آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ ڌنڌن ۽ ھنرن جا لفظ

ڌنڌن ۽ ھنرن جا لفظ



ڪمين، ڪاسبين جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف پنھنجي فڪر ۾ جتي علم، عقل ۽ فھم جا اونها نقطا بيان ڪيا آھن، تہ ان سان گڏوگڏ سنڌ جي ھنرن ۽ فن کي بہ سُهڻي نموني سان بيان ڪيو آھي. شاھ لطيف، پورهئي جي اھميت ۽ ان جي عظمت کي پنھنجي ڪلام ۾ بيمثال نموني سان بيان ڪيو آھي.

پورهيو لفظ جنھن جي لغوي معنيٰ آھي: محنت، جستجو، مزدوري، ڌنڌو. ھي سنڌي ٻوليءَ جو عام لفظ آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ان کي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

مون کي ڇَڏِ مَ ڇَپَرين، ھِتِ، ھوتاڻِي! ھاڻِ،

اوڏِي مُنڌَ اُٺَنِ کي، اَللهَ ڪارَڻِ آڻِ،

پورِهيو ڪَندِيَسِ پاڻِ، اَڳِيان آرِيچَنِ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪوهياري، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 420)

کاھوڙِي کِجَنِ، پَسِيو پورِهِيَتَ ويسَرا،

ڏوٿيئڙا ڏُورِ وِيا، رُڃُنِ مَنجهِہ رَهَنِ،

ڪا مُلِ آھي تَنِ، مُون پِرِيان جِي ڳالھڙي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان پھريون، بيت 10، ص: 748)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ پورهيتن جي ٺاھيل اوزارن جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪو پورهيت پنھنجي ڪِرِت يا ڪم لاءِ استعمال ڪندا آھن.

انبور، لوھ جو اوزار ھوندو آھي، جنھن کي لوهار، لوھ جي ڌات سان ڪُٽي ٺاھيندا آھن. ھن کي جنبور بہ چئبو آھي، مختلف ڌنڌو ڪندڙ پورهيت پنھنجي ڪم ۾ استعمال ڪندا آھن. انبور، ڪوڪن ۽ ڪلين ڪڍڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، جنھن کي لوهار، رازا، واڍا، موچي پنھنجي ڪم ۾ ڪتب آڻيندا آھن. ننڍي انبور کي انبوري ۽ عام ماڻهو پڪڙ بہ چون.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ’انبور‘ لفظ ھيٺينءَ ريت ڪتب آندو آھي:

مُومَلَ کي مَجازَ جا، اکين ۾ اَنبُورَ،

ھَڻي حاڪِمِيَنِ کي، پَٽِ نِھاري پُور،

گهوٽَ پھرينءَ گُهورَ، جي وِيا، سي وَڍِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 521)

پھي، عام ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ڪپھ جو ٻُڙو (جيڪو ڪتڻ وقت ھٿ ۾ جهلبو آھي) پورهيت عورتون آتڻ ۾ ويھي جڏهن سُٽ ڪتينديون آھن تہ ان ڪپھ کي ٻُڙو ٻُڙو ڪري ھٿ ۾ جهلينديون، ارٽ تي چاڙهينديون وينديون آھن، جنھن کي عام ٻوليءَ ۾ پھي چئبو آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ پَھي لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمڙ! منھنجي آسَريٖ،

ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،

ڪِتُمِ جِهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 440)

چٽ، ڪاريگر جڏهن ڪا شيءِ ٺاھيندو آھي تہ ان ۾ خوبصورتي ۽ سندرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ان تي انتهائي مھارت ۽ ڪاريگريءَ سان نقش اُڪاريندو آھي، جنھن کي عام ٻوليءَ ۾ چِٽَ چيو ويندو آھي. چٽ، مختلف ڌنڌن جا ڪاريگر پنھنجن فن پارن تي اڪاريندا آھن. ڪپڙو اُڻندڙ/ٺاھيندڙ، ڪپڙي تي مختلف پورن سان رنگ برنگي چٽ چٽيندا آھن، ڪپڙي تي ڀرت ڀرڻ لاءِ پڻ پورن جي مدد سان گل چٽيا ويندا آھن. واڍا پنھنجي ڪاريگريءَ سان کٽن، ھندورن، پلنگن تي چٽ چٽيندا آھن تہ جيئن سندن فني شھپارو وڌيڪ سهڻو لڳي ۽ ڪنڀار جيڪي مٽيءَ مان ٿانو ٺاھيندا آھن، انهن تي چٽ چٽيندا آھن. موهن جي دڙي مان ملندڙ ٺڪر جي ٿانون تي پڻ چٽ چٽيل مليا آھن.

چٽ ڪڍڻ تمام وڏي ڪاريگري آھي ۽ نفاست ڀريو ڪم آھي. ھي پورهيت ماحول جو لفظ آھي ۽ ھڪ الڳ فن آھي، جنھن کي شاھ لطيف ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

ڀيلٖي ڀُلائِي، پَسِي چِٽَ چَرِي ٿِئٖي،

’ٻَرِ! ٻَرِ! ٻُڏِي سُهڻي!‘ وِيرِنِ ۾ وائِي،

ڪَچي ڪيرائِي، لالَ لھرِنِ وِچ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان اٺون، بيت 13، ص: 262)

پورهيتن جي ڪِرت ۾ ڌاءُ لفظ، جنھن جي معنيٰ آھي ڳاڙهو رنگ، گيڙو رنگ، جنھن کي ڪنڀار گهڻو ڪري ڪَچن ٿانون کي ڏيندا آھن تہ جيئن انهن ٿانون ۾ سونھن ۽ نفاست پيدا ٿئي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ’ڌاءُ‘ لفظ ھن ريت ڪم آندو آھي:

ڀانيُمِ نہ ڀيٖلو، مون کي ڌاءَ ڌُتارِيو،

آڪٖي مَٿٖي اُسَرِي، رُوحَ ڏِنو ريٖلو،

تيلاھِين ويٖلو، پِيُمِ واھُڙَ وِچَ ۾

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان اٺون، بيت 10، ص: 261)

کوڙ جنھن جي لغوي معنيٰ آھي ڍِڳ، جام، گهڻو، بي انداز، انبار، ڪاٺ جو سڌو تختو جنھن تي ڌوٻي ڪپڙن کي استري ڪندو آھي. ھي لفظ بہ پورهيت ماحول ۾ عام طور تي استعمال ٿيندو آھي.

شاھ لطيف ھي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،

جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٻيو، بيت 12، ص: 769)

ڪُٽ لفظ ھڪ قسم جي ڌاتو آھي، جنھن کي پورهيت مختلف اوزارن ۽ ٿانون جي ٺاھڻ لاءِ ڪم آڻيندا آھن. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب ھن لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”ڪُٽِ: ث. (سن. ڪُٽِ = ڪنجهو) جست ۽ پتل جي ملاوٽ مان ٺهيل – ڪنجهو – پسي.“ (بلوچ، 1985ع، ص: 2016) شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مٿيون لفظ ھن ريت ڪم آندو آھي:

ڀَڳِي ڪُٽِ سَڄِي ٿِي، لَٿِي جاڪِ ڳَراءُ،

سٖي نَہ پُڄَندِيُون.

سَرَتِينِ سُورَ پِرائِيا، ھاڻي ھِنَ ھَنڌاءُ،

سٖي نَہ پُڄَندِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي،، داستان پھريون، وائي - 1، ص: 196)

گهڙو/گهڙا، ھي ڪنڀار پورهيت جي ماحول جو لفظ آھي. ڪنڀار پورهيت مٽيءَ مان ٿانو ٺاھيندا آھن، ان کي گهڙو يا دِلو بہ چئبو آھي. گهڙو/دِلو، پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪتب ايندو آھي. اڄ بہ ٻھراڙيءَ جا ماڻهو عام طور تي ھر گهر ۾ استعمال ڪندا آھن. ڪنڀارن جي ٺھيل گهڙي جي اھا خصوصيت آھي تہ ان ۾ پاڻي ٿڌو رهندو آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ھي لفظ ھن طرح ڪتب آندو آھي:

گَهڙو ڀَڳو تہ گهورِيو، پاڻان ھو حِجابُ،

واڄَٽُ وَڄي وُجُودَ ۾ ، رَهِيو رُوحَ رَبابُ،

ساھَڙَ ريءَ صَوابُ، آئون گَھڻو ئِي گهورِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 19، ص: 221)

ڳَھڻ پورهيت ماحول جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي سخت پورهيو، محنت. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن لفظ جي معنيٰ آھي: ”سخت پورهيو ڪرڻ، گهڻي محنت ڪرڻ، آھستي آھستي ڪم ڪار ڪرڻ، اَن جي سنگن جو گاھ ۾ ڀُري وڃڻ، ڏاکڙو ڪڍڻ.“ (بلوچ، 1988ع، ص: 2412)

شاھ لطيف ھي لفظ سُر بلاول ۾ سخت محنت ڪرڻ جي حوالي سان ڪتب آندو آھي:

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نَہ تَھ پاڳارا پُرسَ ٻِيا،

ڳَھَڻَ تُنھنجٖي ڳَڃَڙيٖ، اَچٖي جالَ جَڳَٽُ،

جَنِ جٖيهائِي پَٽُ، تَنِ تِيهائِي بِکِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان پھريون، بيت 4، ص: 839)

وَلَ لفظ جي معنيٰ آھي، زمين کي کيڙڻ. اصل ۾ ھي لفظ ھاري ڪتب آڻيندا آھن، جيڪي مختلف فصلن جي ٻوٽن جي تر کي ڪوڏر وغيرہ سان زمين ڪُٽي گند ڪچرو ڪڍندا آھن، انهن ۾ ڪمند، وونئڻ ۽ مرچ جي فصلن جي ول ٿيندي آھي. ان کان سواءِ اوڏ جيڪي مٽيءَ جا گهر اڏيندا آھن، ان لاءِ بہ مٽيءَ جي وَلَ ڪندا آھن، سِرن جي ٺاھڻ لاءِ پڻ پھرين مٽيءَ جي وَل ڪندا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ وَل لفظ ھن طرح ڪتب آندو آھي:

بابُو ڪَنِ نَہ بِکِيا، نہ ڪا وَلَنِ وَلَ،

ڪالهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

اَلا! عَبدُاللّطِيفُ چٖي، اِيندَمِ شالَ اَمُلَ،

ڪالهه ڪَندا وِيا ڪاپَڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ستون، وائي، ص: 812)

مالدارن / مالوندن جي ماحول جا لفظ

سنڌي ٻوليءَ ۾ مختلف ڌنڌن ۽ ڪمن ڪارين سان لاڳاپيل لفظن جو ڀنڊار سمايل آھي. انهن لفظن جي انهيءَ ڪرت ۽ ڌندي جي ماحول ۾ مخصوص معنيٰ ورتي ويندي آھي. اھڙي نموني مالوند ماڻهن ۾ چوپائي مال ۽ انهن سان لاڳاپيل مخصوص شين جا نالا سندن ماحول موجب رائج آھن، جيڪي مالوندن جي روزاني زندگيءَ ۾ ڳالهايا ۽ ٻڌا وڃن ٿا.

شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مالوندن جي رهڻي ڪھڻي، ثقافت ۽ مالوند ماڻهن سندن ماحول جو گھرو مشاھدو ڪرڻ کان پوءِ صرف لاڳاپيل لفظن، فقرن ۽ اصطلاحن کي نھايت سُهڻي نموني بيان ڪيو ويوآھي. انهيءَ سان گڏوگڏ مالوندن ڀاڳين جي روزاني استعمال ۾ ايندڙ لفظن کي پڻ سُهڻي نموني جاءِ ڏني وئي آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي لغت ۽ شاھ لطيف جي ڪلام جي اھا حسناڪي آھي تہ منجھس لفظن جو وڏو ذخيرو موجود آھي. شاھ لطيف جي ڪلام جي ٻوليءَ جي شاھوڪاريءَ جو اندازو ان ڳالهہ مان لڳائي سگهجي ٿو تہ چوپائي مال جي ڌار ڌار جانورن جي سنڀاليندڙ/چاريندڙ/پاليندڙ ڀاڳين لاءِ ھر ھڪ جانور سان منسوب ڌار نالا رکيل آھن.

مالوندن جي ڪِرت يا پيشي جي حوالي سان عام لفظ ڌراڙ رائج آھي، ڌراڙ مال چاريندڙ کي چيو ويندو آھي. جنھن جي لفظي معنيٰ ڌڻ وارو آھي. ان کي ڌنار، ڌراڙ پڻ چيو ويندو آھي. جڏهن تہ ٻڪريون چارڻ واري کي پنهوار سڏبو آھي.

پنهوار ۽ ڌراڙ لفظن کي شاھ لطيف ھن ريت ڪَتب آندو آھي:

سُونھَن وِڃَايَمِ سُومَرا، پَسَان ڪِيئَن پَنوَهَارُ،

ڌُڻي جَا ڌَراڙُ، تنھن روءَ رِءَ رُچڻُ نَاھِه ڪو.

(شيخ، ٻانھون خان، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر مارئي، داستان پنجون، بيت 8، ص: 406)

مالوندن جي ماحول ۾ چوپائي مال رکڻ يا ٻڌڻ واري جاءِ لاءِ واڙو، وٿاڻ ۽ ڀاڻو جھڙا لفظ ڪتب ايندا آھن.

’جامع سنڌي لغات‘ موجب ڀاڻو لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏني ويئي آھي: ”ڀاڻو=مال جو وٿاڻ، مال جو ڀاڻ، واڙو، ھنڌ، جاءِ.“ (بلوچ 1981ع، ص:69)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام جي سُر سُهڻيءَ ۾ وٿاڻ سڃو نہ ٿيڻ جي خواھش جو اظھار ڪندي ان لفظ کي ھيٺئين ريت استعمال ڪيو آھي:

مَريٖ تان مَ ميھارُ، وَٿاڻُ وِلَهو مَ ٿِئٖي،

وَڇِنِ جي وَڇارَ جو، وِنگو ٿِئٖي مَ وارُ،

ساھَڙَ مون سينگارُ، ماڙهُنِ ليکٖي مِيهَڻُو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان چوٿون، بيت 18، ص: 240)

ھن بيت ۾ ميھار سان ھم معنيٰ لفظ وڇار پڻ استعمال ٿيو آھي. ’وڇ‘ سنڌيءَ ۾ مينھن جي مادي بچي لاءِ استعمال ٿيندو آھي ۽ ان جي سنڀاليندڙ، چاريندڙ کي وڇار چيو ويندو آھي.

مٿئين بيت ۾ چوپائي مال کي بيھارڻ لاءِ وٿاڻ جو ذڪر ڪيل آھي، جڏهن تہ ٻئي بيت ۾ وٿاڻ جي جاءِ تي ڀاڻو جو ذڪر ھيٺئين بيت ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

اُٺُ نہ وَڃي وَڳَ سين، چَري نہ لاڻُو،

مَيي کي مَجازَ جو، ٿُوهي ۾ ٿاڻُو،

ڀَٽاري ڀاڻُو، مَرَندي سِينءَ نہ مَٽِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 23، ص: 143)

اھڙيءَ ريت مالوندن جي ماحول ۾ چوپائي مال کي پاڻي پيارڻ جي جاءِ يا حوض لاءِ آنهن ۽ نياڻ جا لفظ مخصوص ٿيل آھن.

ٻُريٖ نَہ ٻَڪَرَ دانهن، ڀوڻِ ڀُڻِڪو نَہ سُڻِيانِ،

مِيان! مارُوئَڙنِ جا، اوڻا ڏِسان آنهن،

جَنِ ساٺيڪا سِنجِيا، سي ڌَڻِي! ڪِيَڙءِ ڪانهن،

پَکا کَڻِي پَرانهن، جيڪسِ لَڏِيو لوئِڙِيارِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 14، ص: 591)

وارياسي زمين مان جڏهن پاڻي وهندوآھي، ان مان پاڻي ڀرڻ لاءِ ڌراڙ بِير ساڻ کڻندا آھن.

بِيرَ کَنيائُون بَرَ ۾ ، پِيارِينِ پَھُون،

سِنجَنِ ساٺِيڪَنِ تي، وَڏِيءَ ويرَ وَهُون،

پايو جَرُ جَنڊَنِ ۾ ، ڪوڏان ڪَنِ ڪَھُون،

ڏِينهان ڏينھن نَئُون، مون کي وِرِهَه ويڙِيچَنِ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان اٺون، بيت 9، ص: 590)

جڏهن تہ چوپائي مال کي پاڻيءَ پيارڻ لاءِ ھڪلڻ يا سڏڻ جي آواز کي ڇيڪارڻ چيو وڃي ٿو. مالوند ماڻهو ’ڇي ڇي‘ جي آواز سان جانور کي پاڻيءَ لاءِ سڏيندا آھن. تنھن لاءِ مالوندن ۾ ڇيڪارڻَ لفظ عام رائج آھي.

شاھ لطيف، ڇيڪارڻ جو استعمال ھيٺين نموني ڪيو آھي:

ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ويڙِييٖن وَڳَ وارِين،

ڇَڇِئان ڇيڪارِيو، ڇيٖلَڙا، پَٽين پَھِرائِينِ،

نيڻَ منھنجا اُنِ کي، جھَجھو جَرُ ھارِينِ،

تاڙا تنوارِينِ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 4، ص: 593)

ڍنگر لفظ ڪنڊيدار وڻن جي ٽارين جي معنيٰ ۾ ورتو ويندو آھي. گهڻو ڪري ٻٻر يا ٻين ڪنڊيدار وڻن جي سڪل ٽارين سان مالدار چوپائي مال جي حفاظت توڙي پاڻ لاءِ جهنگلي جانورن کان بچاء خاطر واڙيون ٺاھيندا آھن.

