آراڙي:
ھي گاھ جو ھڪ قسم آھي. اصل ۾ ھيءُ گاھ، مينھن وسڻ کان پوءِ ٿر ۾ عام جام ٿيندو آھي، جنھن کي ٿر جا مارو کاڌ خوراڪ لاءِ استعمال ڪندا آھن. آراڙيءَ جا پن سنہڙا ھوندا آھن ۽ ھي اڇو گُل جهليندو آھي، ھن جا پن ۽ گل ڏُڌ ۾ وجهي رڌي کائبا آھن.
جامع سنڌي لغات ۾ آراڙيءَ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”آراڙِي ج آراڙيون: ث.[ سن آراٽڪي = (آ + رَاتَڪ) بنا مند وارِي پوک ] اڻ مندائتي، بي اکي جوئر ( جا صرف گاھ طور ڪم اچي). آرڙھ جو فصل - ڏُٿَ جو ھڪ قسم – آرهاڙي. ميھن، چڀڙن جو ھڪ قسم (پن سنہڙا، اڇا گُل، ڏُڌ ۾ وجهي رڌجي) – ڦوڳسي – ڏُٿ جو رٻڙو ڀَتُ – پڪن جي ٻج جو ڀَتُ.
(بلوچ، 1995ع، ص: 39)
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ آراڙي لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:
آڻِينِ ڪِي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چٖي، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجھان لَنبَ لَطِيفُ چي، چانئُر ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نہ پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي،، داستان ستون، بيت 4، ص: 584)
آکُون (اکروٽ):
ھن لفظ جي معنيٰ غلام محمد شاھواڻي ۽ ڊاڪٽر ھوتچند مولچندگربخشاڻيءَ جي سھيڙيل ’شاھ جي رسالن‘ ۾ ’اکروٽ‘ ۽’اکڙوٽ‘ لکيل آھي. جنھن کي عام طور تي اسان ’اخروٽ‘ پڻ چوندا آھيون.
آکُون يا اکروٽ، ھڪ ميويدار وڻ آھي، جيڪو سمنڊ جي سطح کان گهٽ ۾ گهٽ ٽي ھزار فوٽ اوچائيءَ وارن ٿڌن علائقن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾، ھي وڻ، مري، خيبرپختونخواھ جي مختلف ضلعن جھڙوڪ: مالاڪنڊ، چترال، سوات، اپردير، ڪوهستان ۽ شانگلا جي علائقن ۾، عام جام ٿئي ٿو. ان سان گڏوگڏ بلوچستان جي مختلف ضلعن جھڙوڪ: ڪوئٽا، زيارت ۽ پشين ۾، پڻ آکون يا اکروٽ جو وڻ ٿئي ٿو. انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”اکڙوٽ جو وڻ 65 فوٽ کن اوچو ٿيندو آھي.“
(سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص:233)
ھن وڻ جا پَنَ، چيڪوءَ جي پنن جھڙا، پر انهن کان ٿورا ڊگها ٿين ٿا. ھي وڻ چئن يا پنجن سالن جي ڄمار کان پوءِ ڦَرُ جهلي ٿو. جيڪو خشڪ ميون ۾ شمار ٿئي ٿو. اکروٽ صحت جي لاءِ، نھايت ئي ڪارائتو سڪل ميوو آھي، ھي دماغ ۽ دل کي تازو ۽ توانو رکڻ ۾ مددگار ثابت ٿئي ٿو، جڏهن تہ، پيٽ، جيري، دل ۽ بُڪين جي بيمارين لاءِ پڻ فائديمند ھوندو آھي. اکروٽ مارچ جي مھيني ۾ ٻُور جهليندو آھي ۽ جولائيءَ جي پڇاڙيءَ تائين، ان جو ڦَرُ پچي تيار ٿيندو آھي. ھن جو ھڪ وڻ، سراسري طور سئو کان ٽي سئو ڪلو ميوو ڏيئي ٿو.
اکروٽ جو ڪاٺ عمارت سازيءَ ۽ فرنيچر ٺاھڻ جي ڪم اچي ٿو. جڏهن تہ ان جي ڪاٺيءَ جو ڇوڏو مُساڳ طور ڏندن صاف ڪرڻ لاءِ، پڻ ڪم ايندو آھي. شاھ لطيف، ھن وڻ جو ذڪر ھن ريت ڪيوآھي.
آکُون، ڊاکُون، سِرکَنڊ شاخُون، جِتِ چوکا چَندنَ ڪَؤنَر،
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنَر،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنَر، ڪاھهِ تَھ پَسُون ڪاڪِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد،2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 12، ص:522)
اَڪُ:
اَڪُ، گهڻي ڀاڱي سڄيءَ سنڌ ۾ ٿئي ٿو. ھن جا پن، پان جي پنن جھڙا پر ٿورو ٿلهيرڙا ٿين، اَڪُ چوٽيءَ تي اڇڙي ھلڪي سائي ۽ ھلڪي واڱڻائي رنگ جون ڦلڙيون جهلي ٿو، جنھن ۾ انبڙين جھڙو سائو ميوو ٿئي ٿو. اَڪُ جو ٻوٽو چئن فوٽن کان وٺي ڏهن ٻارهن فوٽن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ٿر ۾ عام جام ٿئي، بئراجي علائقن ۾ اڪثر ٻنين جي ٻنن، ڪانجهڻين ۽ نَين جي ڪنڌين، نرم ڀٽن توڙي پوسل پوٺن ۾ ٿئي ٿو. وڏي اڪ جو ٿڙ ٿولھ ۾ عام ڪرڙ جي ٿولھ جيترو ٿئي ٿو. ڪاٺي نرم ۽ کل جي اندران کير جھڙي اڇي پاڻياٺ ٿئيس. ٿڙ جي چوٽيءَ جو رنگ ھيڊاڻ مائل ٿئي، سنهين ٽارين جي کل سائي ٿئي، جنھن جي سڪڻ کان پوءِ ان جي کل اندران پشم جھڙي ڏوري نڪرندي آھي، جنھن کي ڏاس جيان وٽي ڪم آندو ويندو آھي، جيڪا سولائيءَ سان ڇڄي نہ سگهندي آھي. شاھ لطيف، ’اَڪَ‘ جو ذڪر ’سُر کنڀات‘ ۽ ’سُر ڏهر‘ ۾ ڪيو آھي:
چانگي چَئِي چُڪِياسِ، مَٿاءَ اَڪَ نہ اُلَهٖي،
جنھن وَلِ گهڻا وِهاٽِيا، اُنَ سين آرِ لَڳِيَاسِ،
چوڌارِي چَندَنَ وَڻَ، پَچِي پُوجِ پِياس،
راڙيٖ رَتُ ڪِياسِ، ھِنَ ڪُڌاتُوريٖ ڪَرَهٖي!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 37، ص: 146)
سَچُ ڪِ سُڪو ڍورُ، ڪَنڌِيءَ اَڪَ ڦُلاريا،
جُنگَنِ ڇَڏِيو زورُ، سَرَ سُڪا، سُونگِي گيا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 7، ص: 869)
اَڪ جي ڦلي ۽ ڇڻيل سڪل پَن ٻاڪرو مال شوق سان کائي. اڪ جي ڦلي اڪثر ٻاھران اڇي ۽ اندران واڱڻائي رنگ جي ٿئي. اڪ جي ڦليءَ کي ٿري ماڻهو ’اڪ يا ڏيا‘ بہ سڏين. اڪ جي ڦليءَ مان انبڙيءَ جھڙو ميوو پيدا ٿئي، ان جي اندر وري ڪپھ جھڙيون نرم تندون ٿين، جن جي پويان ھڪ ننڍو ۽ وزن ۾ ھلڪو ٻج ٿئي. ڌنار اڪ جون سنهيون ڪاٺيون وڍي ان مان مال جي وٿاڻ جا در ٺاھين، ان کي سنهي رسيءَ جا چيلھڪ ھڻي پَتَر ٺاھين، ٻاھران ڍنگر ڏيئي مال واڙي ڇڏين.
اڪ جي ڪاٺي سڪڻ کان پوءِ ھلڪي ٿئي ٿي. سڪڻ کان پوءِ ڳڀ ختم ٿي وڃيس تہ ڪاٺيءَ جي وچ ۾ ھڪ ٽُنگ ٿي پوي ٿو. جنھن ۾ اڪثر ڪري ڀؤنر گهر ٺاھيندا آھن. اڪ بابت گهڻيون ئي چوڻيون مشھور آھن: سولي ڪم کي ’اڪ مان ماکي لاھڻ‘ چون، جوکائتي ڪم کي ’اڪ سان اک اگهڻ‘ چون، ڇاڪاڻ تہ اڪ مان نڪرندڙ اڇي کير جھڙي پاڻياٺ اک لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿي. اڪ تي ھڪ سائي رنگ جو چٽڪمرو جيت ويھي ۽ اڪ جو رس چوسي ان کي ’اڪ مڪڙ‘ چون. اڪ جو پن توڙي ڦلڙي ڪساري ٿئي ٿي، تنھن ڪري ٻڪريءَ کان سواءِ ٻيو جانور ڪونہ کائيس. اڪ جو کير حڪمت ۾ ڪم ايندو آھي. ان کان علاوہ جنھن زمين تي آبادي نہ ڪبي، يعني ھر ڦار، پاڻي واري نہ ڏبو تہ اھا زمين خشڪ ٿي ويندي، ڪجهہ وقت کان پوءِ اتي اَڪَ پيدا ٿيندا، اھا علامت آھي زمين کرڻ جي.
انب / آمو:
انب، ھڪ ميوو آھي، جنھن جي وڻ کي بہ ساڳئي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. انب کي سنڌيءَ ۾ ’آمو‘ بہ چون، جڏهن تہ عربيءَ ۾، ’أَنْبَج‘ ۽ فارسيءَ ۾، ’انبہ‘ جي نالي سان ڪوٺيو وڃي ٿو.
محمد خان جروار، پنھنجي ڪتاب، ’زرعي سائنس‘ ۾، انب بابت لکي ٿو: ”سائنسي نالو اٿس’Mangifera Indica‘، انب جو اصل وطن ڏکڻ اوڀر ايشيا جا علائقا جھڙوڪ: ڀارت جو آسام يا برما يا ملايا وغيرہ آھي، پر ان جي صحيح نموني اوسر برصغير ھند ۽ پاڪ ۾ ٿي آھي.“
(جروار، 2011ع، ص: 97-296)
ھن وقت، انب پيدا ڪرڻ ۾، ڀارت پھرئين ۽ پاڪستان چوٿين نمبر تي وڏا پيداواري ملڪ ڳڻيا وڃن ٿا. انب ھن خطي ۾ ڪڏهن کان پيدا ٿيو؟ تنھن بابت ڪا پڪي ثابتي تہ نہ ملي سگهي آھي، پر فتح الله صديقي، پنھنجي کوجنا جي آڌار تي ان نتيجي تي پھچي ٿو: ”انب، سنڌ جي ميون جو بادشاھ، جنھن جي ننڍي کنڊ جي اڪثر ملڪن، جھڙوڪ ڀارت، پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ اٽڪل 6 ھزار سالن کان پوک ٿي رهي آھي.“
(صديقي، 2005ع ص: 576 )
پاڪستان ۾ انب جا ڪُل 296 قسم ٿين ٿا. پر سڀنيءَ کان وڌيڪ مشھور مٺا ۽ مھانگا، سنڌ جا سنڌڙي انب ۽ پنجاب جو چوسو آھن. سنڌ ۾، ٻئي نمبر تي، بينگن پلي بہ پنھنجو مٽ پاڻ آھي. ان کان سواءِ سرولي، دسهڙي، انور رٽول، پاڇاٽي، سوارنيڪا، لنگڙو، گلاب خاص، فجري، طوطا پوري، نيلم، زعفراني ۽ ٻيون جنسون بہ اھميت رکن ٿيون.
سنڌ ۾، حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، نواب شاھ ۽ بدين جا ضلعا، انبن جي پيداوار ڪري مشھور آھن، جڏهن تہ ٻين ضلعن ۾، پڻ انب جي ٿوري گهڻي پيداوار ٿئي ٿي. انب جي ديسي نسلن جي ميوي ۾ ڄارو ٿئي ٿو پر قلمي انبن جي اھا خاصيت آھي تہ انهن ۾ ڄارو ۽ ريشو ڪونہ ٿئي.
انب جو وڻ 15 کان 20 فوٽ اوچو ٿيندو آھي ۽ ان جي عمر بہ گهڻي ٿيندي آھي. سنڌي انسائڪلوپيڊيا موجب: ”انب جو وڻ 60 سالن تائين ميوو ڏيندو رهندو آھي.“
(صديقي، 2005ع، ص: 576)
انب جا وڻ، 35 کان 40 فوٽ جي مفاصلي تي پوکيا ويندا ھئا، پر موجودہ وقت ۾، وڻن کي ويجهو ڪري پوکڻ جو رواج وڌي رهيو آھي. ان سان ٿوري وقت ۾، گهڻي پيداوار ملي ٿي. پر ساڳئي وقت اڳتي ھلي گهاٽن وڻن کي ڇڊو ڪرڻو پوي ٿو.
انبن جو چڪيون، بھار يعني فيبروري کان مارچ يا وري آگسٽ کان آڪٽوبر تائين، پوکيون وينديون آھن. سياري ۾ ننڍن وڻن کي ڍڪيو ويندو آھي ۽ اونھاري ۾ تڪڙو پاڻي ڏنو ويندو آھي. انب جو وڻ لڳ ڀڳ پنجن سالن جي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو ميوو جهليندو آھي. انب جو ڪچو ميوو سائي رنگ جو ٿئي، جنھن کي ’انبڙي‘ سڏبو آھي، ھيءَ سانڌاڻي، چٽڻيءَ ۽ ڀاڄين ۾ استعمال ٿيندي آھي.
انب ھڪ مڪمل غذا آھي. ھن ۾، وٽامن’C‘ ڪافي مقدار ۾ ٿئي ٿي. ”طبيبن موجب، انب جا طبي فائدا بہ آھن. انب دل، دماغ ۽ مادي کي طاقت ڏيئي ٿو. جسماني قوت کي وڌائي ٿو، بدن کي ٿلهو ڪري ٿو ۽ پيشاب جاري ڪري ٿو. انب جو آچار بہ طبعي لحاظ کان فائدي مند آھي. انب کائڻ سان آنڊن، بڪين ۽ مثاني ۾ قوت پيدا ٿئي ٿي. منھن جو رنگ کلي پوي ٿو. انب جي ککڙي جو پِتو تاثير ۾ ٿڌو ۽ خشڪ ٿئي ٿو، جيڪو مٺي پيشابن لاءِ مفيد آھي.“
( سنڌيانا، 2009ع، ص: 285(
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، انب يا آمو جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي.
آما لِيما، ڦُلَ ڦاروُها، ڳاڱا، راڱا جتي،
شاھواڻي، غلام محمد،2005ع، ’شاھ جو رسالو‘ سُر حسيني، داستان ڏهون، وائي ٻي، ڇاپو ٻيو، ص: 478)
ٻُوھ:
ٻُوھ سنہڙين شاخن وارو ھڪ ٻوٽو آھي، جيڪو لڳ ڀڳ فوٽ کان وٺي ساڍن ٽن، چئن فوٽن جي ڊيگھ تائين ٿئي ٿو. ھي ٻوٽو ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان واري پاسي مينھن وسڻ کان پوءِ، ججهي تعداد ۾ ٿئي ٿو.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ ھن ٻوٽي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻَيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھَاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئَان،
اُٺَا مينھن مَلِيرَ ۾، ٽَھڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئَا، راتِ مُنہنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچَارِي مُوھَ.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان پھريون، وائي، ص: 383)
ھن ٻوٽي ۾ توت جھڙا اڇي رنگ جا ڇڳي جي صورت ۾ سنگ ٿيندا آھن، جن کي ’ٻوھ‘ چئبو آھي. اھو سنگ پچي بنھ پشم جھڙو نرم ٿي پوندو آھي، پوءِ ٻهراڙيءَ جا ماڻهو اھي سنگ روڙي ڪپڙي جي وهاڻن ۾ ڀريندا آھن. ٻُوھ سان ڀريل وهاڻا ڏاڍا نرم ۽ آرام وارا ھوندا آھن. ٻوھ جو ٻج ڪارو ۽ ننڍو بيضوي شڪل جو ھوندو آھي، جو سنگ اندر ججهي تعداد ۾ ٿئي ٿو. ٻُوھ جو ٻوٽو ٻين ٻوٽن کان ساواڻ بدران اڇاڻ مائل ٿئي ۽ ان جا پن ٻہ انچ کن ڊگها ٿين. زمين ۾ ھڪ پاڙ ڪلي وانگر ھڻندو آھي. ھي ٻوٽو خشڪ ساليءَ ۾ سڪي سڙي ويندو آھي ۽ مينھن پوڻ کان پوءِ، وري ڦٽي پوندو آھي.
