شاھ لطيف جي شاعريءَ جا فني گهاڙيٽا
شاھ لطيف جي شاعريءَ جا فني گهاڙيٽا
قديم سنڌي شعر
اھا مڃيل حقيقت آھي تہ، شاعريءَ جي وزن جو فَنُ شعر ۾ رَسُ، رَچاءُ ۽ نغمگي پيدا ڪري ٿو.
’دي ميڪملن انسائيڪلوپيڊيا‘ شاعريءَ جي وزن جي سرشتي Prosodic System جي وصف ھن ريت بيان ڪئي آھي: ”وزن، شعر ۾ سُر، تال جو ماپو آھي. انگريزيءَ ۾ شعر جي لئي کي ماپڻ لاءِ مختلف ماپا يا وزن آھن، جيڪي ڪيترن ئي قسمن جي زورائتن ۽ اڻ زورائتن پدن جي ترتيب تي ٻڌل آھن.“
(Paul,1970, The Macmillan Encyclopiedica p:799)
جيئن تہ ھر ٻوليءَ جي فني اڻت ۽ مزاج پنھنجو پنھنجو ھوندو آھي، تنھن ڪري شاعريءَ جي فني پرک لاءِ نہ رڳو فارسي بحر وزن، پر گڏوگڏ ڇند وديا ۽ انگريزي فني قالب سان گڏ موسيقيءَ کي سمجهڻ بہ اشد ضروري آھي، ۽ اُن کان پوءِ ئي ڪنھن شاعر جي شاعريءَ جي فني رخ بابت ڪا راءِ قائم ڪرڻ گهرجي.
1914ع ڌاري مرزا قليچ بيگ، قديم سنڌي شعر جي فن بابت بحث جي شروعات ڪئي. مرزا صاحب فقط علم عروض جي ڄاڻ جي آڌار تي قديم سنڌي شعر کي ’ناموزون‘ يعني بي وزن شاعري ڪوٺيو. اڳتي ھلي ڪجهہ ٻين علم عروض جي ماھرن: محمد صديق ميمڻ ۽ ڊاڪٽر محمد ابراھيم خليل، مرزا قليچ بيگ جي راءِ کي ھٿي وٺرائي.
پروفيسر جهمٽ مل خوبچند ڀاوناڻي اھو پھريون عالم ھو، جنھن 1953ع ۾ ڇپيل پنھنجي ڪتاب ’ڇند سڳنڌ‘ ۾ تفصيلي بحث ڪري ثابت ڪيو تہ، قديم سنڌي شاعري (بيت ۽ وايون) ’موزون‘ يعني وزن بحر تي ٻڌل شاعري آھي ۽ ان جو بنياد قديم ھندي عروض ’ڇند وِديا‘ تي رکيل آھي
ايڇ آءِ سدارنگاڻي ’خادم‘ پنھنجي تصنيف ’ڪنور پاڙون پاتار ۾‘ ڄاڻايو تہ، ”شاھ سائين جي وقت ۾ علم عروض جي بحر، وزن، رديف ۽ قافيي تي شعر جوڙڻ جو بنياد پئجي چڪو ھو، پر ڪن روايتي طور، ڪن جوڳين، ساڌن ۽ سنڌ ۾ ايندڙ ٻاھرين ڳائڻن جي ٽولين ۽ منڊلين واتان ھندي گيت، ڀڄن، دوها، سورٺا ٻڌڻ ڪارڻ ۽ ڪي وري وطن دوستيءَ جي جذبي ھيٺ شاھ لطيف جي ھندي ڇند وِديا جي طريقي تي بيت ۽ وايون چوڻ پسند ڪيون.“
(سدا رنگاڻي، 1984ع، ص: 48-49)
ان حوالي سان سدارنگاڻي، شاھ لطيف تي ڀڳتي مت جي مھان ڪوي ڪبيرداس (1399ع -1495ع) ۽ ميران ٻائيءَ جي اثر کي پڻ مڃي ٿو.
تم جن جانو گیت ہے، یہی نج برہم پچار،
کیول کہ سمجھائیا، آتم سا دھن سار.
(ڪبير داس)
اھڙو ئي خيال فارسي شاعريءَ ۾ بہ ملي ٿو ۽ شاھ لطيف بہ فرمائي ٿو:
جي تو بيتَ ڀانئِيا، سي آيَتُون آھِينِ،
نِيو مَنُ لائِينِ، پِرِيان سَنديٖ پارَ ڏي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 25، ص: 253)
ڇند جي شاعري ٻاھران آئي، اھا ڳالهہ قبول ڪرڻ کان اڳ اھو سوچڻ جي ضرورت آھي تہ، ڇا شاھ لطيف کان ڪي صديون اڳ قاضي قادن جو ڪلام ۽ اُن کان بہ اڳ قديم سنڌي شعر جا اھڃاڻ اھو ثابت نٿا ڪن تہ ڇند واري شاعري، سنڌ ۾ ڪٿان ٻاھران آيل سمجهڻ بدران ھن سموري خطي يعني ھند ۽ سنڌ جي پنھنجي روايت سمجهڻ گهربي ھئي، جنھن کي قاضي قادن ۽ اُن کان پوءِ وارن شاعرن جي ڪلام ۾ محفوظ ٿيڻ جو موقعو مليو. اھڙيءَ ريت ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌي قديم شاعري ’موزون‘ شاعري آھي ۽ اُھا ڇند وِديا تي آڌاريل آھي ۽ شاھ لطيف توڙي ٻين اساسي شاعرن جو ڪلام دوهي، سورٺي ۽ ٻين ڇندن تي ٻڌل آھي.
شمشيرالحيدري ڇند وِديا جي موافقت ۾ راءِ ڏيندي چوي ٿو، ”فارسي بحر، سنڌيءَ شاعري جي مزاج سان ٺھڪندڙ نہ سمجهيو ويو.“
(حيدري، شمشير، 2012ع، ص: 21)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو‘ جي مستند ۽ معياري متن، جلد پھرئين ۾ سنڌي قديم شعر ۽ شاھ لطيف جي شاعريءَ جي وزن بابت لکيو آھي: ”نج سنڌي شعر صدين کان وٺي ڳاھ، بيت ۽ ڪافيءَ جي صورت ۾ ھلندو آيو آھي. اُھي صنفون ’نج سنڌي شاعريءَ‘ جا بنيادي ٿنڀا آھن. سمجهڻ لائق ھيءَ ڳالهہ آھي تہ سنڌي شعر کي پنھنجو ’وزن‘ آھي، جيڪو ’علم عروض‘ يا ’ڇند وِديا‘ جي قاعدن جو محتاج ناھي. ’نج سنڌي شعر‘ جا ’مخصوص ماڻ‘ ۽ پنھنجون ’خاص ڍارون‘ آھن، جن جو سلسلو ’عروضي ارڪانن‘ يا ڇند جي ماترائن کان الڳ آھي. “
(بلوچ، 1989ع، ص: 171-172)
شاھ لطيف جي شاعريءَ جي وزن بابت ڊاڪٽر بلوچ ھيٺيان رايا ڏيندي لکي ٿو: ”شاھ جي بيتن ۽ واين جو وزن فطري ۽ غير شعوري آھي، ۽ نہ ارادي طور صنعتي. اھو وزن ۽ ماڻ شاھ جي پنھنجي شاعراڻي شعور، پنھنجي مادري سنڌي ٻوليءَ جي مزاج، توڙي سنڌي شاعريءَ جي صدين واري ڄاڻ جو نتيجو آھي.“
(بلوچ، 1989ع، ص: 172)
”شاھ صاحب جو دؤر جيتوڻيڪ علم عروض جي ڄاڻ ۽ عروضي شاعريءَ جي ذوق وارو دؤر ھو، پر اھا ڄاڻ ۽ اھو ذوق فارسي شاعريءَ تائين محدود ھو. ڇند وِديا جو ھت نالو نشان ئي ڪونہ ھو، انهيءَ ڪري شاھ صاحب جا بيت ۽ وايون توڙي ٻي نج سنڌي شاعري، انهن ٻاھرين ماپن ۽ ماڻن جي قيدوبند کان آجا رهيا.“
(بلوچ، 1989ع، ص: 172)
پر ڪي ٻيا عالم اُن سان اختلاف رکن ٿا، ڇاڪاڻ جو سنڌي شاعريءَ ۾ ڇند جي بنياد تي دوها سورٺا ۽ ٻين وزنن تي پڻ شاھ لطيف جي شاعريءَ کي پرکيو اٿن.
ڊاڪٽر بلوچ صاحب وڌيڪ لکي ٿو، شاھ صاحب سنڌي ٻوليءَ جي مزاج جو ماھر ھو ۽ سنڌي شعر جي اندروني لطافت توڙي تاريخي روايت کان پوري طرح واقف ھو، انهيءَ ڪري سندس بيت شاعراڻي لطافت، سنڌي بيت جي تاريخي روايت توڙي اندروني سٽاءَ ۽ بيھڪ جي لحاظ کان پوري وزن ۾ آھي.
ڊاڪٽر بلوچ آخر ۾ ان نتيجي تي پھچي چٽن لفظن ۾ چئي ٿو: ”نج سنڌي شعر ۽ خاص طرح شاھ جي شعر جو ماڻ ۽ وزن سنڌي ٻوليءَ جي پنھنجي مزاج ۽ ان جي فطري صوتياتي نظام مطابق آھي.“
(بلوچ، 1989ع، ص: 174)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي عالماڻيءَ راءِ کان پوءِ ايئن چئي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي شاعريءَ جو پنھنجو وزن پوءِ وارن دورن ۾ ھندي ڇند کان بہ ڪجهہ متاثر ٿيو ھوندو ان ڪري ان کي انهن معيارن تي پڻ پرکڻ ضروري آھي. ان ڪري بہ شاھ لطيف جي شعري گهاڙيٽن جي حوالي کان ’ڇند وِديا‘ کي ڄاڻڻ ضروري امر آھي.
ڇند وِديا (هندي عروض)
شاعريءَ جي ھندي عروض کي ’پنگل‘ چئجي ٿو، جيڪو ماترڪ فني سرشتي تي ٻڌل آھي. عام طور تي پنگل کي ’ڇند‘ چيو ويندو آھي ۽ ان جي علم کي ’ڇند وِديا‘. جنھن جي شروعات ’پنگل رشيءَ‘ جي ڪتاب ’پنگل شاستر‘ سان ٿئي ٿي. ھندي عروض جو ھيءُ بنيادي ڪتاب سن 200 عيسوي کان بہ اڳ جو لکيل ڄاتو وڃي ٿو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو تہ ’ڇند‘ سنڌيءَ سميت ننڍي کنڊ جي مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ قديم وقت کان رائج ھو. ان ڪري ان جي ’وديا‘ (علم) بابت ھي ڪتاب لکيو ويو. ’ڇند‘ ۾ بہ عروض ۽ پراسوڊي (Prosody) (مغربي شاعريءَ جو وزن) وانگر ساڪن ۽ متحرڪ آوازن وارو سرشتو آھي. رسم الخط جو ھر اکر انساني آواز اوستائين نٿو ڪڍي سگهي، جيستائين ان ۾ ڇوٽا ۽ ڊگها سُر (Vowels) ’زير، زبرَ ۽ پيش‘ ۽ ’آ، اي، او‘ وغيرہ جي ذريعي تحرڪ پيدا نٿا ڪن، جڏهن ڊگهن سُرن جا آواز اڌ ٿيندا آھن تہ ’اي‘ جو آواز ’زير‘ ۾، ’آ‘ جو آواز ’زبر‘ ۾ ۽ ’اُو‘ جو آواز ’پيش‘ ۾ بدلجي ويندو آھي، ان ڪري ’زير‘، ’زبر‘ ۽ ’پيش‘ جي اعرابن کي ننڍيون ماترائون ۽ ’ي‘، ’الف‘ ۽ ’وَ‘ جي حرفن کي وڏيون ماترائون ظاھر ڪرڻ جو ذريعو چئجي ٿو. ’ڇند‘ جي اصطلاح ۾ ننڍي ماترا کي ’لگهو‘ ۽ وڏي ماترا کي ’گرو‘ جو نالو ڏنو ويو آھي.
”ڇند وِديا ۾ رڪن کي ’گن‘ چيو ويندو آھي. ھر ’گن‘ ٽن ٽن ورنن (اصولن) جو مجموعو ھوندو آھي، پر انهن جي ترتيب ھڪجھڙي نہ ھوندي آھي. ورنڪ گُن اٺن قسمن جا آھن:
1. يَگن (فعولن)
2. مَگن (مفعولن)
3. تَگن (مفعول)
4. رَگن (فاعلن)
5. جَگن (فعول)
6. ڀَگن (فاعل)
7. سَگن (فعلن)
8. نگن (فعل).“
(سنڌي، عبدالمجيد، 2002ع، ص: 33)
’ڇند وِديا‘ جي سرشتي ۾ بحر ٻن قسمن جا ٿين ٿا:
ماترڪ: ھي بحر ماترائن جي تعداد تي ٻڌل ھوندو آھي، جنھن ۾ ماترائن جو مقرر ٿيل تعداد نڀائڻ ضروري ھوندو آھي، حرفن جو انگ برابر ھجڻ ضروري نہ آھي.
ورنڪ: ’ورنڪ‘ مان مراد حرفن وارو آھي. ھن بحر ۾ رڪن جي پابندي ضروري آھي، يعني شعر جي ٻنهي مصرعن ۾ ’گُن‘ ھڪجھڙا ھئڻ گهرجن، مقصد تہ ’لگهو‘ ۽ ’گُر‘ ماترائن سان گڏ حرفن جي تعداد ۾ بہ ھڪجھڙائي ھجڻ گهرجي.
ھندي عروض موجب ھرڇند ۾ چار ’چرن‘ يا ’پد‘ ٿين ٿا. ’چرن‘ ۾ آيل حرفن جي لحاظ کان مختلف ڇند ٿين ٿا، جن ۾ ٻہ حرفي ڇند کان اٺيتاليھ حرفي ڇند شامل آھن ۽ وري انهن مان ھر ھڪ ڇند جا جدا جدا قسم ٿين ٿا.
ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ’ڪٺمال‘ ۾ لکيو آھي تہ، سنڌي شاعريءَ ۾ عام طور تي ڇند رڪپال، چندرايڻ، ات بروا، للت، چؤپائي، مالتي، مت وغيرہ تي طبع آزمائي ڪئي وئي آھي، پر ڇند جي چئن بنيادي ھيئتن: دوهو، سورٺو، بڙو دوهو ۽ تڻويري دوهو کي ڪثرت سان ورتايو ويو آھي. شاھ لطيف جو ڪلام پڻ انهن ئي فني گهاڙيٽن سان لاڳاپيل آھي، ڇاڪاڻ تہ سنڌي بيت جو ھندي دوهي سان گهاٽو تعلق رهيو آھي. پراڪرت ۽ اُپڀرنش جي دؤر ۾ اھڙا اھڃاڻ مليا آھن، جن جي ڪري دوهي، سورٺي ۽ سنڌي بيت جي لاڳاپن تي روشني پوي ٿي.
دوهو
اُترَ سيگهون ڪڍيون، ڏونگر ڏمريا،
ھينئڙو ڦٿڪي مڇيءَ جيئن، ساجن سنڀريا!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 181)
سمن جي سخي سردار ھُڻند ٿڌياڻي بابت ھڪ سورٺي بيت ۾ ھن ريت ذڪر اچي ٿو:
بيت
بيت (جمع: بيوت) عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ گهر، جڳھ يا رهائش گاھ آھي. جيئن: بيت الله (الله جو گهر) بيت الحڪمت (دانائيءَ جو گهر) وغيرہ. اُن سان گڏ بيت (جمع: ابيات) جي معنيٰ ’شعر‘ يا ’فرد‘ بہ ڄاڻائي وئي آھي. جامع سنڌي لغات ۾ پڻ بيت کي ٻن تُڪن/مصرعن وارو شعر/دوهرو ڄاڻايو ويو آھي. فني ھيئت جي لحاظ کان بيت ۽ فرد ۾ ھڪجھڙائي ظاھر ڪئي وئي آھي. ’فرد‘ پڻ عربي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’اڪيلو‘ يا ’ڇڙو‘ آھي. اصطلاحي معنيٰ موجب فرد عروضي شاعريءَ جي صنف آھي، جنھن ۾ ٻہ يا چار مصرعون بہ ٿين ٿيون، قافين جي پابندي نہ آھي، پر جيڪڏهن ٻئي مصرعون ھم قافيہ ھجن تہ اُن صنعت کي ’ذو قافيتين‘ يا ’بيت‘ چيو ويندو آھي. ڪجهہ محقق چون ٿا تہ، جيڪڏهن فرد جون ٻئي مصرعون ھم قافيہ ھجن تہ اُھو شعر قصيدي يا غزل جو مطلع سمجهيو ويندو، جيڪڏهن مثنويءَ جو شعر آھي تہ ان کي ’بيت‘ چئبو.
بيت جو تاريخي پسمنظر
مٿين تحقيق موجب، ھڪ خيال آھي تہ ’بيت‘ جو عربي عروضي شاعريءَ سان تعلق ظاھر ٿئي ٿو، جيتوڻيڪ ان ۾ بيت کي ھڪ گهٽ مقبول حيثيت حاصل ھئي. ٻئي طرف بيت جي حوالي سان صرف لفظ جو تعلق عربيءَ سان آھي، باقي گهاڙيٽو، ڇند وِديا موجب ٺھيل آھي، جنھن ۾ دوهو، ڏوهيڙو (لغوي معنيٰ ٻہ سٽو) ٺھي اچي ٿو. اھا سنڌ-هنڌ جي روايت آھي، بظاھر ھنديءَ مان آيل سمجهي وڃي ٿي پر سنڌيءَ جو پنھنجو Indegenious يا اصلوڪو گهاڙيٽو آھي، جيڪو ممڪن آھي تہ سنڌيءَ ھنديءَ ۾ ڪنھن آڳاٽي اصلوڪي ٻوليءَ مان آيو ھجي. ’بيت‘ سنڌي قديمي شاعريءَ ۾ فن ۽ فڪر جي بلندين کي ڇُھيو ۽ وڏي اوج کي ماڻيو. بھرحال ھيءُ اُھو زمانو ھو، جڏهن سنڌ ۾ ٻن تُڪن واري شعري روايت پنھنجيون پاڙون مضبوط ڪري رهي ھئي ۽ اُن کي مقامي سطح تي ’ڳاھ‘ چيو ويندو ھو، جنھن جي فني بيھڪ، ماترائن جي گهٽ وڌ ھوندي بہ ھندي دوهي سان ملندڙ جلندڙ ھئي. ڏسجي تہ ’دوهي‘ ۽ ’ڳاھ‘ جي قدامت ۾ ڪو گهڻو فرق نہ آھي، پر جيئن تہ سنڌ ۾ عربن کان اڳ بہ ضرور ديسي انداز جي شاعري ٿيندي ھوندي پر اھا توڙي عربن جي حڪمراني واري دؤر (712ع-1050ع) جو سنڌي شعري ذخيرو اڻلڀ آھي، ان ڪري ڳاھ ۽ ھندي دوهي جھڙي حيثيت ۽ قدامت کي گهڻو تسليم ڪيو ويو آھي.
ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ’سنڌي ادب جو تنقيدي اڀياس‘ ۾ لکي ٿو: ”زماني جي لاھن چاڙهن جي ڪري قديم سنڌي شعر گهڻو ڪري ضايع ٿي ويو، اُن ھوندي بہ اھڙا تاريخي اھڃاڻ ملن ٿا، جيڪي ٻڌائن ٿا، تہ عربن جي ڏينھن ۾ سنڌي زبان ۾ شعر چيو ويندو ھو. “
(ميمڻ، عبدالمجيد، 1996ع، ص: 63)
ڊاڪٽر ميمڻ وڌيڪ لکي ٿو: ”اٺين صدي عيسويءَ ۾ ھڪ سياح عالم ’آچاريہ اديوتن‘ سؤراشٽر جي درٻار مان سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي کوجنا لاءِ سنڌ آيو. سن 778ع ۾ موٽي وڃي پنھنجي کوجنا جي آڌار تي ڪتاب ’ڪوليا مالها ڪھا‘ لکيائين، ان ۾ سنڌي شاعريءَ بابت لکي ٿو تہ، ’اسان اُھي سنڌي شاعر ڏٺا، جن کي پنھنجي ملڪ تي ناز ۽ سُريلي نغمي جو ذوق ھو. ھُنن پنھنجي نغمي کي نزاڪت ۽ ميٺاج سان نھايت ئي سُريلي انداز ۾ ڳايو ٿي.“
(ميمڻ، عبدالمجيد، 1996ع، ص: 63-64)
عربي ڪتاب ’روضة الصقلاءِ ۽ نزھة الفضلاءِ‘ ۽ ’مجمل التواريخ والقصص‘ ۾ آيو آھي تہ، ھڪ سنڌي شاعر، فضل بن يحييٰ برمڪيءَ جي ساراھ ۾ سندس روبرو شعر پڙهيو. اھو سنڌي شعر ھن طرح آندو ويو آھي: ”ارهہ برهہ ڪنڪره، ڪراڪري مندره“
(ميمڻ، عبدالمجيد، 1996ع، ص: 63)
امڪاني معنيٰ: اھڙا ٻُڙا (لغوي معنيٰ احسان، وڙ، چڱايون) ڪو (نہ) ڪري، ڪِ ڪري منڌرو)= (اھڙي نوازش ڪوبہ نٿو ڪري، جھڙي ريت منڌرو ڪري ٿو).
مٿين اڻ مڪمل شعر جي سٽاءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ، ھيءُ شعر دوهي ڇند تي رچيل آھي. ان مان ثابت ٿئي ٿو تہ سنڌ ۾ ان طرز تي اڳ شاعري ٿيندي ھئي ۽ عربن جي دؤر ۾ عام سنڌي شعر پڻ ٻن سٽن تي ٻڌل ھو، يعني اُھو بناوٽ ۾ دوهي جھڙو ھو. ان کي ’ڳاھ‘ يا ’بيت‘ بہ چئي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ تہ موجودہ ’بيت‘ لفظ سنڌ ۾ عربن جي زماني ۾ عام مروج ٻن سٽن واري شعر لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو ھو، ان کان اڳ ٻن سٽن واري شعر کي (سلوڪ)، ’سوتر‘، ’دوهو‘ ۽ ’سورٺو‘ چيو ويندو ھو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي ڪتاب ’نڙ جا بيت‘ ۾ بيت جي سنڌي شاعريءَ سان تعلق بابت لکي ٿو: ”بيت سنڌي شاعريءَ جي بنيادي صنف آھي. ’نڙ بيتن جي ڪچھرين‘ ۾ انهن کي صرف بيت ( يا عرف عام ۾ ’بيٿ‘) سڏيو وڃي ٿو. اُھي ڊگها بيت ’عام سنڌي شاعريءَ‘ جو نج ۽ نادر نمونو آھن، جن ۾ عوام جي شاعرن پنھنجي ٻهراڙيءَ جي عام فھم پر شاھوڪار ٻوليءَ ۾ عوامي زندگيءَ جي ھر پھلوءَ کي ڳايو ۽ ھر موضوع کي ورجايو آھي. “
(بلوچ، 1995ع، ص: 1)
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب، ھيمچندر (1088ع-1179) اتر الھندي ھندستان جي ادبي ٻوليءَ جو گرامر لکيو. ھُن پنھنجي ڪتاب ’سِڌ ھيمچندر‘ ۾ اُپڀرنش شاعريءَ جا ڪجهہ نمونا گڏ ڪيا. ”جن کي ھو ’گاٿائون‘ چوي ٿو. انهن مان ھڪ ’گاٿا‘ يعني ’ڳاھ‘ ۾ ڪم آندل ٻولي (جنھن تي راجسٿاني ۽ گجراتي ’پنگل‘ ۽ ’ناگر‘ لهجن جو گهڻو اثر آھي) معمولي صوتي تبديلين کان پوءِ اڄ بہ ڏکڻ-اوڀر سنڌ (ٿر ۽ پارڪر) ۾ ساڳئي نموني اچارجي ٿي، جيئن تہ:
ڀَلا ھئا، جو ماريو، ڀيڻ مهارو ڪنت،
لجينج تو ويڻ سي، جو ڀڳا گهر انت.
ڊاڪٽر محمد حسين جي راءِ آھي تہ، ’اپڀرنش شاعريءَ جا نمونا ’گاٿائون‘ ستين صدي عيسويءَ کان ملن ٿا.“
(سنڌيانا، 2009ع، ص: 511)
اڀياس مان اھو پڻ ظاھر ٿئي ٿو تہ، اپڀرنش واري دؤر جي دوهي ۾ قافيي جي پابندي نہ ھئي. اھڙا ’ڦُٽڪر‘ دوها اپڀرنش واري دؤر ۾ ڪافي رائج ھئا، بعد ۾ دوهي جي فني سٽاءَ ۾ سختي ڪئي وئي ۽ ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ضروري سمجهيو ويو. اِتي اِھا ڳالهہ اھم آھي تہ ’ڳاھ‘ جي صورت ۾ جيڪو اوائلي بيت ملي ٿو، انهيءَ جي ٻنهي مصرعن ۾ قافيو ملي ٿو، ڪابہ اھڙي ’ڳاھ‘ نہ ملي آھي، جنھن ۾ ٻنهي مصرعن ۾ قافيو استعمال نہ ڪيو ويو ھجي. اِن مان ’ڳاھ‘ جي ارتقا ۾ دوهي ڇند جي نفي ٿئي ٿي.
ڪن محققن جي راءِ ۾ اھي امڪان ٿا ڏيکارين تہ ’ڳاھ‘ جو وجود ’گاٿائون‘ مان ڦٽي نڪتو ھجي، پر ان ڳالهہ جو قوي امڪان آھي تہ ’ڳاھ‘ جو سومرن جي دؤر جي ابتدائي ڏينھن ۾ سنڌ جي رومانوي داستانن، سخي سمن سردارن جي رومانوي داستانن، انهن جي ڪارنامن ۽ رزميہ (جنگي) واقعن جي اظھار لاءِ واقعاتي بيتن جي صورت ۾ سنڌ جي لوڪ ڪچھرين ۾ بنياد پيو ھجي، ڇاڪاڻ تہ ’ڳاھ‘ لفظ، نج سنڌي لفظ ’ڳائڻ‘ مان نڪتل معلوم ٿئي ٿو. سومرن ۽ گُجرن جي وچ ۾ جنگين، ڄام ھالي سان جنگ، چاوڙن سان معرڪن، دودي ۽ چنيسر جي پڳ تي جنگ ۽ نتيجي ۾ علاؤالدين خلجيءَ جي ڪاھ جھڙن تاريخي واقعن بابت ڳاھون چيون ويون، جيڪي عوام ۾ بيحد مقبول ٿيون. انهن مان ھيٺين ڳاھ گهڻي مقبول ٿي، جنھن ۾ قومي اَنا کي اجاڳر ڪيو ويو آھي:
جَرَ نہ کُٽن ڪِنگرين، راوَ نہ ڳنڍن ويڻ،
گولي ويئي گُجرين توءِ چُندا دودي ڀيڻ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر،) 1999ع (’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 140)
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب ھي جنگيون 1150ع کان 1250ع واري عرصي ۾ لڳيون. انهيءَ پس منظر ۾ ھڪ ڳاھ ھن ريت آھي، جنھن ۾ دودي کي حڪمت سان راڄ ڀاڳ ھلائڻ جو تاڪيد ڪيل آھي:
پيءَ پُڄاڻان پاڳڙِي، دودا ڀانءِ مَ راند،
راڄَ نہ ڏِجن مَڱيا، مَڱيا ڏِجن ڏاند،
پائي ڳچيءَ پاند، دودلَ تنِ مڃايو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، ) 2006ع (، ’دودو چنيسر 1‘، ص: 13)
مٿين ڳاھ ٽن مصراعن تي ٻڌل آھي، جنھن مان اِھا ڳالهہ واضح ٿئي ٿي تہ ڳاھ سومرن جي دؤر ۾ ئي دوهي ۽ سورٺي واري ٻہ سِٽي ڇند جي روايتي سٽاءَ کان الڳ ٿي پنھنجو الڳ وجود مڃرايو. دودي چنيسر جي جنگ سان لاڳاپيل ھيٺين ڳاھ چئن مصرعن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ چنيسر جي ڪردار تي چٿر ڪئي وئي آھي:
چاچي چڱيان نہ چئين، مڙس منہنجي کي،
اڳ ھيوسين ٻہ ڄڻيون، ھاڻي ٽِلي ٿيوسين ٽي،
من ويھي آتڻ وچ ۾، پانديون ڪتي ڏي،
مَرُ گهر ڪم ڪري، ھي ڇا ڄاڻي راڄ مان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر) 2006ع (، ’دودو چنيسر-1‘، ص: 12)
مٿين ڳاھن جي فني تجربن ۽ تبديلين سان بيت جي راھ ھموار ٿي. سنڌي ادبي تاريخ جي محققن گڏيل طور تي مڃيو آھي تہ، ڳاھ جي ذريعي سنڌي بيت اسريو ۽ اڀريو ۽ ڳالهين ۽ واقعن کان الڳ ٿي جدا صورت وٺي بيٺو.
بيت جا ابتدائي اھڃاڻ
بيت بابت کوجنا اصل ۾ سنڌ جي اوائلي شعري ذخيري جي اھڃاڻن ۽ بنيادن جي ڳولا آھي. جيئن تہ ڳاھ کي بيت جو ابتدائي اھڃاڻ ۽ بنياد مڃيو ويو آھي، پر گڏوگڏ ڪجهہ ٻيا شعري اھڃاڻ بہ ملن ٿا، جن مان سنڌي شعر جي فني ارتقا ۽ فڪري گھرائي نروار ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي ھلي سنڌي بيت جي تخليقي ۽ فڪري وسعت جو بنياد بڻي، جنھن کي اعليٰ تخيلاتي شاعر شاھ لطيف عروج ۽ دوام بخشيو.
سومرن جي دؤر جي شروعاتي سالن ۾ سنڌي شعر ’گنان‘ جي صورت ۾ بہ پسجي ٿو، جيڪو اسماعيلي فرقي جي داعين تبليغي مقصد لاءِ چيو. پھريون اسماعيلي بزرگ پير نورالدين (پير ست گُر نور) 462ھ/1079ع ڌاري ايران کان ھندستان ۽ پوءِ سنڌ پھتو. سندس ڪلام ھندي، گجراتي، ملتاني ۽ لاڙي (سنڌي) ۾ چيل آھي. سندس ھڪ سنڌي دوهو ھن ريت آھي:
بن ڪلمي بندگي ڪري، تو بندگي سُوني سار،
تي جيم نت اُٺ راھ چلڻا، آخر اُجڙ واس.
(الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، (2016ع)، ’گنان شناسي‘، ص: 479)
جڏهن ڳاھ، ڳالهين ۽ واقعن جي آڌار تي عوام ۾ پنھنجون پاڙون مضبوط ڪري رهي ھئي، تڏهن ’گنان‘ ۾ مذھبي تعليم، اخلاقي سکيا ۽ دنيا جي بي ثباتيءَ کي بيان ڪيو ويو آھي. اھڙي فڪري گھرائي مٿئين دوهي مان پڻ نروار ٿئي ٿي، جيڪا اڳتي ھلي سنڌي بيت جي فڪر جي آبياريءَ جو ذريعو ثابت ٿي. پير ستگر نور کان پوءِ پير شمس سبزواري ملتاني، پير شھاب الدين ۽ سندس فرزند پير صدرالدين (1290ع-1409ع) تبليغي سلسلي کي جاري رکيو ۽ گنان ذريعي قديم سنڌي شعري ذخيري کي بہ مالامال ڪيو. جنھن اسماعيلي فڪر جي دعوت ڏيڻ لاءِ ھند سنڌ جو سفر ڪيو ۽ لاڙ ۾ ڪوٽڙي الله رکئي شاھ ۾ مرڪز قائم ڪيو. سندس سنڌي ۽ ٻين ٻولين ۾ گهڻو ئي ڪلام موجود آھي. سندس ھڪ گنان تمام اھم ۽ مقبول آھي، جنھن ۾ وائيءَ وانگر وراڻي ڪتب آيل آھي. گنان جي اھڙي جدت مان وائيءَ جي بنيادي اھڃاڻن جو پڻ ڏس ملي ٿو:
اي جي!
اُٿي اللهُ نہ گهرين بندا، تون ستين سڄي رات،
نڪا جهوري جيِوَ جي، ٻانھان نڪو سمر ساٿ،
شاھ جو مڃيئڙو تني کي جيڪي صبوحڙي جاڳن.
(الانا، غلام علي، ڊاڪٽر،(2016ع)، ’گنان شناسي‘، ص:535)
انهيءَ دؤر ۾ شيخ فريدالدين گنج شڪر (1173ع-1275ع) جي تعليم ۽ طريقي جو سلسلو پڻ سنڌ تائين پھتل ھو ۽ سندس سلسلي ۾ سماع کي خاص اھميت ھئي. مير خورد ڪرمانيءَ ’سير اولياء‘ ۾ ڄاڻايو آھي تہ، شيخ فريد ھندي چڱي طرح ڳالهائي سگهندو ھو. ھنديءَ مان مراد ملتان ۽ سنڌ واري مقامي ’هندوي‘ ٿي سگهي ٿي، جيڪا ان وقت جي سرائڪي-سنڌي ٻولين جي گاڏڙ زبان ھئي. سندس شاعري گهڻو ڪري دوهي ۽ سورٺي جي ھيئت ۾ سکن جي ڌرمي ڪتاب ’آد گرنٿ‘ (گرو گرنٿ) جي آخري پنجين ڀاڱي ’ڀوڳ‘ ۾ ڏنل آھي؛ انهيءَ سلسلي ۾ ھيٺيون دوهو ويچار طلب آھي:
سَروَر پَنکي ھيڪڙو، ڦاھيوال پچاس،
اِھه لهري گڊ ٿيا، بچي تيري آس.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 131)
’گور سنگت‘ حيدرآباد پاران 1926ع ۾ ڇپايل ڪتاب ’شيخ فريد صاحب جن جا جيون چرتر ۽ شبد‘ ۾ سنڌي آميز سلوڪ ڏنل آھن، جن مان ھڪ ھن ريت آھي:
صبر منجھ ڪماڻ، اي صبر ڪانيهڻو،
صبر سندا ٻاڻ، خالق خطا نہ ڪرين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 131)
جيتوڻيڪ ڳاھ کي بيت جو ابتدائي اھڃاڻ ۽ بنياد تسليم ڪيو ويو آھي، گڏوگڏ مٿين معلومات جي بنياد تي پروڙ پوي ٿي تہ، ڳاھ کي عوامي سطح تي فقط لوڪ ادب جي صنف طور حيثيت ۽ ناماچاري حاصل ھئي، جڏهن تہ اٽڪل ساڳئي دؤر ۾ بيت، دوهي ۽ سورٺي جي ھيئت مان ارتقا ڪري سنڌ جي مذھبي خاص ڪري صوفي خانقاھن ۾ فڪري لحاظ کان مٿاھون سفر طئي ڪري رهيو ھو ۽ ھِن نئين ھيئت کي ’بيت‘ جي سڃاڻپ ملي چڪي ھئي.