شاھ لطيف، مالوند ماڻهن جي نسبت سان انهيءَ لفظ جو استعمال ھن طرح ڪيو آھي:

ھِنَ مُندَ مارُو سَنَرا، ڍَنگَرَ ڍارَ رَهَنِ،

پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾ ، پَکٖي پاندِ پِيَنِ،

ھِنَ کي لوه، لَطِيفُ چٖي، ھُوءِ کائُرَ مَنجهِہ کِلَنِ،

کاٽُونبا کاڄَنّ، مينھن وَسَندا، موٽُ تُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 6، ص: 594)

کير ڏُهڻ مھل پيدا ٿيندڙ گجيءَ کي ڦيڻ جو چيو ويندو آھي، ڪوهستان ۽ لسٻيلي واري پاسي تي ٻڪريون ۽ رڍون چاريندڙ لاءِ شَبانُ لفظ ۾ ڪتب ايندو آھي. شاھ جي رسالي ۾ ڦيڻ، ڌڻ ۽ شَبانُ جو ذڪر ھن ريت آيل آھي:

ڦِرِيا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِيَنِ کِيرُ نَہ چَکِيو،

دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ٽيون، بيت 20، ص: 880)

لَڳٖي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙوئِي لھسِيو،

اُڀَنِ مَنجھان آئِيو، ’هئٖي ھَئٖي!‘ جو ھُڳاءُ،

طَيُورَن تَنواريو، پُنھونءَ پُڄاڻاءُ،

رَسِيو سُورُ شَبانَ کي، وُحُوشَنِ وَٽاءُ،

مِرُوئنِ مَوتُ قَبُولِيو، اَپَرِ اَفسوساءُ،

بَرَ پُڻِ ڪَنِ بُڪاءُ، اُڪَنڊِيا آرِيءَ لئٖي گَھڻُو.

(شاھواڻي، غلام محمد،(2005) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان پھريون، بيت 11، ص: 285)

چوپائي مال ۾ اُٺ اھم آھي. سنڌ ۾ ڊيلٽا ۽ وارياسين علائقن ۾ خاص طور تي اُٺن جي پالنا اڄ تائين ٿئي ٿي. اُٺ سواري ۽ بار ڍوئڻ باوجود چوپائي مال ۾ شامل آھي، ڇاڪاڻ تہ اٺ کير ڏيندڙ جانور بہ آھي، ان جو گوشت حلال آھي. مالوندن لاءِ اٺُ گذر سفر جو ذريعو پڻ آھي. ماضيءَ ۾ سواريءَ لاءِ سڀ کان ڪارائتو جانور سمجهيو ويندو ھو. تنھن ڪري مٿس نالو ’خشڪي جو ٻيڙو‘ پيو.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ٻين جانورن جي ڀيٽ ۾ اُٺن جو ذڪر وڌيڪ ڪيو آھي. سندس ڪلام ۾ ، سسئيءَ جي پنجن سُرن کان علاوہ کنڀات، سُر مومل راڻو، سُر رپَ، ۾ اٺن جو ذڪر ڪيل آھي.

اھڙيءَ ريت اوٺارن جي ماحول ۾ رائج لفظن کي شاھ لطيف استعمال ڪيو آھي، جن ۾ لاڻو، کَرُ، مھارَ، واڳَ، ٻور، ڀور، ٽنئور، جهوڪ، روڳ، گھ وغيرہ جو ذڪر ڪيو آھي. شاھ لطيف اٺن جي قسمن، خاصيتن، جبلتن، کاڌي پيتي جي شين ۽ انهن جي ڪارج جو تذڪرو ڪيو آھي. ھن اوٺارن جي زندگيءَ سان سلهاڙيل لفظن کي بيان ڪيو آھي.

اھڙيءَ طرح اٺ جي ناڪيلي ۾ ٻڌل رسي کي مَھار چيو وڃي ٿو، ان ناڪيلي سان اُٺ کي ھلايو ويندو آھي. اٺ جي مھارَ جي رسي کي واڳ پڻ چيو ويندو آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مھار جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڳَلِ ڳانا ياقُوتَ جا، موتِي مَنجهِہ مَھارَ،

چانگا! چَندَنُ چارِيئيٖن، اَٺَئِي پَھرَ اَپارَ،

سَندِيَ پِيءَ پَچارَ، جي مون راتِ رَساڻِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 20، ص: 143)

اوٺارن جي ٻوليءَ ۾ اٺن جي ويھڻ جي جاءِ کي جهوڪ چيو ويندو آھي. انهن وٽ اھو لفظ عام رائج آھي. جڏهن تہ شاھ لطيف، جهوڪ لفظ جو استعمال ھن ريت ڪيو آھي:

مِزِمانَنِ مَهِرِي، آڻي جهوڪِيا جهوڪَ ۾ ،

چائي چَنبَنِ ۾ وِيا، بَازُ سٽي بَحرِي،

ڪوهِيارو قهرِي، وِيو نِهوڙي نِنڊَ ۾ !

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 387)

مالوند ماڻهن وٽ اٺن جي خصلت/صفت لاءِ بہ لفظ رائج ٿيل آھن، اٺ جڏهن ڪنھن ڪم کان نٽائيندو آھي ان کي گھَ چيو ويندو آھي. اھڙي حالت ۾ اٺُ رستي ۾ ’گَھَ‘ ڪري دڙها ھڻي ڌوڙ اُڏائيندو آھي.

شاھ لطيف، اٺ جي گَھَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

گَھَ سِرِ ٿِئي مَ گُسَ، پَڻِي پوءِ مَ پرينءَ تي،

جنھن سِرِ ساڄَنُ سُپِرِين، تنھن اُٺَ مَ لَڳٖي اُسَ،

پُنهون پاڪَ پُرِسَ، ھوتَ نہ ڪِجَنِ ھيڏِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 24، ص: 378)

اُٺ جي منجٽ کي ٻڌڻ لاءِ ڪتب ايندڙ رسيءَ جي معنيٰ ۾ ڪم ايندڙ لفظ کي سيٽ چيو ويندو آھي. اٺن جي رسي لاءِ نيٽ لفظ پڻ رائج آھي. ھي ٻئي لفظ اوٺارن جي ماحول ۾ عام رائج لفظ آھي. لغت ۾ ھن لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏني ويئي آھي: ”سِيٽَ: نوڙي، رسي، وڍي، ڏانوڻ، سيرُ، بند. ’وٺي سيٽَ سُوٽَ، پاءِ پنھنجي ڪرهي.‘“(بلوچ، 2007ع، جلد چوٿون ص: 147)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ اُٺ جي ٽنگن ۾ ٻڌل رسي يعني پيند ۽ سيٽ لفظ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

وَٽي سيٽَ سُوٽَ، پاءِ پنھنجي ڪَرهي،

وَلِيُون واسَ وَرَنِيُون، پَھرِيُون مَٿي پَٽَ،

چانگي چَکِي چَٽَ، تہ پوءِ نہ رَهندو پَينڌَ ري..

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان ٻيو، بيت 32، ص: 145)

تيز رفتار اُٺ لاءِ شاھ لطيف لُر لفظ استعمال ڪيو آھي. اٺن جي تيز رفتاري کي لُرُ چيو وڃي ٿو. لُر لفظ جي معنيٰ تيز، تکو تڙ تڪڙ ۾ آھي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ لُر لفظ جو استعمال ھن ريت ڪيو آھي:

اَللهَ ڪارَڻِ اوٺِيا! ليڙا نِهو مَ لُر،

نِهو نِماڻِي پاڻَ سين، ٻانهيءَ جهلي ٻُرَ،

مون کي ماري مَنجهِہ ٿِي، سَندي ھوتَنِ ھُرَ،

ڪَچو لائِيان ڪُرَ، ڪيچان اوري جي وَران.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 2، ص: 385)

مالوند ماڻهو شوق منجهان چوپائي مال کي سينگارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ مختلف شيون ڪتب آڻيندا آھن. مالوندن جي ماحول ۾ جدا جدا جانورن جي سينگار لاءِ سامان تي نالا رکيل آھن، جن ۾ جُهلَ/جُهلُن، ھلَوِيون، ٽليون، ٽوئنر وغيرہ خاص طور تي سينگار جي سامان سان تعلق رکندڙ نالا آھن.

جيئن اٺن جا شوقين سينگار طور اٺن کي جُهلَ/جُهلُن ٻڌندا آھن، ھي اُٺ جي پٺيءَ متان پيل ڪپڙي جو پوش ھوندو آھي. جُھل ڪپڙي جي ٺھيل ھوندي آھي ۽ ھيٺ تائين لڙڪيل ھوندي آھي. ان جي ڪنارن تي ڀرت ڀريل رنگين ٽئونر سِتارون ۽ مڻيا وغيرہ لڳل ھوندا آھن. خاص طور تي ٿر ۽ راجسٿان جا ماڻهو اٺن کي جهل سان سينگاريندا آھن.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ جهل جي معنيٰ ھن طرح لکيل آھي: ”جهلَ ج جهلون: غاشيو، بالاپوش، سينگار لاءِ اٺ جي پٺيءَ تي وجهڻ جو ھڪ ڪپڙو (جو ھيٺ تي لڙڪندو آھي) ڀرت ڀريل رنگين ٽڪرين سان ڪپڙو جو اٺ، ڍڱي وغيرہ تي پٺي ڍڪڻ خاطر وجهجي، ڍڪُ ڪپڙي جو.“(بلوچ، 2007ع، ص: 335)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام جي سر ديسي ۾ اٺ جي مٿان پيل ڪپڙي جي جُهل جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

جُهوڙا جنِ جُهلُنِ ۾ ، ھِيري لَکَ ھَزارَ،

لَڳا واٽَ وَڻَنِ جا، پُنهُونءَ کي پالارَ،

آن ڪي وِيندا گَڏِيا، اِھَڙِيءَ سِٽَ سُوارَ،

لَنگهي ڪالهہ قَطارَ، تُون آئِي اَڄُ نِھارِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 12، ص: 387)

ھَلوَيون مهريءَ اٺن جي سجائڻ لاءِ ڪم اينديون آھن. ھن سينگار جي سامان ۾ ننڍيون ننڍيون ٽليون قطار ۾ ھڪٻئي سان سلهاڙيل ھونديون آھن، جي اُٺ جي ھلڻ سان ڇَم ڇَم جي آواز سان وڄنديون آھن. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب ھليون لفظ جي معنيٰ ’اُٺن جي سينگار جا ڳھَ يا ساز‘ آھي.(بلوچ، 1988ع، ص: 3051)

اٺن، ڍڳن، ۽ گهوڙن کي سينگارڻ لاءِ سُٽ مان ٺھيل گُل يا ڦندڻ ٻڌا ويندا آھن. جن کي مالوندن جي ماحول ۾ ٽئونر چيو وڃي ٿو. تنھن کان سواءِ ٽليون مالوند ماڻهن جي واھپي ۾ سينگار لاءِ ڪتب ايندڙ لفظ آھي، اھي گهنڊڻيون آھن، جيڪي وهٽن جي ڳچين ۾ ٻڌبيون آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مالوندن جي ماحول ۾ وهٽن جي ڳچين ۾ پاتل، سينگار جي لفظن ٽئونر ۽ ٽليون کان سواءِ پيرن ۾ ماتل ڇير جو استعمال ھيٺين نموني ڪيو آھي:

ڪُڄاڙِئان ڪاھي، شُتَر اُنِ سِينگاريا،

ٽَلِيُون، ٽؤنرَ، ھَلَوِيُون، وِيا ڇيرون ڇِمَڪائي،

لَنگِھيا لَڪَ، لَطِيفُ چي، وِيا ڪَرَهَلَ ڪُڏائي،

ٻانڀَڻِ کي ٻَروچَ جو، آسَرو آھي،

واڳون وَرائي، ڦيرِينِ مانَ فَقِيرَ تي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان ستون، بيت 2، ص: 405)

مجموعي طور تي شاھ لطيف جي ڪلام منجھان مالوندن جي ماحول جو نہ فقط گھرو مشاھدو ملي ٿو، جڏهن تہ انهن سان منسوب لفظن کي بيان ڪندي چوپائي مال جي خاصيتن کي پڻ بيان ڪيو ويو آھي. تنھن کان سواءِ مالوندن جي ماحول جي مناسبت سان استعمال ۾ آيل شين ۽ سامانن جو تذڪرو پڻ ڪيو ويو آھي.

سامين ۽ جوڳين جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف پنھنجي فڪري پرچار لاءِ جوڳين ۽ سامين جي ڪردار کي وسيلو بڻايو آھي. سندس ڪلام جي اڀياس مان اھا پروڙ پئي ٿي تہ ان جوڳين، سنياسين، کاھوڙين جي اصطلاحن وسيلي ڪيتريون ئي اھڙيون ڳجهيون ۽ ڳوڙهيون ڳالھيون بيان ڪيون آھن، جيڪي ھوند ڪنھن ٻئي نموني بيان ڪرڻ ڏکيون ھجن ھا. شاھ لطيف، سُر رامڪلي ۾ جوڳين جي رهڻي ڪھڻي جي طور طريقن، زيارتن، تيرٿن، تپسائن جو نھايت مفصل بيان ڏنو آھي. ان سان گڏوگڏ سندن شڪل شبيه، مُنهن مھانڊن، لباس ۽ پوشاڪ، انهن جي روحاني منزلن کي پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آڻي امر بڻايو آھي. ھو جوڳين لاءِ آڌوتي، آديسي، سامي، سنياسي، ويراڳي، ڪن ڪٽ، ڪاپڙي، لانگوٽيا، لاھوتي، مهيسي ۽ ٻيا نالا ڪتب آڻي ٿو، جن جو مفصل ذڪر ’شاھعبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا‘ جلد ٻيو، ص: 381 تي ڪيل آھي. ھن باب ۾ فقط انهن نج لفظن، اصطلاحن ۽ فقرن جو ذڪر ڪجي ٿو، جيڪي جوڳين جي ماحول ۾ ڪتب ايندا آھن.

جوڳياڻي اصطلاح موجب مُرشد کي گُرو ۽ مُريد کي چيلو چيو ويندو آھي، ھي ٻئي لفظ جوڳين جي ماحول ۾ عام جام ڳالهايا وڃن ٿا.

شاھ لطيف انهن جو ذڪر ھيٺئين ريت ڪيو آھي:

جا گُرَ ڏِنِي گودَڙِي، سا مُون کي ٿِي مَرَڪُ،

چيلا! ماريٖ چَرَخُ، اوڍيٖ ويھُ اَدَبَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان نائون، بيت 31، ص: 823)

مٿئين لفظ ۾ گُروءَ لاءِ گُر ڪتب آندو ويو آھي، ھيٺئين بيت ۾ پڻ ’گُرو‘ جو ذڪر آيل آھي:

جٖي ڀانييٖن جوڳِي ٿِيان، تهَ ٿِيءُ گُرُوءَ جي گَسِ،

ڏُکَ پاڻَ کي ڏَسِ، سامي! وَڏِيءَ سِڪَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان چوٿون، بيت 5، ص: 794)

جوڳي ۽ سامي جيئن تہ سدائين سفر ۾ ھوندا آھن ۽ جهر جهنگ جهاڳندا آھن، سندن ڪو بہ مستقل ٺڪاڻو يا ٿاڪ نہ ھوندو آھي، ھو صبح جو سج ھڪ ھنڌ ڏسن تہ شام ٻئي ھنڌ گذارين، تنھن ڪري پنھنجي ضرورت جو شيون (جيڪي تمام ٿوريون ھونديون آھن) کڻڻ لاءِ ڪپڙي مان ٺھيل ھڪ خاص قسم جي ڳوٿري استعمال ڪندا آھن، انکي بَگري يا بُگري چئبو آھي.

بُکَ وِڌائُون بگِرِييٖن، جوڳِي ڪندا جُڃَ،

طَلَبَ نَہ رَکَنِ طَعامَ جِي، اوتِيو پِيئَنِ اُڃَ،

لاھُوتين، لَطِيفُ چٖي، مَنُ ماري ڪِيو مُڃَ،

سامِي جهاڳي سُڃَ، وَسِينءَ کي ويجھا ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان نائون، بيت 1، ص: 817)

شاھ جي رسالي ۾ ’گَبري‘ لفظ بہ ساڳي معنيٰ ۾ ڪم آيل آھي، جيڪو شايد بُگري يا بَگريءَ جو بگڙيل اُچار آھي ۽ تجنيس طور استعمال ٿيل آھي:

نَہ گِندا، نہ گَبرِي، نہ لانگوٽِيءَ لِکَ،

جيڏاھن ڀَرِينِ وِکَ، تيڏانهن صاحِبُ سامُھُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، رامڪلي، داستان نائون، بيت 2، ص: 718)

کِدا بہ جوڳين جي ماحول سان لاڳاپيل لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ڊاڪٽر بلوچ پيالو، جمني، ڪِشتو، پٿرڻي نموني تي بستري جو حصو. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ کدائون لفظ ھن ريت ڪم آندو آھي:

سَتيٖن ڏينھن سيّدُ چٖي، ڌاڄا ڌوتائُون،

اُڀِي اَلَکَ سامُھُون، ٻانھون ٻڌائُون،

وَڏِيءَ ڪنھن وِلاتِ جا، اُھُڃَ آندائُون،

رُوحُ پنھنجو رامَ سين، پَرِ ۾ پوتائُون،

کَڻِيو کِدائُون، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 788)

شاھ لطيف موجب جوڳي، گندي ۽ گراھ ڪين سانڍين، رام ڏانهن رمندي کين ھِتان ھُتان ڪنھن ٻاجهري ڏني، تہ ڪنھن ڪڻڪ، ڪنھن جوئر ڏني تہ ڪنھن ڪجهہ ٻيو ڏنو، اھا پنج ڪڻي ڪشتي ۾ وجھي پنھنجو نصيب سمجهي کائيندا آھن. جوڳين جي ماحول جو اھو لفظ ’پنج ڪڻي‘ ھيٺئين بيت ۾ ڪم آيل آھي:

ڇَھٖين ڏينھن ڇَڻِي، پِيا ڪنھن پَرِياڻَ ۾ ،

اَندَرِ آديسِينِ کي، ڌُريائِين ڌَڻِي،

ٻَري ٻاجهارا ڪِيا، کانئين آگِ کَڻِي،

پِنِيو پَنجَ-ڪَڻِي، لِڪا ڀُڻَنِ لَوڪَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 787)

جوڳي عام طور تي گيڙو ويس ڍڪين، منجھائن ڪي مسلمان جوڳي ڪپڙا بہ پائين. جوڳي پوش پوشاڪ کي گهڻي اھميت نٿا ڏين، انهن مان ڪي نانگا ۽ ڀڀوتي اگهاڙا بہ رهن ٿا. شايد اھو ڪارڻ آھي جو شاھ لطيف توڙي جو جوڳين جي ويس يا لباس جو گهڻو ذڪر نہ ڪيو آھي، تنھن ھوندي بہ ڪن بيتن ۾ جوڳين جي پھراڻ يا لباس جا ڪجهہ اھڃاڻ ضرور ملن ٿا. جيئن ھيٺئين بيت ۾ ھڪ لفظ ’لُنگ‘ آيل آھي:

