آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ قرآني آيتون

شاھ جي رسالي ۾ قرآني آيتون

اَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

”اَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ“، جَڏِهن ڪَنِ پِيومِ،

”قَالُوْا بَلٰي“ قَلبَ سين، تَڏِهن تِتِ چَيومِ،

تِھِين ويرَ ڪِيومِ، وَچَنُ ويڙِهِيچَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 1، ص: 558)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي نائين سيپاري ’قَالَ الْمَلَا‘ ۾ ستين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاَعْرَافِ‘ جي آيت نمبر 172 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”ڇا مان توهان جو رب نہ آھيان“

(سڪندري، ترجمو، ص: 209)

اَللہُ الصَّمَدُ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

دوستَ ڪُھائٖي دادُل، مُحِبَ مارائي،

خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَختِيُون سَھائي.

اَللہُ الصَّمَدُ بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاھي،

انهيءَ مَنجھ آھي، ڪا اُونِهِي ڳالهہ اِسرارَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 665)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ 112هين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاِخْلَاصِ‘ جي آيت نمبر 2 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله بي نياز آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 731)

اَللہُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَھ موتِيَنِ ڳُتِيا،

چوڏهِين ماھَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،

اَللہُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ، جَلوو زَمِيناسِ،

سِيْمَاہُمْ فِيْ وُجُوْہِہِمْ، منھن ۾ مَڻِ ڳُتِياسِ،

ڪَڪِرا ڪَربلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،

ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگھياسِ،

مِڙَئِي مَعافُ ڪِياسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 10، ص: 674)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ارڙهين سيپاري ’قَدْ اَفْلَحَ‘ ۾ چوويھين مدني سورت ’سُوْرَةُ النُّورِ‘ جي آيت نمبر 35 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله نور آھي آسمانن ۽ زمين جو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 427)

اَللہُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا۰ۙ يُخْرِجُہُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

مونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ،

سَجِدي ۾، سَيّدُ چي، گوڏا گودَڙِيَنِ،

”فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى“، ٿا نانگا ايئن نَمَنِ،

”كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

” اَللہُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا۰ۙ يُخْرِجُہُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ“ ٿا اِھَڙِيءَ پَرِ پُرَنِ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽئين سيپاري ’تِلْکَ الرُّسُلُ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 257 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله والي آھي مسلمانن جو، انهن کي ڪڍي ٿو اونداھين مان نور جي طرف“

(سڪندري، ترجمو، ص:53)

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

شِينَئُون شَرِيعَتَ جَا، تَابِعَ ٿِئَا تَمَامُ،

تَنِ کي طَرِيقَتَ جِي، مَنَ ۾ ميخَ مُدامُ،

ھَلَنِ حَقِيقَتَ ۾، مَعرِفَتَ تَنِ مَقَامُ،

اِنَّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ، آھي تَنِ آرامُ،

جَنَتَ پِيتَائُون جَامُ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 13، ص: 133)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽئين سيپاري ’تِلْکَ الرُّسُلُ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 277 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون“

(سڪندري، ترجمو، ص: 58)

اِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ بِالْغَيْبِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

خييَئُون خَشيَتَ خَوفَ ۾، ڪِئَائُون ڪِيني کي قَتلُعَامُ،

ڊِڄِئو ڊاءِ اللهَ جي، ڪوجھو ڪَنِ نَہ ڪَامُ،

آئِي اُن جي بَابَ ۾، آيَتَ اِيءَ اِنعَامُ،

اِنَّ الَّذِيْنَ يَخْشَوْنَ رَبَّہُمْ بِالْغَيْبِ، پَرُوڙِجِ پَيغَامُ،

خَطِرو لاھي خَامُ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 7، ص: 130)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي اُڻٽيھين سيپاري ’تَبٰرَكَ الَّذِيْ‘ ۾ سَتھٺھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْمُلْكِ‘جي آيت نمبر 12 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ جيڪي اڻ ڏٺي پنھنجي رب کان ڊڄن ٿا.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 679)

اِنَّ اللہَ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

اَڌوکارو اَنَ سين، ڪِي ٿورو گاھُه ڏِينسِ،

آڌِيءَ اِستِغفَارَ جو، کَرڙو خَاصُ ھَڻِينسِ،

تَوبَہ تَلُ، ٿَاھَرَ ٿَڙا، حَقيقَتَ ھَنُو، تَوَڪَلَ تَنگُ ڪڍِينسِ،

اِنَّ اللہَ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ، اِيءَ واتِ ڪَريَاڙِي ڏيِنسِ،

لا حَولَ وَلاقُوَةَ اِلا بِااللهِ، اِيءُ چَاٻُڪُ چَکائِينسِ،

مَحبَتَ جي مَيدانَ ۾، ٽوڙي ٽَھلائِينسِ،

انهين حَالَ ھَلائِينسِ، تَھ سُوڌو وَڃي سَيدُ چَئي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر آسا، داستان ستون، بيت 8، ص: 355)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻئي سيپاري ’سَيَقُوْلُ‘ جي ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 153 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ الله صبر وارن سان گڏ آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 30)

اِنَّ اللہَ ہُوَالرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّۃِ الْمَتِيْنُ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

غَينَئُون غُربَتَ جِندَڙي، سَدا سَنَاسِيَنِ،

ڊِڄِئو ڊاءِ اَللهَ جي، پُورَنِ ۾ پَچَنِ،

رِءَ رُخصَتَ رامَ جي، ٻئو ڪِينَ ٻُجهنِ،

اِنَّ اللہَ ہُوَالرَّزَّاقُ ذُو الْقُوَّۃِ الْمَتِيْنُ، سَامِيَن سَڏَ سُڄَنِ،

جوڳِي جُنگَ جَلَنِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 19، ص: 135)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ستاويھين سيپاري ’قَالَفَمَاخَطْبُكُمْ‘ جي ايڪونجاھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الذّٰرِیٰتِ‘ جي آيت نمبر 58 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ الله ئي وڏو رزق ڏيڻ وارو مضبوط قدرت وارو آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 629)

