آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ پورهيت ڪردار، ڌندا ۽ هنر

پورهيت ڪردار، ڌندا ۽ ھنر



پسمنظر

قديم دؤر کان وٺي مختلف وقتن تي، سنڌ اڪثر ڌارين جي حڪمرانيءَ ھيٺ رهي آھي. اھڙن دورن ۾ سياسي پرماريت ۽ معاشي اڻبرابريءَ سبب، مقامي ھيٺيون طبقو ھميشه وڌيڪ پيڙهبو رهيو آھي. ورسايل طبقن جي ڀيٽ ۾ اھڙن طبقن جي انسانن کي پيٽ گذر لاءِ ھٿ جو پورهيو يا مڙئي ڪانہ ڪا ڪِرت ڪرڻي پوندي رهي آھي. نتيجي طور اھڙي سماج ۾ پورهيت کي گهٽ حيثيت وارو سمجهيو ويندو آھي.

آڳاٽي وقت کان سنڌ ۾، وڌ ۾ وڌ معاشي سرگرمي پوکي راھي ھوندي ھئي، جتي بہ پاڻي جو سَٺو ھوندو ھو، اتي وڃي گهر ٻڌي رهبو ھو. ’جتي ھر، اُتي گهر‘ ان دؤر جي چوڻي آھي.

مجموعي طور بہ سنڌي سماج جو لاڙو زراعت ڏانهن رهندو آيو آھي. مثال مشھور آھي تہ:

اُتم کيتي وڌندڙ واپار،

نيچ نوڪري پنڻ بيڪار.

اھو پھاڪو، ان زرعي دؤر جي سماجي رَوين جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو جڏهن کيتي ٻاري عام ڪرت ھئي، جيڪا ڪنھن بہ ڪاڻ ڪڍڻ کان سواءِ ڪري سگهبي ھئي. واپار بہ ان دؤر جو اھم اسم رهيو آھي، جنھن ۾ چڱي پيماني تي ھتان جي ماڻهن حصو پئي ورتو. واپار جو وڏو ذريعو سنڌو درياءَ ۽ سمنڊ ھئا. ان ڪِرت سبب ھزارين ماڻهو، ان سان لاڳاپيل ڌنڌن سان لڳل ھوندا ھئا. ڪي عورتون ۽ مرد ڦُٽيون چونڊيندا ھئا، ڪي سُٽ پيا ڪتيندا ھئا، ڪي ڪپڙو پيا تيار ڪندا ھئا، ڪي ٿان سَٿي ڳٺڙيون پيا تيار ڪندا ھئا. ٻيڙياتا پتڻ پار ڪري، اچي بندر ڀر بيھندا ھئا، پوءِ واري واري سان ٻيڙا ڀري پرڏيھ اُڪري ويندا ھئا. ساڳي طرح ٻين واپار وڙن جي تياري، ڍوئائي ۽ چڙهائيءَ ۾ بہ ھزارين ھمراھ رڌل ھوندا ھئا.

ڌارين جي ’نوڪريءَ‘ کي، غلامي تصور ڪيو ويندو ھو ۽ ’پنڻ‘ پاراتي مثل ھوندو ھو. حڪمران طبقو، اھڙن مانجهي مڙسن جو قدر ڪرڻ بجاءِ، کين نفرت جي نظر سان ڏسندو ھو. سماج ۾ پورهيت طبقي کي ڪا بہ اھميت حاصل ڪانہ ھئي، پورهيا خانداني طور طريقن سان ھلندا رهندا ھئا. مثال طور ڪنڀار ستن پيڙهين کان ڪنڀار ھوندا ھئا، تہ واڍا بہ پيڙهين کان پنھنجي اباڻي ڪرت سان واڳيل ھوندا ھئا. سوين سالن جي وهنوار کان پوءِ، سندن خانداني سڃاڻپ بہ ڌنڌن جي نسبت سان ھوندي ھئي. عربي ٻوليءَ ۾ چوڻي آھي تہ:’ النسب بہ سبب الڪسب‘ يعني نسب جي سڃاڻپ، ڪسب يا ڌنڌي مان ٿئي ٿي. ڪوبہ ڪم ڪِرت يا ڌنڌو توڙي نسب، ننڍو يا وڏو ڪونہ ٿيندو آھي: حديث آھي تہ: ”الكاسب حبيب الله“. يعني پورهيت الله کي دوست جيان پيارو ھوندو آھي. پر طبقاتي سماجن ۾ ھٿ جو پورهيو ڪندڙ پورهيت کي نيچ طبقي ۽ نسب جو سمجهيو ويندو آھي.

ان دؤر ۾ ھوند وارن کان ھٽي ڪري بہ سماج جو پورهيت لاءِ عام رويو اھو ھوندو ھو، تہ ڪنڀر، حجم، واڍي، رازي، لوهر ۽ موچيءَ کي روڪ رقم نہ ڏيندا ھئا، پر کين فصل لهڻ کان پوءِ، حال سارو لاپو ڏيندا ھئا. روز مرہ جي عام شين لاءِ، وٽن روڪڙ ڪانہ ھوندي ھئي، پوءِ ھو ھٽائين کان آھت تي سيڌو کڻندا ھئا، اھو بہ کين سٿرو ڪونہ ملندو ھو. اڪثر ھٽ واڻيا، کين پيھ جو عذر ڏئي موٽائي ڇڏيندا ھئا. ڪڙمي بہ کين لاڳ تڏهن ڏيندا ھئا، جڏهن ٻار کڻڻ وقت پڙ تي پھچندا ھئا. پوءِ وارن دورن ۾ اھو نظام تبديل ٿيو، جيستائين وڃي ڪسبي قانون (Labour Laws) جڙيا، تيستائين پورهيت طبقو پيڙهبو رهيو.

شاھ لطيف جھڙي ڏاھي انسان بہ جڏهن ڏٺو تہ ھتي عام پورهيتن جو جوڳو قدر نٿو ڪيو وڃي، کين سماجي زندگيءَ ۾ گهٽ نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، ان سبب سماجي اوسر نہ پئي ٿئي، ان ڪري ان شعوري طور ننڍي وڏي پورهيت يا ڪڙميءَ ڪاسبيءَ جي ڪرت کي اھميت ڏني ۽ سندن مانَ مٿانهون ڪيو.

اوڏ

’اوڏ‘، سنڌ جا قديم رهاڪو آھن. ھو پکن ۽ ڀُنگن ۾ رهندڙ غريب پورهيت آھن، جن جو ڪم سخت مزدوري ڪرڻ آھي. خاص طور ھو مٽيءَ جا گهر جوڙيندا آھن، ڀتيون ٺاھيندا آھن، ڪوٽ اڏيندا آھن. سندن ڪرت جي لحاظ کان مٿن اوڏ يعني اڏيندڙ نالو پيو، جيڪو پوءِ ذات طور ڪتب اچڻ لڳو. سندن پورهيو ئي ھاڻ سندن ذاتي سڃاڻپ بنجي پيو آھي.

اَڏِيو جو اوڏَنِ، سو ڍَنگهر ڍِلو مَ ٿِئي،

جنھن ڀَرِ وِيهِي ڪَنِ، ليکو لاکي ڄامَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 46، ص: 889)

اوڏ، سنڌ جي قديم ذات آھي، جن جو قديم دور کان وٺي مٽيءَ سان واسطو رهيو آھي. ھي محنت ڪش قبيلو قديم دور کان وٺي اڄ تائين اڏاوت جو ڪم ڪندو آھي. ڪوٽ ٺاھڻ، ڪچا قلعا تيار ڪرڻ، ڪوٺيون ۽ ٻيون ڀتيون جوڙڻ سندن خاص ھنر آھي. شاھ لطيف ھنن پورهيتن جو ذڪر سُر ڏهر ۾ ھن ريت آندو آھي:

اَڏي اَڏي اَوڏَ، ڇَڏي وَهِئا ڀيڻِيُون،

ڪَوڏَارا ۽ ڪَوڏَ، پِئَا آھِينِ پَٽَ ۾.

(شيخ، ٻانُهون خان، (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان ستون، بيت 27، ص: 264)

موجودہ دؤر ۾ ھن پورهئي جي اھميت گهٽجي ويئي آھي، ڇاڪاڻ تہ ھاڻي جاين کڻائڻ ۽ ديوارون ٺھرائڻ ۾ پڪيون سِرون ۽ سيمنٽ استعمال ٿيندو آھي. اڳ جايون توڙي پناھ جون ديوارون ۽ قلعا وغيرہ سڀ اوڏن کان کڻايا ويندا ھئا. ھي قبيلو زمين جي ماپ جو پڻ ماھر ھوندو ھو.

قديم زماني ۾ اوڏ شاھوڪار، امير ۽ ٻين ھوند وارن ماڻهن جي گهرن جون ڀتيون کڻندا ھئا. جڏهن ملڪ ۾ ڏڪر پوندو ھو يا معاشي حالتون خراب ٿي وينديون ھيون تہ انهن اوڏن جو بہ ھڪ ھنڌ رهي پيٽ گذر ڪرڻ ڏکيو ٿي پوندو ھو، پوءِ اھي ھنڌ ھنڌ ۽ ٿاڪ ٿاڪ تي ڪجھ وقت لاءِ پکا اڏي ويهندا ھئا، اتي مزدوري ڪري پيٽ پاليندا ھئا، سندن لڏ پلاڻ جو اھو سلسلو جاري رهندو ھو.

شاھ لطيف انهيءَ حالت کي بيان ڪندي چوي ٿو تہ:

ڇِنَلَ ڇَڄَ ھَٿَنِ ۾، ڪُلَھنِ ڪوڏارا،

پورهِئي خاطِرِ پانهنجي، اُٿَنِ سَوارا،

اوڏَ بِھ ويچارا، لاکا! وَڃَنِ لَڏِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 51، ص: 890)

ٻانهي/ گولي (ڏاھ، اردابيگي)

ٻانهي ۽ گوليءَ جي لغوي معنيٰ ھيءَ آھي تہ: ٽڪن عيوض ورتل غلام، ان کي ’ڏاھه‘ پڻ چيو وڃي ٿو. نوڪرياڻي، پورهيت، خدمت چاڪري ڪرڻ واري. اڳي ڪن وڏ گهراڻن ماڻهن پاران ڏيج ۾ بہ ڪنوار کي ٻانهي ڏني ويندي ھئي، اھو لفظ مختلف ھنڌن تي، مختلف معنائن ۾ شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾ ڪتب آندو آھي:

بَرَ وَٺا، ٿَر وَٺا، ڀريُون تَرايُون

پرِهَه جو پَٽَنِ تي، ڪَنِ ولوڙا وايُون

مَکَڻَ ڀَريُنِ ھَٿڙا سَنگهاريُون سايُون

ساري ڏُهَنِ سامھيُون ٻولهايُون رايُون

ٻانھيون ۽ ٻَايون، پَکي سُونهنِ پانِهنجي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 12، ص:409)

ھن بيت ۾ شاھ لطيف، مينهن وسڻ کان پوءِ ٿر بر تي آيل سُک ۽ سُڪار جي سرهائيءَ جو چٽ چٽيو آھي، آخري سٽ جي پھرين پد ۾ ’ٻانھين‘ ۽ ’ٻايُن‘ کي ھڪ جيتري مڃتا ڏني آھي ۽ اتي ’ٻانھيون‘ جي معنيٰ گهر ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت/ عام عورتن واري آھي. شاھ لطيف ٻانهين ۽ ٻايُن کي پنھنجي گهرن (پکن) جي سونھن ٿو سڏي.