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو،

جا اِسلامان اڳي ھُئِي، سا سُئائُون ٻانگَ،

سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکِناٿَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ستون، بيت 14، ص: 810)

لُنگ، ننڍي گوڏ، لانگوٽي يا ڪاڇوٽيءَ کي چون، جنھن سان جوڳي پنھنجي اوگهڙ ڍڪيندا آھن. ڪڇو يا ڪاڇوٽي ھر ھنڌ ڳالهايو ويندو آھي پر لُنگ خاص طور تي جوڳين جي ماحول جو لفظ آھي، جنھن جو ھم معنيٰ لفظ لانگوٽي بہ آھي، جيڪو پڻ شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪم آندو آھي:

ڪَڇي ڪاڇوٽِي، نانگَنِ ٻَڌِي نِينھن جِي،

جِھَڙا آيا جَڳَ ۾ ، تَھِڙا وِيا موٽِي،

اُنِين جِي چوٽِي، پُورَبِ ٿِيندِي پَڌرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان نائون، بيت 7، ص: 818)

جوڳي، گهڻي ڀاڱي وڏا وار رکندا آھن، وڏن وارن جي جڏهن سار سنڀال لھي، انهن کي تيل ڦليل ڪري ۽ ڦڻي ڏئي وٽبو آھي تہ ان کي چوٽي چيو ويندو آھي، جڏهن تہ انهن ۾ پاڻمرادو ڳنڍيون ٺھن يا اھي مُنجهيل رهن تہ انهن کي جٽائون سڏبو آھي. جوڳي پنھنجي ظاھري روپ جي ٺاھ ٺوھ ڪرڻ کي اھميت نہ ڏيندا آھن، تنھن ڪري انهن جا وار پاڻ ۾ ڳتيل يا مُنجهيل ھوندا آھن. لفظ چوٽي عام جام استعمال ٿيندو آھي پر جٽائون مخصوص جوڳياڻي ماحول جو لفظ آھي. شاھ جي رسالي ۾ اھو لفظ ھن ريت آيل آھي:

ويھي ويراڳِيَنِ جو، ٻئي ڏينھن ٻُڌُمِ حالُ،

تَنِ جا ڌاڄا ڌُوڙِ ڀَڪُلِيا، جاڳوٽا زَوالُ،

اُنِ ڄاڻِي جَٽائُون ڇَڏِيُون، چوٽا چَڱِيءَ چالِ،

ويچارا وُجُودَ جِي، ڪنھن سين ڪَنِ نَہ ڳالِ،

نانگا ٿِيا نِھالُ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ٻيو، بيت 2، ص: 786)

شاھ لطيف، جوڳين جي مختلف تڪين تيرٿن، عادتن، لباس ۽ پوشاڪن، ظاھري روپ جي ڳالهہ ڪئي آھي، اُتي مُنڊا لفظ کي بہ ڪين وساريو آھي، جوڳي فقير پنھنجا ڪن چيرائي، انهن ۾ ھڪ خاص قسم جا ڪاٺ مان ٺھيل والا پائين ٿا، جن کي مُنڊا چيو ويندو آھي.

جٖي ڀانييٖن جوڳِي ٿِيان، تَھ مُنهن ۾ مُنڊا پاءِ،

ڪَنٖين ڪِينَ وِڃائيو، جَنِ ۾ ڪوڙين ڪَڪَرَ وِڌاءِ،

ڇَڏِ چادَرَ، ٻَڌُ چَمِڙا، جُتِي تو نَہ جُڳاءِ،

تہ سامِيئڙ! سَندِياءِ، گُرَ وٽِ گِلا نہ ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان چوٿون، بيت 8، ص: 795)

شاھ لطيف جوڳين جي ظاھري روپ جي منظر نگاري ڪندي، جوڳين جي سڃاڻپ لاءِ ٽي نشانيون بيان ڪيون آھن. ھيٺ ڏنل بيت موجب، جوڳين سان سڱيون، سيلهيون ۽ گبريون ساڻ ھونديون آھن.

سِڱي، ڪنھن جانور جي سِڱن سان ٺاھيل ھڪ قسم جو تُوتارو يا ساز آھي، جيڪو جوڳي وڄائيندا آھن.

سيلھي مڻڪن يا موتين سان ٺھيل ان ھار کي چئبو آھي، جيڪا جوڳي پنھنجي ٽوپيءَ کي ويڙهين يا ڳچيءَ ۾ پائين ٿا. ”سيلھي، سيلھيون: ٻڪريءَ جي وارن جو ٺيل رسو يا ڏورو، وهٽ جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل ڪوڏين کان سواءِ رسو، ڪنھن فقير جي ٽوپيءَ ۾ چوڌاري ٻڌل رسو.“(بلوچ، 2007ع، ص: 155)

گبري/بُگري فقيراڻي گودڙيءَ جو ٻيو نالو آھي:

سِڱِيُون، سيلھيُون، گَبَرِيُون، ٽيئِي ٽولَ ٽَڳو،

پَٽُ ھَڻِي پَٽَ سين، ڀيريٖ تَنِ ڀَڳو،

لاھُوتُ جَن لَڳو، سي مَڙِهيان مُورُ نَہ نِڱِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان نائون، بيت 28، ص: 822)

جوڳي فقير جتي ويهن، رهن ۽ ھڪ ٻئي سان روحاني رمزون اورين ان جاءِ لاءِ ’مڙهي‘ لفظ ڪتب آڻين، مڙهي جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت لکيل آھي: ”مڙهي = ھندو فقيرن جي رهڻ جي جاءِ، جوڳي فقيرن جو آستانو، مَٽ، خانقاھ، درگاھ، مندر، ٺڪاڻو، ڏيوري، سماڌي، اوتارو، دائرو، مڪان، رهڻ جي جاءِ، گهر، جهوپڙي، ڀُنگي، جاءِ، ھنڌ، ٿاڪ، سرير، جسم.“(بلوچ، 1988ع، ص: 2648)

شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ ھي لفظ جوڳي فقيرن جو ذڪر ڪندي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

نانگنِ ڪِينَ نِمايو، ناٿُ نِمايو نِينھن،

مَڙهينِ اُٺا مينھن، جوڳِيان سَندِيءَ ذاتِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان ڇھون، بيت 7، ص: 805)

ھيٺئين بيت ۾ تصوف جا چار روحاني پڙاءَ يا مرحلا بيان ڪيل آھن، جن مان ھر ھڪ جي پنھنجي پنھنجي وصف آھي.

”ناسُوتُ: جسمن جي دنيا، عالم اجسام، دنيا، ھي جھان، تصوف جي ٽين منزل.“(بلوچ، 1988ع، ص: 2777)

”مَلڪُوتُ: سلطنت، بادشاھت، فرشتن جي رهڻ جي جاءِ، فرشتن جي دنيا، عالم ارواح، عالم معنيٰ عالم الغيب، فرشتن جي عبادت جو مقام، فرشتا، ملائڪ.“(بلوچ، 1988ع، ص: 2686)

”جَبرُوتُ: قدرت، عظمت، وڏائي، سلوڪ جي ٽين منزل.“(بلوچ، 1981ع، ص: 895)

”هاھُوتُ: صوفين جي ھڪ منزل، لاھوت کان مٿي سلوڪ جي پنجين منزل.“(بلوچ، 1988ع، ص: 3011)

شاھ لطيف انهن چئني لفظن کي ھڪ ئي بيت ۾ ھن ريت بيان ڪيو آھي:

راھَه شَرِيعَتَ ھَلِيا، تَفَڪُرُ طَرِيقونِ،

حالَ حَقِيقَتَ رَسِيا، معرِفَتَ ماڳونِ،

ناسُوتُ، مَلَڪُوتُ، جَبرُوتُ، اِيءُ اِنعام لَڌونِ،

پَسُ لاھُوتُ لَنگِھيونِ، ھاھُوتان مَٿي ھَلِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان پنجون، بيت 8، ص: 801)

اھڙيءَ ريت شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ جوڳين جي مختلف تيرٿن ۽ زيارتن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي، جن ۾ لاھوت، گنجو ٽڪر ۽ ٻيا ماڳ شامل آھن ، انهن جو تفصيلي بيان ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائڪلوپيڊيا ’جلد پھرين ۾ موجود آھي.

مھاڻن جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ مھاڻن جي ماحول ۽ ثقافت جو بہ چڱي نموني سان احوال ڏنو آھي. مھاڻن جي زندگيءَ جي روزمرہ جي استعمال ۾ ايندڙ شين ۽ انهن جي ماحول سان سلهاڙيل لفظن کي ڳائي امر ڪيو آھي.

مھاڻن جو جياپو پاڻيءَ سان آھي، پاڻي گهٽ آھي يا وڌيڪ آھي، ان جي لاءِ مھاڻن وٽ مخصوص لفظ، فقرا ۽ اصطلاح آھن. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ انهن لفظن جو ذڪر سُهڻي انداز ۾ ڪيو آھي.

اَتانگ لفظ جي لغوي معنيٰ آھي اونهو پاڻي، تمام گھرو اونهو پاڻي، جنھن مان پار نہ پئجي سگهجي. تڙ جي ھڪ ڪناري کان ٻئي ڪناري نہ پھچي سگهجي، پر مھاڻا اھڙا خطرا کڻندا آھن، گھري ۽ اونهي پاڻيءَ ۾ بہ ٻيڙيون ڪاھي ويندا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ اتانگ/اتانگهہ لفظ کي ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

تُنَ تُنِيندو آءُ، مَکِ ڏِيهاڻِي مَڪڙي،

سانباھِي سَمُونڊَ جِي، مَنا مُورِ مَ لاھ،

اَڄ ڪِ سَنجِھه صُباحِ، اُھِرَندِي اَتانگَ تَڙيٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 8، ص: 167)

يعني جيڪي ٻيڙيءَ ۾ ننڍا سوراخ آھن، انهن کي بند ڪري، مڪڙي کي مکي، ٻيڙي کي مضبوط ڪري پوءِ اونهي، اتانگ پاڻيءَ ۾ لَه، جيئن نقصان نہ ٿئي.

شاھ لطيف، مھاڻن جي زندگي ۽ سندن روزمرہ جي ڪاروهنوار جو چڱي نموني اڀياس ڪري پنھنجي ڪلام ۾ ان جو ذڪر ڪيو آھي.

اونهي پاڻيءَ جي لاءِ شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ اَجهور لفظ بہ ڪتب آندو آھي. اَجهور لفظ جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”اَجهور: اونهو پاڻي.“(بلوچ، 2007ع، ص: 130)

اجهور لفظ جي معنيٰ بہ اونهو گھرو پاڻي، تيز وهڪري سان وهي ڪُن ٺاھي، جنھن مان نڪرڻ تمام گهڻو ڏکيو ھجي، ناممڪن ھجي.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام اَجهور لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

ٻوڙييٖن، چاڙهِييٖن، تون ڌَڻِي، ٻئي جو دَعويٰ نہ دَمُ،

ھِنَ منھنجٖي حالَ جو، ميهَرَ تي مَعلَمُ،

رکُ ڀيلي جو ڀَرَمُ، جو اَچِي پِيو اَجهورَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ستون، بيت 2، ص: 255)

شاھ لطيف پنھنجي مشاھدي جي آڌار تي مھاڻن جي زندگيءَ ۾ جيڪي واقعا، حالتون يا جيڪي مشڪلاتون اچن ٿيون، انهن جو جاندار نموني سان نقش چٽيو آھي.

اَڇَ لفظ بہ مھاڻن جي روزمرہ جي ٻوليءَ ۾ ايندو آھي. اَڇَ جي معنيٰ آھي سفيدي، اڇاڻ، وڏي ايراضي تي پاڻي پکڙيل ھجي، اک کٽي وڃي پر پاڻي نہ کٽي.

شاھ لطيف، اَڇَ لفظ پنھنجي ڪلام ۾ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

ڪُنَ ڪَڙَڪو ڏاڍو، اَٿَوَ اَڳِيان اَڇَ،

گهاتو گَهرِ نَہ آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، وائي، ص: 635)

مَتو آھِين مَڇَ، ٿلهو ٿيو ٿُونا ھَڻين،

جا تو ڏِٺِي اَڇَ، تنھن پاڻِيءَ پُنا ڏينھڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 14، ص: 870)

اوتڙ ۽ سُتڙ ٻئي ھڪ ٻئي جا ضد آھن. اَوتڙ، اڻانگي ۽ ڏکئي تڙ کي چئبو آھي، سُتڙ، سولي ۽ سڻائي تڙ کي. ھي ٻئي لفظ مھاڻن، ٻيڙياتن، سامونڊين جي ٻوليءَ ۾ عام جام استعمال ٿيندا آھن. انهن جي لاءِ اھو ضروري ھوندو آھي تہ کين سمنڊ جي سڻاون ۽ سولن تڙن جي ڄاڻ ھجي، جيئن ھو اَوتڙ ۾ اولجڻ کان بچي وڃن.

شاھ لطيف، اَوتڙ ۽ سُتڙ لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندا آھن:

سِڙَهه ٿي سِبِيائُون، بَندَرَ جَنِ تَڙَنِ تي،

مُلا مُعَلِمَ خَبَرُون، پُڇِي پُورِيائُون،

سُتَڙُ سوٺِيائُون، اَوَتَڙِ ڪنھن نہ اولِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 15، ص: 201)

ٻيڙياتا يا مھاڻا جڏهن سمنڊ ۽ درياءَ ۾ ويندا آھن تہ ٻيڙين کي ھلائڻ لاءِ اولن جو استعمال ٿيندو آھي. اولا واحد اولو، جنھن جي لغوي معنيٰ ٿيندي ٻيڙيءَ جي پاسن کان ٻڌل ڪاٺ جا ڳَنَ، جن جون چوٽيون ٿاڦن مثل ٿينديون آھن، جنھن سان ٻيڙيءَ کي ھلائبو آھي. اُولن جي ذريعي پاڻيءَ کي پٺتي ڌڪبو آھي ۽ ٻيڙي اڳتي وڌندي آھي.

اولا جي وضاحت محمد ڪاشف حسين پنھنجي ڪتاب ’شاھ جي رسالي جي سڄاڻي‘ ۾ ھن ريت ڪري ٿو: ”ٻيڙتا شوق ڪري انهن ونجھن جا ڳن عاج جا ٺھرائيندا ھئا، جيڪي لسا ۽ ھلائڻ ۾ سولائيءَ وارا ٿيندا ھئا.“(ڪاشف، 2011ع، ص: 3)

شاھ لطيف، لفظ ’اولا‘ لفظ سُر سريراڳ ۾ ھيٺينءَ ريت اظھاريو آھي:

سِڙَهَه سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ،

ساٿِي سَفَرِ ھَلِيا، ڀَري جُنگَ جَهاجَ،

حاصلُ ڪَرِييٖن حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 155)

شاھ لطيف، ملاحن ۽ مھاڻن جي زندگي توڙي سمنڊ جو تمام وڏو ڄاڻو ھو. انهن جي زندگيءَ ۾ ڪھڙا مسئلا پيش اچن ٿا، سندن سامونڊي سفر ۾ ڪھڙيون مشڪلاتون اچن ٿيون. انهن سڀني ڏکيائين، تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو ذڪر سندس ڪلام ۾ ملي ٿو.

اڇارا:’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”آڇَارو ج آڇارا: مينھن جو سخت (تکو) وسڪارو. سامونڊي لس ليٽ جو وهڪرو. ”آڇارا عميق جا، اچن اوڀارا“ (شاھ) . پاڻيءَ جي سخت ڇولي يا لھر يا وهڪرو. لھرين جي تيزي، پاڻيءَ جو گهمرو، ڪُن.“(بلوچ، 2007ع، ص: 38)

مھاڻا يا ٻيڙياتا جڏهن سمنڊ منهن ڪري ٻيڙيون ڪاھيندا آھن تہ سندن واسطو ڪُنن ۽ آڇارن سان پوندو آھي. آڇارا، سمنڊ جي تمام گهڻي اونهائيءَ ۾ اُڀرن ٿا، جنھن کي غواص منهن ڏين ٿا، پنھنجي زندگين کي داءُ تي لڳائين ٿا ۽ املهہ موتي سمنڊ جي تري مان ڪڍي اچن ٿا.

شاھ لطيف، لفظ ’آڇارا‘ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

آڇارا عَمِيقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،

جَھرِيُون جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪَنَنِ،

سَمُنڊُ سوجھٖي جَنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 161)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سمنڊ جي پاڻيءَ جي چاڙه، ان جي حالتن جو چڱي نموني اڀياس ڪيو ھو. مھاڻن جي ٻولي جو ذڪر شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سُهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آھي.

آر لفظ بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جي لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ سمنڊ يا درياءَ جو چاڙه آھي، ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ تمام گهڻي تِک ھوندي آھي ۽ ان سان گڏ پاڻي گهمرا پڻ ڏيندو آھي. مھاڻا اھڙي پاڻيءَ ۾ بہ ٻيڙيون لاھيندا آھن، توڪل جي بنياد تي پنھنجون حياتيون داءُ تي لڳائي اونهي پاڻيءَ مان بہ سولائيءَ سان پار پوندا آھن.

شاھ لطيف، لفظ ’آرُ‘، ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

سيوِيو جَنِ سُبحانُ، وِيرَ نہ وِڙهي تَنِ سين،

توبَھَه جي تاثِيرَ سين، تَرِي وِيا طُوفانُ،

ڏيئِي تَوَڪّلَ تَڪِيو، آر لَنگِھيا آسانُ،

ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 160)

ٻار لفظ بہ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ پڻ اونهون پاڻي، جتي پاڻي تيز گهمرا ھڻي، ڪُن ٺاھي، جنھن ۾ ٻيڙيون يا جھاز ڦاسن.

شاھ لطيف،’ٻار‘ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

اَڄُ پُڻ وايُون ڪَنِ، وَڻِجارا وَڃَڻَ جُون،

ھَلَڻَ ھارا سُپِرِين، رُئان تان نہ رَهَنِ،

آئون جَھلِيندي ڪيتَرو، آيُلِ! سامُونڊِيَنِ،

پَڳَھَه ڇوڙي جَنِ، وِڌا ٻيڙا ٻارِ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 198)

شاھ لطيف جي تخيل جو ڪمال اھو آھي تہ معمولي شين کي بہ غير معمولي بڻائي ٿو پيش ڪري.

