آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ جانورن جو ذڪر

شاھ جي رسالي ۾ جانورن جو ذڪر



اُٺ

اُٺ قديم دؤر جو جانور آھي، جنھن کي سواريءَ کان سواءِ مال ڍوئڻ ۽ نار مان پاڻي ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو ھو.

”اُٺ ھڪ مشھور پالتو جانور آھي، جنھن کي بيابانن جو جھاز بہ چوندا آھن. ھي جانور قد بت جي لحاظ کان وڏو ۽ مضبوط جانور ٿيندو آھي، پر عقل ۽ فھم جي لحاظ کان نھايت سادو ۽ موڳو ٿيندو آھي.“(سنڌي انسائيڪلوپيڊيا، 2005ع، ص:272)

اُٺ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ٻہراڙين ۾ عام جام نظر ايندو آھي، جنھن کي گهڻو ڪري سواري، مال ڍوئڻ ۽ چوپائي مال طور ڪم آڻي، سندس کير ۽ گوشت واپرايو ويندو آھي.

ھن کي چار ٽنگون ۽ گديءَ جھڙا گول پير ٿيندا آھن. ھن جي ڳچي ڊگهي، پر ڪَن ۽ پُڇ ننڍا ٿيندا آھن. اُٺ جي پُٺيءَ تي ھڪ وڏو ڳوڙهو ٿيندو آھي، جنھن کي ’ٿوهو‘ چيو ويندو آھي. ڪن اٺن کي وري ’ٻہ ٿوها‘ بہ ٿيندا آھن، ٿوهو سڄو چرٻيءَ سان ڀريل ھوندو آھي.

”ٻن ٿوهن وارا اُٺ، چين ۽ گوبيءَ جي بيابانن ۾ عام جام نظر ايندا آھن. ٻن ٿوهن وارن اٺن کي ’بغدي‘ چون ٿا. اُٺ جي جسم تي جيڪي وار ٿيندا آھن، تن کي ’ملس‘ چئبو آھي. انهيءَ ’ملس‘ مان کٿا، لويون، فراسيون، رسا ۽ اُٺ جا آٿر ٺھندا آھن.“(سنڌي انسائيڪلوپيڊيا، 2005ع، ص: 273)

”ٻن ٿوهن وارو اٺ سڀ کان پھرئين 3500 سال اڳ پالتو ٿيو، پر اڃا بہ ڪي باختري اُٺ جهنگلي آھن. ان کان سواءِ باقي سڀ جنسون پالتو ٿي چڪيون آھن.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 128)

انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ وڌيڪ لکيل آھي تہ ”اُٺ گهڻن ئي کارن ۽ ڪنڊر قسمن جو گاھ بہ چري ٿو. مٿيون چپُ ٻہ ڦاڪو اٿس، چَرڻ مھل اھو ٽيڙي ڇڏيندو آھي... اُٺ جا رنگ ھلڪي ڀوري کان وٺي ناسي ۽ ڪاري تائين گهڻائي ٿيندا آھن. ان جي ڊيگهہ 2.2 کان 3.4 ميٽر (ساڍا ست کان 11 فٽ) ٿئي ٿي ۽ وزن 450 کان 550 ڪلو ٿئي ٿو.“ (سنڌيانا، جلد 1، 2009ع، ص: 128) مادي اُٺ کي ڏاچي يا اُٺڻي چئبو آھي. ڍُڪي يا گرڀوتي ڏاچي 370 ڏينھن پيٽ سان رهندي آھي، ۽ ھڪڙو ئي ٻچو پيدا ڪندي آھي. سنڌ جي ڊيلٽا، ٿر ۽ ڪوهستان ۾، اُٺن جي وڏي پئماني تي پالنا ٿئي ٿي، جنھن ۾ 200 کان 500 تائين جا وڳ نظر ايندا آھن.

عمر جي لحاظ کان سنڌي ٻوليءَ ۾ اٺ جا ڌار ڌار نالا آھن:

لاؤرو/گورو: کير ڌائڪ ٻچو

ڌپڙ يا ڪنواٽ: ھڪ کان ٻن سالن جي عمر وارو ٻچو

ڇَٽُ: چئن کان پنجن سالن جي عمر وارو

دَوڪُ: پنجن کان ڇھن سالن جي عمر وارو اُٺ. انهيءَ عمر ۾ کيس ھيٺيئن ڄاڙيءَ ۾ ٻہ ڏند نڪرندا آھن.

چؤڳو: چئن ڏندن وارو ھيءُ اُٺ ڇھن کان ستن سالن جي عمر جو ٿئي ٿو.

نَيش: ستن سالن ۽ ان کان وڏيءَ ڄمار واري اُٺ کي ’نيش‘ چوندا آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ اُٺ جو گهڻو ذڪر ڪيو آھي. کيس مختلف نالن سان سڏي، سندس کاڌي پيتي، عادتن، ھلت چلت، سنجن ۽ پاکڙن، لارن ۽ گهنڊڻين کي بہ ساريو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، اُٺ جو تفصيل سان ذڪر شايد ان ڪري ڪيو آھي، جو ان زماني ۾ اُٺ کي عام طور سواري ۽ مال ڍوئيءَ گذر سفر ڪرڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو ھو، زناني سواريءَ لاءِ اُٺ تي ڪجاوو رکي کين اُن ۾ ويھاريو ويندو ھو. صوفين، اُٺ کي انسان جي ’نفس اَماره‘ سان تشبيھ ڏني آھي.

ھن بابت، ليکڪ احسن جوکيو، ’ڪلاچي‘ ۾ ڇپيل پنھنجي مقالي ’ڪَرها ڪسر ڇڏ‘ ۾ ھن طرح لکي ٿو: ”صوفي بزرگن، اُٺ کي ’نفس‘ سان تشبيھ ڏني آھي. نفس امارہ ۽ اُٺ جي پاڻ ۾ عادتاً مشابهت آھي. اُٺ جيستائين بالغ نہ ٿيو آھي، تيستائين اُن ۾ ٻاراڻيون عادتون پيون معلوم ٿينديون، رڙندو، ڀڄندو، ضدي ۽ ھوڏي رهندو آھي، پر جڏهن بالغ ٿيندو آھي، پوربو ۽ ڦُلاربو آھي، لڪل جذبا کڙا ٿي پوندا اٿس، تڏهن فطرتي طور جوش ۽ مستيءَ جا عنصر غالب ٿي ويندا آھن ۽ اھو اُٺ پنھنجي مُٽ ۾ پاڻ ترڪندو رهندو آھي. مستيءَ ڪري پنھنجي پُڇ سان پاڻ کي پِٽيندو ۽ ڪٽيندو رهندو آھي، ان ڪري ’نفس اماره‘، جيڪو انسان جو ازلي دشمن آھي. سُرت ۽ ساڃاھ وارن روحاني بزرگن نفس امارہ کي اُٺ سان تشبيھ ڏني آھي.“ (ڪلاچي تحقيقي جرنل، جون 2002ع، ص: 151)

شاھ لطيف جا ڪي شارح پڻ مختلف بيتن جي تشريح ۾ ان مشابهت جو حوالو ڏين ٿا.شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ اُٺ جي لاءِ ھيٺيان نالا ڪتب آندا آھن.

”اُٺ، ڏاگهو، چانگو، ليڙو، ميو، بوتو، جماز، ڪرهل، گورو، گنگو، موڏو، روڏو، نيش، دوڪ، ڪنواٽ، مهري، راڏُو، اُشتر يا شُتر، نانگو، ڀُور، پُور، پانچار، ڍاٽي، ڪرهو.“ (ڪلاچي، تحقيقي جرنل، جون 2002ع، ص: 159)

اُٺ

اَڳي اُٺَ رَڙَنِ، مُون ڀيري ماٺِ ٿِئِي،

پلاڻِيندي پاڻَ ۾، ڪُڇيو ڪِينَ ڪُٺَنِ،

ڪا جا مامَ مُٺَنِ، ھِنِ پُڻِ ھُئِي ھُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 10، ص: 375)

ڏاگهو:

ڏاگهنِ ڏيرَنِ ڏُونگَرَنِ، ٽنهي ڏِنَمِ ڏُکَ،

سي سَڀ ڀانيَمِ سُکَ، ھيڪاندِ ڪارَڻِ ھوتَ جٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 2، ص: 373)

چانگو:

وَٽي سيٽَ سُوَٽَ، پاءِ پنھنجي ڪَرَهي،

وَلِيُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيُون مَٿي پَٽَ،

چانگي چَکِي چَٽَ، تہ پوءِ نہ رَندو پَيِنڌَ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 32، ص: 145)

ٻُور:

اَڃا ٻُورُ ٻِھَاڻُ، ڌَڻِيَنِ ڌُڻِي ھَٿِ ڪِئو،

سَازُ مِڙوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پَاڪُ پَلاڻُ،

پِرِين چَڙهَندو پَاڻُ، وَالِي ٿِيندو وَڳَ جو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2021ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 53، ص: 119)

ميو/ ڀُورُ/ ڪرهو:

ڀُورُ نہ چَري ٻُورُ، ڇَڏيو تُورُ تَڪُون ڪَري،

مُونيٖن ھَڻِي موٽيو، ڪَرَهو راتِ ڪَپُورُ،

مَيو ٿِيو مَعمُورُ، چَندَنُ چَکِي آئِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 27، ص: 144)

بوتو / جَماز:

اِيندِيَئي بُو بوتَنِ جِي، تُون جَھلِجِ پَٻَ پَيالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

جِتي جَمازَنِ کي، جَبَلَ ٿِينِ جَنجالَ،

شالَ سَڳَرِ ٿيندينءَ ساٿَ جي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان ٻيو، وائي پھرين، ص: 52-351)

توڏو، موڏو، روڏو:

