آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ سماجي رشتا ۽ تعلقن وارا لفظ

شاھ جي رسالي ۾ سماجي رشتا

شاھ جي رسالي ۾ سماجي رشتا

مٽي مائٽيءَ وارا لفظ:

ڪنھن بہ سماج جي حالتن، معاملن ۽ مسئلن جي ڄاڻ کي ’سماجي شعور‘ چئبو آھي. جيڪڏهن ڪنھن شاعر يا فنڪار کي سندس عھد يا دؤر جي سياسي ۽ سماجي تناظر ۾ پرکڻو ھجي، تہ پھرين اُن جي پنھنجي سماج جي باري ۾ فھم ۽ ادارڪ جي سطح کي ڏسڻ ضروري ھوندو آھي. ان سان گڏوگڏ، پنھنجي تاريخ کان واقفيت بہ سندس شعور جي سطح کي پڌرو ڪندي آھي. انساني شعور جي ترقيءَ سان سماج ۾ تبديلي ۽ ترقيءَ لاءِ راھ ھموار ٿئي ٿي، ان ڪري وقت جا ڏاھا پنھنجي سماج ۾ تبديليءَ لاءِ شعور جي ترقيءَ لاءِ ڪوشان ھوندا آھن. ھو پنھنجي تخليقي ۽ تنقيدي صلاحيتن ذريعي ماڻهن جي سماجي زندگيءَ ۾ بھتري لاءِ انساني رشتن ناتن، مٽين مائٽين، انفرادي ۽ قومي لڳ لاڳاپن لاءِ ڪي معيار ۽ ماڻ مقرر ڪري انهن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن.

ان ڏس ۾ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اھڙا ڪيئي لفظ ۽ اصطلاح ملن ٿا، جن کي استعمال ڪري اُن سنڌ جي سماج جي ڀرپور تصوير پيش ڪئي آھي.

آڪاھ / آڪھ:

ھي مٽي مائٽيءَ سان لاڳاپيل لفظ آھي، جيڪو ويجهن رت جي رشتن جھڙوڪ: ڏاڏو، ڏاڏي، نانو، ناني ۽ سندن اولاد، ماءُ، پيءُ، ڀائرن، ڀينرن، ۽ اولاد جي گڏيل معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ انهيءَ معنيٰ جا ٻيا لفظ پڻ ملن ٿا، جھڙوڪ: ڪُٽنب، خاندان، ڪُڙم قبيلو، گهراڻو ۽ ڪُر. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ آڪاھ ۽ ڪڙم قبيلو لفظ ھن ريت استعمال ڪيا آھي:

سانڍِ پنھنجي ساھَ، ٻانھين ٿِي ڀورا ڪَريان،

واڳِيُون جِي وَرَنِ سين، تنِ سَرَتِينِ سيڄَ سُهاءِ،

مون کي طَعنا تي ڏِيين، مُون جيئن مُٺِينءَ نہ ماءِ!

آريءَ جي آڪاھِ، رُلايس روھَن ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حُسيني، داستان پنجون، بيت 3، ص:451)

آيل:

ھي، مٽي مائٽي سان واسطو رکندڙ لفظ آھي، جيڪو عام طور تي عورتاڻي ڪچھرين ۾ تمام گهڻو استعمال ٿيندو آھي. ھن لفظ جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت لکي آھي: ” آيَل جمع: آيَلُون، جيجَل، آئي“

( بلوچ، 1995ع، جلد پھريون، ص:91)

شاھ جي رسالي ۾، ھي لفظ، ڪيترائي ڀيرا ڪم آيو آھي:

پَڳَھَ پاسي گهارِ، آيَلِ! سامُونڊِينِ جي،

وِجِھي جِيُ جَنجارِ، جِمَ وڃَنئِي اوهَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 1، ص:189)

اباڻا:

’اباڻا‘ سنڌي ٻوليءَ جو قديم لفظ آھي، جيڪو پيءُ جي سڱ سان تعلق ظاھر ڪري ٿو. ان لفظ ۾ ڪيئي سماجي تصور سمايل آھن:

