شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اصطلاح، ورجيسيون، پھاڪا ۽ چوڻيون تمام گهڻيون ملن ٿيون. انهن مان ڪي اھي آھن، جيڪي سنڌي لوڪن ۾ صدين کان مروج آھن، جن کي پاڻ پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو اٿس. ڪي وري سندس سٽن ۾ استعمال ڪيل فقرا، مثال ۽ ٻوليءَ جا سھڻا ٻول آھن، جيڪي وقت گذرڻ سان عام لوڪن جي گفتگوءَ ۾ استعمال ٿي، کانئس پوءِ واري ٻوليءَ ۾ مروج ٿي ويا آھن. اھي سڀ سنڌ جي لوڪ ڏاھپ جا سھڻا مثال آھن، جن کي ھتي بيان ڪيو ويو آھي.
لفظن جو اھڙو ايڪو يا ميڙ، جيڪو جملي جو جُز ٿي ڪم اچي ۽ ان مان لغوي معنيٰ بدران ٻي معنيٰ نڪري، تنھن کي اصطلاح چئبو آھي. جامع سنڌي لغات موجب اصطلاح عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ”ڪنھن ڌنڌي يا فن جو لفظ، ورجيسي ٻوليءَ جي محاوري وارو لفظ، لفظن جو جوڙ“ (بلوچ، 2007، ص: 181) جامع سنڌي لغات ۾ لفظ اصطلاح جو ٻہ معنائون ڏنل آھن، پھرين معنيٰ موجب سماجي ۽ سائنسي علمن ۽ مختلف ھُنرن سان لاڳاپيل اھڙا لفظ، جن سان انهن علمن ۽ ھُنرن کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي، تن کي اصطلاح (Terms) چئبو آھي، ٻي معنيٰ موجب ٻوليءَ ۾ ڪتب ايندڙ لفظن جو اھڙو ميڙ، جن جي ظاھري معنيٰ ھڪڙي تہ لڪل معنيٰ ٻي ھجي، ان کي انگريزيءَ ۾ (Idiom) چئبو آھي.
انگريزي لغت Kifayat’s Comprehensive English to English & Sindhi Dictionary موجب، Idiom يعني اصطلاح، ٻوليءَ ۾ اظھار جو اھڙو خاص طريقو، جنھن جي معنيٰ ان ۾ شامل ڌار ڌار لفظن جي اصل معنيٰ کان مختلف ھجي يا ڪنھن شخص جي فنڪاراڻي اظھار جي خاص نموني کي چئبو آھي.
“Idiom-a mode of expression peculiar to a language, a distinctive expression whose meaning is not determinable from the meanings of individual words, a form or variety of language, a dialect, a characteristic mode of artistic expression of a person” ( Memon Abdul Rasheed, 2001, p 1327)
فارسي لغت ’فرہنگ عمید‘ ۾ اصطلاح جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي: ” باہم صلح کردن، آشتی کردن، اتفاق طایفہ و جماعت مخصوص برای وضع کلمہ ای، مقرر داشتن معنیٰ و مفہومی برای لفظی سوای معنی اصلی آن، لغتی کہ جمعی برای خود وضع کنند، کلمہ ای کہ درفنی یا علمی معنی خاص غیر از معنی اصلی داشتہ باشد، اصطلاحات جمع“ (عمید، 1345 ہجری ص: 214)
ترجمو: ’پاڻ ۾ ٺاھ ڪرڻ، ھڪ لفظ جنھن تي قبيلي يا جماعت جو اتفاق ھجي، لفظن جي اصل معنيٰ کان ھٽي ڪري ٻي معنيٰ تصور جي وضاحت ڪرڻ، ھڪ اھڙو لفظ جنھن کي ڪو خاص گروھ پنھنجي لاءِ مقرر ڪري سگهي، اھو لفظ جيڪو فني يا سائنسي لحاظ کان ڪا خاص معنيٰ رکي، گڏيل اصطلاح.‘
سنڌي ٻوليءَ ۾ پھاڪن، چوڻين، اصطلاحن ۽ ورجيسن تي مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر روي پرڪاش ٽيڪچنداڻي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي ۽ انجنيئر وهاب سھتي تفصيل سان لکيو آھي. مرليڌر جيٽلي، اصطلاح يا محاوري جي وصف بيان ڪندي لکي ٿو: ” محاورو يا اصطلاح اھو مروج استعمال آھي، جيڪو بيان ۾ ڪنھن جملي جو جزو ٿي ڪتب ايندو آھي ۽ اکري معنيٰ بدران ٻوليءَ جي رواج موجب ٻي معنيٰ ڏيندو آھي.“ (جيٽلي. 1996ع، ص: 54)
اصطلاح، ورجيسي ٻوليءَ جو اھم جز آھي، جيڪو بيان يا لکت کي پُراثر ۽ جامع بنائڻ ۽ ٻوليءَ جي سواد، حسناڪي ۽ ميٺاج کي وڌائڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪري ٿو. اصطلاح ۾ توڙي جو لفظن جي ظاھري معنيٰ بدران لڪل معنيٰ ورتي ويندي آھي، پر معنيٰ ۽ لفظن جو پاڻ ۾ اشاراتي ڳانڍاپو ھئڻ ضروري آھي.
مرليڌر جيٽلي لکي ٿو: ”ڪنھن بہ ٻوليءَ جي محاورن يا اصطلاحن جو جيڪڏهن اسين جائزو وٺنداسين، تہ معلوم ٿيندو تہ انهن جي جيڪا اصطلاحي معنيٰ ٻوليءَ ۾ مروج ٿي ويئي آھي، انهيءَ جو بنياد لفظن جي ڏسيندڙ يا اشارتي طاقت ئي آھي.“ (جيٽلي، 1996ع، ص: 64)
اصطلاح ۾ لفظ مقرر ٿيل ھوندا آھن، جن ۾ واڌارو يا گهٽتائي نٿي ڪري سگهجي، مطلب ان ايڪي جا لفظ مقرر ٿيل آھن، انهن ۾ ڪنھن بہ لفظ جي تبديليءَ سان اصطلاح جي معنيٰ وڃائجي وڃي ٿي. مثال طور ’پيٽ تي لت ڏيڻ‘ ھڪ اصطلاح آھي، جنھن جي معنيٰ ڪنھن جي پيٽ تي پير رکڻ يا لتاڙڻ ناھي، بلڪہ ان مان روزي يا رزق جي وسيلن تي قبضي ڪرڻ جي معنيٰ ورتي ويندي آھي. ان اصطلاح کي ’پيٽ تي پير رکڻ‘ ۾ مٽائي نٿو سگهجي. اھو ضرور آھي تہ اصطلاح، مختلف زمانن پٽاندر پنھنجي فعلي صورت ۾ تبديلي آڻي ڪم ايندو آھي. مثال طور:
زمان ماضي: اُن منھنجي پيٽ تي لت ڏني ھئي تہ آئون ڏکيو ٿي پيو ھوس.
زمان حال: تو منھنجي پيٽ تي لت ڏني آھي.
زمان مستقبل: تون منھنجي پيٽ تي لت ڏئي مون کي ڪنگال ڪندين.
انڪاري: ٻيلي منھنجي پيٽ تي لت نہ ڏي
سوالي: منھنجي پيٽ تي لت ڏيڻ جو ارادو ڪيو اٿئي ڇا؟
پھاڪا، چوڻيون، ورجيسون ۽ اصطلاح يا محاورا ٻوليءَ کي سوادي، سُهڻي، سلوڻي ۽ سدا شاھوڪار بڻائن ٿا. سنڌي ٻولي مٿي ڄاڻايل سمورين خوبين جي اکٽ خزاني جي ڌياڻي آھي، جنھن مان شاھ لطيف بہ پنھنجي پَتي کڻي پنھنجي ڪلام کي جامع پر سليس بڻايو آھي.
آڻڻ ۽ چاڙهڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’روز آڻڻ ۽ رڌڻ، نھايت مسڪينيءَ سان گذر ڪرڻ، ٿوري تي گذران ڪرڻ.‘
آڻِينِ ڪِي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چٖي، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجھان لَنب لَطِيفُ چي، چانئُر ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نَه پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 4، ص: 584)
ھن سٽ ۾ مارئي ٿي چوي تہ، اي عمر! منھنجا مارُو ٿوري تي گذران ڪندڙ آھن. ھيڏانھن ڏٿ چونڊي آڻيندا آھن ۽ ھوڏانھن چاڙهي کائي ڇڏيندا آھن، کين سڀاڻي جي ڪا پڪ ڪانهي تہ ڪجهہ رڌڻ لاءِ ھوندو بہ يا تہ !
آھ نہ سلڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڏک ظاھر نہ ڪرڻ، درد جو احوال نہ ٻڌائڻ، اندر جي دانھن نہ ٻڌائڻ.‘
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِهُ پَسيو، وِهسَن گهڻُو،
ڪَڙيٖ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيٖراڪَ،
لَڳِيَنِ لَنئُون لطيفُ چٖي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻٖي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ پِہ آھَه نہ سَلَنِ عامَ کٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 23، ص: 75)
جيتوڻيڪ سچن عاشقن جا محبت ۾ وڇوڙي وارا وڍ پيا ڏُکندا آھن ۽ اھي زخم وري پيا تازا ٿيندا اٿن، تہ بہ پيا صبر سان راز کي سانڍيندا ۽ پنھنجي درد جي دانھن ۽ آھ ٻاھر ڪڍي ٻين کي ڪو نہ ٻڌائيندا.
اَکِيُون پيرَ ڪري وڃڻ
ھي ھڪ اصطلاح آھي، جيڪو شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’محبت سان وڃڻ، پيار ۽ پاٻوھ سان وڃڻ، نوڙت ۽ نياز سان وڃڻ.‘
وَنءُ مَدِينٖي، مَڱِڻا! اَکِيُون پيٖرَ ڪَري،
جِتي ماڻِڪِي محَمّدَ مِيرَ جي، جهرِڪِيو جوتِ ڪري،
پَسِيو جوتِ جَمالَ جِي، جِتِ اُمَتِيَنِ نيڻ ٺَري،
پِرِيتَئُون پيرُ ڀَري، ڪِج زيارت ذوقَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 873)
شاھ لطيف اھو اصطلاح سُر سُهڻيءَ ۾ بہ ڪتب آندو آھي. ’اکيون پير ڪري وڃڻ‘ جيڪو ھڪ وسيع معنيٰ وارو اصطلاح آھي. اٿاھ عقيدت سان پرينءَ ڏانھن وڃجي، دل جي حضور سان محبوب ڏانھن وڃجي، بي انتھا پيار ۽ محبت، سڪ ۽ اُڪير سان وڃجي، نياز ۽ نوڙت، ھمت ۽ حوصلي سان ئي اھو پنڌ پرينءَ تائين پُڄائيندو. سڀئي خوف ۽ خطرا اورانگهي ئي پنھنجو مقصد ماڻجي.
اڱڻ سورڻ
ھيءُ ھڪ عام اصطلاح آھي، جيڪو شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اڱڻ کي ٻھاري ڏيڻ، صاف ڪرڻ، ٻھاري ڏيئي صاف ڪرڻ، اڱڻ اجرو ڪرڻ.‘
لِيلان! لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،
اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 14، ص: 510)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف چوي ٿو تہ اي لِيلا! تون ايتري قدر نہ لُڇ ۽ اُٿي چنيسر لاءِ اڱڻ صاف ڪر، يعني محبوب جي اچڻ جي اميد رک يعني سندس آجيان جي تياري ڪر.
اَمُرَ کي آڏِي ڦِرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’انڪار ڪرڻ، حڪم نہ مڃڻ‘:
ڇا جي ڏِنگا ڏيرَ، منھنجو ڏينھن ڏِنگو مَ ٿِيٖي،
اُٺَنِ، اوٺِيئَڙِن جٖي، ڇا وَھِيڻُو ويٖرَ،
ھِيءَ ڪَمِيڻِي ڪيرَ، جا اَمُرَ کي آڏِي ڦِريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرديسي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 375)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ جي زباني چئي ٿو تہ، شال ڪنھن جو نصيب نہ ڦٽي، نہ تہ ڪنھن انسان جي اختيار ۾ ناھي تہ ھو ڪنھن جو ويري ٿئي. اِھو سڀ قسمت جو لکيل آھي، جنھن کان ڪير انڪار نٿو ڪري سگهي.
اَندَرُ آئينو ڪرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’اندر پاڪ/صاف ڪرڻ، اندر اُجرو ڪرڻ، تہ جيئن ان ۾ ڪا کوٽ نہ رهي.‘
ھارِي! حَقُ رَکٖيجِ، سانڀارا ساھَڙَ جو،
خوابَ، خِيالَ، خَطِرا، تَنِ کي تَرَڪُ ڏِئيجِ،
اَندَرُ آئِينو ڪري، پَرِ ۾ سو پَسيج،
انهين راھَه رَميجِ، تہ مُشاھِدو ماڻِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ستون، بيت 12، ص: 257)
پنھنجي قلب کي آرسيءَ جهڙو صاف ۽ اُجرو ڪري، ان ۾ پنھنجو پاڻ ڏسڻ، تہ جيئن پنھنجي سنئين رستي جي چونڊ ڪري سگهجي، نيڪ نيت ٿيڻ.
اندرُ اُجارڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ استعمال ٿيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ دل کي صاف ۽ اجرو ڪرڻ، قلب تان ڪٽ لاھڻ، نيڪ ٿيڻ‘ اندرئين وجود (نفس، قلب، ذھن، نيت) کي پاڪ صاف ڪرڻ.