اِنَّ اللہَ يُحِبُّ الْمُحْسِنِيْنَ

ھي ڪلام پاڪ جي آيت جو حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي: مِيمَئُون مِلَڻُ حَقَ جو، اصل آديسِيَنِ،

جوڳِيَڙا جَهانَ ۾، چوکِيءَ چَال چَلَنِ،

لاھُوتِي لطيف چئي، مَنجھَان حُبَ ھَلَنِ،

اِنَّ اللہَ يُحِبُّ الْمُحْسِـنِيْنَ، خُوشِئَان خَوابُ نَہ ڪَنِ،

اِيءُ وِردُ ويراڳِينِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 24، ص: 137)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻئي سيپاري ’سَيَقُوْلُ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 195 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ چڱائي وارا الله جا محبوب آھن.“ (سڪندري، ترجمو، ص:38)

اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪوهياريءَ‘ جي داستان ٽئين جي وائيءَ ۾ ڪتب آيل آھي:

مون کي نِيندا ساڻُ، ٻاروچا ٻاجہ پَئِي، اَلو! اَلو!

ڏيندا مون ڏُکِيءَ کي، اَللهَ لَڳِ اُھُڃاڻُ،

ٻاروچا ٻاجہ پَئِي.

لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ، پِرِيَنِ چَيو پاڻُ،

ٻاروچا ٻاجهہ پَئِي.

اِنَّ اللہَ يَغْفِرُ الذُّنُوْبَ جَمِيْعًا، سَچو اِيءُ پَرِياڻُ،

ٻاروچا ٻاجهہ پَئِي.

اَديُون، عَبدُاللّطِيفُ چي، اِھَڙو آھهِ اَڳِواڻُ،

ٻاروچا ٻاجهہ پَئِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان ٽيون، وائي 1، ص: 422)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي چوويھين سيپاري ’فَمَنْ اَظْلَمُ‘ ۾ اُڻيتالھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الزُّمَرِ‘ جي آيت نمبر 53 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”بيشڪ الله سمورا گناھ بخشي ٿو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 559)

اِنَّمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَہُمْ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

صَادَئُون صَبرُ سِکِئَا، ڌُرِيَانئي ڌُڻِي،

اُبَٺِئَا اِنَ ڳالهہ تي، چِيرَنِ مَنجھ چُڻِي،

اِنَّمَا يُوَفَّى الصّٰبِرُوْنَ اَجْرَہُمْ، سَرَهَا ٿِئَا سُڻِي،

وَڏِيءَ ڀُونءِ ڀُڻِي، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 14، ص: 133)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽيويھين سيپاري ’وَمَالِيَ‘ ۾ اُڻيتالھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الزُّمَرِ‘جي آيت نمبر 10 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”صبر وارن کي سندن ثواب ڀرپور ڏنو ويندو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 553)

اِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

زُمَرِ زُخرُفِ سُومَرا، حَمدُ جَنِي جو ھَنڌُ،

اِھْدِنَا الصِّرَاطَ الْمُسْتَـقِيْمَ، اِيءُ پَنوَهَارَنِ پَنڌُ،

بَارِي لاھِيين بَندُ، تَھ مِلان مَارُوئَڙَنِ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ايڪيھون، بيت 1، ص: 507)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي پھرئين سيپاري ’الۗمّۗ‘ ۾ پھرين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْفَاتِحَة‘ جي آيت نمبر 5 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”اسان کي سڌي رستي تي ھلاءِ.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 3)

اُولٰۗىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَنَّۃِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

زُمَر زُخرُفِ سُومَرا، مَارُو مُون مَهِندارُ،

اُولٰۗىِٕكَ اَصْحٰبُ الْجَنَّۃِ، مَاڳَ سَندَنِ موچَارَ،

وَسَقٰىہُمْ رَبُّہُمْ شَرَابًا طَہُوْرًا، ٿَا پِيَنِ پوڄَ پَنوَهَارَ،

ويروتَار وِجُودَ ۾، پِريَنِ جِي پَچَارَ،

سَٻاجها سَتَارَ، مُون کي مَارُنِ ميڙِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ايڪيھون، بيت 12، ص: 511)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي پھرئين سيپاري ’الۗمّۗ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘ جي آيت نمبر 82 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”سي ئي جنتي آھن.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 17)

ثُمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْہَا وَلَا يَحْيٰي

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

پَھَڻَنِ ڪِينَ پروُڙِئو، پِٿُون پيرَ ٿِئَامِ،

ثُمَّ لَا يَمُوْتُ فِيْہَا وَلَا يَحْيٰي، ھِهَڙَا حَالَ سَندَام،

ڪوجَها ڪِرتَ ڪِئَامِ، جِيئَن ھوتَنِ ڇَڏيَسِ حَبِ ۾.

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٻئو‘، سُر ديسي، داستان ٻئو، بيت 17، ص: 136)

ھيءَ آيت جو حصو قرآن شريف جي ٽيهين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ ستاسيھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاَعْلٰي‘ جي آيت نمبر 13 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”پوءِ نہ ان ۾ مري ۽ نہ جيئي“ (سڪندري، ترجمو، ص: 717)

جَزَاۗؤُہُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ذالئُون ذڪرُ رَبَ جو، ويلَ نَہ وِسَارينِ،

سَنَاسِي سُبحَانَ کي، سَدائِين سَارِينِ،

تَسبيحَ جي تَرارِ سين، مُلحِدَ کي مَارِينِ،

جَزَاۗؤُہُمْ عِنْدَ رَبِّہِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ، الله اوسَارين،

گوُندَرِ گُذارِينِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 9، ص: 131)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽيهين سيپاري ’عمّ‘ ۾ اٺانويھين مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَیِّنَةِ‘ جي آيت نمبر 8 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آھن“

