آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي ۾ آيل تاريخي واقعا، لوڪ داستان ۽ ڪھاڻيون

شاھ جي رسالي ۾ آيل واقعا، لوڪ داستان ۽ ڪھاڻيون



سَسئي پنهونءَ جو قصو

سنڌ جي آڳاٽي روايت موجب، ھيءُ قصو، دلوراءِ جي دؤر جو آھي. ’تحفة الڪرام‘ ۾ ڄاڻايل آھي تہ، ھيءَ دلوراءِ واري وقت جي ڳالهہ آھي. محمد عارف ڪلهوڙي جي بيتن ۾ آھي تہ، ’واري دلوراءِ جي سڻ حقيقت ھيءَ‘. ’مثنوي گلزار واصل‘ جي مصنف پڻ ساڳي روايت کي ورجايو آھي. راوين جو چوڻ آھي تہ، دلوراءِ جي زماني ۾، سيوهڻ شھر ۾، نائون نالي ھڪ ٻانڀڻ رهندو ھو. وٽس ڌن دولت جي ڪمي ڪانہ ھئي، پر اولاد جو سڪايل ھو. ھڪ ڀيري زال مڙس، ٻنهي گڏجي اولاد لاءِ جوتشيءَ کان وڃي پوٿي پٽائي، جنھن ستارن جا حساب ڪري، ڍارا ھڻي ٻڌاين تہ اوهان کي ھڪڙي سدا ملوڪ چنڊ جھڙي نياڻي ٿيندي، پر سندس لِکيو ڪنھن مسلمان سان ٿيندو. اِھا ڳالهہ ٻڌي، ٻئي زال مڙس وسامجي ويا ۽ ماٺ ڪري گهر موٽي آيا. وقت گذرندو رهيو، برهمڻ جي زال اُميد سان ٿي، جوتشيءَ جي اڳڪٿيءَ موجب، کين ڌيءَ ڄائي ۽ کين پڪ ٿي تہ جوتشيءَ جو چيو سچ ثابت ٿيندو. پوءِ ٻانڀڻ، ڌيءَ کي مارڻ جو سوچيو، پر جوڻس کيس ايئن ڪرڻ کان جهليو. پوءِ بدناميءَ کان بچڻ لاءِ، نائون ٻانڀڻ، پنھنجيءَ چنڊ جھڙي ڌيءَ کي سينگاري سنواري، دل تي پٿر رکي، صندوق ۾ وجهي، درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو. صندوق لڙهندي لڙهندي اچي ڀنڀور شھر مان نڪتي. انهيءَ شھر ۾، محمد نالي ھڪ ڌوٻي رهندو ھو. وٽس مال متاع جي ڪمي نہ ھئي، پر اولاد جو سڪايل ھو. ان ڏينھن پرھ ڦٽيءَ مھل، محمد ڪپڙا کڻي تَڙ تي آيو تہ سندس نظر درياھ ۾ لڙهندڙ صندوق تي پئي ۽ ان کي ڪڍي ڪپر تي آندائين. ڪُلف کولي ڏسي تہ ھڪ سدا ملوڪ ٻارڙي ھونگڙيون پئي ڏئي. ڌوٻي، ٻارڙي ڏسي ڏاڍو سَرهو ٿيو ۽ ان کي گهر کڻي آيو ۽ مٿس، ’سسئي‘ (چنڊ جھڙي) نالو رکيائين. کيس لاڏ ڪوڏ سان نپائي وڏو ڪيائين.

سسئي اڄ ننڍي سڀان وڏي نيٺ اچي جوان ٿي. سندس سونھن ويتر نکري پئي، ماءُ پيءُ جي اکين جو ڄڻ تہ تارو ھئي. محمد کٽي، سسئيءَ لاءِ، ڀنڀور کان چار ڪلوميٽر اولهہ طرف سمنڊ جي ويجهو ھڪ باغ لڳايو، جتي سسئيءَ پنھنجين ساھيڙين سان گڏجي گهمڻ ويندي ھئي. ھن باغ جا آثار اڄ بہ، ’نئن گهگهر‘ جي ڪپ تي، ’سسئي جو باغ‘ جي نالي سان مشھور آھن.

انهيءَ زماني ۾ ڪيچ مڪران جو والي، ’ڄام عالي‘ (جنھن کي شاھ لطيف، ’ڄام آري‘ سڏيو آھي) بلوچن جي، ’هوت‘ قبيلي مان ھو. کيس پنج پُٽ ھئا: ھوتو، نوتو، ٻانهون، چَنرو ۽ پنهون. پنهون سڀني ڀائرن ۾ ننڍو، سھڻو ۽ سياڻو ھو. انهيءَ ڪري سندس پيءُ پنھنجي جيئري ئي کيس پنھنجو پڳدار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ سندس ٻئي ڪنھن بہ پُٽ ۾ ھن حڪومت ھلائڻ جي مڻيا ڪانہ ڏٺي. آري ڄام جو پنهونءَ سان گهڻو پيار ھو، کيس پل لاءِ بہ پاڻ کان ڌار نہ ڪندو ھو. ان دؤر ۾، ڀنڀور بندر، واپاري مرڪز ھو، جتي بخارا، ڪابل، قنڌار، ايران، مڪران. وغيرہ کان واپاري قافلا ايندا ھئا. ٻين واپارين سان گڏ، آري ڄام جا واپاري قافلا بہ سنڌ ڏانھن واپار سانگي ايندا ويندا ھئا. ھڪ دفعي، ھڪ قافلي سان پنهون بہ ساٿ سنڀاھي، عطر عنبير ۽ مشڪ جا مڻ اُٺن تي لڏي اچي ڀنڀور ڀيڙو ٿيو. سڄو ڀنڀور خوشبوءِ سان واسجي ويو. ڀنڀور ۾ ڳالهہ ھُلي وئي تہ ڪو عطر عنبير ۽ اعليٰ مشڪ آڻيندڙ قافلو آيو آھي. سسئي بہ سينگار ڪري پنھنجين ساھيڙين سان گڏجي، قافلي واري ھنڌ پھتي. جڏهن سسئي ۽ پنهونءَ ھڪٻئي کي ڏٺو تہ ڏسندي ئي ھڪٻئي تي موهت ٿي پيا. پوءِ تہ سسئي، پرينءَ جي پسڻ لاءِ روز بازار جا پئي ڀيرا ڪندي ھئي. نيٺ اِھو سڪ جو سلسلو وڌي وڻ ٿيو، اندر ۾ عشق اُڀامڻ لڳن. پنهونءَ، سسئيءَ جي سِڪ ڏسي، قافلي وارن کي ڪيچ موڪلي ڇڏيو ۽ پاڻ نينھن نڀائڻ خاطر ڀنڀور ۾ رهي پيو. نيٺ محمد کٽيءَ کان، سسئيءَ جو سڱ گهريائين. کيس جواب مليو تہ اسين پنھنجي راڄ ۾ ئي مائٽي ڪندا آھيون. پنهونءَ پاڻ کي ڌوٻي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪپڙا ڌوتا، جي کانئس ليڙون ليڙون ٿي ويا، پر پوءِ سسئيءَ جي صلاح سان، ھر ڌوتل وڳي ۾ ھڪ ھڪ سونو سڪو وڌائين، جيئن ڪير شڪايت نہ ڪري. ڪپڙا مالڪن تائين پھتا تہ ڪنھن بہ شڪايت نہ ڪئي. ان ريت پنهون، پرکا تي پورو لٿو ۽ سسئيءَ جو پيءُ، کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو ۽ مٿس ڪپڙا ڌوئڻ جو ڪم معاف ڪري، کيس پنھنجي ڪاروبار تي نظرداري رکڻ جي ذميداري ڏنائين. شاديءَ جا ڏينھن بہ ٻڌجي ويا، ھوڏانھن ڪيچ ۾ پنهونءَ جي پيءُ تائين اِھا خبر پھتي تہ پنهون کي ڌوٻياڻيءَ جو عشق ول جيان وڪوڙي ويو آھي ۽ شادي ڪري ڇڏي اٿس. تنھن تي ڄام عاليءَ پنھنجن پٽن کي حڪم ڪيو تہ جيترو جلدي ٿي سگهي، ڪنھن حيلي بھاني سان کيس موٽائي وٺي اچو. پنهونءَ جا ڀائر ڀنڀور پھتا، مڄاڻ اُھا پنهونءَ جي شاديءَ جي رات ھئي. پنهونءَ جي ڀائرن تہ بظاھر ڏاڍيون گهورون گهوريون، پر سندن من ۾ جيڪا مام رکيل ھئي، تنھن جي ڪل ڪنھن کي ڪانہ ھئي. ھڪ رات پنهون دير تائين ڀائرن کان حال احوال وٺندو رهيو ۽ ھوڏانھن، سسئي بہ پنهونءَ جو انتظار ڪندي سمهي پئي، پنهونءَ جا ڀائر پنهونءَ کي نشي واري شيءِ کارائي بيهوش ڪري، راتو رات اٺن تي چاڙهي ڪيچ روانا ٿيا. سسئي جو صبح سان اٿي ڏسي تہ نہ پنهون نہ ڏير، نہ ڪو اٺن جا پير. ويچارِي وڏا واڪا ڪيا. ساھيڙين ۽ سندس امڙ اچي کيس دلاسا ڏنا، تہ امر ۾ ايئن لکيل ھو، ڇا ٿو ڪري سگهجي! ڪن ميارون ڏنس تہ توکي ڪنھن چيو تہ پرديسين سان پيار ڪرِ. جيترا ھئا وات اوتريون ھيون ڳالهيون، پر سسئيءَ کي پنھنجي پيار تي اعتماد ھو. ڪنھن جي بہ نہ ٻڌائين ۽ سڀنيءَ کي کتو جواب ڏيندي، چيائين تہ، ’آءٌ پنھنجي ور پٺيان وينديس.‘ کيس سرتين سمجهايو، حيلا ھلايا تہ، چري نہ ٿي ور پٺيان وڃڻ جي وائي نہ ڪر، پر سسئي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري، گورن جي گسن تي ڪاھي پئي. ڪوهن جا ڪشالا ڪندي، جبلن جون چوٽيون سر ڪندي وڃي سنگهر جي پٽن ۾ پھتي، تہ اتي کيس ھڪ ڌراڙ گڏيو، جنھن جهنگ ۾ سُندر صورت واري ناري ڏٺي تہ بي ايمان ٿي پيو. سسئي ڳالهہ سمجهي وئي ۽ بدوءَ کان ڪَنجهي جو وٽو وٺي ان جي ھيٺان منڊيءَ سان ٽنگ ڪري کيس ڏيندي چيائين تہ ھن ۾ ٻڪرين جو کير ڏهي اچ. بدو کير ڏهڻ ويو تہ سسئيءَ رب کي عرض ڪيو تہ اي رب! ھن بدوءَ کان مون کي بچاءِ! قادر جي قدرت سان ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ سسئي ان ۾ اندر گهڙي وئي، پر سندس چنيءَ جو پلاند ٻاھر رهجي ويو، جيڪو ڄڻ تہ پنهونءَ لاءِ سنيھو ھو. جڏهن ٻڪرار اِھو واقعو ڏٺو تہ ڊڄي ويو، پوءِ ٻڪريون ڇڏي ان مڪان تي ھڪ قبر ٺاھي مجاور ٿي ويھي رهيو.