اَکَرُ پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ،
اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 29، ص: 111)
تون پنھنجي اندرئين وجود (نفس، قلب، نيت ۽ ارادي) کي پاڪ صاف ڪر، باقي ڪتابن جا پنا ڪيترا پڙهندين! مطلب تہ پنھنجي احسن عمل سان اندر کي اُجار ۽ سچو انسان ٿي.
اَندر ۾ اوطاق ڪرڻ
ھيءُ ھڪ اصطلاح آھي، جيڪو شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جيءَ ۾ جاءِ جوڙڻ.‘
اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ، وَنهِينِ ويڙيچَنِ جا،
سُورَنِ اَچِي، سُومَرا! اَندَرِ ڪِي اوطاقَ،
مارُوءَ جي فِراقَ، ھَڏَ منھنجا ڪَپِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 52، ص: 615)
ھن سٽ ۾ مارئي چوي ٿي تہ، اي سومرا! منھنجن مارو مائٽن جا سور منھنجي دل ۾ ڄڻ تہ جاءِ جوڙي ويھي رهيا آھن، ڏک ۽ سور منھنجي جيءَ ۾ گهر ڪري ويٺا آھن، وڃن ئي نٿا.
اَنڌا اُونڌا ويڄَ ھئڻ
ھيءُ ھڪ اصطلاح آھي، جيڪو شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اڻ ڄاڻ ۽ نيم حڪيم، اونڌي ۽ انڌي سمجهہ وارا طبيبَ، پنھنجي ڌنڌي ۾ اڻڄاڻ، پنھنجي ڪِرت جي ڪَل نہ ھجڻ.‘
اَنڌا اُونڌا ويٖڄَ! کَلَ ڪُڄاڙيا کانِئييٖن؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِييٖن پيٖڄَ،
سُورِي جنِين سٖيڄَ، مَرَڻُ تَنِ مُشاھِدو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 71)
اڻ ڄاڻ، پنھنجي پيشي ۽ ڪم کان اڻ واقفيت رکندڙ طبيب اصل مرض کي نٿا سمجهن ۽ اجايو ڏنڀ ڏيئي، اُبتا علاج ڪري ويتر تڪليف ٿا ڏين.
اَوَتَڙِ نہ اولِجڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۽ سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي. ھيءُ وڻجارن، سامونڊين ۽ ناکئن جو اصطلاح آھي، جيڪو انهن پاران اھنجي يا اڙانگي تڙ ڏانھن ڪاھجڻ يا ڌڪجي وڃڻ جي حوالي سان عام طور استعمال ڪيو ويندو آھي.
ھن اصطلاح جي معنيٰ شاھ جي شارحن ۽ عالمن ھن طرح ڏني آھي:
(جنھن سنئين راھ ورتي سو) اڙانگي تڙ طرف نہ ويو، تڙ کان توائي نہ ٿيو، ٿيلهجي نہ ويو.
دربدر نہ ٿيڻ، نہ ڀٽڪڻ، اوجهڙ ۾ نہ وڃڻ، غلط راھ تي نہ وڃڻ ۽ صحيح سلامت وڃي منزل مقصود تي پھچڻ يعني نجات حاصل ڪرڻ. (جيڪو صحيح رهبر جي چونڊ ڪندو سو) بي راھ ٿي خطري جي منھن ۾ نہ پوندو.
وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جڏهن چَيو جنِ،
تنِ مَڃِيو مُحَمَّد ڪارَڻي، ھٖيجان ساڻُ ھِنيّئَنِ،
تڏهن منجھان تنِّ، اَوتَڙِ ڪونَه اولِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 6، ص: 67)
وَحدَهُ لاشَرِيڪَ لَہ، جنِ اُتو سيٖن اِيمانَ،
تنِ مَڃِيو مُحَمَّد ڪارَڻِي، قَلبَ ساڻُ لِسانَ،
اُوءِ فائِقَ ۾ فَرمانَ، اَوتَڙِ ڪنھن نہ اولِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 67)
اَوَڻَتِ جو آچارُ ڪرڻ
ھيءُ ھڪ اصطلاح آھي، جيڪو شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’رسامو، رنج، ناراضگي، اڻوڻت جو ورتاءُ ڪرڻ، اڍنگي ھلت ھلڻ.‘
تو جو ڀانئيو ھارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو،
چَنيسَرُ چِتُ کَڻي، ٿِيو پورهِيَتِ جو پارُ،
اَوَڻَتِ جو آچارُ، ڪانڌُ ڪِنهِين سين مَ ڪَري!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 9، ص: 500)
مٿئين بيت جي ٽين سٽ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، ’شل ڪنھن جو پرين نہ رُسي! ۽ ڪنھن سان اڻوڻت جو ورتاءُ نہ ڪري.‘
بُري تي بڇ ڪرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر گهاتوءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ ويريءَ سان وڙهڻ، ظالم سان مھاڏو اٽڪائڻ.‘
جيڪُسِ جهلِيا مَڇَ، گهاتو گهرِ نَه آئِيا.
ڪاھي وَڃو، ناکُئا! ڪَرِيو بُريٖ تي بَڇَ،
گهاتو گهرِ نَه آئِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، وائي، ص: 635)
شاھ لطيف، سمنڊ ۾ مڇي مارڻ وارن گهاتن کي چوي ٿو تہ، توهان سان برائي ڪندڙ وڏي مڇ تي سڀيئي گڏجي حملو ڪريو، (جو اھو ننڍين مڇين توڙي ماڻهن جو ماري آھي.) تڏهن سندس مقصد اھو آھي تہ ڏاڍ ڪندڙ کي گڏجي منھن ڏيڻ گهرجي.
ٻاجهہ جو ٻُڙو نہ لاھڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’هميشه مهربانيءَ جي نظر ڪرڻ، ٻاجهارا ھٿ ڌرڻ.‘
ٻُڙو لاھِه مَ ٻاجهه جو، مُون تان منھنجا پيرَ،
هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو؟
ٿَڌِيُون وَلِيُون ٿَرَنِ ۾، ڪوڙييٖن ڪِرِڙَ، ڪَرِيرَ،
هارِي! مُون ڪوهُه ڪِيو؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پنجون، وائي، ص: 577 ۽ 578)
ھن سٽ ۾ مارئي چوي ٿي تہ، اي منھنجا ڌڻي! (ٿي سگهي ٿو تہ مون کان ننڍا وڏا ڪي گناھ ٿيا ھجن، پر تون ان جي ايڏي وڏي سزا تہ نہ ڏي!) مون تان مهر جي نظر نہ لاھجان ۽ تون مون تي مهرباني ڪر ھميشه رحم جي نظر ڪندو رهجان.
ٻُڏندي ٻُوڙا جهلڻ / ٻُڏندي ٻُوڙن ۾ ھٿ وجهڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اَڻَ سَرنديءَ ڪنھن جي بہ واھر وٺڻ، مصيبت ۾ ھٿوراڻيون ھڻڻ.‘
ٻُڏَنديٖ ٻُوڙَنِ کي، ڪي ھاتِڪَ ھَٿَ وِجَھنِ،
پَسو لَڄَ، لَطِيفُ چٖي، ڪيڏِي کي ڪَکَنِ،
توڻٖي ڪَنڌِيءَ ڪَنِ، ناتَہ ساڻُنِ وَڃَنِ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان اٺون، بيت 1، ص: 259)
ٻڏڻ ويل، ٻوڙن کي جهلي ٻُڏڻ کان بچڻ جي ڪوشش ڪرڻ يا مصيبت ۾ ڪمزور مان اميد رکڻ.
ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’نقصان مان امڪاني فائدو ملڻ، قربانيءَ جو ڦل ملڻ، لايو سجايو ٿيڻ، جان ڏيڻ سان ملهہ ٻيڻو ٿيڻ.‘
تہ ڪَر ڪيئن سُئِي، جي سِيرَ نہ گهڙِي سُهڻي،
ھِتِ حَياتِيءَ ڏينھَڙا، ھَڏِهِين تان نہ ھُئِي،
چُڪِيءَ تنھن چرِي ڪَئِي، جو ڏِنُسِ اُنِ ڏُهِي،
سُهڻيءَ کي، سَيّدُ چئي، وِڌو قُربَ ڪُھِي،
ھونهين ھوند مُئِي، پَرَ ٻُڏِيءَ جا ٻِيڻا ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پنجون، بيت 15، ص: 245)
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، سُهڻي مري تہ ھُونئن بہ وڃي ھا، ڇاڪاڻ تہ ’ کُلُّ نَفسِ ذَآئِقَةُ المَوتِ‘، پر قربانيءَ جي عمل سندس درجو مٿانھون ڪيو، سندس اھا جرئت ۽ بھادري صدين تائين پيئي ڳائبي.
ٻُڪي ڏيڻ / ٻاجهہ جي ٻُڪي ڏيڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’سُتي ڏيڻ، دوا ڏيڻ، مهر جي پڙي ڏيڻ، تمام گهڻو احسان ڪرڻ، فضل/مهرباني ڪرڻ.‘
ٿِيندو تَنَ طَبيبُ، دارُون منھنجٖي دردَ جو،
ٻُڪِي ڏِيندُمِ ٻاجِهہ جِي، اَچِي شالَ عَجيبُ،
دارُون منھنجٖي دردَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، وائي، ص: 82)
سُپرين شال اچي مونکي مهر جي سُتي ڏيندو، مون تي رحم ڪري، مون وٽ اچڻ جي مهرباني ڪندو.
ٻولَ ٻَڌل ھُئڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’وعدي مطابق ٻَڌل ھجڻ، تابعدار ھجڻ، قول يا عھد ۾ ٻَڌل ھُئڻ، ٻول تي سچو ھئڻ، وفادار ھئڻ.‘
سِهَه سِيارو، پاڻِي پارو، جِت جُهڙُ جَھڪَ ۽ جهولَ،
مَنَ اندَرِ ميھار جا، ھينئڙي اَچَنِ ھولَ،
جيلانهَن ٻَڌِيَسِ ٻولَ، تٖي اَڙانگا آرَ تَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 232)
جڏهن بہ ڪو مخلص انسان، ڪنھن سان واعدو ڪري ٿو، تہ ڄڻ اخلاقي طور ھو ان جو پابند ٿي وڃي ٿو. ان ڪري کيس اھڙو قول يا ٻول پورو ڪرڻ ضروري آھي. ان کي ٻول سان ٻڌل ھئڻ چيو وڃي ٿو.
ٻيائيءَ کي ٻک وجهڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’شرڪ کي چھٽي پوڻ، الله کان سواءِ ٻئي ۾ ويساھ رکڻ.‘
وَحدَهُ لاشريڪَ لہُ، اِيءُ ھيڪَڙائِيءَ حَقَ،
ٻيائِيَ کي ٻَکُ، جَنِ وڌو سي وِرَسِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 16، ص: 69)
جن بہ الله جي وحدانيت کي ڇڏي شرڪ ۽ دوئيءَ کي ڇاتيءَ سان لڳايو ۽ ان کي چنبڙي پيا، سي وحدت واري واٽ کان ڀُليا ۽ گمراھ ٿيا.
ڀَڳي سان ئي ڀيرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪاپائتيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ حال سارو ڪم ڪندو رهڻ، جھڙي تھڙي حال سان ڪم ۾ رڌل رهڻ.‘
ڀَڳو ئِي تُون ڀيرِ، جانسِين رَتو راسِ ٿِئي،
بُرِيَ بيڪارِيَ سين، ھارِي! پاڻُ مَ ھيرُ،
ڪتُ ڪِتَندِي ڪيرُ، نَنهن سيئن نِيرازِي ڪَري؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 13، ص: 831)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، ڪاپائتيءَ جو مثال ڏيئي وقت جو قدر ڪرڻ ۽ وقت زيان نہ ڪرڻ جي ھدايت ڪئي آھي. ڪنھن بہ قسم جو عذر ڏئي ڪم نہ ڪرڻ درست نہ آھي.
تارِ ۾ تُرهو ٿيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اونهي پاڻيءَ ۾ تُرهي جو ڪم ڏيڻ، اونهي درياھ ۾ آڌار ٿيڻ، اونهي ساگر ۾ ٽيڪ ٿيڻ.‘
مُون سي ڏِٺا ماءِ، جنِين ڏٺو پِرِينءَ کي،
رَهِي اَچِجٖي راتَڙِي، تنِ جُنگَنِ سَندِيءَ جاءِ،
تنِين جِي ساڃاءِ، تُرَهو ٿِئٖي تارِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 3، ص: 746)
معنيٰ: انهن ڪامل جوڳين/کاھوڙين جي ساڃاھ ۽ سڃاڻپ ھن اونهي ساگر ۾ تُرهي جو ڪم ٿي ڏئي، يعني اونهي پاڻيءَ ۾ ٽيڪ يا آڌار آھي.
تانگهي ۾ تُرهو تاڻي ٻَڌڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’مُنڍ يا شروع ۾ ئي تياري ڪري ڇڏڻ.‘
تانگهي ۾ تاڻٖي، ٻَڌُ پنھنجو تُرهو،
اُونهٖيءَ ۾ آڻٖي، ڪونَه ڏيندُءِ ڪو ٻِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 183)
اي انسان! تانگهي پاڻيءَ ۾ ئي پنھنجو ترهو ڇڪي ٻڌ. جيستائين پاڻي ننڍو آھي، تيستائين تُرهي کي ڇڪي ڪناري تي آڻي ٻڌ؛ يعني موقعو ھٿان نہ وڃاءِ ۽ مُنڍ ۾ ئي تياري ڪري ڇڏ. تو لاءِ اونهي پاڻيءَ يا ڏُکئي وقت ۾ ٻيو ڪوبہ مدد لاءِ نہ ايندو.