اِجلِس ڪَري اُٿِيا، تَنوارِيو توڏَنِ،

نَومَ نوازيئه، اُنِ جي، مَرحَبا موڏَن،

رِڙهِي رَسُ روڏنِ، اَلَيوم سِيرُوا سَسُئِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان پھريون، بيت 4، ص: 413)

گورو:

اَڱَڻَ مَٿي اوپِرا، جَڏِهن ڏِٺَئـٖي توڏا،

وَنگيِئـٖي نَه وارَنِ سين، تَنِ گورَنِ جا گوڏا،

تہ لَڪَنِ جا لوڏا، ھوندَ نَه سَٺَئِي سَسُئِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 8، ص: 375)

گُنگو:

جَتَ ھَڏِهِين ھُتِ، مُون ھِتِ ھينئڙي ۾ حَلُ ٿِيا،

چَنگُلَ جَنِين چؤڦرا، راحَتَ تَنِ جِي رُتِ،

گُنگَنِ جِي گُپُتِ، ڇيڙيٖ وِڌِيَسِ ڇَپَريٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 18، ص: 377)

دوڪَ، چؤ سال، پانجار، نيش:

دوڪَ دَهِلِيا جِتِ، گنؤرا ھَلَنِ نہ گَسَ ۾،

چَؤسالَ ئِي نہ چَلِڻا، ٿِي تَنگَ نِهاري تِتِ،

سُوڌِي اُنِين، سَيّدُ چي، پوءِ پانچارِيَنِ پِرِتِ،

اِنَ اَڙانگي پَنڌ جِي، ڪا نيشَنِ پوءِ نِرِتِ،

سَسُئِي وَڏي سَتِ، جا اِھَڙِيءَ پَرِ پَنڌُ ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٻيو، بيت 13، ص: 383)

ليڙو:

اَللهَ ڪارَڻِ، اوٺِيا! ليڙا نِهو مَ لُرَ،

نِهو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانهِيءَ جَھلي ٻُرَ،

مون کي ماري مَنجھ ٿِي، سَندي ھوتَنِ ھُرَ،

ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 385)

مهري:

مِزِمانَنِ مَهِرِي، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾،

چائي چَنبَنِ ۾ وِيا، جيئن بَازُ سٽي بَحرِي،

ڪوهِيارو قهرِي، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 387)

شُتَر:

ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتَر اُنِ سِينگاريا،

ٽَلِيُون، ٽؤنرَ، ھَلَوِيُون، وِيا ڇيرون ڇِمَڪائي،

لَنگِھيا لَڪَ، لَطِيفُ چي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسَرو آھي،

واڳون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرَ تي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 2، ص: 405)

ٻڪري / پَھون / ڇيلو / ڇيلي

ٿر واري پاسي ٻڪرين کي ’پھون‘ چيو ويندو آھي. جتي مارو ماڻهن جو گذران گهڻي ڀاڱي ٻاڪري مال تي ھوندو آھي. ٻڪري ھڪ عام گهريلو حلال جانور آھي، جنھن مان کير، گوشت ۽ کل ملي ٿي. ھن جانور جا سنڌ ۾ ڪافي قسم آھن، سڀني ۾ ڀلو قسم ’ڪامُوري‘ ٻڪريءَ جو آھي، جنھن جا ڪَن ڊگها ھوندا آھن ۽ کير ھڪ لٽر کان اڍائي لٽرن تائين ڏيندي آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام جي ڪيترن ئي بيتن ۾ (خاص ڪري سُر مارئيءَ ۾) ٻڪرين، پھون، ڇيلن ۽ ڇيلين جو ذڪر ڪندي، مارئيءَ جي پنھنجي جوءِ، مال، وٿاڻ توڙي مارُن سان محبت جو وچن ورجايو آھي.

بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾، پِيارِين پَھُون،

سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون،

پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،

ڏِينهان ڏينھن نَئُون، مون وِرِههُ ويڙِيچَنِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 9، ص: 590)

ٻَڪَرَ ٻَاٻَاڻَنِ جَا، تَڙَنِ تي آئُون تڙِيندِي،

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئون، سُر مارئي، مصرع: ڇھين ، داستان ٽيون، ص: 397)

ھَي ڀُنگا ھَي ڀيڻِيُون، ھَي مَارُنِ جَا مَڪَانَ،

ڇيلا ھُئَا ڇُڙَندا، تَرهي ڪَندا تَاڻَ،

سي ھَنڌَ پَسِي سُومَرا، ڪَارِي لَڳَمِ ڪَانَ،

مَارُو ھُئَا مهمَانَ، اُٺي وِئَا اُڪِرِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئون، سُر مارئي، داستان 20، بيت 1، ص: 503)

جَنبو (گِدڙ)

گِدڙ، ھڪ مشھور جهنگلي جانور آھي، جنھن کي لاڙي لهجي ۾ ’جنبو‘۽ عام طور تي ’گدڙ‘ چوندا آھن. ھي جهنگ جو ڊڄڻو جانور آھي، پر ڏر تي اھو بہ شينھن مثل آھي. چوڻي آھي تہ:’ڏر تي گِدڙ بہ شينھن آھي.‘ ان سان گڏ، گِدڙ چالاڪ پڻ آھي، جيڪو رات جو لِڪي، گهرن مان ڪڪڙ بہ کڻندو آھي. ھي گهڻو ڪري ٽولي جي شڪل ۾ ھلندو آھي، جي جهنگ ۾ ڪو ٻڪريءَ يا رڍ جو ڦَرُ اڪيلو ملي وڃيس تہ ان کي چيري ڦاڙي رکندو آھي. ھي جانور ڪتن کان ونءُ ويندو آھي. ’شاھ جي رسالي‘۾، جنبو جي نالي سان ھن جانور جو ذڪر ڪيو ويو آھي:

سَھسين مِڙي سِيَارِڙا، جي جَنبُو جَاڳَرَ ڪَنِ،

ڪَيهَرَ ڪَنُ نَه اُڊَڪي، ڊاءِ نَه ڊِڄي تَنِ.

گِدَڙَ مَرُ گِرَنِ، سِينهَن نَه ڌَيڄو دِلِ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 4، ص: 370)

ڏاند/ ڍڳو / ٻڙڌ / گابو / وهڙو

ڏاند، جنھن کي گهڻو ڪري ’ڍڳو‘ بہ چوندا آھن. ھي جانور طاقت توڙي سکيي ستابي ھجڻ جي نشاني آھي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان لڌل مهرن تي ھن جانور جي شڪل اُڪريل ملي ٿي. دنيا ۾’ Bull Power‘ سگهہ ۽ طاقت جي نشاني ليکي وڃي ٿي. ھي جانور، ڀريل، ٿلهو متارو، مٿي تي ٻن وريل خوبصورت سڱن ۽ مختلف رنگن جو ٿيندو آھي. عمر جي لحاظ کان، ڏاند جي ورڇ ھيٺين ريت ٿيندي:

گابو: جيڪو ڦر، ماءُ جو کير پيئي، ان کي ’گابو‘ سڏيندا آھن.

ٻِہ ڏندو يا ٻڙاندو: ٻہ ڏند اچن تہ ’ٻڏندو‘ يا ’ٻڙاندو‘ سڏبو آھي.

چوڳو: چئن ڏندن وارو ’چوڳو‘ سڏبو آھي.

وهڙو: ھلڪي بار لاءِ جوٽيندا آھن تہ: ان کي’وهڙو‘ چوندا آھن.

ڏاند: جڏهن ان کي مڪمل ڏند اچن يا باقاعدہ ھر ڦار ۾ جوٽجي تہ ان کي چون ’ڏاند‘ ۽ لاڙ ۾ ان کي ’واھو‘، ’هاري‘ يا ’ڍڳو‘ چوندا آھن.

ھي جانور ڏاڍو ڪمائتو آھي، زمين کيڙڻ توڙي بار ڍوئڻ لاءِ ھن جانور کي ھر يا ڍڳي گاڏيءَ ۾ ٻڌندا آھن. ھن جانور جو ذڪر شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾، ھيٺينءَ ريت ڪيو آھي:

ڏاگهنئون ڏيرَنِ، جي آندا ٻَڙڌَ ڀنڀور ۾،

ھَڻي چِيلَ چَرا ڪِيا، وَههِ پَئي وَهُڙَنِ،

کُڙيءَ کڙڪو ان جو، ھوند ستي سو سڀن،

ڏاندَنِ ساٿ، سَيدُ چي، پياديُون پھچنِ،

جَن جو پيرُ نہ لڳو پَٽيين، تَنِ آيمِ ساڻُ اٺنِ،

گُنگن ۽ جُنگن، مُنڌَ اَسُونهِين ميڙيين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 19،ص: 375)

ڏاند يا ڍڳي جا سڱ ٻاھرين پاسي نڪتل ھوندا آھن ۽ سڱن جون پاڙون ھڪٻئي کان پري ھونديون آھن. سڱن جي چھنبن جو منھن مٿئين پاسي ھوندو آھي ۽ سندس قد چئن کان پنجن فوٽن تائين ھوندوآھي. ڍڳن جا پڇ چئن کان ساڍن چئن فٽن جا ٿيندا آھن. ڏاند جي ماديءَ کي ’ڳئون‘ يا ’ڍڳي‘ چئبو آھي، جا کانئس قد ۽ بُت ۾ ڪجهہ ننڍي ٿيندي آھي. ھن ئي بيت ۾، شاھ لطيف، ھن جانور جي جوان وهٽ وهڙي، توڙي ٻرڌ (ٻڙد) جو بہ ذڪر ڪيو آھي.

وَسي تَڏَهن وَسَ، مُندَ مِڙوئِي مينھن جِي،

کٽَرِن کيٽا ڇَڏِيا، جي مِڙيون ٿي مَسَ،

گابا مٿي گَسَ، ڏُکَ نہ ڪندا ڏُٻِرا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 19، ص: 687)

ھن بيت ۾ کٽر جو لفظ استعمال ٿيل آھي، کٽر، اُن ڍڳيءَ کي چئبو آھي، جيڪا کير ڏُهڻ نہ ڏئي.