ھوڏانھن جڏهن پنهونءَ کي ھوش آيو تہ پوئتي موٽڻ جو ضد ڪيائين ۽ سندس اھڙي حالت ٿي پئي جو ڀائر بہ مجبور ٿي پيا ۽ ڀنڀور موٽڻ لاءِ راضي ٿيا. پنهون ڀائرن کان موڪلائي، ھڪ نوڪر لَلي سان اٺ تي چڙهيو، جڏهن سسئيءَ جي قبر جي ويجهو آيو تہ لَلي کي چيائين تہ اٺ جهيڪ تہ ھن لوڙھ کي ڏسون. پوءِ ويٺل مجاور کيس سڄي حقيقت ڪري ٻڌائي، تہ پنهونءَ جو اندر بہ اڌ ٿي پيو ۽ وڏي واڪي سسئي! سسئي! ڪري سڏڻ لڳو تہ قادر جي قدرت سان زمين وري ڦاٽي پئي ۽ پنهون بہ اندر ھليو ويو ۽ پرينءَ سان وڃي مليو ۽ ھن وقت ٻنهي جي ھڪ ئي قبر ٺھيل آھي.

روايت موجب، سندن قبر کان ڏيڍ ميل کن اولهہ ۾ ھڪ وڏو چورس پٿر پيل آھي، جنھن جي ھڪ ڪُنڊ ۾ ڀڳل وٽو اُڪريل آھي، جنھن بابت، چيو ويندو آھي تہ اھو وٽو ڪنجهي جيان وڄندو ھو!

سورٺ راءِ ڏياچ جو قصو

ھي قصو، يارهين صديءَ جي شروع جو آھي، جڏهن سنڌ ۾ عرب دؤر پڄاڻيءَ کي پھچي رهيو ھو. مقامي سومرا سماجي ۽ سياسي طور پاڻ ڀرا ٿي، اُڀري رهيا ھئا ۽ سنڌ جا سما، سنڌ مان وڌي ڪڇ، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ ۾ پنھنجون جدا جدا رياستون قائم ڪري چڪا ھئا. ڪاٺياواڙ ۾ چوڙن سمن (جاڏن سمن) جي حڪومت ھئي. راءِ ڏياچ چوُڙن سمن جي نُک مان ھو. سندس اصل نالو راءِ کنگهار ھو ۽ شاھ لطيف پنھنجي ڪلام ۾ کيس راءِ کنگهار جي نالي سان ياد ڪيو آھي، پر جڏهن سخا ۾ سِرَ جو ڏان ڏنائين، تڏهن ان انوکي ڳُڻ سببان کيس، ’ڏياچ‘ سڏيو ويو. ڪاٺياواڙ-گجرات جي ھڪ ٻئي قصي ۾ راجا ڏياچ کي، ’راءِ دياس‘ سڏيو ويو آھي. ڪن راءِ گهراڻي جي حاڪمن مان، ’راءِ ديو اجي‘ کي، ’راءِ ڏياچ‘ سڏيو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو تہ، دياس واري نالي پويان ڏياچ نالو رائج ٿيو ھوندو!

ھي قصو سمن جي دؤر ۾، ھنڌين ماڳين مشھور ٿيو. ھن قصي جون ٻہ روايتون عام مشھور آھن: ھڪڙي ڪڇ ڪاٺياواڙ جي روايت ۽ ٻي سنڌ ۾ ھلندڙ روايت.

سورٺ راءِ ڏياچ وارو ڪڇ - ڪاٺياواڙ وارو قصو

راءِ ڏياچ (راءِ دياس) سنڌي سمون چوڙا راجپوت ھو ۽ سورٺ سندس راڻي ھئي، ’جهوناڳڙه‘ سندس حڪومت جي گادي جو شھر ھو. راءِ ڏياچ 1003ع ۾ راءِ ڪوات جي لاڏاڻي کان پوءِ، تخت تي ويٺو.

ساڳئي دؤر ۾، سوراشٽر (ڪاٺياواڙ) جو حاڪم درلڀ سين سولنڪي (1010ع کان 1022ع) ھو. سندس ذات/پاڙو انهلواڙ پاٽن ھو، جنھن ڪري کيس انهلراءِ (انيراءِ) بہ چون ٿا. گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جا حاڪم ٻن نسلن کان وٺي پاڻ ۾ ڪونہ ٺھندا ھئا. جڏهن گجرات جون شھزاديون گرنار جي تيرٿن تي ياترا لاءِ وينديون ھيون، تڏهن جهوناڳڙھ ۽ ڪاٺياواڙ جا عملدار ۽ حاڪم کين پريشان ڪندا ھئا.

ھڪ ڀيري راجا درلڀ سين جي راڻي ۽ سندس ڌيءَ ودنا ديوي وڏي اٽالي سميت گرنار پھتيون ۽ مندر جي درشن لاءِ جبل تي ويون تہ، راءِ ڏياچ سندن رستو جهليو ۽ ڏن ۾ شھزاديءَ جو سڱ گهريو. راڻي موقعي جي نزاڪت ڏسي جند ڇڏائڻ لاءِ ھڪ مھيني کان پوءِ، شاديءَ جو وچن ڏئي ھلي وئي. راجا درلڀ پنھنجي بي عزتيءَ جو بدلو وٺڻ لاءِ سِٽُون سِٽڻ شروع ڪيون. ماٺ ميٺ ۾ سازش رٿي، ظاھري طرح شاديءَ جو بندوبست ڪيائين ۽ ٻڌل تاريخ تي ڪنواريتن جي پالڪين ۾ جنگي جوان ھڪ ھنڌ جمع ڪري راءِ ڏياچ کي قيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر راءِ ڏياچ کي اڳواٽ شڪ ٿي پيو ھو، سو ڪنھن نہ ڪنھن ريت محل جي سرنگھ مان لنگهي اچي اپرڪوٽ پھتو. ونٿلي شھر تي دشمن قبضو ڪري ويا. ونٿليءَ تي قبضي جي موقعي تي درلڀ کي خيال آيو تہ ھاڻي ھو جهوناڳڙھ کي فتح ڪري، سڄي ڪاٺياواڙ تي قبضو ڪري سگهي ٿو، ان ڪري ھڪدم وڏي فوج تيار ڪري جهوناڳڙھ تي ڪاھي آيو، پر ڪامياب نہ ٿيو. ھو ان آسري تي قلعي جو گهيرو ڪري ويھي رهيو تہ نيٺ ڪوٽ وارن جو اَن پاڻي ختم ٿيندو ۽ ھو پيش پوندا، پر قلعي ۾ اندر ان پاڻيءَ جا انبار ھئا، جيڪي ورهين تائين کٽڻ جا نہ ھئا.

ان موقعي تي ٻيجل سامهون آيو ۽ اچي دعويٰ ڪيائين تہ جيڪڏهن کيس جوڳو انعام ملي تہ ھو اڪيلي سر، راءِ ڏياچ جو سر آڻي سگهي ٿو. ٻيجل جي ھام تي درلڀ سين جهوناڳڙھ جو گهيرو ڇڏي موٽي ويو. ٻيجل قلعي اندر گهڙي راءِ ڏياچ جي ساراھ ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. راءِ ڏياچ کي ٻيجل جي سُرن موهي وڌو ۽ پاڻ کي وڃائي ويٺو. ٻيجل کي چيائين، ’گُهر جيڪو گهرڻو اٿئي!‘ ٻيجل ھٿ جوڙي عرض ڪيو، ’آءٌ گهُران تہ گهڻو ئي، جي انڪار ڪندؤَ تہ گلا ٿيندي‘، راءِ ڏياچ چيو، ’آءٌ توکي وچن ٿو ڏيان تہ جيڪي بہ گهرندين سو ملندءِ!‘ تنھن تي ٻيجل سر گهرڻ جي صدا ھنئي. کيس ماءُ ۽ ڀيڻ ھمٿايو ۽ ايئن راءِ ڏياچ وچن پاڙيو ۽ منگتي جو عرض اگهيو. ٻيجل اِھا سِسيءَ کڻي گجرات جي راجا کي ڏني ۽ اُن وقت جي رسم موجب، سورٺ، راءِ ڏياچ سان گڏ، چکيا تي چڙهي.

سورٺ راءِ ڏياچ وارو سنڌي قصو

راوين جو چوڻ آھي تہ، راءِ ڏياچ جهوناڳڙھ تي راڄ ڪندو ھو. سندس ڀيڻ کي ڪنھن فقير جي دعا سان پٽ ڄائو. کيس فقير ٻڌايو تہ سندس پُٽ راءِ ڏياچ جي سِسِي ڌڙ کان ڌار ڪندو. ان ڳالهہ تي راءِ ڏياچ جي ڀيڻ ويچار ۾ پئجي وئي. نيٺ ھانوَ تي پٿر رکي پُٽ کي صندوق ۾ وجهي لوڙهي ڇڏيائين. اُھا صندوق لڙهندي اچي انيراءِ جي ملڪ ۾ ھڪ چارڻ کي ھٿ لڳي. چارڻ ٻار نپائي وڏو ڪيو ۽ مٿس نالو، ’ٻيجل‘ رکيائين.

جڏهن ٻيجل ڄائو ھو، تڏهن راجا انيراءِ کي پڻ ھڪ ڌيءَ ڄائي ھئي. کيس اڳئي گهڻيون ڌيئرون ھيون، تنھن ڪري انيراءِ پنھنجي ڌيءَ کي لوڙهي ڇڏيو، جا وري راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ رتني ڪنڀار کي ھٿ آئي. رتني ڪنڀار، نينگرِ کي ڌيءُ ڪري پاليو ۽ مٿس نالو، ’سورٺ‘ رکيو. سامائجڻ کان پوءِ، سورٺ جي سونھن جي ھنڌين ماڳين ھاڪ ٿي. اِھا خبر جڏهن راجا انيراءِ کي پھتي، تڏهن ھن رتني ڪنڀار کان سورٺ جو سڱ گهريو. جڏهن اِھا خبر راءِ ڏياچ کي پئي، تڏهن سورٺ کي کڻائي محل ۾ آندو ۽ ساڻس شادي ڪري ويھي رهيو. انهيءَ تي راجا انيراءِ وڏو لشڪر وٺي جهوناڳڙھ تي ڪاھي آيو. ٻارنهن مھينا جهوناڳڙھ کي گهيرو ڪيائين، پر جڏهن ڪجهہ نہ وريس، تڏهن پنھنجي ملڪ ۾ پڙهو گهمايائين، تہ جيڪو راءِ ڏياچ جو سِر پيش ڪندو، تنھن کي ٿالهہ اشرفين جو اڳواٽ ۽ اڌ راڄ ڀاڳ، پوءِ ڏنو ويندو. ٻيجل جي زال پنھنجي مڙس جي اعتبار تي اشرفين جو ٿالھ وٺي رکي ڇڏيو. کيس يقين ھو تہ جڏهن ٻيجل جي سُرندي آڏو پکي ۽ جانور سِرُ جهڪائي ٿا ڇڏين تہ ھي راجا ڇا آھي! ٻيجل گهر آيو ۽ زال کيس احوال ڏنو، پوءِ ٻيجل سُرندو سينگاري پيرين پنڌ جهوناڳڙھ نڪري پيو. جهوناڳڙھ پھچي ھن سُرندو سوريو، جنھن ٿي آلاپ ٻڌو، تنھن ٿي سندس ساراھ ڪئي. ھڪ ڏينھن کيس راءِ ڏياچ وٽ پيش ڪيو ويو ۽ جڏهن محل ۾ سُرندو سوريائين تہ سندس سُرن تي راجا موهجي پيو ۽ سندس قدرداني ڪندي چيائين، ’چارڻ گهر! جيڪو گهرڻو اٿئي‘. ٻيجل اھڙو ڪُڇي جھڙي ڀت، ويٺو وري تندون تنوارڻ. راءُ وري ڪجهہ گهرڻ لاءِ چيو تہ ٻيجل وراڻيو تہ، ’آءٌ ڪو معمولي مڱڻھار ناھيان. مون وٽ مال متاع جي ڪمي ڪونهي، باقي جيڪو گهرڻو اٿم، سو شايد اوهان ڏيڻ کان انڪار ڪريو. مان اوهان کي ڏٺو ٿيڻ نہ ڏيندس.‘ راءُ ڏياچ وچن ڏنو، تڏهن ٻيجل سِرِ گهرڻ جي صدا ھنئي. راءُ ڏياچ اچرج ۾ وجهندڙ سندس ان گُهر تي حيران ٿيو ۽ سِرِ کي سُرن کان ھيچ سمجهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو. جڏهن سورٺ کي خبر پئي تہ ھن ٻيجل کي گهڻيون ئي آزيون نيزاريون ڪيون، پر منگتو ھو سِر جو سوالي. راءُ ڏياچ سُرن تي سِر ڏنو. ٻيجل وڍيل سر راجا انيراءِ کي پيش ڪيو. انيراءِ، راءِ ڏياچ جي سخاوت ڏسي پشيمان ٿيو ۽ ڪاوڙ وچان ٻيجل کي ملڪ نيڪالي ڏئي ڇڏيائين. ٻيجل واپس وريو ۽ انهيءَ باھ جي اوڙاھ ۾ ڌُوڪي پيو، جنھن ۾ سورٺ، راءِ ڏياچ جي ڌڙ سان چکيا تي پئي چڙهي.