تتيءَ ٿڌيءَ ھلڻ / ڪاھڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر حسينيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’هر وقت ڪم ڪرڻ/رُڌل رهڻ، محنت مان نہ ورچڻ، ھر وقت ھلڻ، اوکي سوکيءَ ۾ ھمت نہ ھارڻ، صبح شام ڪوشش ڪرڻ، اُس توڙي ڇانوَ ۾ پنڌ ڪرڻ، ھر ويل ڪوشش ڪرڻ، گرميءَ سرديءَ جو خيال نہ ڪرڻ.‘
جان جِييٖن تان جَلُ، ڪانهي جاءِ جَلَڻَ ري،
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ھَلُ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 17، ص: 442)
تَتِيءَ ٿَڌِيءَ ڪاھ، ڪانهي ويلَ وِهَڻَ جِي،
مَتان ٿِئٖي اُونداھ، پيرُ نہ لَهين پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 442)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، ھدايت ڪندي فرمائي ٿو تہ، اُس توڙي ڇانو ۾ اڳتي ڪاھيندو ھلڻ گهرجي، ۽ اوکي سوکيءَ ۾ ڪڏهن بہ ھمت نہ ھارجي، ڇاڪاڻ تہ ھن دنيا ۾ ويھي آرام ڪرڻ وارن کان منزل وڃائجي ويندي.
ٿَرَ ٻاٻِيھو ٿي مرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر حُسينيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’گرمي ۽ لُڪ جي اثر وچان مري وڃڻ، يعني گرميءَ وچان اھڙيءَ ريت مرڻ، جيئن ٿر ۾ ٻاٻيھو پکي، لُڪ ۽ گرميءَ ۾ پاڻي نہ ھئڻ ڪري مري ويندو پر ڏيھ ڪونہ ڇڏيندو.‘
مَنجهان منھنجي رُوحَ، جي وَڃي ساڄَنُ وِسرِي،
تَہ مَرُ لڳي لُوهَ، ٿَرَ-ٻاٻِيھو ٿي مَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 440)
محبت جي انتھا ۾ عاشق اھا دعويٰ ٿو ڪري تہ، جيڪڏهن منھنجي دل مان محبوب جي ياد ختم ٿي وڃي تہ شال آءٌ اذيت ناڪ موت مران، جيئن ٿر جي علائقي ۾ ٻاٻيھو پکي، پاڻي نہ ھئڻ ڪري، گرميءَ ۽ لُڪ ۾ مري ويندو آھي، پر پنھنجو ڏيھ ناھي ڇڏيندو.
ٿوري قُوتِ قَرارڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٿورو ئي قوت مِلي تہ ان تي راضي رهڻ، جيڪي آيو تنھن تي توڪل ڪرڻ، ٿوري تي راضي رهڻ، ھٻڇ نہ ڪرڻ.‘
ٿوريٖ قُوتِ قَرارِيا، رَهَنِ سَٻَر سَتِ،
کَٿِيءَ ۾ کِھَه ڀَڪُلِيا، ڀُوڻَن اِھڙِيءَ ڀَتِ،
پَھُنوارَڪِي پَتِ، پيھي پُڇ مَلِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 6، ص: 585)
معنيٰ: ھن دنيا ۾ انسان جون حقيقي گهرجون تمام ٿوريون آھن ۽ ٿورو گهڻو جيڪي ملي، تنھن تي راضي رهڻ گهرجي ۽ اجائي ھٻڇ نہ ڪري پنھنجي ڪرداري سونھن، ست ۽ سيل تي محڪم رهجي تہ بهتر آھي.
ٺَپَ ٺَرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي ’سُر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت جي ٽين سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڦٽُ ڇُٽي وڃڻ، خوش ٿيڻ، دل ٺرڻ‘:
عاشِقَ! معشوقنِ جِي، وَٺِي ويھه ڳَرِي،
جِمَ وِرِچِي ڇَڏِيين، سَندِي دوستَ دَرِي!
ڏيندا ٻُڪي ٻاجهه جِي، ويندَءِ ٺَپَ ٺَرِي،
اَسان تان نَه سَرِي، تو ڪيئن سَري سُپِرِين؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ستون، بيت 12، ص: 121)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف سچي عاشق سان مخاطب ٿيندي چيو آھي تہ، تون محبوب جي گهٽيءَ ڏانھن وڃي ويھ، ائين نہ ٿئي جو ورچي يا بيزار ٿي پوين. سندس راضپي ۽ مهر سان ئي تنھنجا ڦٽ ڇُٽي پوندا ۽ تنھنجي دل ٺري پوندي.
پاتار ۾ پيھي وڃڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’تري تائين وڃڻ، پاڻيءَ جي پاتال (تري) ۾ پھچڻ، اونهي عميق ۾ گهڙڻ.‘
اِيءَ گَتِ غَوّاصَنِ، جيئن سَمنڊُ سوجهيائُون،
پيھي مَنجهِہ پاتارَ جٖي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،
آڻي ڏِنائُون، ھِيرا لالُ ھَٿَنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 161)
ھن اصطلاح جي معنيٰ آھي تہ سطحي ڪوشش ۽ ڄاڻ سان نہ پر گھرائيءَ ۾ وڃي ڳولا ڪرڻ سان ئي مقصود ملندو آھي.
پاند پُسائڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر آسا ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دامن داغدار ڪرڻ، گناھ يا خطا جو ڪم ڪرڻ.‘
مُون کي مُون پِرِيُنِ، ٻَڌِي وِڌو تارِ ۾،
اُڀا اِيئن چَوَنِ، مَڇُڻِ پاندُ پُسائِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 38، ص: 728)
ڌڻي تعاليٰ انسان کي دُنيوي حرصن جي سمنڊ ۾ اڇليو آھي ۽ پوءِ کيس ھدايت ٿو ڪري تہ متان پاڻ کي آلو يعني داغدار ڪيو اٿيئي، يعني متان ڪو گناھ يا خطا جو ڪم ڪيو اٿئي.
پاند سين پاند لڳڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪاموڏ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڪپڙي سان ڪپڙي جو پاند لڳڻ، تمام ٿورو ڇُھڻ، مِلڻ، گڏجڻ.‘
کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ،
پاندُ جنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿئٖي لَڄَ،
سَمُون ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 10، ص: 621)
شاھ لطيف مھاڻن جي حالت بيان ڪندي فرمائي ٿو تہ، بظاھر انهن مھاڻن جون کاريون ککيءَ سان واسيل آھن، ۽ ڇڄ ڇڇيءَ سان. جن جي پلاند سان اتفاق سان جي پلاند لڳي وڃي تہ ھوند کک اچي، پر پوءِ بہ اعليٰ ظرف انسان انهن سان چڱي ھلت ھلندا آھن.
پاندُ ڳِچيءَ پائڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’آزي ڪرڻ، آزي نيزاري ڪرڻ، منٿ ميڙ ڪرڻ، پرچائڻ، ھيٺانھين وٺڻ.‘
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀِي! سِکِيين
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيبيءَ گَڏِ
ھَڏِ نَه چُندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِييٖن ڪانڌَ کي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، ليلا چنيسر، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 295)
شاھ لطيف، لِيلا کي ھيٺائين وٺڻ لاءِ چوي ٿو تہ، تون پنھنجي ڳچيءَ ۾ پلاند وجهي، پاڻ کي نهٺائيءَ سان پنھنجي ڀتار وٽ حاضر ڪر (نهٺي ٿيءُ).
پاند ۾ پائي وڃڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’جهوليءَ ۾ وجهڻ، جهوليءَ ۾ جهلڻ، پلئه ۾ وجهڻ، پلاند ۾ وجهڻ، حاصل ڪرڻ، فائدو ملڻ، فائدو حاصل ڪرڻ، وٺڻ.‘
ھُو چُونِئي تون مَ چَئو، واتان وَرائٖي،
اَڳِ اَڳرائِي جو ڪري، خطا سو کائٖي،
پاندَ ۾ پائٖي، وِيو ڪِيني وارو ڪِينَ ڪِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 17، ص: 126)
حسد ۽ ساڙ وارو بد نيت انسان، ڪي ڪين ٿو حاصل ڪري، يعني پاند ۾ ڪجهہ بہ وجهي نہ ٿو وڃي.
پاڻُ غريبيءَ گڏڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ھيٺانھين وٺڻ، نوڙت ڪرڻ.‘
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون، سوڀِي! سِکِيين
پائي پاندُ ڳِچيَ ۾، پاڻُ غَرِيبيَ گَڏِ
ھَڏِ نَه چُندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِيين ڪانڌَ کي.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، ليلا چنيسر، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 295)
شاھ لطيف، لِيلا کي مخاطب ٿي چوي ٿو تہ، تون پنھنجي ڳچيءَ ۾ پلاند وجهي پاڻ کي نهٺائيءَ سان پنھنجي ڪانڌ وٽ حاضر ڪر (نهٺي ٿيءُ).
پاھون پسڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’پوئتي ڏسڻ، پوئتي نھارڻ، پٺتي ھٽڻ.‘
سورِيءَ چڙهڻُ، سيڄَ پَسڻُ، اِيُ ڪَمُ عاشِقَنِ،
پاھُون ڪِينَ پَسَنِ، سائُو ھَلَنِ سامُهان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 72)
ڪو بہ وڏو مقصد ماڻڻ وارا جيڪي وڏي ست ۽ صبر وارا ھوندا آھن، سي پوئتي ڪين نھارين ۽ ان لاءِ جان بہ قربان ڪرڻ کان نٿا ڪيٻائين.
پتڻ جو پُور ڪرڻ / پُور ڪرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’گهمرا ڪرڻ، مٿان ڦِرڻ (موت جو)، واري سان موت اچڻ، ڦيرو ڪرڻ، پتڻ تي ٻيڙيءَ ۾ چڙهيل ماڻهوءَ جو ٻيڙي ھڪ گهمري ۾ پار اُڪرڻ.‘
ساٿِيَنِ نَنڌا بارَ، وو! تَنِ پانڌِيَنِ نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
پاتا پاڙيوارِييٖن، پَڳَھَ مَنجهہ پاتارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
پَتَڻُ ٿو پُورَ ڪَري، آئِي تنھنجَڙِي وارَ،
توکي آرَسُ اَکڙِيُنِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، وائي، ص: 171)
شاھ لطيف چئي ٿو، پتڻ پيو گهمرا ڏي، تنھنجي مھل آئي، ڪي آئي. (موت ڦيرا پيو ڪري، ڄاڻ تنھنجو وارو آيو). ھتي ’موت‘ کي پتڻ سان مشابھت ڏني ويئي آھي، جو پڻ پتڻ جي پورن وانگر ھڪڙن کي پار، يعني ھُن جھان ڏي پھچائي، ٻين جي پھچائڻ جي تياري پيو ڪري.
پِتي تي پوڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دل تي اثر ڪرڻ، دل تي اثر ٿيڻ، دل تي اثرانداز ٿيڻ، دل ۾ چُڀي وڃڻ، دل سان لڳڻ، غيرت جاڳائڻ.‘ سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور ’پِتي‘ کي غيرت يا عزت نفس واري معنيٰ ۾ استعمال ڪبو آھي. اھو ماڻهو جنھن تي ڪا ڳالهہ/بي عزتي اثر نہ ڪري ان کي ’بي پِتو‘ چئبو آھي.
سَريٖ ڪِينَ ڪِيونِ، ويڻَ موکِيءَ جي مارِيا،
ڪو جو سُخنُ ڪَلاڙَ جو، پِتٖي تي پِيونِ،
تِنهان پوءِ ٿِيونِ، مَرَڻُ مَتارنِ کي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان چوٿون، بيت 16، ص: 103)
غيرتمند انسان کي ڪڏهن ڪڏهن زھر اثر ڪو نہ ڪندو آھي، پر ڪو گفتو يا ويڻ سندس پِتي تي اھڙو پوندو آھي، جو ان جي ٻُڌڻ کان پوءِ انهن لاءِ زندہ رهڻ مشڪل ٿي پوندو آھي.
پِريان پيرُ ڀَرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’سڪ مان ھلي اچڻ، مهرباني ڪري اچڻ، ھمدردي ڪري اچڻ.‘
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪو ڪُنُ ڪريٖ،
توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، مَٿان وِيرَ وَريٖ،
آءُ، ساھَڙَ! منھنجا سُپِريِن! پِرِيان پيرُ ڀَريٖ،
ھادِي! ھَٿُ ڌَريٖ، اُونهٖي مان اُڪارِييٖنُ
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 227)
سچي محبت ڪرڻ وارا پنھنجي وهنوار ۾ جيڪو پير ڀريندا آھن، ان ۾ بہ سندن محبت جو عمل دخل ھوندو آھي، تڏهن چئبو آھي تہ اھو ئي پريان پير ڀرڻ آھي.
پکيءَ پيرَ نہ ھُئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر کاھوڙيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ بلڪل ويرانو ھئڻ، سڃو علائقو جتي ماڻهو ڇيڻو نہ ھجي، جتي پکي پکڻ بہ نہ ھجي.‘
جِتِ نَه پَکِيءَ پيرُ، تِتِ ٽِمِڪي باھِڙِي،
ٻِيو ٻارِيندِو ڪيرُ، کاھوڙِڪِيءَ کيٖرَ ريٖ؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 754)
جتي ڪنھن پکيءَ جي پير جو بہ نشان ناھي، تتي کاھوڙين جي باھ پيئي ٽمڪي. کاھوڙين جي ساٿ کان سواءِ، اھڙي ھنڌ ٻيو ڪير باھ ٻاريندو؟
پناھ جو پاندُ ڏيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ گناھن کان بچائڻ، مٿان پناھ جو پردو وجهي ڍَڪ ڍڪڻ، اَمن امان ۾ رکڻ.‘
سَتُرُ ڪَرِ سَتارَ! آئُون اُگهاڙِي آھِيان،
ڍَڪِييٖن ڍَڪَڻهَارَ، ڏيئِي پاندُ پَناھ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٻيو، بيت 25، ص: 876)
شاھ لطيف جي ھن بيت جو مطلب آھي تہ، الله پاڪ ستر ڪندڙ ۽ پردي ۽ پناھ ۾ پوشيدہ ڪندڙ آھي ۽ عيبن ڀري انسان جو پردو ڍڪيندڙ اھو ئي آھي ۽ ان کان ئي دعا گهرڻ کپي تہ اي ڍڪ ڍڪيندڙ! تون منھنجي مٿان پناھ جو پردو وجهي، ڍَڪُ ڍَڪِ ۽ پنھنجي مهر جي نظر سان مون کي سلامتي ڏي.