سَمن سلطانن جي دؤر (1350ع-1520ع) ۾ جيڪي سنڌي شاعريءَ جا آثار ملن ٿا، انهن ۾ پڻ ڀَٽن ڀانن جون چيل واقعاتي ڳاھون ۽ ڪي بيت آھن، يعني ھن دؤر ۾ پڻ بيت، ڳاھ مان مڪمل طور تي اڃا ڌار صورت نہ ورتي ھئي، ڪٿي اسان کي ڳاھ تي بيت جو اثر نظر اچي ٿو تہ ڪٿي بيت تي ڳاھ جو – جيتوڻيڪ ھيئت جي لحاظ کان بيت، دوهي ۽ سورٺي کان مختلف صورت اختيار ڪري چڪو ھو: اھڙا ڪجهہ بيت ھيٺ ڏجن ٿا:
ھڪ ڦُلَ پسجن واڙيين، ٻئا جي بَٺين ڌاڻَ،
لاکا! آءُ مهراڻ، تو ريءَ سُڃو ڪاڇڙو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 179)
ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر سڀ نھارئا،
پينگھي پائي لوڏ، سِر سمي ڄامَ جو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 179)
سمن جي دؤر ۾ دوهي ۽ سورٺي ڇند جو پڻ اثر ملي ٿو:
بيت ۽ اساسي شاعري
قاضي قادن جا بيت سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاھر ھند ۾ گهڻو مشھور ٿيا ۽ انهن ۾ سمايل ربَّ جي ھيڪڙائي، انساني ڪردار ۽ اخلاق جي بلندي ۽ سچائيءَ جي درس جو وڏو اثر ٿيو. قاضي قادن جي انهن بينظير بيتن کي سنڌ ۾ خاص طرح ميين شاھ ڪريم، راجستان ۾ دادو ديال ۽ اوڀر ھندستان ۾ برهانپور جي سنڌي عالمن ۽ بزرگن مشھور ڪيو.
اَساسي شاعريءَ جي پھرين شاعر قاضي قادن کان پوءِ حضرت غوث الحق مخدوم لطف الله المعروف مخدوم نوح سروري ھالائي (998-911ھ/1590-1506ع) جا ڇھ کن بيت پير محمد راشد جي مرتب ڪيل فارسي ملفوظات ’مجمع الفيوضات‘ ۾ ملن ٿا. انهن بيتن ۾ چار بيت ٻن مصراعن، ھڪ بيت ٽن مصراعن ۽ ھڪ بيت پنجن مصراعن تي ٻڌل آھي.
ٻن مصراعن وارن بيتن جي فني بيھڪ سورٺي ۽ دوهي-سورٺي ڇند تي ٻڌل آھي، جڏهن تہ ٽن مصراعن واري بيت جي پھرين مصرع سورٺي ڇند موجب آھي، يعني قافيو مصرع جي پھرئين پَدَ ۾ آھي ۽ پنجن مصراعن تي ٻڌل بيت جي پھرين مصرع دوهي ڇند موجب آھي، يعني ان ۾ قافيو مصرع جي آخر ۾ آيل آھي. فني سٽاءَ جي لحاظ کان حضرت نوح سروري جي ٽن ۽ پنجن مصراعن تي آڌاريل بيتن جو رنگ ۽ روپ سنڌي بيت جي ارتقا ۾ نئون تجربو ۽ وڏي فني حاصلات آھي.
ڇاڪاڻ تہ قاضي قادن جي ڪلام ۾ ٽن ۽ چئن سٽن جو جيڪو ھڪ ھڪ بيت ملي ٿو، ان جي ھر سٽ جي آخر ۾ قافيو ڪتب آندو ويو آھي، البت ڳاھ جي صورت ۾ جيڪي آڳاٽا بيت ملن ٿا، انهن ۾ ڪجهہ ٽن مصراعن وارا بيت بہ آھن، جن جي پھرين ۽ ٻي مصرع دوهي ڇند موجب آھي، جڏهن تہ، ٽين يا آخري مصرع سورٺي ڇند تي ٻڌل آھي گڏوگڏ ماموئي فقيرن جي ستن بيتن ۾ ھڪ ٽھ - سٽي بيت جي فني بيھڪ پڻ آھي.
’تذڪرہ قطبيہ‘ ۾ شيخ عبدالجليل جي سماع جي حوالي سان ملندڙ ھڪ ٽن سٽن واري بيت جي ھيئت حضرت نوح سروريؒ جي ملندڙ بيت سان ھڪجھڙائي رکي ٿي، يعني انهن ٻنهي بيتن جي پھرين ۽ آخري مصرع سورٺي ڇند تي ٻڌل آھي؛ جڏهن تہ پنجن سٽن واري بيت جون پھريون چار سٽون دوهي ڇند ۽ آخري پنجين مصرع سورٺي ڇند موجب آھي. ڳاھن کان پوءِ سنڌي بيت جي سونهري تاريخ ۾ اھو پھريون بيت مليو آھي، جيڪو پنجن مصرعن تي ٻڌل آھي، جنھن جو سھرو مخدوم نوحؒ جي سِر تي ئي سونھي ٿو. اھو بيت لفظن جي بندش، تجنيس حرفي، وزن ۽ قافيي جي پختگي ۽ خيال جي بلنديءَ جو ھڪ سهڻو مثال آھي:
پنج سٽو بيت:
متان ڏسين موهجين، دنيا وارو ڌڄ،
جدا ڪجئين جودؤن ڇائيءَ کي ٿي ڇڄ،
نرمل! نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ،
اڄ نہ ٿئي صبحاڻ، صبحاڻ نہ ٿئي اڄ،
مُٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃي ٿو ويسلا!
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر،(2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد 1، ص: 64)
مخدوم نوحؒ جا ٻہ بيت، جيڪي ٻن مصرعن تي ٻڌل آھن ۽ گڏوگڏ سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ بيحد مشھور پڻ آھن، اھي ھيٺئين ريت آھن:
پيئي جا پرڀات، سا ماڪ نہ ڀائيو ماڻهئا!
روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوئين کي.
(جوڻيجو، (2004ع)، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘،جلد 1، ص: 62)
اُپٽيان تہ اَنڌيون، پُوريون پِرين پسن،
آھي اکڙين، عجب پَرِ پَسڻ جي.
(جوڻيجو، (2004ع)، عبدالجبار، ڊاڪٽر، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد 1، ص: 63)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘ ۾ ميين سيد علي ثاني شيرازيءَ (بن سيد جلال بن سيد علي شيرازي اول) جو چئن مصرعن تي ٻڌل ھڪ بيت تاريخ معصومي جي حوالي سان ڄاڻايو آھي. تاريخ معصومي موجب ميون سيد علي ثاني شيرازي (1573ع-1486ع) ٺٽي جي وڏن برگزيدہ بزرگن مان ھو. علم زھد ۽ سخاوت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو، ۽ مڪليءَ جي درگاھن تي سماع ڪرائيندو ھو. ’معارف الانوار‘ جي مصنف محمد صالح ولد ملا ذڪريا ٺٽويءَ لکيو آھي:
”ميين علي ثاني جڏهن ٻيو ڀيرو حج جو ارادو ڪيو تہ علماءَ ڪرام ۽ ٻيا وٽس آيا ۽ عرض ڪيائون تہ ھن سال ارادو ملتوي ڪريو. پاڻ انهيءَ عرض کي قبول ڪيائون ۽ ان موقعي تي حاضرين کي خطاب ڪندي ھي بيت پڙهيائون:
سرتين سانگ سکن جو، مون کي رويو رهائين،
آءٌ ٿي ھلان ھوت ڏي، تان ھو واريو وهارين،
وريتيون ورن سين، ويٺيون گهر گهارين،
کُھَندا ٿيون کارين، ڪانہ ھلائي ڪيچ ڏي.“
(بلوچ، 1999ع، ص: 305)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ جي کوجنا موجب عمر مارئيءَ جي داستان بابت ھڪ سنڌي بيت بھاولپور مان مليو آھي، جيڪو پڻ چئن مصراعن تي ٻڌل آھي. ”بھاولپور ۾ ’مروٽ‘ نالي ھڪ قلعو آھي، جيڪو پراڻي ھاڪڙي درياءَ جي ڪناري تي آھي ۽ بيڪانير جي ويجهو آھي. مولانا عزيزالرحمان، ’تاريخ قلع مروٽ‘ ۾ لکيو آھي تہ، سومرن جي ڏينھن ۾ ھتي ھڪ سومرو حڪمران ھو. ان کان سواءِ اھو بہ ڄاڻايو اٿس تہ عمر سومرو ’ قلع مروٽ‘ جو حڪمران ھو، ۽ مارئيءَ کي ’مروٽ جي قلعي ۾ قيد ڪيو ھيائين. وڌيڪ لکيو اٿس تہ قلع مروٽ جي پسگردائيءَ ۾ ھڪ سنڌي بيت مشھور آھي، جو مارئيءَ ڏانھن منسوب آھي، اھو بيت ھن طرح آھي:
عمر! ڀڃ نہ آنچ؛ نہ ڪر زورُ ضعيف سان؛
ھِت نہ ھوندا ھيترا؛ ٻيا دَرَ مٿي دوران؛
ويندا ھي فِيل فنا ٿي؛ سڀ نغارا نيشان؛
قاضي ٿيندا پاڻ؛ شرع ڪندا سومرا.“
(ميمڻ، عبدالجميد، 1995ع، ص:61)
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي بيت جي قدامت بابت لکي ٿو تہ، بيت جي سٽاءَ ۽ لفظن جو استعمال ٻڌائي ٿو، تہ اھو بيت گهڻو پراڻو نہ آھي، البت ان کي ڪجهہ قدر قديم چئي سگهجي ٿو. جيئن تہ سومرن جي صاحبي (1050ع-1350ع) بھاولپور تائين ھئي، انهيءَ ڪري ’عمر مارئي‘ جي قصي بابت سنڌي بيت بهاولپور ۾ بہ مشھور رهيا.
ان کان سواءِ مخدوم ميون ونهيو چانيھو (وفات: 1001ھ/1593ع) مخدوم قاضي عثمان درٻيلائي (وفات 1002ھ/1594ع) شاھ خيرالدين (911ھ/1505ع-1027ھ/1618ع) مخدوم محمد عثمان اگهم ڪوٽي ۽ ڪجهہ ٻين بزرگ شاعرن جا ٻہ چار بيت ملن ٿا، جيڪي گهڻي قدر ٻن مصراعن تي ٻڌل آھن. ڪجهہ بيت اھڙا بہ ملن ٿا، جن جي شاعرن بابت تاريخ اڃا ڪو فيصلو نہ ڏئي سگهي آھي:
ڦِٽيون ڪَرِ ڦَڙَڪِيُون، وَرَ وِنگائي پاءِ،
جا تَنَ اندرِ کاءِ، سا معلومُ محبوبَ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)،’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘،ص: 309)
وائِي وَڃيمَ شالَ، ۽ ڪَنين سِين ڪِينَ سُڻيان،
ڀَلو ڪَري ڀالَ، تہ اکيين سِين انڌو ٿيان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)،’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘،ص:310)
مٿين ٻنهي بيتن بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جو چوڻ آھي تہ، اُھي بيت شاھ ڪريم جي وفات (1032ھ) کان اڳ جا چيل آھن.
سنڌي شاعريءَ جي اُفق تي ميين شاھ ڪريم جو مقام ’وهائو تاري‘ وارو آھي. ميين شاھ ڪريم (944ھ-1032ھ/1538ع-1623) قاضي قادن کان پوءِ سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ جيڪي گس گهڙيا ۽ نوان فڪر ڏنا، تن جي بنياد تي پوءِ ٻين ٻن وڏن شاعرن: شاھ لطف الله قادري ۽ ميين شاھ عنات رضويءَ سنڌي بيت جي اوساري کنئي ۽ کانئن پوءِ شاھ لطيف انهن اڏاوتن کي چِٽن گُلن سان سينگاري سنڌي شاعري ۽ ٻوليءَ کي انتھائي عروج تي پھچايو. ميون شاھ ڪريم، جتي سنڌ جي عظيم شاعر شاھ لطيف جو ’مبشر‘ آھي، اُتي سنڌي اساسي شاعريءَ جي اولين شاعر قاضي قادن جو ’محافظ‘ پڻ آھي، ڇاڪاڻ تہ سندن ملفوظات ’بيان العارفين‘ مان ئي قاضي قادن جا شروعاتي ست بيت مليا، جن کي ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، سنڌي شاعريءَ جي آڪاش جا ست چمڪندڙ ستارا قرار ڏنو.
ميين شاھ ڪريم جو ڪلام 94 بيتن تي ٻڌل آھي، جن ۾ 89 بيت ٻن مصراعن تي ٻڌل آھن، جڏهن تہ ٽي ٽن مصراعن وارا بيت بہ شامل آھن. ٻن مصراعن وارن بيتن ۾ گهاڙيٽو دوها ڇند، سورٺو ڇند، تڻويري دوهو ڇند ۽ بڙو دوهو جي مطابقت ۾ آھن. گهڻو تڻو سندس بيتن جي جوڙجڪ دوهي ۽ بڙو دوهو ڇند (سورٺو-دوهو ميل) تي ٻڌل آھي. ھندي ڇند، شاھ ڪريم کان پوءِ جي اساسي شاعرن وٽ گهڻي قدر گهٽ يا ناپيد آھي. شاھ ڪريم جي ٽن مصراعن وارن بيتن جي ھيئت کانئن اڳ سنڌي بيت جي تاريخ ۾ موجود آھي.
جيتوڻيڪ شاھ ڪريم جي شاعريءَ ۾ فني لحاظ کان ڪو نئون تجربو نظر نہ ٿو اچي، پر گهاڙيٽن جي لحاظ کان وسعت ضرور ملي ٿي، خاص ڪري ٽن سِٽن/مصراعن واري بيت کي سنڌي شاعريءَ ۾ مستقل حيثيت ۽ درجو مليو؛ اھي ٽئي بيت ھن طرح آھن:
چَندن چوُرُ ڪريندي، رتو مُھ ڪُھاڙَ،
سڄڻ ڏُڄَڻُ نہ ٿِيي، جي رُسي سَؤ وار،
پَروُڙِئو پَراڙَ، تہ ڪَرهِيندي قُرب ٿيي.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘، بيت 48، ص: 83)
جاڳِي جاڳِي سَسُئي، جان ھيجا ھَٿ وڌاءِ،
تان سُڃي سيڄَ پِرينِ ري، پُنوُن پَٿَرِ ناھِه،
نِڪَرندي چِئُاءِ، گهوڙا! گهر نہ سُپرين.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘، بيت 56، ص: 93)
جھُوڙيرا جھُڻڪِن، مَٿي مَيين مَڱَڻا،
سَپڙَ رات سَمگِيا، ڏکئا ڏينھه ڏِسَنِ،
گهر ٿا گهوٽَ وَڃَنِ، چِندا لَٿِي چارڻين.
(ميمڻ، عبدالمجيد، سنڌي، ڊاڪٽر، (2007ع)، ’شاھ ڪريم جو ڪلام‘، بيت 85، ص: 123)
شاھ ڪريم جي ڪلام ۾ ٽن سِٽن/مصراعن وارا بيت تاريخي لحاظ کان شعر جي ترقيءَ ۾ ھڪ سونھري ڪڙي آھن. شاھ ڪريم کان پوءِ شاھ لطف الله قادريءَ کان شاھ لطيف تائين انهيءَ واڌاري کي آڏو رکندي، پنھنجن بيتن ۾ وڌيڪ سِٽون/ مصراعون داخل ڪيون، جنھن ڪري شاعراڻي خيال ۾ وڌيڪ مفھوم، نزاڪت ۽ وسعت پيدا ٿي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، شاھ ڪريم جو پھريون ٽن مصرعن وارو بيت يقيني طور تي پراڙ ذات جي ڪنھن آڳاٽي شاعر (شيخ پراڙ) جو آھي. ڊاڪٽر بلوچ جو رايو آھي تہ ’بيان العارفين‘ ۾ ڏنل جملي بيت 16صديءَ جي آخر ۽ 17 صديءَ جي پھرئين اڌ واري ’لاڙي سنڌي‘ جا پڪا پختا دستاويز ۽ مستند مثال آھن. سنڌي ٻولي ۽ شعر جو آڳاٽي ۾ آڳاٽو ۽ وڏي ۾ وڏو ذخيرو آھي، جن ۾ وڏي علم، فھم ۽ فڪر وارا ڳوڙها خيال سمايل آھن.
شاھ ڪريم جي وصال کان ٻارهن سال اڳ شيخ المشائخ حضرت لطف الله قادريءَ (1611ع-1679ع) جو جنم ٿيو، جنھن سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھڪ ’سنڌي رسالو‘ ترتيب ڏنو، جنھن ۾ سندس 357 بيت ڏنل آھن. سنڌي رسالي کان اڳ سندس فارسي تصنيف ’منھاج المعرفت‘ ۾ بہ سندس سنڌي بيت ملن ٿا، جن جو تعداد ويھن کان مٿي آھي. ان لحاظ کان لطف الله قادريءَ جي بيتن جو ڪُل تعداد گهٽ ۾ گهٽ چئن سَون تائين پھچي ٿو، اُن ڪري چئي سگهجي ٿو تہ سندس ’سنڌي رسالو‘ سنڌي بيت جي تاريخ ۾ پھريون وڏو ڪتاب آھي.
شاھ لطف الله قادريءَ کان اڳ سنڌي عالمن ۽ شاعرن جون نظم توڙي نثر ۾ جيڪي تصنيفون ملن ٿيون، اھي عربي ۽ فارسيءَ ۾ آھن. شاھ لطف الله قادري پھريون عالم ۽ عارف ھو، جنھن سنڌ جي عوام جي سھولت ۽ تعليم خاطر سنڌيءَ ۾ ڪتاب لکيو، اُن ذريعي شاھ لطف الله قادري پنھنجي سنڌي رسالي جي مقدمي ۾ سنڌ جي عوام کي مادري ٻولي سنڌيءَ ۾ تعليم ڏيڻ جي نظريي جو بنياد وڌو. مخدوم ابوالحسن، جيڪو شاھ لطف الله قادري جو ننڍو ھمعصر ھو، انهيءَ نظريي کي عملي صورت ڏني ۽ عوام جي تعليم خاطر ’سنڌي‘ ۾ ڪتاب لکيائين جو پوءِ سنڌ جي عالمن، مڪتبن ۽ مدرسن ۾ درسي ڪتاب ڪري پڙهايو.
شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ موضوعاتي وسعت نہ ھئي. وٽس ’سلوڪ ۽ طريقت‘ جو ھڪ مکيہ مضمون ھو، جنھن جي وضاحت ڪرڻ ٿي چاھيائين. انهيءَ سلسلي ۾، حق ۽ حقيقت جي ڳولا ۾ طالبن ۽ سالڪن جي جدوجھد کي تمثيل طور سامونڊي ناکئن جو منزل مقصود ڏانھن ھاڪاري ھلڻ ۽ جوڳين آديسين جو سندن ياترائن خاطر ڪشالن ڪڍڻ سان ڀيٽي تفصيلي سمجهاڻي ڏنائين. انهن تمثيلن ذريعي شاھ لطف الله قادري، سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ ’سامونڊين ۽ ناکئن‘ ۽ ’جوڳين ۽ آديسين‘ وارا نوان تمثيلي مضمون رائج ڪيا، جي کانئس اڳ ٻئي ڪنھن بہ شاعر نہ آندا ھئا، البت کانئس پوءِ اھي مضمون ۽ عنوان ميين شاھ عنايت توڙي شاھ عبداللطيف، ٻنهي لاءِ مثال بڻيا ۽ انهن ٻنهي عظيم شاعرن انهن مضمونن جو سُر سامونڊي، سُرسريراڳ، سُر پورب ۽ سُر رامڪليءَ ۾ وڏي ذوق سان اظھار ڪيو آھي.
’هيئت‘ توڙي فني سٽاءَ جي لحاظ کان پڻ شاھ لطف الله قادري جي بيتن ۾ ڪي اھم ۽ نوان واڌارا ملن ٿا، جي کانئس اڳ وارن شاعرن جي بيتن ۾ ناپيد آھن. قاضي قادن جي ڪلام ۾ ’سنڌي دوهي‘ کان وٺي ’سنڌي بيت‘ تائين ارتقاءَ جون سڀئي صورتون ملن ٿيون، پر سندس بيت ٻن سِٽن/ مصراعن تائين محدود آھن. شاھ ڪريم جي ڪلام ۾ پڻ گهڻوتڻو بيت ٻن سِٽن/ مصراعن وارا آھن، جڏهن تہ شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ چئن ۽ پنجن مصراعن وارا بيت عام جام ملن ٿا، ۽ ڪن بيتن ۾ سِٽن/ مصراعن جو تعداد وڌي وڃي ڇھن ۽ ستن سِٽن تائين پھچي ٿو:
ٻہ سٽو بيت:
حُسنُ حَبِيبنِ جو، پَسين جي ھِيڪارَ،
تہ توکي سَڀَ ڄمارَ، وڃي اُڃَ وَرِهينِ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 47)
ٽھ سٽو بيت:
’لَا‘ کي لاٿائون، ’اِلااللهَ‘ سين اوڏا ٿِئا،
قَطَعُ ڪامِلُ تَنِي کي، اوءِ ڇَڏي سَڀِ وِئا،
مُحِبَ تِنهه مِڙئا، جنھن کي سِڪي سَڀُڪو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 23)
چئو سٽو بيت:
ھَلِئا جي ھوءِ ۾، وحدتَ تَني وِصالُ،
سي وُجودان وَهِي وِئا، پَسِي پِرِيَ جمالُ،
پيهي تنِ پَروڙِئو، حاصِلُ حَقُ ڪمالُ،
اوءِ ’قِيل‘ وڃائي ’قَالُ‘، نسوروئي ناھِه ٿئا.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 26)
پنج سٽو بيت:
اُونهي پِريان ڳالھڙِي، لھي نہ سگهي ڪوءِ،
ات حاذِقَ حيرتَ ۾ پئا، پَرو ڪِنہ نہ پوءِ،
ات حيرتَ ھَنيو سَڀُڪو، توڙي عاقِلُ عالِمُ ھوءِ،
اِي ڳري ڏِسِئو ڳالھڙي، درَ رَبَ سڀڪو روءِ،
ڪمترِ ڪو ھوءِ، جو ڪِين پَروڙي ڪيتَرو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 43)
ڇھ سٽو بيت:
جِنھ پنڌَ نھايَتَ ناھِه ڪا، نہ ڪو اَنتُ نہ ڇيھ،
سو ڪوڙين ڏِسي ڪَنبِئا، ڏُوران ڏاڍو ڏيھ،
اُتِ ھَلَڻُ حيرَتَ ۾ ٿِئو، چيتان تُون چيلھه،
اوري ڪَرِ مَ آسرو، وِرچِي تون مَ ويھ،
ثابِتُ ٿِيُ سُبحانَ سِين، منجھه حقيقَتَ پيھ،
تہ سوئِي پَسِين ڏيھ، جِنہ کي سِڪي سَڀَڪو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 102)
ست سٽو بيت:
ڪي ھلئا ’هَرمُج‘ ڏونھ، ڪي ’پرتڪال‘ پرنِ،
ڪِني ڪوڏ ’کنڀاٽ‘ جو، ڪي مٿي گنگا گجنِ،
ڪي وَهِئا ’ونڪوٽ‘ ڏونھ، ڪي ’لڪا‘ سِرِ لَمنِ،
ڪي ’گوئي‘ گنگا ڌِري، ڪي ’گواسِ‘ وڃنِ،
ڪِني ’آڏَمَرَ‘ ڪاپڙيين، ڪي بازارين وِهِن،
ڪن ڌارئا ڏنڊ ڪِينرا، ڪي واسِليين وندرن،
آءٌ گهوريو مٿان تنِ، جي پيهي وِئا پاڻَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’سنڌي رسالو‘، ص: 92)
شاھ لطف الله قادريءَ جي ٻن سِٽن/ مصراعن کان ستن سِٽن/ مصراعن تائين مٿي ڏنل بيتن جو فني گهاڙيٽو دوهي-سورٺي ميل (تڻويري دوهو) جو سڀاويڪ نتيجو آھي، جنھن موجب پھرين سِٽ / مصرع دوهي ۽ آخري مصرع سورٺي ڇند تي ٻڌل آھي. گڏوگڏ بيت جي فني وسعت کي ڏسي ان ڳالهہ جو شدت سان احساس اڀري ٿو تہ سنڌي بيت ان وقت مڙني ڇندن جي محدود دائرن کان آزاد ٿي، فڪر ۽ فن جي بلندين کي ڇُھي رهيو ھو، جنھن مان ’خاص سنڌي قابليت‘ ۽ وجداني تخليقي ساڃاھ نشان بر ٿئي ٿي. اھڙيءَ طرح سترهين صدي عيسويءَ جي آخر ڌاري ھڪ طرف صوفي سالڪن، درويشن ۽ عالمن توحيد ۽ طريقت، اخلاق ۽ شريعت جي بنيادي اصولن ۽ بابن کي بيتن ۾ پئي اظھاريو تہ ٻئي پاسي قديم روايت موجب عوامي شاعرن: مڱڻھارن، ڀانن، چارڻن ۽ سگهڙن عام قصن ۽ ڪھاڻين، جنگين ۽ واقعن کي ڳاھ ۾ پئي ڳايو.
ميون شاھ عنات (ولادت: 1030ھ-1035ھ/1621ع-1626ع، وفات: 1120ھ-1125ھ/1708ع-1713ع) پھريون سالڪ شاعر ھو، جنھن پنھنجي بيتن ۾ انهن ٻنهي روايتن کي ڳنڍيو، ملايو ۽ سلوڪ جي نڪتن بيان ڪرڻ لاءِ عام قصن ڪھاڻين کي قالب بنايو. ميين شاھ عنات سنڌي لغت جي وسعت کان ڪم ورتو ۽ ’وصف ۽ بيان‘ جي روانيءَ سان بيتن جي سِٽن/ مصراعن ۾ واڌارو ڪيو.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ 1944ع ۾ پھريون ڀيرو نصرپور ۾ ميان مريد حسين شاھ (وفات: 1954ع) وٽ ميين شاھ عنات جي ڪلام جو ھڪ قلمي نسخو ڏٺو، جنھن جي ڏسڻ سان کيس ھن قيمتي ڪلام جي اھميت معلوم ٿي ۽ 1951ع ڌاري شاھ عبداللطيف جي ٻہ سؤ ساله جنم ڏينھن جي موقعي تي ’شاھ عنات رضوي ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘ جي عنوان سان مقالو پيش ڪري سنڌ جي علمي ۽ ادبي دنيا ۾ شاھ عنات رضويءَ کي روشناس ڪرايو.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو تہ: ”عنايت الله عرف ’ميين شاھ عنات‘ جو ڪلام اعليٰ سنڌي شاعريءَ جو پھريون شاھڪار آھي، مگر اتفاق سان ورهين جي وٿيءَ بعد سڀ کان پوءِ 1963ع ڌاري شايع ٿي رهيو آھي. ھن قيمتي ڪلام جي قلمي نسخن جو محفوظ رهڻ ڄڻ ھڪ معجزو آھي، ۽ ان جي اشاعت ’ڪلاسيڪي سنڌي شاعري‘ جي ميدان ۾ ھڪ وڏي انقلاب کان ڪنھن پر گهٽ نہ آھي. “
(بلوچ، 2010ع، ص: 5)
وڌيڪ سندس راءِ ھن ريت بہ آھي: ”هن وقت تائين سنڌ جي سدا حيات ۽ سرتاج شاعر، بلڪ دنيا جي عظيم ترين شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعر جو تاريخي پسمنظر مبهم ھو. ايئن پئي لڳو تہ ڄڻ سنڌي شاعري بنا ڪنھن ارتقاءَ جي، شاھ جي شعر ۾، اوچتو پنھنجي بلوغت کي پھتي، ميين شاھ عنات جو ڪلام سنڌي شاعريءَ جي مسلسل ارتقائي اوج ۽ عروج تي شاھد آھي، ۽ شاھ جي شعر جي تاريخي پس منظر جو چٽو آئينو آھي.“
(بلوچ، 2010ع، ص: 5)
ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق موجب ميين شاھ عنات جو ڪلام 469 بيتن ۽ 42 واين تي مشتمل آھي، جڏهن تہ قلمي نسخي ۾ جملي 842 بيت ۽ 44 وايون شامل آھن. ميون شاھ عنات رضوي پھريون ممتاز شاعر آھي، جنھن پنھنجي ڪلام کي 22 سُرن (سرودن) ۾ ترتيب ڏنو، جن ۾ ڪلياڻ، جمن، کنڀات، سريراڳ، رامڪلي، مارئي، پرڀات، ڌناسري، جيتسري، پورب، ليلا، آسا، ڪاپائتي، ڏهر، مومل راڻو، بلاول، ديسي، سورٺ، سارنگ، توڏي، ڪاموڏ ۽ ڪارائيڙو شامل آھن.
ميين شاھ عنات سنڌي شاعريءَ کي انهن سرودن ۾ سموهي نہ فقط ھڪ نئون ۽ وسيع ميدان ھموار ڪيو، پر انهيءَ رسم ۽ راھ کي آئيندي جي شاعرن لاءِ رهنمائي ڪئي.
ميين شاھ عنات جي ڪلام ۾ سنڌي شعر جي بنيادي قالب بيت کان سواءِ ’مولود‘ ۽ ’وائي‘ جا فني تجربا پھريون ڀيرو پنھنجي گوناگون خوبين سان چمڪندا نظر اچن ٿا. جيستائين بيت جي ھيئت ۾ نواڻ جو سوال آھي تہ پاڻ پھريون شاعر آھي، جنھن جي ڪلام ۾ ٻن مصراعن کان ڏهن مصراعن تي ٻڌل بيت ملن ٿا:
ٻہ سٽو بيت:
لتاڙيو لوڪَ کي، وَڃيو پِرين پَسَنِ،
مون تي اکڙينِ، وڏا ٿورا لائِيا.
بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود آسا، بيت 11، ص: 133)
ٽہ سٽو بيت:
رَهِين پاسِ پِرينِ، تہ ڪوھ طَبِيبُ طَلبئين،
اَندَرِ جا، عِناتُ چئي، ڏيکارِ مَ ڏَڏَنِ،
ھٿئون حَبِيبَنِ، دِلِ جو دَرد دَفع ٿِئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود جمن، فصل پھريون، بيت 6، ص: 9)
چئو سٽو بيت:
اسينَ بَندا تُھنجا، تون اَسانهجو ڌَڻِي،
ڏِٺا ڏوھ بَخشيين، خاڪِين تان کَڻي،
مڙيئي ٽول نهارئان، جان ھنييٖن ساڻِ ھڻي،
تان سَڀِنِئان ئي گهڻي، رَحمتَ تُنھنجي راڄيا!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ڪلياڻ، فصل پھريون، بيت 1، ص: 1)
پنج سٽو بيت:
ھَٿِ ڪُھاڙيون، ٻانھنِ ويڙِهيُون، چارِي ڪامَ چَٽَڪَ،
ڳِچِنِ ڳانا پَٽَ جا، لُڏنِ لالَ لَٽَڪَ،
اَڏيا اُنِ، عناتُ چئي، جُھوپا منجھ جھَٽَڪَ،
سدائين ھَميرَ جي، ڪنبنِ ڀَرِ ڪَٽَڪَ،
اُني ساڻِ اَٽَڪَ، سَچِيَ آھِم سومرا!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود مارئي، فصل پھريون، بيت 14، ص: 54)
ڇھ سٽو بيت:
گُلبدَنَ جُون گُجريون، اَرَم اوڍيائُون،
چوٽا تيلَ ڦُلِيلَ سين، واسنگ ويڙهيائُون،
مُشڪَ مُحبت پاڻ ۾، لِڱين لايائُون،
ڪوڏان پُوتائون ڪَچُئان، سيلا سَنڌِيائُون،
اِھڙي پَرِ، عِنات چئي، راڻو رانيائُون،
سو موٽي ڪينءَ پاھُون، جو وَڃي ڪاڪ قَرارِئو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود مومل راڻو، بيت 1، ص: 142)
ست سٽو بيت:
اُڀِي جَر جهُارِيان، پاڻي لئي پريَنِ،
خِضِرِ پير خداءِ جو، مانَ موٽائي تِنِ،
جنِ گڏئا تن چيو، اِجهي ٿا اَچنِ،
وڃي ولاتنُ ۾، جُڳَ لڳا ڪي جِنِ،
سَئين سُرهايون لائِيان، تَنَ کي ڪارَڻِ تِنِ،
اِلاھي! عِناتُ چئي، سيئي محبَ مِلنِ،
آنءُ سڀ ڳرهيان اُنِ، ڳالھڙيون فراق جون.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود سر راڳ، فصل ٻيو، بيت 3، ص: 35)
اٺ سٽو بيت:
’رُوم‘ رِجائي، ڪيائون ’مدينو‘ مَنِ،
روضي پاس رسول جي، وڄڙيون وارا ڪَنِ،
’ساڱري‘ سمن شاھ تي، گونگا مينہن گجَنِ،
بحر ٽُٽا ’بدين‘ تي، نيڙ ٿا نمَنِ،
وڄڙين ويس مٽائبا، ’ونگي‘ واڄا ڪَنِ،
’ڇَڇ‘، ’ڇوڙ‘، ’ڇاڇرو‘، ڇوھ منجھان ڇمڪَنِ،
عَرش ڪُرسي جوڙَ سَڄي، حُڪم ھيٺ ھلنِ،
اُن پَرِ مينھن وَسَنِ، اِلاھي! عنات چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود سارنگ، فصل پھريون، بيت 8، ص: 194)
ڏھ سٽو بيت:
سَوداگر سمونڊ جا، لاڄُو لال وَٽيجِ،
اڇا اولا عاجَ جا، چَڱا چِٽائيج،
سِڙھ سڀئي سَقلات جا، کُوها خوب کَڻيجِ،
سَتَ سُکان سَر ڪري، ڇھ ڇڄھريون اَڏيج،
ٻارَهن، تيرَهن، پَنڌرهن، سَترهن سينگاريج،
ساري سِٽَ، سيدّ چئي، پُوري پُڄائيج،
مَلاح مُعلم خَبرُون، پُڇي پَروڙيج،
”وسقٰهم ربهم شراباً طھورا،“ پاڻي پاڪُ پِئيج،
جنھن کي سِڪي سَڀڪو، پِرين سو پَسيج،
لُڙ ۾ ڪينَ لڏيج، تہ سُتڙ سامُونڊي ٿِئيٖن.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود سر راڳ (اضافا)، بيت 2، ص: 222)
معنوي لحاظ کان بيت قاضي قادن ۽ شاھ ڪريم وٽ نھايت اوچي پَدَ کي رسيو، جڏهن تہ ميين شاھ عنات رضويءَ جي بيتن ۾ معنويت سان گڏ لُغت جي ڳوُڙهائي ۽ بيان جي رواني ۽ تازگي ملي ٿي، جنھن مان معلوم ٿئي ٿو تہ، فڪري توڙي فني لحاظ کان بيت ارتقائي منزلون نھايت تيزي ۽ ڪاميابيءَ سان طئي ڪري پنھنجي تڪميل ۽ بلنديءَ ڏانھن وڌي رهيو ھو.
ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”پيشرو شاعر جي حيثيت ۾، ميون شاھ عنات بلند درجي جو مالڪ آھي: اول ھن سنڌي شاعريءَ لاءِ نوان گس گهڙيا، جي ڀٽائي صاحب پوءِ وڌيڪ سوڌا سنواريا. “ (بلوچ، 2010ع، ص: 80-81) يعني بيت کي شاھ لطيف اُن اعليٰ منزل تي پھچايو، جنھن کي اڄ تائين ڪوبہ رسي نہ سگهيو آھي.
اساسي شاعرن ۾ ميين شاھ عنات کان پوءِ ميين عيسيٰ کي شاھ لطيف جو وڏو معاصر چيو ويو آھي، جنھن بابت پھريون ڀيرو ڊاڪٽر عمر بن محمد دائود پوٽي 1951ع ڌاري ’شاھ کان اڳ جا شاعر‘ جي عنوان سان ھڪ تحقيقي مقالي ۾ ذڪر ڪندي سُر سارنگ جي ھڪ ٽھ-سٽي بيت جي نشاندھي ڪئي.