ھن ريت ’ڏاھ‘ لفظ بہ شاھ لطيف ڪم آندو آھي:

پَسِي ڏُونگَرَ، ڏاھِه! جِم ھَلَڻَ ۾ ھِيڻِي وَهين،

لانچٖي لَڪَ، لَطِيفَ چٖي، پٺِيءَ ڪيچِيَنِ ڪاھِه،

ان واڙئِتٖي ور جي، آسَر ھڏِ مَ لاھه،

پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي! بَلوچاڻِي باھِه،

جو اَکِنِئُون اوڏو آھِه، سو پِرِين پَرانهُون مَ چَھو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان ٻيو، بيت 1، ص:289)

ساڳيءَ ريت اُردابيگي بہ عورت پورهيت کي چيو ويندو آھي، جيڪا بادشاھن يا حڪمران طبقي جي محلن ۾ انهن جي راڻين جي خدمت چاڪري ڪندي آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، اردابيگي جي معنيٰ ھن ريت لکي آھي:

”اُر دابيگي: ث- حرم ۾ انتظام رکندڙ پھريدار خادمه يا ٻانهي.“ (بلوچ، 2007ع، ص:56)

توڙي جو اُردابيگي محل يا حرم ۾ ڪم ڪندي آھي، پر حرم جو ھڪ نھايت ئي خاص حصي ۾ انهن کي بہ وڃڻ جي اجازت نہ ھوندي آھي. اھو ئي سبب آھي جو شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾ ٻيڄل جي لاءِ چئي ٿو تہ راجا کيس محل جي ان حصي ۾ گهرايو جتي اردابيگيون بہ نٿيون وڃن.

راڄا رَنگِ مَحَلَ ۾، جاجِڪُ سِرِ زَمِينَ،

جا ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، سا سُئِي بالابِينَ،

جِتِ اَچَنِ نَه اُرِدابيٖگِيون، اُتِ ڪوٺايو اَمِينَ،

’تازِي ڏِهوسِ تَڪِڙو، جَوهَرَ پائي زِينَ،‘

ٻيو مَڱي ڪِينَ، ڌاران سِرَ، سَيّدُ چيٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 6، ص:644)

شاھ لطيف، ’مومل‘ جي ٻانهي ’ناتر‘ ۽ پنھون جي ٻانهين ’چنبيليءَ‘ ۽ ’ گُلَبوُءِ ‘ جو ذڪر سندن نالن سان پڻ ڪيو آھي.

ناتر

ناتر، مومل جي خاص ٻانهي ھئي. لوڪ داستان ’مومل راڻي‘ ۾ ناتر جو ڪردار ھڪ خاص اھميت رکي ٿو. (وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو جلد ٻئو، ص: 328)

وِيرَئُون تار وِصالَ ۾ گهورُنِ گھايا جي

تن ڪاڪِ اورِيائِين ڇَڏي، وَڃي پِئا پَري

تن ناتَرِ ڪِينَ ڪَري، مُومَلَ سِڪي جن کي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان ٻيو، بيت 9، ص:256)

گُلَبوُءِ

گُلَبوُءِ ، سُر ديسيءَ جو ھڪ مبھم ڪردار آھي. ھن ڪردار ۽ سندس حسب نسب بابت ڪا بنيادي ڄاڻ نٿي ملي. عام خيال اھو آھي تہ گُلَبوُءِ، پنھونءَ جي ڪنھن ٻانهيءَ جو نالو ھو. شاھ جو رسالو سھيڙيندڙ عالمن، رسالي ۾ گُلَبوُءِ جون مختلف معنائون ڏنيون آھن.

ڊاڪٽر گربخشاڻي صاحب، گُلَبوُءِ جي معنيٰ ’خوشبودار‘ ڄاڻائي آھي، جڏهن تہ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو: ”ايران ۽ ٻين ڏيهن ۾ جتي جتي ٻانھن ۽ ٻانھين رکڻ جو رواج ھو، اُتي پوءِ اُنهن کي ڀلي تہ ھو ڪھڙا بہ قبيح ھجن، نھايت عمدن ۽ سھڻن نالن سان سڏيندا ھئا، جھڙوڪ نازبو، چنبيلي، گلبوءِ، دولت وغيرہ. انهيءَ عجيب رسم ڏي ڪيترن يورپي لکندڙ سيلانين بہ اشارا ڏنا آھن.“ (گربخشاڻي، 1993ع، ص: 573)

مرزا قليچ بيگ جي ترتيب ڏنل لغت ’لغات لطيفي‘ ۾ گُلَبوُءِ جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”گل جھڙي، سُرهي، پياري، معشوق، گل سنگهندڙ، سرهاڻ وڪڻندڙ، عطار، آرائي.“ (بيگ، قليچ، 1994ع، ص: 179)

بدر ڌامراھي پنھنجي ڪتاب ’لطيفي انسائيڪلوپيڊيا‘ ۾ گُلَبوُءِ بابت لکي ٿو، ”اصل ۾ گُلَبوُءِ ھڪ ڪردار آھي، جيڪو نج سنڌ جو ڪردار آھي. ’ گُلَبوُءِ‘ راءِ ڏياچ جي خاص ۽ وفادار ٻانهيءَ جو نالو ھو، جيڪا سورٺ سان گڏ ڏاگهہ چڙهي سڙي مُئي ھئي.“ (ڌامراھو، 2007ع، ص: 112)

شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ سسئيءَ جي واتان گلبوءِ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

اَللهَ اَچنِ اُوءِ، جن آئي مَنُ سَرَهو ٿِئي،

پَسان مَانَ پَرِ ڪَھِين، تن جَتَنِ سَندِي جُوءِ،

لَنگھي لَڪَ لَطِيف چئي، سُڻِيان ھوتَنِ ھوءِ،

گولِي ٿِئان گُلَبوُءِ، جي مُون نِئو پاڻَ سين.

(شيخ، ٻانُهون خان، (2001ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 14، ص: 128)

چنبيلي

چنبيلي، سُر ديسيءَ جو ھڪ مبھم ڪردار آھي. جھڙيءَ طرح گُلَبوُءِ ھڪ ڪردار آھي، اھڙيءَ طرح چنبيلي بہ ھڪ ڪردار آھي، پر انهيءَ ڪردار بابت ڪا مکيه ڄاڻ نہ ٿي ملي. ھن ڪردار تي بہ زماني جي لٽ پيل آھي، جنھن بابت خبر نہ ٿي پوي تہ ھيءُ ڪردار ڪڏهن ۽ ڪھڙي دؤر جو آھي. عام راءِ اھا آھي ته، چنبيلي بہ ڪنھن ٻانهيءَ جو نالو ھو.

’لغات لطيفي‘ ۾ چنبيلي جي معنيٰ ھن ريت ڏنل آھي: ”جاءِ جو گل، سرهو، خوشبودار، ٽوڪري مٿي کڻڻ جي، پاڻيءَ جو ٿانءُ، چنبيليءَ جي گل وانگر سرهي خوبصورت زال.“ (بيگ، قليچ، 1994ع، ص: 174) ڪلياڻ آڏواڻيءَ چنبيلي جي معنيٰ ”چنبيلي نالي ٻانهي“ ڄاڻائي آھي. شاھ لطيف، سُر ديسيءَ ۾ چنبيليءَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڪيچَان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان،

پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱنِ کي، لايان،

چَنبيلي چايان، جي مُون نِئو پاڻَ سين.

(شيخ، ٻانُهون خان، (2001ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 17، ص: 129)

ڀَٽ/ڀانَ (ميراثي، مڱڻھار، لنگها):

ڀٽ ۽ ڀان ھڪ پورهيت طبقو آھي، ھي ساز سرود وڄائي، ڳائي ۽ ڪيرتون ڪري، پنھنجو پيٽ گذر ڪن ٿا. ماضيءَ ۾ ڀٽن ۽ ڀانن جي وڏي اھميت ھوندي ھئي، ھي حاڪمن جي درٻارن تائين پھچ رکندا ھئا. سومرن جي دؤر ۾ ’ڀاڳو ڀان‘ مشھور عوامي شاعر ٿي گذريو آھي. سنڌ ۾ ڀان ۽ ڀٽ نالي ذاتيون بہ آھن.

شاھ لطيف، ڀان جو لفظ ڪيترائي ڀيرا ڪم آندو آھي:

اِيءُ نہ ڀانَنِ ڀيرُ، جيئن ڪِينَر ڪِيرِيءُ ٽنگِيو،

سُونهاري صُبُوحَ سين، وِجھي ويٺين ويرُ،

تو کي چُوندو ڪيرُ، ڪِيرَتَ ڌاران مَگڻِو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 1، ص:858)

مڱڻو/مڱتو/مڱڻھار: مڱتا يا مڱڻھار، شادين مرادين يا اھڙن ٻين خوشيءَ جي موقعن تي، ڳائي وڄائي، پنھنجو گذر سفر ڪندا آھن.

شاھ لطيف، مڱڻن جو ذڪر، ھن ريت ڪيو آھي.

جي مِيراثِي مَڱڻا، آئُون پڻ مَنجهان تن،

ڪِي ڪَھُه منهنجي ڪَنِ، اِرتَ مَنجهارا اُنِ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان ٻيو، بيت 10، ص: 645)

شاھ لطيف، اھا شاندار ثقافتي ميراث سنڀاليندڙ ڀانن، جاجڪن، چارڻن، مڱتن، ميراثين، مڱڻھارن ۽ قوالن کي ساراھيو آھي.

چارڻ جو بُنياد ڪن عالمن، چار گُڻ رکيو آھي، سندن چوڻ موجب، ’چارڻ ۾ نياز، نوڙت، سوير اُٿڻ جي عادت، رياضت ڪرڻ، ۽ طمع نہ ھئڻ جا گُڻ ھوندا آھن‘:

چارڻن ۽ مڱتن جي وڏي اھميت ھوندي ھئي. ھو ڳائي وڄائي، وڏ گهراڻن، ڄامن ۽ سردارن جي سندن خانداني پسمنظر ۾، ساراھ ڪندا ھئا، جيڪي گڻ سندن عام ھئا ۽ راڄ ڀاڳ کي خبر ھوندي ھئي، اھي مخصوص انداز ۾ ٻڌائيندا ھئا. ان سان گڏ، کين اھڙن وڏ گهراڻن جي شجرن جي تاريخ برزبان ياد ھوندي ھئي، انهن چارڻن ۾ ڀاڳو ڀان ۽ سمنگ چارڻ جا نالا اھم آھن. شاھ لطيف، انهن مڱڻھارن جو ذڪر، پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي:

کَڙَهَه، اَڳِيان کَپُ، ڏِيهاڻِي ڏاتارَ جي،

لَنحا! لاھِه مَ لِکَ سِينءَ، مَنجهان چاوَتِ چَپُ،

مَڱَڻهارَنِ مَپُ، ڪونِهي ٻِيو ڪِيرَتَ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان پھريون، بيت 20، ص: 862)

ٺاٺارو

نرم ڌاتو جھڙوڪ: ڪنجهي، ڪٽ، پتل، ٽامي ۽ جست مان مختلف شيون ٺاھڻ جي ڄاڻ کي ٺاٺارڪو ھنر ۽ اھڙي ڄاڻ رکندڙ ڪاريگر کي ’ٺاٺارو‘ چيو ويندو آھي.