ٻانڊي لفظ جنھن جي لغوي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”ٻانڊي ج ٻانڊيُون: پاڻيءَ ۾ لُڙهندڙ ٿلهي ڪاٺي (جا اندران سڙي پوري ٿي ويئي ھجي) . ٻانڊُ. بي ساھي ۽ ھلڪي ڪاٺي، ساڻي ڪاٺي.“(بلوچ، 2007ع، ص: 384)

پاڻيءَ ۾ ترندڙ ڪاٺ معمولي آھي، پر ان جو ڪارج ڪيترو وڏو آھي، ان جو منظر شاھ لطيف بيان ڪيو آھي. درياءَ ۾ مستي ھجي، پاڻي تارو تار ھجي، ان ۾ بچڻ جو واحد ذريعو اھو ترندڙ ڪاٺ آھي، جنھن کي مھاڻا يا درياھي ۽ سامونڊي زندگي گذاريندڙ ماڻهو ٻانڊي چون ٿا.

ٻانڊي لفظ، شاھ لطيف، سُهڻيءَ جي واتان ٿو چورائي، جيڪا درياءَ جي دھشت ۽ وهڪرن سان وڙهڻ لاءِ ان ترندڙ ڪاٺ سان ھيٺينءَ ريت مخاطب ٿئي ٿي:

ٻانڊِي! جي ٻيلِي ٿِييٖن، تہ حالُ ڳَرَهِيان ھِيءُ،

سَگهو ساعَتَ نہ ڄِندَڙو، جَرَ ري منھنجو جِيءُ،

سانوَڻُ سِيارو ڀانئِيان، وَهِه پِريان جي وِيءُ،

پارِ جنِين جو پِيءُ، وَڃَڻُ واجِبُ تَنِ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٽيون، بيت 18، ص: 227)

ٻڇل لفظ مھاڻن جي روزمرہ جي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ٻن ڇولين جو تيزيءَ سان پاڻ ۾ ٽڪرائڻ آھي. جڏهن چئني طرفن کان تيز ھوائون لڳنديون آھن، تہ سمنڊ ۽ درياءَ ۾ بہ چئني پاسي ڇوليون اٿنديون آھن، جيڪي پاڻ ۾ زور سان ٽڪرائبيون آھن. اھڙي ماحول يا حالت ۾ ننڍين ٻيڙين يا ڪنھن ڪاٺ تي ترندڙ ماڻهوءَ جي زندگي تمام گهڻي ڏکي ۽ مشڪل ٿي ويندي آھي.

شاھ لطيف ان لفظ کي سُر سُهڻيءَ ۾ ھيٺينءَ ريت بيان ڪيو آھي:

دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾ ، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،

ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾ ، اُتِ لھرِيُون لوڏا ڏِينِ،

سَناوَرَ سَھِميا، اُتِ سيڻها نہ سَنڊِينِ،

جِتِ وِيرِيُون واٽَ نہ ڏِينِ، اُتِ ساھَڙَ! سِيرَ لَنگھائِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 227)

پاڻيءَ ۾ سفر ڪرڻ وقت اتي درياءَ ۽ سمنڊ ۾ جيڪي ڏکيائون اينديون آھن، انهن کان بچاءَ جي لاءِ مھاڻا، جيڪي پناھ گاھون پاڻيءَ ۾ ڳوليندا آھن، انهن جي لاءِ بہ مخصوص لفظ استعمال ڪندا آھن.

ٻلاٽيءَ کي ٻيلاٽي بہ چئبو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ننڍڙو ٻيٽ، ٻيٽاري. ننڍڙن ٻيٽن تي مھاڻا سامونڊي وير چڙهڻ وقت پناھ وٺندا آھن. لھرن جي اٿڻ وقت ٻيلاٽي مھاڻن جي لاءِ محفوظ پناھ گاھ آھي، سامونڊي ويرن چڙهڻ وقت ٻلاٽي مھاڻن جي لاءِ وڏي ٻاجهہ آھي.

شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ لفظ ’ٻِلاٽي‘ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ڪَنڌِي سارِيان ڪانَہ ، يا اَمُنُ اَمانَ،

يااِلاِھي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، شاھواڻي، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، وائي، ص: 163)

ٻنگ لفظ گهڻ معنيٰ وارو لفظ آھي، جنھن جي ھڪ معنيٰ ونگُ، گولائون گهيرو، چڙهيل يا ڇڪيل ڪمان، تير يا گز جي منڍ ۾ اڌ گولائو، خال گوشو. ھن لفظ جي ظاھري طرح سامونڊي ڪِرت سان معنيٰ نٿي ٺھڪي.

ھن جي ٻي معنيٰ ڊاڪٽر گربخشاڻي موجب: ”ٻنگ (سن. وَنڪَ) درياھ جو پيچ يا ور.“(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 492)

ٻنگ لفظ، درياھ جي وَر جي معنيٰ ۾ شاھ لطيف ھن ريت ڪتب آندو آھي:

گِهڙِي گَهڙو ھَٿِ ڪري، ٻَھُون نِهاري ٻَنگُ،

سو درقدمِ يار فدا شد چھ بجا شد، وَصلَ اِھوئِي وَنگُ،

راتِ جَنِين جو رَنگُ، اَلا! سي اُڪارِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 11، ص: 219)

پاتار لفظ بہ مھاڻن جي ماحول جو لفظ آھي. پاتار يا پاتال اونهي پاڻيءَ جي تري کي چئبو آھي، جيڪو تمام گهڻو اونهون ۽ ھيٺ ھوندو آھي. پاڻي جي پاتار ۾ لھڻ مھاڻن جي زندگيءَ جو تمام گهڻو ڏکيو ڪم آھي. مھاڻا پنھنجي مھارت ۽ ڪاريگريءَ سان پاڻيءَ جي پاتار ۾ ويندا آھن، موتي ۽ لال تلاش ڪري، سمنڊن جي تري مان ڪڍي ايندا آھن.

شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ لفظ پاتار ھن ريت ڪتب آندو آھي:

وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،

تَنِ سِپُون سوجھي ڪَڍِيُون، پاتاران پيهِي،

پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، ٻيو، بيت 11، ص: 161)

ھي مھاڻن جي ماحول جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ درياء جي ڪپ تي اھو مخصوص ھنڌ يا گس جتان درياء ۾ ٻيڙيون داخل ڪيون وڃن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنھنجي سھيڙيل ’جامع سنڌي لُغات‘ جي جُلد ٻئي ۾ پتڻ جي معنيٰ ھن ريت ڄاڻائي ٿو: ”درياء نھر جو گهيڙ (جتان ماڻهو ٻيڙيءَ ۾ چڙهي پار اُڪرن) . تَڙَ. درياء ۾ ھڪ ڪپ کان ٻئي ڪپ ڏانھن نيندڙ ٻيڙي. ٻيڙيءَ ۾ درياء جي ٻيءَ ڀر اُڪارڻ جو ڀاڙو. اَن جا داڻا (جي ھندو مردي جي ڀرسان ضامن طور رکندا آھن ۽ مسلمان وري دفن ڪرڻ بعد فقيرن کي ڏيندا آھن) .“(بلوچ، 2007ع، جُلد ٻيو، ص: 195)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ پتڻ جو ذڪر ھيٺين ريت ڪيو آھي:

”پَتَڻِ پوءِ پَچارَ، آن ڪي وِنيدا گڏِئا،

اُڪَنڍَ مُون اَپارَ، شالَ مُنھِنجَا موٽِئا!.“

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، 2009ع، ‘شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيو، بيت 12، ص: 107)

پاتڻي لفظ بہ درياھي، سامونڊي ٻوليءَ جو مکيه حصو آھي. پاتڻي، پتڻ پار ڪرائيندڙ کي چئبو آھي، جيڪو ٻيڙيءَ ذريعي مسافرن ۽ سندن سامان کي درياھ جي ھڪ ڪپ کان ٻئي ڪپ تائين پھچائيندو آھي.

شاھ لطيف، پاتڻي لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ويندي آئون ھوتَنِ وَٽِ، مون وَهُه وَڻِجارَنِ سين.

پَڳَھُه کَڻُ مَ، پاتِڻِي! جانِي! مون لَئي جهٽِ،

مُون وَهُه وڻِجارَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، وائي 3، ص: 204)

شاھ لطيف مھاڻن ۽ ملاحن جي ٻوليءَ جي ھر ھڪ لفظ کي بامعنيٰ انداز ۾ بيان ڪيو آھي.

پاکڙي لفظ بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ٻيڙي. ھن لفظ کي شاھ لطيف، جمع جي صورت ۾ ڪتب آندو آھي:

وڻِجارا! ويٺي، تو نہ سَرَندِي شاھَ ري،

مَکِ پنھنجي مَڪُري، چَڱِي ڪَرِ چيٺي،

پاسا پاکَڙِيَنِ جا، سَمُنڊُ ٿو سيڪي،

جي لُنڊا ۾ ليکي، وِيرِ وِڙَهندِي تَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 16، ص: 170)

سمنڊ جي مستي، زوردار ڇوليون جڏهن ٻيڙيءَ سان ٽڪرائجنديون آھن تہ ٻيڙي خطري ۾ اچي ويندي آھي، اھڙي حالت کي شاھ لطيف بيان ڪيو آھي، پاسا پاکڙين جا سمنڊ ٿو سيڪي، يعني پاڻيءَ جون ڇوليون زور سان ٻيڙيءَ جي پاسن سان ٽڪرائين ٿيون.

تار لفظ بہ درياھي ماڻهن جي زندگي ۽ روزمرہ جي ٻوليءَ ۾ عام طور استعمال ٿيندو آھي. تارِ جي معنيٰ اونهون گھرو پاڻي، چاڙه وارو پاڻي، جنھن ۾ گهڙڻ سان جيءَ کي جوکو ٿئي، پر پرت سان تار لنگھي پار پھچي سگهجي ٿو.

پاڻُ مَ کَڻِجِ پاڻَ سين، وَسِيلا وِسارِ،

لُڙُ لَنگھائٖي سُوهَڻي! پِرِتِ وجَھندِيَئي پارِ،

سي تُرتُ لَنگِھيندِيُون تارِ، اُڪَنڊَ آڳَھُه جَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان پھريون، بيت 26، ص: 222)

ننڍي پاڻي يا گهٽ پاڻيءَ کي تانگهہ چئبو آھي، جنھن ۾ ڪنھن بہ قسم جو خطرو ناھي ھوندو ۽ سولائيءَ سان ان مان پار پئجي وڃبو آھي.

تانگهٖي ۾ تاڻٖي، ٻَڌُ پنھنجو تُرَهو،

اُونهٖيءَ ۾ آڻٖي، ڪونَہ ڏيندُءِ ڪو ٻِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ڇھون، بيت 1، ص: 183)

تُرهو ڪکن ۽ ڪاٺين سان ٺاھيو ويندو آھي، ان جو تَرُ رسن ۽ نوڙين سان ٻڌل ھوندو آھي. گهڻو ڪري ننڍي پاڻيءَ، ڍنڍن ۽ ڍورن تي مھاڻا ترهي کي ڪم آڻيندا آھن، جنھن جي وسيلي تري، مڇين يا پکين جو شڪار ڪندا آھن. مٿئين بيت ۾ ترهو لفظ بہ ڪتب آيل آھي.

مھاڻن جي ٻوليءَ جو لفظ تر / تريون بہ آھي. تَرَ بہ ڪکن ۽ ڪانن سان ٺاھي ويندي آھي. تَر بہ تُرهي وانگر ھوندي آھي. تريون، مھاڻا کٽ جي چؤکٽ جيتريون ٺاھيندا آھن، جنھن تي فقط ٻن کان ٽي ماڻهو ويھي سگهندا آھن.

شاھ لطيف، تريون لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

تَرِيُون پَسان نَہ تارِ ۾ ، جُھڳا جاءِ نَہ ڪَن،

مادَرِ! مَلاحَنِ، ماڳِ نَہ ڍويا مَڪُڙا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 5، ص: 633)

مھاڻن جي ٻوليءَ ۾ جَهريون لفظ بہ عام طور استعمال ٿيندو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”جبل تان ھيٺ لھندڙ پاڻي.“(بلوچ، 2007ع، ص: 333)

ڊاڪٽر گربخشاڻي، شاھ لطيف جي سھيڙيل رسالي ۾ معنيٰ ھن ريت ڏني آھي: ”جهريون معنيٰ، وهڪرو، يا پاڻيءَ جي موج.“ جڏهن تہ غلام محمد شاھواڻي ”وهڪري واريون لھرون“ ڄاڻايو آھي. شاھ لطيف ھي لفظ ’سُر سريراڳ‘ ۾ ڪتب آندو آھي:

آڇارا عَمِيقَ جا، گَڏِيا غَواصَنِ،

جَهرِيُون جهاڳي آئِيا، ڪارُونڀارَ ڪَنَنِ،

سَمُنڊُ سوجھيٖ جنِ، آڻي اَمُلَ اولِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 161)

درياءَ ۽ ڍورن جي بلڪل پاڇاڙ کي ڇاڙ چوندا آھن، جنھن ۾ ٿوري پاڻيءَ جو وهڪرو ھلندڙ ھجي. سمنڊ جي کارين کي بہ ڇاڙون چوندا آھن.

شاھ لطيف، لفظ ڇاڙون ھن ريت ڪتب آندو آھي:

جيئن جُھڳا پائِين جهولَ ۾ ، اِيئن نَہ مَرَنِ مَڇَ،

سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِيُون رَڇَ،

ھِي ڇاڙون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھ اَڳانهُون ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 17، ص: 635)

مٿئين بيت ۾ ڪم آيل لفظ ’رڇ‘ بہ مھاڻن جي ماحول سان لاڳاپيل آھي، جنھن جي معنيٰ ڄار آھي. جامع سنڌي لُغات ۾ ھن لفظ جي معنيٰ پڻ ساڳي آھي: ”مڇي ڦاسائڻ جو ڄار. ڪورِڪي ڪم جو ھڪ اوزار. تندن کي ھيٺ مٿي ڪرڻ جو فريم (تاڃي پھريائين رَڇ مان نڪري پوءِ ڦڻيءَ مان نڪري) . ڪوبہ اوزار. ٺڪر جو ڪوبہ اوزار ٿانءُ. لڇڻ، لَلُ.“(بلوچ، 2007ع، جُلد ٽيون، ص: 317)

مھاڻن جي ٻوليءَ ۾ ٻيڙين جي لاءِ بہ مختلف نالا موجود آھن، جنھن ۾ دنگي، ترازو، ٻئي لفظ ننڍڙين ٻيڙين لاءِ ڪتب ايندا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ دنگي ۽ ترازو لفظ ھن ريت ڪتب آندا آھن:

ھِڪِي ٻانهي چِتَ ۾ ، ٻِي صاحِبُ سَنواري،

دَنگِي ھِنَ درياھَه مان، ھَلائي ھاڪاري،

تَرازو تاري، سُتَڙِ سَڀيئي ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 15، ص: 162)

ڏُتڙ لفظ بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جو لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي خراب تڙ يا ڏکيو تڙ، جنھن ۾ لهڻ ھاڃيڪار ھوندو آھي، جنھن ۾ پاڻيءَ جو سفر ڪرڻ ڏکيو ھوندو آھي ۽ ٻيڙي جهول ھڻندي آھي.

شاھ لطيف، ڏُتڙ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ھينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏُتَڙِ پئٖي ڏينھن ٿِيا!

پُڇِيو تان نہ پِرِيان، ڪَرَلاھُو ٿِي ڪَڏِهِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 24، ص: 193)

مھاڻا پنھنجي ٻيڙين ۽ جھازن جي سڃاڻپ لاءِ مختلف رنگن جون جهنڊيون ٻڌندا آھن تہ جيئن پري کان سندن ٻيڙي يا جھاز ڏسڻ ۾ اچي يا سڃاڻپ ٿي سگهي. انهن جهنڊين کي مھاڻا ڌَڄُ/ڌڄون چوندا آھن.

آڳاٽي دور ۾ مھاڻا جڏهن سامونڊي سفر ڪري موٽندا ھئا، تڏهن سندن وَهُون، انهن ڌَڄن جي ذريعي سندن گهرواري جي جھاز يا ٻيڙيءَ کي سڃاڻينديون ھيون.

شاھ لطيف، ڌَڄُ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

جي وِئَڙَمِ اَڄُ، سي ڪَڏِهن ايندا مان ڳَري؟

پِرِيان جي ھُنَ پارَ ڏي، وَڃِي دَنڪِي ڌَڄُ،

سامُونڊِيَڪو ڏَجھُ، ماءِ! مارِيندُمِ ڪَڏهِين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 14، ص: 191)

رائون لفظ بہ مھاڻن جي زندگيءَ جي ماحول جو لفظ آھي. مھاڻا ڄاري جي پاسن کان جهلي بيهڻ لاءِ ڪناري ۾ چوطرف ھڪ ٿلهو وٽيل رسو وجھندا آھن، ان کي رائون چئبو آھي.

شاھ لطيف، رائون لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

جيئن جُھڳا پائِين جهولَ ۾ ، اِيئن نَہ مَرَنِ مَڇَ،

سَٻَرَ ڌارِ سَمُنڊَ جا، ڪي رائُون رَڱِيُون رَڇَ،

ھِي ڇاڙون ۽ ڇَڇَ، اَڃا اوڙاھ اَڳانهُون ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان پھريون، بيت 17، ص: 635)

جيئن تہ مھاڻن جي سموري زندگي پاڻيءَ سان آھي، سندن سموري ڪرت سمونڊن ۽ دريائن کي جهاڳڻ آھي. مھاڻا فقط ٻيڙين تي چڙهي سمنڊن ۽ دريائن جو سفر نہ ڪندا آھن، پر سمنڊ ۽ درياءَ جي ترن تائين بہ ويندا آھن. موتين جي ڳولا ۾ ان جي لاءِ سپون سوجھي ڪڍندا آھن.

مھاڻا پنھنجي روزمرہ جي ٻوليءَ ۾ پاڻي جي لنگهڻ لاءِ مختلف لفظ استعمال ڪندا آھن. سُتڙ لفظ بہ مھاڻا عام طور استعمال ڪندا آھن. سُتڙ جي معنيٰ آھي سڻائو، تڙ. جڏهن بہ سامونڊي موسم ۾ ڦيرگهير ايندي آھي، سامونڊي وير چاڙه ڪندي آھي تہ ناکئا، سڻائي تڙ ڏانهن ٻيڙا ھاڪاريندا آھن، جنھن کي سُتڙ چئبو آھي.