ڍٽ ڍُري، پٽ پئيون، وِڄن ڪيا ورنِ
اونهي ٿي، عيسو چوي، ڇاڇر سڀڪا ڇنِ
جن محب اندر من، سي پرين پيهي گهر آئيا.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، علامه، (1978ع)، ’مضمون ۽ مقالا‘، ص: 29)
1993ع ڌاري ھڪ آڳاٽي قلمي نسخي جي آڌار تي پھريون ڀيرو ’ميين عيسيٰ جا سنڌي بيت‘ ممتاز مرزا ڪتابي صورت ۾ ترتيب ڏنا. ھن ڪتاب ۾ ميين عيسيٰ جا 237 بيت ڏنا ويا آھن، جنھن ۾ گهڻي قدر بيت ٽن ۽ چئن مصراعن تي ٻڌل آھن، جڏهن تہ ٻن مصراعن ۽ پنجن مصراعن تي ٻڌل بيتن جو تعداد گهٽ آھي، ٻن مصراعن تي ٻڌل بيتن جو فني گهاڙيٽو سورٺي ۽ دوهي سورٺي ميل موجب آھي، جڏهن تہ ٽن کان پنجن مصراعن وارن بيتن جي پھرين مصرع دوهي ڇند تي ٻڌل آھي، يعني اُن جي ٻئي پد (چرڻ) ۾ قافيو ڏنو ويو آھي:
ٻہ سٽا بيت:
(دوهو سورٺو ميل)
وَلڙِيُون ڦُلارِيُون، ڌاري کُوهَرَنِ،
سَڄڻَ مانَ اچَنِ، ڪُنڍيون ڪاھي ڪِيَهِين.
(مرزا، ممتاز، (1993ع)، ’ميين عيسيٰ جا بيت‘، باب پھريون، بيت 8، ص:33)
(سورٺو ڇند)
ڪھڙِي بَحرَ مجالَ، جيئن پڇاڙي پَھَه واريين،
پاڻان جَرُ ھلي ئي جالَ، جيئن ٿِيي اُمارو اُنَ جو.
(مرزا، ممتاز، (1993ع)، ’ميين عيسيٰ جا بيت‘، باب چوٿون، بيت 25، ص: 37)
ٽہ سٽو بيت:
لِڪي لِڪندِينءَ ڪيترو، مُنڌ! ڪَنا ماڙُهنِ،
جان تو پيچُ پِريَنِ سين، تان ترسُ مَ کان طعننِ،
جو مِليئي محبوبَنِ، تہ مَرڪُ ٿيندَيَئہ مِيهڻان.
(مرزا، ممتاز، (1993ع)، ’ميين عيسيٰ جا بيت‘، باب چوٿون، بيت 38، ص: 40)
چو سٽو بيت:
پَسِين جي پَرِ ڪَنهين، سَڄَڻُ توهِين ساڻُ،
وَهُو مَحَڪُم اَيۡن ماڪُنتم، اِيُ عيسيٰ سُڻ اُھڃاڻ،
نِوِڙَتِ ۽ نِيازَ سِين، جي صحي سُڃاڻي پاڻُ،
تہ معرفتُ مهراڻُ، منجهان تو موجَ ھَڻي.
(مرزا، ممتاز، (1993ع)، ’ميين عيسيٰ جا بيت‘، باب اٺون، بيت 97، ص: 54)
پنج سٽو بيت:
مَشرقَ مغرب وِچَ ۾، ڊوڙُون جي پائين،
تَھ واحدُ ڌڻِي ھيڪڙو، سَڀَتِ سو سائين،
ربُ المشرقِ و المغرب لا اِله اِلا ھو، چٽو چيائين،
۽ توڙان تُنھنجِي حَق ۾، جيڪي قِسمت ڪيائين،
تِنھن مان تِيائين، اوڻو ٿِيي نہ اکَرو.
(مرزا، ممتاز، (1993ع)، ’ميين عيسيٰ جا بيت‘، باب نائون، بيت 106، ص:57)
عام روايت موجب ميين عيسيٰ ھالائيءَ، شاھ لطيف کي ننڍپڻ ۾ ڏٺو ھو ۽ شاھ لاءِ اڳڪٿي ڪئي ھئائين تہ ڪو ڏينھن ٿيندو جو ھِن نينگر مان اُھي گل نڪرندا جن جو سڳنڌ ساري عالم کي سُرهو ڪري ڇڏيندي. جيتوڻيڪ دعا واري ان روايت کي تاريخي قبوليت حاصل نہ آھي، ڇاڪاڻ تہ ميين عيسيٰ جي جنم تاريخ بابت بہ اندازي کان ڪم وٺندي چيو ويو آھي تہ ھو شاھ لطيف جي وصال (1165ھ) وقت حال حيات ھو ۽ سندس وفات 88 سالن جي ڄمار ۾ ٿي آھي. شاھ لطيف کان وڏو ھو، ان ڪري سندس ڪلام گنج ۾ آيل آھي.
شاھ لطيف (1689ع-1752ع) جو سڀاويڪ ذڪر آڳاٽي تاريخي ماخذ ’تحفة الڪرام‘ ۾ ملي ٿو، جنھن کي مير علي شير ’قانع‘ ٺٽوي 1767ع ڌاري تاليف ڪيو، ۽ ان کان ھڪ صدي پوءِ 1866ع ڌاري ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، ’شاھ جو رسالو‘ جرمنيءَ مان ڇپائي عالم آشڪار ڪيو.
ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ کان اڳ شاھ جي رسالي جي ڇاپي نسخن ۾ سُرن جو تعداد مختلف ھو ۽ وڌ ۾ وڌ 37 سُر ھئا، پر ڊاڪٽر گربخشاڻي 1923ع ڌاري شاھ جي ڪلام تي کوجنا ڪري شاھ جي رسالي جي ڇھن سُرن: سُر بيراڳ ھندي، سُر ھير رانجهو، سُر برؤو سنڌي ڇوٽڪو، سُر ڍول مارئي، سُر ڌناسري، ۽ سُر بسنت کي ڌاريون ڪلام سمجهي ترڪ ڪرڻ جو خيال ظاھر ڪيو ھو.
1950ع ڌاري غلام محمد شاھواڻي، ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي تحقيق کي صحيح سمجهندي، پنھنجي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي ۾ مستند 30 سُرن کي قائم رکيو آھي، ۽ اھو پھريون رسالو ھو، جو مڪمل ھڪ ئي جُلد ۾، معنائن سان، پھريون ڀيرو شايع ٿيو ھو، پر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ شاھ جي ڪلام جي ان وقت تائين سڀني قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ ٻين عارفن، سالڪن، شاعرن ۽ سگهڙن جي ڪلام شامل ھجڻ واري مفروضي جي مدنظر 1966ع ڌاري شاھ جي رسالي جي جامع ۽ مستند متن جي ڏهن جلدن تي ٻڌل رٿا تي ڪم شروع ڪيو. سالن جي جستجو کان پوءِ 1999ع ڌاري ڊاڪٽر صاحب شاھ جو رسالو شايع ڪرايو، جنھن ۾ سُر ڪيڏاري کي خارج ڪري 29 سُرن کي ترتيب ڏنو ويو.
رسالي ۾ جملي بيتن ۽ واين جو تعداد ٽي ھزار ٽي سئو ايڪھتر (3371) آھي، جنھن لاءِ ڊاڪٽر بلوچ جو چوڻ آھي تہ: ”هن جلد اٺين وارو معياري متن شاھ صاحب جو پنھنجو ڪلام آھي، ۽ شاھ جي ڪلام جو ايترو وڏو ذخيرو پھريون ڀيرو ھن تحقيق ذريعي شايع ٿيو آھي. “
(بلوچ، 2014ع، مھاڳ، ص: ز)
1207 ھجريءَ/1793ع ۾ مائي نعمت جي يادگيريءَ جي بنياد تي ترتيب ڏنل شاھ جي مشھور قلمي نسخي ’گنج‘ ۾ 4041 بيت ۽ 287 وايون ڏنل آھن. ٽيهن کان مٿي معلوم قلمي نسخن مان ميهار فقير جي قلمي نسخي ۾ شاھ لطيف جي ڪل بيتن جو تعداد 5347 ڄاڻايو ويو آھي.
شاھ لطيف جي شعر جي ھيئت، خاص ڪري ٻن مصراعن واري بيت جي، سورٺي ۽ دوهي سورٺي ميل (تڻويري دوهو) موجب آھي، جنھن ۾ پھرين پد ۽ ٽين پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو ڪتب آندو ويو آھي:
سورٺو ڇند
گَنجو ڏُونگرُ گامُ، پيهي جنِ پَروڙِئو،
ڪري تَنُ تَمامُ، لوچِي لاھُوتِي ٿِئا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 131)
جڏهن تہ دوهو سورٺو ميل (تڻويري دوهو): موجب پھرين مصرع جي ٻئي پد ۽ ٻين مصرع جي پھرين پد ۾ قافيو استعمال ٿيل آھي:
ماءُ کاھوڙِي ھَلِيا، دُکائي دُونھان،
ڇَپَرَ جا سُونھان، ڏوٿِينِ ڏُٿُ چِتائِيو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 12، ص: 129)
ٻن مصراعن تي ٻڌل ٻن وڌيڪ ھيئتن: دوهو ۽ بڙو دوهو تي شاھ لطيف جو ڪوبہ بيت رچيل نہ مليو آھي، جنھن جو واھپو شاھ ڪريم کان پوءِ سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ نظر بہ نہ ٿو اچي. ان مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھ لطيف جتي سنڌي شاعريءَ ۾ فڪري جدت جون نيون ۽ بلند منزلون طئي ڪيون، اُتي فني لحاظ کان شعوري طور تي سنڌي بيت کي ٻن مصراعن واري ھندي دوهي جي مروج ۽ مقبول ھيئت کان پري رکي ’نج سنڌي قالب‘ جو ڌاڪو ڄمائيندي بيت کي موزون سنڌي شاعريءَ جو بنياد بڻائي ڇڏيو. جيتوڻيڪ شاھ لطيف فارسي علم عروض کان واقف ھو، تڏهن بہ سندن ڪلام بحر ۽ وزن توڙي ھندي ڇند وِديا بدران علم موسيقيءَ جي ماترائن موجب آواز جي ڊيگھ ۽ گهٽتائي تي قافيي سان ٻڌل آھي، جنھن جو مڪمل مزو ياحظ بيت ڳائڻ وسيلي وٺي سگهجي ٿو.
غلام محمد شاھواڻي پنھنجي مقدمي ۾ شاھ لطيف جي فني انفراديت بابت لکي ٿو: ”شاھ ٻن ٻن مصراعن وارن بيتن سان گڏ، ٽن ٽن، چئن چئن بلڪہ وڌيڪ مصراعن وارا گهڻا بيت چيا. شاھ ٻئي ۽ چوٿين پد جي پڇاڙيءَ ۾ قافيو وجھڻ جي ڪري، پھرين ۽ ٽئين يا ٻئي ۽ ٽئين پد ۾ قافيو وِڌو. ماترائن جو عدد پڻ شاھ مختلف رکندو آيو آھي. انهن ڦيرين گهيرين ڪري بيتن ۾ وڌيڪ پختگي ۽ ميٺاج پيدا ٿيو آھي. شاھ ڪنھن بيت جي پھرين يا پوئين مصراع جو اڌ، ڪيترن بيتن ۾ وري وري آڻي يا فقط مصرع جو ھڪ لفظ ڦيرائي يا فقط ٻن لفظن جي پاڻ ۾ جاءِ مٽائي، يا ھڪڙي لفظ بدران ٻيو ساڳي معنيٰ وارو لفظ ڪتب آڻي، سڄي بيت جو قافيو بدلائي ٿو ڇڏي، سو ھيڪاري سندس شعر کي سوادي ڪيو ڇڏي. مطلب تہ شاھ ڪنھن جي بہ تقليد نہ ڪئي، پر پنھنجو نئون ُ عمدو طريقو ايجاد ڪري، ھڪ نئين راھ ڳولي ڪڍي. “
(شاھواڻي، 2005ع، ص: 42)
سُورِيءَ مَٿي سٖيڻَ، ڪِھڙيٖ ليکٖي سَنَرا؟
جيلهن لَڳا نيڻَ، تي سُورِيائِي سٖيڄَ ٿِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 72)
اَڄُ پُڻ ڪِھڙِي دانھَ، واڍوڙَڪي مَنهيَ؟
ويڄَ ورائي ٻانھ، چوري چاڪَ نھارِئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، 1993ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 77)
وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنھن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سُوجھي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 11، ص: 161)
وَڻِجارَنِ وَرِي، پِرِھ پَڳَھهَ ڇوڙِيا،
اولِيُون پَسِي اُنِ جُون، پِيَئڙَمِ ڳَچَ ڳَرِي،
وِيندِيَسِ، ماءِ! مَرِي، ساري سامونڊيَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيو، بيت 11، ص: 207)
مٿيان ٻن مصرعن تي ٻڌل بيت سورٺي ڇند ۽ دوهي سورٺي ميل (تڻويري دوهو) جي ھيئت موجب آھن ۽ بيت جا اُھي گهاڙيٽا شاھ لطيف کان اڳ مروج ھئا، پر انهن ۾ پڻ فني پختگي، رواني ۽ حسناڪيءَ جا بي مثال روپ ۽ رنگ اسان کي شاھ لطيف جي بيتن ۾ ئي ملن ٿا، جڏهن تہ ٽن مصراعن تي ٻڌل بيت نج سنڌي فارميٽ جو عظيم مظھر آھن، جن مان خاص ڪري پھرين مصرع جي پھرين پد ۽ ٽين مصرع جي پھرين پَدَ ۾ قافيي رکڻ جو اعليٰ ھنر سنڌي بيت جي وڏي خاصيت آھي.
ھيٺ فني بيھڪ ۽ مصراعن ۾ واڌاري جي لحاظ کان شاھ لطيف جا ڪجهہ وڌيڪ بيت ڏجن ٿا:
چؤ سٽو بيت:
ڳؤرا ٻَئِي پارَ، ھِنيوُن حَيرَتَ ۾ پِيو،
ويهان تہ ويرَم ٿِئٖي، نينہن ۾ پوءِ نھارَ،
وَڃان تہ واڪو ٿِئٖي، پاڙي پوءِ پَچارَ،
ھُتِ ٿِي وَاعدي وارَ، ھِتِ سُوٽُون ڏِينِمِ سَرَتِيون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پنجون، بيت 22، ص: 247)
پنج سٽو بيت:
ھَلَندي ھاڙهو مَڻِي، ڪَرَڻُ ڪوھ پِيامِ،
اَرِڏا آرِيءَ ڄامَ ري، گُوندَرِ گُذرِيامِ،
لَڪِيُون، لَڪَ لَطِيفُ چٖي، اورانگهڻُ آيامِ،
پُرَڻُ پُنھُونءَ پُٺِ ۾، اِيءَ سَعادَتَ سَندِيامِ،
مَٿِسِ ڪَمَ وِڌامِ، وِهان تان نہ وَسِ پِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 352)
ڇھ سٽو بيت:
ڇَنِ نہ ڇڄٖي ھيٺ، ڪُڇَن آھيان ڪوٽَ ۾،
لوئِيءَ سين، لَطِيفُ چٖي، ڀِيڙِيو ٻَڌان ڀيٖٺ،
سَرَهِيُون سي سَرَتِيُون، وَطَنِ جَنِين ويٖٺ،
اُتِ سَپَڄي اُنَ سَسَن جِي، ھِتِ رَڇائِين ريٖٺ،
ماڻِيان شالَ مَلِيرَ ۾، مُدائِتِي مٖيٺ،
ڏيهِياھ! ڪِجاھُ ڏٖيٺ، ڪا مَدَتَ مُون سين ماڙِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 14، ص: 581)
ست سٽو بيت:
ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تَھ موتِيَنِ ڳُتِيا،
چوڏهِين ماھَه چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پيشانِياسِ،
”اَللہُ نُوْرُ السَّمٰوٰتِ“، جَلوو زَمِيناسِ،
”سِيْمَاہُمْ فِيْ وُجُوْہِہِمْ“، مُنہن ۾ مَڻِ ڳُتِياسِ،
ڪَڪِرا ڪَربلا جا، مادَرِ ٿي ميڙِياسِ،
ڦَٽَنِ تان رَتَ ڦُڙا، عَلِيءَ ٿي اُگھياسِ،
مِڙَئِي مَعافُ ڪِياسِ، خالِقَ بَدِلي خُونَ جي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 10، ص: 674)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اٺن کان ڏهن مصراعن تي ٻڌل ڪوبہ بيت نٿو ملي، جڏهن تہ وڌ ۾ وڌ يارهن مصراعن تي ٻڌل بہ بيت ملن ٿا، جيڪي ھن ريت آھن:
مُونا طُورِ سِينا، سَندا سَناسِينِ،
سَجِدي ۾، سَيّدُ چي، گوڏا گودَڙِينِ،
”فَانَ قَابُ قَـوْسَينِ اوْ اَدنَيٰ“، ٿا نانگا ايئن نِمَنِ،
”كُلُّ مَنْ عَلَيْہَا فَانٍ“ باقِي ڪِينَ بَچَنِ،
”اَللہُ وَلِيُّ الَّذِيْنَ اٰمَنُوْا۰ۙ يُخْرِجُہُمْ مِّنَ الظُّلُمٰتِ اِلَى النُّوْرِ“ ٿا اِھَڙِيءَ پَرِ پُرَنِ،
”خَرَّ مُوْسٰي صَعِقًا، جوڳِي جُنگَ جَلَنِ،
”ما زَاغَ البَصَرُ وَ ما طغَيٰ“، اِھڙيءَ رَوِش رَوَنِ،
مُشاھِدو مَحبُوبَ جو، اُتٖي آديسِينِ،
ريٖ پَسَڻَ، ريٖ سُڻَڻَ، ريٖ وِصالَ وِهَنِ،
ريٖ پُرَڻَ، ريٖ ٻولَڻَ، ٿا اِھڙِيءَ چالَ چَلنِ،
سَيّدُ چٖي سَندِيَنِ، تُون ڪَلَ پُڇيٖن ٿو ڪِھڙِي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پنجون، بيت 1، ص: 799)
سنڌي بيت، جيڪو ڳاھ جي صورت ۾ شروع ٿيو، ۽ جنھن کي اولين اساسي شاعرن: قاضي قادن، شاھ ڪريم، شاھ لطف الله قادري، ۽ ميين شاھ عنات رضويءَ فڪري حسن بخشڻ سان گڏ فني طور تي سينگاريو ۽ سنواريو، پر سنڌي بيت فن ۽ فڪر جي لحاظ کان لازوال عروج سنڌ جي سرتاج شاعر شاھ لطيف وٽ ماڻيو.