(سڪندري، ترجمو، ص:726)

خَرَّ مُوْسٰي صَعِقًا

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

”كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

” اَللہُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا۰ۙ يُخْرِجُہُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ“ ٿا اِھَڙِيءَ پَرِ پُرَنِ،

”خَرَّ مُوْسٰي صَعِقًا“، جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي نائين سيپاري ’قَالَ الْمَلَا‘ ۾ ستين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاَعْرَافِ‘ جي آيت نمبر 143 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي:”موسيٰ بيھوش ٿي ڪري پيو.“ (سڪندري، ترجمو، ص: 203)

الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

صُلحُ جَنِ سَڄَڻَ سين، سيڄَ ماڻِيندا سٖي،

”الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا وَكَانُوْا يَتَّقُوْنَ“، اِنَ پَرِ اُڀا جٖي،

نيئِي نُونڌِيُن تٖي، ڏِکي چِٽٖي چاڙهِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 44، ص: 729)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي يارهين سيپاري ’ یَعْتَذِرُوْنَ ‘ ۾ ڏهين مڪي سورت ’سُوْرَةُ یُوْنُس‘ جي آيت نمبر 63 آھي، جنھن جو ترجمو آھي تہ: ”اھي جن ايمان آندو ۽ تقويٰ اختيار ڪندا رهيا“

(سڪندري، ترجمو، ص: 260)

رَضِيَ اللہُ عَنْہُمْ وَرَضُوْا عَنْہُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

رييَئُون راضِي رُوحَ ۾، مَٿي رَبَ رَضَا،

مَڃئَائُون مَحَبَتَ سين، قَادِرَ جِي قَضَا،

رَضِيَ اللہُ عَنْہُمْ وَرَضُوْا عَنْہُ، جوڳِيَنِ اِيءَ جَزا،

ڏيئِي سَاھَه سَزا، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو - جلد ٽئو‘، سُر راملڪي، داستان تيرهون، بيت 10، ص: 131)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ستين سيپاري ’وَاِذَاسَمِعُوْ‘ ۾ پنجين مدني سورت ’سُوْرَةُ الْمَاۗئِدَةِ‘ جي آيت نمبر 119 ۾ آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اُھي الله کان راضي“

(سڪندري، ترجمو، ص: 155)

سِيْمَاہُمْ فِيْ وُجُوْہِہِمْ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَھ موتِيَنِ ڳُتِيا، چوڏهِين ماھَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،

اَللہُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ وَالْاَرْضِ، جَلوو زَمِيناسِ،

سِيْمَاہُمْ فِيْ وُجُوْہِہِمْ، منھن ۾ مَڻِ ڳُتِياسِ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 10، ص: 674)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڇَويھين سيپاري ’حٰـمٓ‘ ۾ اٺيتالھين مدني سورت ’سُوْرَةُ الْفَتْحِ‘ جي آيت نمبر 29 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”انهن جي نشاني انهن جي منھن ۾ آھي (سجدي جي نشان کان)“

(سڪندري، ترجمو، ص: 619)

فَاذْكُرُوْنِيْٓ اَذْكُرْكُمْ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

يييَئُون يَرُڪَ مَڪَانَ ۾، ھَلَنِ اُڀَ سَرا،

سَامِي سَفَرِ ھَلِئَا، ڪنھن ڏوراڻي ڏيهَا،

اُھڃَ آندائُون اِھَڙا، جَنِ مَنجھ نَاھي ڊاءُ،

فَاذْكُرُوْنِيْٓ اَذْكُرْكُمْ، سَامِيَڙَنِ سَا راءِ،

جوڳِيَڙا وِئَا جَاءِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 30، ص: 139)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي پھرئين سيپاري ’الۗـمّۗ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘ جي آيت نمبر 152 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”سو اوهان مون کي ياد ڪريو تہ مان اوھان جي پرچار ڪندس“

(سڪندري، ترجمو، ص: 30)

فَبَصَرُكَ الْيَوْمَ حَدِيْدٌ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

قَافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کَان، ڇِنِي ڇَڏِئَائُون،

لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جَا، اُھِڃَ آندائُون،

نَاسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گھَارِيَائُون،

فَبَصَرُكَ الْيَوْمَ حَدِيْدٌ، اِيَهِين اُتَائُون،

سَڳَرُ سُوٺَائُون، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 21، ص: 136)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڇَويھين سيپاري ’حٰـمٓ‘ جي پنجاھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ قٓ‘ جي آيت نمبر 22 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”پوءِ اڄ تنھنجي نگاھ تکي آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 624)

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

مونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ،

سَجِدي ۾، سَيّدُ چي، گوڏا گودَڙِيَنِ،

”فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى“، ٿا نانگا ايئن نَمَنِ،

”كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

”اَللهُ وَلِيُّ الّذِينَ آمَنُو يُخْرِجُهُمْ مِنَ الظُلْماتِ اِلَي النّورِ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

”خَرَّ مُوسيٰ صَعِقاَ“ جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،

”ما زَاغ البَصَرُ وَ ما طغَيٰ“، اِھَڙِيءَ رَوِشَ رَوَنِ،

مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتٖي آديسِنِ،

ري پَسَڻُ، ري سُڻَڻَ، ري وِصالَ وِهَنِ،

ريٖ پُرَڻَ، ريٖ ٻولَڻَ، ٿا اِھَڙِيءَ چالَ چَلَنِ،

سَيّدُ چيٖ سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇيٖن ٿو ڪِھَڙِي؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ستاويھين سيپاري ’قَالَ فَمَاخَطْبُكُمْ‘ ۾ ٽيونجاھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ النَّجْمِ‘ جي آيت نمبر 9 آھي، جنھن جو ترجمو آھي:”پوءِ (ان جلوي ۽ ان محبوب ۾) ٻن ھٿن جو فاصلو رهيو بلڪہ ان کان بہ گهٽ.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 632)

فَلَہُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُوْنٍ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ضَادَئُون ضَلالَتَ کان، پَاڻَان وِئَا پَري،

مَنجھ مُراقِبي مَشغولُ ٿِئَا، ڪَامِلَ قَلبَ ڪَري،

مَالها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهَنِ وِردَ وَري،

فَلَہُمْ اَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُوْنٍ، سَامَينِ سَھجُ سَري،

پَاڻَان ٿِي پَري، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 15، ص: 133)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَـمَّ‘۾ پنجانويھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ التِّیْنِ‘جي آيت نمبر 6 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”پوءِ انهن جي واسطي بيحد ثواب آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 724)

قَالُوْا بَلٰي

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

”اَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ“، جَڏِهن ڪَنِ پِيومِ،

”قَالُوْا بَلٰي“ قَلبَ سين، تَڏِهن تِتِ چَيومِ،

تِھِين ويرَ ڪِيومِ، وَچَنُ ويڙِهِيچَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 1، ص: 558)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي نائين سيپاري ’قَالَ الْمَلَا‘ ۾ ستين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاَعْرَافِ‘ جي آيت نمبر 172 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”سمورن چيو ڇو نہ“

(سڪندري، ترجمو، ص: 209)

قُلْ لَّنْ يُّصِيْبَنَآ اِلَّا مَا كَتَبَ اللہُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:

ڪونهي قادِرُ ڪو ٻِيو، انهين جو اَڀاڳُ،

”قُلْ لَّنْ يُّصِيْبَنَآ اِلَّا مَا كَتَبَ اللہُ “، اِيءُ مَعذِرَتَ ماڳُ،

سَڀوئِي سَڀاڳُ، مارُئِيءَ مُساوِي ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت 11، ص: 577)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڏهين سيپاري ’وَاعْلَمُوْٓا‘۾ نائين مدني سورت ’سُوْرَةُ التَّوْبَة‘ جي آيت نمبر 51 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”توهان فرمايو اسان کي ڪڏهن بہ نہ پھچندو مگر اھو ڪجهہ جيڪو الله اسان جي واسطي لکي ڇڏيو“

(سڪندري، ترجمو، ص:235)

قُلْ ہُوَالرَّحْمٰنُ اٰمَنَّا بِہٖ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

تييُون تَوشو تَوڻِ نَہ ڪَا، ڌُرِيَائِينِ ڌارِينِ،

ڏُکِئا سُکِئَا ڏيِنہڙا، ٿَا گهٽَ اندَرِ گهارِينِ،

تَوَڪَلَ ٻَڌائُون تُرَهو، ٻِي وائِي نَہ وارِينِ،

قُلْ ہُوَالرَّحْمٰنُ اٰمَنَّا بِہٖ، اِتي اِخِتيَارِينِ،

پَرِ چَڱِي پَارِينِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 3، ص: 129)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي اوڻٽيھين سيپاري ’ تَبٰرَكَ الَّذِيْ‘ ۾ سَتھٺھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْمُلْكِ‘ جي آيت نمبر 29 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”تون فرماءِ اھو ئي رحمٰن آھي، اسان ان تي ايمان آندو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 681)

قُلْ ہُوَاللہُ اَحَدٌ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

الِفُ اکَرُ مَنَ ۾، ڪِئو ڪَاپَڙِيَنِ،

سي حَرفَ ڌاران ھيڪِڙي، ٻئو ڪِينَ ٻُجهنِ،

فَرضُ فَنَا فِي اللهِ جو، عَينُ عَبَادَتَ اُنِ،

قُلْ ہُوَاللہُ اَحَدٌ، ٿَا مَنجَھان پِرتِ پَڙَهَنِ،

سَعَادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 1، ص: 128)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ 112هين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاِخْلَاصِ‘ جي پھرين آيت آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”تون فرماءِ اھو الله آھي اھو ھڪ آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص:731)

كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

مونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِيَنِ،

سَجِدي ۾، سَيّدُ چي، گوڏا گودَڙِيَنِ،

”فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ اَوْ اَدْنٰى“، ٿا نانگا ايئن نَمَنِ،

”كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ستاويھين سيپاري ’قَالَ فَمَاخَطْبُكُمْ‘۾ پنجونجاھين مدني سورت ’سُوْرَةُ الرَّحْمٰنِ‘ جي آيت نمبر 26 آھي، جنھن جي معنيٰ آھي :”زمين تي جيترا بہ آھن سمورن کي فنا آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 640)

كُلُّ نَفْسٍ ذَاۗىِٕقَۃُ الْمَوْتِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

گهڙان ٿِي رِيءَ گهڙي، اِلاھِي تُھارَ،

توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

ھُو جو شَڪُ شارِڪَ جو، تِئان رَکُ، سَتارَ،

توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

كُلُّ نَفْسٍ ذَاۗىِٕقَۃُ الْمَوْتِ، پَڙهو اِيءَ پَچارَ،

توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، وائي پھرين، ص: 172)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ايڪويھين سيپاري ’اُتْلُ مَآاُوْحِيَ‘ ۾ اُڻٽيھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْعَنْکَبُوْتِ‘ جي آيت نمبر 57 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”هر ساھ کي موت جو مزو چکڻو آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 485)

كُنْ فَيَكُوْنُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سهڻيءَ‘، جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:

سُهڻيءَ کي سِينگارَ، اَڻَ- لِکِيا اَڳــٖي ھُئا،

كُنْ فَيَكُوْنُ ڪانَہ ھُئِي، نَہ ڪا ٻِي پَچارَ،

مَرَڪِي ساڻُ ميهارَ، لايائِين لَنءُ لَطِيفُ چي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 2، ص: 248)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي پھرين سيپاري ’الۗمّۗ‘۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 117 جو آھي. ھن آيت ۾ جھان جي خلقڻ متعلق الله جي ارادي ڏانھن اشارو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”(فرمائي ٿو تہ) ٿي وڃ ! اھا بنا دير ٿي پوي ٿي.“