سُهڻي ميھار جو قصو

سُهڻي ميھار جي قصي بابت، مختلف روايتون موجود آھن. ڪن محققن جو خيال آھي تہ، ھي قصو نھايت آڳاٽو آھي ۽ اصل سنڌ سان تعلق رکي ٿو، جيڪو پوءِ پنجاب پھتو، جتي ان ۾ ماحول موجب، ڪجهہ ڦيرگهير ڪئي وئي. ڪجهہ ٻين روايتن موجب، ھي قصو اصل پنجاب جو ظاھر ڪيو وڃي ٿو، جيڪو سنڌ جي شاعرن اتان ورتو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي راءِ آھي تہ پنجاب جو قصو ھڪ سنئون سڌو معاشقو آھي، جنھن ۾ ڪابہ حقيقي لئون لڪل ڪانهي.

پنجاب ۾ ھي قصو پوئين دؤر ۾، اُسريو ۽ جن بہ شاعرن پنجابي، فارسي يا اردوءَ ۾ ھن قصي کي منظوم ڪيو، سي بہ نسبتاً پوئين دؤر جا آھن. پنجابيءَ ۾ سڀ کان پھرين ھاشم شاھ (ولادت: 1166ھ) ھن قصي کي منظوم ڪيو. ان کان پوءِ، سال 1265ھ/1849ع ۾ فاضل شاھ، حُسين تبسم (1256ھ/1842ع) ۽ ٻين شاعرن ان کي فارسي ۽ اردوءَ ۾ لکيو. ھن قصي جو تعلق شاھجھان جي دؤر (1627ع-1655ع) سان ڄاڻايو وڃي ٿو.

پنجاب جو ھي قصو شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، منظوم ٿيو، پر سنڌ ۾ سُهڻيءَ بابت، شاھ لطيف کان اڳ ميين شاھ عنات جا بيت بہ ملن ٿا ۽ ان کان بہ اڳ ميين شاھ ڪريم جي ملفوظات ۾ سُهڻيءَ بابت، بيت موجود آھن. مطلب تہ سنڌ جو ھي قصو تاريخي قدامت ، سٽاءُ ۽ بناوت، توڙي ڪردارن جي عظمت جي لحاظ کان ھڪ آڳاٽو شاھڪار آھي.

سنڌ جي آڳاٽين روايتن موجب، ’سُهڻي ميھار‘ جو قصو دلوراءِ بادشاھ جي زماني جو آھي، جو عربن جي دؤر جي آخر ۽ سومرن جي دؤر جي شروعات (11-12 صدي عيسوي) ڌاري ٿي گذريو. سمن جي دؤر ۾، ھن داستان بابت، ڳاھون ۽ بيت مشھور ھئا ۽ ان دؤر ۾، سنڌ ۾ ھن قصي گهڻي مقبوليت ماڻي.

پوئين ويجهي دؤر ۾، ڪيترن ئي عالمن ۽ محققن جھڙوڪ: ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، غلام محمد شاھواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شيخ اياز جھڙن لائق لکندڙن بہ سُهڻي ميھار واري قديم سنڌي قصي کان بي خبريءَ سببان، پنجاب واري قصي کي ئي، ’سُهڻي ميھار‘ جو قصو ڪري سمجهيو آھي. پنجاب وارو قصو سنڌ واري قصي کان بنھ مختلف آھي، جو ڪجهہ ھن ريت آھي.

سُهڻي ميھار جو پنجاب وارو قصو

سُهڻي تُلا نالي ھڪ ھاڪاري ڪنڀر جي ڌيءَ ھئي، جو شاھجھان جي زماني ۾ پنجاب جي شھر گجرات ۾ رهندو ھو. ميھار جو اصل نالو عزت بيگ ھو، جيڪو ڪنھن درويش جي دعا سان ڄائو ھو. سندس پيءُ مرزا عالي بيگ بخارا شھر جو وڏو واپاري ھو.

مرزا عزت بيگ گهمڻ سانگي ھندوستان آيو ۽ گهمندي ڦرندي اچي گجرات کان نڪتو. تُلا جي مھارت ۽ ھن جي ٿانون جي تعريف ٻڌي، نوڪر کي سوکڙيءَ طور سهڻن ٿانون وٺڻ لاءِ روانو ڪيائين. ڪنڀر جي گهر ۾ سُهڻيءَ جھڙي حَسين نينگري ڏسي، نوڪر حيران ٿي ويو. مالڪ وٽ ايندي ئي سُهڻيءَ جي سونھن جا ڍڪ ڀريائين. اِھو احوال ٻڌي عزت بيگ اڻڏٺي مٿس موهجي پيو. پوءِ ڪنھن بھاني سندن ملاقات ٿي. سُهڻيءَ سان لنؤ لڳڻ بعد، ھو وطن ورڻ جو خيال لاھي، ٿانون وڪڻڻ جو دوڪان کولي ويھي رهيو. تُلا کان ٿانوَ وٺڻ جي بھاني روزانو سُهڻيءَ جو ديدار نصيب ٿيندو ھوس. جي ٿانوَ روز نہ کپندا ھئس تہ سستي اگهہ تي وڪڻي بہ تلا جي گهر وڃڻ جو بھانو ڪڍندو ھو. ايئن ڪرڻ سان پاڻ کي ڦرائي ڪنگال ڪري وڌائين. جڏهن سندس نوڪرن ڏٺو تہ عزت بيگ وطن واپس ورڻ جي ڳالهہ ئي نٿو ڪري، تہ اُھي کيس ڇڏي پنھنجي وطن روانا ٿي ويا.

ھاڻي عزت بيگ، تُلا کان اوڌر تي ٿانوَ وٺڻ لڳو، پر جڏهن قرض وڌي ويو تہ قرض لاھڻ لاءِ تُلا وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو. جڏهن تُلا ڏٺو تہ ڪنڀارڪي ڪرت عزت بيگ جي وس کان ٻاھر آھي تہ، کيس مينھون چارڻ لاءِ ڏنائين، ان ڪري مٿس، ’ميھار‘ نالو پئجي ويو.

ھڪ ڏينھن وجهہ وٺي سُهڻيءَ سان پنھنجي پريت جو احوال اوريائين تہ سُهڻي بہ مٿس فدا ٿي پئي. جڏهن سندس روح رهاڻ جي خبر، سُهڻيءَ جي ماءُ کي پئي تہ ھن کيس سمجهايو، پر سُهڻيءَ، سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي. جڏهن اِھا خبر، تُلا کي پئي تہ ھن ميھار کي ڳوٺ نيڪالي ڏئي سُهڻيءَ کي پنھنجي ڀائٽي، ’ڏم‘ سان پرڻائي ڇڏيو.

ميھار، درياھ جي ٻئي ڪپ تي دونھين دکائي ويھي رهيو ۽ روز رات جو مڇي کڻي، چناب درياھ ٽپي، اچي سُهڻيءَ سان ملاقاتي ٿيندو ھو. ھڪ ڏينھن کيس مڇي نہ ملي تہ پنھنجي ران مان گوشت جو ٽڪر وڍي اچي، انجام موجب، سُهڻيءَ سان ملاقاتي ٿيو. سُهڻي سندس قرباني ڏسي، متاثر ٿي پوءِ پاڻ روزانو رات جو دلي تي تري وٽس ويندي ھئي. ھڪ رات اِھو لقاءُ سندس نڻان ڏٺو ۽ اچي ماءُ سان حال ڪيائين، جنھن سُهڻيءَ کي سمجهايو، پر سُهڻيءَ پريت جي پچر ڪانہ ڇڏي. جڏهن اِھا خبر، ’ڏم‘ کي پئي تہ اچي ممڻ متو، پر سُهڻي ڪانہ مڙي. نيٺ ھڪ رات سندس نڻان پڪي گهڙي جي جاءِ تي ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو. جيئن ئي رات جو سُهڻي درياھ ۾ گهڙي تہ گهڙو ھو ڪچو، سو ڀرڻ لڳو. سُهڻيءَ ٻُڏندي ميھار کي سڏ ڪيا. ميھار مدد لاءِ ملاحن کي پڪاريو، پر چناب جي موجن آڏو ملاح بہ مُنجهي پيا. نيٺ ميھار پاڻ سير ۾ گهڙي پيو ۽ وڃي سُهڻيءَ سان ھڪ ٿيو.

سُهڻي ميھار جو سنڌ وارو قصو

دِلو راءُ بادشاھ جي زماني ۾ سنڌو درياھ جي ڪنڌيءَ سان، ’سامٽيا‘ قبيلي جا ماڻهو رهندا ھئا. منجهائن، ’جرڪت‘ سامٽيي کي، ’سُهڻيءَ‘ نالي ھڪ ڌيءُ ھئي. سُهڻي رڳو نالي ۽ صورت ۾ سُهڻي ڪانہ ھئي، پر سيرت ۾ بہ سُهڻي ھئي. وهيءَ چڙهي تہ ڪيئي جوان مٿس موهجي پيا ۽ سندس سڱ گھرڻ لڳا، پر ڀاڳ وريو ’ڏم‘ جو، جنھن کي سُهڻيءَ جي مائٽن، سُهڻيءَ جو سڱ ڏيڻ قبوليو. ڏم، ذات جو واھوچو ھو ۽ واھوچن جي چڱي مڙس جو پُٽ ھو. ڏم نہ رڳو شڪل جو ڪوجهو ھو، پر مَت جو بہ مُوڙهل ھو. درياھ جي ٻئي ڪَپَ تي سندن ڳوٺ ھو.

ناھري مھيني جي چوڏهين رات سندن شاديءَ جي تاريخ مقرر ٿي. ڏم جا مائٽ ڄڃ ڪري، گهوڙن ۽ اٺن تي، دھلن دمامن ساڻ نچندا ٽپندا پتڻ تي آيا ۽ پتڻ اڪري سُهڻيءَ جي ڳوٺ آيا. رات جو شادي ٿي ۽ صبح جو ڄڃ، ڪنوار وٺي رواني ٿي ۽ ڳائيندا وڄائيندا پتڻ تي پھتا، جيسين پتڻ جو پوُر اچي، تيسين گهڙي کن اتي ترسي پيا. اُتي سھاڳڻين صلاح ڪئي تہ ڇو نہ باقي جيڪي سنوڻ گهوٽ ڪنوار جا رهيل آھن، سي ھتي ئي پورا ڪجن. اِھو خيال ڪري سمورا ساٺ سنوڻ ڪيائون، باقي گهوٽ ۽ ڪنوار کي کير پيارڻ جو سنوڻ وڃي رهيو، جنھن لاءِ کير جي ڳولا ڪيائون. جنھن ھنڌ ڄڃ اچي منزل ڪئي ھئي، اتفاق سان اُتي مينھن جو ھڪ وڏو وٿاڻ ھو. ڄاڃين مان ڪي اچي وٿاڻ تي پھتا ۽ کير جي گهرُ ڪيائون تہ ميھار چين، ھن وقت مينھون ٻيلي ۾ پيون چَرن، ترسي اچو پوءِ کير کوڙ، باقي ھن وقت جيڪا سرڪي بچيل آھي، سا حاضر آھي، سا ڀلي کڻي وڃو. ڄاڃي اُھا کير جي بچيل سُرڪي کڻي پھتا ۽ سَنوَڻ پورو ڪرڻ خاطر سُهڻيءَ کي پياريائون. سُهڻيءَ اھا سُرڪ ڇا پيتي، ساھڙ ساھ ۾ سمائجي ويس. چون ٿا اُھا سُرڪ چئن درويشن جي ان کير مان بچايل ھئي، جيڪو ميھار کين مهماني طور پيش ڪيو ھو.