شاھ لطيف کان پوءِ اساسي شاعرن: خواجا محمد زمان لنواري وارو (1713ع-1774ع)، مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع-1778ع) سچل سرمست (1739ع-1839ع) خليفو نبي بخش لغاري (1776ع-1863ع) سامي (1743ع-1850ع) قادربخش بيدل جھڙن عظيم شاعرن جنم ورتو، جن پنھنجي صوفي توڙي قومي جذبن ۽ احساسن کي بيت جي ذريعي عام ڪيو، پر ھيئت جي لحاظ کان ان ۾ ڪابہ تبديلي نظر نہ ٿي اچي، جنھن ڪري بيت جو اھو سمورو املھ خزانو بيت جي مروج گهاڙيٽن تي ٻڌل نظر اچي ٿو.
سورٺو
دوهو ھند ۽ سنڌ ۾ مڪاني شاعريءَ جي مشھور ۽ مقبول صنف آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’ڏوهيڙو‘ بہ چيو ويندو آھي. اڳتي ھلي دوهي مان ھڪ نئين گهاڙيٽي ’سورٺو‘ جو جنم ٿيو. سؤراشٽر يا سورٺ (گجرات) مان شروعات ٿيڻ جي ڪري ھيئت جي ھِن نئين تجربي کي ’سورٺا‘ سڏيو ويو.
ھندي عروض ’پنگل‘ ۾ ’سورٺا‘ کي ’سورٺا ڇند‘ ڪري ڄاتو وڃي ٿو، جنھن ۾ دوهي وانگر ٻہ مصرعون ٿين ٿيون، پر قافيا ٻنهي مصرعن جي وچ ۾، يعني پھرين ۽ ٽئين پد ۾ ٿين ٿا. ان ڪري سورٺي جي پھرين ۽ ٽئين پد ۾ 11 ماترائون ۽ ٻئي ۽ چوٿين پد ۾ 13 ماترائون ٿين ٿيون، ۽ ماترائن جي اھڙي ترتيب دوهي جي برعڪس آھي، ان ڪري سورٺي کي دوهي جو ابتڙ روپ بہ سڏيو ويو آھي.
”تلسي داس جي ’رامائڻ‘ جي پھرئين ئي ھندي بيت جي اڳيان سورٺا لفظ آيل آھي. اھو بيت ھن طرح آھي:
جو سُمَرَتَ سِڌِ ھوءِ، گُنَ نايَڪَ ڪَرِورَ وَدَن،
(11+13=24ماترائون)
ڪَرَءُ اَنوگِرھ سوءِ، ٻُڏِ راسِ سُڀَ گُنَ سَدَنَ.
(11+13=24 ماترائون)“
(ميمڻ، عبدالمجيد، 2002ع، ص: 50)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھيئت جي ھن نئين تجربي کي ’بيت‘ جي شروعات سڏيو آھي.
ان سورٺي بيت بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ، جيتوڻيڪ بيت تي ڪنھن جو نالو ڪونھي، پر مضمون ۽ اسلوب جي لحاظ کان قاضي قادن جو آھي. (تذڪرہ قطبيہ جي حوالي سان نموني طور ھڪ بيت بہ ڏنو آھي، جيڪو صفحي 168 تي ڏنل آھي)
ڊاڪٽر بلوچ جي راءِ کي ان حقيقت مان بہ سگھ ملي ٿي تہ، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعرن مان اولين شاعر قاضي قادن
(1465ع-1551ع) جي شاعريءَ ۾ سورٺا سٽاءَ جا بيت ملن ٿا:
جوڳيءَ جاڳايوسِ، سُتو ھوسِ نِنڊَ ۾،
تِھان پوءِ ٿِيوسِ، سنديٖ پِريان پَيچريٖ.
(ٺڪر، ھيرو، (1996ع)، ’قاضي قادن جو ڪلام‘، بيت 7، ص: 106)
ڪَڏِهين ٻَيريءَ ٻُورَ، ڪَڏِهين ڦلُ نہ ھيڪڙو،
ڪَڏِهن پريان جا پُور، ڪَڏِهن سِڪان سَڏَ کي.
(ٺڪر، ھيرو، (1996ع)، ’قاضي قادن جو ڪلام‘، بيت 50، ص: 89)
سنڌ جي ٻين اساسي شاعرن: شاھ ڪريم (1536ع-1623ع) ۽ ميين شاھ عنايت رضوي (1621ع-1721ع) جي ڪلام ۾ پڻ سورٺا ڇند جو استعمال نظر اچي ٿو:
ھَنجُھ تِتَئِين ھوءِ، اونهي ۾ اوڙاھُ جو،
اي ڪانيرو ڪوءِ، جو ڇاڇرِ ۾ ڇيروُن ڪَري.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم جو ڪلام‘، بيت 45، ص: 81)
وَرَ سان وِڌءِ ڪاڻِ، تون کَرَ سان کِلون پائيين،
اھڙي تون اڻڄاڻ، ڪَڻ ڇڏئو تُھهُ ميڙيين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميون شاھ عنايت رضوي جو ڪلام‘، سُرود ليلا، بيت 4، ص: 128)
مٿي سنڌي اساسي شاعريءَ مان اھڙا بيت ڏنا ويا آھن، جنھن مان ان ڳالهہ جي ثابتي ملي ٿي تہ قديم سنڌي شاعريءَ ۾ ’سورٺا ڇند‘ جو رواج ھو.
شاھ لطيف جي ڪلام جي سڀني سُرن ۾ اھڙا بيت ملن ٿا، جن جو فني گهاڙيٽو سورٺا ڇند موجب آھي. ڪجھ مثال ھيٺ ڏجن ٿا، جن مان معلوم ٿئي ٿو تہ شاھ لطيف دوهي ڇند جي بدران سورٺي ڇند کي پنھنجي جدت پسند طبيعت جي ڪري گهڻو اختيار ڪيو آھي:
اٖيڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙِييٖن ڪَڻِس ڳِڙکِيُون،
جيڏانھن ڪريان پَرَکَ، تيڏانھن صاحبُ سامھون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 23، ص: 70)
اَڄُ پُڻ ڪِھڙِي دانہهَ، واڍوڙَڪي مَنهيَ؟
ويڄَ ورائي ٻانھهَ، چوري چاڪَ نهارِئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، 1993ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 77)
ھُنَ تاريٖ، ھُنَ ھَنڌِ، ھُتِ منہنجا سُپِرِين،
سَڄَڻَ ماکِيءَ مَنڌِ، ڪَؤڙا ٿِينِ نہ ڪَڏهين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 22، ص: 135)
اَگهيو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي،
پَلَئه پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 14، ص: 176)
دوهي ڇند ۾ نوان تجربا
ڊاڪٽر الياس عشقي، ٽماھي ’مهراڻ‘ (4/1985ع) ۾ پنھنجي مقالي ’سنڌي بيت جو بُڻ بنياد‘ ۾ لکي ٿو تہ: ”سوراشٽر (گجرات) ۾ دوهي ۽ سورٺي جي ھيئت ۾ ھڪڙي تمام سهڻي فني تبديلي آندي وئي. سوراٺ جي شاعرن دوهي-سورٺي ۽ سورٺي- دوهي جي ميل سان بہ نھايت سهڻا ۽ ڪارائتا ٻن سٽن جا ڇند ٺاھيا.“
(عشقي، الياس، مهراڻ، 1985ع، ص: 150)
ڊاڪٽر موتي لعل جوتواڻي گجراتي ۽ ڏنگل ٻولين جي ٻن شعري گهاڙيٽن ’بڙو دوهو‘ ۽ ’تڻويري دوهو‘ کي ثابت ڪري دوهي ڇند جي وسعت کي دليل ۽ بنياد فراھم ڪيو. ان سلسلي ۾ ’ڇند سڳنڌ‘ جي مصنف خوبچند جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جي راءِ مٿين ٻنهي محققن کان مختلف آھي.
خوبچند جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ دوهي سورٺي جي ميل سان ٺھندڙ نئين فني سٽاءَ کي ’خاص سنڌي قابليت‘ سڏيو آھي. قديم سنڌي شاعريءَ توڙي اساسي شاعريءَ ۾ مٿين ٻنهي ھيئتن موجب بيت ملن ٿا، جنھن مان جهمٽ مل ڀاوناڻيءَ جي راءِ کي فوقيت حاصل ٿئي ٿي ۽ اِھا ڳالهہ پڻ مڃيل آھي تہ ھندي قديم شاعريءَ جو گهڻو تڻو ذخيرو دوهي جي صورت ۾ آھي، جنھن جو واھپو اسان کي وڌ ۾ وڌ سومرن جي دؤر ۾ ’ڳاھ‘ جي صورت ۾ ملي ٿو.
تڻويري دوهو (دوهو – سورٺو ميل): تڻويري دوهو پڻ ٻہ – سٽو ڇند آھي. ٻنهي سِٽن ۾ چار چَرن (پد) ٿين ٿا. وزن جي لحاظ کان دوهي، سورٺي ۽ تڻويري دوهي ۾ ڪو بہ فرق نہ آھي. فقط قافيي جي جڳھ مٽائي ھڪ نئين فني سٽاءَ جو تجربو ڪيو ويو، جيڪو بيحد ڪامياب ثابت ٿيو. تڻويري دوهي جي پھرين سِٽ/ مصرع دوهي وانگر يعني قافيو مصرع جي ٻئي پَد جي آخر ۾ ۽ ٻي سِٽ/مصرع سورٺي وانگر يعني قافيو مصرع جي پھرئين پَد جي آخر ۾ ٿئي ٿو. ان لحاظ کان پھرين سِٽ/مصرع ۾ ماترائن جي ترتيب (13 ۽ 11) ۽ ٻي سِٽ/مصرع ۾ (11 ۽ 13) قائم رکي وڃي ٿي.
سنڌ جي قديم شعر جي تاريخ کي ڏسجي ٿو تہ، سنڌي اساسي شاعريءَ کان بہ ڪي چار صديون اڳ ڏهين صدي عيسويءَ ۾ ڄام لاکي ڦُلاڻيءَ سان لاڳاپيل ھڪ سهڻي رمز وارو بيت ملي ٿو، جنھن جو گهاڙيٽو تڻويري دوهي جو ڏس ڏئي ٿو:
ھڪ ڦُلَ پسجن واڙييٖن، ٻئا جي بَٺين ڌاڻَ،
لاکا! آءُ مهراڻ، تو ري سُڃو ڪاڇڙو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 179)
سومرن جي زوال ۽ سمن سلطانن جي شروعاتي دؤر سان تعلق رکندڙ ستن درويش شاعرن (ماموئي فقيرن) جا ست بيت ملن ٿا، جن مان نہ رڳو دوهي، پر سورٺي ۽ تڻويري دوهي جي فني جوڙجڪ بہ ثابت ٿئي ٿي:
ھاڪ وهندو ھاڪڙو، ڀڄندي ٻنڌ اروڙ،
بِھهَ مڇي ۽ لوڙه، سَمي ويندي سوکڙي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 1999ع، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 184)
جِم ويهجا ماڙُهئا! ننگر جي آڌار،
پُراڻا پُرار، نوان اَڏِجا نِجُھرا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 183)
سنڌي اساسي شاعريءَ جي اولين شاعر قاضي قادن (1463ع-1551ع) جي ڪلام ۾ پڻ تڻويري دوهي جا مثال ملن ٿا:
اسين ٻانھان تون ڌڻي، پاڻو پاڻ ھِي ڄاڻُ،
مَنڊي تُر مِيزاڻُ، ليکو ڪندين ڪنِ سين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، حمد، بيت 1، ص: 69)
توکي توڙائين، ’لا‘ سين لاٿائون،
اڃا پڻ ’آئون‘، واريو وجھين وِچ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 229)
سُوني سَرِپَ نہ لوڙِيان، جي لوڙِيان تان لَکَ،
مُون تِنهان سَندي بُک، جِنهيِن مَستَڪَ مڻي بَلئِه.
(هيروٺڪر،(1996ع)، ’قاضي قادن جو ڪلام‘، بيت 30، ص: 84)
شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام ۾ جيتوڻيڪ دوهي ۽ سورٺي جو استعمال وڌيڪ نظر اچي ٿو، پر تڻويري دوهي ڇند موجب بہ ڪجھ بيت ملن ٿا:
پاڻيارِيَ سِرِ ٻِھڙو، جَرَ تي پَکي جِينءَ،
اَسان سَڄَڻُ تِيئنءَ، رهيو آھي رُوحَ ۾.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 13، ص: 54)
جي جاڳندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
مَنُ پِريان نيئي، پڳھئو پاڻ ڳري.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم، بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 19، ص: 51)
ميين شاھ عنات جي ڪلام ۾ پڻ تڻويري دوهي موجب بيت موجود آھن، پر جيئن تہ سندن ڪلام ۾ ٻہ-سٽو ڇند گهٽ استعمال ٿيل آھي، تنھن ڪري اھڙن بيتن جو انگ بہ تمام گهٽ آھي:
چَيو تاري جو ڪَري، آيو چنڊ چَڙهِي،
بيٺو اُتِ اَڙِي، پَسِي پيشاني پرين جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود کنڀات، بيت 11، ص: 19)
ٿڌو واءُ ٿَرن جو، مُنھن سامهون ماءِ!
سپيريان جي ساءِ، وَهند وَسَندِي ڀانئِيَان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود مارئي، فصل ٽيون، بيت 10، ص: 69)
شاھ لطيف جي شاعريءَ جي فني گهاڙيٽن کي پرکجي ٿو تہ ٻہ-سٽي ڇند ۾ تڻويري دوهي جي فني سٽاءَ وارا بيت ڪثرت سان نظر اچن ٿا:
اوڙاھِه وِيا نہ وَرِيا، آئون تنھن مارِي ويڻَ،
ڪري سامُونڊِي سيڻَ، جُسي جارُ پِرائِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 13، ص: 191)
پاڻُ مَ کَڻج پاڻَ سين، رِيءَ وَسِيلي وَڃُ،
ڀَيلو ڀيٖري ڀَڃُ، اُڪَنڊَ کَڻُ عَمِيقَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 29، ص: 223)
ھَلُ ھنئين سين ھوتَ ڏي، پيرين پَنڌ وِسارِ،
قاصِيداڻِي ڪارِ، ڪِينَ رَساڻٖي ڪيچَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 295)
اُونچو اُتاھُون گهڻُو، جيئڻَ کي جَبَلُ،
مَرڻَ! مُون سين ھَلُ، تَھ پُٺِيءَ تو پَنڌُ ڪَرِيان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان چوٿون، بيت 9، ص: 357)
ڪنھن پَرِ رُوئان پِرِينءَ کي، پارُ نہ ڄاڻان پَنڌُ،
ڪيچِيَنِ ڪارَڻِ ڪنڌُ، نايو ٿِي نعرو ھَڻان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان ڇھون، بيت 4، ص: 430)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اھڙا انيڪ بيت آھن، جن جو فني گهاڙيٽو تڻويري دوهي موجب آھي، ۽ اھڙي فني ھڪجھڙائي ان ڪري بہ ممڪن ٿي سگهي آھي، جو سنڌي شاعريءَ جي نج ۽ اصلوڪي صنف بيت جي آخري سٽ ۾ سورٺي جي نموني ۾ ٻنهي چرڻن جي وچ ۾ قافيي آڻڻ جي روايت قائم ٿي چڪي ھئي.
بڙو دوهو (سورٺو – دوهو ميل): بڙو دوهو، دوهي ۽ سورٺي وانگر ٻن سِٽن/مصراعن تي ٻڌل ڇند آھي. پھرين سِٽ/ مصرع سورٺي وانگر يعني قافيو ٻنهي چرڻن جي وچ ۾ ۽ ٻي سِٽ/ مصرع دوهي وانگر ٿئي ٿي، ۽ ان ۾ قافيو ٻئي پد جي آخر ۾ اچي ٿو. ھن نئين ھيئت جو بنياد پڻ قافيي جي تبديليءَ تي رکيل آھي، جنھن ڪري پدن جي ماترائن جي ترتيب ۾ فرق ٿيو، پر وزن ساڳيو رهي ٿو.
سنڌي اساسي شاعريءَ ۾ اھڙا بيت ملن ٿا، جن جو فني ماپو بڙي دوهي سان ھڪجھڙائي رکي ٿو. ان حوالي سان اھا ڳالهہ اھم آھي تہ، ’بيان العارفين‘ مان قاضي قادن جي مليل ستن بيتن مان چئن بيتن جي فني جوڙجڪ سورٺا-دوها ميل يعني بڙو دوهو سان ملندڙ آھي:
لوڪان نَحوُ صَرفُ، مون مُطالِعُ سُپرِين،
سوئِي پَڙهئو سو پَڙهان، سو ئِي سو حَرفُ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، وحدت ۽ ڪثرت، ص: 85)
سيئِي سيلَ ٿِئامِ، پَڙهئامِ جي پاڻَ لَئه،
اَکرَ اڳيان اُڀِرِي، واڳُون ٿِي وَرئامِ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، رسمي علم ۽ حقيقي فھم، ص: 85)
شاھ ڪريم جي ڪلام ۾ پڻ بڙو دوهو ڇند مطابق بيت ملن ٿا:
ڪُنَ ڪلاچِيَ پارِ، سڏُ نہ سڄي ساٽِيين،
گھاتوئين سَندا مَڪُڙا، ڪِي تَڙِ ٻي نھار.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘، بيت 65، ص: 102)
وائِيَ ٻِيَ مَ ڀُلُ، مِرُئان مُوران پَکڻان،
بِلا سندو سَڄَڻين، ھُو ھُلاچو ھُلُ.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙي واري جو ڪلام‘، بيت 5، ص: 47)
شاھ ڪريم کان پوءِ ٻين اساسي شاعرن، شاھ لطف الله قادري، ميين شاھ عنات رضوي ۽ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ بڙو دوهو ڇند موجب بيت موجود نہ آھن. ممڪن آھي تہ ڪو ھڪ اڌ بيت ڪنھن رسالي ۾ بہ ھجي، پر گهڻي حد تائين ھيءَ ھيئت دوهي وانگر بيت جي تخليقي سگھ ۽ فني وسعت جي اڳيان پنھنجو اثر قائم رکي نہ سگهي. پر جڏهن بيت ٻن سٽن جو ارتقائي مرحلوطئيءِ ڪري ٽن سٽن ۽ ان کان بہ وڌيڪ سٽن جي نئين فني گهاڙيٽي تائين پھتو تہ ان جي فني گهاڙيٽي ۾ بيت جي پھرين ٻن سِٽن/مصراعن کي بڙو دوهو ۽ ٽين يا آخري سٽ کي سورٺي جي سٽ وانگر رکيو ويو.
