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر، داستان ٽئين جي بيت ڏهين جي آخري سٽ آھي، جيڪا ڪنھن ونيءَ پاران پنھنجي ڪانڌ سان سچو ھئڻ ۽ سندس آڏو نوڙت ۽ نياز اختيار ڪرڻ جي حوالي سان چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي:
ڍولا! ڍيلِ مَ مُون، ڪانڌَ! ڪَمِيڻِي آھِيان،
سِڪَ تنھنجي سُپِرِين! ڀيري وِڌِيَسِ ڀُون،
مُون وَرُ تونهِين تُون، تو، وَرَ! وَهُون ڪيترِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 509)
ھن سٽ ۾ وني پنھنجي وَرَ يا ڪانڌ کي مخاطب ڪندي چوي ٿي تہ، تنھنجي لاءِ ڀلي ڪيتريون ئي ونيون ھجن، پر منھنجو ڪانڌ صرف تون ئي آھين. ھن سٽ ۾ عورتاڻي وفا جي انتھا ڏيکاريل آھي، عام طور جڏهن پڄنديءَ واري وٽ ڪو ماڻهو، عرض يا گذارش کڻي ويندو آھي، تڏهن کيس اھو عرض ڪندو آھي تہ ’صاحب! اسان جو توکان سواءِ ڪو اوهي واھي نہ آھي، تنھنجي در آيا آھيون، اسان جو عرض اگهاءِ‘.
مُيُنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَہ مَينڌرا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻو، داستان پنجين جي بيت 16 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
حالُ قُربانُ، مالُ قُربانُ، گهورِيان لُڊاڻو،
فِدا ٿِيءُ فَقِيرَ جو، شَلَ رُسي مَ راڻو،
مُيُنِ سين ماڻو، مُناسِبُ نَه مَينڌرا!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پنجون، بيت 16، ص: 536)
ھن سٽ ۾ مومل پنھنجي محبوب مينڌري کي نياز ۽ نوڙت وچان منٿ ڪندي چوي ٿي تہ، ’آءٌ جيڪا تنھنجي محبت جي ماريل آھيان، ان سان رُسڻ ۽ ماڻو ڪرڻ مناسب نہ آھي.‘
جيڪڏهن ڪنھن جو دوست يا محبوب دُور ھوندوآھي يا رُسي ويندو آھي، تہ شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ ان جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي ۽ مومل جيان نوڙت ۽ نياز ڪندي ھيءَ سٽ استعمال ڪئي ويندي آھي.
مَينڌَرا! ماڻا، تو ريءَ ڪنديسِ ڪنِ سين؟
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان ستين جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
راڻا! نَه ڄاڻان، ڪيئن وِڏُوڙِئيٖن وَلَها!
اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِينِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻان،
مَينڌَرا! ماڻا، تو رِيءَ ڪَندِيَسِ ڪنِ سين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ستون، بيت نائون، ص:544)
ھن سٽ ۾ مومل، راڻي کي مخاطب ٿي چئي ٿي تہ مينڌر! آئون توکان سواءِ ڪنھن سان انگل ڪنديس؟ اولاد پنھنجي ماءُ پيءُ لاءِ، زال پنھنجي مڙس لاءِ، عاشق پنھنجي محبوب ۽ دوست پنھنجي جگري دوست لاءِ پڻ اھا چوڻي ڪتب آڻيندا آھن.
نَڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ، عَدَدُ ناھِ عشقَ، پُڄاڻي پاڻَ لھي:
ھي شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان نائين جو بيت 13 آھي، جيڪو پھاڪي طور استعمال ٿيندو آھي:
نڪو سَنڌو سُورَ جو، نَڪو سَنڌو سِڪَ،
عَدَدُ ناھ عِشقَ، پُڄاڻِي پاڻَ لَهٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان نائون، بيت 13، ص: 267)
شاھ لطيف، ھن بيت ۾ سهڻيءَ جي سچي سڪ ۽ سچي نينھن جو ذڪر ڪندي چوي ٿو، تہ درد ۽ سڪ جي ڪا بہ حد نہ آھي. عشق جي بہ ڪا ڪٿ ئي نہ آھي. نينھن ڪيترو بہ گھرو ھجي تہ بہ اڻپورو آھي. ان جي پڄاڻي لهڻ مشڪل آھي. سهڻيءَ جي انهيءَ سچي سڪ ۽ سچي نينھن جو مثال ڏيندي، اڪثر ھيءُ بيت مھل ۽ موقعي موجب پھاڪي طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
نہ سي وَؤڻَ وَڻَنِ ۾، نَہ سي ڪاتارِيُون، پَسِئو بازاريُون، ھينئَڙو مُون لُوڻُ ٿِئي:
شاھ جي رسالي جي سُر ڪاپائتيءَ جي داستان پھرئين ۾ شامل مٿيون بيت 24 ڪڏهن مڪمل، تہ ڪڏهن ھر ھڪ سٽ الڳ الڳ چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
نہ سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون،
پَسِيو بازاريُون، ھِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 24، ص: 833)
شاھ لطيف جي ھن بيت جو ظاھري مفھوم بلڪل واضح آھي ۽ اُن ۾ زرعي بدحاليءَ ۽ خراب معاشي صورتحال جي عڪاسي ٿيل آھي، تنھنڪري ھن بيت جو چوڻي طور استعمال تڏهن ڪيو ويندو آھي، جڏهن ڪنھن علائقي ۾ زرعي ڏڪار اچي يا وري ڪٿ کان گهڻي گهٽ پيداوار ٿيڻ ڪري ماڻهن جي معاشي حالت انتھائي خراب ٿي وڃي. بيت جي علامتي مفھوم جي بنياد تي ڪجهہ باشعور ماڻهو ھن بيت جو چوڻيءَ طور استعمال تڏهن بہ ڪندا آھن. جڏهن صنعتي ۽ واپاري بدحاليءَ واري صورتحال ھجي ۽ ملڪ ۾ انساني وسيلن خاص ڪري ھنرمند ماڻهن جي کوٽ ھجي ۽ انهيءَ سڄي صورتحال جي ڪري سماجي اوسر جو سلسلو رڪجي وڃي، بازاريون ۽ اوج وارا شھر ويران ٿي وڃن تہ انهن آثارن کي ڏسي ائين چئبو آھي.
نِينھُن نھائينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوهُ نَہ ڍَڪِئين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر رپ جي داستان ٻئي جي بيت 13 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي.
نِيہُ نھائينءَ جان، ڍَڪِئو ڪوهُ نَه ڍَڪِئين
جُہ ڄَرَ ڄيري ڇَڏِي تہ ڪيئن پَچَندا ٿان
سَندِي ڪُنڀاران، ڪَنِ ڪَريجا ڳالهڙِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان ٻيو، بيت 13، ص: 299)
ھن سٽ جي معنيٰ آھي تہ محبت کي نھائين ۾ رکيل ٿانءُ جيان ڍڪي رکڻ گهرجي. ھي پھاڪو ڪنھن اھم راز کي ڍڪي رکڻ، عام ماڻهن جي شعوري سطح کان مٿانھين، ڳجهي ۽ ڳُوڙهي ڳالهہ عام سان نہ سلڻ يا عشق جي اسرارن کي نھائينءَ ۾ رکيل ٿانون جيان ڍڪي رکڻ لاءِ چيو ويندو آھي.