سُهڻيءَ جي من ۾ محبت جو مَچ ٻرڻ لڳو. گهوٽ ڪنوار گهر آيا تہ ڳوٺ ۽ پاڙي ۾ خوشيون لڳي ويون، پر سُهڻي انهن خوشين جي ماحول ۾ ملول ھئي. کيس تن من ۾ ميھار جي تانگھ ھئي، پوءِ تہ نڪي ڪڇي نڪي پڇي. سڀني ايئن سمجهيو تہ نئين ڪنوار آھي، پنھنجي اباڻن کان وڇڙڻ جو ارمان اٿس، تنھن ڪري ڌيان ئي ڪونہ ڏنائون. سوچيائون پئي تہ ٻن چئن ڏينھن ۾ پاڻهي گهوٽ ڏانھن مائل ٿي ويندي، پر سُهڻيءَ کي اندر ۾ جيڪو آزار ھو، تنھن جي ڪل، ڪنھن کي ئي ڪانہ ھئي ۽ نڪي پاڻ ئي ڪنھن سان سَليائين. رڳو درياھ جي پرينءَ ڀر وڃڻ لاءِ اُتاولي ھئي. جڏهن کيس ڪا راھ نہ ملي تہ ھمت ڪري آڌيءَ رات جو اُٿي دلو کنيائين ۽ گهران رواني ٿي، اچي درياھ جي ڪپ تي پھتي، پوءِ تہ سر جو سانگو لاھي، درياھ ۾ گهڙي پئي ۽ دلي تي ترندي وڃي ٻيءَ ڀر پھتي ۽ وڃي ميھار سان ملاقاتي ٿي. محبت جي ميل برھ جي باھ کي ٿورو جهڪو ڪيو، روح کي راحت ملي ۽ ميھار سان وري ملڻ جو واعدو ڪري، ترندي اچي ھن پار پھتي ۽ دلو کڻي سر جي ٻُوڙي ۾ لڪائي رکيائين. اڃا پرھ ڪانہ ڦٽي ھئي ۽ اچي گهر پھتي. پوءِ تہ دستور موجب، روز رات جو پيار جا پانڌيئڙا ملندا رهيا. جڏهن اِھا خبر سندس سس کي پئي تہ اندر ۾ سڙي کامي وئي، اندر ۾ وڍ پوڻ لڳس، کيس سمجهائڻ لڳي تہ اِھو ونيءَ جو وڙ ناھي. جڏهن سُهڻي ڪانہ مُڙي تہ ڏم سان حال اوريائين، پوءِ تہ ڏم اچي ڏمريو، پر سُهڻي ساھڙ جي سڪ ۾ پاڻ وڃائي ويٺي ھئي.

جڏهن سس ڏٺو تہ سُهڻيءَ جي اِن روش کين راڄ ڀاڳ ۾ ڏاڍو خوار ڪيو آھي تہ پوءِ لوڪ جي طعنن کان تنگ ٿي ھڪڙي ڪنڀار وٽ آئي ۽ ان کي سموري حقيقت کان واقف ڪري چيائين تہ، ’جنھن دلي تي سُهڻي تري اچي ٿي، اھڙو ساڳيو ڪچو دلو، ساڳين چٽن سان ٺاھي ڏي. ڪنڀار ھائو ڪئي، پوءِ ھن کيس سُهڻيءَ وارو دلو ڏيکاريو. ڪنڀار ھو وڏو ڪاريگر، سو بلڪل اھڙو دلو ٺاھي، مٿس ساڳيا چِٽ گُل رکي ڏنائين. سُهڻيءَ جي سس اِھو ڪچو دلو کڻي اچي ٻوڙي ۾ ساڳي جاءِ تي رکيو ۽ اتان پڪو دلو کڻي گم ڪري ڇڏيائين. سُهڻي دستور موجب، رات جو درياھ ڏانھن رواني ٿي. چون ٿا اُھا مَگهر (ناھري) مھيني جي اوڻٽيهين تاريخ واري رات ھئي. ھڪ سخت سيءُ، ٻيو جُهڙ ۽ مينھن، اوندھ انڌوڪار اھڙي ھئي، جو ھٿ نہ ڏسي ھٿ کي، کيس ڪجهہ بہ نظر نٿي آيو. سُهڻي آسمان ۾ ڏٺو تہ تارا نظر نہ آيس، ڀانيائين تہ دير ٿي وئي آھي، متان ميھار انتظار ڪري ھليو ويو ھجي، اِھو خيال ڪري تڪڙو سر مان دلو کڻي درياھ ۾ گهڙي پئي، بس اڃا ٿورو ئي تري تہ ڪچي دلي سٽ ڪانہ جهلي ۽ ڀيلو ڀرڻ لڳو. ھيءُ حال ڏسي، موت اکين آڏو ڦرڻ لڳس، تڏهن بہ ھٿ پير ھڻڻ لڳي ۽ وڏا وس ڪيائين تہ ڪنھن پر سير پار ڪري وڃي ميھار سان ملي، پر لهرن جي لپيٽن کيس سگهو ئي ساڻو ڪري ڇڏيو. ھٿ پير ھڻندي سندس چُوڙا ٻِيڙا لڙهي لهوارا ٿيا ۽ پوءِ ميھار کي سڏ ڪيائين. ميھار بہ اچي پھتو ۽ سُهڻيءَ کي ٻُڏندي ڏسي ملاحن کي سڏيائين، پر ان رات درياھ جي دھشت کان دھلجي ملاح بہ پٺئين پير روانا ٿيا، ميھار بہ ڪو وسيلو نہ ڏسي، سُهڻي کي بچائڻ خاطر درياھ ۾ گهڙي پيو ۽ وڃي سُهڻيءَ سان ھڪ ٿيو. سندن قبرون اڄ بہ شھدادپور سنڌ ۾ موجود آھن.

عمر مارئيءَ جو قصو

ھيءُ قصو، سومرن جي دؤر (1050ع کان 1350ع) ۾، عمر سومري جي حڪومت ۾ اُسريو. ھي داستان نيم تاريخي داستان آھي، ان ڪري ان ۾ ڪيترن ئي تاريخي ۽ جاگرافيائي اھڃاڻن جي تصديق ڪرڻ مشڪل آھي. بھرحال مختلف ڪتابن ۽ راوين جيئن ھن قصي کي بيان ڪيو آھي، ان مان ڪي نتيجا ڪڍيا ويا آھن. تاريخ جي ماخذن ۾، عمر سومري نالي ٻن حڪمرانن جا نالا ملن ٿا. سومرن جي سربراھ قبيلن ۽ سندن فقيرن وٽ سومرا حڪمرانن جي نسب نامي بابت، جيڪي روايتون ھلندڙ آھن، تن مان ھڪ خاص روايت اِھا آھي، جنھن کي مرحوم قلندر بخش صوفيءَ جي سرپرستيءَ ھيٺ مولوي عبدالرحيم سومري (ويٺل زنگي پور، تعلقي ٺُل) پنھنجي فارسي مثنوي، ’گلزار سنڌ‘ ۾ منظوم ڪيو ۽ جنھن جو سنڌي نثر ۾ ترجمو، مرحوم مولوي عبدالله ’شائق‘ سومري، ’دولت علويه‘ نالي سان ڇپايو. ان روايت موجب، عمر پھريون (جلال الدين عمر) خفيف بادشاھ کان پوءِ، تخت تي ويٺو ۽ حڪومت جو سال 1160ع ڄاڻايل آھي، عمر ٻيو (فخرالدين عمر) ڀونگر بادشاھ کان پوءِ، گادي نشين ٿيو ۽ سال 1373ع ۾ تخت ڇڏي، گوشه نشيني اختيار ڪيائين. انهيءَ روايت موجب، مارئيءَ وارو عمرسومرو (ٻيو) ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مشھور سنڌي قصن ۾ جيڪي بہ سگهڙن جون روايتون ڏنيون آھن، اُھي ان ڳالهہ جي ساک ڀرين ٿيون تہ عمر سومرو، ھمير سومري جو پُٽ ھو ۽ سومرن جي آخري دؤر ۾، سنڌ جو حڪمران ٿي گذريو. مارئي پالڻي نالي ھڪ ٿريءَ جي ڌيءَ ھئي، سندس ماءُ جو نالو ماڏوئي ھو. ھي مسڪين مارو ماڻهو ھئا، جن جو گذر سفر چوپائي مال تي ھو، ٿورو ٻنيءَ ٻاري جو ٽڪر بہ ھئن. ڦوڳ سندن نوڪر ھو، جيڪو مال بہ چاريندو ھو تہ ٻنيءَ جي ڪم ڪار ۾ بہ ھٿ ونڊائيندو ھو. مارئي ننڍپڻ کان ئي سونھن ۾ سرس ھئي ۽ جڏهن جوان ٿي تہ سندس حسنؑجي ھاڪ چوڌاري پکڙجي وئي. ڦوڳ، جو سندن ڌنار ۽ ھاري ھو، سو بہ مارئيءَ تي موهجي پيو ۽ اک وجھيو ويٺو ھو تہ، اِھو سڱ ڇڪايان. ھڪ ڏينھن وجهہ وٺي پالڻي کان مارئي، جي ٻانهن گهريائين، پر پالڻي کيس انڪار ڪيو ۽ مارئيءَ جي ٻانهن برادريءَ جي، ’کيت سين‘ کي ڏني. ڦوڳ کي ان مائٽيءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي. انهيءَ ڳالهہ جو وير وٺڻ لاءِ رٿون رٿيائين ۽ ساڙ وچان وڃي عمرڪوٽ نڪتو. ان وقت ٿر واري حصي تي عمر سومرو راڄ ڪندو ھو. سو ڦوڳ وڃي عمر جي درٻار ۾ فريادي ٿي پھتو ۽ ھٿ ٻڌي بادشاھ سان اڪيلائيءَ ۾ ڳالهہ ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين، جيڪو قبول پيو. درٻار ختم ٿيڻ کان پوءِ، عمر بادشاھ کيس اڪيلائيءَ ۾ گهرايو. جڏهن کانئس ماجرا پڇيائين تہ ھُن مارئيءَ جي سونھن ۽ سوڀيا جي صفت شروع ڪئي ۽ عمر بادشاھ کي ھرکايائين تہ مارئيءَ جھڙي سونھن تہ ھن محلات ۾ ئي سونھي. عمر بادشاھ کي اھڙو تہ اتاولو ڪيائين،جو ھو اڻ ڏٺو مارئيءَ تي موهجي پيو ۽ دل ئي دل ۾ کيس پٽ راڻي بنائڻ جا پھَه پچائڻ لڳو. نيٺ ھڪ ڏينھن ويس بدلائي، اٺ پلاڻي ڦوڳ سان گڏجي ملير روانو ٿيو ۽ ٻہ ٽي منزلون ڪري اچي، ملير (ڀالوا) کي ويجهو پھتا. اِھو ارادو ڪيائين تہ مارئيءَ کي پاڻي ڀريندي ئي کوھ تان کنڀي کڻڻ گهرجي، سو اِھا ڳالهہ ڳڻي اچي کوھ جي ويجهو لڪي ويٺا.