ٻير:
ٻير جو وڻ سنڌ جي مڙني ڀاڱن ۽ جابلو پٽيءَ توڙي ٿر ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ خوبصورت ۽ فائديمند وڻ آھي. جابلو علائقي ۾ ’ڄانڱري ٻير‘ ٿئي، جنھن جو قد ننڍو ۽ ٻير بہ ننڍو ٿئي، جنھن کي ’ڄانڱري‘ يا ’ڇاپرو ٻير‘ چئبو آھي. ٿر واري پاسي ٻير جو وڻ ننڍو ٿئي، جنھن کي بہ ’ڄانڱري ٻير‘ چئبو آھي. ھيءَ ٻير ايڪڙ ٻيڪڙ ڏهرن جي سخت زمين ۾ ٿئي. ڪي ڪي ٻير جا وڻ يڪي ٿڙ سان ٿين تہ ڪن ۾ پاسن کان ٽاريون نڪري زمين سان بيھنديون آھن ۽ پوءِ وڌي وڏيون ٿي جهڳٽو ٺاھي بيھنديون آھن. ھن وڻ جا بہ ٻہ ٽي قسم ٿيندا آھن، جيئن: ’ڇاپرو‘، ’ليڙهي‘، ’صوفي‘ ۽ ’واڙول‘ وغيرہ.
شاھ لطيف، ھن وڻ جو ذڪر، سُر مارئيءَ جي ھيٺين وائيءَ ۾ ڪيو آھي:
کارا کَٻَڙَ کُوھَ، ٻَيرِيُون ۽ ٻُوھَ،
ھَاڻِ آئُون سيئِي ويٺِي سارِئَان،
اُٺَا مينھن مَلِيرَ ۾، ٽَھڪِي اُڀا ٽُوھَ،
سُتِي سَڄَڻَ سارِئَا، راتِ مُنہنجي رُوحَ،
ھَلَنِ ھيلُون ٻَڌَنِ ٻيلُون، مُندَ موچَارِي مُوھَ.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئون، سُر مارئي، داستان پھريون، وائي، ص: 383)
ٻيرين جي ميوي کي ’ٻير‘ چئبو آھي، جيڪو ڪچو ھجڻ مهل سائو ۽ پچڻ کان پوءِ ڳاڙهو ۽ مٺو ٿئي. ’ٻير‘ ۾ اڇي رنگ جو ٻوُر ٿيندو آھي، جن مان پھريائين سائي رنگ جا ٻير ٿيندا آھن، جنھن کي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ’ڪڪڙيون‘ يا ’آنڊھر‘ چوندا آھن. ڪجهہ وڏا ٿيندا تہ رنگ پِيلو ٿي پوندو اٿن، جن کي ’آنٻوهيل‘ چون، انهن جو ذائقو کٽيرو ٿيندو آھي. ان کان پوءِ پچندا آھن تڏهن رنگ ڳاڙهو ۽ ذائقو مٺو ٿي پوندو اٿن. انهن کي ’اگريل‘ ٻير چون. اھي سنڌي ٻيرن کان ننڍا ٿيندا آھن.
ٿر جي ٻيرين جي ڪاٺي گهڻي ڪارائتي آھي. ان جا ٿلها بُنڊ ڪونہ ٿين، پر تڏهن بہ ڪاٺي ڪجهہ ٿلهيري ٿيندي آھي، جنھن مان پاکڙن ۽ جنڊن ٺاھڻ سواءِ، کٽن جون ايسون ۽ اُپرا، جاين لاءِ ڪايا ۽ ٻيو گھرو سامان ٺاھيو وڃي ٿو. ماڻهو ٻنين ۾ بيٺل ٻيرين کي وڍي، ٽي ڏينھن سڪائين، ان کان پوءِ پن ڇڻيو پون، باقي ڍنگهر وڃيو بچن. ڇڻيل پنن کي ’پلو‘ چون، ڍنگهرن سان گهرن جا لوڙها ٺاھين، جيڪي بلڪل مضبوط ٿيندا آھن. ٻير جي ٽارين ۾ تيز ڊگهيرا ڪنڊا ٿيندا آھن، جنھن ڪري لوڙهي ۾ ھئڻ ڪري چورچڪار جي مَٽڻ جو ڪوبہ انديشو نہ رهندو آھي. رات جو سمهڻ وقت دروازي تي ڪونڀٽ جو ڏار وڍي ڏيئي ڇڏين، صبح جو اٿي لاھين جنھن کي ’کڙاھ‘ چون.
ٿوهر:
ٿوهر، ٿر ۽ سڄي ڪوهستاني پٽيءَ جو ھڪ قسم جو زھريلو ٻوٽو آھي. ھن ٻوٽي جو ذڪر شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ڪجهہ بيتن ۾ ڪيو آھي. نموني طور ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
کُوهَرَ، ٿُوهَرَ، ٿَرَ، جِتِ ساٺِيڪا ۽ سَٽِيُون،
چارِنِ اُتِ چاھَ مَنجھا، پاسٖي ڦوڳَنِ ڦَرَ،
ڪِنءَ لهندَمِ ڪَرَ؟ جِن مارُو پاڻَ اَپارِيا.
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر(1985ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 16، ص:567)
ٿوهر، زمين مان ٿلهين ڏانڊين جي صورت ۾ نڪرندو آھي، جنھن ۾ چُهنبيارا ڪنڊا ھوندا آھن، پوءِ ان جو جهڳٽو بڻجي ويندو آھي، جڏهن وڏو ٿيندو آھي تہ ڦوٽھڙي واري مند ۾ ڏانڊين جي مٿينءَ حصي ۾، دل جي شڪل جھڙا ٿلها پن جهليندو آھي.
ٿوهر جي ڪچي گونچ يا شول کي ’ڳرو‘ چئجي، جو گرمين جي موسم ۾ ڦٽي، مٿين چوٽيءَ ۾ ڳاڙها ڦل جهلي، جن کي پمبر يا پنير چئجي ٿو، جنھن مان ٽڪنڊو منڌيئڙو نڪري جڏهن پچي تہ پاڻمرادو کلي ۽ ڇڻي وڃي ٿو. ٿوهر جو ٻج ميٽو ڪار سرو ٿئي ٿو. ٻج ننڍي بيضوي شڪل جو ٿئي، جيڪو پکي چاھ سان چُڳن. ٿوهر وڍڻ سان اڇي کير جھڙي پاڻياٺ نڪرندي آھي جا ڪساري ھوندي آھي. اھو ٿوهر جو کير مال جي اکين لاءِ نقصانڪار ٿئي ٿو، جڏهن تہ حڪيم ان کي ڪيترن ئي بيمارين لاءِ مفيد سمجهن ٿا. سڪل ٿوهر کي باھ سولائيءَ سان لڳي، ايئن ڄڻ تيل کي باھ لڳي. ڇپر جا ماڻهو ڪو وهٽ يا ڌڻ وڃائين ۽ ڳولائو ٿين، تہ مال لڀڻ جي صورت ۾ ساٿين کي اطلاع ڏيڻ لاءِ سڪل ٿوهر کي باھ ڏين. باھ جو دونہون ڏسي ڳولائو سمجهيو وڃن، تہ مال ملي ويو آھي. ڪو بہ چوپايو ٻئي ڪنھن پهروءَ کي پيٽ ۾ سڱ ھڻي، ٽُنگ ڪري وجهي تہ ان کي ’ڇيڄ‘ چون. ڇيڄ مان آنڊا نڪريو پون، پوءِ مالوند ماڻهو، ان ھنڌان کل جا وار ڪتري، اتي ٿوهر جو کير ھڻن تہ ان ھنڌ جي کل سڪي ڇڪجي ويندي آھي ۽ ڇيڄ ختم ٿي ويندو آھي.
ٽُوه:
ٽوھ، ھڪ قسم جي جهنگلي ول جو ڦر آھي. ٽوھ جي ول ڇانہينءَ/هنداڻي يا گدري جي ول وانگر پٽ تي پکڙجي ويندي آھي. ول جا پن ڇانھينءَ جھڙا پر ننڍا ٿين. شاھ لطيف، ٽوھ جو ذڪر سُر ڪلياڻ ۽ سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي.
مَ ڪَرِ سَڌَ سَريٖ جِي، جي تون ٽارِيـيٖن ٽوھ،
پِيتٖي جنھن پاسي ٿِئـٖي، منجھان رَڳُن رُوحُ،
ڪاٽي چَکُ ڪَڪُوههُ، لاھي سِرُ لَطيفُ چـٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 24، ص: 76)
ھيءَ وارياسن ۽ نرم ڀٽن ۾ مورڻ واري ھڪ ول آھي، ان جي ميوي کي ’ٽوھ‘ چئجي ٿو، جيڪو ننڍي گدري جيڏو ۽ جھڙو ٿئي. ٽوھ ڏسڻ ۾ تہ خوبصورت پر کائڻ ۾ ڪڙو ھوندو آھي. ان ڪري سنڌي ۾ چوندا آھن تہ ’سهڻا ٽوھ بہ گهڻا پر پٽن تي پيا آھن.‘
ٽوھ، ڪچو ھجي تہ سائي رنگ جو ٿئي، پچي تہ ھيڊو ٿي وڃي. ذائقي ۾ ڪڙو ٿئي. مارو/ماڻهو خشڪ ساليءَ جي مند ۾ ٽوهن جا سُڪل ڳترا ڪري مال کي چارين. ٽوھ جي ول مضبوط ٿئي، ان ڪري گرمين جي لُڪن ۾ جڏهن ريج سڪيو وڃي ۽ برسات نہ پوي تہ پوءِ سڪي ويندي آھي. ول مڪمل ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ بہ ٽوھ پٽن ۾ پيل نظر ايندا آھن. ھڪ عام ٽوھ جي ول ويھارو کن ٽوھ جهلي، ٽوھ جي پاڙ تمام ڪڙي ھجڻ باوجود ڏندڻ طور ڪم اچي. چوندا آھن تہ ٽوھ جي پاڙ جو ڏندڻ ڪرڻ ڏندن لاءِ تمام فائديمند ٿئي. ڏندن کي ڪڏهن بيماري نہ لڳندي. ٽوھ حڪمت ۾ پڻ ڪم ايندو آھي.
پاٻوڙو / پٻُڻ:
پٻڻ جي ميوي کي ’پاٻوڙو‘ چوندا آھن، پٻڻ، جيڪا ھڪ آبي ول آھي. ان جا پن وڏا ۽ ويڪرا ٿيندا آھن، جيڪي پاڻيءَ مٿان اُن کي ڍڪي ڇڏيندا آھن. اھا ول اڪثر ڍنڍن، کڏن، کوٻن ۽ تلائن جي بيٺل پاڻي ۾ ٿيندي آھي. پٻڻ جي گل کي ڪنول ۽ نيلوفر چيو ويندو آھي. ڪجهہ وقت کان پوءِ ان گل جي جاءِ تي سائي رنگ ۾، مخروطي شڪل جو ميوو ٺھندو آھي، جنھن کي ’پاٻوڙو‘ چوندا آھن. پٻڻ جي پنن کي انگ ڍڪڻ لاءِ استعمال جو اھڃاڻ ھن بيت مان ملي ٿو:
گَندَ جنِ جِي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنِين جِي اوطاقَ، راجا رِيجھِي آئِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 13، ص:622)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي مقالي، ’پاڻيءَ جي وَلين ۽ ٻُوڙن جو ڏُٿُ‘ ۾، پٻڻ جي گل مان پيدا ٿيل ميوي کي پاٻوڙو ڄاڻائيندي لکي ٿو: ” پنن وچان ڏانڍي مٿي اچي، جنھن جي چوٽيءَ ۾ سهڻو سرهو گل ٿئي، جيڪو ’پٻڻ جو گل‘ يا گل نيلوفر سڏجي ۽ دوائن ۾ ڪم اچي ان گل مان پوءِ پاٻوڙو ٿئي، جيڪو پٻڻ جي ٻجن جو ڪُپو آھي، ان ۾ پھريائين ساوا ٻج ٿين، جيڪي ڪچا کائجن ۽ پوءِ جڏهن پچي ڪارا ٿين تہ ڏوڏا چئجن ۽ مٿين کل لاھي کائجن.“
(بلوچ، 2012ع، ص: 420 - 421)
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ پاٻوڙي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
پاٻوڙو پيشِ ڪِيو، نَئُون نُورِيءَ نيئِي،
حاضُرُ ھُيُون ھَڪِيُون، سَمِيُون سَڀِيِئي،
نَوازي نيئِي، گاڏي چاڙهي گَندِرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 19، ص:623)
پانُ:
ھيءَ ھڪڙي قسم جي ول آھي، جنھن جا پن ساوا، موڪرا ۽ بيضوي شڪل جا ۽ نازڪڙا ٿيندا آھن. پنن جي وچ ۾ ٿلهي نَس ھوندي آھي، جيڪا پن جي ڏانڊيءَ کان شروع ٿي، پن جي آخري چھنبدار ڇيڙي تائين وڌيل ھوندي آھي. ان مان ننڍيون ننڍيون ٻيون ڪيتريون ئي نسون نڪرن ٿيون، جيڪي سڄي پن ۾ پکڙيل ھونديون آھن. پن جو مٿيون پاسو لسو ۽ چمڪدار ھوندو آھي ۽ ان جي ھيٺئين پاسي نسون اڀريل ھونديون آھن. ھيءَ ول اڇي رنگ جا گل جهليندي آھي. ھن ول جا پن چُن ۽ ڪٿو ھڻي سوپاريون وجهي کائبا آھن. ھيءَ ول گرمي برداشت نہ ڪري سگهندي آھي، تنھن ڪري ان ھي مٿان ڇانوَ ڪرڻ ضروري آھي. سنڌ ۾ ڳاڙهي ۽ ٻين علائقن ۾ پانُ جو فصل ٿيندو آھي. اڳوڻي دؤر ۾ بنگال ۽ ھندستان ۾ پر ھاڻي پاڪستان ۾ بہ ماڻهو، اُن ۾ سوپاريون، تماڪ ۽ گُلقند وغيرہ وجهي کائيندا آھن.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’پان‘ جو ذڪر سائي چهچ رنگ جي ڪري ڪيو آھي.
جھڙا پانَنِ پَنَ، تِھڙِيُون سالُون مَٿِنِ سائُيون،
عَطُر ۽ عَبِيرَ سين، تازا ڪِيائُون تَن،
مَڙِهيا گهڻُو مُشڪَ سين، چوٽا ساڻُ چَندَن،
سُونہن رُپـٖي سونَ سين، سَندا ڪامَڻِ ڪَنّ،
ڪِيائِين لالُ لَطِيفُ چي، وَڏا ويسَ وَرَنّ،
مَنجھه مَرَڪِيُس مَن، ”سوڍي سين سَڱُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 524)
پِپُون:
پِپُون، ڏٿ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو کاڌي ۾ استعمال ٿيندو آھي. ان کي ٿري ماڻهو ’پپُون‘ ۽ ڪوهستان واري پاسي ’کٽالي‘ چون ٿا. ھي ٻوٽو وسڪاري کان پوءِ اڪثر ڪرڙن، ڄارين، مرٽن، ڦوڳن ۽ ٻيرين جي ڀرپاسن ۾ فوٽ کن جي ڊيگھ سان پيدا ٿيندو آھي.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، ھن جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:
ٿاجا ٿَرَ بَرَ جهلَ، پِپُون پائُرَ وَٽِ ۾،
سيئِي سارِيو سُومَرا! اَچي آبَ اُڇَلَ،
سانبِيَن ڏِنَمِ سَلَ، ڏِٺـٖي جَنِ ڏينھن ٿِيا!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 13، ص: 595)
’کٽاليون‘ يا ’پِپُون‘ سائي رنگ جي ڦرين وانگر ٿينديون آھن، پچڻ کان اڳ چوٽيءَ تي واڱڻائي گل ڪڍنديون آھن، جن ۾ ٻج ٿيندو آھي. ھي کائڻ ۾ کٽيون ھونديون آھن، پر يارهين ٻارهين بجي کان پوءِ کائڻ ۾ ڪساريون لڳنديون آھن. مٿان سڪي وڃڻ کان پوءِ، زمين ۾ رهيل پاڙ سائي ھوندي اٿن، جنھن کي ٿر جا ماڻهو ’سيٽ‘ چون، جيڪي برسات پوڻ کان پوءِ ستت ئي سايون ٿي پِپُن جي صورت ۾ ظاھر ٿينديون آھن. ٿري ماڻهو مليري/مريڙي توڙي کنڀين/ڦنگين ۾ کٽاڻ لاءِ پپون وجھن. پِپُن جي ڀاڄي کٽڙي ۽ سوادي ٿيندي آھي.
چِڀڙ:
چڀڙ، زمين تي پکڙجندڙ ھڪ ول ٿيندي آھي، جا برسات کان پوءِ مورندي آھي، جنھن جا ڇانھين/هنداڻي جھڙا، پر ننڍڙا پن ٿيندا آھن.