واٽُون وِيھَ ٿِيُون، ڪُه ڄاڻان ڪيھِيءَ وِيا؟:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان ٽئين جي بيت چوٿين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ڪيچان اوري ڪيتِرِيون، مَعذُورِيُون مُيُون،
واٽُون وِيهَه ٿِيُون، ڪُھُه ڄاڻان ڪيهِيءَ وِيا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 385)
جڏهن سسئي پنھنجي پرين پُنهُونءَ جي ڳولا ۾ ڀنڀور شھر کان ٻاھر نڪتي ۽ واٽ تي مُنجهي بيھي رهي، تڏهن پنھنجي مُنھُن پنھنجو پاڻ کي مخاطب ٿيندي چوڻ لڳي تہ، واٽون تہ ڪيتريون ئي آھن، پر مون کي ڪھڙي سُڌِ تہ منھنجو پرين ۽ سندس ڀائر ڪھڙي واٽ وٺي ويا؟
جڏهن ماڻهو ڪو فيصلو نہ ڪري سگهندو آھي تہ ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڪھڙي تدبير ڪجي جو ڪاميابي حاصل ٿئي؟ تڏهن اھا چوڻي ڪتب ايندي آھي يا جڏهن ڪو ماڻهو مُنجهي ڪٿي بيھي رهي ۽ اڻڄاڻائيءَ ۾ کيس ڪا خبر يا پَتو نہ پوي تہ ڪيڏانھن وڃڻ گهرجي، تڏهن چيو ويندو آھي تہ:
واٽُون وِيهَه ٿِيُون، ڪُھُه ڄاڻان ڪيهِيءَ وِيا؟
وَٺِيو وَڃِجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرِجِ ڪيڏَهِين:
شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻو، داستان پنجين جي بيت ٻئي جي ھيءَ پھرين سٽ آھي، جيڪا انسانذات کي پنھنجي اصل منزل ڏانھن ھلڻ جي تلقين ڪندي، چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
وَٺِيو وَڃِجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين،
لَوڻٖي ڦٖيرَ لَپاٽَ، لَڳنَدِيَئِي، لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پنجون، بيت 2، ص: 533)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف اھا نصيحت ڪري ٿو تہ، پنھنجي منزل نظر ۾ رکو، ھيڏانھن ھوڏانھن نہ ڏسو، ڇو تہ جي منزل کان پاسيرا ٿيندؤ تہ ڏکيا ٿيندؤ.
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تنِي کي ھوءِ:
ھيءَ سٽ شاھ جي رسالي جي سُر مارئي، داستان اٺين جي وائيءَ جي آھي، جيڪا ساڻيھ جي سڪ ۽ وفاداريءَ جو سبق ڏيندي، چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
سارِئو سانبِيَڙَنِ کي، رُوحُ منھنجو رَوءِ،
وَطَنُ جَنِ وِسارِئو، حَيفُ تنِي کي ھَوءِ.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان اٺون، وائي، ص: 36-435)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، پنھنجو وطن وسارڻ وارن ماڻهن تي افسوس ڪري ٿو. ھيءَ سٽ چوڻيءَ طور ھن طرح بہ چئي ويندي آھي:
حيف تنين کي ھوءِ، وطن جن وساريو.
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئي پُراڻُو نَہ ٿِئي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سُريراڳ جي داستان ٽئين جي بيت ٻئي جي پھرين سٽ آھي، جيڪا ڪنھن کي نصيحت ڪندي چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. شاھ لطيف جي بيت جي ھن سٽ جو لفظي مفھوم آھي تہ واپار اھڙي شيءِ جو ڪجي، جيڪا وقت گذرڻ سان پراڻي يا خراب نہ ٿئي، يعني جو ھر حالت ۾ فائديمند رهي. انسان کي عمل بہ اھڙو اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو سماجي حالتن ۾ کيس ۽ ٻين کي فائدو پھچائي.
وَکَرُ سو وِهاءِ، جو پَئِي پُراڻُو نہ ٿِيي،
ويچِيندي وِلاتَ ۾، ذَرو ٿِيي نہ ضاءِ،
سا ڪا ھَڙَ ھَلاءِ، آڳَھِه جنھن جي اُبهَين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 166)
وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نَہ ڇِنَنِ پاڻَ ۾، پَسو پَکِيَئڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گهڻو:
شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر، داستان چوٿين جو بيت پنجون چوڻيءَ طور عام استعمال ٿيندو آھي:
وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾،
پَسو پَکِيَئڙَنِ، ماڙُهنِئان ميٺُ گهڻو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 5، ص: 882)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، پکين خاص ڪري ڪونجن جي ولر ڪري اڏامڻ واري فطري عمل جو مثال ڏيئي، ماڻهن کي بيدار ڪرڻ، پاڻ ۾ ٻڌي ۽ ڀائيچاري، ميٺ، محبت ۽ پيار سان رهڻ جو پيغام ٿو ڏي، تہ پاڻ ۾ ايڪو ۽ اتحاد قائم ڪريو. ڪونجون ولر جي صورت ۾ اڏامنديون آھن ۽ ڪڏهن بہ ھڪ ٻئي کان ڌار نہ ٿينديون آھن. ان مثالي پريت ۽ سڪ، ٻڌيءَ ۽ ايڪي جي حوالي سان ھي بيت نصيحت ڪندي، چوڻيءَ طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
وِهو مَ لاھٖي، آسرو اللهَ مان:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سارنگ، داستان پھرئين جي بيت پھرئين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور اوکيءَ ويل اميد ۽ آسري نہ لاھڻ لاءِ استعمال ٿيندي آھي. ھن بيت ۾ انسان ذات کي ھدايت ڪيل آھي تہ ڌڻيءَ مان ڪڏهن بہ آسرو لاھي نہ ويهو.