روجهہ

روجهہ، ھڪ جهنگلي جانور آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’روجهہ‘ ۽ ’ٽاڪرو ڳئون‘، اردو ۾ ’نيل گائي‘ ۽ انگريزيءَ ۾ (Blue Bull) چئجي ٿو. روجهہ، ٿر جي علائقي ۾ ملي ٿو.

شاھ لطيف، ھيٺين بيت ۾ ’روجهہ‘، جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي:

روجهہ ڏِٺائِين راتِ، ھوتُ ڳولِيندي حَبَ ۾،

ڪيچِيَنِ جي ڪَڙِي ٿِيئي، توءِ تَنِين جي تاتِ،

ٻاروچاڻِي ذاتِ، مَناءَ مُئِيءَ نَه وِسَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 3، ص: 396)

ايشيا کنڊ ۾، سڱن وارن جانورن ۾، ’روجهہ‘ وڏي ۾ وڏو جانور آھي. ھي ڦڙتيلو ۽ متارو جانور، مختلف رنگن جو ٿيندو آھي، جيئن ڪارو، ڀورو، چٽڪمرو، اڇسرو وغيرہ.

ھي جهنگلي جانور، سنڌ ۽ ھند جي، رڻ ڪڇ واري علائقي ۾، اڄ تائين گهڻي انداز ۾ موجود آھي. روجهہ جو پُڇ ننڍو ۽ ڪنڌ تي گهوڙي جيان گهاٽا وار ٿيندا آھن، جيڪي ڪنڌ کان ھيٺ ڇڳي جي شڪل ۾ لڙڪندا رهندا اٿس. ھي ڏسڻ ۾ ڳئون جھڙي ھوندي آھي، ۽ ھن جو ڪنڌ سنهو ڊگهيرڙو ھوندو آھي. روجهہ جا 16 انچن کان 21 انچن تائين اڀا وريل تکا ۽ چھنبيارا سڱ ھوندا آھن، نر، ماديءَ کان وزن، قد بت توڙي خوبصورتيءَ ۾ ڪجهہ سوايو ھوندو آھي. ھن جانور جي مادي پاليل ڳئونءَ وانگي سال ۾ ھڪ ڦر ڏيندي آھي، جيڪو ماءُ جو کير پيئڻ کان پوءِ ھٿ نہ ايندوآھي. عام طور تي ھن جانور جو وزن ڇھن کان ٻارهن مڻن تائين ھوندو آھي.

سَرھ

سَرھ، ھڪ جهنگلي جانور آھي، جنھن کي سنڌيءَ ۾ ’ٽاڪرو ٻڪر‘ بہ چوندا آھن ۽ انگريزيءَ ۾ ‘Sindh Ibex’ جي نالي سان مشھور آھي. سرھ جو سائنسي نالو ‘Capra Aegagrus’ آھي. سرھ، قد بت ۾ وچٿري گابي جيترو ٿيندو آھي، ان جو قد اٽڪل ساڍا چار فٽ کن ٿيندو آھي. وزن جي حساب سان نر، ماديءَ کان ڳورو ٿيندو آھي. نر سرھ جو وزن پنجيتاليهن کان نوي ڪلوگرام ۽ مادي سرھ جو وزن پنجويھن کان پنجاھ ڪلوگرام تائين ٿيندو آھي. نر سرھ، پري کان پڌرو ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تہ ان کي 20 کان 50 انچ تلوار جيان وريل سڱ، 4 انچ کن ڏاڙهي ۽ ھٿ جيترو ڪارسرو پُڇ مادين کان ڌار ڪري بيھاريندو آھي، جڏهن تہ مادي سرھ جا سڱ، ننڍا ۽ سنها ٿيندا آھن. ھي جانور گهڻو ڪري ولر جي شڪل ۾ چرندو آھي، سرھ جي ولر ۾ 10 کان 30 کن نر ۽ ماديون ھونديون آھن. ھي جانور، سج اُڀرڻ کان پوءِ ۽ شام جي وقت چرندو آھي. سياري ۾ جبلن جي چوٽين تي اُس جو تڙڪو وٺندو آھي ۽ اونهاري ۾ جبلن جي چُرن، وٽن (وڏا پٿر) ۽ وڻن جي ڇانوَ ۾ آرام ڪندو آھي.

سرھ، سنڌ ۾ کيرٿر جي پھاڙي سلسلي ۽ ڪوهستان جي مشھور جبلن جھڙوڪ ڪانڀو، سورجاڻو، سنبڪ، ايري ۽ پاچراڻ، مهر جبل، ملير مڱٿر ۽ لُسر ۾ وڏي انگ ۾ ملي ٿو. سندس خوراڪ ۾ پانهيرو، گگر، ڀائي، ھَر ٻُٻِري، ڪونڀٽ ۽ روهيڙي جا گل، ٿوهر جا ڪچڙا گؤنچ ۽ ان جي ڪچڙي ڳُري شامل آھن، جڏهن تہ لَنب. کيھ، مريڙو، لُلر ۽ ٻيا گاھ بہ وڏي چاھ سان چَري ٿو، پنھنجي سڱن سان ڇاپرو ٻير ڌوڻي کائيندو آھي.

سنڌ ۾ ڏُڪار جي ڪري، جهنگلي کاڌ خوراڪ جي گهٽتائي، بي وقتي ۽ بيدرديءَ سان ھلندڙ شڪار جي ڪري سرھ جي واڌ ويجھ ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آھي. ھي تمام نفيس ۽ سھل پسند جانور آھي. پر سَرھ، اُڀڪپرن جبلن تي، سڌائيءَ ۾ تيزيءَ سان چڙهي ويندو آھي.

سرھ، ميگھ ملهار جي مند ۾ لَڳُ ڪندو آھي، ھڪ نر، گهڻين ئي مادين سان، ميلاپ ڪندو آھي. وَهر جي موسم ۾، نَر پاڻ ۾ وڙهي ھڪ ٻئي کي سڱن سان ڌَڪي وجھندا آھن.

سرھ جي مادي ٽن سالن جي ڄمار ۾ پھريون وَهر آڻيندي آھي ۽ ھر سال ھڪ ڀيرو وهربي ۽ ڇھن مھينن کان پوءِ، ھڪ يا ڪڏهن ڪڏهن ٻہ ڦر بہ ڄڻيندي آھي.

شاھ لطيف، سرھ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

جَبَلَ ۾ جانارَ، سَرَهَه گَڏَبَئي سَسُئِي،

ڀِنيءَ پوءِ ڀَوارِيين، ٻانڀَڻَ جِي ٻاڪارَ،

ھوتاڻِي ھيڪارَ، موليٰ مونکي ميڙئين.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 4، ص: 215)

سَسي / رڍ / گهيٽو

رڍ، کير ڏيندڙ چوپايو جانور آھي. رڍ جي نَر کي ’گهيٽو‘ ۽ نَر توڙي مادي ڦرن کي ’سَسا‘ يا ’سَسيون‘ سڏجي ٿو. سنڌ ۾، ’ڪُوڪِي‘ ۽ ’دُنبي‘، رڍ جا مشھور قسم آھن.

شاھ لطيف، ھن جانور جو ذڪر، ھيٺين ريت ڪيو آھي:

ڪانڌَ مَ وڪُڻ ڪُنڍِيُون، ڌَڻُ سَڀوئي ڌارِ،

اَڀَرِيُون، سَڀَرِيُون، پانهنجون، سَسِيُون سَڀِ سَنڀارِ،

ٻَنَ ڇَڏي، ڇَنَ پَئِي، وَڃِي وَلَهارَنِ وارِ،

تہ اَچي اِڱڻان بَھارِ، سَرِلا ڪَندي سَڏَڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، ( 1993ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 31، ص: 690)

شينھن / سينھن / ڪيسر/ڪيھر/ واگهہ

شينھن، ھڪ گوشت خور جهنگلي جانور آھي، جنھن کي جهنگ جي جانورن جو بادشاھ ليکيو وڃي ٿو. ھن جانور جو جهنگ جي سڀني جانورن تي ھڪ قسم جو دٻدٻو ھوندو آھي. شينھن تازو گوشت کائيندڙ جانور آھي ۽ ڍونڍ کي ويجهو بہ نہ ويندو آھي.’شاھ جي رسالي‘ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ شينھن جو ذڪر ملي ٿو.

ھي جانور مختلف نالن جھڙوڪ: ڪيسر، ڪيھر، ڪُرو، واگهہ، سينھن ۽ شينھن جي نالي سان سڏبو آھي. ھن جانور جي عادتن، خصلتن، قد ڪاٺ، شڪار توڙي وڙهڻ جي وَجهن جو ذڪر، ’شاھ جي رسالي‘ ۾ نھايت ئي پيرائتي نموني ملي ٿو.

ھن جانورن جي اصل نسل ۽ زندگيءَ تي کوجنا ڪندڙن ويھارو سالن کان ھن جانور بابت پنھنجو مشاھدو فلمائي جيڪي ٻڌايو آھي، شاھ لطيف اڍائي صديون اڳ انهن کان بہ وڌيڪ شينھن جي بھادري ۽ سونھن سوڀيا جون اونهيون ڳالهيون تشبيھاتي حوالي سان بيان ڪيون آھن.