شاھ لطيف، سُتڙ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ھِڪِي ٻانهي چِتَ ۾ ، ٻِي جا ڪَري اَللهُ،

پاڻهي وِجھي ڪُنَ ۾ ، پاڻهي اُڪاري اوڙاھُ،

تنھن واحدَ کي واھ، جو سُتَڙِ سَڀيئِي ڪري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 17، ص: 162)

مھاڻا يا ناکئا جڏهن بہ سمنڊ جي سفر تي نڪرندا آھن تہ مڪمل تياري ڪري ان کان پوءِ ئي سمنڊ ۾ لھندا آھن. سڀ کان پھرين ٻيڙين جي ٺاھي ٺوڪي مرمت ڪندا آھن، ان کان پوءِ جُنگ جوان يعني پھلوان ماڻهو ٻيڙي يا جھاز ۾ ڀريندا آھن تہ جيئن سمنڊ ۾ ڪا اوچتي مصيبت اچي تہ ان کي منهن ڏيئي سگهجي. ٻيڙيءَ کي ھلائڻ لاءِ سڙهه جو استعمال ڪندا آھن. سڙهه ڪپڙي جو ٺھيل ھوندو آھي، ٻيڙيءَ ۾ لڳل اُڀي ڪاٺيءَ ۾ ٽڪنڊو ڪري رسن سان ٻڌندا آھن تہ جيئن ھوا جو داٻ سڙهه برداشت ڪري سگهي.

شاھ لطيف سامونڊي ماحول جي لفظ ’لاڄو‘ کي پڻ پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آندو آھي، جنھن جي معنيٰ رسو (سڳو) آھي، جنھن سان ٻيڙيءَ جي سڙه کي ٻڌبو آھي. جامع سنڌي لُغات ۾ لاڄُو جي معنيٰ ھن ريت ڄاڻايل آھي: ”ٻيڙيءَ جو رَسو.“(بلوچ، 2007ع، جُلد پنجون، ص: 176)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سڙهه ۽ لاڄُو جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

سِڙَهَه سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ،

ساٿِي سَفَرِ ھَلِيا، ڀَري جُنگَ جَهاجَ،

حاصلُ ڪَرِييٖن حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 155)

ناکئا ٻيڙي يا جھاز ھلائڻ لاءِ ٻيڙيءَ ۾ مختلف اوزار پڻ لڳائيندا آھن، جيئن ٻيڙي يا جھاز کي سمنڊ جي سطح تي صحيح نموني سان ھاڪاري يا ھلائي سگهن ۽ وقت تي ان جو رُخ بہ موڙي سگهن. ان جي لاءِ ٻيڙي جي پٺيان ڪاٺ جو اُڀو ۽ ڊگهو تختو لڳائيندا آھن، جنھن کي سُکاڻ چئبو آھي ۽ ان تختي کي سنڀاليندڙ کي سُکاڻي چئبو آھي، جيڪو ٻيڙي يا جھاز جو رُخ موڙيندو آھي، ان ڪم جو ھُو وڏو ماھر ۽ ڪاريگر ھوندو آھي.

شاھ لطيف، لفظ ’سکاڻي‘ ھيٺينءَ ريت ڪتب آندو آھي:

سائِين سُکاڻِي آھِييٖن، سامُونڊِيَ سُبحانَ،

يا اِلاھِي! ٻاجَھ ٻِلاٽِي ڀانئيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، وائي، ص: 164)

سُکاڻ، ٻيڙيءَ جو اھم پُرزو ھوندو آھي، جنھن جي ٻيڙياتا وڏي سار سنڀال لھندا آھن تہ جيئن ڪو حادثو وغيرہ نہ ٿئي.

شاھ لطيف، سُکاڻ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ٻيڙِيائتا! ٻيئي، تو نہ ڦَٻَنديُون ڳالھڙِيُون،

سَڄِيُون راتِيُون سُمَهين، ڀَرُ سُکاڻَ ڏيئِي،

صُباح سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبَرُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 14، ص: 169)

ناکئا يا مھاڻا موسمن جا ڄاڻو ھوندا آھن، ٻيو تہ ھُو ڪنھن طوفان يا حادثي کي منهن ڏيڻ جي بہ مڪمل صلاحيت رکندا آھن ۽ ڪيتري بہ وڏي پاڻيءَ ۾ ترڻ جا تمام وڏا ماھر ھوندا آھن.

تارُو کي مھاڻا پنھنجي زبان ۾ سناور چوندا آھن. سناور جي معنيٰ ئي تارُو آھي. جيتوڻيڪ ھيءُ لفظ عام سنڌي ٻوليءَ ۾ ايترو نٿو اُچاريو وڃي، پر سامونڊي لوڪن وٽ اڄ بہ ھيءُ لفظ عام طور تي ڪتب ايندو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ھن لفظ کي ھن ريت ڪتب آندو آھي:

دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾ ، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،

ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾ ، اُتِ لھرِيُون لوڏا ڏِينِ،

سَناوَرَ سَھِميا، اُتِ سيڻها نہ سَنڊِينِ،

جِتِ وِيرِيُون واٽَ نہ ڏِينِ، اُتِ ساھَڙَ! سِيرَ لَنگھائِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 227)

سونھَڻَ لفظ بہ مھاڻا عام طور تي استعمال ڪندا آھن. سونھَڻَ، ڪاٺ جي ٺاھيل ڪِلين کي چئبو آھي. ھيءَ ھڪ خاص قسم جي ڪاٺ مان ٺھيل سيخَ ھوندي آھي، جيڪا ٻيڙيءَ ٺاھڻ وقت ٻيڙيءَ جي حصن کي پاڻ ۾ جوڙڻ/ڳنڍڻ لاءِ ڪتب ايندي آھي. مھاڻا ان کي اھڙي ڪاريگريءَ سان لڳائيندا آھن، جو ٻيڙي مضبوط ٿئي، ٻيو تہ ان جي مٿان رَندو گهمائي، بلڪل تختن سان ڳنڍي ڇڏيندا آھن.

سونھَڻَ اھڙي تہ ڪاريگريءَ سان لڳائيندا آھن، جو ڪنھن کي بہ خبر ناھي پوندي تہ سونھَڻَ لڳل ڪِٿ آھي.

شاھ لطيف، لفظ سونھڻ ھيٺينءَ ريت استعمال ڪيو آھي:

دَنگِي وِچِ دَرياھ، ڪِين ٻُڏي، ڪِين اُپِڙي،

ھُو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَڻَ سَڀِ سَڙِيا،

مُعلِمَ ماڳِ نہ اَڳِيين، ڦِلِنگِي مَنجِھ ڦِرِيا،

مَلاحَ! تُنھنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چڙَهيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنھنجي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 168)

مھاڻن جي ٻوليءَ ۾ درياھ ۽ سمنڊ جي وهڪرن لاءِ مختلف لفظ آھن، جيڪي ھُو عام طور تي اُچاريندا رهندا آھن. سِيرَ لفظ بہ مھاڻا اڪثر طور تي ڪتب آڻين. سِيرَ جي معنيٰ درياھ يا سمنڊ جو پورو وچ، جتي ھڪ تہ پاڻيءَ جي گهڻائي ھوندي آھي، ٻيو پاڻيءَ جو وهڪرو تمام گهڻو تيز ھوندو آھي. ان وهڪري کي پار ڪرڻ تمام ڏکيو ھوندو آھي، ڇو تہ اُتي پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب وڏا ڪُن ٺھندا آھن ٻيو تہ پاڻيءَ جي ڇولين ۾ بہ اڻ مئي طاقت ھوندي آھي، پر مھاڻا انهن جوکائتن وهڪرن ۾ بہ ويندا آھن ۽ تمام گهڻي ڪاريگريءَ سان سِيرَ مان پار پوندا آھن.

شاھ لطيف، سِيرَ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ثابِتُ لَنگِھيا سِيرَ، لھرِن لوڏِيا ڪِينَ ڪِين،

وَڃِي پَھُتا پارَ کي، نِرِتُؤن مَنجھان نِيرَ،

ماءِ پَھُتا مِيرَ، ٻارِ لَنگِھيائُون ٻاجَھ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 9، ص: 181)

مھاڻن جي جياپي جو ذريعو ئي پاڻي آھي، سندن زندگي پاڻيءَ سان آھي ۽ پاڻيءَ جي زندگي، جوکائتي بہ آھي، جنھن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا خطرا بہ ھوندا آھن. مھاڻا، پاڻيءَ جو سينو چيري سفر ڪرڻ لاءِ مختلف وسيلا بہ ڪتب آڻيندا آھن، جنھن جي لاءِ ھُو ڪيتريون ئي ڪاريگريون بہ ڪندا آھن. اھڙيءَ طرح مھاڻا، سيڻاھ بہ تيار ڪندا آھن. سيڻاھ، ٻڪريءَ جي کل مان ٺھندا آھن. ’جامع سنڌ لغات‘ ۾ سيڻاھ لفظ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”سيڻاھَه ج سيڻاھون: ٻڪريءَ جي کَل مان تيار ڪيل تَرڻ جي کَلِي. سڻيم، سانداري.“(بلوچ، 1985ع، ص: 1750)

سيڻاھ جي ذريعي وڏي پاڻيءَ ۾ سؤلائيءَ سان تري سگهجي ٿو. اڄ جي جديد دور ۾ جھاز رانيءَ لاءِ رٻڙ جا ٺھيل ٽيوب استعمال ڪندا آھن، پر قديم دور ۾ يا اڄ بہ مھاڻا، سيڻاھ جو استعمال ڪندا آھن ۽ ڪنھن حادثي يا تڪڙي صورتحال ۾ وڏي پاڻيءَ ۾ لهڻ لاءِ سيڻاھ ڪتب آڻيندا آھن.

شاھ لطيف لفظ ’سِيڻاھه‘ ھيٺينءَ ريت بيان ڪيو آھي:

دَهَشَتَ دَمُ دَرياھ ۾ ، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنَ ڪَرِينِ،

ٻِڇَلِ ٻانڊِي ٻارِ ۾ ، اُتِ لھرِيُون لوڏا ڏِينِ،

سَناوَرَ سَھِميا، اُتِ سيڻها نہ سَنڊِينِ،

جِتِ وِيرِيُون واٽَ نہ ڏِينِ، اُتِ ساھَڙَ! سِيرَ لَنگھائِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 227)

مھاڻا يا وڻجارا سمنڊ ۾ سفر لاءِ ننڍڙيون ٻيڙيون (دُنگيون) استعمال ڪندا ھئا تہ ان سان گڏوگڏ پاڻيءَ جا جھاز وغيرہ بہ ٺاھيندا ھئا. ھُو ان فن جا تمام وڏا ماھر ھئا، ھوائن جي رُخ تي ھلڻ لاءِ جھاز کي سِڙِهه ٻڌندا ھئا. ان جھاز کي غُراب/غوراب/گراب چئبو آھي، جنھن جي معنيٰ ننڍو جھاز آھي. ھن ۾ سڙهه بہ وڌيڪ ٻڌبا ھئا. سڙهه تي ھوا جي زور ۽ ونجھن جي مدد سان سامونڊي سفر بہ طئه ڪندا ھئا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ڏانهن ويندا ھئا.

شاھ لطيف، غُراب لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

لُڙَ، لھرِيُون، لَسَ، ليٽَ، جِتي اَتُ نہ آبَ جو،

اَللهَ! اُتِ مَ اولِييٖن، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،

جوکوِ ٿئٖي مَ جھاز کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،

لَڳي ڪا مَ لَپيٽَ، ھِنَ غارِيبي غُرابَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 11، ص: 155)

کُوها/کُوهو، غُراب جو ئي حصو ھوندو آھي، جيڪو ٿلهي ڪاٺ جو ٺھيل ھوندو آھي ۽ جھاز ۾ اوچو کُتل ھوندو آھي، جنھن تي سِڙهه پکيڙيو ويندو آھي. جھاز جي سلامتي کُوهي تي ھوندي آھي، کُوهو مضبوط ھوندو تہ سِڙهه بہ محفوظ ھوندو ۽ جھاز کي ڪنھن بہ ڏکي صورتحال کي منهن نہ ڏيڻو پوندو.

شاھ لطيف، کُوها لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

کُوها ڪالهه کَڻِي، اُنِ وِڌا اُتَرَ آسَري،

اَلا! جُھري مَ اُنِ جي، اولي جِي اَڻِي،

وَڻِجارَنِ وَڻِي، وَکَرُ وِڌو ٻيڙِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 1، ص: 167)

شاھ لطيف، مھاڻن جي زورمرہ جي ٻولي ۽ سندن ڪِرت جو بہ تمام وڏو ڄاڻو ھو. مھاڻا مڇيءَ جي شڪار لاءِ مختلف حيلا ڪندا آھن، ۽ مختلف اوزار جيڪي مڇيءَ جي شڪار لاءِ ڪم آڻيندا آھن، انهن جو ذڪر شاھ لطيف بہ ڪيو آھي.

ڪُنڍي بہ مھاڻن جو مڇيءَ جي شڪار لاءِ ٺاھيل ننڍڙو اوزار آھي. لوھ جي مُڙيل ھڪ سنهڙي تند ھوندي آھي، جنھن ۾ مضبوط ڏور ٻڌبي آھي، ڏور جو ھڪ ڇيڙو لٺ نما ڪاٺيءَ ۾ ٻڌبو آھي. لوھ جي مڙيل تند، جنھن کي ڪُنڍي چئبو آھي، ان ڪنڍيءَ ۾ ننڍڙي مڇيءَ جي گوشت جو ٽڪرو ڦاسائبو آھي، ان تند کي پاڻيءَ ۾ اڇلبو آھي، مڇي جيئن ئي ان ننڍڙي گوشت جي ٽڪري کي کائڻ جي ڪندي آھي، تہ ان سان گڏ ان تند کي ڳڙڪائيندي آھي ۽ اُھا مڙيل چُھنبدار تند مڇيءَ جي ڪِلين ۾ وڃي ڦاسندي آھي ۽ شڪاري ڏور جي حرڪت کي محسوس ڪندي، ڪُنڍيءَ کي ڇڪي ٻاھر ڪڍندو آھي، جنھن ۾ ڦاٿل مڇي بہ ٻاھر نڪري ايندي آھي.

شاھ لطيف، ڪُنڍي لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

ڪُنڍي ڪَلِيُنِ وَچ ۾ ، جڏهن ھَنيائون،

اُڦَٽُ نہ ماريائُون، ڏورِ ڏيئي ويا ڏک جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان پھريون، بيت 18، ص: 871)

ڳِريو لفظ، مھاڻن جي ماحول جو لفظ آھي. ڳِريو، ڪاٺ جي ڪِل کي چئبو آھي، جيڪي ڪِلِ، ٻيڙيءَ جي مُهر واري ٻنهي پاسي زمين ۾ مضبوطيءَ سان کوڙبا آھن، جنھن ۾ ٻيڙيءَ کي مضبوطيءَ سان رسن ۾ ٻڌبو آھي. انهن ڪِلِن کي ’ڳِريو‘ چئبو آھي.

شاھ لطيف، ڳِريو لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

ڳِرِيو جَھلِيو روءِ، مَٿي مُهريٖ ھَٿَڙا،

کوءِ! سودو سَندوءِ، جو تو ڍولِيا! سِکيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 20، ص: 192)

سامونڊي ناکئا (وڻجارا) جڏهن جھاز ھڪلي ڏورانهين ديس ڏانهن ھليا ويندا ھئا تہ پويان سندن وَهُون، جنھن کي وڻجاريون بہ چئبو آھي، شدت سان سندن انتظار ڪنديون ھيون. سندن اچڻ جي لاءِ، جر جاٽون ڏينديون، ڏيئا موهينديون ھيون، وڻن کي وانئٽيون ٻڌنديون ھيون. اھي سامونڊي ثقافت جون اھم رسمون آھن.

وانئٽيون ڪپڙي جي اڳڙين جون جهنڊيون ھونديون آھن، جيڪي جھاز جي کُوهن، يعني اڇي ڪاٺ ۾ ٻڌبيون آھن. ان وانئٽي جي رنگ ذريعي ئي وڻجاريون، پنھنجي وَر جو جھاز سڃاڻينديون ھيون، ان کان سواءِ وانئٽيون، وڻن ۾ بہ ٻڌبيون آھن، جيڪي باس طور يا سندن سنئوڻ ھوندو آھي، جيئن سندن وَر سلامتيءَ سان موٽي اچي يا باس پوري ٿئي.

شاھ لطيف، وانئٽيون لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

کوُهَنِ سِرِ وائُنٽِيُون، وائُنٽِيُنِ سِرِ ڳَنڍَ،

کيڙي کيڙي کَنڊَ، ماءِ! سامونڊي آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 21، ص: 202)

لاڄُوبند بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جو لفظ آھي. لاڄُوبند، مضبوط رسن کي چئبو آھي، جيڪي سِڙهه کي ٻڌڻ ۾ ڪم ايندا آھن، يعني مضبوط رسن ذريعي سِڙهه ٻيڙي يا جھاز جي پاسن کان لڳل ڪڙن ۾ ٻڌبا آھن، جيئن ھوا جو زور جڏهن سڙهه تي پوي تہ سڙهه مضبوطيءَ سان بيٺل ھجي ۽ ھوا جي طاقت سان ٻيڙو اڳتي وڌي/پاڻيءَ ۾ ھلي. جيڪڏهن ڪمزور لاڄو بند ھوندا تہ سڙهه ھوا جو داٻ سھي نہ سگهندا. مھاڻا/وڻجارا سامونڊي سفر ۾ ھميشه مضبوط لاڄوبند استعمال ڪندا آھن ۽ ان جي سنڀال بہ گهڻي خبرداريءَ سان ڪندا آھن.

شاھ لطيف ان ڳالهہ جي عڪاسي ھن ريت ڪئي آھي:

سِڙَهَه سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ،

ساٿِي سَفَرِ ھَلِيا، ڀَري جُنگَ جَهاجَ،

حاصلُ ڪَرِييٖن حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 155)

سامونڊي سفر ۾ موسم جي حال ۽ ان جي ڦيرگهير سبب سمنڊ جي حالت ۾ بہ تبديلي ٿيندي آھي. پاڻي ڪڏهن ماٺ ٿي ويندو آھي تہ ڪڏهن ان ۾ زبردست قسم جي ھلچل پيدا ٿي ويندي آھي، ڇوليءَ مٿان پئي ڇولي ايندي آھي، جنھن کي مھاڻا لس ليٽ چوندا آھن. ان لس ليٽ سان جھازن کي جوکو اچڻ جو ڊپ يا امڪان ھميشه وڻجارن کي رهندو آھي.