پِنيءَ ٻوڙ پاڻي ھجڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’تمام ٿورو پاڻي ھجڻ، تانگهو پاڻي، پني/ ٽڻي/ مريي تائين ايندڙ پاڻي.‘
ھُئِي طالِبِ حَقّ جِي، توڏِي لاڪُون توڙ،
نہ مَلاحُ نہ مَڪُري، نَه ڪِين ٻَڌي نوڙ،
پاڻِي پِنِيءَ ٻوڙ، سُهڻيءَ ليکي سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 230)
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ محبت ڪندڙ کي اونهو پاڻي يا سِير بہ پير پُسائڻ جيڏو پاڻي لڳندو آھي، يعني جن کي سچي محبت لڳل آھي، تن لاءِ ڪابہ ڏکيائي اھميت نہ ٿي رکي.
پُوچا پيرَ ڏسڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڏنگائي ڏسڻ، خراب نمونو ڏسڻ، بد سؤڻ سمجهڻ.‘
(شاديءَ جي ھڪ رسم موجب گهوٽ جي پيرن کي ٺِڪر جي ڍڪڻ مٿي سڌو رکڻ کي سٺو سوڻ ۽ ڦڏو رکڻ کي بد سوڻ سمجهبو آھي.)
پُوچا ڏِٺَمِ پيٖرَ، ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا،
مُون ڀانئِيو تنھن ويٖرَ، ڪوجهي ڪَندو پِرِيئَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 15، ص: 501)
لِيلا ڏٺو ھو تہ شاديءَ جي ڏينھن چنيسر جو پيرُ ڍڪڻ مٿان پورو رکيل نہ ھو. اوڏي مھل ئي دل ۾ شڪ جاڳيو ھئس تہ ڪنھن ڏينھن مڙوئي مون سان چڱا پير نہ کڻندو ۽ پريت جو نانءُ بدنام ڪندو.
پيڄ پيارڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ استعمال ٿيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’بيمار کي چانورن جي پيڄي يا پٽڙو ڀت کارائڻ، رٻ پيارڻ، پرهيز يا ڪِريءَ جو کاڌو کارائڻ، سُتي يا دوا پيارڻ، ڪانجهي ڏيڻ.‘
اَنڌا اُونڌا ويٖڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِييٖن؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِييٖن پيٖڄَ،
سُورِي جنِين سٖيڄَ، مَرَڻُ تنِ مُشاھِدو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 71)
اسان کي محبوب جي فراق جو درد ۽ آزار اندر ۾ آھي، ۽ تون پيو ٻاھريون دوائون ڪرين، ستيون پيارين ۽ ڪِري ڪرائين!
جان ۾ جَڙَ لڳڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئي ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’دل ۾ محبت جي ميخ لڳڻ.‘
آئُون ڪيئن ڇَڏِيان سومَرا! تَن پَھُنوارَنِ پَچارَ،
جَڙَ جَنِين جِي جانِ ۾، لَڳِي رِيءَ لُهارَ،
ميخُون مَحَبت سَندِيُون، ھِينئڙي مَنجهہ ھَزارَ،
پَکا ۽ پَھُنوارَ، ڏِٺي مُون ڏينھن ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان چوٿون، بيت 18، ص: 574)
ھن سٽ ۾ مارئي، عمرکي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ، اي سومرا! آءٌ انهن ڌنارن جي يادگيري ڪيئن وساري ڇڏيان، جن جي محبت جي ميخ منھنجي دل ۾ ڪنھن لوهار کان سواءِ پاڻمرادو لڳي چڪي آھي. اھڙي ڪنھن جذبي بابت اھو اصطلاح مروج آھي.
جَرُ جَنڊُ ٿِيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي ’سُر سُهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ جي آخري پد ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پاڻي سُڪي ٺوٺ ٿيڻ‘:
عِشقُ جَنِين کي آڪَرو، تُرَهو مَٿٖي تَنِ،
جي ساھَڙَ کي سڪَنِ، تَنِين جَرُ جَنڊ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 32، ص: 224)
ھن بيت ۾، شاھ لطيف چئي ٿوتہ، جن جو عشق اڻ ميو/بيشمار آھي، يعني جن جو عشق حد کان وڌيڪ آھي، انهن کي ڪنھن بہ سھاري جي ضرورت نہ ھوندي آھي. جن کي محبوب جي تات ۽ طلب آھي، انهن لاءِ پاڻيءَ (درياھ) جو وهڪرو بہ سُڪل ٺوٺ ٿيل زمين جيان آھي.
جوڙون جوڙڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي. ھن اصطلاح جي معنيٰ مختلف عالمن ۽ شارحن ھن طرح ڏني آھي: ’پنھنجي حڪمت ۽ ڪاريگريءَ جي وسيلي دنيا جا ڪم ٺاھڻ، جھان کي جوڙي راس ڪرڻ.‘
’جھان خلقڻ، جھان جون آسون ۽ اميدون پڄائڻ، آسون ۽ اميدون راس ڪرڻ، قدرت سان عجيب شيون پيدا ڪرڻ، عجيب ڪم ڪرڻ، رٿون رٿڻ، اٽڪلون رٿڻ.‘
اولِ، اللهُ، عَلِيمُ، اعليٰ، عالَمَ جو ڌَڻِي،
قادِرُ پنھنجي قُدرتَ سين، قائمُ آھِه قَدِيمُ،
والي، واحدُ، وَحدَہُ، رازِقُ رَبُ رَحيمُ،
سو ساراھِه سچو ڌڻِي، چَئي حَمدُ حَڪِيمُ،
ڪَري پاڻَ ڪرِيمُ، جوڙُون جوڙَ جَهانَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 65)
ھن اصطلاح ۾ الله تعاليٰ جي قدرت، ڪرم ۽ رحم سان جڳ جهان کي جوڙڻ ۽ قائم رکڻ جو تصور آھي. عام زندگيءَ ۾ ھيءُ اصطلاح خوش، خيروعافيت معلوم ڪرڻ واري معنيٰ ۾ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھن جو مطلب آھي: ’چاق، چڱو ڀلو، تندرست. ‘
جُهڙُ نيڻنئُون نہ لھڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر رپ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اکين تان جهُڙ نہ لھڻ يعني اکين جو سدائين ڪڪرن يا جهُڙ وانگر وَسڻ، لڳاتار ڳوڙها ڳاڙڻ.‘
ڪَڪَرَ مَنجهہ ڪَپارَ، جُهڙُ نيڻنئُون نہ لَهٖي،
اَڄُ منھنجي چِتَ ۾، اُٺا پِرِين اَپارَ،
آءُ، سَڄَڻَ! لَهُه سارَ، وِرِهَ ويڙِهِي آھِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان پھريون، بيت 17، ص: 736)
منھنجي ڪاپار يعني نرڙ ۾ڄڻ تہ ڪي ڪڪر آھن، جو منھنجي اکين مان جهڙ غائب ئي نٿو ٿئي، يعني اکيون جُهڙاليون ٿي ھر وقت پيون وَسن.
چاڪَ چِڪڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۽ سُر سامونڊي ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڦٽ اٿلڻ، ڦٽن ۾ تڪليف ٿيڻ، زخمن جو وهڻ يا رت پونءِ ڇڏڻ، زخم تازا ٿيڻ، ناسور پيدا ٿيڻ، سُورَ وري ياد پوڻ.‘
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِهُ پَسيو، وِهسَن گهڻُو،
ڪَڙيٖ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھيٖراڪَ،
لَڳِيَنِ لَنئُون لطيفُ چٖي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻٖي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ پِہ آھَ نہ سَلَنِ عامَ کٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 23، ص: 75)
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، جيتوڻيڪ سچن عاشقن جا چاڪَ چِڪندا آھن يا سندن زخم تازا ٿي پوندا آھن، تہ بہ ھُو خلق جي اڳيان آھَه نہ ڪڍندا آھن، ڪنھن کي پنھنجو سور نہ سليندا آھن.
نہ سي تَڙِ ھوڙاڪَ، نہ وايُون وَڻِجارَنِ جُون،
سَرَتِيُون! سامُونڊِيَنِ جا، اَڄُ پُڻِ چِڪِيَمِ چاڪَ،
مارِينِهُون فِراقَ، پاڙيچِيُون، پِرِيَنِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 9، ص: 190)
ھن سٽ ۾ وڻجارِي چوي ٿي تہ، اي سرتيون! اڄ منھنجي اندر ۾ سامونڊين جي ڦوڙائي جا ڦٽ وري تازا ٿي پيا آھن.
چيتاري چوڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي ’سُر رپ‘ جي ھيٺئين بيت جي پھرين سٽ جي پھرئين پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ياد ڪري ٻڌائڻ، ڳڻي ٻڌائڻ‘:
چيتاريٖ چُوندِياسِ، ڳالهيون سَڀوئِي سَڄَڻين،
جُهه مُقابِلِ ٿِياسِ، تہ سَڀِ وَڃِنِمُ وِسَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان پھريون، بيت 28، ص: 738)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف، رپ جي واتان چئي ٿو تہ آءُ محبوب سان پنھنجو ھڪ ھڪ ڏک ۽ سُور سلڻ جو ارادو ڪريان ٿي، پر ھو جيئن ئي سامھون اچي ٿو تہ سڀ ڪجهہ وسري وڃيم ٿو.
چِيتُ ڪري چکڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’هوش رکڻ، ڌيان ڌارڻ، چڱي طرح ڏسڻ، ھوش/ڌيان ڪري جاچڻ، ھوش ڪرڻ، چت لائڻ، دل لائڻ، ھوش ڌاري، چت لائي.‘
پِريان سندي پارَ جِي، مِڙَئِي مِٺائِي،
ڪانهي ڪَڙائي، چَکين جٖي چيٖت ڪَريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 80)
ڪنھن سڄڻ يا پنھنجي پرينءَ جي طرفان جيڪي پڙ پئي، سو مڙيو ئي مٺائي سمجھي قبول ڪرڻ گهرجي، ڇو تہ ان ۾ ڪابہ ڪؤڙاڻ نہ آھي، پر شرط اھا آھي تہ دل ۽ دماغ سان ان جو ساءُ وٺجي.
چِيئَن چاڙهڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’باھ ۾ وجهڻ، چـِکيا تي چاڙهڻ، آگ يا باھ جي مچ ۾ اڇلائڻ، سُورِيءَ چَاڙهڻ، آزار ۾ وجهڻ، سورن ۾ وجهڻ.‘
سي ئِي جوڀَنَ ڏينھن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِيا،
رُئان، رَهَنِ نہ سُپِرِين، آيلِ! ڪَرِيان ڪيئن؟
مون کي چاڙهي چِيئَن، وِيو وَڻِجارو اوهَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 8، ص: 190)
وڇوڙو ايڏو تہ اذيت ناڪ آھي، جو سڄڻ جي اُسھڻ کان پوءِ انسان جهڙو ’چيئَن‘تي چڙهيو پيو آھي، يعني باھ جي چتا ۾ پيو سڙي.
ڇاڇَرِ ۾ ڇيرُون ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪارايل ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڇَر ۾ ھلڻ، جر جهاڳڻ، ڍنڍ ۾هلڻ، ڍوري ۾ ھلڻ، ڍورو جهاڳڻ، ٿوري پاڻيءَ ۾ ڊوڙڻ/هلڻ، ٿوري پاڻيءَ ۾ ڇيڙون ڪرڻ، ڊوڙڻ.‘
اُونِهٖي ۾ اوڙاھُه جو، ھَنجُ تِتَھِين ھوءِ،
اِيءُ ڪانِيئَرو ڪوءِ، جو ڇاڇَرِ ۾ ڇيرُون ڪري؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 5، ص: 848)
ھنن سٽن جو مطلب آھي تہ ھنج پکيءَ جي اِھا خوبي يا خاصيت آھي تہ ھُو ھميشه اونهي ۽ گهري پاڻيءَ ۾ ھوندو آھي، جڏهن تہ ڪانِيئرو ھميشه ٿوري ۽ گدلي يا چِڪڻ واري پاڻيءَ ۾ پيو تڙڳندو آھي، ائين ئي گڻائتو انسان سخت تڪليف ۾ بہ صبر سان گذاريندو، جڏهن تہ ھلڪڙو ماڻهو اجائي واويلا مچائي ڏيندو.
ڇُٽا ڦَٽ ڇُڙي پوڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڇٽل ڦٽ وري چڪڻ يا اُٿلڻ، ستل سور وري جاڳڻ، سيٽيل يا مڙيل زخم تازا ٿي پوڻ.‘
بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي،
ڳالهيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي،
ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙي پِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پھريون، بيت 6، ص: 518)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، محبوب جو نظارو پسندڙ جوڳيءَ کي ڪو اھڙو نشو چڙهي ويو ھو ۽ اھڙو انگ اڙجي ويو ھوس، جو مومل جي نالي وٺڻ سان، سندس ڇٽل ڦٽ وري چِڪي پيا يعني ستل سور جاڳي پيا، ڪا بہ ياد يا سار انسان کي وساريل زخم ياد ڏياري سگهي ٿي، ان مھل اھو اصطلاح ڪم ايندو آھي.