ٿاريلا کوھ ھڪ تہ اونها ۽ ٻيو پاڻي منجهن پورو پنو، سو پاڻهياريون ٻيلهہ دلا کڻي، منھن اونداھيءَ اچي پنھنجي واري جو انتظار ڪن. جي ڪنھن ويسريءَ کي دير ٿي وڃي تہ پوءِ ڀل سج اڀري تائين پنھنجي واري جو انتظار ڪندي رهي. سو مارئي ويچاري بہ ٻين سرتين وانگر سوير ئي کوھ تي پاڻي ڀرڻ ايندي ھئي، پر ان ڏينھن قضا سان سندس اک دير سان کُلي، سو اٿندي ئي ٺلها دلا مٿي تي ڪري کوھ تي پھتي تہ سندس سڀ ساھيڙيون پاڻي ڀري وڃي چڪيون ھيون. باقي ڪا ھڪ ٻہ بچيل ھئي، سا بہ وڃڻ جي سانباھن ۾ ھئي. ڦوڳ؛ مارئيءَ جي ايندي ئي عمر کي سمجهائي ڇڏيو تہ مارئيءَ کان پاڻي گهرڻ بھاني کيس کنڀي کڻي اُٺ تي چاڙهج، پوءِ عمر اُٺ ھشائي کوھ وٽ پھتو. مارئي اوپرو ماڻهو ڏٺو تہ ڇرڪجي پئي. عمر چيو، اڃارو آھيان پاڻي گهرجي، سو مارئيءَ کي ڪھل اچي وئي ۽ جيئن ئي پاڻي کڻي آئي تہ عمر بادشاھ بہ نہ ڪئي ھَمَ نہ تمَ؛ کنڀي کڻي کيس اُٺ تي سٽيائين تہ مارئيءَ مان ڄڻ تہ ساھ ئي ڇڏائجي ويو ۽ وسامجي وئي. عمر سومري، مارئيءَ کي اچي عمرڪوٽ ۾ قيد ڪيو. رات جو جڏهن وٽس ويو تہ ڏسي تہ مارئي روئي روئي اکيون سُڄائي ڇڏيون آھن. عمر بہ ڄڻ تہ ھو ڪو رُڪ جو ٺھيل، جو مارئيءَ جي روئڻ ۽ ھيڻائيءَ تي ڪا ڪھل نہ آيس. ھن کيس پٽ راڻي بنائڻ جي آڇ ڪئي، تڏهن مارئيءَ جواب ڏنس تہ، ’آءٌ کَيتُ سَينَ‘ جي مَڱ آھيان ۽ لانئون بہ ان سان ئي لهنديس، سو تون امانت ۾ خيانت ڪرڻ جو خيال ڪڍي ڇڏ ۽ مهر ڪري مون کي آزاد ڪر تہ آءٌ موٽي ملير وڃان‘ پر عمر ھوڏ تان نہ لٿو، کيس اميد ھئي تہ مارئي اڄ نہ سڀان سندس آڇ قبوليندي، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، تيئن تيئن مارئيءَ جي دل ۾، عمر لاءِ ڌڪار وڌندي وئي ۽ اٺ ئي پھر ملير ڏانھن منھن ڪري روڄ راڙو ڪندي رهي. ھوڏانھن عمر کيس روز نت نيون لالچون، سونا سڳا، طرحين طرحين ويس وڳا آڇيندو رهيو، پر مارئيءَ جي من ۾، ساڻيھ جي سڪ ۽ اندر ۾ مارن لاءِ اڪير ھئي ۽ عمر جي ڏنل ھيرن. جواھرن، بخمل ۽ بافتن کي اباڻي لوئيءَ جي مٽ نہ ڀانيائين. ڪوٽ ۾، سندس کٿي بہ کُسي ليڙون ليڙ ٿي وئي ھئي، پر پوءِ بہ اِھا اباڻي وٿ نہ لاٿائين. جيسين عمر جي ڪوٽ ۾ ھئي، نہ لڱ ڌوتائين ۽ نہ وار ويڙهيائين، تنھنڪري چڳن ۾ چيڙھ پئجي ويس ۽ بک ۽ اُڃ ۾ بيحال ٿي پئي. ھڪ ڏينھن عمر کي ٻاڏائي چيائين تہ، ’جي ڏيھ جا وڻ نہ ڏٺم ۽ جي ھتي مري وڃان تہ منھنجو مڙھ ملير روانو ڪجانءِ، منھنجي لاش کي وطن جي ولين جو واس ڏيارجانءِ، منھنجي قبر ملير واري پاسي ڪجانءِ.‘ ھڪ پاسي عمر جون عقوبتون تہ ٻئي پاسي ماروئڙن جي ھيڻائي، جن سندس سار نہ لڌي. مارئيءَ جا مائٽ بہ عمر جي حاڪميت آڏو ھيڻا ھئا. ڪير بادشاھ سان ڪڇي! جنھن ٻڌو تہ مارئي عمر جي ڪوٽ ۾ قيد آھي، تنھن پئي پنھنجا پير ڍرا ڪيا، پر مارئي پنھنجن ماروئڙن کي ساريندي رهي. پنهوارن سان اھڙي پريت ڏسي نيٺ عمر بہ اچي ھيڻو ٿيو ۽ مارن ڏي نياپو ڪيائين تہ اچي امانت وٺي وڃو. سنيھو سُڻي مارو خوش ٿيا ۽ مارئيءَ سان اچي ملاقاتي ٿيا، عمر کين مارئيءَ سوڌو ملير ڏانھن اماڻيو. مارئي جڏهن ملير پھتي تہ پوءِ ھزار ماڻهو ھزار ڳالهيون، ماڻهن جا وات ڪير بند ڪري! ھوڏانھن کيت سين جي دل ۾ بہ اچي شڪ پيدا ٿيو، تنھن وري ڇانھينءَ جي اندران ڳر ڪڍي باقي خالي کؤپو مارئيءَ ڏي ڏياري موڪليو مارئي ڏاھي ھئي، سو کيت سين جو اِھو طعنو سھي نہ سگهي، پر ھڪ طعنو ھجي تہ ھوءَ اُن کي منھن ڏي، ھتي تہ طعنن جا انبار لڳي ويا. جڏهن اِھا ڳالهہ عمر تائين پھتي، تڏهن لشڪر وٺي آيو ۽ چيائين تہ کيت سين نہ رڳو پنھنجي حق سان ناحق ٿو ڪري، پر منھنجي بہ بدنامي ٿو ڪري. لشڪر کي ڏسي مارئي اچي عمر جي سامهون ٿي ۽ چيائين تہ، ’جي تون اھڙي ھلت نہ ھلين ھا تہ ڇو پنھنجو نالو ٻوڙين ھا.‘ عمر پشيمان ٿيو ۽ کيت سين کي گهرائي چيائين تہ، ’مارئيءَ جو دامن پاڪ آھي ۽ مون تنھنجي امانت ۾ خيانت ناھي ڪئي، آءٌ پرکا ڏيڻ لاءِ تيار آھيان.‘ انهيءَ تي مارئيءَ چيو تہ، ’پرکا منھنجي ورتي وڃي، جو آءٌ پاڻ تان اِھو ٽِڪو لاھڻ چاھيان ٿي.‘ نيٺ فيصلو ٿيو ۽ پرکا لاءِ ھڪ وڏو مچ تيار ڪرائي، ان ۾ ھڪ شيخ وڌي وئي، جڏهن اِھا تپي ڳاڙهي ٿي، تہ مارئي اُن کي ھٿ ۾ جهلي مچ ۾ گهڙي وڃي ٻئي پاسي پار پئي، کيس ڪابہ لهس نہ آئي، پوءِ عمر بہ پرکا لاءِ باھ ۾ ڪاھي پيو، کيس تند برابر بہ تاءُ نہ آيو. اھو منظر ڏسي ماڻهن جي عمر ۽ مارئيءَ بابت، پيدا ٿيل بدگماني بلڪل دؤر ٿي وئي ۽ ٻنهي جي سچائيءَ جي پڪ ٿين. کيت سين کي بہ شرمساري ٿي، جو مارئيءَ جي پاڪدامنيءَ تي شڪ ڪيائين. نيٺ دل مان شڪ گمان ڪڍي، حياتيءَ جا باقي ڏينھن مارئيءَ سان محبت ۾ گذارڻ لڳو.

ڪربلا جو واقعو

اسلام ۾ مڪي جي فتح کان پوءِ، وڏي ۾ وڏو واقعو ڪربلا ۾ امام حُسينؑ جي شھادت جو ٿيو، جنھن کي، ’ڪربلا جو قضيو‘ بہ چون ٿا. ڪربلا جو واقعو 61ھ مطابق 680ع ۾ پيش آيو.

شاھ لطيف پنھنجي شاعريءَ ۾ امامن جي شھادت جو ذڪر، ’سُر ڪيڏاري‘ ۾ ڪيو آھي. لفظ، ’ڪيڏاري‘ جي معنيٰ آھي ’جنگ جو ميدان‘. شاھ جو ڪيڏارو ھڪ قسم جو، ’جنگنامو‘ يا ’رزم نامو‘ آھي، جيڪو رزميه شاعريءَ جو اعليٰ مثال آھي.

دنيا جي شاعريءَ ۾ عشق جي الفت کان پوءِ، رزميه يعني جنگ جي شاعري سڀ کان آڳاٽي سمجهي ويندي آھي.

ڪيڏارو، امامن ۽ سندن اھل عيال جي ڏکوئيندڙ حالتن ۽ شھادت تي ڏک ۽ ماتم جو سُر آھي.

حضرت محمدﷺ جي وفات کان پوءِ، چئني خليفن ويڇن ھوندي بہ پنھنجو دؤر چڱي نموني گذاريو. چوٿين خليفي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي شھادت کان پوءِ، سندن وڏو پُٽ حضرت امام حَسنؑ، بنا ڪنھن مخالفت جي خليفو چونڊجي ويو، پر شام جي گورنر، امير معاويهؓ بغاوت جو اعلان ڪيو، ڇاڪاڻ تہ حضرت علي ڪرم الله وجهہ سان خلافت واري دؤر ۾ بہ ساڻس ڪيتريون ئي جنگيون لڳيون ھيون، ٿوري ئي وقت ۾ امام حَسنؑ ۽ معاويه ۾ اختلاف ٿيو ۽ ھڪ ٺاھ موجب، خلافت جون واڳون، معاويه کي مليون، جنھن جي نتيجي ۾ امامحسنؑ کي خلافت تان دستبردار ٿيڻو پيو. امير معاويهؓ، امام حَسنؑ ۽ امام حُسينؑ کي ان شرط سان مديني اُماڻيو تہ مون کان پوءِ، خلافت جون واڳون حضرت امام حَسنؑ جي ھٿ ۾ ھونديون. امام حَسنؑ کي اھا خاطري ھئي تہ امير معاويهؓ کان پوءِ،ِ وري بہ خلافت کيس ملندي، پر امير معاويهؓ جي پُٽ يزيد جي بہ خلافت ۾ اک ھئي، ھن کي ڊپ ھو تہ پيءُ جي مرڻ کان پوءِ، حڪومت امام حَسنؑ کي ملندي، سو ھُن پيءُ جي حياتيءَ ۾ ئي سازش ڪري امام حَسنؑ کي سندس گهر واريءَ جعدہ بنت اشعث جي ھٿان زھر ڏياري، مارائي ڇڏيو. جڏهن امير معاويهؓ 679ع ۾ وفات ڪئي، تڏهن يزيد بنا ڪنھن چونڊ جي زوريءَ پاڻ کي خليفو ظاھر ڪيو.