شھرن ۾ ٺاٺارن جا ڪارخانا ۽ دڪان ھوندا آھن، جڏهن تہ ٻھراڙين ۾ ٺاٺارا گهر گهر وڃي ھوڪو ڏيندا آھن ۽ ٿانوَ وڪڻندا آھن ۽ ڀڳل ٿانوَن جي مرمت ڪندا آھن. ڪنجهي ۽ ٽامي جا ڀڳل ٿانوَ سڄا ڪري، انهن تي جيڪا ڪس ۽ ڪاراڻ لڳل ھوندي، سا لاھي قلعيءَ سان چمڪائي ڏيندا آھن ۽ پراڻن ٿانون جي عيوض نوان ٿانوَ بہ ڏيندا آھن.

شاھ لطيف، سُر سامونڊي جي وائيءَ ۾ چئي ٿو تہ:

ڀَلِي ڪري آئِيو، ٺاٺارو ڏيهاء،

سٖي نَه پُڄَندِيُون.

ڀَڳِي ڪُٽِ سَڄِي ٿِي، لَٿِي جاڪ ڳَراء،

سـٖي نَه پُڄَندِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، وائي، ص: 196)

ڪنھن زماني ۾، سنڌ جا شھر، سکر، سيوهڻ، لاڙڪاڻو ۽ حيدرآباد مختلف ڌاتن جھڙوڪ: ٽامي، جست، ڪنجھي ۽ پتل جا مختلف ٿانو ٺاھڻ جا مشھور مرڪز ھئا.

پاڙهيري

پاڙهيري ھڪ پورهيت ڪردار آھي، جيڪو پکين جو شڪار ڪري گذران ڪندو آھي. ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ پاڙهيري لفظ جي معنيٰ ھن ريت لکيل آھي: ”پاڙهيري جمع پاڙهيري. شڪاري، پکين جو شڪار ڪندڙ، ماري.“ (بلوچ، 1981ع، ص:747)

پاڙهيري ڍنڍن ۽ تلائن تان پکين جو شڪار ڪندا آھن، ھي پکين کي دلبو ڏيڻ لاءِ ڪنھن مئل پکيءَ جي کل بُھهُ يا ڪپھ سان ڀري اھڙيءَ ريت پاڻيءَ ۾ لهندا آھن، جو فقط سندن اکيون ۽ نڪ ٻاھر ھوندو آھي. پکيءَ جي بُھهُ ڀريل کل کي پاڻي جي مٿان رکي آھستي آھستي سوريندي پکين جي ولر ۾ وٺي ويندا آھن ۽ پوءِ پاڻيءَ جي ھيٺان ھٿ وڌائي پکين جي ٽنگن مان جهلي قابو ڪندا ويندا آھن. اھڙي طريقي سان ھو ھڪ ئي وقت ۾ ڪيترائي پکي جهليندا آھن.

انهي پورهيي جي ڪري سندن ذات تي بہ پاڙهيري نالو پيو آھي، جيڪي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ويٺل آھن. انسائڪو پيڊيا سنڌيانا موجب،”پاڙهيري: ھڪ ذات جو نالو. طبقاتي سماجن ۾ ’پاڙهيرين‘ کي گهٽ ذات شمار ڪيو ويندو آھي. پاڙهيري سڄي سنڌ ۾ رهندا آھن، پر گهڻو ڪري ڍانڍي علائقن ۾ گهڻا ھوندا آھن، ڇاڪاڻ تہ سندن واسطو ڍانڍي پکي مارڻ ۽ پڪڙڻ سان ھوندو آھي، جهنگ مان يا پوکن مان پکين کي دام ۾ ڦاسائيندڙن کي ’ماري‘ چوندا آھن.“ (سنڌيانا، 2011ع، ص: 43)

ڪُونجَ نَه لَکِيو ٻاڻُ، جو مارِيءَ سَندي مَنَ ۾،

اوچِتٖي پَرِياڻَ، وَڳرَ ھَڻي ويڇُون ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 17، ص:884)

شاھ لطيف پاڙهيريءَ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

سَرَ ۾ پَکي ھيڪَڙو، پاڙِهيرِي پَنجاھهَ،

سَندِيءَ آسَ اَللهَ، لُڏي لَهرِيَنِ وچ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان پھريون، بيت 18، ص:851)

پِڃارو / ڪپھ پڃڻ وارو

ڪپھ کي پڃي صاف ڪري ڪتڻ لائق بنائڻ کي پڃڻ جي ڪرت چئجي ٿو. اھا ڄاڻ رکندڙ ڪاريگر کي ’پڃارو‘ چئبو آھي.

پڃارو ڪپھ کي سُڪائي صاف جاءِ تي رکي، چابڪ يا ساٽي سان سَٽي، ميرُ ڪڍي، صاف سٿرين پوڻين جي شڪل ڏئي رکي. ان کان پوءِ ڪاتياري سٽ ڪتي ڪاپائتي ڪاپو ڪري ٿي.

پڃاري جو ٻيو ڪم صاف ڪپھ کي وهاڻن، گاديلن، سوڙهين ۾ ڀرڻ آھي. ڪڏهن وري پڃاري کي گراھڪ ڪپھ ۽ ڪپڙو مھيا ڪري ڏئي ٿو تہ ھو مناسب اجرت تي ڪپھ پڃي، اھا ڪپڙي ۾ ڀري گراھڪ کي واپس ڪندو آھي.

شاھ لطيف، پيڃاري جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

مونکي مَاءُ مَجاج، پِڃَاري جِيئن پِڃئو،

ھَٿَنِ ڇَڏِي، حاجَ، ويئِي سارَ سَرِيرَ مان.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘،سُر آسا، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 343)

پڃڻ جي ڪرت ھن بيت ۾ پڌري آھي:

پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمڙ! منهنجي آسَريٖ،

ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،

ڪِتُيم جِهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 440)

’پڃارو‘، حسين بن منصور حلاج جو استعارو بہ آھي، عربيءَ ۾ ’حلاج‘ پڃاري کي چئبو آھي. حسين بن منصور حلاج جا وڏا ’پڃارڪو‘ ڪم ڪندا ھئا.

پريٽ / ڌوٻي / کٽي

ڪپڙا ڌوئڻ وارو پورهيو ڪندڙ مرد توڙي عورت کي ’ڌوٻي يا ڌوٻياڻي‘، ’کٽي يا کٽياڻي‘، ’پريٽ يا پريٽياڻي‘ چئبو آھي. لباس کي نفاست سان ڌوئڻ، صاف ڪرڻ ڌوٻيءَ جو ڪم آھي. شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ ڌوٻين جو پڻ ذڪر ڪيو آھي ۽ اُن لاءِ پريٽ، کٽي، ڌوٻيءَ جا لفظ ڪم آندا آھن:

پَرِيَٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھِيان،

حُسنَ ھوتَ پنھونءَ جي، ماري مَوتِ وِڌِياسِ،

جانڪِين تان جيئندياسِ، پَيسِ وَرِ وِصالَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 13، ص: 393)

گَڏِيو ڌوٻِينِ ڌوءِ، پنھونءَ پارِچو ھَٿَ ۾،

اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ،

اِيءُ ڪامِلَ! ڪَم نَه سَندوءِ، جيئن پَھَسَ پڇاڙِيين پوتِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 16، ص: 394)

اَڄُ پُڻِ جُڙِيَمِ جوڙَ، دوسُ پيهِي دَرِ آئِيو،

سُکَنِ اَچِي ڏُکَنِ کي، مَحڪُمُ ڏِنِي موڙَ،

جا پَرِ کَٽِيءَ کوڙَ، سا پَرِ سُورَنِ ساڻُ ٿِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٻيو، بيت 12، ص: 769)

جَت

سنڌ جا ’جت‘ ۽ ’ميد‘ ٻہ قديم قبيلا آھن، جن جو ذڪر عرب تاريخدانن بہ ڪيو آھي. جت، سنڌو ماٿريءَ جي قديم ذات آھي، جنھن جو ڌنڌو آھي اُٺ پالڻ ۽ چارڻ، گڏوگڏ ٻني ٻارو بہ ڪن. اھي سنڌ کان سواءِ بلوچستان ۽ پنجاب ۾ بہ موجود آھن. جت، اٺن تي مال ڍوئين ۽ ماڻهن کي قافلن جي صورت ۾ ھڪ جاءِ کان ٻيءَ جاءِ تي پھچائي معاوضو وٺن ۽ ان مان پنھنجو گذر سفر ڪن ٿا، انهن کي اوٺي ۽ اوٺار پڻ سڏيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، جَتن جو ذڪر سُر ديسي، سُر حسيني، سُر ڏهر، سُر سسئي ۽ سُر مارئيءَ ۾ ڪيو آھي.

سُر ديسيءَ ۾ شاھ لطيف، پنھون جي ڀائرن کي جتَ سڏيندي چئي ٿو:

اُسَ مَ لڳي اوٺِييٖن، ليڙان لُڪَ مَ لَڳ،

اَللهَ! آرِيچن کي، ڪوسو واءُ مَ وَڳ،

جَتَ ججها ۾ جَڳ، منهنجي پِرِتِ پنھونءَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان پھريون، بيت 25، ص: 378)

اڄ بہ ڪوهستان ۽ ٿر ۾ ماڻهو ھڪ علائقي کان ٻئي علائقي ڏانهن وڃڻ لاءِ اٺن تي سفر ڪندا آھن.

اوٺي / اوٺار

آڳاٽي وقت ۾ سنڌ ۾ سير سفر، اچ وڃ، سامان ڍوئڻ، پيغام وغيرہ پھچائڻ لاءِ اُٺن ۽ گهوڙن جو استعمال عام جام ٿيندو ھو، سنڌ جي صحرائي علائقن، ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان ۾ اُٺ تمام گهڻو استعمال ۾ رهيو آھي. ڪي ڀاڳيا اُٺ ڌاري انهن تي سامان کڻڻ ۽ نياپا، پيغام رسائڻ جي مزدوري ڪندا ھئا، انهن کي ’اوٺي‘ سڏيو ويندو آھي. ايئن اوٺار ذات وارا بہ آھن، پٺار بہ اوٺي کي چون ٿا. سُر مارئيءَ ۾، مارئي انهيءَ اوٺيءَ جي اچڻ ۽ نياپو آڻڻ جو انتظار ڪري ٿي.

شاھ لطيف چوي ٿو تہ:

اَلا! اوٺِي آڻِييٖن، جي نياپا نِينِ،

آئُون اُنِين جِي آھِيان، توڻي مُون نَه مَڃِينِ،

مَسُ منهنجي ھَٿَ ۾، ڪاغَذُ ڪي آڻِينِ،

لُڙِڪَ نہ لِکَڻُ ڏِينِ، ڪِرِيو پُونِ قَلَمَ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان ٻيو، بيت 4، ص: 563)

جوهري / وينجهار

قيمتي ۽ اڻلڀ جوهر سڃاڻڻ ۽ انهن کي ونڌڻ يا سوراخ ڪڍڻ ۽ سون ۽ چانديءَ تي خوبصورت جڙاءُ ۽ ڪُندن جو ڪم ڪرڻ کي ’وينجهارڪو‘ ھنر چئجي ٿو. صدين کان خاص طور تي لاڙ ۾ ھلندڙ ھيءَ ڪاريگري خالص سنڌي ھنر سمجهيو وڃي ٿو.

سونارو سون ۽ چانديءَ جا قيمتي ڳھه ڳٺا گهڙي، ’وينجهار‘ حوالي ڪندو آھي، جيڪو مختلف مرحلن مان گذاري وڏيءَ مهارت ۽ نفاست سان نگ، سپون، شيشو، قيمتي پٿر ۽ مينا مڙهي، سون ۽ چانديءَ جي زيورن جي قدر، قيمت، سونھن ۽ سوڀيا ۾ واڌ آڻيندو آھي.