خوشي ۽ خريد وسرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اٿاھ غم جي ڪري عيد ماتم ۾ بدلجڻ، عيد جي خوشي ۽ خريداري وسري وڃڻ.‘
جا عُمَرَ! تو مُل عِيدَ، سا اسان سُوءِ وَرَتِي سُومَرا!
ويئِي ويچارَنِ وِسرِي، خوُشِي ۽ خَرِيدَ،
سِڪَڻَ ڪِيا شَھِيدَ، مارُو جي مَلِير جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 18، ص: 569)
ھن سٽ ۾ مارئي، عمر کي مخاطب ٿي چوي ٿي تہ، ويچارا منھنجا مائٽ منھنجي جدائيءَ ۾ نہ ڪا خوشي ٿا ڪن ۽ نہ وري ڪو ڪپڙو لَٽو ئي ٿا خريد ڪن، يعني ھنن کان عيد جي خوشي ۽ خريداري ئي وسري ويئي آھي. اھو اصطلاح ڪنھن بہ سورائتي ماڻهوءَ سان لاڳو ڪري سگهجي ٿو.
دل اندر دونھِيُون دُکڻ / هجڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’عشق جي آڳ ھجڻ، تمام گهڻو عشق ھجڻ، اندر ۾ عشق جي آنڌمانڌ ھئڻ، اندر ۾ محبت جا مچ ٻرڻ.‘
مَحَبَتِي ميھارَ جُون، دِلِ اَندَرِ دونهِيُون،
آڻِيو وجهي اَرَ ۾، لُهاڻو لُوهِيُون،
جي ساھَڙَ جون سُونهِيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 23، ص: 234)
سُهڻي چوي ٿي تہ منھنجي دل ۾ پريتم ميھار جي نينھن جي دونهين پئي دُکي، جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.
دَيون ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’تابش ڪرڻ، چمڪڻ، چمڪاٽ ڪرڻ، ٻھڪڻ، جرڪڻ، تجلو ڏيڻ، آب تاب ڏيکارڻ، چلڪڻ، روشنائي لائڻ، حشمت/ڏهڪاءُ ڏيکارڻ، تيج/دٻدٻوڏيکارڻ، شان ۽ شوڪت ظاھر ڪرڻ يا ڏيکارڻ.‘
دائُودِي دَيُون ڪَري، رَڪَنِ ڪونهي چِيتُ،
گهوڙِيءَ ھيٺِ سُچيتُ، ڪاھِيو پاکَرِئيٖن ھَڻي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 115)
(محبوب طرفان محبت جو ٻاريل مچ) دائود نبيءَ جي کوريءَ وانگر پيو ڌڳي (باھ جون زوردار ڄڀيون ڪڍي ۽ تيز تکو ٻري)، پر بي اثرن کي (ان محبت جي مچ ۾ پئي) پاڻ پچائڻ وارو شعور ئي ڪونهي.
حضرت دائودؑ بابت روايت آھي تہ ھو وڏو جنگجو پھلوان ۽ پڻ وڏو ڪاريگر لوهار ھو ۽ زرهون ٺاھيندو ھو. شاھ لطيف جي بيت جي مٿينءَ سٽ ۾ انهيءَ ڏانھن اشارو آھي تہ محبوب، حضرت دائود جي کُوريءَ جھڙا تجلا ۽ جلوا پيو ڪري، ۽ پنھنجي حشمت جا ڏهڪاءُ پيو ڏيکاري.
ڌِڱَ ڌوڙ ۾ لَٽجڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’وڏن وڏن بھادرن جو بہ مري قبر ۾ داخل ٿيڻ، وڏن پھلوانن جو بہ مري قبر ۾ پُورجڻ، طاقت ۽ بھادريءَ جو زوال اوس اچڻ جي حقيقت.‘
جا ڀُون پيٖرين مُون، سا ڀُون مَٿٖي سَڄڻيٖن،
ڌِڱَ لَٽِبا ڌُوڙِ ۾، اُڀي ڏِٺاسُون،
ڏينھن مِڙيئِي ڏُون، اُٿِي لوچِ لَطِيفُ چٖيِ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پنجون، بيت 4، ص: 534)
شاھ لطيف فرمائي ٿو، تہ چڱيءَ طرح جاچي ڏسو تہ موت کان پوءِ وڏن وڏن جُنگ جوانن ۽ چڱن چڱن جي بہ ڪا حيثيت ڪانہ رهي ۽ اھي بہ وڃي ڌوڙ ۾ لَٽيا.
ڏکندو ڏور ٿيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’بيماري دور ڪرڻ، مرض ختم ڪرڻ، سور ختم ڪرڻ، درد دفع ڪرڻ، غم دور ڪرڻ.‘
ويٺي جنِين وَٽِ، ڏُکَندو ڏُورِ ٿِئي،
تون تنِين سين ڪَٽ، اوڏا اَڏي پَکَڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 26، ص: 128)
ھن بيت ۾ شاھ لطيف چئي ٿو تہ انهن ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ کپي، جن سان گڏ ويھندي سمورا ڏک ۽ سور ختم ٿيو وڃن.
ڏَنءُ ڏُهاڳ اچڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’محبت کان محرومي جو ڏک، ڏهاڳ جو ڏک ملڻ، وڇوڙي جي سزا ملڻ، وڇوڙي واري باھِ لڳڻ.‘
مَڻِيي تي موهِجِي، ھارِي ڳِيئَڙُءِ ھارُ،
ڪوڙِييٖن ڪِيا ڪيترا، اِنَهِيءَ خَرّ خُوارُ،
ڀِرِي وِيو ڀَتَارُ، آيَئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 6، ص: 499)
شاھ لطيف، لِيلا کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو تہ، ’تنھنجو ڪانڌ / مڙس چنيسر تو سان رُسي ويو۽ توکي ڏهاڳ جو ڏک يعني وڇوڙي جو داغ سَھڻو پيو. سماج ۾ سھاڳ ۽ ڏهاڳ جي روايتي تصور موجب، ڏهاڳ جو ڏک عورت لاءِ تمام وڏو ڏک آھي.‘
ڏورِڻ منجهان ڏَسُ پوڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبريءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڳولڻ ۽ پڇا ڪرڻ مان پَتو پوڻ.‘
ويھ مَ، مُنڌَ! ڀَنڀورَ ۾، ڪرِ ڪو واڪو وَسُ،
ٻانهي ٻاروچَنِ جِي، گولِي! ڇَڏِ مَ گَسُ،
ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندَءِ ھوت پُنھونءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 15، ص: 286)
شاھ لطيف ان تصور کي چٽو ڪري ٿو تہ، ڳولڻ ۽ پڇا ڪرڻ سان ئي انسان کي پنھنجي منزلِ مقصود جو ڏس پتو ملندوآھي، تنھن ڪري ماٺ ڪري ويھڻ نہ جڳاءِ.
راھ رد ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُرڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’رستو بند ڪرڻ، واھَ بند ڪرڻ، گمراھ ڪري ڇڏڻ، حقيقي راھ تان ھٽائي ڇڏڻ.‘
سوئِي راھَ ردِ ڪَري، سوئي رَهَنُماءُ،
وَتُعزّ مَن تَشآءُ، وَتُذِلُ مَن تَشآءُ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 79)
اھو ئي الله آھي، جو جنھن کي وڻي تنھن کي گمراھ ٿو ڪري ۽ جنھن کي وڻي تنھن کي ھدايت ٿو ڪري، يعني سنئين راھ ٿو ڏيکاري.
رڳون رباب ٿيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’جسم جي رڳن جو رباب وانگر وڄڻ، رڳ رڳ ۾ محبوب جي يادگيري ھئڻ، وحدت ۾ ھڪ ٿي وڃڻ.‘
رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويٖلَ سَڀَڪنهين،
لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نہ ٿِيو، جانبُ ري جَبابُ،
سوئي سَنڌِيندُمِ سُپِرِين، ڪِيَسِ جنھن ڪَبابُ،
سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ روحَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 79)
منھنجون رڳون رباب (ساز) وانگر ٿي پيون آھن، جي لڳاتار محبوب جي يادگيريءَ ۾ رباب جي تندن جيان وڄي رهيون آھن.
رُوحَ رُچندِيُون ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’رهاڻيون ڪرڻ، خوشيون ڪرڻ، روح ريجهائيندڙ رهاڻيون ڪرڻ، ريجهہ رهاڻ ڪرڻ، دل گهريون ڳالهيون ڪرڻ.‘
جيڪَرَ اَچٖي ھاڻِ، تہ ڪَرِيان رُوحَ رُچَندِيُون،
آيُلِ! ڍوليٖي ساڻِ، ھوند ڳَرِ لَڳِي ڳالهيون ڪَريان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 29، ص: 194)
ھُو (وڻجارو) جيڪڏهن ھاڻي موٽي آيو تہ ساڻس روح ريجهائيندڙ رهاڻيون ڪنديس. ڪنھن بہ پياري ھستيءَ سان دل گهرين ڳالهين جي خواھش مھل اھو اصطلاح چئبو آھي.
زارِيءَ ڌاران زور نہ ھلڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’منٿ ۽ آزيءَ کان سواءِ زور نہ ھلڻ.‘
نہ ڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نہ ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،
ھورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتَنِ ڪونهي ھورُ،
زاريءَ ڌاران زورُ، ھَلي ڪونهَ حَبِيبَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 17، ص: 394)
شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، جانب سان، ڪنھن پياري سان زورآوري نہ ٿي ٺھي ۽ سندس اڳيان سواءِ منٿ ۽ آزي نيزاريءَ جي، ٻيو ڪو وس نہ ٿو ھلي.
ساھ جو سانگو ڪرڻ
ھي اصطلاح ’شاھ جو رسالو‘ سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ساھ جو الڪو/فڪر /هجڻ، جان جي پرواھ / ڪرڻ/هجڻ.‘
ڪَنڌِيَ اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ’ساھَڙُ، ساھَڙُ‘ ڪَنِ،
ڪَنِين سانگو ساھَ جو، ڪي ’گهورِيَسِ‘ ڪِيو گهڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائٖي گهڙَنِ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 9، ص: 219)
درياءَ جي ڪنڌيءَ تي بيٺل عورتن مان ڪِن کي پنھنجي جان جو اونو آھي، تہ ڪي ’جي ميس تہ صدقو ٿيس پرينءَ تان‘ چئي، درياھ ۾ گهڙيو پون. ڪي انسان بي خطر مشڪل کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار رهندا آھن، تہ ڪي ڪنھن مصلحت سبب ائين ڪري ڪو نہ سگهندا آھن.
ساھ سلهاڙي ڏيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: جسم ۽ جان قربان ڪري ڇڏڻ، پنھنجو سر ساھ ڏيڻ، ساھ گهوري ڏيڻ.
اَصلِ عاشقَ پانهنجي، سِسِي نہ سانڍين،
لاھِيو سِرُ، لطيفُ چي، ساھُه سَلاڙيو ڏِينِ،
ڪُلَھنِئُون ڪاٽِين، پُڇَن پوءِ پِرِيتَڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 29، ص: 76)
اصل کان وٺي سچا عاشق پنھنجي سر جو بچاءُ ۽ سانگو ئي ڪونہ ڪن، لطيف چئي ٿو تہ اھي پنھنجي محبوب جي رضا لاءِ جسم، جان ۽ ارواح گهورڻ ۾ ويرم ئي نٿا ڪن.
سُتو ئِي سيجَ گهرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر آسا ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’غافل ھئڻ باوجود منزل جي خواھش ڪرڻ، ستي ئي سيج طلبڻ، محنت ۽ جفاڪشيءَ کان سواءِ ئي سُکُ ۽ راحت طلبڻ.‘
سُتو ئِي سيجَ گهرين، جَفا ڏييٖن نَه جانِ،
صُلحَ رِيءَ سيڻان، مَتان نُونڌيٖن نَه چَڙهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 42، ص: 728)
تُون سُتي ئي سيج گهري رهيو آھين، پنھنجي پاڻ کي ڪا تڪليف بہ ڏيڻ نٿو چاھين.
سڌين سيڻ نہ ھجڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’صرف سڌ يا خواھشن ڪرڻ سان محب/دوست نہ ملڻ، پھه پچائڻ ۽ خام خيالي ڪرڻ سان محب نہ ملندا آھن.‘
سَڌيٖن سيڻَ نہ ھُونِ، نينھن نِياپي نہ ٿِئٖي،
ڪارِيءَ راتِ رَتَ ڦُڙا، جان جان نيڻ نہ رُونِ،
نينھن نِياپي نہ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، وائي ٻي، ص: 150)
رڳو خواھش ڏيکارڻ سان پرين نہ ٿا ملن ۽ رڳو نياپن سان نينھن ڪونہ لڳندو، ان لاءِ ڪشالا ڪڍڻا ٿا پون.
سِرُ سَٽِ ۾ ڏيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’سِر عيوض ۾ ڏيڻ، سر بدلي ۾ ڏيڻ، سر سودي ۾ ڏيڻ، سر سٽي ۾ ڏيڻ، سر جو سودو ڪرڻ.‘
جي اَٿِئي سَڌَ سُرڪَ جِي، تہ وَنءَ ڪلاڙَڪي ھَٽِ،
لاھٖي رَکُ، لطيفُ چٖي، مَٿو ماٽيءَ وَٽِ،
سِرُ ڏٖيئي ۾ سَٽِ، پِيجِ ڪي پِيالِيُونُ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 74)
تصوف جي اصطلاح ۾ صوفي پنھنجي سر جو سودو ڪري يا سودي ۾ سر ڏيئي، پوءِ معرفت جي شراب جون ڪي وٽيون پيئندا آھن.