يزيد، حضرت امام حَسنؑ کي تہ زھر ڏئي شھيد ڪرايو، پر حضرت امام حُسينؑ ۽ عبدالله بن زبير مان کيس وڏو خطرو ھو، جيڪي ٻئي مديني ۾ رهندا ھئا. ان ڪري يزيد، مديني جي حاڪم وليد بن عتبہ کي خط لکي موڪليو تہ، ’امام حُسينؑ ۽ عبدالله بن زبيرؑ کان ھڪدم وفاداريءَ جو وعدو وٺي، کيس اطلاع ڪري‘.

امام حُسينؑ ۽ عبدالله بن زبير کي ھن منصوبي جي خبر پئجي وئي ھئي، سو مدينو ڇڏي، مڪي ڏانھن روانا ٿيا، اتي پھچڻ شرط پاڻ کي يزيد جو کليو دشمن ظاھر ڪيائون. امير معاويهؓ جي وفات ۽ يزيد جي خلافت سنڀالڻ جي خبر سڀني کي پئجي وئي. امير معاويهؓ کان پوءِ، خلافت تي امام حُسينؑ جو حق ھو. ان پس منظر ۾ امام حُسينؑ کي ڪوفين وٽان خط اچڻ لڳا تہ اسين سڀ تنھنجا تابعدار آھيون ۽ تون اسان جو خليفو آھين، تون ھڪ دفعو اسان سان اچي مل تہ تنھنجي بيعت ڪري يزيد سان جنگ ڪريون.

امام حُسينؑ پنھنجي سؤٽ امام مسلم کي سندس ٻن پُٽن سميت ڪوفي روانو ڪيو تہ وڃي تحقيقات ڪري اچن. جڏهن امام مسلم، ڪوفي ۾ پھتو تہ ماڻهن ھن کي خاطري ڪرائي ۽ چيائونس تہ، ’ارڙهن ھزار مجاھد حق جي راھ ۾ قربان ٿيڻ لاءِ تيار آھن‘. پوءِ تہ روز ڪيترائي ماڻهو وڌندا ويا، جيڪي ھڪ لک چاليھ ھزار وڃي ٿيا. امام مسلم اھو ڏسي، امام حُسينؑ کي اھو لکي موڪليو تہ ھتي جا ماڻهو، اوهان جي حق ۾ آھن، ايتري قدر جو ھتي جي حاڪم، نعمان بن بشير کي بہ ان ڳالهہ جي خبر ڪانهي، بھتر آھي تہ اوهين ھيڏانھن ھليا اچو.

ڪوفي جو حاڪم غفلت ۾ ھو، پر يزيد کي دمشق ۾ سڄي حقيقت جي خبر پئجي وئي، سو بصري جي حاڪم امير عبيدالله کي پيغام ڏنائين تہ جيترو جلد ٿي سگهي، ڪوفي ۾ وڃي نعمان کي برطرف ڪر ۽ حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ آڻ. امير عبيدالله ويھارو کن سوار ساڻ ڪري ڪوفي ڏي روانو ٿيو ۽ اچي شھر ۾ پھتو. اُتي جا ماڻهو تہ امام حُسينؑ لاءِ واٽون نھاري رهيا ھئا، تن اھو سمجهيو تہ امام حُسينؑ اچي ويو آھي، سو سڀئي ادب جا ھٿ ٻڌي، سندس چوگرد ٿي بيٺا، پر سوارن ھڪل ڪري چيو تہ، ’هيءُ اوهان جو نئون حاڪم امير عبيدالله آھي.‘ ڪوفي وارا نااميد ٿي ويا. عبيدالله قلعي ڏانھن ڪاھي، وڃي حڪومت جون واڳون پنھنجي ھٿ ۾ ڪيون ۽ امام مسلم بن عقيل ۽ سندس فرزندن محمد ۽ ابراھيم کي شھيد ڪرائي، امام مسلم جو سِر مبارڪ يزيد ڏانھن ڏياري موڪليائين.

امام حُسينؑ کي ھن واقعي جي ڪابہ خبر نہ ھئي. ھو امام مسلم جي صلاح موجب، ڪوفي ڏانھن وڃڻ لاءِ تياريون ڪرڻ لڳو. امام حُسينؑ کي مائٽن گهڻو ئي سمجهايو تہ، ’ڪوفي لا يوفي‘ ڪوفين جي بيوفائي مشھور آھي، انهن ۾ وفاداريءَ جي اُميد رکڻ اجائي آھي، جيستائين ھو ظاھر ظھور يزيد جي سامهون جنگ نہ ڪن، تيسين اوهين نہ وڃو.

امام حُسينؑ جي سؤٽ عبدالله بن عباس بہ کيس اھا ئي صلاح ڏني تہ جي توهان وڃو بہ، تہ پنھنجا اھل عيال وغيرہ ھتي ڇڏي وڃو، پر امام حُسينؑ چيو تہ، ’سڀ ڪجهہ ڌڻيءَ جي اختيار ۾ آھي، جيڪو ٿيڻو ھوندو، سو ٿي رهندو.‘ پاڻ ڪڙم قبيلو وٺي ڪوفي ڏانھن روانا ٿيا.

محرم جي پھرين تاريخ سن 62 ھجري مطابق 680ع تي جيئن ئي بابل جي سرحد تي امام حُسينؑ پھتو تہ سوارن جو ھڪ ٽولو ايندي ڏٺائين. ڀانيائين تہ ڪوفي استقبال لاءِ ٿا اچن. ايتري ۾ ٽوليءَ جي مهندار، حُر کيس چيو تہ، ’امير عبيدالله جو حڪم آھي تہ امام حُسينؑ کي نظربند ڪري مون وٽ حاضر ڪر‘. اھو ٻڌي امام حُسينؑ حيران ٿي ويو ۽ خبر پيس تہ ڪوفي ڦري وڃي يزيد جا حمايتي ٿيا آھن ۽ امام مسلم بن عقيل شھيد ٿي ويو آھي: امام حُسينؑ کي ڏاڍي نا اُميدي ٿي، پر خدا تي ايمان رکي اڳتي وڌيا. حُر بہ سندس پُٺ نہ ڇڏي، پر ساڻس ڪا کؤنس نہ ڪيائين. سڄي رات سواري ڪري محرم جي ٻيءَ تاريخ تي واٽ تي ٿورو ترسي، فجر جي نماز پڙهي پنڌ پيو تہ ھڪ سوار نظر آيس، جنھن ھڪ خط آڻي حُر کي ڏنو، جيڪو عبيدالله موڪليو ھو تہ امام حُسينؑ ۽ سندس ساٿين کي ڪنھن اھڙي برپٽ ۾ ترساءِ، جيستائين اسان جو لشڪر اچي کين گهيرو ڪري، تيستائين اُتان چرڻ نہ ڏينس. ان وچ ۾ حضرت امام حُسينؑ پنھنجي ساٿين کي چيو تہ ھاڻي اسان جو امتحان شروع ٿيڻ وارو آھي. وڏيون تڪليفون اچڻ واريون آھن. اوهان مان جن ۾ تڪليف سھڻ جي ھمٿ ھجي اھو اسان سان گڏ ھجي، باقي جيڪي واپس ورڻ گهرن ٿا، انهن کي منھنجي طرفان اجازت آھي. انهن تي ڪابہ ميار نہ آھي، اُھي ڀلي واپس ھليا وڃن.

محرم جي ٽينءَ تاريخ تي سڀئي فرات نديءَ جي ڪناري وٽ، ’مارية‘ جي ميدان تي اچي پھتا. اتي عمر بن سعد چار ھزار سپاھي وٺيو تيار بيٺو ھو. مارية جي ميدان (ڪربلا جو ميدان) تي امام حُسينؑ جو گهوڙو، ’ذوالجناح‘ اڳتي نہ پيو وڌي. امام حُسينؑ حيرت ۾ پئجي ويو، سوچيائين تہ ھن برپٽ ۾ ڇا آھي، جو گهوڙو وک نٿو وڌائي. ھڪڙي ساٿيءَ ٻڌايس تہ، ’اي امام سڳورا! ھيءُ مارية جو ميدان آھي، ان کي ’ڪربلا‘ جي نالي سان سڏين ٿا.‘ اھو ٻڌي امام حُسينؑ جي وات مان ھي لفظ نڪتا:

”الله اڪبر اَرضُ ڪَربِ وَبَلاءِ ويسفَڪ الدصاء“

ترجمو: ”الله اڪبر! ھيءَ زمين مصيبت ۽ آفت جو گهر آھي ۽ منجھس رت جا ريلا پيا وهن.“

اھو ٻڌي امام حُسينؑ جي پُٽ علي اڪبر چيو تہ، ’بابا سائين! ھي ڇا ٿا چئو‘. امام حُسينؑ فرمايو تہ، ’هڪ ڀيري آءٌ بابا (حضرت علي ڪرم الله وجهہ) ۽ ادي (امام حَسنؑ) سان گڏجي ھن ميدان ۾ آيو ھوس تہ بابا، امام حَسنؑ جي ھنج ۾ مٿو رکي سمهي رهيو ۽ آءٌ وڃي سندس سيرانديءَ کان ويٺس. بابا جون اکيون کلي پيون، جن مان لڙڪ پئي لڙيا. امام حَسنؑ کانئس روئڻ جو سبب پڇيو تہ جواب ڏنائين: مون خواب ۾ ڏٺو تہ ھن مقام تي، رت جو ھڪ تلاءُ آھي، جنھن ۾ امام حُسينؑ ھٿ پير ھڻي، دانھون ڪوڪون ڪري رهيو آھي ۽ اُتي ھن جي مدد ڪرڻ وارو ڪوئي ڪونهي.‘

پوءِ مون ڏانھن ڏسي چيائين، تہ، ’اي پٽ! ھن ميدان ۾ اھو سڀ ڪجهہ توسان ٿيڻو آھي. انهيءَ وقت تون ڇا ڪندين؟‘

مون جواب ڏنو تہ:

” إِنَّمَا يُوَفَّى الصَّابِرُونَ أَجْرَهُمْ بِغَيْرِ حِسَابٍ. “(سورة الزُّمَر آيت 10)

ترجمو: رڳو صابرن کي سندن بدلو اَڻ کُٽ ڏبو. (امروٽي، تاج محمود، مولانا)

ھاڻي اھو وقت اچي پھتو آھي. عبيدالله، فرات نديءَ جي ڪناري تي پھرو بيهاري، امام حُسينؑ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو تہ جيئن ھو يزيد جي بيعت ڪري. امام حُسينؑ ۽ سندس گهر ڀاتي پاڻيءَ لاءِ پريشان ھئا. امام حُسينؑ، سپھ سالار، عبيدالله کي سڏي چيو تہ، منھنجي ڪٽنب ۽ ساٿين تي رحم ڪريو، پر عبيدالله نہ مڙيو ۽ شمر نالي ھڪ ماڻهوءَ کي چيائين تہ، جي امام حُسينؑ بيعت مڃي تہ واھ نہ تہ کيس قتل ڪري ڇڏيو. امام حُسينؑ کي جڏهن ان ڳالهہ جي خبر پئي تہ چيائين:

”كُلُّ نَفْسٍ ذَآئِقَةُ الْمَوْتِ.“(سورہ آل عمران آيت: 185)

ترجمو: سڀڪو جيءُ موت (جو مزو) چکندڙ آھي.(امروٽي، تاج محمود، مولانا)