اَگَمِيو، آھي لَڳَھ، پَسُ! لَطِيفُ چي،
اُٺو مينھن وَڏڦُڙو، ڪَڍو ڌَڻَ ڪاھي،
ڇَنَ ڇَڏي پَٽِ پَئو، سَمَرُ سَنباھي،
وِهو مَ لاھٖي، آسَرو اللهَ مان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 683)
وِيا سي وينجهار، ھِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان چوٿين جي بيت 15 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور ان وقت استعمال ڪئي ويندي آھي، جڏهن ڪن باشعور ماڻهن طرفان حال جي ستم ظريفي ۽ ماڻهن جي روين توڙي ڪُپت تي افسوس ڪندي، ماضيءَ ۾ ٿي گذريل ھستين ۽ انهن جي ڪارنامن يا سٺن ڪمن کي ياد ڪيو ويندو آھي:
وِيا سي وينجهار، ھِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي،
تَنِين سَندا پوئِيان، سِيهي لَهَنِ نہ سارَ،
ڪُٽِنِ ڪُٽِ لُھارَ، ھاڻي اُنِين ڀيڻييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 15، ص: 176)
وِيا مورَ مَرِي، ھنجَ نہ رَهِيو ھِيڪڙو، وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙنِ ڪانِيئَرنِ جو:
ھيءُ شاھ جي رسالي جي سُرڪارايل، داستان پھرئين جو بيت 29 آھي، جيڪو علامتي حوالي سان پھاڪي طور استعمال ٿيندو آھي:
وِيا مورَ مَرِي، ھَنجُ نَه رَهِيو ھيڪَڙو،
وَطَنُ ٿِيو وَرِي، ڪوڙَنِ ڪانِيئَرنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 29، ص: 853)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف سچن انسانن کي مور ۽ ھنج ، جڏهن تہ ڪوڙن ماڻهن کي ڪانيرن سان ڀيٽ ڏني آھي. شاھ لطيف، ھنج کي ڪامل رهبر پڻ ڪوٺيو آھي. انهيءَ حوالي سان ھن بيت جو مفھوم آھي تہ، ھن دنيا مان ھاڻي مورَ (سچا انسان) مري ويا آھن ۽ ھڪڙو بہ ھنج (ڪامل رهبر يا مرشد) ھينئر نہ رهيو آھي ۽ اسان جو وطن ھاڻي ڪُوَڙَن ڪانيرن (دولابي ۽ ڪميڻن انسانن) جو آکيرو ٿي ويو آھي. جڏهن بہ اڳئين دؤر جي ماڻهن، ملڪ جي حالتن ۽ ھاڻوڪي دؤر جي ماڻهن ۽ حالتن ڏانھن اشارو ڪرڻو ھوندو آھي تہ ھي بيت چيو ويندو آھي.
وِئا وَرائي جيڏيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ جي داستان پنجين جي بيت 20 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
وِئا وَرائي جيڏيُون، مُون ڏُکِيءَ کي ڏُکَ،
ويٺِي سارِئان سُکَ، ھيڪاندِيءَ ھُئامِ جي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 20، ص: 288)
شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ، ڏکن جون ستايل عورتون پنھنجي ساھيڙين سان ڏکن جو حال اوريندي چوڻيءَ طور استعمال ڪنديون آھن.