ابي ڏاڏي جي سُھاڳ (خاندان)، اباڻا گهر (ڪک)، اباڻي ڪرت (ڌنڌو)، اباڻي رَوش (اھل)، اباڻو ورثو (مال ملڪيت) ۽ اباڻي ٻولي وغيرہ شامل آھن. شاھ لطيف، اھو لفظ ڪيترن ئي حوالن سان ڪتب آندو آھي. ھيٺئين بيت ۾ شاھ لطيف، مارئيءَ کي اباڻن جي ريت نڀائيندي، لوئيءَ جي لڄ کي انساني ڪردار جي پاڪيزگيءَ جي اھڃاڻ طور استعمال ڪيو آھي:

سَھَسيٖن سيبا ڪَنجُريٖ، لوئِي لِيڙَ ٿِيامِ،

اَباڻَنِ جي آسَري، ڪَتي ڪانَ ڪِيامِ،

جا ڍَٽ ڍَڪِييامِ، تِنهن جو پَرِوَرَ پَنُ رَہائِييٖن!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 564)

ابو ڏاڏو:

ھي مٽي مائٽيءَ سان واسطو رکندڙ لفظ آھي، جيڪو ٻن لفظن ابو ۽ ڏاڏو جو مرڪب آھي. ھي لفظ پيءُ جي پيڙهيءَ، ڏاڏاڻن مائٽن، پاڙي، ذات يا قبيلي جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ھن لفظ کي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

لِيلان! لُڇُ مَ ايتَرو، اُٿِي اَڱڻُ سورِ،

اَبو ڏاڏو گهورِ، پاڻَ سُوڌو پِرِينءَ تان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 14، ص: 510)

ادا / ڀائُر / ڀاءُ:

ھي مٽي مائٽيءَ سان واسطو رکندڙ لفظ آھي، جيڪو ماءُ پيءُ جي نرينا اولاد لاءِ يا ڪنھن ڇوڪريءَ جي ماءُ پيءَ جي پُٽاڻي اولاد لاءِ مخصوص آھي. ھن لفظ جي ھم معنيٰ طور ڀاءُ، ادو ۽ برادر بہ ڪم ايندو آھي.

نَہ ڪو ايرُ، نَہ ڀِيرُ، نَہ ڪو اوٺِي آئِيو،

مُون وَٽِ آيو ڪونَہ ڪو، ڀائُرِئان ڀَري پيرُ،

ڪِتابَتُون ڪيرُ، آڻي ڏيندُمِ اُنِ جُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 562)

ادي / ڀينر:

ھي لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ مِٽي مائٽيءَ جي حوالي سان ڪتب ايندو آھي. ماءُ پيءُ کان پوءِ، ھي سڀني کان وڌيڪ شفقت وارو رت جو رشتو آھي. ھي اھو رشتو آھي، جنھن ۾ ھڪ ئي ماءُ جي پيٽان جنم وٺندڙ ڇوڪرو ۽ ڇوڪري پاڻ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ جي رشتي سان سڃاتا ويندا آھن. انهن جي لاءِ سنڌي ٻوليءَ ۾ ’ادي‘ ۽ ’ادا‘ جا لفظ استعمال ٿيندا آھن.

سنڌي سماج ۾ ’ادي‘ ھڪ مانائتو لفظ آھي، جيڪو عزت جي علامت آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ گهڻين جاين تي ’ادي‘ ۽ ’اديون‘ لفظ ڪم آندو آھي:

جَڏِهن پيئِي باسَ، ڇَپَرِ ھوتَ پُنهُونءَ جِي،

اَديُون! آرِيچَنِ جا، وَڻَنِ مُڪا واس،

آيَلِ! پُنِي آسَ، پُنهُون آيو ڪيچَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 10، ص: 406)

ڀينَرَ! آئون ڀورِي، مُون سَڱُ سُڃاڻِي نَہ ڪيو،

ڏِيندا مُون ڏيرَ وِيا، جھڄَڻُ ۽ جهورِي،

لَڳِي جن لورِي، ڏُونگَرُ سي ڏورِينديُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پنجون، بيت 18، ص: 307)

ٻيٽي / ڌيءَ:

ھي، مٽي مائٽيءَ سان واسطو رکندڙ لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ”اولاد، ڇوڪري، نياڻي، دُختر.“

(بلوچ، 1984ع، ص:1294)

’شاھ جي رسالي‘ ۾ ھي لفظ ھن ريت ڪم آيل آھي.

پَريَٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھِيان،

حُسن ھوتَ پُنھُونءَ جي، ماري مَوتِ وِڌِياسِ،

جانڪِين تان جيئندياسِ، پَيسِ وَرِ وِصالَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 13، ص: 393)

تُون سَمُون، آئُون گَندِرِي، مُون ۾ عَيبَنِ وِيهَہ،

پسِي مِئَڪي ڌِيءَ، مَتان ماڱرِ مَٿِييٖن!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 620)

جوءِ / وهون / زال / وني:

ھي نڪاح ذريعي قائم ڪيل رشتي جو لفظ آھي، پر عام طور عورت لاءِ پڻ استعمال ٿيندو آھي. لغت موجب: ”زال، گهر واري، استري.“

(بلوچ، 1981ع، ص: 933)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ جوءِ لفظ ھن ريت ڪم آندو آھي.

مَرُ تہ موچاري ٿِيين، ويهي جِيءُ مَ جوءِ،

مُنڌ! مَرَڻان پوءِ، پَھُچنديِنءَ پُنهُونءَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان چوٿون، بيت 5، ص: 357)

وَھون: ھي، مٽي مائٽي جي سلسلي جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: وني، زال يا گهر واري. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ھن لفظ کي ھيٺين ريت استعمال ڪيو آھي:

بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِينِ پَھُون،

سِنجَنِ ساٺِيڪنِ تي، وَڏِيءَ وير وَھون،

پايو جَرَ جَنڊَن ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،

ڏينھان ڏينھن نَئُون، مون کي وِرهُ ويڙِيچَنِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 9، ص: 590)

روشني: ’شاھ جي ڪلام جي لغت‘ موجب: ” وَھون: زالون، مڙسن واريون پرڻيل زالون (ڪڇي محاورو) نوجوان زالون، ڪنواريون“

(بلوچ، 2002ع،ص: 527)

جيڏي / سرتي:

ڪنھن بہ سماج ۾ انساني لڳ لاڳاپن سان اھو ھڪ مربوط ۽ ڳنڍيل ايڪي جي صورت اختيار ڪري ٿو، مٽي مائٽي ۽ رت جي رشتن کان سواءِ ڪي اھڙا سماجي ناتا بہ ھجن ٿا جن جي ويجهڙائپ انسان جي نفسياتي گهرج پڻ ھجي ٿي. اھڙن رشتن مان دوستيءَ جو رشتو بہ ھڪ آھي. ان ڏس ۾ دوست، ساھيڙي، جيڏي، سرتي وغيرہ اچي وڃن ٿا.

’جيڏي‘ ۽ ’سرتي‘ لفظن جو جمع آھي، جيڏيون ۽ سرتيون. ’جيڏي‘ معنيٰ ھم عمر ڇوڪري يا عورت ۽ ’سرتي‘ معنيٰ ساھيڙي. دوستيءَ جو رشتو ڪڏهن ڪڏهن رت جي رشتن واري مِٽي مائٽيءَ کان بہ وڌيڪ پائيدار ٿيندو آھي، ڇو تہ ھن روحاني رشتي ۾ جيڪو سُور ساھيڙيءَ، سرتيءَ يا جيڏل سان سلبو آھي، سو پنھنجي سڳيءَ ماءُ سان بہ نہ سلي سگهبو آھي. لغت موجب ھن لفظ جي معنيٰ آھي ”هڪ جيڏيون، سرتيون، ساھيڙيون، اديون (قلب) سرتيون، ساھيڙيون.“ (فھميدہ حسين، 2004ع، ص: 146)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ’جيڏين‘ ۽ ’سرتين‘ کي ھن نموني استعمال ڪيو آھي:

ڪارا ڪَرايَنِ ۾، سونُ اَسان کي سُوءَ،

وَرُ جيڏِيَنِ سين جُوعَ، فاقو فَرِحَتَ ڀائِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 567)