شاھ لطيف انهن وينجهارن جو بہ ذڪر ڪيو آھي، جيڪي موتين ۾ سوراخ ڪڍندا ھئا ۽ ھار ٺاھيندا ھئا، پر نادر شاھ جهڙن حملي آورن جي حملن ۽ تباھين کان پوءِ اھي ڪاريگر ۽ ھنرمند ملڪ مان لڏي ويا، انهن جي جڳھ پوين اڻ ڄاڻن اچي والاري، جن کي ڪابہ خبر نہ ھئي، جنھن ڪري سنڌ جي ھن سڄاڻ شاعر کي ڏک ٿئي ٿو:

ٿا صَراف سُڄنِ، پاڻُ ڪوٺائِنِ جوهَرِي،

ماڻِڪُ ڪَري مُٺِ ۾، وانءُ وَٺِي وَٽِ تنِ،

سَندُسِ ئي سَيّدُ چي، ڪِھَڙو قَدُرُ ڪنِ،

پاڻِيَٺُ ئِي پَرکنِ، ڪِھ ڪَئِنچَلُ گڏِنِ ڪَچَ سين؟

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 17، ص: 177)

شاھ لطيف چئي ٿو: شال! اھڙا وينجهار ملڪ مان لڏي نہ وڃن، جيڪي ھيري ۽ لال جي سڃاڻپ ٿا رکن، سچ ۽ ڪوڙ کي پرکي سگهن، انهن کي ايترو تہ تجربو ھجي، جو موتيءَ جي ڪنارن ۾ جيڪا جرڪ ۽ سونھن آھي، تنھن کي پرکي سگهن تہ اھي موتي سچا آھن يا ڪوڙا!

وِيا سي وينجهار، ھِيرو لَعلُ وِنڌِينِ جي،

تَنِين سَندا پوئيان، سِيهي لَهَنِ نہ سارَ،

ڪُٽين ڪُٽِ لُهارَ، ھاڻي اُنِين ڀيڻينٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 15، ص: 176)

ڌراڙ يا ڌرار / ڌنار / پھنوار

ڌراڙ يا ڌرار/ڌنار ’مال چاريندڙ کي‘ چئبو آھي، ڪي ماڻهو صرف پنھنجو مال چاريندا آھن، ٻئي طرف ڪي مالدار ماڻهو پئسن تي مال چارڻ لاءِ ڌراڙ رکندا آھن، جنھن جي ماھوار اُجيري کي ’ڀُئي‘ چوندا آھن. چوپائي مال جي حوالي سان ڌراڙن جا الڳ الڳ نالا آھن، جيئن رڍون چارڻ واري کي ’ريڍار‘، ٻڪريون چارڻ واري کي ’ٻڪرار/پھنوار‘، مينهون چارڻ واري کي ’ميھار‘ يا ’وڇار‘، ڳئون چارڻ واري کي ’ڳنوار‘، اُٺَ چارڻ واري کي ’اوٺار‘چئبو آھي. مال ڌارڻ ۽ چارڻ ھڪ پورهيو آھي. شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ ڌراڙ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي.

سُونہ وِڃايَمِ سُومَرا! پَسان ڪِيئن پَھُنوارَ،

ڌُڻِي جا ڌَرارَ، تِنہِ رِءَ رُوءِ رُچَڻُ ناھ ڪو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو، سُر مارئي، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 357)

چاھَڪَ چَرِي، تارِ تَري، آيُون مَٿـٖي آرَ،

ڪوڙِييٖن ڪَرَ کَڻَندِيُون، سُڻِي سَڏَ ڌَرارَ،

ميٖنهُون ساڻُ ميھار، پَرَچِي پارِ لَنگھيندِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان چوٿون، بيت 21 ، ص: 241)

ڌراڙ صُبح جو مال جُوءِ ڏانهن ڪاھي ويندو آھي ۽ چاري شام جو موٽائي وٿاڻ تي پھچائيندو آھي.

سنڌ جي معيشت جوگهڻي ڀاڱي دارومدار زراعت ۽ چوپائي مال تي آھي. سنڌ جي ڪن حصّن ۾ تہ ماڻهن جو گذر سفر ئي چوپائي مال تي ھوندو آھي. مال ڌارڻ باقاعدي ھنن جو پيشو آھي. ھو چوپايو مال ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ ڏاس، اُنَ ، کير، مکڻ، گيهه ۽ چمڙو وڪڻي پنھنجو پيٽ گذر ڪن ٿا.

سنگهار، ڀاڳيو، مالوند، مارو

سنڌ ھڪ زرعي خطو آھي، ٻين زرعي خطن جيان سنڌ ۾ بہ چوپايو مال پالڻ جو ڌنڌو عام جام پئي رهيو آھي. قديم زماني کان وٺي سنڌ جي ميداني علائقن ۾ رڍن، ٻڪرين، ڍڳين ۽ مينهين جا ڌڻ، جڏهن تہ ڪوهستاني ۽ صحرائي علائقن ۾ وري اُٺن جا وڳ پالڻ جو رواج پئي رهيو آھي، جيڪو اڄ تائين ھلندڙ آھي. چوپايي مال جي کير، ڏُڌ، مکڻ ۽ گوشت سان کاڌي پيتي جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون آھن تہ گڏوگڏ مال جي چمڙي سان ٺھيل روزاني زندگي ۾ استعمال جون ڪيتريون ٻيون شيون پڻ ٺاھيون وينديون آھن. ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو: ”ڌن جي اصلي معنيٰ آھي ’ڌڻ مال جو‘ تنھن ڪري آريا لوڪن ۾ بہ ڀاڳيو ماڻهو ان کي ليکيندا ھئا، جنھن وٽ چوپايو مال ججهو ھوندو ھو“ (گربخشاڻي، 1985ع، ص: 148)

ڊاڪٽر، پي. ايس ڇٻلاڻي پنھنجي ڪتاب ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘ ۾ لکي ٿو: ” ھتي جون وڏيون وڏيون زمين جون ايراضيون چراگاھن طور استعمال ڪيون وينديون ھيون. خاص ڪري اتر سنڌ ۽ برپٽ وارن ٽڪرن ۾ سنڌي ماڻهو ڪافي انداز ۾ ننڍو توڙي وڏو مال ( رڍون، ٻڪريون ۽ ڳئون) پاليندا ھئا. ھر ڳوٺ ۾ مينهيون، ڳئون، رڍون ۽ ٻڪريون جام ھونديون ھيون.“ (ڇٻلاڻي، 1995ع، ص: 126)

شاھ جي رسالي ۾ سنڌي ٻوليءَ جا اھڙا ڪيئي لفظ ملن ٿا، جن جو واسطو انهيءَ اقتصادي سرشتي سان آھي. جھڙوڪ: ميھار، ڳنوار، ٻڪرار، ريڍار، اوٺار، ڌنار، ڀاڳيو ۽ سنگهار، مارو، سَسي، پھون ، کٽر، گابا، جهڻ، کير، مکڻ، مھي، ماٽي، ڌڻ، وڳ وغيرہ.

شاھ لطيف سُر سارنگ، سُر سھڻي،سُر ڏهر ۽ سُر مارئيءَ ۾ انهيءَ ڌنڌي جو ذڪر ڪيو آھي:

ڪيرَ ڪَريندِي رِيسَ، آيَلِ! سَنگهارَنِ سين؟

جَنين جي خَمِيس، وارِيُون واري ڇَڏِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان چوٿون، بيت 22، ص:885)

جيٖها جي تيٖها، مُون مارُو مَڃِيا،

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونَڊِنِ موڪَ مِها،

منهنجي آھه اِھا، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 9،ص:606)

سونھون / بورائُو

سُونھون‘ لفظ جي معنيٰ آھي رستي، راھ کان واقف. عام محاوري ۾ (رهبر) ڄاڻو. ھيءُ ھڪ قسم جو پورهيت آھي، موجودہ دؤر ۾ انهن کي ’گائيڊ‘ چيو وڃي ٿو. آڳاٽي زماني ۾ ’سُونهان‘ ھوندا ھئا، انهن کي سامونڊي توڙي دريائي رستن، پنڌن ۽ پيچرن جي ڄاڻ ھوندي ھئي. قافلن وارا يا ٻيڙن جا ملاح اھڙن سُونهَن کي ساڻ کڻندا ھئا. اھي کين سامونڊي رستن، سمنڊ جي ڪنارن، درياءَ جي اَوَتڙن ۽ سُتڙن جي ڪيفيت ٻڌائيندا ھئا.

شاھ لطيف، سُر حسينيءَ ۾، سسئيءَ کي صلاح ڏيندي چئي ٿو ته، تون ڪنھن سونھين کان رهنمائي وٺي پوءِ پنڌ پئج:

ڀينَرُ! ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونهون،

سَوارو سُونهون، پُڇِي پُورِجِ، سَسُئِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حُسيني، داستان ٽيون، بيت 4، ص: 444)

شاھ لطيف، سُر سريراڳ ۾ چئي ٿو تہ:

سُونهان سُڌِيُون ڏِينِ، ھِنَ ديواني درياھَه جون،

ڪُوڙَ اوڏائِي ڪِينَڪِين، رُڳو سَچُ سودِين،

عِجزَ جو اَڌَ راتِ کي، وَکَرُ وِهائِينِ،

ساٿُ نِباھِيو نِينِ، ثابِتُ انهيءَ سيرَ مان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پنجون، بيت 8، ص: 181)

اڻانگن رستن جي اڳواڻيءَ لاءِ، ڪي خاص ماڻهو ھوندا ھئا، جيڪي انهن رستن کان چڱيءَ پر واقف ھوندا ھئا. انهن لاءِ ’اڳوئو‘ لفظ استعمال ٿيندو ھو، پر شاھ لطيف، ان کي ’بر جو بورائو‘ سڏي ٿو:

لَکين لوڙائُو، سَھَسين آھِنِ سُڃَ ۾،

بَرَ ۾ بورائو، کَڻُ پِيادِي پاڻَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حسيني، داستان 12، بيت 25، ص: 489)

شڪاري / آھيڙي

شڪاري يا آھيڙي، لفظ جي معنيٰ آھي شڪار ڪندڙ يا شڪار ڪري گذر سفر ڪندڙ، پوءِ اھي انسان بہ ٿي سگهن ٿا تہ جهنگلي جانور بہ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ خاص ڪري شينهن ۽ بگهڙ تہ نمايان طور مشھور آھن.