ھِتان کَڻِي ھُتِ،جنِ رَکِيو سي رَسِيُون:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان ٻئي جي بيت ٻئي جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جو مفھوم آھي تہ منزل تي اھي انسان رَسن ٿا جيڪي لڳاتار جدوجھد ڪن ٿا:
ھِتان کَڻِي ھُتِ، جنِ رَکِيو سي رَسِيُون،
ساڄَنُ سُونھن سُرِتِ، وِکائٖي ويجهو گهڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 289)
ھٿان حَبِيبَنِ، ڪونہ ڏُکويو ڪَڏِهِين:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي داستان ڏهين جي بيت 12 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي.
پَلاڻيائُون پَنڌِ ٿِئا، لَڏيو لَطِيفَنِ،
ھٿان حَبِيبَنِ، ڪونہ ڏُکويو ڪَڏِهِين.
(بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان ڏهون، بيت 12، ص:270)
ھن بيت وسيلي زماني ۾ چڱن ماڻهن جي ناپيد ٿيڻ ڏانھن اشارو ڪندي، شاھ لطيف چئي ٿو تہ اھي چڱا ماڻهو ھِتان لڏي ھليا ويا، جن جي ھٿان ڪنھن کي ڪڏهن ايذاءُ نہ رسيو.
جڏهن ڪو چڱو ۽ نيڪ ماڻهو دنيا مان گذاري وڃي يا ڪنھن ڳوٺ يا پاڙي مان ڪو ڳُڻائتو شخص لڏي وڃي تہ ان جي پٺيان ٻيا ماڻهو کيس ياد ڪندي اھا چوڻي چوندا آھن.
ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان چوٿين جي بيت نائين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
پاڙي ناھِ پَروڙَ، تَھ ڪا راتِ رَنجائي گُذِرِي،
ٻانڀَڻِ ٻَروچَنِ جي، گھائي وِڌِي گهورَ،
ھِڪَ سَسُئِي ٻِئا سُورَ، وِئا پِٽِيندا پاڻَ ۾.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان چوٿون، بيت 9، ص: 279)
شاھ لطيف مٿئين بيت ۾، مصيبت جي ماريل انهن انسانن جي حالت بيان ڪئي آھي، جيڪي سڀ ڪجهہ پاڻ تي پيا سھندا آھن. اھڙو انسان جنھن جو ڪو بہ حال ڀائي نہ ھجي، پنھنجا سُورَ پاڻ سان اوريندو رهي، تہ ان لاءِ سسئيءَ جو مثال ڏيندي ھيءَ سٽ چئي ويندي آھي.
ھِڪُ لِکئٖي، ٻي نينھن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سهڻيءَ جي داستان نائين جي بيت اٺين جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي.
آئون ڪِ نہ ڄاڻان ايئن، تہ جَرَ گهڙِي جوکو ٿِئٖي،
قَضا جا ڪَرِيم جي، تنھن کان ڪَنڌُ ڪَڍِبو ڪيئن؟
ھِڪُ لِکئٖي، ٻي نينھن، آڻي اولِيَسِ اولَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان نائون، بيت 8، ص:266)
بيت ۾ تقدير ۽ عشق جي دردن جو ذڪر ٿيل آھي. ھن سٽ کي، چوڻيءَ طور ڪتب آڻڻ مان، اھا مراد ورتي ويندي آھي تہ انسان سان جيڪي ٿيندو آھي، ان ۾ تقدير ۽ ان جي پنھنجي ڪرڻيءَ جو بہ ھٿ ھوندو آھي. جڏهن انسان ڄاڻي ٻُجهي پنھنجي لاءِ ڏُکي واٽ جي چونڊ ڪري، نتيجي جي ڄاڻ ھوندي به، پنھنجي وت ۽ وسَ کان وڏي مقصد لاءِ، غيرمعمولي جدوجھد ڪري، پاڻ کي تڪليفن ۾ وجهي يا ناممڪن کي ممڪن بڻائڻ جي جُنون ۾ پاڻ کي اذيتن جي اوڙاھ ۾ اُڇلائي تہ اھڙو ماڻهو پنھنجي ڪم ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ حالتن تي فخر ڪندي، اھا چوڻي چوندو آھي.