شاھ لطيف جو ڪلام اھڙي نئين فني سٽاءَ جو اعليٰ مظھر آھي:
ڪاريٖ ڪَڪَر ھيٺِ، مُون جهيڙِندا ڇَڏِيا،
ڪارا ڪُندَ ھَٿَنِ ۾، اَڙَلَ وَڇيرا ھيٺِ،
ٿِي تنِين سين ڏيٺِ، موٽَڻُ جنِين مِيهَڻُو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 666)
پر اھڙي فني سٽاءَ جو دوهي ڇند سان ڪو لاڳاپو نہ آھي. جيتوڻيڪ ڊاڪٽر الياس عشقي پنھنجي مقالي ’سنڌي بيت جو بُڻ بنياد‘ ۾ اپڀرنش ٻولين جي آخري دؤر (سن 1000ع) بابت لکندي انومان ڏيکاري ٿو تہ: ”انهيءَ دؤر جا دوها بہ ٻہ – سٽا ھئا، جيئن دوهي لفظ مان ظاھر آھي، پر چئن ۽ ڇھن سٽن وارن دوهن جي صنف جو بہ رواج ھو.“
(عشقي، الياس، 1985ع، ص: 167)
پر سندس مقالي ۾ اھڙو ڪوبہ مثال پيش ٿيل نہ آھي، جنھن سان سندس انومان کي ڪو بنياد فراھم ٿي سگهي.
وائي
سنڌي شاعريءَ ۾ وائيءَ کي بنيادي حيثيت حاصل آھي، جنھن جي مطالعي مان سنڌي شاعريءَ جي قابليت ۽ تخليقي انفراديت ۽ معيار جي خبر پئي ٿي. ان ۾ ڪو شڪ نہ آھي تہ وائي سنڌي شاعريءَ جي سونھن ۽ سوڀيا جو آڳاٽو ۽ اڻمٽ اھڃاڻ آھي. اساسي شاعريءَ کان اڄ جي جديد سنڌي شاعريءَ تائين وائيءَ جو تخليقي ۽ فني سفر نھايت شاندار رهيو آھي.
جامع سنڌي لغات موجب ’وائي‘ (جمع: وايون) لفظ جي معنيٰ سخن، وارتا ۽ آواز آھي.
عام اصطلاح ۾ ڪنھن ڳالهہ ۽ ٻوليءَ کي ’وائي‘ سڏبو آھي، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي اصطلاحن ۾ لفظ ’وائي‘ آڳاٽي وقت کان مروج رهيو آھي، جيئن: وائي بند ٿيڻ (آواز نہ نڪرڻ)، وائيءَ جو ور لهڻ (ڳالهہ جو ڳُجهہ معلوم ڪرڻ)، وائي سڻائي ڪڍڻ (چڱي ڳالهہ ڪرڻ) وغيرہ. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ انيڪ ڀيرا لفظ ’وائي‘ آواز، وارتا ۽ سخن جي معنيٰ ۾ استعمال ڪيو آھي:
پَڙاڏو سو سَڏُ، وَرُ وائِيَ جو جٖي لَهين،
ھئا اَڳِھِم گَڏُ، ٻُڌَڻَ ۾ ٻَھ ٿِئا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (1993ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 22، ص: 52)
وائي واريٖ وِنگُڙي، ٻولِي ٻِي نہ ڪَنِ،
الا! ڪيچَ-ڌَڻِينِ، مُون سين پوءِ مَ مامِرو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان اٺون، بيت 15، ص: 466)
اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،
مون اُڀيٖئِي ھَلِيا، بَندَرَ جنِ تَڙَنِ،
سَرَتِيُون! سُورُ سَندُنِ، مون مارِيندو ڄِندَڙي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 198)
جيتوڻيڪ ’وائي‘ ٺيٺ سنڌي لفظ آھي، پر ٻوليءَ جي ڪن ماھرن لفظ ’وائيءَ‘ جو ڌاتو پراڪرت لفظ ’وايا‘ ۽ سنسڪرت لفظ ’وارتا‘ مان ڄاڻايو آھي. ’وايا‘ ۽ ’وارتا‘ ٻنهي لفظن جي معنيٰ بہ لڳ ڀڳ ساڳي آھي: اطلاع، گفتگو، ماجرا. لغت ۾ لفظ ’وايو‘ بہ ملي ٿو، جنھن جي معنيٰ ’هوا‘ آھي، جنھن کي ’واءُ‘ بہ چيو وڃي ٿو. ڪن جو وري اھو بہ خيال آھي تہ، لفظ ’وائي‘ عربي ٻوليءَ جي لفظ ’واءِ‘ مان نڪتل آھي. ’واءِ‘ عربي زبان ۾ افسوس جو ڪلمو آھي. جيئن تہ وائيءَ ۾ وڇوڙي ۽ غم جو بيان ٿئي ٿو، تنھن ڪري سنڌي شاعريءَ جي صنف تي ’وائي‘ نالو رکيو ويو. وائي جو ڌاتو ’واءُ‘ آھي، يعني ھوا، وات مان نڪرندڙ صوتيا ھوا مثل آھن.
شاھ ڪريم جو بيت آھي تہ:
مُٺ ڀيڙِيائي ڀَلي، جُھ اَپٽي تہ واء،
جُھ پَڌَرِ وِڌِي ڳالَڙِي، ڇڏي وڃي ساءُ.
(ميمڻ، عبدالمجيد سنڌي، ڊاڪٽر، (2007ع)، ’شاھ ڪريم جو ڪلام‘، بيت 11، ص: 79)
ڪجهہ محققن ڄاڻايو آھي تہ، لفظ ’وائي‘ سنسڪرت جي لفظ ’واڻي‘ مان ٺھيو آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’ٻاڻي‘ بہ چئبو آھي. ننڍي کنڊ جي شعري روايت ۾، ۽ خاص ڪري ھندي شاعريءَ ۾ لفظ ’واڻي‘ ۽ ’ٻاڻي‘ گهڻو عام بہ رهيو آھي، جيئن بابا گرونانڪ (1469ع-1539ع) جون ٻاڻيون/ واڻيون مقبول آھن. گڏوگڏ ھندستان جي ھرياڻا صوبي جي راڻيلا مَٺَ (مندر) جي قديمي گرنٿ جو نالو ’سَنتون ڪِي واڻي‘ آھي، جنھن تائين 1978ع ڌاري ناليري محقق ھيري ٺَڪُر رسائي حاصل ڪري، شاعر قاضي قادن جو ڪلام ڳولي لڌو. انهيءَ گرنٿ ۾ گرونانڪ، دادو ديال ۽ ٻين 69 صوفي سنت درويشن جو بہ ڪلام محفوظ ڪيو ويو آھي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، ’وائي‘ راڳ جو اصطلاح آھي. ’وائڻ‘ آڳاٽو سنڌي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’وڏي آواز سان چوڻ‘، جنھن مان اسم ’وائي‘ جڙيوآھي، يعني اھو گفتو، ٻول، جملو يا عبارت، جنھن کي وڏي آواز ۾ ادا ڪجي. انهيءَ مناسبت سان ئي ’وائيءَ‘ جي اصطلاحي معنيٰ پيدا ٿي، يعني تہ اھو ٻول جيڪو مٺي آواز ۽ آلاپ سان ڳائجي. انهيءَ لحاظ سان ’وائي‘ موسيقيءَ جي آڳاٽي صنف ’قول‘ (لفظي معنيٰ ٻول يا چوڻي) جو ھم معنيٰ اصطلاح آھي.
وائيءَ جا ابتدائي اھڃاڻ
ڊاڪٽر غلام علي الانا لکيو آھي تہ، سنڌي اساسي شاعريءَ جي ابتدا پنجين صدي ھجريءَ ڌاري ٿي ھئي. سومرن جي حاڪميت جي شروعاتي دؤر ۾ سڀ کان پھرين 462ھ/1079ع ۾ اسماعيلي داعي سيد نورالدين (پير سَتگُر نور) تبليعي مقصد لاءِ سنڌ ۾ پھتو. پير سَتگُر نور پنھنجي پيغام کي ست پنٿ (صراط المستقيم) جي نالي سان متعارف ڪرايو. ھن بزرگ ھندستان ۾ ھندي ۽ گجراتيءَ ۽ سنڌ ۾ اچي ملتاني، بھاولپوري ۽ لاڙي محاورن جي واقفيت حاصل ڪئي ۽ انهن لھجن ۾ ڪلام چيو، جنھن کي ’گِنَانُ‘ چيو وڃي ٿو. سندس ڪلام دوها ڇند تي رچيل آھي، جيڪو ان وقت سنڌ ۾ ٻن مصراعن تي ٻڌل شعر جو مقبول گهاڙيٽو ھو ۽ ’ڳاھ‘ جي صورت ۾ بہ لکجي رهيو ھو. ھن سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي سڀ کان اھم خدمت اسماعيلي فڪر جي درويش داعي پير صدرالدين (1290ع-1409ع) ڪئي آھي. سندس تعليمي ڪلام ’گنان‘ ۾ فني لحاظ کان ڪيل نون تجربن مان سنڌي شاعريءَ جي ٻن نين صنفن: وائيءَ ۽ ڪافيءَ جا پختا اھڃاڻ ملن ٿا:
اي جي!
اُٿي اللهُ نہ گهرين بندھ، تون ستين سڄي رات،
نڪا جهوري جيِوَ جي، ٻانھان نڪو سمر ساٿ،
شاھ جو مڃيئڙو تني کي جيڪي صبوحڙي جاڳن.
(الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (2016ع)، ’گنان شناسي‘، ص: 535)
اي جي!
ڪيڙيون اَڏائِيئين گڊ ماڙيون، تين ڪيڙا پائيئين چٽ،
نِيئي ڌريندَءِ ڌوُڙ ۾، مٿان لتون ڏيندءِ مِٽَ،
سُڻ وڻجارڙا، ھو يار، ھي من ھروئڙو ٿو جهولي.
(الانا، غلام علي، ڊاڪٽر، (2016ع)، ’گنان شناسي‘، ص: 538)
’گنان‘ فني لحاظ کان مسلسل نظم جو قسم آھي، جنھن جو ھر بند دوهي جي سٽاءَ جھڙو آھي، پر ان جي مصراعن ۾ ماترائن جو تعداد ۽ ترتيب دوهي کان مختلف آھي، ۽ اھڙا ڪيترائي بند گنان ۾ ٿين ٿا. شروع ۾ وراڻي چئجي ٿي، جيڪا ھر بند کان پوءِ ورجائجي ٿي، جنھن مان ’وائيءَ‘ جي بناوت بابت بنيادي عنصر جو ڏس ملي ٿو.
سومرن جي ئي دؤر ۾ لاڙ جي شاعرہ مُرکان شيخڻ (وفات: 1300ع) جا ڳيچ ملن ٿا، جيڪي ھُن پنھنجي مرشد ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي شان ۾ ڳايا ھئا. سندس ھڪ ڳيچ مان پڻ وائيءَ جو فني گهاڙيٽو ظاھر ٿئي ٿو:
نماڻيون اکڙيون
اَئين سُتيون ڪوھ ڪريو؟
ستيون ڪوھ ڪريو، نماڻيءَ جو ڀاڳ وريو.
نماڻيون اکڙيون
اَئين سُتيون ڪوھ ڪريو؟
مُون ولھيءَ کي
وارث جاڳائي ڏيو.
اَئين سُتيون ڪوھ ڪريو؟
چشمن ساڻ چُمان،
ڪرَهَيل چُوڙ جهليو.
اَئين سُتيون ڪوھ ڪريو؟
(عباسي، خورشيد، ڊاڪٽر، (مرتب) (2007ع)، ’قومي ادبي ڪانفرنس – سومرا دؤر، ص: 37)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’ڳيچ‘ ڪتاب جي مقدمي ۾ ڳيچ جي سادي سٽاءَ کي وائيءَ جو بنياد سمجهندي لکيو آھي، ”ڳيچن جي سٽاءَ نھايت سادي آھي. ڳيچ جي شروعات ’ٿلھ‘ سان ٿئي ٿي، جو ھڪ يا ٻن سٽن جو آھي، ۽ ان جي پويان مصراعون آھن، پر معنوي لحاظ سان جيڪي آھي، سو ’ٿلھ‘ ئي آھي، ڇاڪاڻ تہ مصراعون محض ڳائڻ جي سلسلي کي وڌائڻ خاطر ڄڻ ’ٿلھ‘ جي ڀرتي آھن.“
(بلوچ، 1963ع، (مقدمو)، ص: 13)
ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”ڳيچن جو انهيءَ سادي سٽاءَ وارو بنيادي خاڪو، غالباً سنڌي ’وائي‘ جي اُسرڻ لاءِ اھم سرچشمو بنيو.“
(بلوچ، 1963ع، (مقدمو)، ص: 14)
ٻئي طرف مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ بيت کي وائيءَ جو بنياد سمجهي ٿو. پنھنجي تحقيقي ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ لکي ٿو: ’وائي‘، بيت، مداح يا سنڌي قصيدن، مثلاً: ابوالحسن جي سنڌيءَ مان ٺھي آھي، ڇو تہ انهن ٽنهي صنفن جو گهاڙيٽو ساڳيو آھي. جيڪڏهن اھو بيت، جنھن جي پھرين سٽ اڌو اڌ ٿئي ٿي ۽ باقي منجهس ٻن سٽن کان گهڻيون سٽون آھن، ان جي پڇاڙيءَ واري سٽ جو پويون اڌ پھرين ۽ پھريون اڌ پوءِ کڻي ڪجي تہ وائيءَ واري شڪل ٿي پونديس.“ (طالب الموليٰ، 1962ع، ص: 52)
وڌيڪ لکي ٿو: ”جيڪڏهن انهيءَ وائيءَ جي پڇاڙي واري سٽ جو پويون اڌ پھرين ۽ پھريون اڌ پوءِ ڪبو تہ بيت ٿي پوندو.“
(طالب الموليٰ، 1962ع، ص: 53)
وائي ۽ بيت جي فني ھيئت ماترڪ ڇند تي ٻڌل آھي. گڏوگڏ بيت ۽ وائيءَ جي مصراعن ۾ 24 (11+ 13) يا (13+11) ماترائن جي بيھڪ مان پڻ ثابت ٿئي ٿو تہ ابتدائي وائيءَ جو اصل بنياد بيت ئي آھي، پر ھي اھو بيت آھي، جنھن ۾ سورٺي ڇند وانگر پھرين مصرع جي پھرين پد جي آخر ۾ قافيو ڪتب آندل آھي. گڏوگڏ ھي بيت جي اؤسر جو اھو ڪامل دؤر آھي، جڏهن بيت ٽن مصراعن ۽ اُن کان وڌيڪ مصراعن تي لکجڻ لڳو، ۽ اھو سورهين صدي عيسويءَ جو عرصو آھي.
جيتوڻيڪ سورهين صديءَ ۾چئن ۽ پنجن مصراعن جا بيت ملن ٿا، پر اُھي عام يا مروج نہ ھئا، ان ڪري ’وائي‘ بہ پنھنجي ڪامل صورت ۾ نہ ملي آھي. سترهين صديءَ ۾ شاھ لطف الله قادري (1611ع- 1679ع) جي رسالي ۾ گهڻين مصراعن تي ٻڌل بيتن جو ڳاڻيٽو تہ گهڻو آھي، پر سندس ڪلام ۾ ’وائي‘ نہ ملي آھي. جڏهن تہ سندس ھمعصر شاعر ميين شاھ عنات رضوي نصرپوريءَ جي ڪلام ۾ پھريون ڀيرو ’وائي‘ پنھنجي مڪمل فني گهاڙيٽي موجب ڏسڻ ۾ اچي ٿي. سندس ڪلام ۾ 42 وايون شامل آھن، جنھن جي بنياد تي کيس ’وائي‘ جو پھريون شاعر سمجهيو وڃي ٿو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘ موجب سنڌي ٻوليءَ جي پھرين مڪمل وائي ھن ريت آھي:
منھنجي سيدُ سارَ لهندو.
مون کي آھي اُميد الله ۾.
سجدي پَئي سُپرين، زاري زور ڪندو.
مون کي آھي اُميد الله ۾.
اُمت ڪارڻ احمد اچي، پرمل پاڪ پسندو
مون کي آھي اُميد الله ۾.
جڏهن صُور ڌَڪاءُ ڏيندو، اکيون سج ڪڍندو
مون کي آھي اُميد الله ۾.
مُهت ڏيندو مومنين، اُت محمد مير ملندو.
مون کي آھي اُميد الله ۾.
’نفسي نفسي‘ سڀڪو ڪري، داتا ڏي ڊڪنڊو
مون کي آھي اُميد الله ۾.
اَچي اُتِ، عنات چئي، بَديون بخشائيندو.
مون کي آھي اُميد الله ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ڪلياڻ، وائي، ص: 3 ۽ 4)
جيتوڻيڪ وائيءَ جو بنيادي گهاڙيٽو ماترڪ سرشتي جي 24 ماترائن 11 (ٿلھ) ۽ 13 (وراڻي) تي ٻڌل آھي، گڏوگڏ ميين شاھ عنات ماترائن جي ڦيرگهير سان گهاڙيٽي ۾ تجربا بہ ڪيا آھن. شاھ عنات جي وائيءَ جو بنيادي گهاڙيٽو ھيٺينءَ ريت آھي:
جو سَرُ سَرهو سوجهرو، ھَنجھ ھُتيئي ھُونِ،
ذاتي ذڪر جبار جو، چِت چيتارئو چُونِ.
هَنجھ ھتيئي ھُونِ.