وينديَسِ وَطَنَ سامُهِين، مَلِيرُ منهنجو ماڳُ،

ڏُٿُ چُونڊِينديَسِ ڏيهه ۾، ساڻُ سَرَتِيَنِ ساڳُ،

تَہ مُون سَنئُون سَڀاڳُ، جي ويجهي ٿِيان وَرَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان چوٿون، بيت 16، ص: 574)

دوست / يار:

علم سماجيات ۾ ماڻهن جون دوستيون ۽ دشمنيون بہ مطالعي ھيٺ اينديون آھن. رشتا ناتا ھونئن بہ سماج جا اھم جُز ھوندا آھن، جن جي آڌار تي ڪنھن بہ سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي رواجن، رسمن، ريتن، رهڻي ڪھڻي، سوچ ۽ فڪر جي پروڙ پوي ٿي.

دوستي تہ وري سڀني ناتن کان سرس آھي. ڀاءُ ڀيڻ سان جيڪڏهن توهان جي دوستي نہ آھي تہ پوءِ رشتو ڪنھن ڪم جو نہ آھي، پر جيڪڏهن ڪنھن ٻي قوم، ذات ۽ قبيلي يا مذھب جي ماڻهوءَ سان توهان جو ڪو بہ رت جو رشتو نہ آھي، پر دوستيءَ جا واسطا آھن، سو ھر ڏکئي موڙ تي توهان جي ڀر جهلي بيھندو ۽ ڪم ايندو.

شاھ لطيف، دوستيءَ بابت مختلف ڳالهيون ڪيون آھن. الله تعاليٰ جي بي پرواھيءَ جي ڳالهہ ڪندي چوي ٿو تہ، ’انسانن جي آزمائش لاءِ سختيون سھائي ٿو، دوست ۽ محب ڪُھائي مارائي ٿو، کين سختيون سھائي ٿو.‘ شاھ لطيف، چلولن ماڻهن کي سمجھائي ٿو تہ، دوست ھڪڙو ڀلو (پر سچو) دل ڏجي تہ ھڪڙي کي، در در دوستيءَ جون دعوائون ڪرڻ مان ڪھڙو لاڀ.

دوستَ ڪُھائٖي دادُلا، مُحِبَ مارائي،

خاصَن خَلِيلَنِ کي، سَختِيُون سَھائي،

اَللهُ اَلصّمَدُ بي نِيازُ، سا ڪَري جا چاھي،

اِنَہيءَ مَنجھه آھي، ڪا اُونِهِي ڳالهہ اِسرارَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 665)

دِلِ جو دِلبَرُ ھيڪَڙو، گهڻا تان نہ ڪِجَنِ،

دِلِ ڀي ڏِجي ھِڪَ کي، توڙي سَوَ سِڪَن،

سي چِلوِلا چَئجَنِ، جي دَرِ دَرِ لائِنِ دوسِتِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 7، ص: 772)

يارُ سَڏائي سَڀَڪو، جانِي زُبانِي،

آھي آسانِي، ڪَمَ پِئٖي ٿِي ڪَلَ پَوي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 3، ص: 771)

سماج ۾ انساني زندگيءَ ۾ ڪيئي متضاد ڳالهيون لازم ملزوم ھونديون آھن، جتي دوستيون ھونديون، اتي دشمنيون بہ ڳجهہ ڳوه ۾ يا ڪڏهن علي الاعلان سرجنديون رهنديون آھن.

سماجي اڀياس ۾ اھا ڳالهہ بہ وڏي اھميت جي حامل ھوندي آھي تہ ڪنھن سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جو ’ويرُ‘، ’پلاند‘ بابت ڪھڙو رويو آھي؟

سنڌي سماج ۾ امن، پيار، محبت جي گهڻائي سبب ڪيترن ئي طريقن سان صلح ۽ صفائيءَ جو رواج رهيو آھي، پنھنجائب وارن رشتن ۾ ڪڏهن نياڻين جو ميڙ وٺي پرچاءُ ڪبا ھئا تہ ڪڏهن گهر آئي دشمن کي معاف ڪيو ويندو ھو، پر ڪن خاص موقعن تي پلاند بہ ڪيو ويندو ھو، جنھن تي ھي پھاڪو مشھور ٿيو تہ ’پلاند پُراڻا نہ ٿيندا آھن.‘ البت قوم ۽ وطن جي ويرين کي معاف ڪرڻ محال ھو ۽ آھي.