شاھ لطيف ان جو اظھار ھن ريت ڪيو آھي:

لُڙَ، لھرِيُون، لَسَ ليٽَ، جِتي اَتُ نہ آبَ جو،

اَللهَ! اُتِ مَ اولِييٖن، ٻيڙا مَٿي ٻيٽَ،

جوکوِ ٿئٖي مَ جھاز کي، ڦَرَهي اَچي مَ ڦيٽَ،

لَڳي ڪا مَ لَپيٽَ، ھِنَ غارِيبي غُرابَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 11، ص: 155)

مھاڻا يا وڻجارا ٻيڙين مٿان مڏ بہ اڏيندا آھن. مڏ لفظ جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت ڏنل آھي: ”ڪانن جو تُرهو، ٽلو، ترُ، پاڻيءَ جي مٿان ڪکن ڪاٺين مان ٺھيل گهرڙو. رڇ کي مٿي جهلڻ لاءِ ڪانن جو گڏو، ڍير، ڍڳ، سٿو، گدام، ٿھو، ڪاٺين جي ڀري، مڇين جو ڍير، سامان جو ڍِڳُ، مڏي، سامان.“ (بلوچ، 2007ع، ص: 300)

غلام محمد شاھواڻيءَ جي سھيڙيل شاھ جي رسالي ۾ مڏ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”دنگي، ننڍي ٻيڙي.“(شاھواڻي، 2005ع، ص: 256)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ھي لفظ سُر سُهڻيءَ ۾ ھيٺين ريت ڪتب آندو آھي:

ميھارُ مَلاحَنِ کٖي، اُڀو ڪري سَڏَ،

اَدا! اِنَہ ين پارَ جو، موڙي اَچو مَڏَ،

وِيا جي وَهَه گَڏَ، ھَلو تہ ڏورِيُون اُنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سُهڻي، داستان ستون، بيت 6، ص: 256)

مھاڻا جڏهن مڇيءَ جو شڪار ڪري کڻي ايندا آھن تہ ان کي مھاڻن جون عورتون کارين ذريعي ڍوئينديون آھن. کاريون مڇيءَ سان ڀري ان کي مٿي تي کڻنديون آھن. مٿي تي کارين جي بار کي سھنجو ڪرڻ لاءِ ڪکن يا پراڻين ڪپڙي جي اڳڙين سان سينھي ٺاھينديون آھن، جنھن کي مٿي تي رکي ان جي مٿان مڇيءَ سان ڀريل کاري رکنديون آھن، تہ جيئن مٿي تي ان جو بارُ ڏکيو نہ لڳي. ان سينھيءَ کي مھاڻا ’مُوڙيون‘ چوندا آھن.

شاھ لطيف، موڙيون لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

گَندَ جَنِ جِيَ گوڏِ ۾ ، مَٿَنِ تي مُوڙِيُون،

اَچَنِ سَنڀُوڙِيُون، سَمي جي سَلامَ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 15، ص: 622)

مھاڻا، سمنڊ يا درياھ مان جيڪا مڇي شڪار ڪري ايندا آھن، انهن کي وڪڻڻ واري ھنڌ يا پِڙيءَ کي مِياڻي چئبو آھي.

شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ ھي لفظ ھن ريت استعمال ڪيو آھي:

تِھَڙو ڪينجهر ۾ ڪِينَ ٻِيو، جِھَڙِي سونھن سَندِياسِ،

مَڏَ، مِياڻِيُون، مَڪُڙا، مِڙَئِي مَعافُ ٿِياسِ،

مُورِڇَلَ مَٿاسِ، اُڀو تَماچِي تٖي ھَڻٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 24، ص: 624)

شاھ لطيف، مھاڻن جي زندگي گذارڻ، پاڻيءَ ۾ سفر ڪرڻ دوران جھاز يا ٻيڙيءَ کي ايندڙ خطرن ۽ ان کان بچاءَ جي اُپائن ۽ انهن حيلن وسيلن جو بہ پنھنجي ڪلام ۾ انتهائي سُهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آھي. جڏهن سمنڊ ۾ طوفان ايندو آھي، جنھن جي ڪري جھاز يا ٻيڙا خطري ۾ اچي ويندا آھن. زوردار پاڻيءَ جي ڇولين سبب لوڏا ايندا آھن، جنھن جي ڪري جھاز يا ٻيڙا پنھنجو توازن برقرار رکي نہ سگهندا آھن، ان کان بچاءَ جي لاءِ مھاڻا انتهائي وزن دار لوهي اوزار سمنڊ ۾ لاھيندا آھن، جنھن جي ڪري ٻيڙا يا جھاز سنوت ۾ اچي ويندا آھن، ان کي ’ناتاري‘ چئبو آھي. ”ناتاري: لنگر، لوھ جو وڏو ڳرو اُبتو چنبو جيڪو نار يا سمنڊ جي تانگهي پاڻيءَ ۾ ھيٺ تري ۾ وڃي لڳي ڦاسي بيھي.“(بلوچ، 2014ع، ص: 272)

شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ لفظ ’ناتاريون‘ جمع جي صيغي ۾ ھيٺينءَ ريت اظھاريو آھي:

وَهَه تِکَ وَهَڪُرا، جِتِ نَنگَرَ نَہ ٺَھِرَنِ،

وڏاندَريُون وَهَه سامُهِيُون جَجھي زورِ جُنبَنِ،

نيڍُوءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ،

مُلا مُعلِمَنِ، مون ڳَرِي سُئِي ڳالھڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 169)

ناکئو لفظ بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جو عام لفظ آھي. عام طور تي جھاز يا ٻيڙي ھلائيندڙ کي ناکئو چئبو آھي. ناخدا، ڪشتيبان بہ ناکئي جي معنيٰ ۾ ڪتب اچن ٿا.

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، ناکئي جي معنيٰ خلاصي ڄاڻائي آھي، جيڪو پاڻيءَ جي ماپ لهي، معلم کي وقت بہ وقت خبردار ڪندو آھي. جيتوڻيڪ ھن وقت جھاز تي عام ڪم ڪندڙ مزدور کي بہ خلاصي چئبو آھي، جنھن جي ذريعي ھاڻ جھازن جي نگهبانيءَ جو ڪم ناھي رهيو، پر شاھ لطيف جي دور ۾ خلاصي (ناکئو) جھاز جو نگهبان ھوندو ھو، جيڪو جھاز ھلائيندڙ يعني معلم (ڪپتان) کي سفر دوران پاڻيءَ جي مقدار ۽ حالت بابت خبردار ڪندو ھو، جيئن ڪنھن بہ ڏکي صورتحال يا طوفان وغيرہ جي حالت ۾ معلم (ڪپتان) جھاز کي صحيح نموني سان ڪڍي وڃي.

شاھ لطيف، ناکئو لفظ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ناکُئو نِگَهبانُ، مُعلِمَ مُنجي خَبَرُون،

جَنِ ساري کَنيو سَمُونڊَ تي، سَفَرَ جو سامانُ،

لُطفَ ساڻُ لطيفُ چي، تَنِ لَنگِھيو طُوفانُ،

سَنڀاري سُبحانُ، وَڃي عادَنِئُون اُکَتَاُ

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 17، ص: 170)

شاھ لطيف، مھاڻن جي زندگيءَ ۾ ايندڙ مشڪلاتن، ڏکيائين جو بہ چڱي نموني اڀياس ڪيو ھو. جڏهن بہ آبهوا جي ڦيرگهير سبب سمنڊ ۾ تبديلي ايندي آھي، ھوائن جي تيز دٻ سبب ڇوليون ھڪ ٻئي پٺيان زور سان اينديون آھن، انهن حالتن ۾ مھاڻا ان کي ڪيئن منهن ڏيندا آھن.

ننگر يا لنگر لفظ بہ مھاڻن جي ٻوليءَ جو عام لفظ آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي لوھ جو وڏو ڪِل، جنھن سان پتڻ جي ڪناري ٻيڙي يا جھاز کي مضبوط رسي سان ٻڌبو آھي. ٻيو لفظ شاھ لطيف، نيڍوءَ ڪتب آندو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي گھرو اونهو پاڻي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، شاھ جي ڪلام جي لغت روشني ۾ لفظ نيڍوءَ جي معنيٰ بلڪل مختلف ٻڌائي آھي ”ڏکڻ ھندستان جي ڪناري لڳ نار (عام روايت نيڍءَ نار) ڄاڻائي آھي“(بلوچ، 2014ع، ص: 486)

شاھ لطيف جي بيت ۾ نيڍوءَ لفظ جي معنيٰ واضح طور تي اھا نڪري ٿي، جيڪا عالمن، غلام محمد شاھواڻي ۽ ڪلياڻ آڏواڻي ڏني آھي، اونهو سمنڊ. ناتاريون يعني لوھ جا ڳرا اوزار گھري پاڻيءَ ۾ اڇلڻ جو ذڪر شاھ لطيف ڪري ٿو، جنھن سان جھازن جو توازن برقرار رهي.

جڏهن موسم تبديل ٿيندي آھي، سمنڊ جي لھرن ۾ ھلچل پيدا ٿيندي آھي تہ ڪنارن تي لڳل ننگر (لنگر) يعني لوهي ڪِلا بہ انهن جي دٻ ناھن جهلي سگهندا.

نيڍوءَ ۽ ننگر لفظن جو ذڪر شاھ لطيف ھن ريت ڪتب آندو آھي:

وَهَه تِکَ وَهَڪُرا، جِتِ نَنگَرَ نَہ ٺَھِرَنِ،

وڏاندَريُون وَهَه سامُهِيُون جَجھي زورِ جُنبَنِ،

نيڍُوءَ ۾ ناتارِيُون، وَڻِجارا وِجَھنِ،

مُلا مُعلِمَنِ، مون ڳَرِي سُئِي ڳالھڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 15، ص: 169)

وَنجھه لفظ بہ سامونڊي ڪِرت جو آھي. ونجھ، ڊگھي مضبوط ڪاٺ سان مھاڻا گهڙيندا آھن، جيڪو ٻيڙيءَ کي اڳتي ڌڪڻ لاءِ پاڻيءَ ۾ ڪتب ايندو آھي. ونجھه ھلائڻ بہ ھڪ فن آھي ۽ مھاڻا ان فن جا ماھر ٿيندا آھن، پاڻيءَ ۾ ونجھه اھڙيءَ طرح ھلائيندا آھن جيئن ٻيڙي پنھنجي سفر تي اڳتي وڌي.

شاھ لطيف، ونجھه لفظ ھيٺئين ريت ڪتب آندو آھي:

اُلوڙَڻُ نہ ڏِئٖي، وَرُ وِڌائِين وَنجھه کي،

رَهُه اَڄوڪِي راتَڙِي، لالَنَ! مُون لائي،

وَڃُ مَ ڦوڙائي، ايڏي سَفَرِ سُپِرِين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 21، ص: 193)

سامونڊي زندگيءَ ۾ مھاڻن کي جيڪي مسئلا ۽ مرحلا پيش ايندا آھن، انهن ۾ وِير جو چڙهڻ بہ وڏو مسئلو آھي. پاڻيءَ جي چڙهڻ کي مھاڻا ’وِير‘ چوندا آھن ۽ لهڻ کي ’آلڙ‘ چئبو آھي. عام طور تي ھر صبح ھر شام جو وير اٿندي آھي، جيڪا ڪجھه وقت کان پوءِ لهي ويندي آھي، ان کي ننڍي وير چئبو آھي، پر اھي وِيرون، جيڪي چوڏهينءَ چنڊ جي رات ۽ اوڻٽيهه اونداھيءَ ۾ اٿنديون آھن، انهن ويرن کي پورن ماسي وير چئبو آھي. جيڪي اوڻٽيهه اونداھيءَ ۾ وير اٿندي آھي، ان کي اُماسي وِير چئبو آھي. انهن وڏين وِيرن چڙهڻ وقت سمنڊ ۾ وڃڻ خطرناڪ ھوندو آھي. مھاڻا اھڙين حالتن ۾ ڊڄي ڊڄي الله تي آس ڪري، دعائون ڪري، پوءِ سمنڊ ۾ لهندا آھن.

شاھ لطيف، وير لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

سيوِيو جن سُبحانُ، وِيرَ نہ وِڙهي تن سين،

توبَھَه جي تاثِيرَ سين، تَرِي وِيا طُوفانُ،

ڏيئِي تَوَڪّلَ تَڪِيو، آرُ لَنگِھيا آسانُ،

ڪامِلُ ڪِشتِيبانُ، وِچَ ۾ گَڏِيُنِ واھَرُو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 160)

موسيقارن ۽ راڳين جي ماحول جا لفظ

موسيقي ھڪ لطيف فن آھي، جنھن جو ساز، سرود، سماع ۽ راڳ سان گھرو لاڳاپو آھي. شاھ لطيف جو نہ صرف ساز، سماع ۽ راڳ سان چاھ ھو، پر کيس موسيقيءَ جي علم تي پڻ دسترس حاصل ھئي. اھوئي سبب آھي جو سندس ڪلام جي ھر ھڪ سٽ موسيقيءَ ۽ ترنم جي تند ۾ پرويل آھي. شاھ لطيف جوسمورو ڪلام راڳ ۽ راڳڻين تي آڌاريل آھي، جنھن مان موسيقيءَ سان سندس چاھ ۽ ڄاڻ جي پروڙ پئي ٿي.

ھن پنھنجي ڪلام ۾ سازندن ۽ راڳين جي ماحول سان لاڳاپيل لفظن جو ذڪر نھايت ئي سُهڻي نموني ڪيو آھي. شاھ لطيف، سُر سورٺ جي ڪردار ٻيجل کي ڀٽ، ڀان، چارڻ، مڱڻھار، ميراثي، جاجڪ جھڙن مختلف نالن سان مخاطب ٿيو آھي ۽ سندس ساز کي سُرندو، چنگ ۽ رباب سڏيو آھي. اھڙيءَ ريت شاھ جي رسالي ۾ اھڙا ڪيترائي لفظ ڪتب آيل آھن، جيڪي راڳين جي ماحول ۾ عام جام ڳالهايا وڃن ٿا.

چنگ، سنڌ جو مقبول ساز آھي، جيڪو ٻھراڙيءَ جا ماڻهو خاص طور مال چاريندڙ ڌنار پنھنجي وندر لاءِ وڄائيندا آھن. ھن ساز کي ڪشمير ۾ بجنگ، سرحد ۽ بلوچستان ۾ چنگ، انگريزيءَ ۾ Jews Harp ۽ ڪن ريگستاني علائقن ۾ مچنگ سڏجي ٿو. چنگ ڦوڪ ۽ ضرب سان وڄندڙ ھڪ تمام سادو ساز آھي. چنگ ٺاھڻ لاءِ چار سوت ٿلهي تار کي موڙي گول دائري جي شڪل ڏئي، ھر ھڪ گول کي ٽن سوتن جي وٿي ڏئي تارون ٻاھر ڇڪي ٽن انچن جي مفاصلي تي چھنباريون رکيون وينديون آھن. چنگ جي وچ واري تار تمام نرم ٿيندي آھي، جنھن ڪري ڌڪ ھڻڻ سان ان ۾ لرزش پيدا ٿيندي آھي. چنگ جا ٻہ قسم آھن، ھڪ ڪماني چنگ ۽ ٻيو ورقي چنگ. سازندا چنگ کي وڄائڻ لاءِ ايئن جهليندا آھن، جو چنگ جي وچين چپٽي تار کان سندن ھٿ پري ھجن، چھنبن وارو پاسو چپن ۽ ڏندن سان جهلي، ان تي ھڪ ھٿ سان ضرب ھڻي، ساھ کي اندر ٻاھر ڌڪبو آھي تہ چنگ وڄڻ لڳندو آھي.

ھيٺئين بيت ۾ چنگ سان گڏوگڏ چارڻ، راڳ، جُھوڙا ۽ جھائين جو ذڪر پڻ ٿيل آھي، جيڪي سڀئي راڳين جي ماحول جا لفظ آھن. چارڻ جي معنيٰ راڳ ڳائيندڙ آھي، جهوڙا ۽ جھائين ساز کي سينگارڻ لاءِ ان کي ٻڌل ٽئونرن کي چيو ويندو آھي. شاھ لطيف مٿين سمورن لفظن جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

اَللهَ جِي آسَ ڪَري، ھَليو ھِئائِين،

چارَڻَ ٻَڌا چَنگَ کي، جُھوڙا ۽ جھائِين،

ڏُئِلِي راءَ ڏِياچَ جِي، ڏوران ڏِٺائِين،

وِينَتِي واحِدَ دَرِ، تنھن ويرَ ڪِيائِين،

سَٻاجها سائِين! راءُ ريجهايين راڳَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) ’شاھ جو رسالو، سر سورٺ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 639)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ چارڻ لاءِ سائل لفظ پڻ ڪتب آندو آھي. ھي لوڪ موسيقيءَ سان سلهاڙيل لفظ آھي، جيڪو سوالي، فقير، منگتي، گهرجائو، گدا يا پينوءَ جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي.

شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾ سائل لفظ ٻيجل لاءِ استعمال ڪيو آھي، جيڪو راءِ ڏياچ وٽ سِر جي صدا ھڻي ٿو:

سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَهان، گَرمِيَ ٿِيان گُدازُ،

اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، سائِلُ ھَڻِي سازُ،

رَبابِيءَ کي رازُ، خالص، ڏيجِ خَلِيلَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 640)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪينرو، جاجڪ، ۽ سُر لفظ بہ ڪم آندو آھي. ڪينر يا ڪينرو بہ ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن جي ماحول سان مناسبت رکندڙ لفظ آھي، جيڪو ھڪ خاص قسم جي ساز لاءِ استعمال ڪيو وڃي ٿو. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب: ”ساز جو ھڪ قسم، فقيرن جي ڪنن جو ڳھ، ڍنڍ جو ڪنارو، ميدان، روڌن مچائيندڙ، روڄ ڪندڙ، روئيندڙ، فرياد، سمجھ ۾ ايندڙ ڳالھ، سرندو، بيت، ڪٿا، ڳالھ، بيان“(بلوچ، 1985ع، ص: 2191)

انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ يهودين جي سازKinnor جو ذڪر آھي. اُن لفظ جي آوازي صورت سنڌ جي مشھور شاھ لطيف جي رسالي جي سر سورٺ ۾ بيان ڪيل لفظ ڪينرو بطور ساز، ’ڪينر‘ يا ’ڪينري‘ جھڙي آھي. ممڪن آھي تہ انهيءَ ساز جي بائيبل ۾ سازن جي حوالي استعمال ٿيل لفظ Kinnor سان ڪو لاڳاپو ھجي.“(سنڌيانا، جلد پھريون، 2009ع، ص: 205)

ساز کي ڀري وڄائڻ ۽ ان مان زوردار ۽ سُريلو آواز ڪڍڻ واري عمل لاءِ شاھ لطيف ٻُرائڻ جو لفظ ڪتب آندو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ موجب، ٻُرائڻ جي معنيٰ آھي: ”ساز مان زوردار آواز ڪڍڻ، ڀري وڄائڻ.“ (بلوچ، 1995ع، ص: 478)

نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻِيجَلَ ٻُرائِي،

راڄا رَتولَنِ ۾ ، وَرنائِي وائِي،

ڪوٺايائِين ڪوٽَ ۾ ، ٻارِٽُ ٻاجهائِي،

راجا راڳائِي، ھَرِدوئِي ھيڪُ ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) ’شاھ جو رسالو، سر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 3، ص: 643)

مٿئين بيت ۾ وائي لفظ پڻ ڪم آيل آھي، راڳين جي اصطلاح موجب وائي ان راڳ کي چئبو آھي، جنھن ڏُک ۽ درد جو داستان سمايل ھجي.