شاھ لطيف، سُر کاھوڙيءَ ۾ شڪارين جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن جا مثال ھيٺ ڏجن ٿا:

ڪُتا نہ ڪُوڪارَ، نہ سي سَڏَ شِڪارِييٖن،

پِٽِيو کَڻي پارَ، جهنگَلُ آھيڙِيَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان ٽيون، بيت 12، ص: 757)

صراف (سونارو)

سون جھڙي قيمتي ڌاتوءَ ۽ ھيرن جواھرن جي سڃاڻڻ ۽ انهن کي ونڌڻ يا سوراخ ڪڍڻ ۽ سون چانديءَ جا خوبصورت زيور ٺاھڻ جي ڪم ڪرڻ کي ’سونارڪو‘ ڪم چيو وڃي ٿو. قيمتي ڌاتن مان خوبصورت زيور ٺاھيندڙ ۽ وڪڻندڙ کي ’صراف‘ يا ’سونارو‘چئجي ٿو. جامع سنڌي لغات موجب صراف جي معنيٰ: ”دولت جي مٽاسٽا ڪندڙ، پارکو، پرکيندڙ، سڃاڻيندڙ، سون چاندي پرکيندڙ، نقدي يا زيور جي ڏيتي ليتي ڪندڙ شاھوڪار، سونارو، شراف، سياڻو، سمجھو، تيز فھم، منصف، امين، ٽياڪڙ.“ (بلوچ، 1985ع، ص:1802)

سونارا، صراف سين لڏو لاھِه، مَ لَڏِ،

سَودو سوئِي ڇَڏِ، جِتِ جَواھِرُ ناھِه ڪو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 7، ص: 123)

ننڍي پئماني تي روزگار ڪندڙ ’صراف‘ پاڻ ئي ھنرمند يا ڪاريگر ھوندو آھي، جڏهن تہ وڏي پئماني تي ڌنڌو ڪندڙ ’صراف‘ ھن ڌنڌي سان لاڳاپيل ڪيترا ٻيا ھنرمند پاڻ وٽ رکندو آھي، جن ۾ ’سونارا‘، ’وينجهار‘، ’ڇول وارا‘، ’ڪاٽائي وارا‘، ’ميناڪاري‘،’ پُوت يا پوچ وارا‘ ۽ ’رماندي‘ شامل آھن.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ پڻ ھن پورهيت جو ذڪر ڪيو آھي:

مَحَبتَ پائي مَنَ ۾، رَنڍا روڙِيا جَنِ،

تَنِ جو صَرافَنِ، اَڻَ تورِيو ئي اَگهائِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 17، ص: 832)

’صراف‘ سون، ھيرن، جواھرن ۽ ڪتيل سُٽ جا پارکو آھن. اھي انهن جو واپار ڪندا آھن. اھي وڻجارن ۽ غواصن کان ماڻڪ موتي وٺي ٻين واپارين کي مناسب اگهہ تي وڪڻندا آھن. شاھ لطيف، ’صرافن‘ کي تمثيل طور پيش ڪيو آھي:

جُهه صَرافَنِ لَڏيو، تَھ تُون پُڻِ لَڏِجِ، سونَ!

قَدُرُ لَهَندُءِ ڪونه، نيئِي گَڏِيندَءِ گَڏُوءَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان چوٿون، بيت 11، ص: 175)

طبيب / حڪيم / ويڄ

طبيب مريض جي نبض ڏسي مرض جو پتو لڳائيندو آھي ۽ مرض جي سڃاڻپ کان پوءِ، جڙين ٻوٽين مان سُتيون، ڦڪيون ۽ دوائون تيار ڪري، مريض جو علاج ڪندو آھي.

سنڌ ۾، حڪمت جو ڌنڌو قديم زماني کان ھلندو پيو اچي. آڳاٽي زماني ۾، سنڌ مان جڙيون ٻوٽيون روانگي واپار جو اھم حصو ھونديون ھيون، ڏکڻ ايشيا جي ملڪن سان گڏ، عرب رياستون اھي وکر وڏي انگ ۾ گهرائيندا ھئا. عباسي دؤر ۾ تہ انهن وکرن لاءِ عربي اصطلاح جوڙي، انهن وکرن جي اھميت کي اجاگر ڪيو ويو. انهن جو ذڪر البيرونيءَ ’ڪتاب الهند‘ ۾ ڪيو آھي.

حڪمت جي وسيع پيشي لاءِ، شاھ لطيف، طبيبن کي مختلف درجن ۾ ورهايو آھي.

طبيب - عام طبيعت کي ڄاڻندڙ:

تُون حَبيبُ، تون طبيبُ، تون دردَ جي دوا،

جانِبَ منهنجي جِيءَ ۾، آزَرَ جا اَنواع،

صاحبَ! ڏي شفا، مِيان! مَرِيضنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پھريون، بيت 1، ص: 85)

ويڄ معنيٰ حڪمت جو ڄاڻو، علم وارو. لفظ ’ويد‘ ۽ ’ويڄ‘ مترادف لفظ آھن- ’وِديا‘ ۽ ’وڄا‘ معنيٰ علم، اُن سان لفظ ’ويڄ‘ جو تعلق آھي:

ويهَڻُ ويڄَنِ وَٽِ، جي سِکين تہ سَگهو ٿيين،

اَڳِين عادَتَ مَٽِ، تہ اَگها! عاجِزُ نہ ٿِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 15، ص: 92)

ڪُويڄ (ويڄ جو ضِد) - اڻڄاڻ طبيب، نيم حڪيم.

ڪُٺِيَس ڪُويڄَنِ، تن طبيبَ نہ گِڏيا،

ڏيئي ڏَنڀَ ڏَڏَنِ، پاڻا ڏِيلُ ڏُکوئيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٻيو، بيت 17، ص: 92)

حڪيم-سڄاڻ طبيب، جيڪو حڪمت موجب علاج ڪري:

مُضِرّ تان مون کي ڪِيا، حَڪِيمَنِ ھَزارَ،

ھو يارَ! سَدا آھي سِڪَ جي.

دَوا آھِيين دِلِ جِي، وارو، واقِفَ ڪارَ،

ھو يارَ! سَدا آھي سِڪَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي اَبري، داستان پھريون، وائي، ص: 288)

غواص

’غواص‘ چئبو آھي ’ٽوٻي‘ کي. ھي پورهيت سمنڊ مان موتي ڳولهي ھٿ ڪندا آھن. غواص، منهن تي ڪائي جو ٻوٿاڙو چاڙهي، سمنڊ جي اندر وڃي، سپون سُوجهي، ان مان ماڻڪ ۽ موتي ڪڍندا آھن، جن ۾ ڪي تمام قيمتي آبدار پڻ ھوندا آھن، جو ھڪڙي ماڻڪ مان ئي ماڻهو پُر ٿيو وڃي.

شاھ لطيف، غواصن بابت، سُر سريراڳ ۾ چئي ٿو:

اِيءَ گَتِ غَوّاصَنِ، جيئن سَمنڊُ سوجھيائُون،

پيهِي مَنجھ پاتارَ جـٖي، ماڻِڪَ ميڙِيائُون،

آڻي ڏِنائُون، ھِيرو، لعلُ ھَٿَنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 9، ص: 161)

وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،

تَنِ سِپُون سوجھي ڪَڍِيُون پاتاران پيهِي،

پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُنِ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٻيو، بيت 11، ص: 161)

ڪاتب

’ڪاتب‘ ھڪ قسم جو پورهيت آھي، جيڪو ڪتابت جو ڪم پورهئي طور ڪندو آھي. تاريخ، شاعري، علم ۽ ادب جي واڌاري ۽ حفاظت جو مکيه وسيلو لکتون آھن، جي ڪاتب لکن ٿا.

قديم دور کان وٺي خطاطيءَ جو فن ۽ ڪتابت اھم ھنر رهيا آھن. ڪيترن ئي ماڻهن جي ڪمائيءَ جو ذريعو ڪتابت رهيو آھي. اڄ بہ سنڌ ۾ ڪيترائي ڪاتب آھن. شاھ لطيف جي دؤر ۾، ڪاتب کي تمام گهڻي اھميت حاصل ھئي، ڇو تہ اُھي قرآن شريف جي ڪتابت ڪندا ھئا. خطاطي ۽ خوشخطيءَ جو فن ڪنھن زماني ۾ علميت، شرافت، فضيلت ۽ اعليٰ مرتبي جو نشان سمجهيو ويندو ھو.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ڪاتب جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

ڪاتِبَ لِکين جيئن، لايو لامُ اَلِفَ سين،

اَسان سَڄَڻُ تيئن، رَهيو آھي رُوحَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان پنجون، بيت 31، ص: 112)

شاھ لطيف جي نظر ۾، ’ڪاتب‘ جي گهڻي اھميت آھي ۽ سنڌ ۾ اھو فن مانَ وارو رهيو آھي. شاھ جو رسالو ۽ ٻيا ڪيئي رسالا ڪاتبن لکي محفوظ ڪيا.

سنڌ ۾ ٺٽي، چوٽيارين، درٻيلي، کھڙن، روهڙي، گهوٽڪي، دائود (لڳ اڏيرو لعل) ، شڪارپور، ڪوٽڙي ڪبير، نصرپور، سيوهڻ، ھالا پراڻا، ولهار (ٿرپارڪر) ، ڳوٺ پير جهنڊي، پريالوءِ ۽ ٻين ڪيترن ئي شھرن جي درسگاھن ۾ بيشمار خوشنويس رهندا ھئا، جيڪي تعليم حاصل ڪرڻ سان گڏ ڪتابت ڪندا ھئا.

ڪاپائتي / ڪاتياري

سنڌ ۾ وؤڻن جي پوک جام ٿئي ٿي، جنھن مان ڪپھ ٽاڻي جدا ڪئي ويندي آھي. پراڻي زماني ۾ عورتون ڪپھ ائٽ تي ڪتي، سُٽ ٺاھينديون ھيون، انهن کي ڪاتاريون يا ڪاپو ڪندڙ ڪاپائتيون سڏيو ويندو ھو ۽ جنھن جاءِ تي ويهي سُٽ ڪتيو ويندو ھو، ان کي ’آتڻ‘ سڏيو ويندو ھو. سُٽ ڪتڻ سنڌ جي گهريلو صنعت رهي آھي پر اڄڪلهه ختم ٿيندي ٿي وڃي، آڳاٽي وقت ۾، سنڌ جي ھر گهر ۾ ائٽ ۽ آڏاڻي جي استعمال جو رواج عام ھو. سنڌ جي ڪن علائقن ۾ اڃان بہ اھو پورهيو ڪيو وڃي ٿو، جيئن ھالا، نصرپور وغيرہ.

اڳي ڪي عورتون پنھنجي پيشي جي بنياد تي سُٽ ڪتينديون ھيون، تہ ڪي وڏ گهراڻيون روح وندرائڻ لاءِ پنھنجين سرتين سان گڏ اھو ڪم ڪنديون ھيون. مطلب تہ سنڌ جي ھر امير توڙي غريب جي گهر چرخو پيو چرندو ھو. شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ’ڪاپائتيءَ‘ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

جان ڪَتِين تان ڪَتُ، ھِيءَ ھَڏِ وهاڻِي،

ڪاپائِتِي سَڀَڪا، ڪَتي سِـيَباڻِي،

ڄاتو جن ڄاڻِي، تن ھَٿان پَھِي نہ ڇَڏِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 3، ص: 135)

سُٽ ڪتيندڙن کي ’ڪاتيار‘ چيو ويندو آھي ۽ پوءِ ٻين ڌنڌن جيان، ’ڪاتيار‘ سندن ذات طور ڪم اچڻ لڳو. جن گهرن ۽ خاندانن جو اھو گهرو ھنر آھي ۽ آمدنيءَ جو ذريعو آھي. اھڙن ھنرمندن تي ذات طور ’ڪاتيار‘، ’ڪتيار‘ ۽ ’ڪاتار‘ نالو پئجي ويو. سنڌ ۾ اُھي ذاتيون اڄ تائين موجود آھن.