شاھ لطيف، ھن جو ذڪر ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊِيا، ڪِي اوهيڙَنِ اوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَننِ ۾، مينھون چَرنِ موڪَ،
سَرَهِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون، پويو پائِن طوقَ،
ميھا، چڀڙ ڦُنگيُون، جِتِ ٿِيَنِ سڀَئِي ٿوڪَ،
لاھِييٖن مَٿان لوڪَ، ڏولائـٖي جا ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 694)
چڀڙ جي ول، ننڍا پِيلا گل جهليندي آھي، جن مان ننڍڙو سائي رنگ جو بيضوي شڪل جو ميوو پيدا ٿيندو آھي، جنھن کي ’چڀڙ‘ چوندا آھن. چڀڙ ٻہ انچ قطر ۾ ڊگهو ۽ ھڪ انچ قطر ۾ ويڪرو گول ھوندو آھي. ھي جڏهن سائي رنگ جو ھوندو آھي تہ ڪڙسرو ھوندو آھي، پر جڏهن ھيڊ سرو ٿيندو تہ پوءِ کٽو مٺو ھوندو آھي. مارو ماڻهو چڀڙ شوق سان کائيندا آھن. ھيڊاڻ مائل پڪسرن چڀڙن کي مارو ماڻهو رڌي بہ کائين، ۽ کٽاڻ واسطي سُڪائي بہ رکندا آھن، پوءِ آمري وغيرہ جي بدران چڀڙن جي کٽاڻ استعمال ڪندا آھن، جن کي ’ڪوڪلا‘ ۽ ’ڪچريون‘ چوندا آھن.
چنبيلي:
چنبيلي، ھڪ ٻوٽي ۽ گل جو نالو آھي، جنھن جي گل جي خوشبوءِ تمام وڻندڙ ھوندي آھي. ھن جا پن ننڍا ۽ ڊگها ٿيندا آھن ۽ گل اڇي رنگ جو ٿئي ٿو. چنبيليءَ کي عربي ٻوليءَ ۾، ’ياسمين‘، ’زينبق‘، سنسڪرت ۾، ’چيٽاڪي‘، ’جينيشيا‘، بنگاليءَ ۾، ’چاملي‘، پنجابيءَ ۾، ’چنبا‘ ۽ انگريزيءَ ۾` Jasmin `چون ٿا. ھن جو رس تيل ۾ ملائيندا آھن تہ تيل خوشبودار ٿيندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾،’چنبيليءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿَن ويسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ھا ھا ھو ھَميش،
پَسِيو سُونہن سَيّدُ چي، نينہن اَچَنِ نيٖش،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 524)
چندن:
چندن، وڻ جو ھڪ قسم آھي، جنھن جي ڪاٺي خوشبودار ٿئي ٿي. ھن کي ’صندل‘ يا ’سِرکنڊ‘ پڻ چوندا آھن. ماضيءَ ۾، سنڌ ۾ چندن جو وڏو واپار ٿيندو ھو. ھن وڻ کي مختلف ٻولين جي شاعريءَ ۾ خاص اھميت حاصل رهي آھي. حڪمت جا ماھر ’صندل‘ جو شربت خميرو ۽ سفوف بہ ٺاھيندا آھن، جيڪو مختلف بيمارين ۾ ڪتب ايندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام جي مختلف سُرن ۾، ’چندن‘ جو ذڪر ڪيو آھي، پر سُر مومل راڻي ۾ خاص طور تي چندن جو تمام گهڻو ذڪر ٿيل آھي. راڻو پنھنجي اُٺ کي، ھر ھر ايلاز پيو ڪري تہ مون کي مومل سان ملاءِ، تہ جيئن آءٌ سندس ديدار ڪيان، انہيءَ جي بدلي آءٌ توکي چندن جون ٽاريون چاريندس.
راتِ سھائِي، ڀُون سَنئِين، ڀائِي! گهرجي ڀَل،
اَھُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَري چَلُ،
مُون توهين سين ڳالهڙي، ٻِئـٖي ڪنہين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪندو ھَلُ، تہ کِجايُون کَرَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 6، ص: 132)
چيھو:
سنڌ ۾ مينھن وسندو آھي تہ طرحين طرحين جا ٻوٽا اُڀرندا آھن، پر سڀ کان پھرين ’چيھو‘ مورجندو آھي. ھي ھڪ قسم جو گاھ آھي. چيھي جو ٻوٽو، ڪَلُ جي ٻوٽي جھڙو ٿئي ٿو. ڳائو، ماھيو ۽ ريڍو مال، چيھو وڏي چاھ سان چرندو آھي. جيڪو مال چيھي ۾ وات ھڻي تہ ان جو وات ڳاڙهو ٿي ويندو آھي. چيھي جو ٻوٽو اٽڪل ٻہ فوٽ ڊگهو ٿئي ٿو، پن ڊگها ۽ ٽڪنڊا ٿيندا اٿس. چوٽيءَ ۾ گلن جو ڇڳو جهليندو آھي، جو ڪڻڪ جي سنگ جھڙو پر ننڍو ٿيندو آھي. ھن گاھ جو سنگ اڇو ۽ ڦانگهن وارو ٿئي ٿو.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’چيھي‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
منہنجو تُورُ تَلِن ۾، چيھا ٿو چاري،
ڍائِي ڍَٽَ ڌاري، آھيم اُٺـٖي مِينہڙيٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 19، ص: 569)
ڊاک / انگور:
ڊاک يا انگور ھڪ ميوو آھي، جيڪو ول ۾ ٿيندو آھي ھن جي پوک قلم وسيلي ٿيندي آھي، بھار جي مُند ۾، قلم ڪٽي، تيار ڪري زمين ۾، لڳايا ويندا آھن، جيڪي مھيني کن کان پوءِ، ڦُٽڻ لڳندا آھن.
انگور جي وَلِ سال جي ڄمار ۾، ميوو جهليندي آھي ۽ سُٺي سارسنڀال لهڻ جي ڪري، ڏهن سالن تائين ميوو ڏيندي رهي ٿي. قلم لڳائڻ کان، ٻارهن مھينا پوءِ، فيبروري يا مارچ ۾، وَلِ جي ڇانگ ڪبي آھي. جنھن سان ول ۾ نيون ٽاريون ۽ پن ڦُٽندا آھن، جيڪي ٻُور ۽ ميوو جهلينديون آھن، جيڪو جون ۽ جولائي تائين پچي تيار ٿيندو آھي.
عام طور تي، سمنڊ جي سطح کان، ڇھ ھزار فوٽ اوچائيءَ وارن علائقن کي، انگور جي فصل جي لاءِ، بهترين سمجهيو ويندو آھي پر اھڙن علائقن ۾، پڻ انگور جي پوک ٿي سگهي ٿي، جتي، برساتون گهٽ پونديون ھجن ۽ ھوا ۾ گهڻي گهم نہ ھجي.
انگور يا ڊاک جا ڪيترائي قسم آھن، جن ۾ ٿامسن، ريڊ گلوب، ڪارڊينل ۽ ڪرمسن، گهڻو مشھور آھن. انگور يا ڊاک جو ميوو سائو، ڳاڙهسرو ۽ ڪارو ھوندو آھي.
دنيا ۾ انگور يا ڊاک جي سڀني کان وڌيڪ پيداوار آمريڪا، ڪئناڊا، چين، اٽلي ۽ فرانس ۾ ٿيندي آھي، پاڪستان ۾، ھي فصل بلوچستان ۾ وڌيڪ ٿئي ٿو، جتي ڪوئٽا، قلات، پشين ۽ پنجگور ۾ ڊاک جي وَلِ تمام گهڻي مقدار ۾ پوکي ويندي آھي، ان کان سواءِ خيبر پختونخواھ، پنجاب ۽ خاص طور ڏکڻ پنجاب ۾ ڊاک جو فصل تمام سٺو ٿئي ٿو. سنڌ ۾ ميرپورخاص ۽ ٻين ڪن علائقن ۾، انگور جي پوک ٿيندي آھي.
انگور يا ڊاک مان، ڪيترين ئي قسمن جا شراب، رَسَ ، جام جيلي ۽ ٻيون کاڌي پيتي جون شيون ٺاھيون وڃن ٿيون. جڏهن تہ ھي ميوو سُڪڻ کان پوءِ، خشڪ ميوي طور پڻ استعمال ٿئي ٿو، جنھن کي ڪشمش چيو وڃي ٿو. ڪارڻ انگورن مان ٺھيل ڪشمش کي ’ڪاري ڊاک‘ چوندا آھن.
انگور يا ڊاک، انساني صحت لاءِ نھايت ئي ڪارگر غذا آھي، جنھن مان دل، جيري، دماغ ۽ بُڪين کي طاقت ملندي آھي. ھن ميوي جو ذڪر قرآن شريف ۾ پڻ آيل آھي.
’شاھ جي رسالي‘ جي سُر مومل راڻي ۾، ڊاک يا انگور جو ذڪر ھن ريت آيل آھي.
آکُون، ڊاکُون، سِرکَنڊ شاخُون، جِتِ چوکا چَندنَ ڪَؤنَر،
مَيي سيئِي ماڻِيا، جِتِ نہ ڀِرَنِ ڀَؤنَر،
ڪُنوارِيُون ۽ ڪَؤنَر، ڪاھهِ تَھ پَسُون ڪاڪِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد،2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 12، ص :522)
ڊامڻ:
ھي ھڪ قسم جو گاھ آھي، جيڪو سنڌ جي سخت زمين ۽ ڏهرن ۾ عام جام ٿئي ٿو. ھن جا پن ڊگها ۽ چُھنبدار ٿين ٿا، ھن جي ڊيگھ اٽڪل ٻہ فوٽ کن ٿيندي آھي. ھن ٻوٽي کي ھڪ ڏانڊي ٿيندي آھي، جنھن مان ھڪ تيلي نڪرندي آھي، جنھن جي چوٽيءَ مان ان جو سنگ نڪري نروار ٿيندو آھي.
ڊامڻ جو سنگ نھايت ئي ڪارائتو ٿئي ٿو، ان کي چرڻ سان نہ رڳو مال کير جام ڏيندو آھي پر ان جو کير گهاٽو بہ ٿئي. ڳئون ۽ مينھن جڏهن ڊامڻ جو سنگ چري تہ ان جي کير مان چڱي مقدار ۾ مکڻ نڪرندو آھي. ماڻهو وڏي چاھ سان مال کي ڊامڻ چاريندا آھن. ڊامڻ جي پاڙ بہ ڏٿ (کاڌي) طور ڪم ايندي آھي. شاھ لطيف، ’ڊامڻ‘ جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
ڀِرِي ڀِٽَ تي آئيو، سارَنگُ سِهَجَ مَنجھا،
کِڙِيُون کٽڻهار جيئن، وِڄُون اُتَرَ وا،
سَرها سَبِزا ٿِيا، ڊامَڻَ ڊِٻَ ڪِيا،
پَھرِي پَٽَنِيا، ڀَريائِين ڪُنَ ڪراڙِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 692)
سائُون / سانئُون:
ھي گاھ، پوري سنڌ ۾ عام جام ٿيندو آھي، ھي گاھ، ساريالي فصل ۾ بہ ٿئي، ھڪ قسم جو ڏٿ پڻ آھي. سلي جو قد ٻہ يا ٽي فٽ، پَنَ ٻاجهر جي پنن کان ڪجهہ سنھا، سنگ ۾ اَنُ اُھر جي داڻي جيڏو چھنبدار ٿئي ٿو. اَنُ ٻاھران رنگ ۾ ڀورو ۽ اندران اڇو ٿئي. سَنگُ چار يا پنج انچ ڊگهو ۽ وزندار ٿئي ٿو. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، ’سائون‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
آڻِينِ ڪِي چاڙِهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!
سَٿا ڪِيو سَيّدُ چـٖي، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجھان لَنبَ لَطِيفُ چي، چانئُر ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نہ پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 4، ص: 584)
’سائُون‘ اڄ ڪلھ زرعي زمين ۾ فصل وانگر پڻ پوکيو وڃي ٿو. سانئن کي جيڪي پنھنجو ڏٿ يا قوت ڪري ٺاھي ۽ کائي ڄاڻن، انهن وٽ سانئن جو گهڻو قدر ۽ اھميت ھوندي آھي.
ڏوٿي ماڻهو سانئُون پِيھي، ماني پچائي کائين ۽ پڻ ان مان رٻ بہ رڌي کائين. سانئُن جي ماني، ٻاجهر جي مانيءَ کان بہ مزيدار ۽ ڏسڻ ۾ ٻاجهر جھڙي ٿئي. لاڙي، ڪوهستاني ۽ ٿري ماڻهو ھن جو ڏارو ڪري کيرڻي ٺاھي کائين، جيڪا گهڻي مزيدار ٿئي. ھن گاھ کي چوپايو مال کائي تہ کير جام ڪري. سانئُن جي اَنَ کي پڻ ’سائون‘ چئجي ٿو.
سَرُ:
سَرُ، سنڌ جي ٻهراڙي جو عام ٻوٽو آھي، جيڪو ڪسين جي ڪنڌين تي مورجندو آھي. ھن جي تيليءَ کي ’ڪانو‘ ۽ پن کي ’سَرُ‘ سڏبو آھي. ڪانو ڳرين ۾ ورهايل ھوندو آھي، جن مان ھر ھڪ ڳري اڌ فوٽ کان ڏيڍ فوٽ تائين ڊگهي ٿئي ٿي. ھڪ ڪاني ۾ ڪيتريون ئي ڳريون ٿين ٿيون.
سَرن جي نسرڻ جي ڪري ڏينھن جي تِک وڌي ويندي آھي ۽ ان کي سَر جي ’چِٽَ‘ چوندا آھن. جڏهن سَر صاف نسري ويندو آھي تہ چوندا سر جي چِٽَ ڀڳي. ھن جي سنگ کي ’ڍوهر‘ چيو ويندو آھي، جيڪو ھڪ تيلي ۾ ھوندو آھي. ھن مان ڇپريون، چکون ۽ مُوڙا ٺاھيا ويندا آھن. سَر جا ٻہ قسم ھوندا آھن، ھڪ سچو سَرُ ٻيو ڪوڙو سَرُ جنھن کي ’ڪُسر‘ بہ چون.
سچي سَر جي کل کي ’مُڃَ‘ چئبو آھي. ان مان نوڙيون ۽ واڻ تيار ڪبو آھي، جيڪو کٽن واڻڻ طور ڪم ايندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام جي سُر سامونڊيءَ ۾، سياري جون ھوائون لڳڻ ڪري، ھڪ سامونڊيءَ جي ونيءَ جي اوسيئڙي وارين ڪيفيتن کي بيان ڪندي، سَرَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
سَرَ نِسَرِيا پاندَ، اُتَرَ لَڳا، آءُ پِرِين!
مون تو ڪارَڻِ، ڪانڌَ! سَھِسين سُکائُون ڪِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 27، ص: 194)
ڪُسَرُ: ڪُسَرُ، سَرَ جو ھڪ قسم آھي. عام طرح ھن کي ’ڪُوڙو سَرُ‘ چئبو آھي. ڪُسَرُ، واھن ۽ ڪسين تي ڪانھن جي ٻُوڙن سان گڏ نظر ايندا آھن. (سچي سَر ۽ ڪوڙي سَر ۾ فرق آھي.) سچو سَرُ توڙي ڪُسر ٻئي بيٺل پاڻيءَ، برساتي نَئيُن جي ڪنڌين ۽ ٻنين جي ٻنن تي ڦٽندا آھن. ٻنهي ۾ فرق ڪانيءَ جو آھي، سَر جو ڪانو سنہو ۽ ڪُسر جو ڪانو ٿورو ٿلهو ٿيندو آھي.
ڪوڙو سَرُ، سچي سَر جي ڀيٽ ۾ قد جو ڊگهو ٿئي ٿو. ڪوڙي سَر جا مُڃ ڳاڙهسرا ٿيندا آھن. ڪوڙي سَر جا تيلا (سَرَ) ڪمان وانگر ڦريل ھوندا آھن. ڪوڙو سَرُ، سچي سَر کان اڳ ۾ نسرندو آھي. شاھ لطيف، ڪُسر (ڪوڙي سَر) جو ذڪر ڪندي، سُر سامونڊيءَ ۾ چيو آھي:
سَرَ، لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسَرِيا،
تو ڪيئن وِسَرِيا، ڍولِيا! ڏينھَن اَچَڻَ جا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 28، ص: 194)
سوپاري:
سوپاري ھڪ قسم جو وڻ آھي. جنھن جي ميوي کي پڻ ’سوپاري‘ چيو وڃي ٿو، جيڪو گول ٿئي ٿو. ھي وڻ سنڌ ۾ ٿئي ٿو، پر ڦل نہ ٿو جهلي، جڏهن تہ ھند ۾ جام ٿئي ٿو.
شاھ لطيف، سوپاريءَ جو ذڪر سُر مومل راڻي ۾ ڪيو آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف، راڻي جي عقلمنديءَ جي واکاڻ ڪندي سوپاريءَ جي ڳالهہ ڪئي آھي.
چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪاري،
فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،
وِيا ڪاھِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،
موٽِيا نہ مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 15، ص: 523)
سِيارڇِ:
سيارڇ گاھ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو برسات پوڻ کان پوءِ، پوٺن، ڏهرن ۽ ڀٽن تي ظاھر ٿيندو آھي. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ ’سيارڇ‘ جو ذڪر ھيٺئين بيت ۾ ڪيو آھي:
ھِنَ مُند مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خُوشحالَ،
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻينِ جالَ،
سَتِيءَ جِي سَيّدُ چـٖي، ڪا ساڻي مَنجھه سَنڀالَ،
لِڱنِ تان لَطِيفُ چي، لوئِي لاھ مَ لالَ!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 5، ص: 593)
ھيءُ گاھ وسڪاري جي مند ۾ ڏهرن ۾ جام ٿيندو آھي. ھن گاھ ۾ ڳاڙهي رنگ جا گل ٿيندا آھن. جڏهن ھي گاھ پچي ويندو آھي تہ ان مان داڻا ڪڍي، غريب ماڻهو ٻاجهريءَ جي اٽي سان پيهي ملائي، ماني پچائي کائيندا آھن.