ڏهين محرم جي رات سڀني کي اھو محسوس ٿيو تہ، اڄ آخري رات آھي ۽ ھر ڪو عبادت ۾ مشغول ٿي ويو. ڏهين محرم جي سج جي اڀرندي ئي حضرت امام حُسينؑ، پنھنجي ناني حضرت محمدﷺ جي دستار شريف مٿي تي رکي، ڪلهي تي حضرت حمزہ جي ڍال ڍاري ۽ چيلهہ تي حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي ’ذوالفقار‘ ٻڌي، ’ذوالجناح‘ تي چڙهي، لڙائيءَ لاءِ تيار ٿيو ۽ خدا کان دُعا گهريائين تہ، ’اي رب العالمين! ھن جھان ۾ ھاڻ توکان سواءِ، منھنجو ٻيو ڪو آسرو ڪونهي، تون ئي حامي ھمراھ آھين.‘ ٿوريءَ دير کان پوءِ، آمهون سامهون صف بندي ٿيڻ لڳي تہ ايتري ۾ حُر پنھنجي چند ساٿين سان گڏ، حضرت امام حُسينؑ ڏانھن ھليو آيو ۽ ڪوفين کي چيائين تہ، ’اي ڪوفيو! افسوس آھي اوهان جي حال تي، جو حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي اولاد کي پاڻ وٽ گهرائي، ھنن سان ويڙھ ٿا ڪريو. اوهان فرات جي پاڻيءَ لاءِ بہ کين سڪايو آھي، جو جهنگ جا مرون بہ بنا ڪنھن جهل پل جي پيا پيئن. قيامت جي ڏينھن اوهين ان ستم جو ڪھڙو جواب ڏيندا؟‘ پوءِ پاڻ امام حُسينؑ جي پيرن تي اچي ڪريو ۽ چيائين تہ، ’آءٌ پنھنجو سر تو مٿان فدا ڪرڻ آيو آھيان.‘

اھو ڏسي شمر، سپاھين کي حڪم ڪيو، جن وٺي تيرن جا وسڪارا ڪيا. انهيءَ تي حُر کي جوش اچي ويو ۽ ھو ميدان ۾ اچي ڪاھي پيو ۽ ڪيترن جا سر ڌڙ کان ڌار ڪري ڇڏيائين ۽ آخر پاڻ بہ زخمي ٿي وڃي شھادت کي رسيو.

امام حُسينؑ جي خيمن تي دشمن ڪاھي پيا ۽ شمر خيمن کي باھ ڏياري ڇڏي. انهيءَ تي پاڪ بيبيون رڙيون ڪنديون ٻاھر نڪري آيون. ڪن روايتن موجب، امام حُسينؑ سان گڏ، اڳ ڪيل عھد نامي وارا ڪاغذ بہ ھئا، جن کي ختم ڪرڻ لاءِ خيمن کي باھ ڏني وئي. امام حُسينؑ اھو ڏسي، شمر کي چيو تہ، ’منھنجي عيال تان بہ نٿو ٽرين، شل جھنم جي باھ ۾ سڙي مرين.‘ شمر اھو ٻڌي خوفزدہ ٿي ويو ۽ پنھنجو حڪم رد ڪيائين.

حضرت امام حُسينؑ جا ساٿي، يزيد جي پربت جيڏي فوج سان مقابلو ڪندي، آھستي آھستي شھيد ٿيندا ويا، ايستائين جو باقي وڃي ڪي چند جان نثار بچيا، جن ۾ حضرت امام حَسنؑ جو فرزند، امام قاسم بہ ھو، جنھن جڏهن ميدان ڏانھن وڃڻ چاھيو تہ کيس حضرت امام حُسينؑ منع ڪئي. تنھن تي امام حُسينؑ کي، حضرت امام حَسنؑ جو ڏنل ٻانهن تي ٻڌل تعويذ کولي ڏيکاريائين، جنھن جو متن ھو تہ جڏهن حضرت امام حُسينؑ کي لاچاري ۽ بيوسيءَ جي حالت ۾ ڏسين تہ مٿانئس قربان ٿيڻ کان نہ ڪيٻائج. ان بعد حضرت امام حُسينؑ کيس چيو تہ، مون کي بہ ھڪ فرض نڀائڻو آھي. پوءِ پنھنجي نياڻيءَ، جا امام قاسم جي نالي ھئي، تنھن سان سندس شادي ڪرايائون، تيسين جنگ جو طبل وڳو تہ آھي ڪو جوان، جو اچي ميدان ملهائي، تہ ان وقت امام قاسم وڏيون وکون ڀريندي، ميدان ۾ ڪاھي آيو ۽ وڙهندي شھيد ٿيو.

امام حُسينؑ وٽ ھاڻ ڪو ٻانھَن ٻيلي نہ رهيو. پاڪ بيبين پار پئي ڪڍيا. امام حُسينؑ کين ماٺ ڪرائي، کانئن موڪلائي، گهوڙي تي چڙهي ميدان تي اچڻ جي ڪئي تہ آواز آين، ڏٺائون تہ سندن ننڍي پٽ علي اصغر کي ڏاڍي اُڃ لڳي آھي ۽ پاڻيءَ لاءِ دانھون پيو ڪري، سو کيس ھنج ۾ کڻي گهوڙو ڦيرائي ميدان ۾ آيا. دشمن کي چيائين تہ، ’جي مون اوهان جي ڪا خطا ڪئي آھي تہ ان جي سزا مون کي ڏيو. ھن معصوم اوهان جو ڪھڙو گناھ ڪيوآھي، خدا جي واسطي ھن معصوم کي پاڻي ڏيو.‘ ايتري ۾ ھڪ تير آيو، جيڪو اچي امام علي اصغر جي نڙيءَ ۾ لڳو. امام حُسينؑ کيس بيبين وٽ کڻي آيو، جتي واويلا مچي وئي. امام حُسينؑ ھن معصوم جو رت ٻُڪن ۾ جهلي آسمان ڏانھن اڇلائي چيو تہ: ”انالله وانا اليہ راجِعون“.

امام زين العابدين ، ننڍي ڀاءُ ۽ پيءُ جو اھو حال ڏسي، جنگ جي ميدان ڏانھن وڃڻ لاءِ تيار ٿيو، پر امام حُسينؑ چيس تہ، ’تون بيمار آھين، تون نہ وڃ، جي تون بہ شھيد ٿي وئين تہ اسان جو خاندان ھميشه لاءِ ختم ٿي ويندو. خدا چاھيو تہ اسان جو نسل قيامت تائين قائم رهندو. توکي آخري وصيعت ٿو ڪريان تہ بيبين جي ھر طرح پارت ھجيئي.‘

پوءِ امام حُسينؑ سڀني کان موڪلائي ميدان ڏانھن روانو ٿيو، دشمن تي حملو ڪيائين. دشمن بہ تيرن ۽ ترارين جو وسڪارو ڪيو. آخر سندس سڄو جسم زخمن سان چور ٿي ويو ۽ پاڻ ھيٺ زمين تي ڪري پيو. ايتري ۾ شمر سندن سيني تي چڙهي ويٺو ۽ ترار ڪڍيائين. اتي امام حُسينؑ چيس، ’اي شمر ٿورو صبر ڪر، شھادت اسان جي ابي جي ميراث آھي، سو تون ڀلي مون کي شھيد ڪر، پر نماز جو وقت ٿيو آھي، مھلت ڏينم تہ نماز پڙهي وٺان.‘

انهيءَ تي شمر سندن سيني تان لھي ويو. امام حُسينؑ اڃا پھرئين ئي سجدي ۾ ھو تہ شمر غداري ڪري ترار ھڻي امام حُسينؑ کي شھيد ڪيو.

ڪربلا جي قصي جو مکيه ڪردار حضرت امام حُسينؑ آھي ۽ سندن خاندان ۽ دوستن جو ڪردار بہ مثالي آھي. ھن قصي مان سندن حق پرستي، اصول پسندي، استقامت، صبر، سھپ ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ جي نصيحت ملي ٿي.

ڪاري ڪَڪَرَ ھيٺ، مُون جهيڙيندا ڇَڏِيا،

ڪارا ڪُنَدَ ھَٿَنِ ۾، اَڙَلَ وَڇيرا ھيٺِ،

ٿِي تَنِين سين ڏيٺ، موٽَڻُ جَنِين مِيهَڻُو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪيڏارو، داستان 3، بيت 2، ص: 666)

لِيلا چنيسر جو قصو

سنڌ جو ھي مشھور قصو، تيرهين صدي عيسويءَ ۾ اُسريو، جڏهن سومري گهراڻي جي ’داسڙا‘ شاخ جو چنيسر نالي بادشاھ، ’ملڪ ثناءُالدين حباش‘ جي لقب سان لڳ ڀڳ 1220ع کان 1228ع ڌاري ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو ھو (ديول ڪوٽ يا ديول بندر مڪلي ٽڪريءَ جي ڇيڙي ۽ پير پٺي جي مقبري وٽ، سنڌو نديءَ جي شاخ بگهاڙ جي ڪنڌيءَ تي ھڪ عاليشان شھر ۽ واپار جو مرڪز ھو.) ليلا، سندس پَٽَ راڻي ھئي، جا سونھن ۽ سوڀيا ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھئي. چنيسر جي بادشاھي ۽ سندس شان ۽ شوڪت ملڪن ۾ مشھور ھو. انهيءَ دؤر ۾ ئي جبرو حاڪم لکپت واري پاسي، راءِ کنگهار نالي ھڪ طاقت ۽ دٻدٻي وارو حاڪم ھو. ھن کي ڪؤنرؤَ نالي ھڪ نياڻي ھئي، جيڪا تمام خوبصورت ھئي. سندس مڱڻو، سندس سؤٽ، ’اتماديءَ‘ سان ٿيل ھو.

ھڪڙي ڏينھن ڪؤنروءَ ھار سينگار پئي ڪيو تہ سندس سھيلي جمنيءَ چيس تہ، ’ھھڙو ھارسينگار پئي ڪرين، ڪٿي چنيسر سان چاھ رکيو اٿئي ڇا؟‘ ھيءُ طعنو ڪؤنروءَ کي دل ۾ گهر ڪري ويو ۽ چنيسر بابت، معلومات ورتائين ۽ سندس ھاڪ ٻڌي اڻ ڏٺو چنيسر تي عاشق ٿي پئي.

ان ڳالهہ جي جڏهن ڪؤنروءَ جي ماءُ، راڻي مُرڪيءَ کي خبر پئي، تڏهن وڃي پنھنجي مڙس راءِ کنگهار سان اھو راز سليائين ۽ کيس اھو بہ چيائين تہ، چنيسر سان سڱ ڪرڻ فخر جي ڳالهہ ٿيندي. اھا ڳالهہ ٻڌي راءِ کنگهار کي گهڻي خوشي تہ ٿي، پر اھو سوچيائين تہ جي چنيسر سڱ کان انڪار ڪري ڇڏيو تہ وڏي بدنامي ٿيندي، سو آخر زال مڙس پاڻ ۾ صلاح ڪئي تہ ڪيئن بہ ڪري چنيسر کي ڪنھن حيلي بھاني ھٿ ڪجي. نيٺ ان ڳالهہ تي راضي ٿيا تہ ڪؤنرو ۽ ماڻس، وڻجارڪو ويس ڪري، چنيسر جي ديس وڃي ان کي ريجهائين. نيٺ ٻئي ڄڻيون پنھنجو وطن ڇڏي ڍٽ واري پاسي کان پربت ندي پار ڪري، اچي ديول ڪوٽ ۾ پھتيون. اتفاق سان گلن وڪڻڻ واريءَ ھڪ عورت جو ساڻن سٻنڌ ٿي ويو. ھڪ ڏينھن ان سان اندر جو حال اوريندي معلوم ٿين تہ سندن مقصد چنيسر جي وزير جکري ھٿان پورو ٿيندو. پوءِ ٽيئي گڏجي، جکري سان ملڻ ويون. اتي پھچي نيٺ ڪؤنروءَ کيس پنھنجي دل جي ڳالهہ ٻڌائي ۽ جکري کي چيائين تہ، ’ڪنھن بہ ريت منھنجي واھر ڪر‘، وزير جي دل ۾ رحم پيو ۽ چيائينس تہ، ’الله تي رک، سڻائي ٿيندي. صبح جو آءٌ چينسر وٽ ويندس. اميد اٿم تہ توکي پاڻ وٽ گهرائيندو.‘ اھو چئي ٽنهي ڄڻين کي رخصت ڪيائين. صبح ساڻ جکرو سنڀري، شاھي محل ۾ پھتو. موقعو ڏسي، چنيسر سان ڪؤنروءَ جي محبت جو ذڪر چوريائين ۽ ھُن جي سونھن جي ايتري قدر تہ تعريف ڪيائين، جو چنيسر جي دل بہ ڪؤنروءَ سان ملڻ لاءِ بي چين ٿي، پر وري پنھنجيءَ پَٽ راڻي، ’ليلا ‘ جو خيال آيس، پوءِ جکري کي چيائين، ’ليلا جي ھوندي، ڪنھن ٻيءَ عورت سان ناتو جوڙيان، اھو مناسب نہ آھي، بھتر آھي تہ ڪؤنرؤَ ۽ سندس ماءُ کي سمجهائي، پنھنجي ماڳ موٽائي ڇڏ.‘ جکري وري بہ ڪؤنرؤ جي پاران منٿ ڪيس، پر چنيسر پنھنجيءَ ڳالهہ تي قائم رهيو. جڏهن جکري ھيءَ نااميديءَ جو نياپو ڪؤنرؤَ ۽ ماڻس کي سڻايو، تڏهن ٻنهي جي پيرن ھيٺيان زمين نڪري وئي. آخر ٻيو ڪو وسيلو نہ ڏسي، اھا سِٽ سِٽيائون تہ ڪنھن حيلي بھاني، ويس مٽائي وڃي ليلا وٽ نوڪرياڻيون ٿي بيهن، تہ من ڪنھن مھل چنيسر سان ڏيٺ ويٺ ٿئي.