سَڱَ سنوان ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’دوستيءَ کي نڀائڻ، مائٽيءَ جي دعويٰ ڪرڻ، رشتو ڳنڍڻ، پنھنجي ليکي مائٽي ڳنڍڻ.‘
واھُڙَ وَهَنِ نَوان، اَڃا وَهُ اَڳي ٿِيو،
گهرِ ويٺِيُون گهڻا ڪَريو، سَرَتِيُون! سَڱَ سَنوان،
صُورَتَ جا ساھَڙَ جِي، سا جي ڏِٺي آن،
ھوند نہ پَلِيو مان، گهڙو سَڀِ گهڙا کَڻِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 3، ص: 217)
سُهڻي پنھنجي سرتين کي چوي ٿي تہ، اي سرتيون! اوهين گهر ويٺي، ساھڙ سان ناتو پيون ڳنڍيو، جيڪا سولي ڳالهہ آھي، پر جن کي سچو عشق ھوندو آھي، اھي پنھنجي جانب لاءِ ساھ صدقو ڪري ڇڏينديون آھن.
سنهي سئيءَ سان ساھُ سِبڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٻن محبت وارين دلين جو پاڻ ۾ گڏجي ائين ھڪ ٿي وڃڻ، جو ڪو بہ ويڇو نہ رهي. پڪو پيچ پائڻ، نينھن جو ناتو نڀائڻ.‘
سنهيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين ساھ،
ويٺِي سارِيان، سُومَرا! گولاڙا ۽ گاھ،
ھِنيُون منھنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھ،
پَکَنِ مَنجهہ پَساھ، قالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 12، ص: 586)
مارئي چوي ٿي تہ، منھنجو روح پنھنجي مارُو يعني کيت جي روح سان ائين ڳنڍجي چڪو آھي، جيئن ھڪڙي ڪپڙي کي ٻئي ڪپڙي سان سنهي سئيءَ سان سيبو ڏئي ڳنڍي ڇڏبو آھي.
سون تي سيڻ مٽائڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دنيا جي لالچ ۾ پنھنجا وساري پراون کي پنھنجو سمجهڻ، پرائو سک ڏسي پنھنجن کي وساري ڇڏڻ.‘
اِيءَ نَه مارُنِ رِيت، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،
اَچي عُمَرَڪوٽَ ۾، ڪَندِيَسِ ڪانَه ڪُرِيت،
پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَه مَٽِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 567)
ھن سٽ ۾ مارئي چوي ٿي تہ اسان مارن جو اھو وڙ ئي نہ آھي، جو سون تي سيڻ مٽايون، يعني لالچ يا پرائي ڏيک ويک ۾ اچي، پنھنجا وساري ڇڏيون.
سيڄ ۾ سُڃ ڳڻائڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’شاديءَ رات ڏاج ۾ سُڃ ڏيڻ، ڏاج ۾ غربت ۽ اڻهوند ڏيڻ، قسمت ۾ اڻهوند ھئڻ.‘
وَرُ سٖي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرَ جنِ،
گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻُ اَباڻَنّ،
ويڙهيا گهمَنِ وَلِييٖن، جهانگِي مَنجهہ جهنگَنِ،
مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 568)
ھن بيت ۾ مارئي چوي ٿي تہ، جڏهن منھنجي شادي ٿي، تڏهن منھنجي مائٽن مون کي ڏاج ۾ سُڃ ڳڻائي ڏني، معنيٰ اڻھوند ڏني. جڏهن ڪو انسان سدائين اڻهوند ۽ مسڪينيءَ جي حالت ۾ ھوندو آھي، تڏهن ھو پاڻ لاءِ اھو اصطلاح استعمال ڪندو آھي.
سِيرَ لنگهائڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’پار پھچائڻ، مصيبت مان ٻاھر ڪڍڻ، اونهي ۽ تيز وهڪري واري پاڻيءَ مان اُڪارڻ يا پار ڪرڻ.‘
دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾، جِتِ جايُون جانارَنِ،
نَه ڪو سَنڌو سِيرَ جو، مَپُ نہ مَلاحَنِ،
دَرِندا دَرياھَ ۾، واڪا ڪِيو وَرَنِ،
سَڄا ٻيڙا ٻارِ ۾، ھَلِيا ھيٺِ وَڃَنِ،
پُرزو پَيدا نہ ٿِئي، تَختو مَنجهان تَنِ،
ڪو جو قَھرُ ڪُنَنِ ۾، وِيا ڪِينَ وَرَنِ،
اُتٖي اَڻَتارُنِ، ساھَڙَ! سِيرَ لَنگهاءِ تون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 11، ص: 228)
سُهڻيءَ جي زباني شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، جتي پاڻي تمام گهڻو گهرو ۽ تيز ھجي، اتي سندس گهڻگهريو محبوب يا حقيقي محبوب ضرور اڻ تارن کي سِير مان پار اُڪاريندو.
طاماعُو تارِ ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي ’سُر بلاول‘ جي ھيٺئين بيت جي آخري سٽ ۾ آخري پد طور ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڍائي ڇڏڻ، گهرج ختم ڪرڻ‘:
ڪوهُ نَہ جُھارِييٖن جَکِرو، جنھن ڏيھ ڍَيا ڏيئِي؟
جي لُڏِيا ٿي لِينگهنِ ۾، سالُنِ ۾ سيئي،
سَمي سڀيئِي، طاماعُو تارِ ڪِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 904)
شاھ لطيف چئي ٿو تہ، تون جکري جي ساراھ ڇو نٿو ڪرين، جنھن پنھنجي سخا سان مڙِئي ملڪ جي ماڻهن کي ڍؤ ڪرايو آھي. جيڪي ڪالهه ڦاٽل ڪپڙن ۾ ھئا، سي اڄ شال اوڍي پيا ھلن. جکري سمي، سوالين جون سڀئي گهرجون پوريون ڪري ڇڏيون آھن.
فاقو فرحت ڀانئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’مسڪيني ۽ غربت جي حالت ۾ بہ خوش گذارڻ، پنھنجن سان بُکَ بہ ڍؤ برابر سمجهڻ.‘
ڪارا ڪَرايَنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ،
وَرُ جيڏِيَنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 567)
مارئي چوي ٿي تہ، پنھنجين جيڏين سرتين سان گڏ بُک ۽ ڏُک بہ مون لاءِ سُک آھن، پنھنجي مارُن سان مسڪينيءَ جي حالت ۾ خوش آھيان.
فَضُلَ جو ڦيرو ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’مهرباني ڪرڻ، ڀلائي ڪرڻ، ڪرپا ڪرڻ، عنايت ڪرڻ، نوازش ڪرڻ، ٻاجهہ ڪرڻ، ڪرم ڪرڻ، ديا ڪرڻ، رحم ڪرڻ، مهر ڪرڻ، ڀال ڀلائڻ.‘
جيڪِي مَنجهہ جَهانَ، سو تارِيءَ تَڳي تُنھنجِي،
لُطفَ جِي، لَطِيفُ چي، تو وَٽِ ڪَمِي ڪانَ،
عَدُلَ ڇُٽان آنءُ نه، ڪو ڦيرو ڪِجِ فَضُلَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 159)
اي ڌڻي! تون اگر انصاف ڪندين تہ پوءِ مان گناھگار سزا کان بچي نہ سگهندس، ان ڪري تون پنھنجي مهر سان ڪو وَڙُ ڪر ۽ منھنجون مدايون ميٽ.
قضا جو قلم وهائڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’قسمت ۾ لکيو ھجڻ، قسمت ۾ لکي ڇڏڻ، انگ لکي ڇڏڻ، الاھي امر ٿيڻ، تقدير ۾ لکي ڇڏڻ.‘
نہ ڪانِيءَ نہ ڪانهَن، نَڪو ڏوهُ قَلَمَ جو،
اَنگُ اُتيئِي لِکِيو، جِتِ نہ رَسٖي ٻانَهن،
ڪنھن کي ڏيان دانھَن؟ قَضا قَلَمُ وَهائِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان نائون، بيت 9، ص: 267)
سُهڻي چوي ٿي تہ، ڪنھن کي دانھن ڏيان؟ جو تقدير ۾ ئي قضا الاھيءَ طرفان ائين لکيل ھو. ڪنھن بہ ڏک، آفت يا ايذاءُ جي صورت ۾ انسان اھڙو اظھار ڪندو آھي، جنھن ۾ ڪجهہ ڪري نہ سگهڻ جي بيوسي ھوندي آھي.
ڪَر لھڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ياد ڪرڻ، خبر چار وٺڻ، خبر چار لهڻ، سار سنڀال لھڻ، سُڌ سماءُ وٺڻ، پوئواري ڪرڻ، پرگهور ڪرڻ، حال پڇڻ، خيال رکڻ ۽ گهرڻ، قرب ڏيڻ.‘
ڪُھنِ تان ڪَرَ لَهَنِ، ڪَرَ لَهَن تان ڪُھَنِ،
سيئِي ماءِ مُهَنِّ، سٖيئِي راحَتَ رُوحَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 19، ص: 81)
محبوب جو ٺلهو پڇڻ بہ اصل خوشيءَ کان ماريو وجهي، جڏهن تہ عشق ھونءَ ئي بسمل ڪري ڇڏي ٿو، ڇو تہ درد ڏيندڙ بہ اھو آھي، روح جي راحت بہ ان سان آھي.
ڪَڻِ ڇڏي تُھَ ميڙڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اَنَ جا داڻا يا ڪڻا ڇڏي، اَن جي ڪَڻن جي مٿان چڙهيل کوپا يا کَلون گڏ ڪرڻ، اصل کي ڇڏي نقل ڏي وڃڻ، حق کي ڇڏي ناحق ڏي وڃڻ.‘
وَرَ سين وجهيو ڪاڻِ، کَرَ سين کِلَڻُ ڀانئِييٖن،
ڀورِي مُنڌ اَڄاڻِ! ڪَڻَ ڇَڏِيو، تُھَه ميڙِييٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 878)
ھنن سٽن ۾ شاھ لطيف انسان کي اجايو بي جوڙ تعلق رکڻ تي تنبيھ ڪئي آھي. شاھ لطيف تنبيھ ڪندي چوي ٿو تہ، اي نادان ۽ اڻ ڄاڻ مومل، اھڙي عمل سان تون ڪَڻِ يعني ملهائتي شيءِ کي ڇڏي، تُھَ يعني بيڪار شيءِ گڏ ڪري رهي آھين.
کَل کانئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’کل کي ساڙڻ، ڏنڀ ڏيئي کل ساڙڻ، جان جلائڻ، بدن ساڙڻ.‘
اَنڌا اُونڌا وٖيڄَ، کَلَ ڪُڄاڙِيا کانئِييٖن؟
اسان ڏُکي ڏِيلَ ۾، تُون پِيارِييٖن پٖيڄَ،
سُورِي جنِين سٖيڄَ، مَرَڻُ تنِ مُشاھِدو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 71)
اي بي عقل، بي سُرتا طبيب! تون ڇو ٻاھران ڏنڀ ڏيئي پيو منھنجي کل کي ساڙين، منھنجو اھو علاج ڪونهي.
گهاگهائي گهڙڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’کلي خوش ٿي گهڙي پوڻ، ڪُڏ ڪري ڪاھي پوڻ، نچي ڪُڏي ٽپي پوڻ، بنا ڪنھن خوف خطري جي ٽپي پوڻ، لهرن کي للڪاري گهڙڻ.‘
ڪَنڌِيَ اُڀِيُون ڪيتَرِيُون، ’ساھَڙُ، ساھَڙُ‘ ڪَنِ،
ڪَنِين سانگو ساھَ جو، ڪي ’گهورِيَسِ‘ ڪِيو گهڙَنِ،
ساھَڙُ سَندو تَنِ، گهاگهائٖي گهڙَنِ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 9، ص: 219)
ساھڙ انهن جو آھي، جي خوشيءَ مان اونهي پاڻيءَ ۾ گهڙيو پون.
گهران گهلِ ڪَڍڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر بلاول ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اندر مان ٻيائي ڪڍڻ، سينو صاف رکڻ، نفساني يا شيطاني خيالن جو لشڪر يا ھجوم اندر مان ٻاھر ڪڍڻ.‘
ڪَڍِي گهلِ گهران، صُلُحُ ڪَرِ سُلطانَ سيٖن،
تہ تُون تنھن دَران، ڏِيھاڙِي ڏاڻُ لَھيٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان پھريون، بيت 2، ص: 893)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، تون پنھنجي اندر مان نفساني يا شيطاني خيالن جو لشڪر يا ھجوم ۽ ٻيائي ٻاھر ڪڍي، پنھنجي ڌڻيءَ جي اطاعت ۽ تابعداري ڪر.
گهيڙَ گهاٽَ پُڇڻ /گهاٽَ گهيڙَ پُڇڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سھولت سان دڳ ڳولڻ، لنگهہ پُڇڻ، پتڻ/بندر جو پُڇڻ، درياھ ۾ گهڙڻ جو تڙ پڇڻ، گهٽ گهيڙ معلوم ڪرڻ، پتڻ پڇائڻ.‘
جِئان وَهي تِئان واٽَ، ڪَپَرُ پُڇَنِ ڪُوڙِيُون،
جنِ کي سِڪَ ساھَڙَ جِي، سي گهيڙَ نہ پُڇَنِ گهاٽَ،
جنِ کي عِشقَ جِي اُساٽَ، سي واھُڙُ ڀانئن وِکَڙِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 230)
معنيٰ: جن کي ساھڙ لاءِ اُڪير آھي، سي نہ گهيڙ ڳولين نہ گهٽ ڏسن، جتان آيو اتان گهڙيو پون.