ڦاروها / ڦاروا (ڦاروهو):
ڦاروهو، ھڪ قسم جو ميوو آھي. ان کي ’ڦاروا‘، ’ڦاروهو‘ پڻ چوندا آھن. ھي وڻ نہ، پر جهڳٽي دار ٻوٽو ٿئي ٿو، ان ٻوٽي جا پن، پِپر جي پنن جيڏا ٿيندا آھن، ’ڦارون‘ جي وڻ جو قد وچولو ھوندو آھي.
سياري جي مُند لهڻ سان ان جون ٽاريون ڇانگبيون آھن جن مان نيون شاخون ڦٽنديون آھن، جيڪي ٻُور ۽ پوءِ ڦر جهلينديون آھن. حڪيمن موجب ڦاروا خاص طور ذيابطيس لاءِ مفيد آھن. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڦاروهي‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
آما، لِيما، ڦُلَ ڦارُوها، ڳاڱا، راڱا جِتي،
پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڏهون، وائي، ص: 478)
ڦرھ / مُرٽ:
مُرٽ، ھڪ ٻوٽي جو نالو آھي، جيڪو ٿر ۾ مينھن وَٺي کان پوءِ اُڀرندو آھي. ھن ٻوٽي جو قد ٽن کان چئن فوٽن تائين ٿئي ٿو. ھي ٻوٽو ننڍڙا سنگ جهليندو آھي، ان جي ميوي (ڦر) کي ’ڦرھہ‘ چئبو آھي.
شاھ لطيف موجب مارئي، عمر جي ڪوٽ ۾ پنھنجي اباڻي پٽن کي ساريندي، وسڪاري جي مند ۾ ساوڪ جو ذڪر ڪندي، ’ڦرھہ‘ جي ڳالهہ ڪئي آھي.
منھنجو تُورُ تَلِنِ، آئُون ھِتِ بَندِياڻِي،
مُون ڏاڏاڻٖي ڏيھَ ۾، ڦرھہ ۽ لاڻِي،
ڪَندِيَسِ رِهاڻِي، مارُوءَ پاسِ مَلِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 569)
ڦُنگيون / کُنڀيون:
ڦنگيون (کُنڀيون)، مينھن جي مند ۾ ٿين ٿيون، ان کي ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ’ڦُنگي‘ ۽ سنڌ جي ٻين حصن ۾ ’کُنڀي‘ چون ٿا. جڏهن بہ وسڪارو ٿيندو آھي تہ ٻين گاھن ۽ ٻوٽن سان گڏ ڦُنگيون پڻ چئن پنجن ڏينھن کان پوءِ نڪري نروار ٿينديون آھن، پر جيڪڏهن وسڪاري کان پوءِ گرمي ٿئي تہ کنڀين جي پيداوار ۾ اڃا وڌيڪ واڌارو ٿئي ٿو. کنڀيءَ جي بناوٽ ۾ مٿيون حصو بيضوي ۽ اڇي رنگ جو ٿئي ٿو ۽ کنڀيءَ جي حياتي ٽن ڏينھن جي ٿئي ٿي. جيڪڏهن کنڀيءَ کي وقت تي نہ پٽيو ويو تہ اھا ڪاري ٿي ويندي ۽ کائڻ لائق نہ رهندي، پر کنڀين جو ھڪ قسم جنھن کي ’ڦونگو‘ چيو وڃي ٿو، اھو کنڀي کان ٿلهيرڙو ٿئي ٿو ۽ پندرهن ڏينھن تائين کائڻ لاءِ ھوندو آھي. سڄي سنڌ ۾ کنڀيون ڀاڄيءَ طور وڏي چاھ سان کائبيون آھن. کنڀين کي انگريزيءَ ۾ مشروم بہ سڏجي ٿو ۽ ھاڻي تہ سڄي دنيا ۾ مشروم/کنڀيون خاص خوراڪ طور کاڌيون وڃن ٿيون.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’کنڀين‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
مُندَ ٿِي مَنڊَلَ مَنڊيا، ڪِي اوهِيڙَنِ اوڪَ،
ڇاڇَرِ ٿِي ڇَنَنِ ۾، مينھون چَرَنِ موڪَ،
سَرَهِيُون ٿِيُون سَنگهارِيُون، پويو پائِنِ طوقَ،
ميھا، چڀڙ، ڦُنگِيُون، جِتِ ٿِيَنِ سڀَئِي ٿوڪَ،
لاھِييٖن مَٿان لوڪَ، ڏولائـٖي جا ڏينھڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 694)
ڦوٽا / ايلاچي:
ڦوٽو، ھڪ وکر آھي، جنھن جو وڻ چار پنج فوٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو، ان وڻ جا پن ڊگها ۽ گل اڇا ھوندا آھن. ڦوٽن جي پنن ۾ ھڪ خاص قسم جي سرهاڻ ٿئي ٿي. ڪچا ڦوٽا رنگ جا ساوا ٿيندا آھن، پچڻ کان پوءِ، ٻاھرين کل جو رنگ ڀورو، سائي رنگ مائل ٿي پوندو آھي ۽ اندر ڪارا ٻج ھوندا آھن. ڦوٽا ھندستان ۾ عام جام ٿين ٿا، انهن کي ’ايلاچي‘ پڻ چيو ويندو آھي. ھي خوشبودار ۽ مھانگو وکر آھي:
راتِ سَھائِي، ڀون سَنئِين، ڀائِي! گهرجي ڀَلُ،
آھُرَ ۾ ايلاچِيُون، چَندَنُ چَرِي چَلُ،
مُون توهين سين ڳالهڙي، ٻِئٖي ڪنهين مَ سَلُ،
ھاھُرَ ڪندو ھَلُ، تہ کِجايُون کَرَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان پھريون، بيت 6، ص: 132)
شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ ڦوٽن جي ڳالهہ ڪندي، چئي ٿو تہ وڻجارا پنھنجي ٻيڙين کي ڦوٽن ۽ ٻين واپاري وکرن سان سٿي، ڏيساورن ڏانهن اُسھن ٿا.
قرَڦُلَ، ڦوٽا، پارچا، پاڻِيَٺَ پاتائُون،
ڪوٺيُون قِيمَتَ سَندِيُون، تَرَ ۾ تاڪِيائون،
لاڄُنِ مَنجھه، لطيفُ چي، ٻِيڙا ٻَڌائون،
نَذَرُ نَبِيَ ڄامَ جو، چَڙَهندي چَيائون،
جي ڇُھي ڇوڙِيائون، سي ٻيڙِيون رَکِين ٻاجهه سين!
(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند، ڊاڪٽر (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 11، ص: 145)
ڦوڳ:
ڦوڳ، ھڪ قسم جو ٻوٽو آھي، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي. ھي ٻوٽو مينھن جي موسم ۾ وارياسي ۽ جابلو علائقن توڙي ٿر واري پاسي ۾ بہ ٿئي ٿو. ھن ٻوٽي جون ٽاريون ڊگهيون ۽ ڳنڍين واريون ٿينديون آھن. ھي ٻوٽو ننڍن ننڍن دڙن ۽ مٿاڇري واري ڪونئري زمين ۾ گهڻو نڪري ٿو.
شاھ لطيف، ھيٺئين بيت ۾، ’ڦوڳ‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
عُمَرَ اَسَان جي ڏيھَ ڏي، ڦوڳَنِ ڪِيون ڦَرِيُون،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، ميڙي مَڪَ وَرِيُون،
پَنوهَارَنِ پَرِيُون، مُونہان پوءِ مَٽِيُون.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان تيرهون، بيت 18، ص: 467)
ھي ٻوٽو قد ۾ ٽن کان چار فوٽ ڊگهو ٿيندو آھي. ھن ۾ پن ڪونہ ٿيندا آھن، پر سنهن تارُن جهڙن ساون تاندورن سان ڀريل ھوندو آھي. ھن ٻوٽي جو ٿُڙ نہ ھوندو آھي، البت اڪ وانگر گهڻيون ٽاريون ڪڍندو آھي، جن جو رنگ ڳاڙهاڻ مائل ناسي ھوندو آھي. جيڪڏهن ٻہ سال کن برسات نہ پوي تہ ھي ٻوٽو سُڪي سڙي ويندو آھي، پر جي ھر سال مينھن پوندو رهي تہ ھي ٻوٽو ظاھر ۾ سُڪل نظر ايندو آھي، پر مينھن پوڻ کان پوءِ، پنجن ڏهن ڏينھن ۾ گونچ ڪڍي بلڪل چھچ سائو ٿي پوندو آھي.
ھن ٻوٽي جو ٻُور ڦُلڙين جھڙو ڏسڻ ۾ ايندو آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’ڦُلي‘ چون ۽ ٿري ماڻهو ان کي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ’ڦوگيسي‘ چون ٿا. جيڪڏهن وسڪارو سٺو ٿئي تہ ھي ٻوٽو، اونھاري تائين بہ سرسبز بيٺو ھوندو آھي، ھن ٻوٽي ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي وڏي سگھ آھي. سياري جي موسم ۾ گهڻي سيءَ پوڻ ڪري بظاھر سڪي ويندو آھي، پر ڏانڊيون ۽ پاڙون سايون ھونديون اٿس.
ڦوڳ جي ڪاٺي سڌي ڪانہ ٿئي، ڏنگي، ڦڏي، ورن وڪڙن واري ھئڻ ڪري ڪچين لانڍين ۽
ڇَنَن لاءِ ڪم اچي ٿي. ڦوڳ کي اُٺ ۽ ٻڪري شوق سان کائيندا آھن.
ڪانڊيرا (ڪانڊيرو):
ڪانڊيرو، ھڪ قسم جو ننڍو ۽ ڪنڊن سان ڀريل ٻوٽو آھي. ھي ٻوٽو مختلف قسمن جي فصلن جي وچ ۾ يا نالين ۽ ڪسين جي ڪنڌين تي پاڻ مرادو ڦٽندو آھي. ھي گهڻو ڪري سڄي سنڌ ۾ نظر ايندو آھي. ڪانڊيري جا ڪنڊا ننڍا پر ڏاڍا تکا ھوندا آھن. ٻهراڙين ۾، گهر کي لوڙهو ڏيڻ لاءِ، ’ڪانڊيرا‘ گهڻو ڪم آڻيندا آھن. سنڌي پھاڪو آھي تہ، جتي وڻ نہ ھوندو اُتي ڪانڊيرو بہ وڻ آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڪانڊيري‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
سُڪِيءَ جي سانباھهِ ۾، ٻُڏين، توءِ ٻُڏُ،
ڪَکَ، ڪانڊيرا، ڪاٺِيُون، ميڙيٖ ٻَڌُ مَ مَڏُ،
نہ ڪو ساھَڙَ سَڏُ، نہ ڪا سُڄـٖي سهڻي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ڇھون، بيت 24، ص: 253)
ڪانھن:
ڪانھن، ھڪ قسم جو گاھ آھي، جنھن کي مينھيون وڏي چاھ سان چرنديون آھن. ھي پوسل واري زمين ۾ ٻُوڙي جي شڪل ۾ ٿيندو آھي، جيڪو ڍنڍن، ڍورن ۽ واھن جي ڪنڌين ۽ ٻنين جي ٻنن تي سَر جي ٻُوڙي وانگر مورندو آھي. ڪانھن جي ٻُوڙي کي سَرن جيان ڪانو ٿيندو آھي. ھن جي ڪاني، سَر جي ڪانيءَ کان ٿوري سنهي ٿيندي آھي، ڳُريون (ڳنڍيون) ٻنهي جون ھڪجھڙيون ٿين. ڪانھن، سَرن جي ٻُوڙي کان پھرئين ڦٽندو ۽ نسرندو آھي. جڏهن ڪانھن نسرندو آھي تہ ڏينھن ۾ تک پيدا ٿيندي آھي، ان مند کي ’ڪانھن جي چِٽ‘ چئبو آھي.
ڪانھن نسرڻ جي ڪري ھاري، خريف جي مند ۾ خاص ڪري سارين جي فصل جي پوکائي بند ڪري ڇڏيندا آھن. ڪانھن کي ٻهراڙيءَ جا ماڻهو ڇنن ۽ ڪنڌين ٺاھڻ ۾ ڪم آڻيندا آھن، ھي اڇي رنگ جو سنگ جهليندو آھي، جنھن کي ’ڍُوهَرُ‘ چئبو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڪانھن‘ جو ذڪر ھيٺئين ريت ڪيو آھي:
ڳِچِيءَ پايو ٻانھن، ويٺِي روءِ وَڇِنِ سين،
لايان لالَ لِڱَنِ کي، آئِين جي چَرو ڪانھن،
آئون اوهان جي دانهن، سَدا ڀُڻان سَنَرِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 14 ، ص: 239)
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڪانيءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
ڪَچِي ڪانِي ڪانھن، ٻُڏا ڪَڍي ٻارِ مان،
يا لَنگھائي، لَطِيفُ چي، يا ڌُريان ڪري دانهن،
ڪَماحَقُہ ڪَکَنِ جِي، آھي ڳالهہ آڳانهن،
جيڪِين ڏي ٻُڏَنِ کي ٻانھن، ناتَھ ساڻُنِ وَڃي سِيرَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان اٺون، بيت 2، ص: 259)
ڪرڙ / ڪريڙ:
ڪريڙ يا ڪرڙ جو وڻ، ٿر توڙي ڪوهستاني جابلو پٽيءَ ۾ جام ٿئي ٿو. ھي وڻ گهڻو ڪري سخت زمين ۽ ڏهرن ۾ ٿئي ٿو. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ھيٺئين بيت ۾، ھن وڻ جو ذڪر ڪيو آھي:
سَرِتنِ سَختَ سَنيهَڙا، ڏيئِي مُڪَا ڏُونہن مَلِيرَ،
آھِينِ عُمَرَڪوٽَ ۾، کَنڊُ مِٺايُون کِيرَ،
چَسَا کائِي چُورِما، ھِريئَن ساڻُ حَمِيرَ،
ڪَنڊا قُوتُ ڪَرِيڙَ، ڪِ تو وِئڙا وِسِرِي.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 15، ص: 432)
ڪرڙ جون سنهڙيون سايون ٽاريون جهجهي انداز ۾ ٿينديون آھن. ھن وڻ ۾ پَن بنھ ڪونہ ٿين، ان جي ٽارين ۾ سنھا پر چڀندڙ ڪنڊا ھوندا آھن. ھن وڻ جي ڪاٺي ڪڙي ۽ مضبوط ٿيندي آھي، ان ڪري ھن وڻ جي ڪاٺ کي اڏوهي نہ لڳندي آھي.
ڪريڙ ٻن قسمن جا ھوندا آھن: ھڪڙا ليڙا ۽ ٻيا ڪنڊايون يا ڇاپرو. ڪرڙ جو وڻ جڏهن ڪچا گؤنچ جهليندو آھي، تڏهن ان ۾ ڪي سنھا سنھا پن ڏسبا آھن، سي بہ جلد ڇڻي پوندا آھن. گؤنچ نڪرڻ وقت ان جو رنگ ساواڻ مائل ناسي ھوندو آھي، جڏهن ڪچڙا گؤنچ ڏانڊيءَ جي شڪل ۾ ايندا آھن تہ پوءِ چھچ ساوا ٿي پوندا آھن.