ھِڪِي ٻانِهيٖ چِتَ ۾، ٻِي سِٽيٖ صاحِبُ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ جي داستان ٻئي جي بيت 16 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻي طور استعمال ٿيندي آھي. بيت ۾ انسان جي سوچ ۽ قدرت جي فيصلن جو ذڪر ٿيل آھي.
ھِڪِي ٻانِھِيٖ چِتَ ۾، ٻِي سِٽٖي صاحِبُ،
ڪَڍي اُونهي ڪُنَ مان، اِي آگي جو عَجَبُ،
اِيءُ سائينءَ جو سَبَبُ، جيئن ٻُڏا اُڪاري ٻارِ مان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 16 ص:162)
شاھ جي رسالي ۾ ساڳي معنيٰ ۾ ٻيون سٽون بہ آھن، جيڪي پڻ ساڳي ريت چوڻيءَ طور ڪم اينديون آھن.
ھِڪِي ٻانھِيٖ چِتَ ۾، ٻِي صاحِبُ سَنواري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 15 ص:162)
ھِڪِي ٻانھِيٖ چِتَ ۾، ٻِي جا ڪَري اَللهُ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 17 ص:162)
ھڪِي ٻانِھِيٖ چِتَ ۾، ٻِي جا اَللهُ ڪري،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 18 ص:163)
ھِڪِي ٻانِھِيٖ چِتَ ۾، ٻِي ڪري جوڙَ جَبارُ،
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 19 ص:163)
انسان پنھنجي سيني ۾ ڪيتريون خواھشون ۽ اُميدون سانڍي، ايندڙ وقت جي رٿابندي ڪندو آھي، پر قدرت جي منشا ٻي ھوندي آھي ۽ ھو انسان جي سوچن، اُميدن ۽ آرزوئن جي بنهه ابتڙ نيون حالتون پيدا ڪندو آھي، اھڙين حالتن کي بيان ڪرڻ لاءِ، شاھ لطيف جي مٿئين سٽ، چوڻيءَ طور استعمال ۾ ايندي آھي.
ھَلُ ھِنئين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌُ وِسارِ:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبري، داستان ٽئين جي بيت 13 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ھَلُ ھِنئين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌ وِسارِ،
قاصِيداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻٖي ڪيچَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 295)
ھن سٽ ۾ اھو درس ڏنل آھي تہ، سسئيءَ وانگر پنھنجو مقصد يا منزل حاصل ڪرڻ لاءِ تمام گهڻي شوق ۽ چاھ سان جاکوڙ ڪرڻ گهرجي، رڳي سکڻي پنڌ ڪرڻ مان ڪجهہ ڪين ورندو.