شاھ لطيف، سخي ۽ بھادر سمي حڪمران جي ساراھ ڪندي، ان کي ’ڪيھر شينھن‘ سان تشبيھ ڏني آھي:

جَکَرو جوڙي، پَاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو،

ڪَيهَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِـؤ، مَلُ مُڇُون مَوڙي،

سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻَارِ جِيئَن ٻَوڙي،

گهوٽُ چَڙِهِئو گهوڙي، پيچِيَنِ لايَا پيچِرا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 174)

سُر سسئيءَ ۾، شاھ لطيف تشبيھاتي حوالي سان شينھن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

آءُ اوراھُون سُپِرِين! ڏُکِيءَ ڏيج مَ ڏاگهہ،

وَٽِ ڇَڏي مُون واگهہ، آرِي! وِئين عِشقَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ڏهون، بيت 4، ص: 326)

’شاھ جي رسالي‘ ۾، شينھن جي مڇي نہ کائڻ واري عادت کي ھن ريت بيان ڪيو ويو آھي:

ڪَيهَرِ قَصَدُ ڪَبَابَ سين، مَڇِي مُور نَه کاءِ،

جي سِينهان سَؤُ لَنگهڻين، توءِ نهَ لِکَ لَکاءِ،

پيرُ تِتَھِين پَاءِ، جِتِ نَاھهِ مَجَالَ مِرُونءَ جِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 19، ص: 374)

ھيٺئين بيت ۾، تازي گوشت کائڻ جي حوالي سان شينھن، باز ۽ جي ڀيٽ ھن ريت ڪئي وئي آھي:

نِينهَن سِيچاڻي سِينهَن، ٽِنهِي قَصَدُ ڪَبَابَ سين،

راتِ کاڌائُون ڏِينهَن، تَہ پُڻ ڀُڻَن بُکِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 20، ص: 274)

شينھن جي شڪار جي ڦُڙتيءَ بابت ’شاھ جي رسالي‘ ۾، مشاھداتي حوالي سان ھيٺئين بيت ۾، ھن ريت ڄاڻايل آھي:

ھَاٿِي ھِمَتَ سين ھَڻي، ھَرَڻَا ھَٿُ نَه ڏي،

سَامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِهوڙي نَي،

اِنَ ڪَيهَرِ ڪَنَان ڪي، ڀَڳَا ڀَاڳين اُبَھَنِ.

(شيخ، ٻانهون خان، 2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 13، ص: 373)

ھن بيت ۾، شينھن جي جسماني سگهہ، سونھن ۽ شڪار جي ھيئن ٿو ساراھ ڪري:

ڇوٽِيءَ نَرِيءَ مُکِٽِيءَ تَرِيءَ، ڇَوٽو ڪَيهَرِ پَاڻِ،

گَجي تہ گَينوَرَ ھَڻي، ٻِئَا مِرُون آسَان.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 3، ص: 370)

ڪُتو

ڪُتو ھڪ پالتو ۽ وفادار جانور آھي، جيڪو مال ۽ گھر جي رکوالي ڪري ٿو. شھر توڙي ٻہراڙيءَ ۾ رهندڙ ھر مالوند ماڻهو گهڻو ڪري ڪتو ضرور پاليندو آھي. ھاڻ ڪن ملڪن ۽ شھرن ۾ ڪتن کي گهرڀاتيءَ واري حيثيت حاصل آھي.

شاھ لطيف، ڪُتي جي مختلف خصلتن ۽ جدا جدا نالن جھڙوڪ: ’سگ‘، ’جنبور‘، ’ڪارايل‘، ’موتيئڙو‘، ’پونچي‘ ۽ ڪتي جي ننڍي ٻچي ’گُلر‘ جو بہ ذڪر ڪيو آھي. شاھ لطيف، ڪتي جي قسم ’جنبور‘ جو ذڪر ڪيو آھي. ’جنبور‘، مال توڙي گھر جي نظرداريءَ لاءِ انتھائي ڪارائتو ڪتو ھوندوآھي، جنھن کي مختلف شارحن سنهيءَ چيلهہ وارو ’تازي ڪتو‘ ڪري لکيو آھي، پر اصل ۾ ھي ٿلهو، متارو، وزنائتو ۽ وڏي منھن وارو ڪتو ’جانبور‘/’جنبور‘ جي نالي سان مشھور آھي.

جاڳايَسِ جَنبُورَ، ڪُتي قرِيبَنِ جي،

بَھِي بَھُڪِي اُٿِيو، گهڏِي مَنجهان گهورَ،

سَڀِ لاھِندو سُورَ، گِرِي ھِنَ غَرِيبِ تان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع،’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پھريون، بيت 4، ص: 346)

موتيئڙي: يعني پاليل ڪتي، جنھن جو نالو موتي (موتيئڙو) ، پر ھن بيت ۾ پاليل ڪتا گهڻا آھن، جي پنھنجي مالڪ جي چئي ۾ آھن، تن جو ذڪر ڪيو آھي، جيئن تہ فارسيءَ ۾ ڪتي کي ’سگ‘ چئبو آھي ۽ اُن جي مالڪ کي ’سگبان‘. ھيٺين بيت ۾ شاھ لطيف انهن لفظ کي ھن ريت استعمال ڪيو آھي:

سَگِبانَ جي سِينڍارِيا، بَڇِيا تي بَھَنِ،

ڦريا نہ فَرمانَ کان، مُلھ نہ موتِيَئڙَنِ،

ڪونهي ڏوهُه ڪُتَنِ، ڏاڪارِيا، ڏاڙِهينِ ٿا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع،’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان پھريون، بيت 11، ص: 347)

ڪتي جي ٻچي کي ’گُلر‘ ۽ ماديءَ کي ’ڪُتي‘ چئبو آھي.

گهوڙو

گهوڙو تمام مشھور جانور آھي، جيڪو قديم زماني کان جنگين توڙي سواريءَ لاءِ، استعمال ٿيندو رهيو آھي. ھي کير ڏيندڙ جانور آھي، ۽ ان جو ٻچو کير پيئندو آھي. گهوڙو قديم زماني ۾ بادشاھن جي سواريءَ جو ذريعو رهيو آھي، ان سان گڏوگڏ عام ماڻهو پڻ ھن جانور تي سوار ٿيڻ کي گهڻو فخر لائق ڀائيندا آھن. موجودہ دؤر ۾ سائنسي ترقيءَ سبب موٽر گاڏين ھوندي، اڃا تائين گهوڙو سواريءَ لاءِ ڪتب آندو وڃي ٿو.

شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ گهوڙي جي مختلف قسمن جو ذڪر ڪيو آھي، جيئن تازي، ڪيڪان، عراقي وغيرہ. گهوڙي جو ذڪر شاھ لطيف ھن طرح ڪيو آھي:

گهوڙَنِ ۽ گهوٽَنِ، جِيَڻُ، ٿورا ڏِينهَڙا،

ڪَڏِهن مَنجھ ڪوٽَنِ، ڪَڏهِن راھِي رِڻَ جا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر(2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 416)

تازي: سواريءَ جي ڳاڙهي رنگ جي عربي گهوڙي کي ’تازي‘ چوندا آھن. شاھ لطيف، تازيءَ جو ذڪر ھيئن ڪيو آھي:

اَڱڻَ تازِي، ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ،

سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،

اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 25، ص: 689)

عراقي: عراق جي گهوڙي کي ’عراقي‘ چئجي ٿو، جنھن جو ذڪر شاھ لطيف سُر بلاول ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

جي تُون آساتُو آئِين، تَہ چانئُٺِ ٻِي مَ چورِ،

ڪِيرا مَڱتنِ جان، کَڻِي آڻـٖي کوڙِ،

اُنَ دَرِ عِراقِي گهڻا، ڇانگُون ڪِيو ڇوڙِ،

تنھن سَيّدَ وَڏِي سوڙِ، جنھن ۾ مَٿو ھَڻَنِ مَڱڻا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان ٽيون، بيت 8، ص: 903)

ڪيڪان / ڪھڪان: مرليڌر جيٽلي، پنھنجي مقالي ’شاھ جي رسالي ۾ ڪيڪان لفظ جي پڙهڻي ۽ معنيٰ‘ ۾ لکي ٿو: ”موجودہ بلوچستان جي اُتر واري ايراضي ۽ اوڀر وارو ڳچ حصو سنڌ ديش جي حدن اندر ھو. راءِ گھراڻي ۽ برهمڻ گھراڻي جي حڪومت ۾ پڻ بلوچستان جو ھتي ڄاڻايل ’ڪيڪان‘ علائقو سنڌ جي راجائن جي حڪومت ھيٺ ھو، ان ڳالهہ ۾ ڪو بہ شڪ ناھي تہ: بلوچستان جا ’ڪيڪان‘ علائقي وارا گهوڙا ئي قديم زماني ۾ ’سئنڌو‘ يعني سنڌ جي گهوڙن جي نالي سان مشھور ھئا.“ (جيٽلي، 1989ع، ص:66)

مرليڌر جيٽلي مختلف حوالن ذريعي پنھنجي مقالي ۾ اھو بہ لکيو آھي تہ بلوچستان جي آڳاٽي ’ڪيڪان‘ نالي علائقي تان ئي گهوڙن کي ’ڪيڪان‘ يا ’ڪيڪاڻ‘ نالو پيو.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ ’ڪيڪان‘ جو ذڪر ڪيو آھي:

ڪَرَهو، نہ ڪِيڪانُ، پيرين آئون نہ پُڄَڻِي،

جو مون راتِ رَسائي، نيئِي ساڄَنَ ساڻُ،

مون نہ وَهِيڻُو پاڻُ، ويٺِي نيڻَ نِچوئِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 13، ص: 141)