بھار جي مند ايندي ئي ڪرڙ ڦلهارجڻ شروع ٿيندو آھي، ڏسندي ئي ڏسندي، ھي سڄو وڻ گلابي رنگ جي ننڍڙن گلن جي ڄڻ تہ چادر اوڍي ڇڏيندو آھي، جن کي ’پُسي‘ چئبو آھي ۽ ڪرڙ جي ميوي کي ’ڏؤنرو‘ چئبو آھي.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي وائيءَ ۾، ’پُسيءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
پُسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏنُ آن ڏيندي،
ڏيھ ڏاڏاڻين پکڙين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، وائي، ص: 596)
پُسي: ڪرڙ جو وڻ، جيڪو گُل جهلي، انهن کي ’پُسي‘ چئجي ٿو. ھن جي ميوي جو رنگ ڳوڙهو گلابي ٿئي ٿو. پُسي جي سهڻي گل ۾ قدرت جي ڪمال ڪاريگريءَ سان پاڻيءَ جو ھڪڙو ’ڦڙُو‘ ھوندو آھي، جيڪو پکين ۽ جيتن جو کاڄ بڻجي ٿو، ڪڏهن ڪڏهن مال چاريندڙ ڌنار بہ واپرائين، جو اھو پاڻي مٺو ھوندو آھي. پُسيءَ مان سنهڙيون شاخون نڪرن ٿيون ۽ اُن مان جيڪو ميوو نڪرندو آھي، تنھن کي ’ڏونرو‘ يا ’ڏيلهو‘ چئبو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، پُسي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
سَچُ ڪِ اُٺا مينھن، مونہان پوءِ مِليرَ ۾،
ڏوٿِيَنِ لائِيا ڏينھن، پَھرِيا جي پُسِيءَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان يارهون، بيت 5، ص: 602)
ڏؤنرا: ڪرڙ/ڪَرِيڙ جي ميوي کي ’ڏؤنرو‘،’ڏيلهو‘ يا ’پڪو‘ چئجي ٿو، جيڪو ڪرڙ جي ھيڊي ۽ گلابي رنگ جي پُسيءَ مان پيدا ٿيندو آھي، جنھن جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر مارئي ۾ ھن ريت ڪيو آھي:
تَنِ وَهِيَنِ ويڙِيچنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ،
چونڊيو آڻِيو چاڙهِيُون، سَندو ڏَؤنرَنِ ڏارُ،
جَنِ جو ويڙِنِ سيٖن واپارُ، سـٖي ڏوٿِي ھوُنِ نہ ڏُٻَرا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 5، ص: 585)
قدرت جو ڪرشمو آھي، جو پُسيءَ ۾ اندر مٺي پاڻيءَ جو ھڪ ڦڙو ھوندو آھي، جنھن تي پکي پکڻ ۽ جيت جڙا اچي مڙندا آھن. پسيءَ جي ھڪ ڪنڊ مان وارن وانگر تاندورا نڪرندا آھن، جنھن مان ڏؤنرا ٿيندا آھن. ڪچو ڏؤنرو سائي رنگ جو سخت ۽ ذائقي ۾ بنھ ڪڙو ھوندو آھي، پچڻ بعد ڳاڙهو ۽ مٺو ھوندو آھي. ان ۾ اندر ٻج جا داڻا ھيڊي رنگ جا ھوندا آھن.
ڪچن ڏؤنرن جي ڀاڄي بہ ذائقيدار ٺھندي آھي ۽ انهن جو ’سانڌاڻو‘ بہ مزيدار ٿيندو آھي. ڪچا ڏؤنرا سڪائي، انهن جو ميدو ٺاھي، انهن ننڍڙن ٻارن کي ڏيندا آھن، جن جي پيٽ ۾ ڪينئان ھوندا آھن. ڏؤنرا يا ڏيلها، دَستن جي بيمار کي کارائبا تہ کيس قبضي ٿيندي، ڇاڪاڻ تہ ڏيلهو قبضي ڪندوآھي.
شاھ لطيف، مارئي جي واتان ’ڏؤنئرن‘ جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو:
نہ ڪي ڏَؤنرا ڏيھَ ۾، نہ سَرَتِيُون نہ سِيرُ،
ڪوٺيين ڪُٺِي آھِيَان، ٻِئو زوراوَرُ زَنجِيرُ،
مَارُو سَارِئو مِيرُ، ويٺِي ڳوڙهَا ڳاڙِيَان.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت 21، ص: 410)
ڪُمَ:
ڪُمَ بيٺل پاڻيءَ ۾، ٿيندڙ ھڪ قسم جي وَلَ يا ٻوٽي جو ڦَرُ آھي. ھيءَ وَل، سنڌ جي آبپاشي وارن علائقن ۾، ڍنڍن، ڍورن ۽ کڏن کوٻن ۾ پاڻ مرادو مورجندي آھي.
ڪُمَ بابت، محققن مختلف رايا پيش ڪيا آھن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي سھيڙيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾، ڪُمَ جي معنيٰ ھن ريت لکي آھي: ” ڪُمَ = پٻڻ ۽ ڪُڻي. ٻنهيءَ جو ڪُم (ٻجن سان ڀريل گولو) ٿئي، پر پٻڻ جي ڪُمَ ۾ اندر واري داڻ داڻ کي ’گبو‘ چئبو آھي، ۽ ڪوڻي جي واري اندرين اَن مثل داڻن کي ’ناپو‘ چئبو. “
(بلوچ، 2009ع، ص: 280)
ٻانهون خان شيخ بہ اٽڪل ساڳي معنيٰ لکي ٿو: ” پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندڙ ھڪ قسم جي ول جو ڦَرُ“ (شيخ، 2012ع، جلد ٽئو، ص: 520)
ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي ثقافت ۽ شاھ لطيف‘ ۾ ڪُمَ کي ڪنول جو ڦَرُ ڄاڻائيندي لکي ٿو:
” ڪنول جو گُل جڏهن ڦَرُ جهليندو آھي تہ ان کي ڪُمَ ڪري چوندا آھن. ان ۾ اندر ناسي رنگ جو ٻج ٿيندو آھي.“
(سوڍر، 1991ع، ص: 158)
جڏهن تہ بدر ڌامراھ، پنھنجي ڪتاب، ’لطيفي انسائيڪلو پيڊيا‘ ۾ ڪُمَ کي ڪُوڻيءَ جو ڦَرُ ڪوٺيو آھي.
ڪُمَ سائي رنگ جو ۽ ٽماٽي جھڙو گول ٿيندو آھي. مٿس سنهڙن ڌاڳن جھڙا ٻہ گول گهيرا ٿين ٿا. ھن جي اندر ننڍا ۽ سنھا ٻج ٿيندا آھن، جيڪي پھريان ڳاڙها ھوندا آھن، ۽ پچڻ کان پوءِ ڪارا ٿين ٿا.
شاھ لطيف ڪُمَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.
ڪُمَ، ڪَالوڙا ڪُوِڻيُون، پَھتِ جَنِ جِي پَرِ،
لايو لُنگَ لَطِيف چَئي، جُنينِ جهجهي جَرِ،
گهوٽَ اُنِين جي گهر، راجَا ريجهي آيو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 11، ص: 21-520)
ڪنڊو / ڪنڊي:
ڪنڊو، وڻ جو ھڪ قسم آھي. ھي وڻ سنئين ۽ سخت زمين ۾ ڀٽن جي چوٽين تي ۽ ڏهرن، خاص ڪري کوهن ۽ تراين جي آس پاس جام ٿيندو آھي. ھي وڻ ھونءَ تہ سڄي سنڌ ۾ ٿئي ٿو، پر ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ جام ٿئي ٿو. ھن وڻ جا ٻہ قسم آھن، ھڪ قسم جي ڪنڊي ۾ ڪنڊا ڪونہ ٿين، ان کي ’لاسوڙا‘ چوندا آھن ۽ ٻئي قسم جي ڪنڊي ۾ ڪنڊا ٿيندا آھن، جنھن کي ’ڪنٽرا‘ چوندا آھن.
ھن وڻ جو ذڪر شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾، ھن ريت ڪيو آھي:
ڪَنڊا! تُون ڪيڏو، جَڏَهِن ڀَرِيو ڍورُ وَهٖي،
جَسودَنِ جيڏو، تو ڪو گڏيو پَھِيڙو؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 6، ص: 869)
ڪنڊي جو وڻ بھار جي موسم ۾ نئين سر مورجڻ شروع ڪندو آھي ۽ مھيني ڏيڍ ۾ ٻُور/گل جهلڻ شروع ڪندو آھي، ان ٻور کي ’مڃر‘ چوندا آھن.
مڃر جو ذڪر شاھ لطيف، ھن ريت ڪيو آھي:
ڪَنڊا تو وَٽان، سَچُ ڪِ سيڻَنِ لَڏِيو،
مَڃُرَ تو مَٿان، ڇَڻِيو پُونِ ڇُڳا ڪِيو.
)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 3، ص: 868(
پوءِ اھو مڃر سنهين ڊگهين ڦرين جو روپ ڌاريندو آھي، اھو ڄڻ تہ ڪنڊي جو ميوو آھي، جنھن کي سڱر/سنگهر چئبو آھي، جنھن جو ذڪر اڳ ۾ اچي چڪو آھي. ھيءَ چؤنري جي ڦريءَ وانگر ڊگهو ٿيندو آھي. ڪچي سڱريءَ جو رنگ سائو ٿئي ٿو، پر پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ان جو رنگ پيلو ٿي پوندو آھي. سڱر جو ذڪر شاھ لطيف، ھيٺين ريت ڪيو آھي:
توڙي تُوتَ پَچَنِ، کَجُورِيُون لامُون ڪَري،
سَاءِ نہ تِنھن اَچَنِ، سَڱَرُ جو سَاڻيههَ جو.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر مارئي، داستان تيرهون، بيت 12، ص: 465)
سڱرين کان پوءِ اھي ڪجهہ ڏينھن بعد سُڪي کوکا ٿيو پون، جنھن کي ٻڪريون ۽ ٻيو مال بہ کائي، پر ان جو ٻج ڪڍي باقي کوکن کي ماڻهو بہ کائين. ٻار تہ سڄو ڏينھن گڏ ڪندا آھن ۽ کائيندا آھن. انهن کي ڪٽي، کنڊ، مٺائي يا مُستي ملائي کائڻ ۾ لذت وڌي ويندي آھي.
ڪنڊي جي ڪاٺي بہ تمام ڪمائتي آھي، جيڪا ٿلهي ٿئي ٿي. ڪچين ڪنڊين جا ٿُڙ ڪپي مَنھن جي ڇتين لاءِ ٿوڻيون ۽ آڏوريون ڪري ڪم آڻين. ٿلهن ٿُڙن مان اُکريون ٺھن، ڏوئيون ۽ مهريون بہ ڪنڊي جي ڪاٺيءَ مان ٺھن.
ھن وڻ کي ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ ’کيجڙ‘ بہ چوندا آھن. ڪنڊي جي وڻ کي ٿريا ھندو مقدس سمجهن ٿا. ڪنڊي جو وڻ خاص ڪري ساٺن سوڻن ۾ بہ استعمال ٿيندو آھي، ٿر توڙي ڪوهستان جي ماڻهن جو ٽوڻن ڦيڻن ۾ گهڻو اعتقاد ھوندو آھي، ھن پاسي جيڪڏهن ڪنھن ٻار کي کرٽيو/کرکٽيو (وڏي کنگھ) ٿيو پوي تہ سؤ سالن جو پراڻو ڪنڊو نھاري ان جي پاڙ ھيٺيان ٻار کي ٽي دفعا گذاريندا آھن تہ جيئن اھا کنگھ ڇڏي وڃي.
مَڃُر: ڪنڊيءَ جو وڻ، جڏهن ٻُور جهليندو آھي تہ اُن ٻُور کي ’مڃر‘ چئجي ٿو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر ديسي، سُر کنڀات ۽ سُر ڪاموڏ ۾ ڪيو آھي.
ڏاگها! ڪِيمَ ڏَرو، اَڃا آرِياڻِي اَڳي ٿِيو،
موڙيٖ مَڃُـرَ ٽارِيُون، چانگا! ٿا چَرو،
آن تان حَرَفُ ھَرو، مُورائِين مَعافُ ٿِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 4، ص: 374)
مَڃُر کي چوپايو مال وڏي شوق سان کائيندو آھي. مڃر مان ڪيترائي جيت رس چوسين ٿا، جيئن ماکيءَ جي مک. مَڃُر جي ڪنڊي ۾ لڳل ماکي گهري ناسي رنگ جي ۽ ٻُور جي کٽسُري خوشبوءِ واري ٿيندي آھي.
سَڱر/سنگهر: ڪنڊيءَ جي وڻ جي ڦرهيءَ کي ’سڱري‘، ’سڱر‘ ۽ ’سنگهر‘ چئبو آھي. ھيءَ، چؤنري جي ڦرهيءَ وانگر ڊگهي ٿئي ٿي. سڱري جڏهن ڪچي ھجي ٿي تہ سندس رنگ سائو ٿئي ٿو، مارو ماڻهو ان جي ڀاڄي رڌي کائين، جا سوادي ٿئي، سڱر جڏهن پچي راس ٿئي ٿي تہ پوءِ ان جو رنگ ڦري ھيڊو ٿئي. سڱريءَ ۾ راھين پڙلي جي ٻج جيڏا ھيڊسرا ٻج ھوندا آھن. ماڻهو سڱريون ميڙي، ٻج ڪڍي کائيندا آھن ۽ ڪي وري انهن ٻجن کي ڀُڃي کائيندا آھن. ھي کائڻ ۾ پڻ ڏاڍو لذيذ ھوندو آھي.
سڄي ڪوهستاني پٽي ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ جي ميوي کي، ’سنگهر‘ چون. وندر جي پٽ ۾، ’سنگهر پٽ‘ جي نالي سان ھڪ علائقو پڻ آھي، جتي سسئي پنھونءَ جي مزار بہ آھي. ھتي ڪنڊيءَ جا وڻ ججها ٿين، جنھن تي پڻ ڪنڊيءَ جي وڻ جي ميوي ’سنگهر‘ جي ڪري اھو نالو پيو آھي. ان علائقي جو ذڪر، شاھ لطيف ھن ريت ڪيو آھي:
ڪِئا ويچَارِيءَ وَسَ، ڪَارَڻِ ڪوهِيَاري گهڻَا،
گهڻُو پُڇيَائِين ڏوٿِيين، سَندا ڏيَرَنِ ڏَسَ،
لَمُون ڏوري لَسَ، سُتِي سَنگهر پَٽِيين.
(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻئو، سُر حسيني، داستان ڇھون، بيت 8، ص: 296)
ڪنڊيءَ جو وڻ ڦر جهلڻ کان پھرئين جيڪو ٻور جهليندو آھي، تنھن کي ’مڃر‘ چوندا آھن. (بلوچ، 1988ع، ص: 2611)
شاھ لطيف سڱر ۽ مڃر، ٻنهي جو ذڪر پنھنجي ڪلام ۾ ڪيو آھي:
کاڄ کَٿيرِنِ سَفَرو، سڱرُ ۽ سائُون،
مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، وائي، ص: 570)
۽ ’مڃر‘ جو ذڪر سُر ڏهر ۾ ھن ريت ملي ٿو:
جان تو ھُئَڙو سُورُ، ڪَنڊا! ڍورَ ڌَڻِيَنِ جو،
مَٿي لامُنِ ٻُورُ، مُورٖي مَڃَرَ نہ ڪَرِييٖن.
شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 5، ص: 868)
ڪُوڻي / ڪُوڻيون:
ڪُوڻي، ڍنڍن ۽ درياھن جي ڪنڌيءَ تي بيٺل ننڍي پاڻيءَ ۾ ٿيندي آھي. ڪُوڻيءَ جي گل کي ’ڪنول‘ چئبو آھي. ڪوڻيءَ جا ٻہ قسم ٿيندا آھن: ھڪ مٺاڻ جي ڪوڻي، جنھن جا گل نير سرا ۽ سڳنڌ ڀريا ھوندا آھن، ٻيو قسم ڪڙال/ڪڙاڻ جي ڪوڻي، جنھن جو گل ٿورو وڏو ھوندو آھي. ھن جو گُل اڇي رنگ جو ٿئي، جنھن ڏانڊيءَ تي گل ٿئي، ان کي ’ڪَمُ‘ چئبو آھي ۽ ان ۾ اندر سوراخ ٿيندا آھن، پر سندس ڪنارا ھلڪي نيري رنگ جا ٿين، جيڪي ڏاڍا سهڻا لڳندا آھن. ڪوڻيءَ جي گل مان ڪجهہ ڏينھن کان پوءِ، ننڍڙي صوف جيڏو سائو ميوو پيدا ٿيندو آھي، جنھن کي ’ڪُم‘ چئبو آھي. ھن جي پاڙ ۾ ھڪ ڳنڍو ٿئي ٿو، جنھن کي ’گَندَ‘ چئبو آھي. ھن جو ميوو ٽماٽي جيڏو گول ٿئي، پر ان جو رنگ سائو ٿيندو آھي ۽ پچي وڃڻ کان پوءِ ڪارو ٿيندو آھي. ڪوڻيءَ جي گل جو شربت بہ ٺھندو آھي، جيڪو گرميءَ لاءِ اڪسير آھي.
شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾، ’ڪوڻين‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
قُوتُ جَنِ جو ڪُوڻِيُون، پَرَهَڻِ پَاٻُوڙا،
پَايو مُنهن مَهراڻَ ۾، ڪَڍَن ڪَالُوڙا،
جَنِ تي ڏَنَ ھُئَا ڏُوڙا، سي سَڀِ اِنعَامِي ٿِئَا.
(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت 22، ص: 533)
کاٽُونبا:
کاٽونبي جو ٻوٽو برسات کان پوءِ، ٿر جي موهر، ڪنٺي ۽ ننگرپارڪر ۾ ٿيندو آھي. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، ھن جو ذڪر ڪيو آھي. ھن ٻوٽي جو قد ٻہ اڍائي فوٽ ھوندو آھي. ھن جا پن وونئڻ جي پنن جھڙا طوطائي ساوا ھوندا آھن. ھي ٻوٽو اڪثر ڪري ڄارين، ڪنڊين ۽ ڪرڙن جي ڀرپاسي ٿيندو آھي. ھن کي ٿري ماڻهو ’کٽونبڙا‘ بہ چوندا آھن.