ھُو جي سُورَ سُڄَنِ، مُون پِينگهي ۾ پِرايا:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان پنجين جي بيت ٽئين جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻي يا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
ھُو جي سُورَ سُڄَنِ، مُون پِينگھي ۾ پِرايا،
سانڍِياسِ سُکَنِ، سُورَنِ ڪارَڻِ سَرَتِيُون.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 3، ص: 284)
سسئي پنهونءَ جي لوڪ داستان ۾ سسئي ھڪ ٻانڀڻ جي ڌيءَ ھئي. ھن جي ڄمڻ تي جڏهن نجومين ٻڌايو تہ سسئيءَ جي شادي ھڪ مسلمان سان ٿيندي، تہ سندس پيءُ کيس درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏيو. ائين ڄمندي ئي سسئيءَ کي پيءُ ماءُ کان وڇڙڻو پيو. پُنهُونءَ سان پرڻي کان پوءِ، سندس غفلت جي ڪري، ڏير پُنهُونءَ کي کنڀي کڻي ويا ۽ سسئيءَ کي رڻ ۾ رلڻو پيو، ڏونگر ڏورڻا پيا. ائين پينگھي کان قبر تائين ھن سور سَٺا. جڏهن بہ ڪنھن ماڻهوءَ کي اھڙي صورتحال پيش ايندي آھي، تڏهن اھا چوڻي استعمال ٿيندي آھي. ساڳي معنيٰ ۾ ھيءَ سِٽ بہ چوڻيءَ طور چئجي ٿي:
سِرِجِي، تان سُورُ، ساماڻِي، تان سُکَ وِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڏهون، بيت 17، ص:475)
ھُو چُونِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائٖي:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ جي داستان اٺين جي بيت 17 جي پھرين سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ڪئي ويندي آھي. ھن سٽ ۾ شاھ لطيف تلقين ڪندي چوي ٿو تہ جيڪڏهن ڪو توهان کي ڪجهہ چئي ڏي يا سٺو ورتاءُ نہ ڪري تہ جيتري قدر ٿي سگهي، درگذر ڪرڻ گهرجي. ھيءَ چوڻي سمجھائڻ طور استعمال ٿيندي آھي:
ھُو چُونِئي، تون مَ چَئو، واتان وَرائٖي،
اَڳِ اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائٖي،
پاندَ ۾ پائٖي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 17، ص: 126)
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِري:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر ديسي، داستان پھرئين جي بيت 11 جي آخري سٽ آھي، جيڪا چوڻيءَ طور استعمال ٿيندي آھي:
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منھنجو ڏينھن ڏِنگو مَ ٿِيٖي!
اُٺَنِ، اوٺِيَئڙِن جٖي، ڇا وَهِيڻُو ويٖرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪير، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 375)
ھن سٽ ۾ سسئي پاڻ سان پيش ايندڙ واقعي کي قسمت جو لکيو سمجهندي، چوي ٿي تہ ھيءَ خسيس ۽ ڪمتر ھستي (سسئي) ڪير آھي، جا تقدير جي حڪم (لکئي) کي آڏو اچي، يعني تقدير جي لکئي کي ٽاري سگهي. ھيءَ سٽ بہ بي واھا انسان پنھنجي لاءِ چوڻي طور استعمال ڪندا آھن.
ھيڏا ھاڃا ٿِينِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾:
ھيءَ شاھ جي رسالي جي سُر حسيني، داستان چوٿين جي بيت ڏهين جي آخري سٽ آھي، جيڪا پھاڪي طور استعمال ٿيندي آھي:
مُون سَڏِيندي سَڏَڙا، ساٿِي سَڏُ نَه ڏِينِ،
وَلَهِيءَ جي وَٿاڻَ تي، توڏَ نَه تنوارِينِ،
ھيڏا ھاڃا ٿِينِ، بُري ھِنَ ڀَنڀورَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان چوٿون، بيت 10، ص: 448)
ھن دنيا ۾ ڪيترائي اھڙا دردناڪ واقعا، حادثا ۽ سانحا ٿين ٿا، جن جي ڏسڻ يا ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي ويندا آھن ۽ اھڙن ماڻهن جي واتان بي اختيار شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ نڪري ويندي آھي. جڏهن ملڪ ۾ ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ وڌي ويندو آھي، تڏهن پڻ شاھ لطيف جي بيت جي ھيءَ سٽ، ماڻهن جي اندر جي ترجمان بنجي پوندي آھي.
يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زبانِي، آھي آسانِي، ڪَمَ پِئٖي ٿِي ڪَلَ پَوي:
شاھ جي رسالي جي سر بروو سنڌي، داستان ٽئين جو ھي بيت ٽيون چوڻيءَ طور استعمال ٿيندو آھي:
يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زبانِي،
آھي آسانِي، ڪَمَ پِئٖي ٿِي ڪَلَ پَوي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 3، ص: 771)
ھن بيت جو مفھوم آھي تہ ھن دنيا ۾ ھر ڪو ڪوڙي دوستيءَ جو دم پيو ھڻي؛ کري کوٽي جي پرک تڏهين ٿي پوي، جڏهن ڪنھن جو ٻئي ۾ ڪم ٿو پوي! ان آزمائش مھل اھو بيت چوڻي طور استعمال ٿيندو آھي.