مَڇُ / مانگر مڇُ

ھي پاڻيءَ جو ھڪ جاندار آھي، جنھن جو ذڪر مورڙي ميربحر جي قصي تي آڌاريل، ’شاھ جي رسالي‘ جي سُر گهاتو ۾ ملي ٿو. رسالي ۾ ان کي ’ميڪر‘ بہ سڏيو ويو آھي. ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ موجب مڇ جي معنيٰ مڇي، مانگر مڇ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب مانگر مڇ، ماڻهو کائيندڙ وڏو منگرو، ٻانهي خان شيخ موجب ھڪ قسم جون وڏيون مڇيون، مانگر مڇ آھي. جڏهن تہ ڪلياڻ آڏواڻي مڇ جي معنيٰ مانگر مڇ ۽ مرزا قليچ بيگ، مانگر لکي آھي.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن لفظ جي معنيٰ ھيٺئين ريت لکيل آھي: ”مڇ = وڏي مڇي.“(بلوچ، 1988ع، ص: 2613)

سمنڊ ۾ وڏيون مڇيون گهڻيون آھن، پر سُر گهاتو ۾ ذڪر ھيٺ آيل ’مَڇُ‘ ڪھڙو جانور ھو؟ ان بابت محققن مختلف روايتون بيان ڪيون آھن. ھڪڙا چون ٿا تہ اھو وڏو ڪڇئون ھو ۽ ٻين جو رايو آھي ھي وهيل يا شارڪ نسل جي ڪا وڏي مڇي ھئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”جنھن آفت سان مورڙي جو مقابلو ٿيو، اھا ڪھڙي آفت ھئي، ان بابت عام روايتن ۾ بہ اشارا آھن. ھڪڙي ۾ ان کي مانگر مڇ يا مڇ ۽ ٻين ڪڇون يا ڪڇئون سڏيو ويو آھي. لاڙ وارين روايتن موجب اھو وڏو ڪڇئون ھو. چون ٿا تہ سمنڊ ۾ وڏا ڪڇئان ٿين ٿا۽ ٻيڙياتن سان وڙهن ٿا. ٻين روايتن ۾، جي وڌيڪ مشھور ۽ مقبول آھن، ان آفت کي مڇ يا مانگر مڇ سڏيو ويو آھي مانگر مڇ جي معنيٰ وڏو منگرو، ويلڙو ۽ ويسر جنسون انهن ۾ شامل آھن، جن کي انگريزيءَ ۾ ’وهيل‘ چئجي ٿو. شارڪ جو شمار پڻ مانگر مڇن ۾ آھي ۽ اھو ماڻهوءَ کي کائي ٿو. ھن قصي جي روايتن موجب ھن آفت مورڙي جا ڇھ ڀائر ڳڙڪائي ڇڏيا ھئا، اھو ٽاڻو صرف مانگر مڇ سان ئي لڳي ٿو.“ (بلوچ، 2006ع، مقدمو، ص: 2)

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”مورڙئي جي قبر وٽ ھڪ ڪڇونءَ جو کوپو آھي، جيڪو ھڪ ننڍي ڪشتيءَ جيترو آھي. ’مورڙئي پوٽا‘ اڄ تائين ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪنڌين تي آباد آھن، سندن چوڻ آھي تہ مورڙئي جي جنگ ھڪ وڏي ڪڇونءَ سان ٿي ھئي. ھتان ھڪ نئون بحث شروع ٿئي ٿو. اھو سچ آھي تہ ھاڪس بي واري پاسي ڪڇئن جو ھڪ ناياب نسل رهي ٿو، جيڪو قد بت ۾ چڱو وڏو ٿئي ٿو، پر ڪڇئون بابت مشاھدو آھي تہ اھو گوشت سان گڏ گاھ خوري بہ ڪري ٿو. ٻي ڳالهہ تہ اڄ تائين اھڙو ڪو بہ ڪڇون ڪو نہ ڏٺو ويو آھي، جيڪو ھڪ ئي وقت ڇھن انسانن کي ڳڙڪائي وڃي!“(ابڙو، 2000ع، ص: 30- 329)

بدر ابڙو وڌيڪ لکي ٿو: ”۽ نيٺ ملاحن اھو مانگر مڇ ماريو جنھن جو وات ’سورنهن گز‘ ھو، ۽ جنھن کي سمنڊ مان ڇڪڻ لاءِ پنج سئو سانن ۽ پنج سئو يا نوَ سئو گهوڙن ۽ سئو پاڏن زور ھنيو.“ (ابڙو، 2000ع، ص: 34-335)

مورڙي ميربحر جي قصي موجب، ڪلاچيءَ جي ڪُن ۾ رهندڙ ’مَڇُ‘ مورڙي جا ڇھ ڀائر ڳڙڪائي ٿو، جنھن کان پوءِ مورڙو ميربحر، مڇ کي ماري پنھنجي ڀائرن جا ھڏڙا ڪڍي، ھاڻوڪي ماڙيپور روڊ تي گل ٻائيءَ وٽ پُوري ٿو.

’شاھ جي رسالي‘ ۾، مڇ جي شڪل شبيھ بابت ڪي اُھڃاڻ نٿا ملن، البت بيتن مان اھا پروڙ پئي ٿي تہ ھو ھڪ وڏو قدآور جانور ھو ۽ ان جي رهڻ واري جاءِ يعني ڪلاچيءَ جي ڪُن جي ھيبتناڪ ۽ ھاڃيڪار ھئڻ جي نشاندھي پڻ ڪيل آھي:

ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گهڙي سو نِئي،

خَبَر ڪونَ ڏِئي، تَہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 3، ص: 632)

مڇ جي زورآوري جي ڳالهہ ڪندي، شاھ لطيف چئي ٿو تہ ان کي ’جهڳن‘ جھڙي مڇي مارڻ واري عام رڇ يا ڄار سان قابو نہ ٿو ڪري سگهجي ۽ نہ ئي کيس اڻ آزمودو ملاح ماري سگهي ٿو:

گھ اُھي گهاتو ڳَيَا، گهوري نَه ڄَاڻَنِ،

جَنهِن پَرِ مَڇَ مَرَنِ، سَا پَرِ ھِي نہ سِکِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 18، ص:367)

مڇ کي اگهور يعني اونهي سمنڊ جي طاقتور لهرن سان منھن مقابل ٿيڻ وارو آزمودگار گهاتو ئي ماري سرخرو ٿي سگهي ٿو:

گهورِيندي گهور پِيا، اَگهوُر گهورِيائون،

مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ منھن سَنَرا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت15، ص: 634)

مڇي

مڇي پاڻيءَ جو ھڪ جيو آھي، جنھن کي پاڻيءَ ۾ ترڻ لاءِ ڳلڦڙا (ڪليون) ۽ ننڍا جوڙيدار پک ھوندا آھن. مڇي، کُليل سمنڊ، تازي پاڻي، درياھن ۽ ڍنڍن ۾ رهي ٿي. ھي ڪَلين وسيلي ساھ کڻندي آھي ۽ مئي کان سيپٽمبر مھيني تائين آنا ۽ ٻچا ڏيندي آھي.

مڇي سڄي دنيا سميت پاڪستان جي کاڌ خوراڪ ۽ معشيت جو ھڪ اھم حصو آھي، جنھن سان لکين ماڻهن جو روزگار واڳيل آھي. سنڌ ۾ مڇيءَ جا ڪيترائي قسم آھن، جن ۾ ڪُرڙو، پلو، موراکي، پاپليٽ، ڏنڀرو، ڄرڪو، مُنڊو ۽ ٻيا شامل آھن.

شاھ جي رسالي ۾ مڇي جو ذڪر ھن ريت ڪيل آھي.

ڪَيهَرِ قَصَدُ ڪَبَابَ سين، مَڇِي مُور نَه کاءِ،

جي سِينهَان سَؤُ لَنگهڻين، توءِ نهَ لِکَ لَکاءِ،

پيرُ تِتَھِين پَاءِ، جِتِ نَاھهِ مَجَالَ مِرُونءَ جِي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع) ،’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر شينھن ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 19، ص: 374)

شاھ جي رسالي ۾، مڇيءَ جي مختلف قسمن جو ذڪر ھن ريت آيو آھي:

ڄرڪو، لوهڻي، ٿيلهيون:

گهڙِي گهڙو ھَٿِ ڪري، اِلاھي تُھارَ،

ڄَنگھ ڄَرُڪي واتَ ۾، سِسيءَ کي سِيسارَ،

چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،

لَکين چَھُٽِيَسِ لوهَڻِيُون، ٿيلِهيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،

مِڙِيا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿيندي سُوهَڻِي!

(شاھواڻي، غلام محمد،2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 15، ص:220)

ڏنڀري:

نَہ ڪا بُوءِ بازارِ ۾، نَہ ڪا ڇِلُرَ ڇَٽَ،

جِتي ڏنڀَرِيَنِ جِي، اَڳي ھُئِي اُگهٽَ،

سي پِڙَ پَسِيو پَٽَ، ماڙهُو وَڃَنِ موٽِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 11، ص:634)

مِرون / سوئر

عام طرح سان ’سوئر‘ کي ’مِرون‘ چئبو آھي، پر ساڳي وقت جهنگ جي عام جانورن کي بہ ’مِرون‘ چيو ويندو آھي، جيئن سُر ڪيڏاري ۾ شاھ لطيف چئي ٿو:

حَسَنَ مِيرَ حُسينَ کي، رُنو ٽِنِ ٽولَنِ،

گھرِ ماڙهُوئين، جَھنگِ مِروُئين، اُڀَنِ ۾ مَلَڪَنِ،

پَکِيَنِ پاڻُ پَڇاڙيو، لَڏِيو ھوتَ وَڃَنِ،

اَلا! شَھِزادَنِ، سوڀُون ڏئين، سَچا ڌَڻِي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڪيڏارو، داستان ڇھون، بيت 14، ص: 678)

ھڪ ٻئي بيت ۾ مرونءَ جو ذڪر ھن ريت ڪيوا ٿس:

ڏانجهنِ تي ڏانجها، ڏِنائُون ڏُکِيءَ کي،

لَڳِيَسِ نائُڪَ نينھن جِي، ڪُڙِه اَندَرِ ڪا جا،

ٿَرَنِ ۾ ٿاجا، ڪَري مُنڌَ مِرُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 3، ص: 405)