نہ سي وَؤڻَ وَڻنِ ۾، نہ سي ڪاتارِيُون،

پَسِيو بازاريُون، ھِينئڙو مُون لُوڻُ ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ’شاھ جو رسالو‘ سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 24، ص: 833)

ماضيءَ ۾ سنڌ جا واپاري ڪپھ توري، ڪاپائتين کي ڏيئي ويندا ھئا ۽ جڏهن سُٽ وٺڻ ويندا ھئا، تڏهن بہ اھو توري وٺندا ھئا. ڪتيل سُٽ جي سٺي ۽ معياري ھئڻ جي آڌار تي پورهيتن کي اجورو ڏنيو ويندو ھو. جيڪڏهن سُٽ معياري ۽ سنهو ڪتيل ھوندو ھو تہ واپاري ان جو ملھه تمام سٺو ڏيندا ھئا، پر جي سُٽ سنهو ٿلهو يا ڳنڍيون ڳوڙها ھوندو ھو تہ واپاري ان جو ملھ گهٽ ڏيندا ھئا.

ڪَتي مَتي آئِيُون، ڪَري تَندُ تَيارُ،

اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانهه پِرينءَ پارُ،

ڪاپائِتيءَ قرَارُ، پورهيي مان پِرائِيو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2012ع) ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 9، ص: 138)

شاھ لطيف، نہ صرف سُر مومل راڻي ۽ سُر ڪاپائتيءَ ۾ ’ڪاتيارن‘ جي تعريف ڪئي آھي، پر ٻين ڪيترن ئي سُرن ۾ بہ سندن پورهئي جو ذڪر ڪيو آھي. ڇاڪاڻ تہ ان دؤر ۾ سُٽ ڪتڻ وڏي گهريلو صنعت ھئي.

سُر حسينيءَ ۾ سسئي پنھنجي ماءُ کي چوي ٿي ته، ’منهنجي آسري تي ’پَھي‘ نہ پڃاءِ، چرخي کي ڀڃي ڇڏ ۽ پوڻيون پاڻيءَ ۾ ڦٽيون ڪر، ڇو تہ مون جنھن لاءِ ڪتيو پئي سو ڪيچ ھليو ويو.‘

پَھِي ڪا مَ پِڃاءِ، اَمڙ! منهنجي آسَريٖ،

ڏيئِي لَتَ چَرخي کي، پُوڻِيُون پاڻِيءَ پاءِ،

ڪَتُيم جِهِين لاءِ، سو ڪوهِيارو ڪيچ وِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر حُسيني، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 440)

سُٽ ڪتڻ کان اڳ ۾ ڪپھ مان ’پھا‘ يا پوڻيون ٺاھيون وينديون آھن، ان عمل کي پھڻ يا مَٿڻ/مَتڻ چيو ويندو آھن. ’ڪاپائتيون‘ پھيون ٺاھي پوءِ سُٽ ڪتينديون آھن.

شاھ لطيف، سُٽ ڪتڻ سان تعلق رکندڙ، ھر ھڪ اوزار جو ذڪر ۽ ان ڪرت کي نھايت خوبصورت نموني سان بيان ڪيو آھي، جنھن سان ’ڪاتيارن‘ ۽ سندن ڪرت سان سندس گهري لڳاءَ جي خبر پوي ٿي. جيئن چرخو، ائٽ، مُنو، مال ۽ ٽُڪ وغيرہ.

جنھن اوزار تي سُٽ ڪتيو ويندو آھي. ان کي ’ائٽ‘ يا ’ارٽ‘ چئبو آھي. ائٽ ۾ ھڪ ڦيٿو ھوندو آھي، جيڪو ھٿئي سان عورتون ھلائينديون آھن. ڦيٿو جن ڪاٺوڙن تي ڦرندو آھي، ان کي ’مُنو‘ چئبو آھي.

اَڄُ پڻ اُجهَڻَ کي مَرِين، نہ ڪي ڪِتُئي ڪالَ،

مونا اُٺِجِي اُکِڙِئا، اَرٽَ ڍَرِڪِي مالَ،

ھَئٖي تَنِي جي حالَ، جَنِ ڪاپٖي مَنجهان ڪِينَ ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 9، ص: 830)

انهيءَ ڦيٿي جي سامھون ٻين ننڍن منن تي سنهي چھنب واري سيخ ڦرندي آھي، جنھن کي ٽُڪ چيو ويندو آھي. ٽڪ کي ڏور ڦيرائيندي آھي.

شاھ لطيف انهيءَ ڏور کي ’مال‘ سڏيو آھي:

جنين ڪِتو ڪالَ، سي پاڻان پيٖيُون مامِري،

جنين ٽَڪَ نہ مالَ، سَرَهِيُون سي صَرافَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت 27، ص: 834)

ڪاسائي

گوشت جي وڍ ڪُٽ ۽ چوپايو مال ڪُھڻ واري کي ’ڪاسائي‘ چئبو آھي. ھي لفظ اصطلاحي طور بي رحم جي معنيٰ ۾ بہ ورتو ويندو آھي.

شاھ لطيف، سُر بروي سنڌيءَ ۾، ڪاسائيءَ جو ذڪر پڻ ان حوالي سان ڪيو آھي:

ڪِئان سِکِيين، سُپِرِين! ڪاسائِڪِي ڪارِ،

تِکِي ڪاتِي ھَٿِ ڪَري، مُڏِيءَ سين مَ مارِ،

چوري چاڪَ نِهارِ، جي سُورَنِ سانگھيئَڙا ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر برؤو سنڌي، داستان ٽيون، بيت 10، ص: 773)

ڪَلاڙ / ڪلال (شراب چِڪائيندڙ)

ھيءُ ھڪ قسم جو پورهيت آھي، جيڪو شراب ٺاھڻ ۽ وڪڻڻ جو پورهيو ڪندو آھي.

ڪلاڙ شراب ٺاھڻ لاءِ شراب جون بَٺيون چاڙهي ويٺو ھوندو آھي، جتي ھو شراب تيار ڪندو آھي. جڏهن شراب تيار ٿي ويندو آھي تہ پوءِ وڪرو ڪندو آھي.

شراب جون بٺيون، شاھ لطيف جي دؤر کان اڳ ئي سنڌ ۾ ھيون. شاھ لطيف سُر يمن ڪلياڻ ۾ موکيءَ جو ذڪر ڪيو آھي، جيڪا شراب جي بٺي ھلائيندڙ ڪلاڙ ھئي.

شاھ لطيف، سُر ڪلياڻ ۽ يمن ڪلياڻ ۾ ڪلاڙ، ساقي، مي ۽ ميخاني جو ذڪر ڪيو آھي:

اَٿئِي سڌَ سُرِڪَ جي، تہ وَنءُ ڪَلاڙنِ ڪُوءِ،

مَهيسَر جي مَندَ جِي ھُت ھَڏهن وَهي ھُوءِ،

جان رَمزَ پَرُوڙِيَمِ رُوءِ، تان سِرَ وَٽِ سُرِڪِي سُڳُڻي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن، داستان ڇھون، بيت 12، ص: 76)

ڪنڀار / ڪنڀر / ڪُلال

ڪنڀار، ھڪ پورهيت آھي، جيڪو چيڪي مٽيءَ مان ٿانوَ ٺاھيندو آھي. قديم زماني ۾ موهن جي دڙي کان وٺي، سنڌ جا ڪنڀار مشھور آھن، اھا ڪرت سنڌ ۾ لاڳيتو ھلندي پئي اچي. ڪنڀار مَٽَ، دِلا، پاٽيون، چاڏيون، ڍڪ ۽ ٻيو سامان تيار ڪري، نهائينءَ ۾ پچائي، پڪو ڪري، انهن کي وڪڻي روزي ڪمائيندا آھن:

ڪِين جو ڪُنڀارَنِ، مِٽِيءَ پائي مَنِيو،

تنھن مان تِرَ جيتَرِي جي پُويٖ خَبَرَ کَرَنِ،

ھِي تان ھُوندَ مَرَنِ، ھُنِ اَڱَڻِ اوراتو ٿِيٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان ٻيو، بيت 19، ص: 742)

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾، ڪنڀار جو ذڪر ٻن سُرن، سُر سھڻي ۽ سُر رپ ۾ ملي ٿو. انهن سُرن ۾ نهائينءَ، باھ ۾ ٿانون پچڻ، ٿانون تي مختلف رنگن سان ڪيل چٽسالي ۽ ڪنڀار جي مٽيءَ ڳوهڻ جو ذڪر ملي ٿو.

ڪنڀار، چيڪي مٽي ڳوهي، چڪ تي چاڙهي پيرن سان ڦيرا ڏيئي، گهربل ٿانو تيار ڪري، لاھڻ کان پوءِ، اُس ۾ سڪائي، سھڻا نقش ڪڍي نهائينءَ ۾ سٿي باھ ڏيئي ٿانون کي پچائيندو آھي، ان سڄي عمل ۽ ٿانون پچائڻ جي ھنر کي ’ڪنڀارڪو‘ ھنر چئبو آھي. شاھ لطيف، سُر سھڻيءَ ۾ چئي ٿو:

پَڪا رَڇَ ڪُنڀارَ جا، پَڪِي نِيهائِين،

مون کي تِئائِين، ڀـٖيلو ڀاڱـٖي آئِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (1993ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان اٺون، بيت 14، ص: 314)

سنڌ اندر مهراڻو، عمر ڪوٽ وارو تر، پراڻ وارو پاسو، پنگريو ۽ ٽنڊو باگو، ڪنڀارڪي ٿانون جي بيهڪ، چٽ ۽ نفاست ۾ پنھنجو مٽ پاڻ آھن. آڳاٽي وقت ۾ حيدرآباد ۽ چمبڙ جي چِلم سنڌ ۾ مشھور ھئي، جا ٽن يا چئن طبقن ۾ ٽڪ سان جوڙي ويندي ھئي. اُڏيرو لعل ۽ شھدادپور جي وچ واري علائقي جي پاٽ، ساڪري ۽ بٺوري واري تر جو مٽ، يا ماٽي، ڄارڪيءَ جون حُقن جون ٽوپيون، دادو، سيوهڻ ۽ جوهيءَ جون گُھگھيون، ھالا جا ڪونڊا، سنڌ ۾ پنھنجي نرالي حيثيت رکن ٿا.

شاھ لطيف، سُر سھڻيءَ ۾، ڪُلال جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

پَڪو کَڻِج پاڻَ سين، چَڱو چِٽائي،

ڪَچو ڏيجِ ڪُلالَ کي، مُنهن تي موٽائي،

سو سُڻُ ھِنيين سين، سھڻي! جيڪِين فائِقُ فَرِمائي،

مَوجُون مُنجهائي، مارِيِنِئي مِهراڻَ جون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان اٺون، بيت 19، ص: 263)

ڪوري

’ڪوري‘ ڪپڙي اُڻندڙ کي چئبو آھي. ڪورڪو ڪم ھڪ پيشو آھي، جنھن تان ڪوري ذات پڻ جڙي آھي، ڪن محققن جو خيال آھي ته، جيئن تہ نئين ٺھيل ڪپڙي کي ’ڪور يا ڪورو‘ چيو ويندو آھي، انهيءَ تان ڪپڙو ٺاھيندڙ تي اھو ’ڪوري‘ نالو پيو آھي. شاھ لطيف، ڪورين جي پيشي کي گهڻو ساراھيو آھي.