اَمُلَ جِتِ اَمُونگرا، پاڻيَ تِھن پُونِ.
هَنجھ ھتيئي ھُونِ.
چَلهي چِلُڙ چِڪَ ۾، پنھنجا پَکَ نہ ڌُونِ.
هَنجھ ھتيئي ھُونِ.
وڃئو ھدايت ھُوءِ ۾، راتو ڏينھان رُونِ.
هَنجھ ھتيئي ھُونِ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ڪارائيڙو، وائي 2، ص: 220)
مٿين وائي ماترڪ ڇند تي ٻڌل آھي، جنھن جي ھر مصرع ۾ 24 ماترائون آھن، جڏهن تہ وراڻيءَ ۾ 13 ماترائن بدران 11 ماترائون آھن. وائيءَ جي اھڙي سٽاءَ مان ثابت ٿئي ٿو تہ وائيءَ جي فني بناوت ۾ بيت جو ئي عمل دخل رهيو آھي.
ميين شاھ عنات رضويءَ جي واين ۾ ٿلھ جي پَد کي وراڻيءَ جي طور بہ ڪتب آندو ويو آھي، جنھن مان اِھو پڻ ظاھر ٿئي ٿو تہ وائيءَ کي راڳداريءَ جي لحاظ کان بہ لکيو ويو آھي، جنھن سان وائيءَ جي فني ھيئت ۾ فرق پوي ٿو:
ٻئو وسيلو نہ وَسُ، تو بنا ناھي شاھ تَڪئو،
بغدادي ڀالَ ڪري، داتا! دشمن دَسُ،
ٻئو وسيلو نہ وَسُ.
اسان اُداسين کي، راجا رُڪنَ! رس.
ٻئو وسيلو نہ وَسُ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ڌناسري، فصل پھريون، وائي 3، ص: 89)
ٻِئي دَرِ وڃ مَ ڪيڏاھين،
جانۡ تون ڄام مڱندَين مڱڻا!
اکيون ڦير مَ ڪنڌ ڪياڙي، ٿيندءِ ڪم اِتاھين.
ٻِئي دَرِ وڃ مَ ڪيڏاھين،
موتي، ماڻڪ، مال گهڻيرو، ڏيندءِ ٻيلي سائين.
ٻِئي دَرِ وڃ مَ ڪيڏاھين،
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود پرڀات، فصل پھريون، وائي، ص: 79)
مٿين ٻيءَ وائيءَ ۾ فني لحاظ کان ھڪ سڀاويڪ تبديلي فني جدت جو ڏس ڏئي ٿي. ھن قسم جي فني سٽاءَ ۾ وائيءَ جي ھر مصرع ۾ 28 يا 27 ماترائون آھن. گڏوگڏ وائيءَ جي شاعر ميين شاھ عنات وائيءَ جي فني سٽاءَ ۾ ھڪ نئون تجربو اھو بہ ڪيو تہ ٿلھ جي ھڪ مصرع بدران 2 مصراعون ڪتب آنديون، جنھن کي ٻيڻي وائي چئجي ٿو:
اوڏا آھينِ آرِي، تون ٿِيُ مَ ڪَھارِي.
ائي ھل ھاڻ ملندينءَ ھوت کي.
جاڳينءَ تان نہ جَتن لئي، اُٿيئن تان نہ اَسارِي.
تون ٿيءُ مَ ڪھاري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود ديسي، فصل چوٿون، وائي 2، ص: 181)
وائيءَ جا فني گهاڙيٽا
جيستائين ميين شاھ عنات رضويءَ جو ڪلام دريافت نہ ٿيو ھو، تيستائين شاھ لطيف کي ئي شاعريءَ جي صنف ’وائي‘ جو موجد سمجهيو پئي ويو ۽ سندس وائيءَ جي بنياد تي وائيءَ جي فني گهاڙيٽن کي اختيار ڪيو ويو، جيڪي ڪجهہ ھن ريت آھن:
ھيڪوڻي وائي: ھن قسم جي وائيءَ ۾ پھرين سِٽ/مصرع ’ٿلھ‘ ھوندي آھي ۽ باقي سڀ سِٽون/مصراعون ان سان ھم قافيا ھونديون آھن. خاص ڳالهہ تہ ھن ۾ وراڻيءَ جو اڌ ڪونہ ٿئي. سڀ سٽون ھڪ ٻئي سان واڳيل ۽ ھم قافيا ھونديون آھن، جيئن شاھ لطيف جي ھيءَ وائي آھي:
سُپيرِيان جي سونھن جِي، ڳالِ ڪِينَ وَڃي،
وَڃِي دَرِ دوسَنِ جي، سُورِيَ سِرُ ھَڄي،
عاشِقَ اَنگهنِ چڙهيا، ٻيو سَڀُڪو ڀَڄي،
پُڇِجِ پوءِ پِرِيتَڻُو، پِھرِين سِرُ سَڃي،
عاقِلَ ئِي اوڇُون ٿِيا، ڀورو ڪين ڀَڃي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ستون، وائي، ص: 123)
• ڏيڍوڻي وائي: وائيءَ جو سڀ کان وڌيڪ مروج فني گهاڙيٽو آھي، جنھن جي ٿلھ ۾ 11 ماترائون ۽ وراڻيءَ ۾ 13 ماترائون ٿين ٿيون. باقي سِٽن/مصراعن ۾ بيت وانگر ٻہ پد ٿين ٿا، جنھن جي پھرئين پد ۾ 13 ۽ ٻئي پد ۾ 11 ماترائون ھونديون آھن. قافيو ھر مصرع جي ٻئي پد جي آخر ۾ ٿئي ٿو. وائيءَ ۾ وراڻيءَ کي اھم حيثيت حاصل آھي، جيڪا ھر مصرع جو حصو ۽ جوڙ آھي، بلڪھ اُن پوئين رُڪن کي يعني وراڻيءَ کي وائيءَ جو روح سڏجي ٿو:
آيُلِ! ڪَرِيان ڪيئن، منھنجو نينھن اَپَلِئو نہ رَهي.
وِيو وَڻِجارو اُوهَرِي، مون کي چاڙهي چيئَن،
منھنجو نينھن اَپَلِيو نہ رَهي.
سامُونڊِيَنِ جي سَڱَ کي، رُئان راتو ڏينھن،
منھنجو نينھن اَپَلِيو نہ رَهي.
اُڏوهِيءَ جيئن ڏُکَڙا، چَڙِهيا چوٽِيءَ سِيئَن،
منھنجو نينھن اَپَلِيو نہ رَهي.
گوندرَ مَٿان ڄِندَڙي، وَرِيا وَلِيُنِ جيئن،
منھنجو نينھن اَپَلِيو نہ رَهي.
مادَرِ! پائي مُنڊِيُون، وَڃان ھادِيءَ سِيئَن،
منھنجو نينھن اَپَلِيو نہ رَهي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، وائي– 3, ص: 197)
• ٻيڻي وائي: ٻيڻي وائيءَ جو ٿلھ ٻن پدن تي مشتمل ھوندو آھي، جيڪي پاڻ ۾ ھم قافيا ھوندا آھن. باقي سٽاءَ ڏيڍوڻي وائيءَ وانگر ٿئي ٿو. شاھ لطيف جي انيڪ واين ۾ اھڙي سٽاءَ نظر اچي ٿي:
لالَڻُ آيَو پيهِي، ويَئڙا سُورَ سَڀيئِي،
جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيون! منھنجو لالَڻُ آيو پيهي.
ڳالھيون ڪَندِيَسِ ڳُجهيُون، مُنھن مقابِلِ ويهِي،
جِيَسِ جِيَسِ، وو جيڏِيون!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٻيو، وائي، ص: 384)
خُوبِي مَنجھ خِفَتَ، اي دوستَ! دِقَتَ،
آھي عَبدُاللّطِيفَ کي.
مَدَحَ مُون کان نہ ٿِئي، سَندِي سُورَ صِفَتَ،
آھي عَبدُاللّطِيفَ کي.
ھِجي ڪَرِيان ھيجَ سين، مُطالِعُ مَحبَتَ،
آھي عَبدُاللّطِيفَ کي.
حُزنُ ھوتَ پُنھونءَ جو، رُڳِيائِي راحَتَ،
آھي عَبدُاللّطِيفَ کي.
پِرِيان جي پِستانَ جو، فاقو ئِي فَرَحَتَ،
آھي عَبدُاللّطِيفَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پھريون، وائي، ص: 348)
ڪا جا ڳالهہ ھُئِي، سا جي لوڪَ سُئِي،
لو! ٻاروچي جي مَنَ ۾.
سُرِ سَڳَرِ، پُرِ پيچَري، تون جا لوڪَ سُئِي،
سسئي سَڳرِ پَٽِييٖن، ڪيرُ چوندو مُئِي؟
پَنڌُ ڪَرِيندي پِرِينءَ ڏي، ڪَڏِهن ڪانہ کُھِي،
آن ڪا ڏِٺِي، ڏوٿيا! کيرِن پاسِ کُھِي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 11، وائي-نائين، ص: 341)
ڪلياڻ آڏواڻي صاحب ڪتاب ’شاھ جون وايون‘ جي مھاڳ ۾ لکيو آھي: ”شاھ جون وايُون دَردَ، سوزَ ۽ سَلاسَت جي لِحاظَ کان بي مثل آھن ۽ سِنڌ جا ڪي ڳائِيندڙَ اِھي نھايت پُرگداز آوازَ ۾ ڳائيندا آھن. انهن جي مُطالعَ ڪرڻ مان ئي ھڪ حيرت انگيز لُطف ۽ فيض حاصل ٿو ٿئي.“ (آڏواڻي، 1988ع، ص: 16)
راڳداريءَ جي انهيءَ اثر جي ڪري واين جي متن ۾ اُھي اضافي لفظ، جيڪي راڳي آلاپ جي طور ڪتب آڻيندا آھن، بہ شامل ڪيا ويا آھن؛ جيئن ھيءَ وائي آھي:
ڪارُون وَسَ ڪِيامِ، ڙِي! ھَئٖي ھَئٖي! وو، لَڏيٖ ڏُورِ وِيامِ!
منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو، وو! ڪارُون وَسَ ڪِيامِ.
ٻَنڌَڻَ ٻاروچَنِ جا، پينگھي مَنجھ پِيامِ،
وو! منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو!
ڪَئين قاصد ڪَيچَ ڏي، مُحبن لاءِ مُڪامِ،
وو! منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو!
سَدا سُپيٖرِيَنِ جا، سانڍَڻُ سُورَ پِيامِ،
وو! منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو!
ھوتَ ھَلَندي جٖي ڪِيا، نہ سي سَڏَ سُئامِ،
وو! منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو!
اَدِيُون! عَبدُاللّطِيفُ چٖي، آرِياڻِي ايندامِ،
وو! منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، وائي، ص: 493)
جڏهن تہ لکت جي لحاظ کان وائي ھيٺين ريت ھجڻ گهرجي:
ڪارون وَسَ ڪيامِ، لَڏي ڏور ويامِ،
منھنجو ھوتُ نہ موٽِيو.
شاھ لطيف جي مٿين وائي، ٻيڻي وائيءَ جو خوبصورت اظھار آھي. وراڻي 13 ماترائن تي ٻڌل آھي، پر ان ۾ ’وو‘ جي اضافي جي ڪري 15 ماترائون ٿين ٿيون. ماترائن جي اھڙي ترتيب وائيءَ جي بنيادي ھيئت موجب نہ آھي. اھي واڌو لفظ سُر ۾ ڳائڻ وقت ڪم آندا وڃن ٿا، جنھن ڪري وائيءَ جو تاثر ۽ تاثير وڌي ٿو. ڏيڍوڻي وائيءَ جي لحاظ کان شاھ لطيف جي ھيءَ وائي مڪمل فني جوڙجڪ سان پيش ڪيل آھي:
مُنھن مَنجھ خَلِيلُ، اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
سَڌَ مَ ڪَرِ صِحَتَ جِي، اَڃا تُون عَلِيلُ،
اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
نالو ناھِه نفاقَ جو، جِتي رَبُ جَلِيلُ،
اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
مُنھن ۾ مُسلمانُ تون، قَلبُ تان قَلِيلُ،
اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
والِيءَ جي وِصالَ ۾، دُئِي ناھِه دَلِيلُ،
اَندَرِ آذَرُ آھِييٖن.
اَلا عَبدُاللّطِيف چي، سَچو رَکائِجُ سِيلُ.
اَندَرِ آذَرُ آھِييٖنُ
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٽيون، وائي پھرين، ص: 719)
ميون شاھ عنات،شاھ لطيف جو وڏو ھمعصر آھي، ٻئي ڪلاسيڪي دؤر جا شاعر آھن، ٻنهي وائي بہ چئي آھي. بيت ۽ وائيءَ جو سنڌي شاعريءَ جي سُريلي روايت(Lyrical tradition) سان سنٻنڌ آھي. بيت، شاھ لطيف وٽ آيت جي رتبي تي رسي ٿو ۽ وائي بہ شاھ لطيف وٽ اوچو پد ماڻي ٿي.
کَٿِيءَ مَنجھ کَٽيائِين، مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
پَرَچِي پَھُنوارَنِ سين، لوئِي ڏيجُ لَڌائين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
سِيلُ نِباھٖي سُومَرا! پنھنجو پِي پُڇيائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
جهوپو جهانگِيئَڙَنِ جو، ماڙِيءَ سان نہ مَٽِيائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
سڱرَ ساھيڙِيَنِ سيٖن، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 11، وائي، ص: 603)
وائيءَ جي ھيئت ۾ جيئن تہ مصراعن جو تعداد مقرر نہ آھي، جنھن ڪري شاھ لطيف جي واين ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٻہ مصراعون ۽ وڌ ۾ وڌ ٽيويھ (23) مصراعون بہ ملن ٿيون:
توکي مَڱان، جو تون آھِييٖن، ٻِيو دَرُ ڪونہ سُڃاڻان.
اِلاھي! عِنايَتَ سين، نوازين نِماڻا،
اَنڌا ڪَرييٖن اَڳَ ۾، ڪوٺائِيين ڪاڻا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان نائون، وائي- 2، ص: 275)
وَڃي سا راتِ وِهاڻِي، رِيءَ پَسَڻَ پِرِيَنِ جي!
ھِهڙا اوڏا سپِرِين، تو ڪيئن نِنِڊَ رِهاڻي؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان نائون، وائي- پنجون، ص: 276)
جڏهن تہ سر سريراڳ جي ھيٺين وائيءَ ۾ سڀ کان گهڻيون 23 مصراعون آھن:
ساٿِيَنِ نَنڌَا بارَ، وو! تنِ پانڌين نَنڌا بارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنِ ۾.
پاتا پاڙيوارِييٖن، پَڳھهَ مَنجھ پاتارَ،
توکي آرَسُ اَکَڙِيُنِ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، وائي، ص: 171)
ھن وائيءَ ۾ نہ رڳوسٽون/ مصراعون وڌيڪ آھن، پر گڏوگڏ فن ۽ فڪر جون جدتون بہ ان ۾ نروار ٿين ٿيون.
شاھ لطيف جي ھيٺين وائي پڻ فني گهاڙيٽي جو اھم مثال آھي، جنھن ۾ ٻيڻي وائيءَ جي حوالي سان ٿلھ ۾ ٻہ پد آھن، جيڪي پاڻ ۾ ھم قافيا آھن، جڏهن تہ وائيءَ جا بند وراڻيءَ جي قافيي تي ٻڌل آھن. وائيءَ جي سخت بندش اندر فن جي اھڙي وسعت فقط شاھ لطيف وٽ ئي ممڪن آھي:
ڏاگهنِ، ڏيرَنِ ساڻُ، ڪَرَهِنَ ڪيچِينِ ساڻُ،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
آئُون سُتِي، ھو ھَلِيا، وِيَئڙا ڪَرَهَلَ ڪاھٖي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
آسَڻَ اَڳِيان اُنِ جي، ’ٻَرِ! ٻَرِ!‘ ڪِيو ٻاڏائٖي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
چَتُرَ ڏيئي چِتَ کي، وِيَئِڙا ھوتُ ڇپائٖي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
جيڪا ھُيَنِ مَنَ ۾، وِيَئڙا پنھنجي پُڄائٖي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
اَدِيُون! عَبدُاللّطيفُ چي، اِيندَمِ واڳَ وَرائٖي،
مَتان ڪا ٻِي لَنئون لائٖي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سر ديسي، داستان پھريون، وائي، ص: 379)
ڳاڻيٽي جي لحاظ کان شاھ لطيف جي واين جو تعداد پڻ سَون ۾ آھي. شاھ لطيف جي بنيادي قلمي نسخي ’گنج‘ (1207ھ) ۾ 287 وايون ۽ 4041 بيت آھن. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي جي کوجنا موجب شاھ جي رسالي ۾ ڌارئين ڪلام سميت بيتن ۽ واين جو گڏيل تعداد 4464 آھي، جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’شاھ جي رسالي‘ (1999ع) ۾ بيتن ۽ واين جو گڏيل تعداد 3371 ڄاڻايوآھي. سرائي امداد عليءَ جي ڪتاب ’قدم ڪاپڙين جا‘ ۾ ڏنل فھرست مان شاھ لطيف جا 6006 بيت ۽ 339 وايون ثابت ٿين ٿيون.
جي ايم سيد جي کوجنا ان حوالي سان ڪجهہ مختلف آھي، جنھن وائيءَ ۽ ڪافيءَ جي فرق يا اختلاف واري بحث ۾ پوڻ کان سواءِ موضوع ۽ راڳداريءَ کي بنياد بڻائي، وائيءَ ۽ ڪافيءَ کي ٻہ مختلف شعري صنفون سڏي ۽ ’شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جون وايون ۽ ڪافيون‘ (1968ع) ڪتاب مرتب ڪيو، جنھن ۾ 233 وايون ۽ 183 ڪافيون ڏنيون ويون آھن، جن جو گڏيل تعداد 400 کان بہ مٿي بيھي ٿو. جن مان ڪيتريون ڪنھن بہ رسالي ۾ درج ٿيل ڪونہ آھن، پر سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ ۾ راڳي محفلن ۾ ڳائيندا رهن ٿا.