موسيقارن جي ماحول موجب تنبورو (ساز جو قسم) وڄائيندڙ کي تنبير چئجي ٿو. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ هن لفظ کي ھڪ ماھر ڳائڻي جي معنيٰ ۾ ڪم آندو آھي، سندس چوڻ موجب مڱڻھار جڏهن ساز وڄايو تہ ڪوٽ ڪِري پيا ۽ ھنڌين ماڳين ھوءِ ٿي. ساز لفظ وڄائڻ جي اوزارن، سُرندي، دنبوري، چنگ، يڪتاري، بانسري، دھل ۽ رباب کي چيو ويندو آھي.

مَحَليٖن آيو مَڱڻو، کَڻِي سازُ سِرِيِ،

لَڳِي تَندُ تُنبيٖرَ جِي، پِيا ڪوٽَ ڪِرِي،

ھَنڌين ماڳين ھُوءِ ٿِي، تنھنجِي ٻِيڄَلَ! دَانهن ٻُرِي،

جُھوناڳَڙُهه جُھرِي، پُوندِي جھانءِ جَهروڪَ ۾ ،

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) ’شاھ جو رسالو، سر سورٺ، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 649)

مختلف سازن جي وڄت، وڏي آواز يا نغاري لاءِ واڄٽ لفظ ڳالهايو ويندو آھي، جنھن کي شاھ لطيف ھيٺئين بيت ۾ ڪم آندو آھي:

پِھرِين ڪاتِي پاءِ، پُڇجِ پوءِ پِرِيتَڻُو،

ڏُکُ پِريان جو ڏِيلَ ۾ ، وَاڄَٽَ جِيئن وَڄاءِ،

سِيخُنِ ماھُ پَچاءِ، جي نالو ڳِئَڙ نينھن جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 72)

وڏاڻ بہ چارڻن، ڀٽن ۽ ڀانن جي ماحول جو لفظ آھي. ھي لفظ ان وڄت لاءِ ڪم ايندو آھي، جيڪا ستن سُرن جي بنھ مٿئين آلاپ تي وڄائي ويندي آھي. ھن جي وڄڻ سان ماڻهو بيخودي ۾ اچي جھومڻ لڳندا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ھن لفظ جو استعمال ھيٺئين ريت ڪيو آھي.

چارَڻَ چَنگُ، ٻَنگُ لَهِي، وَڄايو وَڏاڻُ،

سِرَ جو ھَڏِ آسانُ، پر مَڱَڻهارُ مَٿي وَهي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘ سُر سورٺ، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 654)

موسيقيءَ جي ڪيترن ئي سازن (سُرندي، دنبوري، تُنبي ۽ يڪتاري) مان سُريلا آواز پيدا ڪرڻ لاءِ تند جو استعمال ڪيو وڃي ٿو. موسيقيءَ جي اصطلاح موجب تند، ساز ۾ لڳل ڌاتوءَ جي اھا سنهڙي تار يا سڳو آھي، جنھن کي چورڻ سان سُرن جا آواز پيدا ٿيندا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سُر وکيريندڙ تند ھو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

تَندُ تُمارِيءَ، تانُ، ڪَھِيو سو قَبُولُ پِيو،

سِرُ تہ آھي سَٽِ ۾ ، پَرَ ٻِيو ڪي مَڱِجِ دانُ،

خاڪِ، مِٽِيَ ڪا بانُ، ڪاٽِيا پوءِ ڪجهہ نَہ ين.

(شاھواڻي، غلام محمد (2005ع) ’شاھ جو رسالو، سر سورٺ، داستان چوٿون، بيت 4، ص: 654)

رباب بہ تند ذريعي وڄندڙ ھڪ ساز جو نالو آھي. ھن ساز ۾ تنبوري وانگر چار تارون ھونديون آھن، پر ڪٿي ھي ساز پنجن تارن وارو ٿئي ٿو.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ رباب جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

رَڳُون ٿِيُون رَبابُ، وَڄَنِ ويلَ سَڀَڪنهين،

لُڇَڻُ ڪُڇَڻُ نہ ٿِيو، جانبُ ري جَبابُ،

سوئِي سَنڌِيندُمِ سُپِرِين، ڪيس جنھن ڪَبابُ،

سوئِي عَينُ عَذابُ، سوئي راحَتَ روحَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 79)

ھيٺين بيتن ۾ ٻہ لفظ ربابي ۽ ڪُماچ آيل آھن، جيڪي راڳين ۽ موسيقارن جي ماحول سان لاڳاپيل لفظ آھن. رباب وڄائيندڙ کي ربابي چوندا آھي، جڏهن تہ ڪماچ ھڪ ساز جو نالو آھي، جيڪو رباب ۽ سُرندي جيان تندن تي لرزش پيدا ڪرڻ وسيلي وڄايو ويندو آھي.

سَردِيءَ سالِمُ نَہ رَهان، گَرمِيَ ٿِيان گُدازُ،

اَمَنُ ڏيجِ اَمانَ تُون، سائِلُ ھَڻِي سازُ،

رَبابِيءَ کي رازُ، خالص، ڏيجِ خَلِيلَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 640)

تو دَرِ آيُسِ، راڄِيا! ٻِيا دَرَ ڏيئِي ٻَنِ،

ڪَھان جو ڪَماچَ سين، سو سُڻُ سَٻاجهٖي ڪَنِ،

جا مَڱَ منھنجي مَنِ، سا توکي مَعلومُ سَڀَڪا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 642)

ويڄن، حڪيمن ۽ طبيبن جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ويڄن ۽ حڪيمن جي ماحول جي عڪاسي ڪئي ۽ انهن جي ماحول ۾ ڪتب ايندڙ لفظن ۽ اصطلاحن کي پنھنجي پيغام جي پرچار ۽ شاعريءَ جي رس ۽ چس وڌائڻ ڪارڻ نھايت ئي سُهڻي نموني ڪم آندو آھي. ان پنھنجي شاعريءَ ۾ سُتي، ڦڪي، ڊب، دوا دارونءَ وسيلي انسانن جي سُورن، تڪليفن ۽ بيمارين بابت ڪتب ايندڙ ڪيترائي لفظ ڪم آندا آھن.

انسان جڏهن ڪنھن جسماني يا ذھني نقص جو شڪار ٿئي ٿو، سندس جسم جي ڪو عضوو جڏو يا ناڪارہ ٿئي ٿو تہ سندس جسم جي قدرتي سرشتي جي تسلسل ۽ ترتيب متاثر ٿئي ٿي، تہ ھو سُور ۽ تڪليف جو شڪار ٿئي ٿو.ان جي تندرستي لاءِ قديم زماني کان وٺي ويڄ ۽ حڪيم، بيمارن کي مختلف قسم جون دوائون ۽ دارون ڏين ٿا. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ دوا ۽ دارون جا لفظ ھن ريت ڪتب آندا آھن.

جان ڪِي ڪَري طبيبُ، دارُون ھِنَ دردَ جا،

ھَڻِيو سي حبيبُ، اُکوڙِيو اَڌَ ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 5، ص: 86)

تُون حَبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا،

جانِبَ منھنجي جِيءَ ۾ ، آزَرَ جا اَنواع،

صاحبَ! ڏي شفا، مِيان! مَريِضنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 85)

مٿئين بيتن ۾ آزار ۽ شفا بہ ويڄن ۽ طبيبن جي ماحول جا لفظ آھن. ويڄ ۽ حڪيم انيڪ قسمن جي جڙي ٻوٽين ۽ وڻن ٽڻن جي ڏانڊين، گُلن، ٻُورن ۽ پنن کي ڪُٽي ۽ پيهي، انهن جي ھڪ خاص ترتيب سان ڦڪيون ٺاھيندا آھن، جيڪي مختلف بيمارين مان شفا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪارگر ھونديون آھن.

شاھ لطيف ڦڪي، ٻُڪي ۽ سُتي لفظ کي ھيٺينءَ ريت ڪم آندو آھي:

تون حبيبُ، تون طبيبُ، تون دارُون کي دردَنِ،

تون ڏيين، تون لاھِيين، ڏاتَرَ، کي ڏُکَندنِ،

تَڏِهن ڦَڪِيُون فَرَقُ ڪَنِ، جَڏِهن اَمُر ڪَرِهو اُنِ کيٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 85)

دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪي ڪِيا ويڄَ مون!

ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون،

جَنِ جُون سيڻَ لَهنِ سارُون، تَنِ تان ڏُکَندو ڏُورِ ٿئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 18، ص: 92)

مختلف قسم جي وڻن ۽ ٻوٽن جا پن بہ انساني صحت لاءِ ڪارائتا ھوندا آھن. جديد طب جي ايجاد کان پھريان ماڻهون جي علاج جو وڏو دارومدار انهن تي ھو. ھن وقت بہ حڪيمن جي شعبي ۾ اھڙي ڪارائتن وڻن ۽ ٻوٽن جي پنن ۽ ٻورن کي مختلف نموني استعمال ڪيو ويندو آھي. ان قسم جي دوا لاءِ ڊڀڙا لفظ ڪم ايندو آھي.

تَنَ طبيبُ نہ تُون، سُڌِ نہ لَهِين سُورَ جِي،

سانڍِ پنھنجا ڊَڀَڙا، کَڏَ کَڻِي ۾ ڀُون،

ڪانَہ گُهرِجي مُون، حَياتِي ھوتَنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 1، ص: 89)

ڪنھن ٻوٽي يا ان جي پن ۽ ٻُور کي ڪُٽي چُورو ڪري پوءِ ڪنھن خاص ترتيب ۽ وزن سان ان جون ننڍيون ننڍيون ٽِڪيون ٺاھيون وڃن ٿيون، ان کي گوري يا ٽِڪي چئبو آھي. شاھ جي رسالي ۾ گوري لفظ ھن ڪم آيل آھي.

ويڄَ وِڄائُون ڇَڏِ، توکي سُڌ نہ سُورَ جي

آندِيئي جي اَگهَنِ لَئي، سي گورِيُون گورِينِ گَڏِ

سوئِي صاحِبُ سَڏِ، جو پَرکَا لَهي پِيڙَ جِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪليان، داستان ٻئو، بيت 15، ص:67)

سنڌي ٻوليءَ ۾ عام طور تڪليف، سُور يا بيماري لاءِ ڏُکندو لفظ بہ ڳالهايو ويندو آھي، جنھن مان مريض جي ايذاءُ ۽ تڪليف واري حالت ظاھر ٿئي ٿي.

ڪوماڻا ڪَڙيون ڪَري، چاڪَ اُڀَرئامِ

واري ويڄَ ڏِنام، ڏَنڀَ ڏُکَندي سامُهَان.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪليان، داستان ٻئو، بيت 11، ص:67)

مٿئين بيت ۾ ڪڙيون لفظ پڻ ڪم آيل آھي، جيڪو انهيءَ ساڳي ماحول سان لاڳاپيل لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت لکيل آھي: ”ڪڙي ج ڪڙيون: ث. (سن. ڪَٽُ= ننڍو ڪڙو) ڦٽ ڇٽڻ مهل ان تي ٻڌل سُڪل رت پُونءَ جو سخت پردو. ڦٽ تي ٻڌل کرنڊ- ڇوڏو- ڇِلر- کل.“(بلوچ، 1985ع، ص: 2074)

شاھ جي رسالي ۾ ’موريسر‘ لفظ بہ ملي ٿو. اکين جي بيماري آھي، موريسر جي بيماري ۾ اکين ۾ ڇاليون، يا ڦلو ٿي پوندو آھي، جنھن سان نظر ڪمزور بہ ٿيندي آھي، جيڪڏهن مرض مڪمل وڪوڙي وڃي تہ نظر ختم بہ ٿي ويندي آھي، سنڌي ان مرض کي ’موتيو‘ بہ چئبو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ موريسر جي معنيٰ ھيٺئين ريت ڏنل آھي:”موريسَرُ ج موريسَرَ: ذ (اک ۾ ) ڪٽر- سَرَٽُ- اک ۾ پيل ڦُلو (اکين ۾ پوندڙ اُڀا ڦلا موتين جھڙا ٿين ٿا. ان ڪري سنڌي يا ٻين ٻولين ۾ انهي کي موتيو چون) موتيو.“(بلوچ، 1988ع، ص: 2727)

پاڙي ويڄَ ھُئامِ، تان مُون مُورُ نہ پُڇيا،

تيلاھِين پِيامِ، موريسَرَ اَکيَنِ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 7، ص: 90)

حادثي يا ڪنھن ٻئي ڪارڻ انسان کي ڌڪ لڳي ۽ کيس زخم ٿئي، ھو واڍوڙجي وڃي تہ ان جي علاج لاءِ ان جاءِ تي دوا يا مرهم لڳائي پٽيون ٻڌبيون آھن تہ زخم مکين ۽ ٻين ھاڃيڪار اثرن کي بچي سگهي. پٽيون لفظ ويڄن، حڪيمن ۽ ڪُنڀارن جي ماحول ۾ عام جام استعمال ٿيندو آھي.

ڪانارِئا ڪُڻِڪَنِ، جَنِين لوھُ لِڱنِ ۾ ،

محبَتَ جي ميدانَ ۾ ، پِيا لالَ لُڇَنِ،

پاڻهي ٻَڌَنِ پَٽِيُون، پاڻهي چِڪِئا ڪَنِ،

وَٽان واڍوڙِيَنِ، رهِي اَچِجي راتَڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 87)

ھڏ ڀڄڻ تمام گهڻي تڪليف ڏيندڙ ۽ آزار ڀريل حالت آھي. ھڏ نہ رڳو ڀڄي پوڻ وقت پر ڳنڍجڻ لڳڻ کان پوءِ بہ گهڻي وقت تائين سُور ڪندو آھي. اڄوڪي جديد دور ۾ ان کي جوڙڻ لاءِ آپريشن ڪيو ويندو آھي پر ماضيءَ ۾ اھڙي سھولت نہ ھوندي ھئي. اُن وقت ڪنڀار ڀڳل عضوي کي ڇڪي پنھنجي جاءِ تي آڻي ٻڌندا ھئا، جيڪو طريقو اڄ بہ رائج آھي. اھو علاج پاڻ بہ وڏو تڪليف وارو عمل آھي.

شاھ لطيف، محبوب جي ياد کي ڀڳل ھڏ جي سٽون ڏيندڙ سُور سان تشبيھ ڏئي عاشق جي تڪليف کي بيان ڪيو آھي.

چيتارِيان چُڻُڪَنِ، وسارِيان نہ وِسَري،

ويرو تارَ ڏُکَنِ، سَڄَڻَ ڀَڳي-هَڏَ جيئن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان پھريون، بيت 28، ص: 737)

اگهو معنيٰ ناچاڪ، بيمار يا ھيڻو، جنھن جو ضد وري سگهو آھي. اگهن کي سگهو ڪرڻ وارن کي ويڄ يا طبيب چئبو آھي.ويڄن جو ڪم آھي تہ اگهن کي چيٺي سگهو ڪرڻ، تنھن ڪري شاھ لطيف انهن لفظن کي ھيٺئين ريت ڪم آندو آھي.

اَگهائِي سَگَھا ٿِيا، جي ويٺا وَٽِ ويڄَنِ،

تَرَسِ طبيبَن، چيٺي ھوند چَڱا ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 6، ص: 90)

ويڄ ۽ حڪيم، بيمار کي شفا حاصل ڪرڻ لاءِ دوا دارونءَ استعمال ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف قسم جي پرهيز اختيار ڪرڻ جون صلاحون پڻ ڏيندا آھن، جن تي عمل ڪرڻ نھايت ئي ضروري ھوندو آھي. پرهيز کي ڪِري پڻ چون.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڪِري لفظ کي ھن ريت ڪتب آندو آھي.

ھارِئا! تو ھِرِي، ڪُپَڇُ ڪايا سين ڪِيو،

ڪَرِيين جي ڪِرِي، تہ تون تَوانو، ٿِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 90)

چورن چڪارن جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ سنڌي سماج جي مختلف پرتن ۽ رُخن، گُڻن ۽ اوگڻن کي اجاڳر ڪيو ويو آھي. ان جي ڪلام ۾ سنڌ جي سياسي، سماجي، علمي، ثقافتي ۽ معاشي بيھڪ بابت نھايت ئي جامع ۽ تُز ڄاڻ ڏنل آھي.

شاھ لطيف جتي سنڌ جي مختلف ڪاريگرن ۽ پورهيتن جي ھنُر ۽ ڪِرت سان سلهاڙيل لفظن، اصطلاحن ۽ فقرن کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳائي امر ڪيو آھي، اتي اُن چورن جي اڻوڻندڙ ڪِرت کي پڻ ڪين وساريو آھي. ان اھڙن لفظن کي ڪم آڻي عام ماڻهن کي ان بابت ڄاڻ ڏني آھي.