ڪوري آڏاڻا منڊي، تاڃي تاڻي ان تي پيٽي جي اڻت ڪري، ڪپڙي ٺاھڻ جو ڪم ڪندا آھن. ڪوري سنهين تندن مان ڪم وٺندا آھن. جيڪڏهن تند ڇڄي پوي تہ ھو چپٽيءَ کي ڄڀ سان ڇھائي، ڳنڍيندا آھن، جو جوڙ يا ڳنڍ محسوس ئي ناھي ٿيندي. ان کي ’اُميري ڳنڍ‘ چئبو آھي. شاھ لطيف، ان جو ھن ريت ذڪر ڪيو آھي:

ڇِنَنَ توءِ مَ ڇِنُ، پاءِ اُميٖري اُنِ سين،

جي ھُو اَوَڳُڻَ ڪَنِئِي اَسُونهِين! تون ڳُڻان ئِي ڳِنُ،

پاندُ جَھلِيو تون پِنُ، ھِنَ سُونهاري سَڱَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان اٺون، بيت 11، ص: 125)

ڇورِي نِدورِي، نہ ڪو مائِٽُ مُنڌَ جو،

سَوين ھَلَنِ ساٿَ ۾، ڪَمِي ۽ ڪورِي،

آئُون پُڻ آھِيان اُنِ ۾، لَنگھي ۽ لورِي،

لَنگھائِن، لَطِيفُ چئي، ٿَرَنِ جا ٿورِي،

آھِيان اَزورِي، تُنھنجي جوري جَبَلُ لَنگھيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان چوٿون، بيت 18، ص: 394)

ھي ھنر سنڌ ۾ قديم زماني کان موجود آھي. موهن جي دڙي جي کوٽائيءَ مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان زماني ۾ سٽ ڪتڻ جو ڪم گهر گهر ٿيندو ھو.

سُر ڪاپائتيءَ ۾ ڪورڪي ھنر جي مختلف مرحلن بابت ڄاڻ ڏنل آھي. پھرئين مرحلي ۾ ڪپھ جون پوڻيون ٺھنديون آھن، جن کي ڪاپائتيون ’ائٽ‘ تي ڪتي سُٽ جا ڌاڳا ٺاھينديون آھن، اُن کان پوءِ آڏاڻن تي اُڻت ڪئي ويندي آھي، جيڪا ’ڪوري‘ ڪندا آھن.

سنڌي ڪوري گهڻن ئي قسمن جو ڪپڙو ٺاھين ٿا. مثال طور: سادو ڪپڙو، ريشمي ڪپڙو، بافتو، ھرک، کيس، لونگي، ململ، چيٽ، کاڌِي، اجرڪ، کُھنبو، سوسي، انگوڇو، پوتڙو، رومال، ٽوال. ڪپھ جي پڃ، تند جي تياري ۽ ململ (ڪپڙي) ٺھڻ جو ذڪر، شاھ لطيف ھن ريت ڪيو آھي.

تُنبائي تاڪِيدَ سين، جَنين پِڃايو پاءُ،

لَسِي تَندُ لطِيفُ چـٖي، ھَلٖي تن ھَٿاءُ،

مَلمَلِ مَنجهان ماءُ، جي سِکِيُون تن سونُ ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، داستان پھريون، بيت 20، ص: 832)

لوھار / لُھار / آڳڙيو

لوهار لاءِ شاھ لطيف، ’آڳڙيو‘ لفظ بہ استعمال ڪيو آھي، جنھن جي لغوي معنيٰ آھي: آگ يا باھ سان ڪم ڪندڙ، ’آگرو‘ لفظ جي بہ ساڳي معنيٰ آھي، جيڪا ھڪ ذات آھي. لوهار لوهه کي ڌوڌي ۾ دکائي، پگهرائي، سنداڻ تي رکي مترڪن جا ڌڪ ھڻي، ان مان مختلف اوزار جوڙيندا آھن. اوزار، لوهي سامان ۽ ھٿيار ٺاھڻ جي فن کي ’لوهارڪو‘ ھنر چئجي ٿو، جنھن جو ذڪر ڪندي، شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:

ڪَٽُ ڪَڙهي لوهُه ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳَن،

مُتَرِڪَنِ مُنهُن ڪَڍِيا، سانداڻِيُون سَڪَنِ،

اَڄُ پُڻِ آڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 29، ص: 99)

لوهار جي ڪم جو سڄو دارومدار سادن ڪوئلن يعني اڱرن تي آھي. لوهار اڱرن/ڪوئلي کي ٻاري، ان ۾ لوهه کي وجھي، تپائي، ڳاڙهو ڪري پنھنجي مرضيءَ موجب ڪم آڻيندو آھي. اڳوڻي زماني ۾، لوهه کي پڪو ڪرڻ، اوزارن ۽ ھٿيارن کي ترڪيب سان پاڻي ڏئي، مضبوط ۽ تِکو بنايو ويندو ھو.

ھَئي! ٻَر اَڱارَنِ، ٻَڏاھِين ٻَرَن جي،

ھِڪُ کُوري کانئِيا، ٻيو ڌُوڌي مَنجھ ڌَڳِن،

پاڻان لُهارَنِ، ميڙي رَکِيا مَچَ لَئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان ٽيون، بيت 25، ص: 98)

سُر بروي سنڌيءَ ۾ پڻ شاھ لطيف، سھڻي تشبيهه ڏيندي، ’لوهار‘ جي ھنر جي ڳالھ ڪئي آھي:

ڪَڙو مَنجِھ ڪَڙي، جيئن لُهار لَپيٽِيو،

منهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرِيان سوگهو ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان ٻيو، بيت 5، ص: 767)

ملاح / مھاڻو/ گهاتو / ساٽي

ملاح کي ميربحر يا مھاڻو بہ چئبو آھي، جيڪو ٻيڙي ھلائڻ ۽ مڇي مارڻ جو پورهيو ڪندو آھي. ھي ھڪ قسم جو پورهيت آھي، جيڪو ھر مُند ۾ پنھنجي پورهئي جي ڳولا ۾ رڌل ھوندو آھي. شاھ لطيف ملاحن جي لاءِ ميربحر، ٻيڙياتا، مهاڻا، ماڇي، گندرا، ماڱر ۽ ساٽي لفظ بہ استعمال ڪيا آھن:

گهورِيندي گهورِ پِيا، اَگهورُ گهورِيائُون،

مَيڪَرُ مارِيائُون، مَلاحَنِ مُنهن سَنَرا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گھاتو، داستان پھريون، بيت 15، ص: 634)

ھِيريٖ ھَٿُ وِڌائِين، ويهِي ساٽِيَنِ وِچَ ۾،

نَوازَشِ نُورِيءَ جِي، آھي تَماچِي تائِين،

ويهِي ساٽَينِ وِچَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان پھريون، وائي، ص: 625)

سامونڊي ملاح پاڻيءَ جي پيچرن جا ماھر ھوندا آھن ۽ سمنڊ جا سڃاڻو ھوندا آھن.

آڳاٽي وقت ۾، مسافريءَ، سامان سڙو يا مال ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پھچائڻ لاءِ، اھم وسيلو ’پاڻي‘ ھوندو ھو. قدرت، سنڌ کي سنڌو درياءُ، ڍنڍن ۽ سنڌو ساگر جي سوکڙي ڏني ھئي ۽ مهاڻا، ملاح ۽ ميربحر پاڻين جا ڌڻي ھئا. شاھ لطيف، انهن پاڻيءَ جي ڌڻين کي، پنھنجي ڪلام ۾، جوڳي مڃتا ڏني آھي ۽ کين ٻيڙياتا، وڻجارا، ناکئا، ڪشتيبان ۽ مير جي نالن سان ياد ڪيو آھي:

ٻيڙِياتا! ٻيئِي، تو نہ ڦَٻَنديُون ڳالَڙِيُون

سَڄِيون راتِيُون سُمھِين، ڀَرُ سُکاڻ ڏيئِي

صُباحَ سَڀيئِي، پارِ پُڇَندَءِ خَبرُون.

(گربخشاڻي، ھوتچند مولچند،ڊاڪٽر (2012ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 14، ص: 140)

سِڙَههَ سَنوان، لاڄُو نَوان، مُهاڻا سَندَنِ مِيرَ،

ساٿِي سَفَرِ ھليا، ٿيا سَڻاوا سِيرَ،

جي اَچَنِ ساڻُ اُڪيرَ، سي ٻيڙا رَکين ٻاجَھه سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 13، ص: 156)

نيروٽي / رنگريز

ڪپڙي رڱڻ، ڇرڻ يا ڦلڙيون ڪڍڻ جي ھنر کي ’نيروٽڪو‘ يا ’کٽيئڪو‘ ھنر چئجي ٿو ۽ ان جي ڄاڻ رکندڙ ڪاريگر کي ’رنگريز‘ يا ’نيروٽي‘ ڪوٺجي ٿو.

ڪپڙي کي رڱڻ ۽ ڇرڻ ھڪ اھم پيشو آھي، جيڪو صدين کان سنڌ ۾ رائج آھي. سنڌ جي مکيه صنعتن مان نير پيدا ڪرڻ جي صنعت بہ پنھنجي ليکي گهڻي اھميت جي حامل ھئي، ڇو تہ يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ڪپڙي رڱڻ يا ڇرڻ لاءِ نير جي ضرورت پوندي ھئي. سنڌ جي سرزمين مخصوص طبعي حالتن ۽ آبهوا جي ڪري نير پيدا ڪرڻ لاءِ نھايت موزون ھئي، خاص طور تي سيوهڻ ۽ ننگر پارڪر ۾ باقاعدہ نير جي پوک ڪئي ويندي ھئي.

سنڌ ۾ نير جي پيدائش جو مکيه مرڪز سيوهڻ ھو، جتان ساليانو اٽڪل سوين مڻ نير پيدا ٿيندو ھو. ڪپڙي لاءِ ڪم ايندڙ ڪيترائي رنگ ۽ خاص ڪري نير سنڌ ۾ ئي پيدا ڪيو ويندو ھو. اھو نير ھاڻي بہ سوٽي ڪپڙي جي رڱڻ ۽ ڇرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي ۽ شاھ لطيف سنڌ جي ان پورهيت ’نيروٽيءَ‘ کي سُر ڪيڏاري ۾ امامن جي قصي ۾ بيان ڪندي ڳايو آھي:

مِيرَ مَدِينئان نِڪَري، آئِيا نَه موٽِي،

ڪارا رَڱِجِ ڪَپِڙا، اَدا نِيروٽِي!

آئون تَنِين لاءِ لُوٺِي، جي مِيرَ مُسافِرُ رانِئيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان پھريون، بيت 7، ص: 661)

واڍو

’واڍڪو ھنر‘ پڻ سنڌ جي ثقافت ۽ تھذيب جو اھم حصو آھي. واڍو، ڪاٺ گهڙي مختلف شيون ٺاھيندو آھي. مثال طور: کٽون، پلنگ، پينگها، ھندورا، ميزون، ڪرسيون، ٻارن جا رانديڪا، گهرو عام استعمال جا ٿانوَ، دريون، دروازا وغيرہ.

گهريلو سامان کان سواءِ، ھارپي جا اوزار، ڍڳي گاڏيون، نار، ھر، ھرلا ۽ ٻيون ڪيتريون شيون ٺاھيندو آھي.

شاھ لطيف، انهن واڍن جي ھنر جو ذڪر، پنھنجي ڪلام ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

دَنگِي وِچِ دَرياھَه، ڪِين ٻُڏي ڪِين اُپِڙي،

ھُو جي واڍي واڻِيا، سي سُونهَڻ سَڀِ سَڙِيا،

مُعِلمَ ماڳِ نہ اَڳِيين، ڦِلِنگِي مَنجِھ ڦِرِيا،

مَلاحَ! تُنھِنجِي مَڪڙِيءَ اَچِي چورَ چَڙهيا،

جِتي ڍِينگَ ڍَرِيا، تِتي تارِي تنھنجي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ٽيون، بيت 11، ص: 168)

سنڌ ۾ واڍن کي، مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جھڙوڪ ’واڍو‘، ’سوٽھڙ‘، ’ڊکڻ‘، ’لاکو‘، ’وگھامل‘ وغيرہ.