(سڪندري، ترجمو، ص:23)

لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

گهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، آسَرَ مَ لاھيج،

لَا تَقْنَطُوْا مِنْ رَّحْمَۃِ اللہِ تُرَهٖي اِنَ تَريجِ،

حَبِيباڻٖي ھيج، پَسين منھن مِيھار جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 21، ص: 221)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي چوويھين سيپاري ’فَمَنْ اَظْلَمُ‘ ۾ اوڻيتالهين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الزُّمَرِ‘ جي آيت نمبر 53 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي تہ: ” الله جي رحمت کان نا اميد نہ ٿيو.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 559)

لَا يُكَلِّفُ اللہُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَہَا

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ھُئِي ھدايَتَ حُرّ کي، اَزَلَ ۾ اَصلا،

چَڙهِي آيو جَنگِ تي، ھَلِي ھُنَ پارا،

اِينديٖهي چَيائين اِمامَ کي: ” گهورِيُسِ آن مٿاءَ،

”لَا يُكَلِّفُ اللہُ نَفْسًا اِلَّا وُسْعَہَا“، جيڪا پُڄَندِيَم سا،

گهوٽَ پِھ لَڳا گھاءَ، ھِيءُ پِھ شيرُ شَھِيدُ ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 7، ص: 673)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽئين سيپاري’ تِلْکَ الرُّسُلُ ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘ جي آيت نمبر 286 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله ڪنھن جان تي بار نہ رکندو آھي مگر سندس طاقت آھر.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 61)

لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَۃً تَلْبَسُوْنَہَا

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

وَرِئو وَرَقُ وِصَالَ جو، موڪَلَ ٿِي مُون،

لَحْمًا طَرِيًّا وَّتَسْتَخْرِجُوْنَ حِلْيَۃً تَلْبَسُوْنَہَا، تن ۾ تونہين تُون،

مَنَ مَنجھانَ را مُون، مارُو ڄَامُ مَلِيرَ جو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ايڪيھون، بيت 16، ص: 512)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻاويھين سيپاري ’وَمَنْ يَّقْنُتْ‘ ۾ پنجٽيھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ فَاطِر‘ جي آيت نمبر 12 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”(۽ ھر ھڪ مان توهان کائو ٿا) تازو گوشت ۽ ڪڍو ٿا پائڻ جو ھڪ زيور.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 525)

لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَہْلِ الْكِتٰب

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر جمن‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

پوکَ جَا پَڙَهَڻَ جِي، ’لا‘ سين وِجُھ لُڻِي،

لَمْ يَكُنِ الَّذِيْنَ كَفَرُوْا مِنْ اَہْلِ الْكِتٰب، آگي آيَتَ موڪِلِي ڌُرِيَائيِن ڌُڻِي،

اِھَا سِٽَ سُڻِي، مُون وَرَقَ سَڀِ وِسَارِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2021ع)، ’شاھ جو رسالو– جلد پھريون‘، سُر جمن ، داستان ستون، بيت 29، ص: 74)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽيهين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ اٺانويھين مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَیِّنَةِ‘ جي پھرين آيت جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”ڪتابي ڪافر (۽ مشرڪ) پنھنجو دين ڇڏڻ وارا نہ ھئا“

(سڪندري، ترجمو، ص: 725)

لَمْ يَلِدْ۰ۥۙ وَلَمْ يُوْلَدْ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر آسا‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

اَسِين سِڪُون جَنِ کي، اَسِين پُڻِ سيئِي،

لَمْ يَلِدْ۰ۥۙ وَلَمْ يُوْلَدْ، وَنءُ اوڏاھِين پيهِي،

تِھان مَنجھيئِي، پارِکَ! پَرِکِج حَقَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان چوٿون، بيت 9، ص: 722)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ 112هين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاِخْلَاصِ‘ جي آيت نمبر 3 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”نہ ان جو ڪو اولاد ۽ نہ اھو ڪنھن کان پيدا ٿيو.“ (سڪندري، ترجمو، ص: 731)

لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

حييَئُون حَالُ پِرايو، آديسِيَنِ احوالُ،

نَانهن ڪِئَائُون نَفسَ کي، مَنجھانَ زُھِدَ زَوالُ،

لَنْ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰى تُنْفِقُوْا، پَاڻُ ڪِئَائُون پَئِمالُ،

لَڌائُون لطيفؒ چئي، جَانِبَ جو جَمالُ،

نَانگا ٿِي نِهَالُ، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 6، ص: 130)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي چوٿين سيپاري ’لَنْ تَنَالُوا‘ ۾ ٽئين مدني سورت ’سُوْرَةُ اٰلِ عِمْرٰنَ‘ جي آيت نمبر 92 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”اوهان ايستائين چڱائيءَ کي ھرگز نہ پھچندؤ جيسين (پنھنجي پياري شيءِ) خرچ نہ ڪندؤ.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 76)

مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

”خَرَّ مُوْسٰي صَعِقًا“، جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،

”مَا زَاغَ الْبَصَرُ وَمَا طَغٰى“، اِھَڙِيءَ رَوِشَ رَوَنِ،

مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتي آديسِنِ،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ستاويھين سيپاري ’قَالَ فَمَاخَطْبُكُمْ‘ ۾ ٽيونجاھين مڪي سورت ’ سُوْرَةُ النَّجْمِ‘جي آيت نمبر 17 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”نہ اک ڪنھن طرف ڦري نہ حد کان لنگهي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 633)

هنۗوَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

اَڄُ پَڻ آندِيُون اوٺِيين، ڪِتَابَتُون ڪَي،

ڳالهيُون ڳوٺايَنِ جُون، سُڻُ تُون عُمَرَ سَي،

نۗ وَالْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُوْنَ، پَاتَا پيرَ پِريين،