شاھ لطيف، ھن ٻوٽي جو ذڪر، ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:
ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،
پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، پَکـٖي پاندِ پِيَنِ،
ھِنَ کي لوههُ لَطِيفُ چـٖي، ھُوءِ کائُرَ مَنجھه کِلَنِ،
کاٽُونبا کاڄَنّ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 6، ص: 594)
کاٽونبي جو ميوو تمام سوادي ٿيندو آھي. ھن جو ميوو ھڪ ڦوڪڻي جھڙي ڳوٿريءَ ۾ گول گول مٽر جي لار وانگر پيو ھوندو آھي. جيستائين ھي ميوو ڪچو ھوندو آھي، تيستائين اھا ڳوٿري بلڪل سائي ھوندي آھي ۽ جڏهن پچڻ شروع ٿيندو آھي تہ ھيءَ ڳوٿري پيلي ٿيڻ شروع ٿيندي آھي. جڏهن ڳوٿري مڪمل پيلي ٿي وڃي، تڏهن پڪ سمجهجي تہ ھاڻي ميوو پچي چڪو آھي. جيڪڏهن اھو نہ کاڌو تہ ڳوٿري پيلي مان ڦري، سُڪندي سُڪندي ناسي ٿي ويندي ۽ ٻج ڇڻي پوندو آھي. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي وائي ۾،’ کاٽونبي‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
سَڱَرَ ساھيڙِيَنِ سيٖن، کاٽُونبا کاڌائِين،
مارُو ڄامُ مَلِيرَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 11، وائي، ص: 603)
ھن ٻوٽي کي اُٺ، ٻڪريون، ڍڳيون، مينھون ۽ ٻيا جانور کائيندا آھن. ھي ٻوٽو وسڪاري جي مھيني ڏيڍ کان پوءِ، سُڪي ختم ٿي ويندو آھي.
کارڪَ / کارڪون:
کارڪ، ھڪ قسم جو ميوو آھي، جيڪو کجيءَ جي وڻ مان پيدا ٿيندو آھي. کجيءَ جو وڻ پنجن فوٽن کان سؤ فوٽن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ان کي گرميءَ جي تمام گهڻي گهرج ھوندي آھي، جيترو گهڻو گرم علائقو ھوندو، اوتري کجي ڀلي ٿيندي.
کجيءَ جي وڻ جا پن ڊگها ۽ چُھنبيارا ٿين ٿا. کجيءَ جو ميوو جڏهن ڪچو ھوندو آھي، تڏهن ان جو رنگ سائو ۽ پوءِ پِيلو ٿئي ٿو ۽ ان کي ’ڏوڪو‘ چئبو آھي، جڏهن ان جو ميوو رسجي ٿو تہ ان کي ’ڏنگ‘ چون، جيڪو اڌ پِيلو ۽ اڌ ڳاڙهاڻ مائل ناسي رنگ جو ھوندو آھي، ان کان پوءِ جڏهن مڪمل پچي راس ٿئي تہ ان کي ’کارڪ‘ يا ’ڪَتل‘ جي نالي سان سڏيو ويندو آھي. ڏوڪن کي سُڪائي منجهائن کارڪون تيار ڪبيون آھن. جڏهن تہ ڏوڪن کي ڪاڙهي پوءِ انهن مان ڇوهارا تيار ڪبا آھن.
محمد خان جروار، ’زرعي سائنس‘ ڪتاب ۾ لکي ٿو: ”سڪندر اعظم (Alexander the great) 327 قبل مسيح ڌاري ۽ بعد ۾ محمد بن قاسم وسيلي گڏيل ھندستان ۾ کجي متعارف ٿي. چون ٿا تہ سڪندر اعظم سان گڏ آيل فوجي لشڪر جي راشن ۾ ھڪ خوراڪي غذا شامل ھئي ۽ اھا ھئي کجي. ان وقت کجي، کجور يا کارڪون راشن طور طاقتور غذا سمجهي ويندي ھئي، ان ڪري فوجين کي ويڙھ يا ڪاھ دوران کجي ڏني ويندي ھئي. کجور ۾ مٺاڻ، سڻڀ ۽ حياتين کان علاوہ وٽامن اي، بي، سي، ڪئلشم ۽ پوٽاشم وغيرہ جهجهي مقدار ۾ موجود آھن، تنھن ڪري اُن کي مڪمل غذا چئي سگهجي ٿو.“
(جروار، 2011ع، ص: 310)
کجيءَ جي پوک لاءِ سنڌ ۾ خيرپور ۽ سکر، بلوچستان ۾ مڪران جو علائقو ۽ قلات، پنجاب ۾ ملتان، بھاولپور ۽ ديرو غازي خان ۽ سرحد ۾ ديرو اسماعيل خان مشھور آھن. سنڌ ۾ کجيءَ جا ڪيترائي قسم پوکيا ويندا آھن، انهن ۾ واپاري لحاظ کان ’اصيل‘ کجي اھم آھي. اصيل کان سواءِ، ’اوطاقڻ‘، ’نوري‘، ’ٿوٿر‘، ’ڪربلائڻ‘، ’پٿري‘، ’پتاشو‘، ’حلاوي‘، ’زاھدي‘، ’فيصلي‘، ’پيڌر‘، ’دغلت نور‘، ’پيلي ننڍي‘، ’پيلي وڏي‘، ’ڳاڙهي ننڍي‘ ۽ ’ڳاڙهي وڏي‘ وغيرہ پوکيون وڃن ٿيون. ’کارڪن‘ جو ذڪر، شاھ لطيف جي ڪلام ۾، ھن طرح ملي ٿو:
سا ڪيئن کائي کارِڪون، جنھن کي ڏؤنرا ڏيجُ ڏِنائون.
مُون مارُوءَ سين لَڌِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، وائي، ص: 570)
کٻڙ / ڄار / مَڪ:
کٻڙ يا ڄار، بھار جي مند شروع ٿيڻ سان ٻُور جهلڻ شروع ڪندا آھن، جن جي جهجهي خوشبوءِ سان صبح جي پھر ۾ سڄو جهنگ واسيل ھوندو آھي. کٻڙ يا ڄار جي گل يا ٻُور ۾ ھلڪي خوشبوءِ ٿيندي آھي. پندرهن ويھن ڏينھن کان پوءِ اھو ٻور جوئر جي داڻن جيڏو سائي رنگ جي ڇڳن جي شڪل ۾ ٿي پوندو آھي. ھڪ ڇڳي ۾ اھي ساوا سوين داڻا ھوندا آھن، جن کي ’مَڪ‘ چئبو آھي، جڏهن پچندا آھن تہ پيلا ۽ ڳاڙهسرا ٿيندا آھن جن کي وري ’پيرون‘ چوندا آھن.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ڪجهہ بيتن ۾، ’مڪ‘ جو ذڪر ڪيو آھي. نموني طور ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
پَڪا پَھُنوارَنِ ڏي، ميوا، مَڃَرَ، مَڪَ،
عُمَرَ! اَتِ اُڪَنڍِيون، حالُ ھَماريٖ حَقَ،
لوئِي ۽ لَڪَ، سَمُنَ سُپيٖريَنِ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، بيت 24، ابيات متفرقہ، ص: 609)
ٿر ۽ ڪوهستان واري پاسي ڄارين جي سائي ’مڪ‘ فقط مال يعني ٻڪريون ۽ اٺ شوق سان کائين، جو ان صورت ۾ ’مڪ‘ ڪڙي ھوندي آھي، پر لاڙ واري پاسي ڄار جو ھڪ قسم ٿئي، جنھن ۾ اھي سنهڙا داڻا واڱڻائي رنگ جا پچي، راس ٿيندا آھن، تہ انهن کي ماڻهو توڙي مال شوق سان کائين. ھنن جي مٺاڻ ۾ ڪجهہ ڪسارو پر وڻندڙ ذائقو ھوندو آھي. کٻڙن جي ذڪر وارا بيت بہ سُر مارئيءَ ۾ ملن ٿا، نموني لاءِ ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو:
کارا کَٻَڙَ ڏيھَ ۾، ٻِيا وارِيءَ مَنجھه وَٿاڻَ،
ساٿيَنِ کي سَيّدُ چـٖي، ڀَرِيو ڏِيَنِ ڀاڻَ،
عُمَرَ! اِيءَ اُماڻَ، ثابِتُ رَکِجِ سُومرا!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 17، ص: 569)
سنڌ جي اڪثر ڀاڱن ۾ مڪ پچي، ان جي سنهڙي داڻي جي پنجوڻ تي وڌي ’پيرونءَ‘ جي شڪل ڌاري ٿي، جي واڱڻائي، پِيلي رنگت جا ٿيندا آھن، جي کائڻ ۾ مٺا ۽ سوادي ھوندا آھن، پر انهن جي اندر جوئر جي داڻي جيڏي ککڙي ھوندي آھي، جيڪا ڏاڍي ڪڙي ھوندي آھي. پيرون چوسي، ڳيھي ڇڏبي آھي يا ٻاھر ڦٽي ڪبي آھي. پيرون ھڪ ھڪ ڪري کائبو تہ وات پچي پوندو، تنھن ڪري ٻُڪ ڀري وات ۾ وجهي چوسبا آھن.
ٿر توڙي ڪوهستان واري تر ۾ ڄارين جا بہ الڳ قسم ۽ انهن جي پيرن جو رنگ بہ الڳ ھوندو آھي، جيئن ليڙهي، سيندر ڄار جا پيرون ناسي ۽ ھيڊسرا ھوندا آھن، تہ سيرهڪي ۽ ساڏوهي ڄار جا پيرون اڇسرا، ٿورڙا وڏيرڙا ۽ تمام سوادي ھوندا آھن.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، پيرُن جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ان سان گڏ ھڪ ٻہ بيت ڄار جي قسم ساڏوهيءَ وارا بہ ملن ٿا، جيئن ھيٺين بيت ۾ ساڏوهين ۽ پيرن جو ذڪر ٿيل آھي:
تَنِ ساڏوهِيَنِ سَڌَ مَران، ڏِنگا جَنِين ڏارَ،
ڀُڻِي ساڻُ ڀَتارَ، پائُر پيرُون چُونڊِيان!
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 9، ص: 585)
پيرون: پيرون فقط عام لوڪن ۽ مال جو کاڌو ڪونهي، پر ڪانگ، وهيو، بلبل ۽ ٻيا پکي بہ ڏاڍي چاھ سان کائيندا آھن. ٿر واري پاسي ساڏوهي ڄار جي پيرن کي ’سيڙهڪي جي سيڙه‘ بہ چوندا آھن. گهڻا ٿري ماڻهو پيرون سڪائي بہ رکندا آھن، جن کي ’ڪوڪڙا‘ چوندا آھن، جيڪي ڏڪار ۾ ڏٿ جي طور ڪم اچي.
ڪوڪڙ: سُڪل پيرونءَ کي ڪوڪڙ چوندا آھن. پيرونءَ جو ذڪر اڳ ۾ ٿي چڪو آھي. لغت موجب ’ڪوڪڙ‘ جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي:”ڪوڪڙُ، ڪوڪڙ = ڄار يا کٻڙ جو سُڪل ڦُر، سُڪل پيرون، کري کڄي وڃڻ وقت بچيل ان، ڪنڍي.“
(بلوچ ، 1985ع، ص: 2165)
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ڪوڪڙ‘ لفظ ھن ريت ڪم آندو آھي:
ڪوڪَڙِ ڪَنڊيرِنِ ۾، ڦُوڪِيو ڦَڪَ ڀَرِيندِي،
ڏيههَ ڏاڏاڻيٖن پَکَڙيٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، وائي، ص: 596)
ٻهراڙين ۾ ڄار ڪن بيمارين لاءِ دوا طور بہ استعمال ٿيندي آھي. ننڍي ٻار کي پيٽ جي تڪليف لاءِ ماءُ جي ٿڃ ۾ ڄار جا ٻہ ٽي پَن نپوڙي پياريندا آھن. ٿر واري پاسي جڏهن ننڍن ٻارن جي، سياري ۾ ڇاتي وٺجي ويندي آھي تہ پوءِ کين کنگھ ۽ تيز بخار ٿي پوندو آھي، ان لاءِ سيڙهڪي ڄار جا پن ڪٽي، ٻاجهريءَ جو اٽو ملائي، ماني ٺاھي. مانيءَ جو ھڪ پڙو پچائي، ان تي تيل مکي، مٿان ھيڊ جو ٻورو ٻُرڪائي، ان ننڍڙي ٻارڙي جي ڇاتي تي ٻڌبو تہ کيس اڌ مُني ڪلاڪ ۾ آرام اچي ويندو.
ڄار جون ڪاٺيون گهڻيون ڪم اينديون آھن، خاص طورهندن ۾ جڏهن شادي ٿيندي آھي ۽ چونري جو وقت ايندو آھي، تڏهن چورس اٺن ڏهن فوٽن تي ’ڄار‘ يا ’کٻڙ‘ جون ڇڙيون کوڙيون وينديون آھن ۽ ڄار جون چار ڪليون ٺاھي کوڙي ۽ ان جي چوطرف گُدڙو ڪچو پيلو ڌاڳو ٻڌي، ڦيرا ڏياريا ويندا آھن.
کِھ:
کِھ، گاھ/ ڪک جو قسم آھي. قد ۾ ھڪ ٻہ فٽ ڊگهو ٿئي ٿو. ھن گاھ جي ڏانڊين ۾ ڳُريون ٿين ٿيون، جي زمين ۾ پاڙون ھڻن ٿيون. ان جا پَن سنھا ٿين ٿا. شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ھيٺين بيت ۾، ’کِھ‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
چُرَنِ چُڻِڪَنِ چِتَ ۾، گهارِينِ مَٿي گهٽَ،
کِھہ مانڌاڻُو، مَکَڻِي، ڍوئِينِ پاسٖي ڍَٽَ،
پَھُنوارَڪي پَکَڙيٖن، وَڃِي ڪَرِيان وَٽَ،
ساڻيھ سامھين سَٽَ، ڪَندِيَسِ ڀَڃِي ڪَڙَنِ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 4، ص: 588)
ھي ٻوٽو سنگهر پڻ جهلي، جيڪا ڏيڍ انچ ڊگهي ٿئي ٿي. کِھ، ول وانگر زمين تي پکڙجي ٿي. کِھ سائي ھوندي تہ چوپايو مال چاھ سان چرندو آھي. ھن خوشبودار ول کي مال کائي تہ مال جي وات ۾ خوشبوءِ ٿي ويندي آھي. ھي گاھ ڏهرن، کيٽن، ڪڇي وارن ھنڌن ۽ ميدانن ۾ جام ٿئي ٿو. سُڪڻ کان پوءِ، ڀُريو ختم ٿيو وڃي.
کِيروليون (کير ول):
کيرول، سنهن پنن واري ھڪ ول آھي، جنھن جي پن ۽ ڏانڊي ڇنڻ سان کير نڪرندو آھي، تنھن ڪري ھن کي ’کيرول‘ چوندا آھن. شاھ لطيف، سُر مومل راڻي ۾ ھن ول جو ذڪر ڪيو آھي. ٿر واري پاسي ھن ول کي ’وؤڌيلي‘ يعني کير وارو ٻوٽو ڪري چون. ھن ول کي پاڻيءَ جي وڌيڪ گهرج ھوندي آھي. ھيءَ ول سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندي آھي. شاھ لطيف، ھيٺئين وائيءَ ۾، ھن ول جو ذڪر ڪيو آھي:
کارايان کِيرولِيُون، چاريان چانگي کـٖي،
ڪيئن ڪَرِيان، ڪاڏي وَڃان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ستون، وائي، ص: 546)
ھن ول جو کير، اڪ وانگر کارو ڪونہ ٿئي، ھن جو کير مٺسرو آھي. ھيءَ ول گهڻو ڪري سڀ چوپايو مال کائيندو آھي، پر اٺن جو پسنديدہ چارو آھي، خاص ڪري ڍڳين ۽ ٻڪرين جو پٽڙو کير ھي گاھ کائڻ ڪري گهاٽو ٿي پوندو آھي.
گُگر / گگراڻ:
ھن وڻ کي ٿر واري پاسي گگراڻ ۽ لاڙ، ڪوهستان واري تر ۾ گُگر چون. ھي وڻ ڪوهستان واري پاسي جبلن، بٺين، کانٽين ۽ گهارين، ٿر واري پاسي ڀٽن جي مٿان ۽ پاسن وارن لاھن ۾ عام جام ٿئي ٿو.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي ھيٺين بيت ۾ گُگر جو ذڪر ڪيو آھي:
وَرُ سـٖي وَطَنَ ڄائِيُون، صَحرا سَتُرَ جَنِ،
گولاڙا ۽ گُگِرِيُون، اوڇَڻُ اَباڻَنّ،
ويڙهيا گهمَنِ وَلِييٖن، جهانگِي مَنجھه جهنگَنِ،
مون کي مارُوئَڙَنِ، سُڃَ ڳڻائِي سيڄَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 568)
گُگر جو وڻ، ڏڪار جي ڪري سڪل ڪاٺين وانگر ڏسبو آھي، پر مينھن وسندي ئي ٻن ٽن ڏينھن ۾ ھي وڻ ساون پنن سان ڍڪجي ويندو آھي، ھن وڻ جو ٿڙ ۽ ٽاريون ڏنگيون ڦڏيون ھونديون آھن. ھن ۾ ٿري ڍڳي جي سڱن وانگر وريل، ننڍا ننڍا اڇسرا ڪنڊا بہ ٿيندا آھن. ھي وڻ ھڪ قسم جو ٻج پڻ جهليندو آھي، جنھن کي ٿر واري پاسي ’گگريا‘ ۽ ڪوهستان واري پاسي ’گهوگهٽيون‘ چون ٿا. گُگر وڻ جي پنن توڙي گهوگهٽين کي ٻڪري تمام شوق سان کائيندي آھي. ھن وڻ جو ٿڙ ۽ ٽاريون لسيون ۽ رَسُ سان ڀريل ھونديون آھن، ٿڙ جي مٿان بصر وانگر اڇسرا پردا يا تھ ھوندا آھن، ھن جي ٿڙ ۽ ٿلهين ٽارين کي چُٽڻ سان ھڪ قسم جو رَسُ نڪرندو آھي، جيڪو زمين تي پوڻ کان پوءِ، ڳنڍا ٿي ويندو آھي، جنھن کي گُگر (کؤنر) چئبو آھي.