شاھ لطيف جي ھڪ بيت ۾ چور جو ذڪر آيل آھي، پر اُن ۾ ڏيهي چور بدران پرڏيهي چورن بابت ڀاڳين کي سڄاڳ رهڻ جي تلقين ڪيل آھي. سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ ھندستان جي مختلف علائقن سميت سنڌ جي سمنڊ تي پڻ پورچوگيزن جي ڦُرن ۽ ڌاڙن جون ڪاروايون جاري ھيون، سمنڊ ۾ ھلندڙ ڪا بہ ٻيڙي يا غوراب انهن ھٿان لُٽڻ کان بچي نٿي سگهيو. شاھ لطيف، انهن کي ڦلنگي يا ڦرنگي سڏيو آھي:

دَنگِي وِچِ دَرياھ، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي،

ھُو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَڻَ سَڀِ سَڙِيا،

مُعِلمَ ماڳِ نہ اَڳِيين، ڦِلِنگِي مَنجِھ ڦِرِيا،

مَلاحَ! تُنھِنجِي مَڪڙِيءَ، اَچِي چورَ چَڙهيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنھنجي!

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 11، ص:168)

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ھاڻو لفظ بہ ڪم آندو آھي، جيڪو عام طور ڌاڙيل جي معنيٰ ۾ ڪتب ايندو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھاڻو لفظ جي معنيٰ ھيٺئين ريت آھي:

”هاڻو: پُسيل، پٽاٽا، ڦُرُ- لٽ- ڌاڙو- چور- ڦورو- مال ھڻڻ وارو.“ (بلوچ، 1988ع، ص:3010)

شاھ لطيف ھاڻو لفظ کي ھيٺين ريت بيان ڪيو آھي:

مَلِيران مارُو، پَکٖي پيهِي آئِيو،

وَرِيا واھارُو، ھاڻُو سَڀِ ھِيڻا ٿِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 11، بيت 1، ص:601)

شاھ لطيف، مٿئين بيت ۾ پڻ ڏيهي ماڻهن کي واھارُو چيو آھي، جيڪو ھاڻوئن کي ھيڻو ڪرڻ جي قوت رکي ٿو.

ڦورو ۽ ڌاڙيل کي لوڙائو پڻ چيو ويندو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ لوڙائو لفظ جي معنيٰ ھيٺئين ريت ڏنل آھي:”لوڙائو: ڦورو، ڌاڙيل، ڌاڙيوال- چور.“ (بلوچ، 1988ع، ص:2528)

شاھ لطيف، موجب مارو ماڻهو جن جي ڏڍ ۽ سھاري تي سندن پاڙي ۾ رهن، جيڪڏهن اھي ئي لوڙائو بڻجي کين ڦُرڻ لڳن تہ پوءِ ويچارا مسڪين ماڻهو ڪنھن کي دانهن ڏين. ھيٺين بيتن ۾ لوڙائو لفظ حاڪمن ۽ سگهارن ماڻهن لاءِ ڪتب آندو آھي:

جُھُ سي لوڙائُو ٿِيا، جَنِين ڀَرِ رَهَنِ،

مارُو مَنجِھ ٿَرَنِ، رَهِي رَهَندا ڪيتَرو؟

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 1، ص:604)

شاھ لطيف، توڙي جو لاکي ڦلاڻيءَ جي ساراھ ڪندي چئي ٿو تہ ’لاک لک سُڄن، پر ڦُلاڻيءَ ڀير ٻيو‘ پر اُن وقت عام ماڻهو لاکي ۽ سندس ساٿين کي ’لوڙائو‘ ئي سمجهندا ھئا، تنھن ڪري شاھ لطيف ان موقف کي پڻ سامهون آندو آھي.

ڀُڄئان ڀُلي پيرُ، وِڌو راءَ رِڪيبَ ۾ ،

ڪَڇَ رَهَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُن سين؟

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت35، ص:887)

ساڳيءَ ريت ھڪ ٻئي بيت ۾ لاکي ۽ سندس ساٿين جي ڪارواين کي ’لوڙيون‘ سڏي ٿو:

جاڳو جاڙيجا، سَمَا سُکِ مَ سُمھو،

پَسو، آن پارِيا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 34، ص:887)

قزاق جي معنيٰ آھي، زور زبردستي ڪنھن جو مال ڦُري ڦٻائڻ. ھي ھونهن تہ ڌاڙيل جو ھم معنيٰ لفظ آھي، پر خاص طور سامونڊي ڌاڙيلن لاءِ ڪتب ايندو آھي.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ قزاقي جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”قزاقي، قزاقيون: غارتگري، ڦرلٽ، رهزني.“(بلوچ، 1985ع، ص: 1943)

شاھ لطيف قزاقي لفظ کي ھيٺين ريت بيان ڪيو آھي:

ساھهُ وٺي وِئين سُپِرِين، ڪري قزاقِي،

دلبر دل کسي وئين، يار ٿئين يَاڪِي،

ھِتِ بُتُ رهيو باقي، تون ساھ وٺي وئين سپرين.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر 2012ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو، داستان پھريون، بيت 11، ص:91)

’چوران لِڪَ‘ اصطلاحي معنيٰ ۾ ڪم آندو ويو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي پردو، حجاب يا مفاصلو. چور، چوري ڪرڻ کان پوءِ لِڪڻ يا چورايل مال ٿمڻ لاءِ جهنگ ۾ موجود اھڙن ٻيلن يا ويران جاين کي استعمال ڪندا آھن، جتي ماڻهن جي اچ وڃ نہ ھئڻ جي برابر ھجي، اھڙي جاءِ کي چوران لِڪ چيو ويندو آھي.شاھ لطيف، ھن لفظ کي ھيٺين ريت استعمال ڪيو آھي:

جَھنگُ کامِي پَٽُ ٿِيو، لَٿِي چوران لِڪَ،

وَئِي وُجُودان نِڪِري، جيڪا دَڙِي دِڪَ،

ھِڪُ سَڄَڻُ، ٻِي سِڪَ، ٻَئِي پَھڻا پاڻَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 23، ص:178)

چوران + ڪي، يعني چورن وانگر. ھتي چور جي ھوشياري جي ڳالهہ ڪيل آھي. شاھ لطيف ھن لفظ کي ھيٺئين ريت استعمال ڪيو آھي:

جي ڀائِيين پرين مِڙان، سِکُ چوران ڪي ڌاتِ،

جاڳَڻُ جَشنُ جَنِ کي، سُکُ نہ سارِي راتِ،

اُجِھي ٻُجهي آئِيا، وائِي ڪَنِ نہ واتِ،

سَلي سُورِيءَ چاڙهيا، بَيان ڪَنِ نہ باتِ،

توڻي ڪُسَنِ ڪات، ساڳِي سَلِن ڪِينَ ڪي.

(شاھواڻي، غلام محمد، 2005ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 9، ص:91)

پورهيت عورتن جي ماحول جا لفظ

شاھ لطيف جتي ٻين پورهيتن ۽ انهن جي ڪِرتن کي پنھنجي ڪلام ۾ ڳائي امر ڪيو آھي، اتي عورت پورهيتن کي بہ ڪين وساريو ويو آھي، ان پنھنجي شاعريءَ ۾ عورتن جي اُڌمن ۽ احساسن، انهن جي پورهيي جي ماحول جي پڻ عڪاسي سان گڏوگڏ انهن ڪِرتن ۾ ڪم ايندڙ لفظن ۽ اصطلاحن کي بہ ڳائي امر ڪيو آھي. سنڌ ۾ عورتون مختلف قسم جو پورهيو ڪن ٿيون، جن ۾ ٻني ٻارو، تيار فصل جو چُونڊو، مال لاءِ گاھ ڪرڻ، سُٽ ڪتڻ، ڪپڙا سِبڻ، ڀرت ڀرڻ کان سواءِ پنھنجا گهريلو ڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻين ماڻهن جي گهرن ۾ اجوري تي مزوري ڪرڻ جھڙا ڪم شامل آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ عورت پورهيتن جھڙوڪ ٻانهي، گولي، پاڻياري، ڪاپائتي وغيرہ جو ذڪر ڪيو آھي. شاھ جي رسالي ۾ ڪاپائتي جي نالي ھڪ ڌار سُر موجود آھي، جنھن ۾ ڪپھ ڪتيندڙ عورتن جو بيان ملي ٿو. ڪاپائتي لفظ جي معنيٰ ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ھن ريت لکيل آھي: ”ڪاپَائِتِي ج ڪاپائِتيُون: ث (سن. ڪرپاس= ڪپھ) ڪپھ ڪتيندڙ. ڪاپو يا پورهيو ڪندڙ.“(بلوچ، 1985ع، ص:1966)

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ’ڪاپائتي‘ لفظ کي ھيٺئين ريت ڪم آندو آھي:

جان ڪَتِين تان ڪِتُ، ھِيءَ ھَڏِ وِهاڻِي،

ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سٖيباڻِي،

ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ ھَٿان پَھِي نہ ڇَڏِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، ، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائِتِي، بيت 3، ص:829)

ڪاتار بہ ذري گهٽ ساڳي معنيٰ وارو لفظ آھي، ان جو ذڪر پڻ شاھ جي رسالي جي ساڳي سُر ۾ ھن ريت ملي ٿو:

توڙيٖ تُون ڪاتارِ، جِمَ ھيڪَلِي ڀيرِيٖين،

ڏسيٖ ڪا ڏئُارِ، صَرافَ اِنهِيءَ سُٽَ ۾ .

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائِتِي، بيت 1، ص:829)

عورت پورهيتن جي ذڪر سان گڏوگڏ انهن جي ڪِرت ۽ پورهيي جي ماحول سان لاڳاپيل لفظ بہ شاھ جي رسالي ۾ ملن ٿا. سُر ڪاپائتيءَ ۾ آتڻ، ارٽ، ڪاپو، ڪتڻ، پڃڻ، ڏور، ڀِڙا وغيرہ جھڙا ڪيترائي لفظ آھن، جن سُٽ ڪتڻ يا ڪاپو ڪرڻ جي پورهيي سان لاڳاپيل آھن.

پائٖي ڏورِ اَرٽَ ۾ ، ڪِتين نہ ڪُوڙِي،

وِهاءَ واڌاڻي، ڀُڻين سَنڀُوڙِي،

مَٿي جنھن مُوڙِي، سا ڪيئن وِهي ويسَرِي؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائِتِي، بيت 7، ص: 830)

اھڙيءَ ريت دائي بہ عورت پورهيت آھي، جنھن کي جديد طب جي اصطلاح ۾ مڊ وائيف يا ليڊي ھيلٿ ورڪر چيو ويندو آھي. ماضيءَ ۾ جڏهن جديد طبي سھولتن جي اڻاٺ ھئي تہ دائيون نہ رڳو ٻار ڄڻائينديون ھيون، ٻار ڄمڻ کان پھرين ۽ پوءِ عورتن جو علاج ۽ سار سنڀال پڻ ڪنديون ھيون. اڄ بہ ٻھراڙين ۾ جديد طبي سھولتون نہ ھئڻ جي ڪري دائيون پنھنجو پورهيو ۽ انساني خدمت جاري رکنديون اچن پيون.

شاھ لطيف دائي لفظ کي ھن ريت ڪتب آندو آھي.

جاجِڪُ جُھوناگَڙَهه ۾ ، ڪو عَطائِي آيو،

تنھن ڪامِلَ ڪَڍِي ڪِينَرو، ويھي وَڄايو،

شَھرُ سَڄوئِي سُرَ سين، تَندُنِ تَپايو،

دايُون درِماندِيُون ٿِيُون، ٻايُنِ ٻاڏايو،

چارَڻَ ٿي چايو، تہ مارِي آھي مَڱڻو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 1، ص:620)

سبڻ ھڪ اھڙو پورهيو آھي، جنھن جو نالو ٻڌندي ئي عورت جو روپ ذھن تي تري ايندو آھي. توڙي جو اڄوڪي دؤر ۾ سبڻ جو ڪم مرد وڏي انگ ۾ ڪن ٿا، پر بنيادي طور ھي عورتن جو ڪم آھي. ان کان سواءِ مختلف قسم جا ڀرت ڀريل ڪپڙا پائڻ جي خواھش بہ عورتن ۾ گهڻي ھوندي آھي، ان ڪري عورتون جڏهن ڪپڙا سبي انهن ۾ گوناگون ڀرت ڀرين ٿيون تہ انهن جي ڪم جي نفاست تمام اعليٰ ۽ بهترين ھوندي آھي.

شاھ لطيف ھيٺين بيت ۾ سِبڻ، سِبڻ جي اوزار اِبِر يعني سُئي ۽ کُڻ جو ذڪرنھايت ئي سُهڻي نموني ڪيو آھي.

سَنِهِيءَ سُئِيءَ سِبِيو، مُون مارُوءَ سين مَنُ،

ھَڻِي کَڻَ حِلِم جا، تَھهِ وِڌائِين تَنُ،

ڪيئن ٽوپايان ڪَنُ، اَباڻِيءَ اِبرَ ري؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ستون، بيت 13، ص: 586)

ڀرت جو ذڪر شاھ جي رسالي ۾ ھن ريت ملي ٿو:

ھِيءَ ھَڏِ وِهاڻِي، جان ڪِتين تان ڪِتُ،

ڪو پَنھنجي لَڳِ تُون، ڀيري ڪِجِ ڀَرَتُ،

مَتان رُئيٖن رَتُ، صُبُحَ وِچِ سَرَتِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، ، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائِتِي، بيت 5، ص: 829)

عورتاڻن ڪپڙن تي ڀرت ڀرڻ کان پھرين مختلف قسم

جا چٽ چٽيا ويندا آھن تہ جيئن ڀرت ڀرڻ ۾ سولائي ٿئي. اھي چِٽ ڪاٺ جي ھڪ اوزار تي اُڪريل ھوندا آھن، جنھن کي رنگ ۾ ٻوڙي ڪپڙي تي نقش ٺاھيا ويندا آھن. ڪاٺ جي ھن ٺپي کي ’پور‘ چيو ويندو آھي. پور جي مدد سان ڪپڙي تي نقش چٽڻ واري عمل کي ’ڇُرڻ‘ چئبو آھي.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ مٿي ڄاڻايل ٻنهي لفظن جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي: ”پُورُ جُ پورَ ]سن. پول[ خال. پولاڻ. وڏو سوراخ، (ڪاٺ وغيرہ ۾ ) ڇُرُ جو ٺپو- ڇاپو، ڪاٺ تي اُڪريل چِٽِ (جن سان ڪپڙي تي چٽ ڪڍجن) .“(بلوچ، 2007ع، ص: 250)

”ڇُرُ: ث مصدر. ’ڇُرڻ‘ مان اسم. پور سان ڪپڙي تي ڇاپي ھڻڻ جي حالت. ڪپڙي تي نڪتل چٽسالي.“(بلوچ، 2007ع،ص:19)

شاھ لطيف ھيٺئين بيت ۾ پور ۽ ڇُر جو ذڪر ڪيو آھي:

بُرو ھو ڀَنڀورُ، آرياڻِيءَ اُجارِيو،

لاٿو سَڀَ لوڪَ تان، ھاڙهي-ڌَڻِيءَ ھورُ،

ڇورِيُون ڇُرَڻُ سِکِيُون، پُنهُون ڪِيائُون پورُ،

آيو سو اَتورُ، جنھن ڏُکِيُون ڏِکَ وِهارِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد،(2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٽيون، بيت 11، ص:445)

ڪپڙي کي ٽاڪو يا ٽوپو لڳائڻ کي سيبو چئبو آھي، ھي لفظ عورت پورهيتن جي ماحول ۾ عام جام ڳالهايو ويندو آھي. ونڌڻ بہ ذري گهٽ ساڳي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو آھي.

سَھَسيٖن سيٖبا ڪَنجُريٖ، لوئِي لِيڙ ٿِيامِ،

اَباڻَنِ جي آسَري، ڪَتي ڪانَ ڪِيامِ،

جا ڍَٽ ڍڪِييامِ، تنھن جو پَرِوَرَ پَنُ رَهائِيٖين!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت نائون، ص:564)

شاھ لطيف ’ونڌيان‘ لفظ کي ھن ريت ڪم آندو آھي:

ڀَرَمُ ڀاروڙِيءَ رَهيٖ، جنھن ۾ اَڇِي اُنَ،

تَھ پُڻِ ويٺِي وِنڌِيان، توڙي پُونِسِ تُنَ،

غافِلِ رَکُ غَرِيبَ کي، عُمَرَ! مَنجِھ اَمُن،

سَرَتِيَنِ ساڻِ سَمُن، آھِمِ اُٺي مِينهَڙيٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ڇھون، بيت 18، ص:582)

کاري يا کارو لئي جي ڪاٺيءَ مان ٺھيل ٽوڪري کي چئبو آھي، جنھن ۾ مھاڻيون مڇي وغيرہ کڻنديون آھن. ننڍڙيون کاريون اڄ بہ سنڌ جي ٻھراڙي وارن علائقن ۾ عام طور تي پورهيت عورتون استعمال ڪنديون آھن. مثال، ڦاروا چونڊڻ وقت بہ عورتون ننڍڙيون کاريون استعمال ڪنديون آھن ۽ ڪجهہ مخصوص ذاتين جون عورتون ٻھراڙي جي ڳوٺن ۾ عورتن ۽ ٻارن جي ضرورت جون شيون ننڍين کارين ۾ کڻي وڪرو ڪنديون آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ’کاريون‘ لفظ ھن ريت ڪتب آندو آھي:

کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿئٖي لَڄَ،

سَمُون ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 10، ص:621)

ڇَڄُ، عورت پورهيتن جي ماحول جو لفظ آھي، جنھن جي معنيٰ آھي، سر جي تيلين يا ڪانن مان ٺھيل ٽوڪرو.

’جامع سنڌي لغات‘ ۾ ’ڇَڄَ‘ لفظ جي معنيٰ ھيٺئين ريت ڏنل آھي: ”ڇَڄُ، ج ڇَڄَ: ذ اُن ڇنڊڻ ۽ وائرڻ لاءِ سَرُ جي تيلين مان ٺھيل وڏو ويڪرو ٿانءُ- سُپُ- فيل گوش (ف) ھاٿي جو ڪَنُ.“(بلوچ، 2007ع، ص: 17)

ڇَڄُ عام طور تي ٻھراڙين ۾ عورتون اَن ڇڙڻ لاءِ استعمال ڪنديون آھن.

شاھ لطيف، ’ڇَڄَ‘ لفظ ھن ريت استعمال ڪيو آھي:

کِکِيءَ ھاڻِيُون کارِيُون، ڇِڇِيءَ ھاڻا ڇَڄَ،

پاندُ جَنِين جي پاندَ سين، لَڳو ٿئٖي لَڄَ،

سَمُون ڄامُ سُهَڄَ، اُڀو ڪَري اُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، بيت 10، ص:621)