حٰم طسٰ يٰس جَا، اُھڃ ڏِنَائُون اَي،

موڪَلَ ڏي مُون کي، سَاڻيھ جِي سَيؒـدُ چئي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر مارئي، داستان ايڪيھون، بيت 19، ص: 513)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي اُڻٽيهين سيپاري ’تَبٰرَكَ الَّذِيْ‘۾ اٺھٺھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْقَلَمِ‘ جي پھرين آيت آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”قلم ۽ ان جي لکيل جو قسم“

(سڪندري، ترجمو، ص: 681)

ہُوَاللہُ الْوَاحِدُ الْقَہَّارُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:

ظييَئُون ظَاھِرُ ذَوق سين، پَنجَ ئِي ڪَنِ پُورا،

ھَلَنِ واٽَ سَمَاءَ ۾، ڳاڙي ڳَلِ ڳوڙها،

سَنَاسِي سَيَـؒــدُ چئي، پُورَڀَ ۾ پُورا،

ہُوَاللہُ الْوَاحِدُ الْقَہَّارُ، سَامِي مَنجھ سُورا،

ٿِي چَاڪَنِ سين چُورا، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي ، داستان تيرهون، بيت 17، ص: 134)

ھيءَ آيت جو حصو قرآن شريف جي ٽيويھين سيپاري ’وَمَالِيَ‘ ۾ اُڻيتالھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الزُّمَرِ‘جي آيت نمبر 4 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ” اھو ئي آھي ھڪ الله سڀني تي غالب.“ (سڪندري، ترجمو، ص: 552)

ہَيْہَاتَ ہَيْہَاتَ لِمَا تُوْعَدُوْنَ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ديسيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

اَڄُ پِھ وَسائِي اوٺِيين، مَٿي مارَڳ ماڪَ،

پُنھُون نِيائُون پاڻَ سين، تاڙِيُون ڀَڃِي طاقَ،

ہَيْہَاتَ ہَيْہَاتَ لِمَا تُوْعَدُوْنَ، سُڃِي ٿِي اوطاقَ،

چُڪِيءَ چوري چاڪَ، ھاڙهي ھوتَ ھلي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 380)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ارڙهين سيپاري ’قَدْ اَفْلَحَ‘۾ ٽيويھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْمُؤْمِنُوْنَ‘ جي آيت نمبر 36 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”ڪيترو پري آھي جنھن جو توھان کي واعدو ڏنو وڃي ٿو.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 415)

وَاذْكُرْ رَّبَّكَ فِيْ نَفْسِكَ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڇَڏِ جَاڳوٽَا جوڳِيين، دُونہيُون ڪِيمَ دُکَاءِ،

وَاذْكُرْ رَّبَّكَ فِيْ نَفْسِكَ، اندَرِ آڳِ جَلاءِ،

جَنِ کي سَڄَڻَ جِي سَاڃاءِ، تَنِ کي ڪِينَان مِٺو ڪِينَڪي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 16، ص: 70)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي نائين سيپاري ’قَالَ الْمَلَا‘ ۾ ستين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْاَعْرَافِ‘ جي آيت نمبر 205 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ پنھنجي رب کي پنھنجي دل ۾ ياد ڪر“

(سڪندري، ترجمو، ص: 213)

وَاشْكُرُوْا لِيْ وَلَا تَكْفُرُوْنِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾’سُر سريراڳ‘ جي پھرين داستان جي پھرين وائي ۾ ڪتب آيل آھي:

وَاشْكُرُوْا لِيْ وَلَا تَكْفُرُوْنِ، ڪَڍُ تون ڪُفرانا،

ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

سَڀِ سَنوارِيا سُپِرِينءَ، ڪُوَلَ! توڪَنا،

ڪوڙِييٖن ڀالَ ڪَرِيمَ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، وائي 1، ص: 156)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻئي سيپاري ’سَيَقُوْلُ‘۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ البَقَرَة ‘جي آيت نمبر 152 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ منھنجو حق مڃيو ۽ منھنجي نا شڪري نہ ڪريو.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 30)

وَاللہُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ

ڪلام پاڪ جي آيت جوهي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

لامَئُون سي لاھُوتَ ۾، سَدا سَيرُ ڪَرِينِ،

اُتَان عِلَمَ ۽ حِلمَ جَا، آڻِئو پَھَه پُورِينِ،

لَڏئِو ”لا“ مَڪَانَ ۾، عشرَتَ سين اورِينِ،

وَاللہُ عَلٰي كُلِّ شَيْءٍ قَدِيْرٌ، چَپَنِ کي چورِينِ،

سَامِيَڙا سورِينِ، گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپِڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 23، ص: 137)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽئين سيپاري ’تِلْکَ الرُّسُلُ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘جي آيت نمبر 284 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ الله ھر شيءِ تي قادر آھي.“ (سڪندري، ترجمو، ص: 60)

وَاللہُ غَالِبٌ عَلٰٓي اَمْرِہٖ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

وَاللہُ غَالِبٌ عَلٰٓي اَمْرِہٖ، پَرِ چَڱيِ پَارِينِ،

لاھُوتِي لَڏيِنِ، گُرَ کي گَـڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 26، ص: 138)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻارهين سيپاري ’وَمَامِنْ دَاۗبَّۃٍ‘۾ ٻارهين مڪي سورت ’سُوْرَةُ يُوْسُفَ‘ جي آيت نمبر 21 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي:”۽ الله پنھنجي ڪم تي غالب آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 286)

وَاللہُ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾’سر يمن ڪلياڻ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:

ڏَمَرَ پاسو ڏُکَ سين، کاندِ کَٿُورِي ھوءِ،

وَاللہُ مَعَ الصّٰبِرِيْنَ، آگو اِيهين چوءِ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 14، ص: 126)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٻئي سيپاري، ’سَیَقُوْلُ‘ ۾ ٻي مدني سورت ’سُوْرَةُ الْبَقَرَة‘ جي آيت نمبر 249 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ الله صبر وارن سان گڏ آھي.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 51)

وَاللہُ يَدْعُوْٓا اِلٰى دَارِ السَّلٰمِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

جوڳِي جَڳُ ڇَڏي، پُرئَا پُورَڀَ پَنڌَ ڏي،

لاھُوتِي لطِيؒـف چئي، ھَلِئَا لالَ لَڏي،

وَاللہُ يَدْعُوْٓا اِلٰى دَارِ السَّلٰمِ، صاحِبُ سَڀَنِ سَڏي.