رس نڪرڻ کان پوءِ، اھو وڻ ھميشہ لاءِ سڪي ويندو آھي. ڪوهستان واري پاسي جبلن جي اڌوڪن ۾ ھن جھڙو ئي ھن کان قد ڪاٺ ۾ وڏو ھڪ ٻيو وڻ ’ڀاھِي‘ ٿئي ٿو، جنھن کي گُگر جھڙا پن ۽ گهوگهٽيون پڻ ٿين، جن کي جبل جا گهيٽا ۽ جهنگلي ٻڪر شوق سان کائيندا آھن.
گلابُ:
گلاب جو ٻوٽو، سڄي دنيا ۾ ھر ھنڌ ٿئي ٿو. اٽڪل چار پنج فوٽ کن قد ڪري، ان جي ٽارين تي سهڻا ۽ وڻندڙ گل ۽ تکا ۽ چھنبيارا ڪنڊا پڻ ٿين ٿا. گلاب جو گل ھر ھنڌ پسند ڪيو وڃي ٿو. ڪنھن جي آڌرڀاءُ ڪرڻ مهل ان جي پنڙين جي ورکا ڪئي ويندي آھي، خاص مهمان يا گهوٽ کي گلاب جي گلن جا ھار پارايا ويندا آھن ۽ ڪنوار جي سيج تي وڇايا ويندا آھن. جنازي ۽ قبر تي بہ گلاب جي گلن جي چادر يا پنڙيون وڌيون وينديون آھن.
ھن گل جي سرهاڻ بہ پنھنجو مٽ پاڻ آھي، تنھن ڪري ان مان مختلف قسمن جا عطر پڻ ٺھن. محمد خان جروار، پنھنجي ڪتاب ’زرعي سائنس‘ ۾ لکي ٿو: ”گلاب ۽ ٻين گلن جھڙوڪ للر، ڪارنيشن، گليڊيولس، ڪريسينٿيمم وغيرہ جي سڄي دنيا ۾ گهڻي گهرج آھي. ھنن گلن جو شمار ڪٽ فلاور جي صنعت ۾ ٿئي ٿو. ھيءَ صنعت دنيا ۾ تہ ڪافي ترقي ڪري چڪي آھي، پر اسان وٽ بنھ بنيادي سطح تي آھي، ان کي ترقي ڏيارڻ جي ضرورت آھي، ڇاڪاڻ تہ گلن جي پيداوار سڄو سال سٺو اگهہ ڏياري ٿي ۽ اُپت جو ڊگهي وقت تائين انتظار بہ ڪونہ ٿو ڪرڻو پوي. خرچ جي ڀيٽ ۾ نج نفعو بہ گهڻو ٿو ملي. گلن جو استعمال شادين، غمين، روزانو تقريبات، خوشبو، دوائن، عرق ۽ ٻي مصنوعات ۾ ٿئي ٿو.
(جروار، 2011ع، ص: 280)
ان کان علاوہ، گلاب جي گلن ۾ کنڊ ملائي ’گلقند‘ ٺاھيو ويندو آھي، جيڪو پڻ دوا طور ڪتب اچي ٿو.
گلاب جي پوک سرءُ ۽ بھار ۾ ڪئي ويندي آھي. گلاب جون چڪيون پنجن فوٽن جي مفاصلي تي پوکيون وڃن ٿيون. ”گلاب جا ٻہ سؤ کان وڌيڪ قسم پوکيا ويندا آھن. درجي بندي جي لحاظ کان انهن کي ڇُڳن جي صورت ۾ گل جهليندڙ، وڏي سائيز جا گل جهليندڙ ھائبرڊ يا ٻسر، ننڍي قد وارا، ولين وارا، جهڳٽي دار خوشبودار پاڙن مان پيدا ڪيل نسل دار گلاب چيو ويندو آھي.“
(جروار، 2011ع، ص: 280)
گلاب جي گلن جا مختلف رنگ ھوندا آھن، پر سمورن مان گلابي ۽ اڇو گلاب مشھور آھن. ھن جو ٻج ٿئي ڪونہ، پر قلمن وسيلي پوکبو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’گلاب‘ جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
جھڙا گُلَ گُلابَ جا، تِھَڙا مَٿَن ويٖسَ،
چوٽا تيل چَنبيلِيا، ھا ھا ھو ھَميش،
پَسِيو سُونهن سَيّدُ چي، نِينھن اَچَنِ نيٖشَ،
لالَڻَ جي لِبيسَ، آتَڻِ اَکَرُ نہ اُڄَھي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 524)
گَندَ:
پٻڻ جي پاڙ ۾ ھيٺيان جيڪي لوڙھ ٿين ٿا، تن کي ’گَندَ‘ چئبو آھي، اھو پاڻيءَ ۾ پيدا ٿيندو آھي. شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾، ڍنڍ ۾ ٿيندڙ ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي، انهن ۾’گند‘ جو پڻ ذڪر ڪيو آھي.
گَندَ جَنِي جي گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ،
اُنِي جي اوطاقَ، راجا رِيجھِي آئِيو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 280)
گولاڙا:
گولاڙو، برساتي ڏٿ جو قسم آھي، جيڪو مينھن وسڻ کان پوءِ، ڏهرن، پوٺن، سنئين زمين ۽ ڀٽن جي لاھن ۽ ڪنڊين، ڪرڙن، ڄارين ۽ کٻڙن ۾ پاڻ مرادو پيدا ٿيندو آھي. شاھ لطيف، ’گولاڙي‘ جو ذڪر ھن بيت ۾ ڪيو آھي:
سَنِھِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مَارُوءَ سين ساھُ،
ويٺِي سارِيان سُومَرا! گولاڙا ۽ گاھ،
ھِنيُون مُنہنجو ھُتِ ٿِيو، ھِتِ مِٽِي ۽ ماھُ،
پَکَنِ مَنجهہ پَساھَ، قَالِبُ آھي ڪوٽَ ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 12، ص:586)
گولاڙي جي ول برسات پوڻ سان تُرت ئي سائي ٿي ويندي آھي ۽ ٿورن ئي ڏينھن ۾ اصل وڻ تي چڙهي ان کي لڪائي ڇڏيندي آھي. ھن جا پن ٽڪنڊا ۽ گهرا ساوا ٿيندا آھن. ھيءَ ول کارڪ جيڏو ميوو جهليندي آھي، جنھن کي ’گولون‘ چئبو آھي.
جڏهن ھن ول ۾ گولاڙا ڪچا ھوندا آھن، تڏهن ھڪ عام کارڪ جيڏا پيا لڏندا ۽ جڏهن پچڻ شروع ٿيا تہ پوءِ ڳاڙها ٿيندا ويندا آھن. ھن ڏٿ کي ماڻهو توڙي پکي پکڻ بہ کائين. ھي جيئن ئي پچڻ شروع ڪندو آھي، تيئن بلبليون، ھيڙا، ڪانگ، ڪٻرون، وهيا وغيرہ کائڻ شروع ڪندا آھن. جيسين گولاڙو پچي تہ پويان کان مڪمل کاڄي ويندو آھي. اتفاق سان ڪو بچي وڃي تہ پوءِ ڪنھن ڌنار جي ور چڙهي. گولاڙي جي ول ڪوهستان توڙي لاڙ جي پوٺن واري علائقي ۾ بہ ٿيندي آھي.
گولُون: گولاڙي جي ول ۾ ڳاڙهي رنگ جو ھڪ گول ميوو ٿئي ٿو، جنھن کي ’گولون‘ چوندا آھن. اھو ڏٿ جو ھڪ قسم آھي ۽ پسارڪي ڪم ۾ دوا طور پڻ استعمال ٿئي ٿو. گولون جو ذڪر شاھ لطيف، سُر مارئيءَ جي وائي ۾، ھن ريت ڪيو آھي:
گولُون گولاڙَنِ جُون، جَھٖپي ساڻُ جهٽِيندي،
ڏيھَ ڏاڏاڻيٖن پَکَڙيٖن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، وائي، ص: 596)
ڳاڱا (ڳاڱو):
ڳاڱو، جهنگلي ميوي جو ھڪ قسم آھي، جيڪو ھڪ ڏٿ پڻ آھي. ھي ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ عام جام ٿئي ٿو. مينھن وسڻ کان پوءِ، ان جو وڻ سائو ستابو ٿيو وڃي، ان جي وڻ کي بہ ’ڳاڱيءَ جو وڻ‘ ڪوٺجي ٿو، جيڪو قد ۾، ٽن کان چئن فوٽن جو ھجي ٿو. ڳاڱو، ليار جھڙو پر گول ھجي ٿو، جنھن جي اندر ککڙيون ھجن ٿيون. رنگ سائو ھوندو اٿس، پچڻ کان پوءِ، ان جو رنگ مٽجي ڳاڙهو ٿيو وڃي.
شاھ لطيف، ’ڳاڱا‘ لفظ جو استعمال سُر حسينيءَ ۾ ڪيو آھي:
آما، لِيما، ڦُلَ ڦارُوها، ڳاڱا، راڱا جِتي،
پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڏهون، وائي ٻي، ص: 478)
ڳَنڍِيرَ:
ڳنڍير، گاھ جو ھڪ قسم آھي، جنھن کي ٿر واري پاسي ’گشيو‘ بہ سڏيندا آھن. ھي گاھ سڄيءَ سنڌ ۾ جام ٿيندو آھي. ھي گاھ وسڪاري کان پوءِ ڏهرن ۽ پڪي زمين ۾ ٿئي ٿو. ھن گاھ کي ڳنڍيون تمام گهڻيون ٿينديون آھن، ان ڪري ھن کي ’ڳنڍير‘ چئبو آھي.
شاھ لطيف، سُر مارئيءَ ۾، ھن گاھ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
جيئن ڳَنڍِيُون مَنجهہ ڳَنڍِيرَ، تيئن مُون مَنَ مارُوئَڙَنِ سين،
سي مارُوئَڙا ٿَرِ ٿِيا، جي ڳُڻَنِ جا ڳَھِيرَ،
تَنِين رِيءَ، ھَمِيرَ! گهنگهر گهارِيان ڏينھَڙا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقہ، بيت 34، ص: 612)
ھيءُ گاھ جي سائي رنگ جي پنج ڇھ انچ زمين تي وڇايل سنهين ڏانڊين جي ھيٺين ڀاڱي ۾ ڳنڍيون ٿينديون آھن، ھر ڳنڍ زمين ۾ پاڙ ھڻي وري ڏانڍيءَ کي زمين تي وڇائيندي ويندي آھي، ايئن اھو سلسلو سوين ڳنڍين تائين پھچندو آھي. اھي ڳنڍيون سڪڻ کان پوءِ، ھيڊ سريون ٿي وينديون آھن.
ھي گاھ رڍ جي پسنديدہ خوراڪ آھي، ٻڪري ۽ ڳئون بہ ھن گاھ کي کائيندي آھي. پوک واري زمين لاءِ ڳنڍير نقصانڪار آھي. سڪڻ کان پوءِ، ھاري ھن گاھ کي ساڙي پوءِ پاڙان پٽرائيندا آھن، ڇاڪاڻ تہ مينھن پوڻ کان پوءِ وري ڦٽي پوندو آھي.
لاڻو / لاڻي:
لاڻو، ھڪ قسم جو گاھ آھي، جنھن کي چانگو (اٺ) چاھ سان چرندو آھي. ھي گاھ ميداني علائقن ۾ جام ٿئي ٿو. ھن جو ھڪ قسم پٽ تي پکڙيل ٿئي ٿو، جنھن کي ’پٽ لاڻو‘ بہ چون ٿا. ھن جا گل ھيڊي رنگ جا ٿين ٿا ۽ ھي گاھ لوڻاٺيل زمين تي ڪثرت سان ٿئي ٿو. سنڌ ۾ گهڻو ڪري ٿرپارڪر، دادو ۽ بدين جي علائقن ۾ ھي گاھ جهجهو ٿئي ٿو. ڪجهہ علائقن ۾ لاڻو پٽي ان کي باھ ڏيندا آھن، تہ ان جا ڪارا ڳنڍا ٺھندا آھن، اھي ڳنڍا ڪپڙن ڌوئڻ لاءِ کار جو ڪم ڏيندا آھن.
شاھ لطيف، ھن گاھ جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون چَري،
ڪُڌاتُورو ڪَرَهَو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
اِن مَيي سندي، ماءِ! مون ڳالهڙينِ ڳوڙها ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 142)
لُلُر:
لُلُر، ڀاڄيءَ جو ھڪ قسم آھي، ھي ٻوٽو ٻنين جي ڪسين تي ٿيندو آھي، وسڪاري کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ عام جام ٿيندو آھي. لُلُر ڪچو ھوندو تہ ڍورن لاءِ گاھ ٿي ڪتب ايندو آھي، ان کي چونڊي رڌي ڀاڄي ٺاھبي آھي، جنھن کي ’لُلُر جو ساڳ‘ چئبو آھي. لُلُر جو ساڳ غريب غربي لاءِ ڳنڌڻ آھي.
شاھ لطيف، ’لُلُر‘ جو ذڪر، سُر مارئيءَ جي ھن بيت ۾ ڪيو آھي:
پَھُنوارَنِ پاٻوهِيو، ڪِي واھوندنِ وَسَ،
عُمَرَ اُنهين ڏيھَ جا، ڏوٿِيَن ڏِٺَمِ ڏَسَ،
وَلِيُون وَڻَ ڦُلارِيا، لُلُرَ نِڱِيو لَس،
آڻِيو وِجھنِ آھرُيٖن، سَندا ٽُوهَنِ ٽَس،
ميوا، مَڃُرَ، ماکِيُون، سَڀَ ڪا چَکَنِ چَس،
ماڙِيءَ وِهي مَس، مَلِيرِ وِيندِي مارُئِي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 3، ص: 584)
لَنب:
لَنب، گاھ جو ھڪ قسم آھي، جنھن جو ٻج ٿر جا ماڻهو ڏڪار جي مند ۾ ڏٿ جي طور تي رڌي کائيندا آھن. لَنب جي چوٽيءَ ۾، چانور جي داڻي جھڙو ٻج ٿيندو آھي. شاھ لطيف، ’لَنب‘جو ذڪر ھن بيت ۾ ڪيو آھي:
آڻِينِ ڪِي چاڙهِينِ، ڏُٿُ ڏِيهاڻِي سُومَرا!
سَٿا ڪِيو، سَيّدُ چـٖي، سائُون سُڪائِينِ،
مَنجهان لَنبَ لَطِيفُ چي، چانئرُ ڪِيو چاڙهِينِ،
پُلاءُ نہ پاڙِينِ، عُمَرَ! آراڙِيءَ سين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 4، ص: 584)
ھن گاھ جي چوٽيءَ ۾، تير جھڙو ٽڪنڊو پيچ ٿئي، جنھن جي بُڻ ۾ ھڪ سوٽي ٿئي، جيڪا پچڻ کان پوءِ پاڻهي ڇڻيو پئي، جا ماڻهن توڙي مال جي پيرن ۽ جسم ۾ تير وانگر چُڀيو وڃي. ھي گاھ سنهن تاندورن جو ھڪ مُچورو ھوندو آھي. قد ۾ ٽن چئن انچن کان وٺي، ڏهن پندرهن انچن تائين ٿئي ٿو. سُڪي تہ ڳائو توڙي ٻاڪرو مال ان کي چاھ سان چرندو آھي. ھن گاھ ۾ ھلڪي سرهاڻ پڻ ٿئي ٿي. ٿري توڙي ڪوهستاني ماڻهو، لَنب جو ٻج ڏٿ طور استعمال ڪندي، چانورن وانگر داڳ ڏئي رڌي کائين. لَنب کي ٿري ۽ ڪوهستاني ماڻهو ’لنب مکڻ چنڊ‘ چون، ڇوتہ لَنب کائڻ سان مال جي کير ۾ مکڻ سوايو ٿيندو آھي.