ڳَچَ ڳَرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’هنجون ھارڻ، اندر کاڄڻ، زار زار روئڻ.‘
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙِيا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَئڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي،
وِيندِيَسِ، ماءِ! مَرِي، ساري، سامونڊينِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 207)
معنيٰ: وڻجارن جي وڃڻ لاءِ تياري ڏسي، سندن ونيون وڇوڙي جو سوچي پريشان ٿي روئن ۽ ڳچ ٿيون ڳاڙين.
لامَ لڳڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’آسري لڳڻ، پناھ پوڻ، لاري لڳڻ، اَجهو وٺڻ، پناھ وٺڻ، پاند پڪڙڻ، سھارو سمجهڻ، وسيلو اختيار ڪرڻ، سام پوڻ، پناري پوڻ.‘
اَدِيُون! سَڀِ اَندامَ، چَڙَنِ منھنجا چورِيا،
لارُنِ جا لَنءُ لايئِي، سا ڪيئن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جنھن جي لامَ، سو دِلاسا دوستُ مُهٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان چوٿون، بيت 1، ص: 236)
معنيٰ: سُهڻي چوي ٿي تہ جنھن جي لام مان لڳي آھيان، سو سپرين مون کي دلاسا پيو موڪلي.
لِڌو لوڙڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’لکيو لوڙڻ، قسمت ڀوڳڻ.‘
ڪير ڪُنَ، آئون ڪيرَ؟ ڪير ڏَمَرَ سَھٖي ڏَمَ جا،
قَضا رِيءَ ڪير ڌَري، مَٿي پاڻِيءَ پيرَ،
ڀَينَرُ! ڀِنِيءَ ويرَ، لِڌو تٖي ٿِي لوڙِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پنجون، بيت 18، ص: 246)
سُهڻي چوي ٿي تہ، اي سرتيون! آئون پرڀات جو اٿي پنھنجو لکيو ٿي لوڙيان، يعني منھنجو انگ ميھار سان لکيل ھو، تڏهن ٿي ھي تڪليفون سھان.
لِکيو لوڙڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’قسمت ڀوڳڻ، لوح محفوظ ۾ لکيل ڀوڳڻ، تقدير جي لکئي کي لوڙڻ.‘
عُمرِ سَڀَ عَبَثُ ويلَ وِڃايَمِ، وَقتَ وِڃايَمِ پانھنجا،
ويٺي لِکيو لوڙِيان، جيڪِين ڪِيڙو مَسُ،
ويلَ وِڃايَمِ پانهِنجا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، وائي، ص: 183)
معنيٰ: جيڪي لوح محفوظ يا قسمت ۾ لکيل آھي، سو ھر ڪنھن کي ڀوڳڻو آھي.
لنءُ / لَنئون لائِڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’محبت ڪرڻ، عشق ڪرڻ، نينھن لائڻ، دلي قرب ڳنڍڻ.‘
اَدِيُون سَڀِ اَندَامَ، منھنجا چَڙَنِ چورِئَا،
لارُنِ جا لَنءُ لائِي، سا ڪِيئَن آڇِيان عامَ،
لَڳِيَسِ جنھن جي لامَ، سو دِلاسا دوسُ مُجي.
(شيخ، ٻانُهون خان، (2021ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سُهڻي، داستان چوٿون، بيت 1، ص: 248)
ھن بيت ۾ سُهڻي چوي ٿي تہ محبت، جا چڙن جي لارُن مون ۾ جاڳائي آھي، سا ڪيئن مان عام ماڻهن سان سليان؟
لوَڻي ڦيرَ لپاٽ لڳڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’اھڙي لپاٽ لڳڻ، جا لؤڻو ئي ڦيرائي ڇڏي، سخت سزا ملڻ ۽ سخت نقصان پھچڻ / ٿيڻ.‘
وَٺِيو وَڃِجِ واٽَ، ڪَنڌُ مَ ڦيرجِ ڪيڏَهِين،
لَوڻٖي ڦٖيرَ لَپاٽَ، لَڳَندِيَئِي، لَطِيفُ چي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان پنجون، بيت 2، ص: 533)
ھنن سٽن ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، ’تون سنئون سڌو حقيقت جو رستو وٺيو ھليو وڃ ۽ جيڪڏهن تو ائين نہ ڪيو تہ، توکي اھڙي لپاٽ لڳندي، جا تنھنجو لؤڻو ئي ڦيرائي ڇڏيندي، يعني حقيقي محبوب جي ناراضپي سبب توکي سخت ۾ سخت نقصان سھڻو پوندو.‘
لوھ لچي وڃڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڏڪي وڃڻ، لرزي پوڻ، لوھ جو لرزي وڃڻ، ڪاتيءَ جو لچڪي وڃڻ، لُڏي وڃڻ.‘ اصطلاحي طور تي ھن جو مطلب آھي محبوب تہ ڪٺور آھي ئي، پر سندس ڪٺورتا ڏسي ڪاتي بہ حيرت ۾ پئجي ڪنبي وڃي ٿي.
ڪاتِيءَ ڪونهي ڏوهُ، ڳَنُ وَڍِيندَڙَ ھَٿَ ۾،
پَسيو پَرِ عَجِيبَ جِي، لِچيو وَڃي لوهُ،
عاشقنِ اَندوهُ، سَدا معشوقَنِ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 11، ص: 73)
سُهڻي محبوب جي روش ۽ انداز ڏسي خود لوھ (ڪاتي) بہ ڪنبي ٿو وڃي ۽ ڪاتي پڻ نہ ٿي وهي.
لوئيءَ لڄ مٿي ڪرڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر مارئيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’لوئيءَ جي پَتِ رکڻ، پنھنجو سيل ست رکڻ، عصمت بچائڻ، پنھنجو ڪُر نہ لڄائڻ، پنھنجن جو مانُ مٿانھون ڪرڻ.‘
ٿَرِ ٿَرِ اَندَرِ ٿانءُ، وَنهِيَنِ ويڙِهيچَنِ جو،
سَڀِ تنھنجو سُومَرا! ويٺا ڳِنھَن نانءُ،
اُتي ويندِيَسِ آنءُ، لوئِيءَ لَڄَ مَٿي ڪري.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 563)
انهن سٽن ۾ مارئي چوي ٿي تہ، خدا ڪندو تہ مان پنھنجي غريباڻي لوئيءَ جي لڄ پت رکنديس، يعني پنھنجو سيل ست بچائينديس، پنھنجي مائٽن ڏانھن عزت ۽ آبروءَ سان موٽي وينديس.
مانجهاندي جو ماڳ ھئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ٿوري دير آرام ڪرڻ جو مڪان ھُئڻ.‘
ڪِي سُمُهہ، ڪِي جاڳُ، ننڊَ نہ ڪِجي ايتَرِي،
اِيءُ مانجهاندي جو ماڳُ، جو تو ساڻِيھُ ڀانئِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 9، ص: 878)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف ھن جھان جي فاني ھجڻ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو تہ، جيڪو تون ھميشه رهڻ جي جاءِ يا ماڳ سمجھين ٿو، اُھو ٿوري دير آرام ڪرڻ جو ماڳ يا جاءِ آھي.
مڻيون مچ ۾ وجهڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ليلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دنياوي شين کي ڦٽو ڪرڻ، دنيوي عيش ڇڏڻ.‘
داغُ تنھنجو دائِما، ماري مَعذُوريٖن،
سائِينءَ ڪارَڻِ، سُپِرِين وَڃِج مَ ڏُوريٖن،
آئُون تو حُضُوريٖن، مَڻِيو وجھان مَچَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 1، ص: 498)
ھن سٽ ۾ لِيلا چوي ٿي تہ، اي منھنجا محبوب! آءٌ تنھنجي حصول ۽ محبت ڪاڻ، ڪؤنرو کان مليل نو لکو ھار باھ ۾ وجهنديس، يعني تنھنجي حضور ۾ حاضر رهڻ لاءِ دنيا جو ظاھري طرح قيمتي ڏيکُ باھ ۾ ساڙڻ لاءِ تيار آھيان.
ميرِيائِي مانُ لَھڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڏوهي يا گنهگار ھوندي بہ مانُ لھڻ يا مانائتو ٿيڻ.‘
مَڻِيُو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻان ھارُ،
ڀريٖ جي ڀَتارُ، تہ مٖيرِيائي مانُ لَهان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 2، ص: 498)
ھن سٽ ۾ لِيلا چوي ٿي تہ، جيڪڏهن منھنجو گهر ڌڻي، مون سان پرچي پوي تہ آءٌ گنهگار ھوندي بہ، جيڪر وڏي عزت واري ٿي پوان.
نِھائِيُون نَڪَنِ ھجڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُرموملراڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’گهڻا نڪ ھجڻ، شرم نہ ھجڻ، بي لڄو ھجڻ.‘
جنِين سَندي منھن ۾، نِھائِيُون نَڪَنِ،
تِئان وَڍِيو ھيڪَڙو، تَہ ڪِھَڙو ٿورو تنِ،
سي مَرُ سُڃا ئِي سُونهنِ، جَنِ ڀَلِي ڀِينگَ ڀَرَمَ جِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان اٺون، بيت 24، ص: 550)
ھنن سٽن ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، جيئن تَڙ جي ڀرسان مُوريل بيشمار ڪچڙين شاخن مان جيڪڏهن ھڪڙي وڍي ڇڏجي، تہ ٻي بيٺي ھوندي. اھي تہ لوسڻ گاھ وانگر ھر ھر ڪٽجڻ سان اڃا بہ وڌيڪ نسرنديون آھن. تيئن ڪن ماڻهن کي بہ لوسڻ جا نڪ ھوندا آھن، جن جي ڪٽجڻ سان کين ڪو فرق ڪو نہ پوندو آھي.
نينھن نياپي نہ ٿيڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ (سکڻن) پيغامن سان عشق نہ ٿيڻ.‘
سَڌيٖن سيڻَ نہ ھُونِ، نينھن نِياپي نہ ٿِئٖي،
ڪارِيءَ راتِ رَتَ ڦُڙا، جان جان نيڻ نہ رُونِ،
نينھن نِياپي نہ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، وائي ٻي، ص: 150)
رڳو سڌن ڪرڻ سان پرين نٿا ملن ۽ رڳو نياپن سان پريم جي پورائي نہ ٿيندي آھي.
نينھن نيش اچڻ
ھي اصطلاح ’شاھ جو رسالو‘جي سُر مومل راڻي ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’عشق جا ڏنگ لڳڻ، محبت جون مھميزون چکڻ، عشق جا اڌما اچڻ، عشق جو ڀڙڪي پڌرو ٿيڻ.‘
جِهَڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿَنِ ويٖسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ھا ھا ھو ھَميشَ،
پَسِيو سُونھن سَيّدُ چي، نينھن اَچَنِ نٖيشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نَه اُڄَھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 524)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ، جن بہ مومل ۽ سندس ساھيڙين جو حُسن ٿي ڏٺو، تن کي عشق جا ڏنگ ٿي لڳا، يعني محبت جي باھ ڀڙڪو کائي ٿي ظاھر ٿي.
واٽُون ويھ ٿيڻ / هئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ديسيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’گهڻيون واٽون ھئڻ، بي شمار رستا ھئڻ، اَڻ ڳڻيون واٽون ھئڻ، منجهي پوڻ، موڙهل ھجڻ.‘
ڪيچان اوري ڪيتِرِيون، مَعذُورِيُون مُيُون،
واٽُون ويھ ٿِيُون، ڪُھُ ڄاڻان ڪيهِيءَ وِيا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 385)
ھن سٽ ۾ سسئي چوي ٿي تہ، ڪيچ ڏانھن وڃڻ جون ويھ واٽون آھن، جن مون کي منجهائي وڌو آھي ۽ مون کي ڪل نٿي پوي تہ ڪيچي ڪھڙي واٽ وٺي ويا.
واريءَ جو ڪوٽ اڏڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڏهر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’بي بقا ڪم ڪرڻ، بي فائدي ڳالهہ بابت ڪوشش ڪرڻ، اڻٿيڻو ڪم ڪرڻ.‘
ڪَڏهن مَڙهُ مُقامَ ۾ ڪَڏِهن ڳاڙهو گهوٽُ،
سَندو وارِيءَ ڪوٽُ، اَڏِيو اَڏِبو ڪيتَرو؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 52، ص: 890)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، دنيا جي فاني ھجڻ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو تہ، انسان جو ھن فاني دنيا لاءِ اسباب گڏ ڪرڻ اجايو ڪم آھي، زندگي واريءَ جي محل مثل بي ثبات آھي.
واڳوُنءَ وات وڃڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڪنھن وڏي مصيبت ۾ پوڻ، آزار ۾ پوڻ، يا ڪنھن وڏي آپدا ۾ ڦاسڻ.‘
نااُميدِي آجِڪو، اوڇَڻُ آدِيسِنِ،
ڪَڏِهن تازِيءَ پُٺِ تي، ڪَڏِهن ھيٺِ ھَلَنِ،
ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جيئن تَرَنِ،
جي واڳُونءَ واتِ وَڃَنِ، تان ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪينَڪِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 11، ص: 801)
ھنن سٽن جو مطلب آھي تہ سامي ھن سنسار جي ساگر ۾، تُنبي وانگر ٿا ترن. ھنن کي دنيا جي ساگر ۾ بہ لهر نہ لوڏو، نہ ٻُڏڻ جو ڊپ. جي واڳونءَ جي وات ۾ وڃن تہ بہ زبان مان حرف نہ ڪُڇن، يعني ھُو ڪھڙيءَ بہ آفت يا مصيبت ھيٺ اچن تہ بہ نہ ڪِنجھن نہ ڪُڻڪن.