ھَي ھَي ھِنَ ھَڏي، ھَمَہَ کي حَيرانُ ڪِئَو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 27، ص: 73)

ھيءَ آيت جو حصو قرآن شريف جي يارهين سيپاري ’يَعْتَذِرُونَ ‘ ۾ ڏهين مڪي سورت ’سُوْرَةُ یُوْنُسَ‘جي آيت نمبر 25 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ الله سلامتي جي گهر جي طرف سڏي ٿو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 255)

وَاَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سهڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

گهڙي گهڙو ھَٿِ ڪري، ٻَھُون نِهاري ٻَنگُ،

وَاَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ، اِيءُ لَنگھيائِين لَنگَھ،

سِڪَندِيَنِ کي، سَيّدُ چي، ڪِينَ جهلِيندو جَھنگُ،

راتِ جَنِين جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 12، ص: 219)

آيت جو ھي حصو ٽيهين سيپاري ’عَـمَّ‘ ۾ اُڻاسئين مڪي سورت ’سُوْرَةُ النّٰزِعٰتِ‘ جي آيت نمبر 40 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ جيڪو پنھنجي رب جي حضور بيھڻ کان ڊنو“

(سڪندري، ترجمو، ص: 708)

وَتُعِزُّ مَنْ تَشَاۗءُ وَتُذِلُّ مَنْ تَشَاۗءُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر جاجڪاڻيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

وَڏَڙا ڏانَ ڏِنَائِين، کَنيَائِين رَختو ريزالَنِ جو،

ڏاتيُون ڏي ڏَڏَنِ کي، سونُ سَراھِيون سَائِين،

اَنڌا مَنڊا آئِيَا، سَخَا سَڏُ وِڌائِين،

ڪِينَ مَنجھان ئِي ڪِي ڪَري، سو نَہ سَاراھِيين سَائِين،

وَتُعِزُّ مَنْ تَشَاۗءُ وَتُذِلُّ مَنْ تَشَاۗءُ، آھي سَڀِ اُتَائِين،

نَوازِيَائِين نُطفو، مَنجھان ڪِينَ ڪِيَائِين،

حِرفَتَ حَرِيفَنِ جِي، ڀَڃِي سَڀَ ڀَڳَائِين،

حَاسِدَ سَڀِ حُزنَ ۾، مُدَعِي پَاڻَ مُٺَائِين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر جاجڪاڻي، داستان پھريون، وائي 2، ص: 284)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽئين سيپاري ’تِلْکَ الرُّسُلُ‘۾ ٽين مدني سورت ’سُوْرَةُ اٰلِ عِمْرٰنَ‘ جي آيت نمبر 26 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ جنھن کي گهرين عزت ڏين ۽ جنھن کي گهرين ذلت ڏين.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 65)

وَتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ۰ۥۙ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر بروو سنڌيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڪوٺٖي ڪُٺائُون، اَڄُ پُڻِ اَکَڙِيَنِ سين،

ماسُ وِراھي ھَلِيا، ڪَرَنگَلُ ڇَڏِيائون،

وَتَوَاصَوْا بِالْحَقِّ ۰ۥۙ وَتَوَاصَوْا بِالصَّبْرِ، ايئن اُتائُون.

مُئِي مارِيائُون، کِلِي گھايو سَڄَڻين.

(شاھواڻي، غلام محمد ، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو، سُر بروو سنڌي، داستان پھريون، بيت 12، ص: 764)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَمَّ‘ ۾ 103 مڪي سورت ’سُوْرَةُ الْعَصْرِ‘ جي آيت نمبر 3 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ ھڪ ٻي کي حق جو تاڪيد ڪيائون، ۽ ھڪ ٻي کي صبر جي وصيت ڪيائون“

(سڪندري، ترجمو، ص: 728)

وَسَقٰىہُمْ رَبُّہُمْ شَرَابًا طَہُوْرًا

ھي ڪلام پاڪ جي آيت جو حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سرراڳ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

وَسَقٰىہُمْ رَبُّہُمْ شَرَابًا طَہُوْرًا، پَاڻِي پَاڪُ پِيئيجِ،

جنھنکي سڪي سَڀُڪو، پِريِن سو پَسيجِ،

لُڙَ ۾ ڪِيمَ لُڏيجِ، سَامُونڊي سُتَڙِ ٿِيين.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد پھريون‘، سُر سرراڳ، داستان ستون، بيت 1، ص: 174)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي اوڻٽيھيئن سيپاري ’تَبٰرَكَ الَّذِيْ‘ ۾ ڇاھترئين مدني سورت ’سُوْرَةُ الدَّهْرِ‘ جي آيت نمبر 21 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ انهن کي پاڪيزہ شراب سندن رب پياريو.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 702)

وَفِيْٓ اَنْفُسِكُمْ۰ۭ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سسئي آبريءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ آيل آھي:

ھوتُ تنھنجي ھَنجَ ۾، پُڇين ڪوھ پَھِي؟

”وَفِيْٓ اَنْفُسِكُمْ ۰ۭ اَفَلَا تُبْصِرُوْنَ“، سوجھي ڪَرِ سَھِي

ڪَڏهن ڪانَہ وَهي، ھوتُ ڳولَڻَ ھَٽَ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 12، ص: 306)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڇَويھين سيپاري ’حٰـمٓ‘ ۾ ايڪونجاھين مڪي سورت،’ سُوْرَةُ الذّٰرِیٰتِ ‘ جي آيت نمبر 21 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ پاڻ توهان ۾، پوءِ ڇا توهان ڏسو نہ ٿا.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 627)

وَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڪَافَئُون ڪَري ڪُرِنِشُون، ٻَڌِي اُڀِيَا ٻَاھُون،

اُڀِي الَکَ سَامُهُون، رَتو رُنَائُون،

سَنَاسِيَنِ سَيَدُ چَئي، مِلِيُون مُدَعَائُون،

وَلَسَوْفَ يُعْطِيْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰى، چِٽو چَيَائُون،

لائِقُ لَڌائُون، گُرَ کي گڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 22، ص: 136)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’عَمَّ‘۾ ٽيانويھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ الضُّحٰي‘ جي آيت نمبر5 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ بيشڪ قريب آھي جو تنھنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 723)

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي: زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختَا ٿِئَا پَچِي،

ڪَڍِي ڇَڏِئَائُون ڪُڙِھ مَان، ڪوجھي ڳالهہ ڪَچِي،

اُبَٺِئَا عِبَادَتَ ۾، مَانجهي مَرِدَ مَچِي،

وَمَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَالْاِنْسَ اِلَّا لِيَعْبُدُوْنِ، سُڻِئو سُڌِ سَچِي،

اُڪنڊَ سَاڻُ اچِي، گُرَ کي گَڏِئَا ڪَاپَڙِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان تيرهون، بيت 11، ص: 132)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ستاويھين سيپاري ’قَالَفَمَاخَطْبُكُمْ‘ ۾ ايڪونجاھين مڪي سورت،’سُوْرَةُ الذّٰرِیٰتِ‘جي آيت نمبر 56 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ مان جِن (۽) انسان فقط انهيءَ لاءِ پيدا ڪيا جو منھنجي بندگي ڪن.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 629)

وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْہِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر مارئيءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

قِسِمَتَ قَيدِ ڪِياس، ناتَ ڪيرَ اَچي ھِنَ ڪوٽَ ۾،

وَنَحْنُ اَقْرَبُ اِلَيْہِ مِنْ حَبْلِ الْوَرِيْدِ، وَطنِ آن وِيندِياسِ،

مارُنِ کي مِلَندِياسِ، ڪوٺِيُون ڇَڏي ڪَڏِهِين.

(شاھواڻي،غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو ‘، سُر مارئي، داستان پھريون، بيت 9، ص: 560)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڇَويھين سيپاري ’حٰـمٓ‘ ۾ پنجاھين مڪي سورت ’سُوْرَةُ قٓ‘ جي آيت نمبر 16 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”۽ اسان دل جي رڳ کان بہ ان کي وڌيڪ ويجها آھيون.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 624)

يُجَاہِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر ڪيڏارو‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

ڪُوپا ڪِلي ڪوڏِيا، راوَتَ ڪِينَ رَهَنِ،

سائُنِ سِرَ فِدا ڪِيا، اڳيان اِمامَنِ،

يُجَاہِدُوْنَ فِيْ سَبِيْلِ اللہِ، ڪَمُ اِھو ئي ڪَنِ،

حُورُون ھارَ ٻَڌَنِ، سِهَرا شَھِيدَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ڇھون، بيت 10، ص: 677)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ڇھين سيپاري ’لَا یُحِبُّ اللّٰهُ ‘ ۾ پنجين مدني سورت ’ سُوْرَةُ الْمَاۗئِدَةِ‘ جي آيت نمبر 54 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي تہ: ”الله جي واٽ ۾ لڙندا“

(سڪندري، ترجمو، ص: 142)

يَہْدِي اللہُ لِنُوْرِہٖ مَنْ يَّشَاۗءُ

ڪلام پاڪ جي آيت جو ھي حصو، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر رامڪليءَ‘ جي ھيٺئين بيت ۾ ڪتب آيل آھي:

سَامِي ڪَنڌُ ڪَپَاءِ، ڪَنَ ڪَپَائِڻُ خَيرُ کِين،

يَہْدِي اللہُ لِنُوْرِہٖ مَنْ يَّشَاۗءُ، ايءَ انِهيِن لَئه آھِه،

صُحبَتَ تُنھِنجِي سَيَــــؒــدُ چَئي، سَامِيَنِ وَٽِ سَمَاءِ،

ھِيءَ تَنِي جِي جَاءِ، جَنِ ٻَئِي جَڳَ ڇَڏِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو – جلد ٽئو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 26، ص: 72)

آيت جو ھي حصو قرآن شريف جي ارڙهين سيپاري ’قَدْاَفْلَحَ ‘ ۾ چوويھين مدني سورت ’سُوْرَةُ النُّورِ‘ جي آيت نمبر 35 جو آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”الله پنھنجي نُور جي راھ ٻُڌائي ٿو جنھن کي گهري“

(سڪندري، ترجمو، ص: 427)

يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ اَخِيْہِ

ڪلام پاڪ جي ھيءَ آيت، شاھ جي رسالي ۾ ’سُر سريراڳ‘ جي ھيٺئين وائيءَ ۾ آيل آھي:

يَوْمَ يَفِرُّ الْمَرْءُ مِنْ اَخِيْہِ، جِتِ ڀَڄَندا ڀارَ،

توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

تُرَهو ڇِنو تارِ ۾، اَچِجِ تُون، اوسارَ!

توکي آرَسُ اکڙِيُنِ ۾،

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، وائي پھرين، ص: 172)

ھيءَ آيت قرآن شريف جي ٽيھين سيپاري ’ عَمَّ‘ ۾ اسيهين مڪي سورت ’سُوْرَةُ عَبَسَ‘ جي آيت نمبر 34 آھي، جنھن جو ترجمو آھي: ”ان ڏينھن ماڻهو ڀڄندو پنھنجي ڀاءُ کان.“

(سڪندري، ترجمو، ص: 710)

وڌيڪ بيتن جي تفصيل ۾ ڏسو