لُوتَ:
لُوتَ، وڻ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو پاڻيِءَ جي ڪناري تي ٿئي ٿو. ھن وڻ جا پن ۽ ٽاريون ڪنڊن سان ڀريون پيون ھونديون آھن. ھي وڻ ھيڊي رنگ جا گل جهليندو آھي. ھن ۾ سنهڙو ۽ ڪاري رنگ جو ٻج ٿئي ٿو. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’لُوتَ‘ جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
واھڙَ! وَهين مَ ڇالَ، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِييٖن،
پَسان تنھنجٖي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ، لِيارَ،
جُہُ تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 234)
لوهيڙو / روهيڙو:
لوهيڙو، ھڪ وڻ جو قسم آھي، جيڪو ٿر ۽ جابلو علائقن ۾ گهڻو ٿئي ٿو، ان کان علاوہ ڇاڇري تعلقي جي اوڀر پاسي ۽ ننگرپارڪر ۾ گهڻو ٿئي ٿو. ھي ڀٽن ۽ دڙن تي نہ ٿيندو آھي، پر ڏهرن ۾ جتي زمين سخت ھوندي آھي، اُتي ھي وڻ جام ٿيندو آھي. شاھ لطيف، ’لوهيڙي‘ جو ذڪر سُر سامونڊيءَ ۾ ھيٺين ريت ڪيو آھي:
سَرَ لوهِيڙا ڳَڀِيا، ڪُسَرَ نِسَرِيا،
تو ڪيئن وِسَرِيا، ڍولِيا! ڏينھَن اَچَڻَ جا؟
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 28، ص: 194)
لوهيڙي لفظ تي عالمن جا مختلف رايا آھن. ڪي چون ٿا تہ ھي لفظ اصل ۾ ئي ’لوهيڙو‘ آھي ۽ ڪي عالم چون ٿا تہ ھي لفظ ’روهيڙو‘ آھي. جيئن تہ اسان وٽ سنڌيءَ ۾ ’ل‘ ۽ ’ر‘ ۾ مٽ سٽ ٿيندي رهندي آھي، جيئن ٿر = ٿل، جر = جل، روهڙي = لوهڙي، ڪراچي = ڪلاچي وغيرہ، اھڙي نموني ھتي ’ر‘ پڻ ’ل‘ ۾ تبديل ٿيل آھي.
سياري ۽ بھار جي موسم ۾، ھن وڻ ۾ ڳاڙهسرا ۽ پيلا گل ٿيندا آھن، جن سان سڄو وڻ سٿجي وڃي ٿو. گلن ۾ ڪا خوشبوءِ نہ ھوندي آھي، باقي ڏسڻ سان اکين کي فرحت پئي ايندي آھي. ھن وڻ جي ڇڻيل گلن کي ٻڪريون توڙي ھرڻ وڏي شوق سان کائيندا آھن.
لوهيڙي جو ٿڙ ٿلهو ٿيندو آھي، ھي وڻ ڪنڊي، ٻٻر وغيرہ جيترو قد ڪندو آھي. ھن وڻ جي ڪاٺي تمام قيمتي آھي، ھن جي ڪاٺيءَ مان انيڪ قسم جون عمارتي شيون ٺھنديون آھن. مثال طور: ڪامون، داسا، ٿنڀا، پٽيون، درن ۽ درين جا چوکٽ، کٽن جا پاوا، ايسون ۽ اُوپرا، تختا، پينگھا، پاکڙا، ڪرسيون، ميزون، کٽون، ڪٻٽ، اکريون. ھن وڻ جو ڪاٺ سمنڊ توڙي درياھ تي ھلندڙ وڏين ٻيڙين جي ٻاھرين تختن ۾ لڳندو آھي. ھن وڻ جي ڪاٺيءَ کي اُڏوهي ناھي لڳندي، ڇو جو ھن جو ڪاٺ ڪڙسرو ھوندو آھي.
لِيار:
لِيار، ھڪ قسم جي وڻ جو نالو آھي، ان جي ميوي کي بہ ’ليار‘چون، جيڪو نارنگي مائل گلابي رنگ جو ٿيندو آھي. ليار، ليسوڙي ۽ گيدوڙي جي نسل مان آھي. ليار، ليسوڙيءَ جي ميوي جھڙو پر ننڍو ٿئي ٿو ۽ ان کان وڌيڪ مٺو پڻ ٿئي ٿو. ڪراچيءَ جي مشھور ۽ قديم علائقي ’لياري‘ جي نالي بابت بہ ڪن محققن جو چوڻ آھي تہ، ھن جوءِ ۾ ليار جو وڻ گهڻي انگ ۾ ھوندو ھو، ان ڪري ’لياري‘ سڏيو ويو.
شاھ لطيف، ليار جو ذڪر ھن طرح ڪيو آھي:
واھُڙَ! وَهين مَ ڇالَ، سُڪِي ٻيلاٽِيُون ٿِييٖن،
پَسان تنھنجٖي پيٽَ ۾، لاڻا، لُوتَ، لِيارَ،
جُہُ تو سَڀَ ڄَمارَ، آسائِتِيُون ٻوڙِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 234)
ليمون:
ليمي جو وڻ سنڌ ۾ عام جام ٿئي ٿو. ھن وڻ جا پن واڙول ٻير جي پن جھڙا ٿين ٿا، پر ٻير جي پنن کان وڌيڪ ٿلها ۽ سخت ٿين ٿا. ھي وڻ زمين ۾ سڌيون ۽ ڪِليءَ جيان پاڙون ھڻندو آھي. ھن وڻ ۾ ٿورا پر وڏا ڪنڊا بہ ٿين ٿا. ليمون جڏهن ڪچو ھوندو آھي تہ ان جو رنگ سائو ھوندو آھي ۽ پچڻ کان پوءِ پيلو رنگ جهليندو آھي، ليمي جو ذائقو کٽو ھوندو آھي. ليمي جو تاثير ٿڌو ھوندو آھي، ان ڪري گرميءَ جي موسم ۾ ان جو شربت پيئڻ سان جسم جي گرمي گهٽجي ويندي آھي، ليمون حڪمت ۾ پڻ ڪم ايندو آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’ليمي‘ جي ڳالهہ ھن ريت ڪئي آھي:
آما، لِيما، ڦُلَ ڦارُوها، ڳاڱا، راڱا جِتي،
پيرُ سُڃاتائِين پرينءَ جو.
شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ڏهون، وائي ٻي، ص: 478)
مانڌاڻي/ مانڌاڻو:
مانڌاڻو، ھڪ قسم جو گاھ آھي، جيڪو ٿر جي ماڻهن لاءِ نہ رڳو مال جو چارو آھي، پر سندن قوت گذران جو بہ ڪم ڏيندو آھي. ھن گاھ کي ’ڏُٿ‘ بہ چئي سگهجي ٿو. ھي ڏُٿ، ٿر جي وارياسي پٽن بدران سخت زمين ۾ گهڻو ٿئي ٿو. ھن گاھ جا پن سنهڙا پر ڊگهيرا ٿين ٿا ۽ ھن جي ٻوٽي جي چوٽيءَ تي چئن، پنجن يا ڪن تي ڇھن ڦاڪن وارو سنگ پڻ ٿيندو آھي.
مانڌاڻو ۽ مانڌاڻيءَ ۾ ٿورو تفاوت آھي، جيڪڏهن غور سان انهن جي سنگن جو مشاھدو ڪبو تہ ان جون ڦاڪون، مانڌاڻي کان وڌيڪ کليل ھونديون آھن. ٿر جا ماڻهو ان کي ڍاٽڪي ٻوليءَ موجب ’جهيرڻيو‘ پڻ چوندا آھن. مانڌاڻيءَ جو اَنُ اڇي رنگ جو ٿيندو آھي، جيڪو سائون ۽ مکڻيءَ جي اَن کان ٿلهڙو ۽ سخت ٿيندو آھي.
ٿري ماڻهو مانڌاڻيءَ جو اَن پچي راس ٿيڻ کان پوءِ ان جون گُنديون ڀري رکندا آھن. ڏڪار ويل ٻاجهريءَ ۽ جوئر سان مانڌاڻيءَ جو اَن گڏي پيهي ماني پچائيندا آھن. مارُن لاءِ ھي نہ رڳو ڏکئي وقت جو ساٿي آھي، پر ھُو تہ وڏن ڏڻن جي موقعن تي پڻ مانڌاڻو شوق سان کائيندا آھن.
پانڌِي! پِرِينءَ پَھُنوارَ کي، چَيُمِ تيئن چَئيجِ،
سَندا سَنگتِ ڏينھڙا، وَرَ! مَ وِساريجِ،
ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگهي سارَ لَهيجِ،
مُٺِ مانڌاڻٖي مُنجيجِ، تہ نِيئَرنِ ۾ نَئُون ڪَريان.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقہ، بيت 25، ص: 609)
مُڃَ:
سَرن جي ڪانن کي ڪپي ڪانن کان ڌار ڪبو آھي، پوءِ انهن کي سَٽي ڪُٽي ’مُڃ‘ ڪبو آھي ۽ ان مان نوڙيون ٺاھبيون آھن. انهن نرم نوڙين کي ’مُڃ جو واڻ‘سڏيو ويندو آھي، جنھن سان کٽون، پينگها، منجيون واڻبيون آھن. ان کان علاوہ فيش کي پڻ مُڃ ڪري واڻ ٺاھبو آھي.
سٽڻ ۽ ڪُٽڻ جي جن مرحلن مان گذري مُڃ جون نرم واڻ يا نوڙيون ٺھنديون آھن، ان تان سنڌي ٻوليءَ ۾ اھو اصطلاح ٺھيو تہ: ’ماري مُڃ ڪرڻ‘. شاھ لطيف بہ لاھوتين جي اھڙين ڏکين مرحلن، تپسائن ۽ رياضتن مان گذري پنھنجي ’من کي ماري مُڃ ڪرڻ‘ جي مام، ھن بيت ۾ بيان ڪئي آھي:
بُکَ وِڌائُون بگِرِييٖن، جوڳِي ڪندا جُڃَ،
طَلَبَ نہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيئَنِ اُڃَ،
لاھُوتين لَطِيفُ چـٖي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ،
سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجھا ٿِيا.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان نائون، بيت 1، ص: 817)
مُکڙي (مُکري) / مکڙيون:
اڻ اپٽيل گل کي مُکري/مُکڙي چئبو آھي، گل ٽڻڻ کان پھرين، مُکري، مُکڙي يا ڪليءَ جي شڪل ۾ ھوندو آھي. اھا مُکري، مکڙي يا ڪلي پوريءَ طرح ٽڙڻ کان پوءِ، گل بڻجندي آھي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’مُکڙيءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
آڻي ٻَڌُمِ وَڻَ جاءِ، مانَ مُکَڙِيُون چَري،
ڪُڌاتُورو ڪَرَهَو، لِڪِيو لاڻِي کاءِ،
اِنَ مَيي سندي، ماءِ! مون ڳالھڙينِ ڳوڙها ڪِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 142)
مَکَڻِي:
مکڻي، ھڪ گاھ جو قسم آھي ۽ مارو ماڻهو ھي ڏٿ طور بہ استعمال ڪن. ھي گاھ مينھن پوڻ کان پوءِ پوٺن ۽ سخت پٽن تي جام ٿئي. ھن گاھ جا سنهڙا پر ڊگها پن ھوندا آھن. مکڻي گاھ ڊيگھ ۾ ڏيڍ ٻہ فوٽ کن ھوندو آھي ۽ چوٽيءَ ۾ پنجن ڇھن ڦاڪن وارو چيريل سنگ جهليندو آھي. شاھ لطيف، ھيٺين بيت ۾ ’مکڻي‘ جو ذڪر ڪيو آھي:
ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، کائُرَ ۾ خوشحالَ،
سائُون، سِيارِڇُ، مَکَڻِي، جيڏِيُون! آڻينِ جالَ،
سَتِيءَ جِي سَيّدُ چٖي، ڪا ساڻيهه مَنجھه سَنڀالَ،
لِڱنِ تان، لَطِيفُ چي، لوئِي لاھ مَ لالَ!
ڀَلو ڪَندو ڀالَ، مينھن وَسَندا موٽُ تُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 5، ص: 593)
ھي گاھ جڏهن سڪندو آھي، تہ ان جا سنگ لڻي، سٽي ان مان ھلڪي ڳاڙهي ڪارسري رنگ جو ٻج ڪڍبو آھي، جو ٻاجهري ۽ جوئر جي اَنَ سان ملائي پيھندا آھن. مَکڻيءَ جو اَنُ چانورن وانگر چيڙهالو ھوندو آھي، تنھن ڪري ماني بہ لڳ ڀڳ چانورن جي سواد جھڙي ٿيندي آھي. جڏهن مکڻيءَ جو گاھ سائو ھوندو آھي تہ ان کي گهوڙا، مينھون ۽ ڳئون شوق سان چرندا آھن.
ميندي:
ميندي، ھڪ خوشبودار ٻوٽي جو نالو آھي، جنھن جون ٽاريون سنهيون ٿين ٿيون. ھن ٻوٽي جي پنن کي سُڪائي، پيهي ۽ ڇاڻي، ھٿن ۽ پيرن کي لائبو تہ ڳُوڙهو ناسي رنگ ڏيندي آھي. ميندي عام طور خوشيءَ جي موقعي تي لائبي آھي، خاص طور گهوٽ ۽ ڪنوار کي شاديءَ واري شام لائبي آھي. سنڌ ۾، ميھڙ جي ميندي گهڻي مشھور آھي، ھن وقت اھا ڏيساور بہ موڪلي وڃي ٿي.
شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’مينديءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:
مَيا! تو مُهارَ، سَڄِي پايان سونَ جِي،
چارِيئين چَندَنُ چوٽِيُون، نايو ميندِيءَ ڏَارَ،
سَندِيَ پيءَ پَچارَ، جي مون راتِ رَساڻِيين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 22، ص: 143)
ميھا (ميھو):
ميھا، ھڪ قسم جي ڀاڄي آھي، جنھن جي ول مندائتي وسڪاري کان پوءِ ڦٽندي آھي. ھيءَ ول چڀڙ ۽ ڇانھينءَ/هنداڻي جي ول وانگر زمين تي پکڙبي آھي، ھن ول جا ھنداڻي جي پن جي شڪل جھڙا ٿورا ننڍا پن ٿين.
ھن ول ۾ ھيڊاڻ مائل اڇسرا گل ھوندا آھن، جي وري سايون ٻنڊيون جهليندا آھن، اھي ٻنڊيون وڌي گول شڪل ڌارينديون آھن، جن کي ’ميھا‘ چئبو آھي، ڪوهستان توڙي ٿر يا سڄي سنڌ جا ماڻهو ميهن جي ڀاڄي وڏي شوق سان کائيندا آھن. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۽ سُر مارئيءَ ۾ ھن ريت ذڪر ڪيو آھي:
جيٖھا جي تيٖھا، مُون مارُو مَڃِيا،
مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ مِھا،
منھنجي آهَ اِھا، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقہ، بيت 9، ص: 606)
وَؤڻَ:
وؤڻ جي ٻوٽي جو ٿُڙ ۽ ٽاريون سنهڙيون ۽ نرم ٿينديون آھن. ھي ٻوٽو ٻن کان ستن فوٽن تائين ڊگهو ٿئي ٿو. ھن جا گل ھيڊي ۽ اڇي رنگ جا ٿيندا آھن، انهن گلن مان وري پوءِ مخروطي شڪل جو ’ڏيڻو/گوگڙو‘ ٿيندو آھي، جنھن ۾ ڪپھ ھوندي آھي ۽ ڪپھ ۾ وري اُن جا ٻج ھوندا آھن، جن کي ’ڪڪڙا‘ چوندا آھن. فصل جي پچي راس ٿيڻ تي چونڊو ٿيندو آھي، جنھن مان ڪپھ حاصل ٿيندي آھي. ھٿ جي اوزارن سان يا ھاڻي فيڪٽرين ۾ ڪپھ کي ٽاڻي ڌار ڪبو آھي ۽ ’ڪڪڙا‘ ڌار ٿيڻ کان پوءِ تيل ڪڍڻ لاءِ گهاڻن يا فيڪٽرين ۾ پھچائبا آھن، جتي ڪڪڙن مان تيل ڪڍي ’کڙ‘ بچندو آھي، جيڪو مال لاءِ وڻندڙ ۽ طاقت واري خوراڪ آھي.
وؤڻ جو فصل آڳاٽي دؤر کان سنڌ ۾ ٿيندو اچي. محمد خان جروار، پنھنجي ڪتاب ’زرعي سائنس‘ ۾ لکي ٿو: ”وؤنئڻ جي پوک جو اصل وطن ڏکڻ ايشيا آھي، جنھن ۾ پاڪ ۽ ھند جا علائقا اچي وڃن ٿا. سنڌ ۾ وؤڻن جي پوک پنج ھزار سال پراڻي آھي. موهن جي دڙي ۾ ڪپھ ٽاڻڻ ۽ ڪپڙي اُڻڻ جو اعليٰ بندوبست ٿيل ھو. ھي فن سنڌو ماٿريءَ جي مک مرڪزن جھڙوڪ ٺٽي، نصرپور، ھالا، سيوهڻ ۽ ٻين شھرن ۾ عروج تي پھتل ھو.“
(جروار، 2011ع، 192)
شاھ لطيف، سُر ڪاپائتي ۾ وؤڻن جو ذڪر ڪيو آھي:
نہ سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون،
پَسِيو بازاريُون، ھِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئٖي.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 24، ص: 833)