مينھن

مينھن، ھڪ گهريلو چوپايو جانور آھي، جنھن جو شمار کير پياڪ ۽ کير ڏيندڙ جانورن ۾ ٿئي ٿو. ھن جانور جي نَر کي ’سان‘ يا ’پاڏو‘ ۽ مادي ڦر کي ’وڇ‘ چوندا آھن. شاھ لطيف جي دؤر ۾ توڙي ھاڻي بہ ڪن ھنڌن تي پاڏي کي ’وڇڙو‘ بہ چوندا آھن. شاھ لطيف ’وڇڙا‘ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

رَڙي ريٻارَڻِ، روءِ، واڙي پايو وَڇَڙا،

کَرا ويڻَ کَنگهارَ کي، چَنچلُ اُڀِي چوءِ،

واڙي وَڇُ نَه ڪوءِ، لاکو لوڙائُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 42، ص: 888)

مينھن ھڪ کير ڏيندڙ ڪمائتو جانور پڻ آھي، جنھن کي ڪاروباري حوالي سان پڻ پاليو وڃي ٿو. مينھن ڪاري، ڀوري ۽ ڪَڪي رنگ جي بہ ٿئي ٿي. مينھن پاڻيءَ جو تارو جانور آھي ۽ پاڻيءَ ۾ رهڻ کي پسند ڪري ٿي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، مينھن جي مخلتف قسمن جو ذڪر ڪيو آھي، جھڙوڪ: ڪُنڍي، ڪَڪي، ڀُوري، ماڻڪي وغيرہ. ماڻڪي، مينھن جو ھڪ قسم آھي، جنھن جي اکين ۾ اڇسريون ڦلڙيون ٿينديون آھن، ۽ اھا مينھن وڏي ڀاڳ ڀري ليکي ويندي آھي، جنھن کي ’اُميدڻ‘ بہ چوندا آھن.

ڀُوري:

ڀُورِيين پاندَ ٽِمَنِ، جَڳَھ جهاڳي آئِيُون،

ڪاڇو مينهِڙِيَنِ، مُدائِتو ئِي ماڻِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 32، ص: 886)

چال / ڪُڙمي:

مينهِيُون ھِنَ ميهَارَ جُون، اَللهَ ڪِيمَ مَرَنِ،

ڪُڙِمِيُون، چَالُون، مَاڻِڪِيُون، چَڱِيءَ جُوءِ چَرَنِ،

جي ھِنيِين نِتُ ھُرَنِ، ھُونِ سَلامَتَ سُپِريِن.

(شيخ، ٻآنهون خان، (2021ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 27، ص: 255)

ڪاري / ڪڪي/ ڪُنڍي:

مينهُون ھِنَ مِيهارَ جُون، اَلا! سَڀِ جِيئنِ،

ڪارِيُون، ڪَڪِيُون، ڪُنڍِيُون، وارا ڪِيو وِيَنِ،

جُوءِ جا جاندارَنِ جِي، ٻيلا ٻَھهَ ٻَھهَ ڪَنِ،

اَچِي ريلَ رَهَنِ، مون سانڀارا سُپِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 20، ص: 240)

وَڇ / وڇڙا / ماڻڪي:

’ماڻڪي‘ ۽ ’وڇ‘ جو ذڪر شاھ لطيف، سُر سهڻيءَ ۾ ھن ريت ڪيو آھي.

ميٖنهُون ھِنَ مِيهارَ جُون، اَلا! سَڀ بَچَنِ،

وَڇُون جي ڪِيرَنِ سين، سَدا ٿِيون سُونهَنِ،

مون کي ماڻِڪِيَنِ، تاڻـٖي ھَنيو تارِ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 19 ، ص: 240)

ڪُنڍيون:

ھن قسم جي چوپَ ڪاري ۽ سهڻن وريل سڱن واري مينھن کي، ’ڪنڍي‘ مينھن چيو ويندو آھي. ھن قسم جي مينھن، کير توڙي سونھن جي حوالي سان، تمام ڀلي ھوندي آھي. ھھڙي قسم جون مينهيون شوقين ڀاڳين جي وٿاڻ تي ھونديون آھن. سڄيءَ سنڌ ۾ ضلعي بدين جي تَر واريون مينھيون ڀليون ليکيون وينديون آھن. شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾ ڪنڍين مينھن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

اَڱڻَ تازِي ٻَھَرِ ڪُنڍِيُون، پَکا پَٽَ سُونهَنِ،

سُرَهِي سيجَ، پاسي پِرِين، مَرُ پِيا مينھن وَسَنِ،

اسان ۽ پِرِين، شالَ ھُونِ بَرابَرِ ڏينھڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 25، ص: 689)

نانگ

نانگ، ھڪ سُرندڙ جانور آھي، جنھن کي پير نہ ھوندا آھن، پر ھي پيٽ جي ھيٺيان کَلَ سوري ھلندو آھي. ان جانور جا ڪيترائي نسل ٿين ٿا، جيڪي ڄمار، جاگرافيائي ماحول ۽ نسلي حوالي سان ڌار ڌار رنگن جا ھوندا آھن.

نانگ، ڪرڙيون، ڏيڏر، ڪُوئا، پکي، ڪُڪڙ ۽ انهن جا آنا کائيندو آھي، اونهاري جي شروعاتي مھينن ۾ لڳ ڪري آنا لاھيندو آھي. نانگ، گهاٽن جهنگن، ٻيلن، ريتيلي ميدانن، جبلن ۽ پاڻيءَ وارن علائقن ۾ رهڻ پسند ڪندو آھي، ڪٿي ڪٿي انساني آباديءَ جي ويجهو خالي پلاٽن ۽ ويران جاين ۾ پڻ رهندو آھي.

نانگ جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا، جن مان ڪجهہ ويڙهه يا خطري مھل ’ڦڻ‘ ڪڍي بيھندا آھن ۽ ٻيا ’ڦڻ‘ ڪڍي نہ سگهندا آھن. ھي دشمنن کي ڏنگ ھڻي، ان جي جسم ۾ زھر اوتيندا آھن، جيڪو انتھائي موتمار ھوندو آھي.

سنڌ ۾، ڪيترن ئي قسمن جا نانگ ٿيندا آھن، جن ۾ ڪاريھر، واسينگ، پدم، ڪڇر وغيرہ شامل آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’نانگ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

پِھِرِين ڪاري نانگ جِي، ڪو ڇِرِڪِيَلُ ڇيڙَ ڪَريٖ،

جي ھَڻي ڏَنگُ ڏَسائِيو، ويجهو ڪينَ وَريٖ،

جيڪِي ٺَپِ مَري، جيڪِي سِڪي صِحَت کي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 157)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، نانگ ۽ ان جي مختلف قسمن جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:

سَپ: سَپَ جي معنيٰ آھي، نانگ جو ٻچو يا ننڍڙو نانگ، زھريلي بلا جو ھڪ قسم. عام چوڻي آھي تہ ’سپ نہ ماري سپ جو سراپ ماري‘

سَپ جو ذڪر، شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾ ڪيو آھي. شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾ نانگ جو ذڪر ڪندي، چئي ٿو تہ: انهن نانگن کي سنهڙو سمجهي اھو نہ سمجهہ تہ اھي خطرناڪ نہ آھن، پر اھي سنها سپ، ڏنگ ھڻي ھاٿي بہ ڪيرائي وجھن ٿا. شاھ لطيف، سُر ڪارايل ۾، ان جو ذڪر ڪيو آھي.

سَنَهان ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءُ واسينڱنِ جا،

جَنِين جِي جھڙَپَ، ھاٿِي ھَنڌان ئِي نَه چُري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 854)

ڪاريھر: ڪاريھر، نانگ جو ھڪ قسم آھي، جيڪو سنڌ ۽ خاص طور تي ڏکڻ بلوچستان ۾، گهڻي انگ ۾ ملي ٿو. ھي نانگ، اوڀر ايشيا ۾، ھندي سمنڊ جي ٻيٽن کان وٺي، سڄي ھندوستان ۾ ٿئي ٿو. ڪاريھر نانگ کي، انگريزيءَ ۾ Black Cobra چيو ويندو آھي، جڏهن تہ سنڌي ٻوليءَ ۾، ھن نانگ کي، رنگ جو ڪارو ھجڻ ڪري، ڪاريھر سڏيو وڃي ٿو.