سماجي علم ۾ جھڙيءَ ريت ٻين سماجي قدرن، ريتن رسمن ۽ زندگي گذارڻ جي ٻين طور طريقن جو اڀياس ڪري، ڪنھن بہ سماج جي مهذب پڻي بابت نظريا ترتيب ڏنا ويندا آھن، تنھن ڪسوٽيءَ ھيٺ ’وير‘ وٺڻ يقيناً سماجي انصاف جي اڻهوند ۽ ماڻهن ۾ پيدا ٿيل اڻ سھپ واري ڪيفيتن کي واضح ڪري ٿو.

کَپُرَ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويرُ،

نانگَ! نہ ويندين نِڪِرِي تو ڏَرَ مَٿي پيرُ،

ھِيءُ تَنِين جو ڍيرُ، جن جهوناڳڙهه جَلائِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 856)

شاھ لطيف بہ ’وير‘ جو مختلف نمونن سان ذڪر ڪيو آھي، پر ھيٺئين بيت ۾ ’وير‘ معاف ڪرڻ وارن صوفين جي واکاڻ ڪري، ڄڻ تہ درگذر واري، ھن عمل جي حمايت ڪئي آھي.

صُوفِي لا ڪُوفِي، ڪونَہ ڀانئيٖس ڪيرُ،

همنجان ئِي مَنجهہ وِڙهي، پَڌَرِ نَہ آھِسِ پيرُ،

جَنِين ساڻُسِ ويٖرُ، ٿِئٖي تَنِين جو واھَرُو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 4، ص: 107)

ڏاڏاڻا:

ھي پيءُ جي طرف کان نُک نِهي توڙي نسل نروار ڪرڻ جو اھم لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ لغت ۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”ڏاڏو: پيءُ جو بہ پيءُ= ڏاڏاڻا= پيءُ جا مائٽ، ڏاڏي جا مائٽ، ڏاڏي جي آڪهہ، ڏاڏي جا مائٽ، يعني ڏاڏنگ، ڏاڏاڻا.“

(بلوچ، 2007ع، جلد 3، ص: 208)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، مٿئين لفظ کي ھن ريت ڪم آندو آھي:

پَٽولا پَھُنوارِيُون، مُورِ نَہ مَٿي ڪَنِ،

جُهِه لاکَ رَتائُون لوئِيُون، تَھ سالُنِئان سُونهَنِ،

اُنّ ايلاچِنئُون اَڳَرِي، بَخِمَلَ بافِتَنِ،

سَکَرَ ڀانئِيان، سُومِرا! کَٿِيءَ کان کُھِنبَنِ،

جا ڏِنِيَمِ ڏاڏاڻَنِ، سا لاھِينديٖ لَڄَ مَران.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 565)

ڏاڏي پوٽا: مٽي مائٽيءَ سان لاڳاپيل ھي لفظ، جيڪو ’ڏاڏي جي آل اولاد‘ جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، جامع سنڌي لغات ۾، ھن لفظ جي معنيٰ ھن ريت لکي آھي: ” ڏاڏي پوٽو، جمع: ڏاڏي پوٽا، پيءُ يا ڏاڏي جي عزيزن مان ڪو رشتيدارُ، برادريءَ وارو، نکائي، نکِريو.“

( بلوچ، 2007ع، جلد ٽيون، ص: 208)

شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، ھن لفظ کي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

سُونهن وِڃايُمِ، سُومرا مارُو مَسَ مَڃِينِ،

ڏُنگا ڏاڏي پوٽيين، ڪنِ ڏِنا، ڪي ڏِينِ،

جي مان لوھَ لاھِينِ، تَھ ڪوٽَن ۾ ڪِينَ ھُئان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 575)

ڏير:

ھي، لفظ مٽي مائٽيءَ سان سلهاڙيل آھي ۽ عورت جي مڙس جي ڀاءُ کي ’ڏير‘ چئبو آھي. ھي لفظ شاھ جي رسالي ۾ ڪيترائي ڀيرا آيل آھي:

وارو! وَرُ وَٺِي ويا، ڏاڙِهِيءَ ڀَنڀا ڏيرَ،

ڏِيندِيَسِ ڏاڍين ڏُونگَرِينِ، اُنِين لَئي اُليرَ،

ڪَيچِ پھچي ڪيرَ؟ وَڃَڻَ سين وسُ ڪَرِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 6، ص: 392)

سُھاڳ / سُھاڳڻ:

ھي، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: سڀاڳ، بخت. ’جامع سنڌي لغات‘۾ سُھاڳ جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي: ”سُھاڳ، جمع: سُھاڳ: سڀاڳ، بخت، ڀاڳ، خوشحالي، سـٺي قسمت، پيار، قرب، محبت، مڙس جو پرڻي وارو پيار، مڙس جي حياتيءَ تائين پائڻ جو ڳَھ، (نٿ، پوپو، مانگھ، ڪوڪو وغيرہ) مڙس جي زندہ ھئڻ جي نشاني، خاوند يا گهر وارو.“ (بلوچ، 2007ع، ص: 137)

ننڍي کنڊ ۾، جيئن تہ عورت جو ڀاڳ يا بخت اُن جي مڙس کي سمجهيو ويندو آھي، تنھن ڪري سُھاڳ مڙس جي معنيٰ ۾، استعمال ٿيندو آھي، جڏهن تہ ڀاڳ واري يا سُھاڳڻ پڻ ان عورت کي چيو ويندو آھي، جنھن جو مُڙس زندہ ۽ ساڻس خوش ھجي. ان سلسلي جي لفظن، سُھاڳ ۽ سُھاڳڻيءَ کي، شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ھن ريت ڪم آندو آھي:

تو وَرَ وَھون ڪيتَرِيُون، مُون وَرُ تون وَريجِ،

سوڀِي! اِنَ سُھاڳ کي، ڀورِي! ڀَرُ مَ ڏيجِ،

پِرِتان پير ڀَريجِ، مَلَھائِجِ مِسڪِينِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 509)

سَڀئِي سُھاڳڻيون، سَڀَنِي ڳِچِيءَ ھَسَ،

پَسَڻَ ڪارڻِ پرينءَ جي، وڏا ڪِيائُون وَسَ،

ڍولُ تَنيِن جي گَسَ، ھيٺانهيُون ھَلَن جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 508)

سيڻ:

ھن لفظ جو لاڳاپو مِٽي مائٽي ظاھر ڪرڻ وارن لفظن منجهان آھي، جنھن جي معنيٰ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھن ريت لکي آھي: ”گهوٽ يا ڪنوار جي مائٽن لاءِ محاورو، سڱيڻو، مائٽ- مِٽ- عزيز، سڄڻ- دوست- محبوب- مُحب- ڀتار.“

(بلوچ، 1985ع، جلد 4، ص: 1749)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، مٿئين لفظ کي ھن ريت ڪم آندو آھي:

اِيءَ نَہ مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچي عُمَرَ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،

پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نَہ مَٽِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 567)

ڪانڌ / ڀتار / ور / مڙس:

ڪانڌ لفظ سنڌي ٻوليءَ ۾ نڪاح جي ذريعي قائم ڪيل رشتي جو اھم لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي: ’مڙس يا ڀتار‘

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ’ڪانڌ‘ لفظ جي ھم معنيٰ طور ’ڀتار ۽ ور يا ولھو‘ بہ ڪم آندو آھي:

ڪانڌَ ٻِيُنِ ڪيتَرا، مُون وَرُ وَڏِي جُوءِ،

لوڪَ نَہ آڇي اُوءِ، جي ڏِسي ڏوهَہ اکين سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 878)

سُر ليلا چنيسر ۾ لفظ ’ڀتار‘ ھيٺئين ريت ڪتب آندل آھي:

اَوَڳُڻَ ڪَري اَپارَ، تو دَرِ آيَسِ، داسَڙا!