وائي جو وَرُ لھڻ / وائيءَ وَرُ لھڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڳالهہ جو بنياد يا منجهہ معلوم ڪرڻ، رمز پروڙڻ، ڳالهہ جو پيچ معلوم ڪرڻ، ڳالهہ جو ڳڻ، ڳالهہ جو وَرُ يا وَٽُ سمجهڻ، ڳالهہ جو ڳجهہ معلوم ڪرڻ، راز پروڙڻ، گفتگو جي رمز سمجهڻ، ڳالهہ جو ڳُر لهڻ.‘
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيءَ جو جٖي لھين،
ھئا اَڳِھِين گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَھ ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 22، ص: 70)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف وحدت منجھان ڪثرت ٿيڻ جي بيان کي سمجهائيندي چوي ٿو تہ پڙلاءُ يا پڙاڏو، جنھن کي ٻُڌڻ وارو ٻيو سڏ ڪري ٿو سمجھي، سو حقيقت ۾ ساڳيو ئي سڏ آھي، فقط انسان ھن ڳجهي ڳالهہ جو پيچ نہ ٿو ڏسي.
وائي نہ ورڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر کنڀات ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڳالهہ نہ ڪري سگهڻ، ڪُڇي نہ سگهڻ، ٻول نہ ٻولي سگهڻ، آواز نہ ڪرڻ، ڀڻڪو نہ ڪرڻ، اکر نہ اُڄھڻ/اڪلڻ.‘
مَيٖي ماڪائي، وِڌو واتُ وَلِيُنِ کي،
خَبَرَ ٿِي کيٽَ – ڌَڻِينِ کي، وِڏُوڻا واھِي،
ڪَرَهي ڪاڪَتَ ڇَڏِي، وَريَسِ نہ وائِي،
چانگي چَرِيائِي، ويئِي ويچاريٖ وِسَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 30، ص: 145)
مَيو اھڙو ھيڻو ۽ نِسَت ٿيو آھي، جو وات مان ھوُنگار ئي نہ ٿي نڪريس.
وائي وارڻ
ھيءُ اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڳالهہ ڪرڻ، ھائو ڪرڻ (پرچڻ ۽ راضي ٿيڻ جي دلاسي جي)، گفتگو ڪرڻ، ويچار ڪرڻ، خيال ڪرڻ، ارادو ڏيکارڻ، مائل ٿيڻ.‘
تان ڪا وائِي وارِ، دِلاسي جِي داسَڙا!
تُون منھنجو ولھو، آئُون تو ۾ طَمَعُدارِ،
ڍَڪٖي ڍولَ! گُذارِ، لَڄَ منھنجي لوڪَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 9، ص: 509)
ھن سٽ ۾ لِيلا، چنيسر کي چوي ٿي تہ اي چنيسر داسڙا! تون ڪا پرچڻ ۽ راضي ٿيڻ جي دلاسي جي ڳالهہ ڪر.
وجود وڃائڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سريراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’هستي ختم ڪرڻ، پنھنجي ھستي وڃائڻ، نيستي ۾ اچڻ، من مارڻ، نفساني خواھشون فنا ڪرڻ.‘
اِنَ دَرِ سيئي اَگهيا، جَنِ وِڃايو وُجُودُ،
آئُون اَڳاھِين آھِيان.
ئُون اَسُونِھين آھِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، وائي ٻي، ص: 158)
ھن در يعني رب العالمين جي در اھي قبول پيا، جن پنھنجو پاڻ کي فنا ڪري ڇڏيو.
وجود ئي وڻڪار ھئڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سسئي آبريءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’سسئيءَ جي وجود ۾ ئي پُنھونءَ يعني سندس پرينءَ جو پيچرو ۽ مڪان آھي، وڻڪار واري ڀيڻي (وندر ندي جي واديءَ وارا وڻ) ۾ سندس وجود ضم ٿي ڄڻ ھڪ ٿي ويو آھي. اندر سين اورڻ، منجهہ ڳولڻ.‘
ڪونهي اُتِ ڪوهِيارُ، جِتِ تو، ڀورِي! ڀانئيو،
پَنڌُ مَ ڪَرِ پَھاڙَ ڏي، وَجُودُ ئِي وَڻِڪارُ،
ڌارِيان ڀانئج ڌارَ، پُڇُ پِرِيان ڪَرَ پاڻُ تُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 3، ص: 293)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف، سسئيءَ کي چوي ٿو تہ، تون جبل ڏانھن پنڌ نہ ڪر، ڇو تہ تنھنجي وجود ۾ ئي پنھنجي پرين پُنھونءَ جو پيچرو ۽ مڪان يعني وڻڪار (واٽ) موجود آھي.
وڃڻ جون وايون ڪرڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’ڳالهيون ڪرڻ، پچارون ڪرڻ، صلاحون ڪرڻ، سانڀاھو ڪرڻ.‘
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
اَٺَئِي پَھَرَ اَٿَنِ، سَعيو ڪنھن سَفَرَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 198)
ھن سٽ ۾ وڻجاري چوي ٿي تہ، اڄ پڻ وڻجارا سفر تي وڃڻ جون ڳالهيون پيا ڪن، مطلب تہ جن کي وڃڻو ھوندو آھي، انهن جي وات اھا ئي وڃڻ جي وائي ھوندي آھي. جڏهن ڪو ماڻهو مرڻ وارو ھوندو آھي تہ بہ چوندا آھن تہ ’ادا بس وڃڻ جون وايون پيو ڪري.‘
وَرقُ وَرِي وڃڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’لوح محفوظ (قسمت) جي ڪتاب جو ورق وري وڃڻ، ٿيڻو ٿِي وڃڻ، قسمت ۾ لکجي وڃڻ، ڀاڳ ڦِٽي وڃڻ.‘
مَڻِئٖي تي مُوهِجِي، مُوڙهِي! ڪِيُئِي مَرڪُ،
چَئِي چَنيسَرَ ڄام سين، وِڌو تو فَرقُ،
وَرِي وِيو وَرقُ، آيَئِي ڏَنءُ ڏُهاڳَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 5، ص: 499)
ھن سِٽ ۾ شاھ لطيف، لِيلا کي مخاطب ٿي فرمائي ٿو تہ، ’جيڪي تنھنجيءَ تقدير ۾ ھو، سو اَوس ٿي ويو، ۽ توکي وڇوڙي جو داغ سَھڻو پيو.‘
وِره وٽڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’درد ۽ محبت ورهائڻ، محبت ۽ درد ٻين کي سڻائڻ، وڇوڙي ۾ محبت وارو درد ۽ فراق بيان ڪرڻ، بره ونڊڻ، عشق ونڊڻ يا پرائڻ، محبت ونڊڻ، حال اورڻ.‘
ڪُھَنِ ۽ ڪوٺِينِ، اِيءَ پَرِ سَندِي سَڄَڻيٖن،
سُورِيءَ چاڙِهيو سُپِرِين، ڏنڀَ ڏِيهاڻِي ڏِينِ،
ويٺا وِرهُه وَٽِينِ، آءُ واڍوڙِئا وِهاءِ تون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 21، ص: 82)
اھي محبت ڀريا سڄڻ سدائين ويٺا محبت ۽ درد ورهائين ۽ چون تہ اي گهايل (محبت ۾ ڦٽيل عاشق) تون آءُ ۽ اچي پنھنجو ونڊ وٺ.
وَکَرُ وِهَائِڻُ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سِرِيراڳ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’سودو / واپار ڪرڻ، ڳنهڻ، ڪا شيءِ ڳنھڻ، وَٿُ خريد فروخت ڪرڻ، وڻج واپار ڪرڻ.‘
ڪائو ڪَمايومِ، مُوتِي مون نَه وَڻِجيا،
سِيهي جو سَيّدُ چي، وَکَرُ وِهايومِ،
ھِھَڙو حالُ سَندومِ، توهَ تُنھِنجي اُبَھان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 154)
ھن سٽ ۾ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ مون اصل سچن موتين بدران ڪچ جو سوڌو ڪيو۽ شيھي (ڪوڙين ۽ خسيس شين) جي وکر جو سودو ڪيو، يعني بي ملهہ سامان خريد ڪيم. انسان دنيا ۾ سچ بدران ڪوڙ ۽ ڪچ جو وهنوار ڪري پڇتاءَ ۾ چوي ٿو تہ ’اي الله ھاڻي فقط تنھنجي ڪرم جو آسرو آھي.‘
وِڻِواندُ وڃڻ / وِڻِواندُ ٿي وڃڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’ مهڻي ھاب ٿيڻ، گلارو ٿيڻ، خوار خراب ٿيڻ.‘
ڪوڙييٖن تنھنجون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِيَنِ سَندِو ڪانڌُ،
مُون کي ڇَڏِ مَ داسَڙا! تَہ وَڃان نَہ وِڻِواندُ،
مون ڳِچِيءَ ۾ پاندُ، تو، چَنيسَرَ! ھَٿَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 12، ص: 509)
ھن سٽ ۾ لِيلا، چنيسر کي چوي ٿي تہ اي داسڙا! مون کي ڏهاڳ نہ ڏي، متان مان مهڻي ھاب ٿي پوان.
وِھُ پَسي وِهسَڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’زھر ڏسي خوش ٿيڻ، جشن ڪرڻ، ٽڙڻ.‘
عاشقَ زھرَ پِياڪَ، وِهُ پَسيو، وِهسَن گهڻُو،
ڪَڙيٖ ۽ قاتِلَ جا، ھَميشه ھٖيراڪَ،
لَڳِيَنِ لَئُون لطيفُ چٖي، فَنا ڪيا فِراقَ،
توڻٖي چِڪَنِ چاڪَ، تَہ پِہ آھَ نہ سَلنِ عامَ کٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 23، ص: 75)
سچا عاشق، زھر پيئڻ وارا آھن ۽ زھر ڏسي خوش ٿيندا آھن، يا محبت جي آزمائش ۾ سچا عاشق زھر پيئڻ جا عادي آھن. اھي زھر کي ڏسي ويتر خوش ٿين ٿا.
وِيءُ وِهائڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر ڪلياڻ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’عادت ٺاھي ڇڏڻ، دستور العمل ڪرڻ يا بنائڻ، وڻج واپار يا سودو ڪرڻ، سوداگري ڪرڻ.‘
وَحدَہُ لاشريڪَ لہُ، اِيءُ وِهائِجِ وِيءُ،
کٽين جي ھارائين، ھَنڌُ تنھنجو ھِيءُ،
پاڻان چوندءِ پِيءُ، ڀَريٖ جامُ جَنَّتَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 68)
ھو پاڻ (الله تعاليٰ) ھڪ آھي ۽ ٻيو ڪوبہ سندس مٽ، ثاني ۽ شريڪ ڪونهي. تون اھو ئي (توحيد، حق، يقين ۽ ايمان وارو) سودو (دؤر) پيو ڪج. تون انهيءَ ڳالهہ ۾ پنھنجو پختو ويساھ رک تہ ھو ان جو اجر توکي ضرور ڏيندو!
وِيرو تارِ وسڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سامونڊيءَ ۾ ڪتب آيل آھي؛ جنھن جي معنيٰ آھي: ’هميشه ھنجون ھارڻ، ھر وقت وسڻ.‘
مَتان وِهو، ويسَرِيُون! رِڙِهو تي رَسو،
وو! ھِي جو وَهُ منھنجي ڄِندَڙيٖ.
مُندائِتي مِينهَن جيئن، وِيروتارِ وَسو،
وو! ھِي جو وَهُ منھنجي ڄِندَڙيٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، وائي پھرين، ص: 208 ۽ 209)
ھن سٽ ۾ وڻجاري جي زال پنھنجين سرتين کي چوي ٿي تہ، اي سرتيون! منزل تي رسڻ لاءِ وڌندو رهڻ گهرجي ۽ ان راھ ۾ مندائتي مينهن وانگر ھميشه ھنجون ھارڻ ئي زندگي آھي.
ھائِيءَ ھڻڻ / هائِيءَ ۾ ھڻڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر لِيلا چنيسر ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’وڏي باھ ۾ وجهڻ، تياڳ ڏيڻ، کَڏ ۾ وجهڻ، ترڪ ڪرڻ، دوزخ ۾ وجهڻ.‘
مَڻِيُو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻان ھارُ،
ڀريٖ جي ڀَتارُ، تہ مٖيرِيائي مانُ لَهان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان پھريون، بيت 2، ص: 498)
ھن سٽ ۾ لِيلا، چنيسر کي عاجزيءَ سان عرض ڪري ٿي تہ، ھي (ڪؤنرو کان مليل) ھار وڏي مچ ۾ وجهي ساڙي ڇڏيان.
ھِنيون جهڄڻ
ھي اصطلاح شاھ جي رسالي جي سُر سُهڻيءَ ۾ ڪتب آيل آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’دل ڀرجي اچڻ، ڳچ ڳري پوڻ، غم کان اندر جو اندر ۾ ڳرڻ، ڳوڙها ڳاڙڻ، ھنجون ھارڻ، روئڻ، وِجهلڻ.‘
اورڙان آھُون ڪَرِيان، پَھُچان شالَ پَرارَ،
ساھَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
سُڻِيو جَهانءِ جِهڄٖي ھِنيون، سانڀاران سَنڀارَ،
ساھَڙَ! سائِرَ سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، وائي، ص: 235 ۽ 236)
سُهڻي چوي ٿي تہ ھُن ڀر کان مينھن جي چَڙن جا آواز ٻڌيو، منھنجي ھنيين ۾ جهير پئجيو وڃن ۽ دل عشق جي درد سان ڀرجيو وڃي.