ڪاريھر نانگ، نانگن جي ھڪ قسم ’پدم‘ جھڙو ھوندو آھي پر پدم جيان، ان جي ڦڻ تي ڪو بہ نشان نہ ٿيندو آھي. ڪاريھر جو قد، 12 فوٽن تائين ڊگهو ٿيندو آھي، ھي ڏنگ ھڻڻ يا وڙهڻ وقت ڦڻ ڪڍي، زوردار ڦوڪون ھڻندو آھي. ڪاريھر نانگ بابت، مولانا دين محمد وفائي لکي ٿو: ”واسينگ نانگ اھو وڙهندو نہ آھي پر جيڪڏهن ويڙه لاءِ ميدان ۾ آيو، تہ پوءِ ھن جو مقابلو بہ ڪي مڙس ڪري سگهندا.“ (وفائي، 2012ع، ص:106)

سنڌ ۾، اھا بہ روايت مشھور آھي، تہ ڪاريھر اصيل ۽ اشراف نانگ آھي، ھو ڪڏهن بہ اڳرائي ڪري، ڪنھن سان نہ وڙهندو آھي پر جيڪڏهن ڪو ھن سان ڇيڙڇاڙ ڪري تہ ان جو ننڍڙو ٻچو بہ وڏي کان وڏي جانور کي مارڻ جي سگهہ رکندو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ڪاريھر جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو:

ڪارا ڪُنَ، ڪارِي تُڳِي، جِتِ ڪاريھر ڪَڙَڪا،

مَئي مَتي مِهراڻَ ۾، اَچَنِ دُپارا دَڙَڪا

وِيندي ساھَڙَ سامُهان، جهولَ ڏِنَسِ جھڙَڪا

کَرِڪيَنِ جا کَڙَڪا، سُونهان ٿِئڙَسِ سِيرَ ۾

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سر سهڻي، داستان چوٿون، بيت 4، ص 237)

ڪَڇَرَ: ڪَڇَرَ ڪاري نانگ جو ھڪ قسم آھي. شاھ لطيف، ڪَڇَرَ جو ذڪر سُر ڪارايل ۾ ڪيو آھي. ھي نانگ گهڻي ڀاڱي زمين ۾ اندر رهي ٿو ۽ نانگن ۾ نھايت زھريلي قسم جو آھي، جنھن جي وضاحت شاھ لطيف، ھيٺئين بيت ۾ ڪئي آھي:

آسَڻَ جَنِ اَريـٖجَ ۾، اُو ڪَڇَرَ وِههَ کَريٖ،

تن جا منھن مَلَڪَنِ جِهڙا، ٽڪو تان نَه ٽريٖ،

جي اُنهِين ساڻُ اَڙيٖ، تَہ ڪانِهي جاءِ جَرِيءَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان ٻيو، بيت 5،ص: 855)

کَپُرُ: کپر، نانگ جو ھڪ قسم آھي، جنھن جو زھر موتمار ھوندو آھي. ھي نانگ سڄي سنڌ ۾ ملي ٿو. ھن نانگ جو نسل، سنڌ ۽ پاڪستان جي ٻين علائقن کان سواءِ، اتر آفريڪا، عربستان، ايران، افغانستان، ھندوستان ۽ سري لنڪا ۾ ملي ٿو. کپر جي بناوٽ تي بحث ڪندي، بدر ابڙو پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جي جهنگلي جيوت‘ ۾ لکي ٿو تہ کپر جي کل تي ڇلر ٿيندا آھن.

ھي نانگ ڀوري رنگ جو ھوندو آھي، ان جو پيٽ اڇاڻ مائل گلابي ھوندو اٿس، جنھن تي ننڍڙا ڪارا داغ ٿين ٿا. کپر جي پٺيءَ تي، ڪارين ڪنارين وارا اڇا چٽ ٿيندا آھن. ٻنهي پاسن کان اڇي لهردار ليڪ ھوندي اٿس، جنھن سبب ھن کي، انگريزيءَ ٻوليءَ ۾ Saw-scaled چيو ويندو آھي. ھن نانگ جي مٿي تي، تير جھڙو اڇو نشان ان جي اضافي سڃاڻپ آھي. ھن نانگ جي ڪل ڊيگهہ 0.80 ميٽر ۽ پڇ 50 کان 70 ملي ميٽر ٿئي ٿو.

ھي نانگ، پٿريلن ۽ وارياسن پٽن تي رهندو آھي. خاص طور تي اھڙين جاين تي ملندو آھي، جتي صحرائي نباتات، گاھ يا ٻوڙا ھوندا آھن. ھي نانگ گرمين ۾ سرگرم ھوندو آھي. برساتن جي مند ۾، وڻن تي چڙهي ويندو آھي. کپر، ڏنگ ھڻڻ ۾ تڪڙو ٿيندو آھي ۽ ان جو زھر موتمار ثابت ٿيندو آھي.

کپر نانگ جي خوراڪ، واڌ ويجهہ، جنسي عمل ۽ مزاج بابت بدر ابڙو لکي ٿو : ”هيءَ جنس فيبروري ۾ جنسي ميلاپ ڪندي آھي. جون جولاءِ ۾ 8 کان 12 ٻچا ڏيندي آھي. ڪن علائقن ۾ اھا جنس آنا ڏيندي آھي. خوراڪ ۾ ڏيڏر، ڪِرڙيون، ۽ ڪوئا شامل اٿس. طبيعت ۾ خارباز آھي، عام طور تي کپر، ھڪٻئي کي ڏنگي ماري وجھندا آھن. گرفت ۾ آيل کپر انگريزي عدد ’8‘ يا ‘S’ جي شڪل ۾ ويهي رهندو آھي. ڪاوڙ ۾ ڦوڪون ڏيندو آھي. جسم کي وڪڙ ڏئي ڇلرن کي زور سان رڳڙيندو آھي. ڇلرن جي ڳاٺ سبب، زوردار سرڙاھٽ پيدا ٿيندي آھي. کپر اھڙي سرڙاھٽ دشمن کي ڊيڄارڻ لاءِ ڪندا آھن. رفتار سست آھي انڪري ڀڄڻ بدران مقابلو ڪرڻ پسند ڪندو آھي ۽ مارجي ويندو آھي“ (ابڙو بدر، 2017ع، ص:161،162)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، کپر نانگ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

کَپُرُ گاروڙِيَنِ سين، وَڏو وِڌوءِ ويُر،

نانگَ! نَه ويندين نِڪري، تو ڏَر مَٿي پيرُ،

ھِيءٌ تنيِن جو ڍيرُ، جَنِ جهوناڳڙهه جَلائِيو.

(شاھواڻي،غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سر ڪارايل، داستان ٻيون، بيت 9، ص: 856)

واڳون

واڳون ھڪ گوشت کائيندڙ پاڻي جو جانور آھي، جيڪو خاص طور تي، مٺي پاڻي، دريائن، واھن، ڍنڍن ۽ سمنڊ جي کاري پاڻيءَ ۾ بہ رهندو آھي. واڳون کي، انگريزيءَ ۾ (Crocodile) چيو وڃي ٿو، اھو لفظ يوناني ٻوليءَ مان نڪتل آھي، جنھن جي معنيٰ درياءِ نيل تي رهندڙ ڪرڙي آھي. واڳون پاڻي ۾ رهڻ وارن جانورن ۾ سڀ کان خطرناڪ جانور آھي.

واڳون ڪاري ۽ خاڪي رنگ جا ٿيندا آھن، ان جي پُڇ تي ننڍا ڪنڊا ٿيندا آھن ۽ ھن جي پيرن جي آڱرين ۾ جهلي ھوندي آھي، جنھن جي مدد سان ھو تيزيءَ سان تري سگهندا آھن. واڳون جي وات ۾، 24 ڏند ٿين ٿا. واڳون، پنھنجي شڪار کي، چٻاڙڻ کان وڌيڪ ڳھڻ پسند ڪندو آھي. واڳون پنھنجي چنھبدار ڏندن ۽ مضبوط ڄاڙين سان ڪنھن بہ وڏي جانور کي سولائي سان جڪڙي سگهندو آھي. واڳوئن جي ٻُڌڻ جي حس نھايت تيز ھوندي آھي. ھو زمين توڙي پاڻيءَ ۾ ڪنھن بہ جانور جي چُرپُر جي آواز تي ڪن ڏئي اوچتو گھت ھڻي وار ڪندو آھي.

واڳونءَ جي خواراڪ آبي جيوت، مڇيون ۽ کيرپياڪ جانور ھوندا آھن. واڳون جڏهن پنھنجي ڪنھن شڪار کي ڳڙڪائيندو آھي تہ ان جي اکين مان پاڻي وهڻ لڳندو آھي. ان حوالي سان سنڌي ٻوليءَ ۾ ھڪ اصطلاح ’واڳونءَ جا ڳوڙها ڳاڙڻ‘ پڻ استعمال ڪيو ويندو آھي.

واڳونءَ جو قد، اندازن ھڪ ميٽر کان پنج ميٽرن تائين ڊگهو ۽ ان جو وزن 800 کان 1200 ڪلو گرام ٿئي ٿو. واڳون برسات جي مند ۾ لڳ (جنسي عمل) ڪندا آھن. مادي واڳون، ويھن کان پنجاھ آنا ڏيندي آھي ۽ انهن جي ٽن مھينن تائين سار سنڀار لهندي آھي. خشڪي تي رهڻ وارن واڳوئن جي عمر، پنجاھ سال ۽ پاڻي ۾ رهڻ وارن جي عمر اسي سال يا انهيءَ کان مٿي ٿيندي آھي. تاريخدانن جي چوڻ موجب، سنڌ ۾ ڪنھن دؤر ۾ واڳونءَ جي پوڄا ٿيندي ھئي، تنھن ڪري سنڌ ۾ واڳوئن جي نالي سان ڪيترن ئي ماڳن مڪانن جا نالا پڻ ملن ٿا.

گل حسن ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو: ”واڳونءَ جي پوڄا سنڌ ڌرتيءَ ۾ موهن جي دڙي واري دور کان وٺي جاري آھي. موهن جي دڙي جي کوٽائي وقت ڪجهہ مهرن تي واڳون اڪريل آھن.اھا پوڄا ڪنھن نہ ڪنھن شڪل ۾ اڄ بہ جاري آھي. ڪراچيءَ ۾ ’واڳون ڏر‘ ۽ ’منگهو پير‘ ھن سلسلي جا مرڪز ھئا.“ (ڪلمتي، 2014ع، ص: 503)

گل حسن ڪلمتيءَ موجب ڪراچي ۾ واڳوئن جا ٻہ قبرستان ’واڳون ڏر‘ ۽ ’منگهو پير‘ جي نالي سان ملن ٿا، جتي اڄ بہ واڳوئن جون قبرون موجود آھن. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ واڳون جو ذڪر ھن ريت ڪري ٿو :

نا اُميدي آجِڪو، اوڇَڻُ آدِيسِنِ،

ڪڏِهن تازِيءَ پُٺ تي، ڪَڏِهن ھيٺِ ھَلَنِ،

ساميئڙا سَمُونڊَ ۾، تُنبي جيِئن تَرَنِ

جي واڳُونءَ واتِ وَڃنِ، تان ڪُسَنِ ڪُڇَنِ ڪينَڪي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 11، ص: 800)

سيسر / سيسار / گهڙيال

سيسار، پاڻيءَ ۾ رهندڙ، واڳونءَ جھڙو جانور آھي، جنھن کي ڪن ڪتابن ۾ واڳونءَ جو قسم پڻ ڄاڻايو ويو آھي. سيسار کي ھندي، سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ گهڙيال (Gharial) بہ چيو وڃي ٿو، جڏھن تہ ان جو سائنسي نالو (Gravilis Gangeticus ) آھي.