سنڌ ۾، درياھ ۽ سمنڊ ۾، سفر ڪرڻ لاءِ ٻيڙيون، ھوڙا، لانچون ۽ مڪڙيون استعمال ٿينديون آھن، جيڪي موهن جي دڙي مان پڻ دريافت ٿيا آھن، جيڪي سنڌ جي واڍن وڏي ڪمال ڪاريگريءَ سان ٺاھيا ھوندا.

وڻجارو / وڻج واپار ڪندڙ

سنڌ قديم زماني کان وٺي وڻج واپار جو مرڪز رهي آھي. شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، خشڪيءَ توڙي سامونڊي، ٻنهي طرح جي واپار جو ذڪر ڪيو آھي.

سنڌ جو واپار دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن سان ھلندو رهيو آھي. بابل، سمير جهڙن ڏورانهن ھنڌن جا واپاري/سوداگر ۽ وڻجارا سنڌ ۾ ايندا رهيا آھن ۽ ھتان جا واپاري واپار لاءِ ٻين ملڪن ۽ علائقن ۾ ويندا رهيا آھن. قديم دؤر ۾ ديبل ۽ لوٿل بندرگاھن تي وڏن واپارين جي رهائش جو خاص بندوبست ھوندو ھو، خاص طرح لوٿل بندر (گجرات لڳ) سوين ٻيڙا بيٺا ھوندا ھئا، جن مان سامان چاڙهيو ۽ لاٿو ويندو ھو.

ھنن جو سفر اڻانگو ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف، وِک وِک تي کين تياريءَ بابت تنبيهه ٿو ڪري تہ مڪڙيون مکيو، ٻيڙن کي ڪِل ھڻي مضبوط ڪريو. انهن کي مَک ڏيو ۽ انهن واپارين لاءِ سلامتيءَ سان واپس ورڻ جي دعا بہ ڪري ٿو.

سِڙَههَ سَوان، لاڄُو نَوان، اولا سَندَنِ عاجَ،

ساٿِي سَفَرِ ھَلِيا، ڀَري جُنگَ جَهاجَ،

حاصلُ ڪَرِيين حاجَ، واحِدَ! وَڻِجارَنِ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 12، ص: 155)

ھو سندن زالن کي وڻجاريون ڪوٺي ٿو ۽ سندن انتظار، اوسيئڙي ۽ سِڪ جو اظھار ڪري ٿو:

ڏِٺِي ڏِيارِي، سامونڊيَنِ سِڙَهه سَنباھِيا،

وِجھيو وَرُ وَنَجھ کي، رُوئـٖي وَڻِجارِي،

مارِيندَءِ، مارِي، پِرِهَه سوُرَ پِرِيَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 17، ص: 208)

شاھ لطيف نہ صرف پنھنجي شاعريءَ ۾ واپارين جو ذڪر ڪيو آھي، پر ھُو ڪھڙن ڪھڙن ملڪن ۾ واپار سانگي ويندا ھئا، اھو بہ ڄاڻايو آھي، مثال طور: مالابار، عدن، سريلنڪا ۽ جاوا.

تَنَ ۾ تَرازَ توهَه جِي، گَھڻُو لَههُ گهوري،

اَدَبَ ۽ اِخلاصَ جا، سِڙَهه ٻَڌِج سوري،

وَکَرُ وينَتِيُنِ جو، تنھن ۾ پاءِ توڙي،

تہ عادَنِئُون اوري، تنھنجو تَوائِي نہ ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان ڇھون، بيت 12، ص: 185)

خشڪيءَ رستي واپار

اھا پڻ خبر پوي ٿي تہ ان پيشي جي ماڻهن کي پنھنجي ڪم سان ڪيترو نہ چاھ آھي، جو ملڪن جا ملڪ سفر ڪندا ھئا. سنڌ ۾ خشڪيءَ رستي پڻ واپار ٿيندو ھو. ٻاھرين ملڪن ۽ علائقن کان اٺن جا قافلا سنڌ ۾ ايندا ھئا.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، پنھون کي پڻ سوداگر ڪري ڏيکاريو آھي جيڪو کٿوريءَ ۽ خوشبوءِ جو واپاري ھو.

شاھ لطيف چئي ٿو تہ:

ڪيچان آيو قافِلو، عَطرَ آندائوُن،

کَٿوُريِ خوُشُبوُءِ سينٖ، وَڻَ ٽِڻَ واسِيائُون،

پَسَنديِئِي پنھونءَ ڄامَ کي، وِسرِيُون وِڄائُون،

خيما کوڙِيائُون، وَرِيو بختُ ڀنڀورَ جو.

(قاضي، علامه, آءِ.آءِ.، (1986ع) ، ’رسالو شاھ عبداللطيف جو‘، سُر ديسي، داستان ٽيون، بيت 6، ص: 454)

سامونڊي واپار

شاھ لطيف واپارين جو ذڪر سُر سامونڊيءَ ۽ سُر سريراڳ ۾ تفصيل سان ڪيو آھي. ھن واپارين لاءِ مختلف لفظ ڪتب آندا آھن، ڪڏهن انهن کي سامونڊي چئي مخاطب ڪري ٿو تہ ڪڏهن وري سوداگر چوي ٿو، ڪڏهن کين ڌاڙيجا چوي ٿو تہ ڪڏهن وري کاري کيڙائو ڪري مخاطب ڪري ٿو، ان حوالي سان انگريز دؤر کان پوءِ سنڌ جو وکر ٻاھر کڻي وڃي وڪڻڻ وارن کي ’سنڌ ورڪي‘ ڪوٺيو ويو آھي. جيئن ھنن بيتن ۾ شاھ لطيف، وڻجارن کي ڌاڙيچو، سوداگر ۽ سامونڊي ڪوٺيو آھي:

چَمَڪِيُون چَوڌارَ، ڌَڄُون ڌاڙيچَنِ جِيُون،

ماءِ! سامونڊي آئِيا، سَھِسين ڪَري سِينگارَ،

اُنِين جِي پَچارَ، ڪالهونڪر ڪانگُ ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان پھريون، بيت 38، ص: 196)

سامونڊي واپار جو ذڪر ڪندي شاھ لطيف سڀ کان پھرين سوداگرن کي واپار ۾ دوکي بازيءَ ۽ دغابازيءَ کان دور رهڻ جي نصيحت ڪري ٿو ۽ کين سچائي ۽ ايمانداريءَ سان واپار ڪرڻ جي ھدايت ڪري ٿو:

مانَ پُڇَنِئِي سُپِرِين چِتَ ۾ چيتاريجِ،

ڪَڍِجِ ڪائِي ڪَچَ کي، ڪُوڙُ مَ ڪَمائيجِ،

وَڻِج وِهائِيجِ، سَڀُ سوداگَرَ، سَچَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان پھريون، بيت 4، ص: 154)

سنڌ جي سامونڊي بندرن تان لڳ ڀڳ دنيا جي ھر علائقي ڏانهن واپاري ٻيڙا مال سان ڀرجي ويندا ھئا ۽ خاص ڪري عرب ملڪن جا بندر تہ خاص سنڌي ٻيڙن ۽ واپارين جا مرڪز ھئا. سنڌو تهذيب واري دؤر ۾، موهن جي دڙي جا سُميري ۽ بابل سان واپار جا اُھڃاڻ لڌا ويا آھن.

شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾، سامونڊي واپار کي تفصيل سان بيان ڪيو آھي. شاھ لطيف، سامونڊين جي واپار لاءِ وڃڻ جي ڳالھ ھيئن ٿو ڪري:

لَڳِي اُتَرِ ھِيرَ، سامونڊِيَنِ سِڙههَ سَنباھِيا،

نَنگَرَ کَڻِي ناکُئا، ٿِيا سَڻاوا سِيرَ،

ھينئڙي نِتُ اُڪِيرَ، کاريٖ کيـٖڙائُنِ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٻيو، بيت 8، ص: 199)

وَڻِجاري جِي ماءِ! وَڻِجارو نہ پَلِيين؟

آيو ٻارهين ماھِ، پُڻِ ٿو سَفَرِ سَنبَھي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان ٽيون، بيت 13، ص: 207)

ھاري

سنڌ شروع کان وٺي زرخيز علائقو رهندي آئي آھي. شاھ لطيف جي زماني ۾، ھتي جي ماڻهن جو گهڻو تڻو دارومدار ٻنيءَ ٻاري تي ھو. زمين کيڙي، اناج اپائيندڙ کي ’هاري‘ چئبو آھي تہ ڪڙمي بہ چئبو آھي. ھيءُ بہ سنڌ جو اھم ترين پورهيو آھي.

شاھ لطيف، سُر سارنگ ۾، ھن پورهيت جو ذڪر ڪيو آھي:

سارَنگَ کي سَعيو، توکي سَعيو نہ ٿِئي،

گڙُي ٿو گُمانَ ۾، آيو ڪِي آيو،

ھارِين لَئي ھَرُ ھَرِ جاءِ ۾، ھادِيءَ ھَلايو،

مَتان ايئن ڀانئيو، تَھ بادَلَ آھِه بَسِ ڪِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 32، ص: 690)

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ھارين جو ذڪر ان ڪري ڪيو آھي، جو اُھو سندس دؤر جو سڀ کان وڌيڪ پيڙهيل ۽ ڏتڙيل طبقو ھو، جن کي وقت جي وڏيرن، جاگيردارن تہ پيڙهيو پر ٻاھرين حملو ڪندڙ حاڪمن پڻ لٽيو ۽ ڦريو. شاھ لطيف کي غريب ھارين جي زندگيءَ جي مڪمل ڄاڻ ھئي. برسات نہ پوڻ ڪري ھارين ۽ عام ماڻهن جي زندگيءَ تي جيڪي اگرا اثر پوندا ھئا، پاڻ انهيءَ صورتحال کان چڱيءَ ريت واقف ھو.

اَڄُ پُڻِ اُتَر پارَ ڏي، تاڙيٖ ڪِي تنوار،

ھارِين ھَرَ سَنباھِيا، سَرها ٿِيا سَنگهارَ،

اَڄُ پُڻ منهنجٖي يارَ، وَسَڻَ جا ويسَ ڪِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان پھريون، بيت 7، ص: 684)

ٿر، ڪاڇي ۽ ڪوهستان جا ھاري، اڀ ۾ اکيون پائي ويٺا ھوندا آھن، تہ من ڪي ڪڻيون ڪرن ۽ ھو ھر کڻي زمين کيڙين تہ کين سک ۽ سُڪار حاصل ٿئي.

شاھ لطيف، پنھنجي ڪلام ۾، ٿر جي ھارين جي غربت جو ذڪر ڪيو آھي. ٿر جي زمين تہ زرخيز آھي، پر پاڻي نہ ھئڻ ڪري فصل جو سڄو دارومدار برسات جي پاڻيءَ تي ھوندو ھو ۽ اڄ ڏينھن تائين سلسلو ايئن ئي ھلندڙ آھي.

جُهڙِ ڦُڙِ جِتِ ٿِيا، اُتِ اَڏِيائُون پَکَڙا،

ھِنَ منهنجي حالَ جو، قَدَرُ نہ ڪيڻانِ،

جـٖيڪُسِ آنءُ وِسَرِيانِ، مارُو قُوتِ قَرارِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ،’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان نائون، بيت 1، ص: 23)