جيئن تو رُسَڻَ سَندِيُون رُوحَ ۾، تيئن مُون ڀيڻِي ناھِه ڀَتارَ!

سائِينءَ لَڳِ سَتارَ! ميٽِ مَدايُون مُنهنجون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلا چنيسر، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 508)

’ور‘ جي نسبت سان سندس زال کي ’وريتي‘ بہ چيو ويو آھي:

وَرِيتِيُون وَرو، آئون نہ وَرَندِي وَرَ ري،

جاڏيٖ ھِنَ جَبَلَ جو، تانگھينديَسِ تَرو،

جَتنِ ساڻ ذَرو، نينهَن نِبيَرڻُ نہ ٿِئيٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 298)

پَرَديسان پَنڌَ ڪَري، آيَسِ آڳاھِينءَ ماءِ،

جي وِهاڻِي ويرَمَ ٿِيي، تَھ مُون ھيرَ ئِي ھَلاءِ،

سونھارا سورَٺِ وَرَ! ڳالهہ ھِيئين سين لاءِ،

سو مَڱڻَھارُ مَلهاءِ، جو وِچان ويرِينِ آئِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت 5، ص: 640)

ڪُرَ:

ھي، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جيڪو مٽي مائٽيءَ جي حوالي سان استعمال ٿيندو آھي، ھن لفظ جي معنيٰ، ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت لکيل آھي: ”ڪُرُ جمع: ڪُرَ= نسل، خاندان، گهر اڻو، بُڻ، بُڻياد، ڪُڙم، پُري، حسب نسب،“

(بلوچ، 1985ع، ص: 2044)

جي لُوڻُ لِڱين لائِيين، چِيري چِيري چَمُ،

مُون ڪُرَ اڳي نهَ ڪِئو، اِھَڙو ڪوجھو ڪمُ،

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پَھُنوارَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (61-1960ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 17، ص: 47-846)

ماءُ:

ھي سنڌي ٻوليءَ جو مٺڙو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’امڙ، جيجل‘ آھي. ھن لفظ جو واسطو مِٽي مائٽيءَ ۾ سڀني رشتن کان وڌيڪ سنٻنڌ وارو ۽ سگهارو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ماءُ‘ لفظ کي مختلف صورتن ۾ ڪتب آندو آھي، جيئن: ’ماءُ‘، ’مادر‘، ’امڙ‘، ’ماسِ‘، ’جيجل‘، ’جيجان‘ وغيرہ.

وَڻِجاريٖ جِي ماء! وَڻِجارو نہ پَلِييٖن؟

آيو ٻارهيٖن ماھ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنَبهٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 207)

ڏاڙهِي رَتَ رَتِياسِ، ڏَندَ تہ ڏاڙهُونءَ گُلَ جيئن،

چوڏِهينءَ ماھَہ چَنڊَ جيئن، پِڙَ ۾ پاڳَڙِياسِ،

ميڙي ۾ مُحَمّد جي، مَرُ مَرَڪي ماسِ،

تنھن سُورِهَيہ کي شاباسِ، جو مَٿي پِڙَ پُرزا ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پنجون، بيت 9، ص: 674)

مائٽ، مِٽ:

ھي، سنڌي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن ۾ بنيادي طرح ماءُ جي رشتي سان ڳانڍاپو ظاھر ٿئي ٿو، پر مجموعي طرح سڀني رشتن جي ترجماني ڪري ٿو. ھن لفظ جي مختلف صورتن کي شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ استعمال ڪيو آھي.

نہ ڪو ڪيچُ ڀَنڀورُ، نہ ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

ھورُ مِڙوئِي ھِنَ کي، ھوتن ڪونھي ھورُ

زاريءِ ڌاران زورُ، ھلي ڪونَہ حَبِيبَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت17، ص: 394)

ڇِپُون ڇَپَرَ کَٽَ، پَھَڻَ پَٿراڻِيُون ڀانِئيان،

جِتي رَھان راتَڙِي، مِروُن منهنجا مِٽَ،

سيڻَنِ جي سَھَٽَ، ڏُونگرُ ڏوئِلِي مون ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان پنجون، بيت 5، ص: 451)