سيسار، ٻارنھن کان پندرهن فوٽ ڊگهو ٿيندوآھي، ۽ ان جا سئو کان مٿي ڏند ھوندا آھن. ھي جانور عام طور تي چاليهن کان سٺ سالن تائين جيئرو رهندو آھي.

سيسار ۽ واڳونءَ ۾ بنيادي فرق ڄاڙيءَ جو ھوندو آھي، ڇاڪاڻ تہ واڳونءَ جي ڄاڙي ويڪري ۽ ننڍي ھوندي آھي، جڏھن تہ سيسار جي ڄاڙي سنهي ۽ ڊگهي ٿيندي آھي.

سيسار بابت، انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ ھن ريت لکيل آھي:” سيسر، واڳن جي ان خاص نسل جو سڄي دنيا ۾ اڪيلو قسم آھي. ھي جانور ڏينھن جي وقت ۾ سرگرم رهندو آھي. ھن جون ٽنگون ايتريون طاقتور نہ ھونديون آھن، جو جسم مٿي کڻي ھلي سگهي، ان ڪري فقط پيٽ ڀر رڙهي سگهندو آھي. ٽي ميٽر ڊگهي سيسر مادي بالغ ھوندي آھي. ٽن ميٽرن جي قد تائين پھچندي ان کي ڏھ سال لڳي ويندا آھن. نومبر کان جنوريءَ تائين ھنن جي لڳ جي مند ھوندي آھي. ان وقت واريءَ ۾ کڏ کوٽي 30 کان 50 آنا لاھيندي آھي، پوءِ احتياط سان ڍڪي ڇڏيندي آھي. ھر ھڪ آني جو وزن 160 گرام ٿئي ٿو، 83 کا 94 ڏينھن ۾ آنا ڦٽي پون ٿا. ماءُ ٻچن جي پالنا دوران ڪجهہ مھينا ٻچن جي ويجهو رهندي آھي. سيسر جو نسل پاڪستان ، نيپال، ڀوٽان ۽ برما ۾ بہ آھي.“( سنڌيانا، 2013ع، ص: 371،370)

سنڌ ۾، ھن وقت خاص طور تي سنڌو درياھ ۽ ان سان لاڳاپيل ڍنڍن ڍورن کان علاوه، کيرٿر واري پٽيءَ ۾، سيسر/سيسار ٿوري گهڻي تعداد ۾، موجود آھن. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾، سيسار جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

گِهڙِي گَهڙو ھَٿِ ڪري، اِلاھي تُھارَ،

ڄَنگَھ ڄَرُڪي واتَ ۾، سِسِيءَ کي سِيسارَ،

چُوڙا ٻِيڙا چِڪَ ۾، لُڙَ ۾ لُڙِيَسِ وارَ،

لَکين چَھُٽِيَسِ لوھَڻِيُون، ٿيلِھيُون ٿَرَنِئُون ڌارَ،

مِڙِيا مَڇَ ھَزارَ، ڀاڱا ٿيندي سُوھَڻِي!

( شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو`، سُر سهڻي، داستان پھريون، بيت 15، ص:220)

ھاٿي

ھاٿي، ھڪ جهنگلي جانور آھي، جو پاليو بہ ويندو آھي. ھي جانور تمام وزنائتو، ٿلهو ۽ قد ۾ اٺ کان ڏھ فٽ کن ڊگهو ٿئي ٿو. ھن جانور کي پنج کان ڇھ فوٽ ڊگهي سونڊ ٿئي ٿي. ’شاھ جي رسالي‘ جي اٽڪل ٻارهن بيتن ۾ ھاٿيءَ جو ذڪر ڪيو آھي.

مُئي ھاٿيءَ تِي مامِرو، اَچِي ڪِيو اَنڌن،

مَناڙِينِ ھَٿَنِ سين، اَکِيٖين ڪِينَ پَسَن،

فِي الحَقِيقَتَ فِيلَ کي، سُڄا سُڃاڻَنِ،

سَندِي سَردارَنِ، بَصِيرَتَ بِينا ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان ٽيون، بيت 27، ص: 718)

ھاٿي قد بت جي حوالي سان سڀني جانورن کان قداور جانور آھي، پر سونڊ مان جيڪو آواز ڪڍندو آھي، اھو تمام سنهو رڙين جھڙو ھوندو آھي. ھاٿي تمام ڪمائتو جانور آھي. ھن جانور کي ٻہ خطرناڪ ڏند بہ ھوندا آھن.

ھاٿيءَ جي لاءِ، ھي چوڻيون مشھور آھن تہ:

’هاٿيءَ جا ڏند کائڻ جا ھڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا ھوندا آھن.‘

’هاٿي جيئرو لک تہ مئل سوا لک لھي.‘

ھن جانور جي ڪاوڙ بہ تمام خطرناڪ ھوندي آھي. جيڪڏهن ٻہ ھاٿي پاڻ ۾ وڙهي پون تہ جيستائين ھڪ مري نہ پوي تيستائين سندن ويڙهه ختم نہ ٿيندي آھي. ماضيءَ ۾ ھن جانور کي امير ماڻهو پنھنجي شوق طور سواريءَ لاءِ گهرن ۾ پاليندا ھئا. پراڻي زماني ۾ ھاٿي، جنگ جي ميدان جي سواري طور پڻ ڪتب ايندو ھو، جنھن لاءِ چوڻي مشھور آھي تہ: ’انڌو ھاٿي لشڪر جو زيان.‘

اھڙي نموني شاھي گھراڻي جا فرد ھاٿين تي ڏولڪي چاڙهي شھر جو چڪر ھڻندا ھئا. ڪڏهن ڪڏهن شاھي ميلن ۾ ھاٿيءَ تي چڙهي سرڪس ڪندا ھئا.

ھاٿيءَ جي عمر لڳ ڀڳ 45 کان 70 سال ٿيندي آھي. جنھن ۾ ايشيائي ھاٿي جي عمر 45 ورهيه ۽ آفريقي ھاٿي جي عمر 70 سالن تائين پھچي ٿي. ھاٿي جي ھڏن ۽ ڏندن مان عاج جا زيور، چوڙيون، چوڙا ۽ رانديڪا جوڙيا ويندا آھن.

شاھ لطيف، ھاٿيءَ لاءِ ’گينور/گنير‘ لفظ بہ استعمال ڪيو آھي:

گنيَرَ گتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چَاءِ پَئِي،

ھِندُو حَيرَتَ ۾ پئَا، لاَلِي ڪِي لَبَنِ،

چَمَڪَنِ چَوڏِسِ چَنڊَ جيئَن، وِڄَڙِيوِنَ وِهَسن،

لوچَنِ ٿا لَطِيفَ چَئي، پَسَڻَ لاَءِ پِرِيَنِ،

ڪَيسَرَ قَرِيبَنِ، سَنبَاھي سَاڻُ کَنيَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع) ، ’شاھ جو رسالو‘،جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان چوٿون، بيت 13، ص: 335)

ھرڻ / مِرگهہ

ھرڻ، ھڪ حلال جهنگلي جانور آھي، جيڪو قد ۾ اٽڪل سوا ٻہ فٽ اوچو ۽ ڊيگهہ ۾ چار فٽ کن ٿئي. ان جو رنگ ڳاڙهسرو بادامي ٿيندو آھي، وار ننڍا، نرم ۽ گهاٽا ھوندا آھن. ھرڻ جي پُڇ، گوڏن ۽ کُرن جا وار ڪارا ٿيندا آھن، ان جون اکيون وڏيون، وڻندڙ، سڱ سڌا ۽ مٿان کان ٿورو وريل، نوڪدار ۽ سهڻا ٿيندا آھن. ھرڻ جون ڄنگهون ڊگهيون، سنهيون ۽ مضبوط ھونديون آھن. ھرڻ ڊڪڻ ۾ تکو ٿيندو آھي ۽ وڏا ڇال ڏيئي ڊوڙندو آھي. سندس اکيون وڏيون ۽ اُڃايل ھئڻ جو تاثر ڏينديون آھن، ان ڪري شاعر انهن کي تشبيھ طور استعمال ڪندا آھن، جڏهن تہ مِرگهہ نيڻ، آھوچشم ’هرڻ اکي‘ ۽ مِرگهہ ترشنا وغيرہ اصطلاح بہ ان مان جُڙيل آھن. ھرڻ کي ھنديءَ ۾ ’مِرگهہ‘ چوندا آھن:

ماڻهو مِرگهہ مينهِيُون، سَارِنگَ کي سَارِينِ،

آرُون اَبُرَ آسَري، تَاڙَا تَنوَارِينِ،

سِپُون جي سَمنڊَ ۾، نَيئن سِڃِ نِهَارِين،

پَلُرُ پِيَارِينِ، اُڃِيَنِ آبُ اگوُندِروَ.

(شيخ، ٻانهون خان، (2021) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان ٻيو، بيت 9، 318)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ’هرڻ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

جيئن سو ھَرَڻُ ھُماءُ، سَرگَردان سَنسارَ ۾،

ھِيءَ پَڳُ نَه ڌري پَٽِيين، ھُو ڌَڙَ سِرِ ڌَري نَه ساھُ،

جيڪُسِ تَنِ مُلاءُ، سَسُئِيءَ سُورَ پِرائِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پنجون، بيت 1، ص: 395)