اھا ڳالهہ ڳڻي غريباڻو لباس پھري ليلا وٽ ويون ۽ ليلائي چيائونس تہ، ’سانئڻ! زماني جي ڏکن اسان کي رولي ڇڏيو آھي، اسان وٽ ڪجهہ ڪونهي، جيڪي ڏوڪڙ پيسو ھو، سو ختم ٿي ويو. تون وڏيري آھين، جي ٻاجهہ ڪرين تہ اسان تي رحم ڪر، اسان کي پنھنجي گهر ۾ ڪو ڪم ڏي. امان اُڻڻ جي فن ۾ ماھر آھي ۽ آءٌ وري گهرو ڪم ڪار ۾ سگهڙ آھيان.‘

ليلا کي ھنن تي قياس اچي ويو. ٻنهي کي پنھنجون خاص ٻانهيون ڪري رکيائين. ڪؤنرؤ تي چنيسر جي سيج وڇائڻ جو ڪم رکيائين ۽ ماڻس مُرڪيءَ کي چنيسر جي پڳ اُڻڻ جو ڪم ڏنائين.

ڪافي وقت گذري وڃڻ کان پوءِ، بہ چنيسر جي وصال جو ڪو طريقو نظر ڪونہ آين. ھڪ رات، نااميديءَ جي ڪري ڪؤنروءَ جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا. ليلا اھو ڏسي ڪؤنرؤ کان پڇا ڪئي تہ ’ڇا مسئلو آھي؟‘ ھن گهڻو ئي نٽايو، پر نيٺ کيس سچي ڪرڻي پئي ۽ ليلا کي چيائين تہ، ’ڪو ڏينھن ھو، جو آءٌ بہ تو وانگر ھندؤرن ۾ ھوندي ھيس. منھنجي نولکي ھار وارا موتي اھڙو تہ جرڪندا ھئا، جو اونداھيءَ ۾ روشني ٿي ويندي ھئي. اُھي ڏينھن ساريندي نيڻ ڀرجي آيم.‘ ڪؤنرؤَ جي ڳالهہ تي ليلا کي يقين ڪونہ آيو ۽ ثابتي گهريائينس. ڪؤنرؤَ سٽ ڏئي پنھنجو نو لکو ھار ڪڍي ڏيکاريس تہ سڄو ڪمرو ان جي روشنيءَ سان جرڪي پيو. ليلا ھي لقاءُ ڏسي ھرکجي پئي ۽ ڪؤنرؤَ کي چيائين تہ، ’جيڪي گهرڻو ھجيئي سو گهر، رڳو اھو ھار مون کي ڏي.‘

ڪؤنرؤَ چيس تہ، ’مون وٽ مال دولت جي ڪمي ڪانهي، فقط ھڪ رات چنيسر سان رهاڻ ڪرڻ ڏينم، تہ ھار گهوري ڇڏيان.‘ ھار کي ڏسي ليلا جون متيون منجھي ويون. تنھن ھيءُ شرط قبوليو ۽ چيائينس، ’فڪر نہ ڪر، دلجاءِ ڪري ويھ، رات جو آءٌ چنيسر کي آڻي تنھنجي ڪمري ۾ پھچائي وينديس.‘

اتفاق سان انهيءَ رات چنيسر درٻارين ۽ دوستن سان محفل ڪندي، تمام گهڻو نشو ڪيو ۽ ھوش نہ رهيس. رات جو جڏهن موٽي محل ڏانھن آيو، تڏهن ليلا کيس خماريل ڏسي خوش ٿي. ڀانيائين تہ ھاڻ چنيسر کي جيئن چوندس، تيئن ڪندو. ليلا چيس تہ، ’ويچاري ڪؤنرو تو لاءِ بي چين آھي، سو اڄ رات تون ھن وٽ وڃ.‘ جڏهن تہ چنيسر ھوش ۾ نہ ھو، تڏهن بہ ان ڳالهہ تي غيرت آيسِ ۽ ڪاوڙ ۾ اچي ويو، پر ليلا منٿون ڪيس ۽ کيس ھٿ کان وٺي ڪؤنرؤ جي ڪمري ڏانھن ڇڏي آئي. جڏهن صبح جو چنيسر ھوش ۾ آيو تہ ڏسي تہ ڪؤنرؤ جي ڀر ۾ ستو پيو آھي، پاڻ کي اتي ڏسي ڏاڍي ڪاوڙ لڳيس. جڏهن ڪمري کان ٻاھر وڃڻ لڳو تہ ڪؤنرؤ جي ماءُ مُرڪيءَ ڪري چيس تہ، ’سائين! پنھنجي لانئن لڌيءَ ڪنوار کي ڇڏي، ڪيڏانھن ٿا وڃو. رات، ليلا تہ اوهان کي ھار تي وڪڻي ڇڏيو.‘ پوءِ مُرڪيءَ سڄي حقيقت ٻڌايس. اھو ٻڌي، چنيسر کي ڏاڍي مٺيان لڳي ۽ ليلا دل تان لھي ويس ۽ ڪؤنرؤ جو اھڙو قرب ڏسي، دل ان تي ھرکجي ويس.

ھن ڳالهہ جي خبر جڏهن ليلا کي پئي تہ چنيسر ڪؤنرؤَ جو ٿي ويو آھي تہ ان ڳالهہ تي ھن کي تمام گهڻو ملال ٿيو. گهڻائي وس ڪيائين، پر سڀ بيڪار. آخر چنيسر کي وڃائي ويٺي ۽ آسرو پلي مائٽن ڏانھن رواني ٿي. اھا آس دل ۾ ھيس تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن چنيسر اچي پرچائيندس، پر ورهيه گذري ويا چنيسر وٽس ڪونہ آيو.

چنيسر جي وزير جکري جو مڱڻو، ليلا جي مائٽن مان ٿيل ھو. جڏهن انهن مائٽن کي ليلا جي ڏهاڳ جي خبر پئي، تڏهن جکري کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائون. جکرو، پريشان ٿي ويو. گهڻائي وس ڪيائين، پر ڪجهہ نہ وريس. مجبور ٿي ليلا وٽ آيو ۽ کيس سڄي حقيقت ٻڌايائين. ليلا کي ھن تي رحم آيو ۽ چيائينس تہ، ’تنھنجي شادي تہ ٿي ويندي پر عيوضي ۾ منھنجو ھڪڙو ڪم ڪر: چنيسر کي مون ڏانھن ھڪ دفعو وٺي اچ.‘ جکري اھو شرط قبول ڪيو. چنيسر ڏانھن ديول ڪوٽ موٽيو ۽ چنيسر کي عرض ڪيائين تہ، ’مون مسڪين جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿي، منھنجو مان مٿانھون ڪريو.‘ چنيسر، جکري جي منٿ مڃي، سندس شاديءَ ۾ وڃڻ لاءِ تيار ٿيو.

جکري، چنيسر کان اھا ڳالهہ لڪائي تہ ھو ليلا جي شرط جي ڪري ھن کي شاديءَ ۾ وٺي ٿو وڃي. جڏهن جکري جي ڄڃ، ليلا جي شھر جي ويجهو پھتي، تڏهن ليلا منھن تي نقاب اوڍي پنھنجي ساھيڙين سميت، چنيسر جي آجيان لاءِ نچندي ڳائيندي اڳتي وڌي. ليلا جو ناز نخرو ڏسي، چنيسر کيس سڃاڻڻ بنا ھن تي فدا ٿي پيو.

نيٺ چنيسر کيس چيو تہ، ’اي سُندري! گهونگهٽ کولي منھن تہ ڏيکار، مون کي يقين آھي تہ جھڙو خوبصورت تنھنجو آواز آھي، اھڙي ئي خوبصورت تون پاڻ ھوندينءَ‘. جڏهن ليلا نقاب لاھي اچي چنيسر جي اڳيان بيٺي تہ چنيسر اھو ڏسي برداشت نہ ڪري سگهيو. ظاھري طور تہ ھن ليلا سان لاڳاپا ختم ڪري ڇڏيا ھئا، پر سندس دل جي ڪنھن ڪنُڊ ۾ ليلا اڃا گهر ڪريو ويٺي ھئي، سو ھن حال ۾ ليلا کي ڏسندي ئي سندس روح اھڙو ريلو ڏنو، جو اتي جو اتي سندس دم پرواز ڪري ويو. ھيءُ حال ڏسي ليلا بہ اھو برداشت نہ ڪري سگهي ۽ سندس بہ روح پرواز ٿي وڃي پنھنجي محبوب سان مليو.

مورڙي ميربحر جو قصو

مورڙو ميربحر، مشھور لوڪ داستان، ’مورڙي ۽ مانگر مڇ‘ جو مکيه ڪردار آھي ۽ شاھ لطيف جي رسالي جي ’سُر گهاتوءَ‘ ۾، انهيءَ لوڪ داستان ڏانھن اشارو آھي.

مورڙو دلوراءِ جي راڄ ۾، سون مياڻيءَ جو رهاڪو ھو. سندس پيءُ جو نالو، اوڀايو ھو. کيس ڇھ ڀائر ھئا، جن جا نالا مختلف روايتن موجب، پنهر، اڱاريو، مانجهاندو، للو، سانئر ۽ ھنجهہ ھئا ۽ ھڪ ٻيءَ روايت موجب، مورڙي جي ڀائرن جا نالا پنھور، منارو، اسماعيل، لاڏڪو، ميون ۽ لَکُو ملن ٿا. ھڪ روايت موجب، اوڀائي کي اِھي ڇھ ئي پٽ پھرينءَ گهر واريءَ مان ۽ مورڙو کيس ٻيءَ گهر واريءَ مان ھو.

مورڙي جا ڇھ ئي ڀائر، مڇيءَ مارڻ ۾ ماھر ھئا، پر مورڙو ھڪ ٽنگ کان جڏو ۽ نٻل ھو. ڀائرن جي پاڻ ۾ پريت ھئي، پر ڏيراڻين مورڙي جي زال کي طعنا ڏنا. انهن طعنن کان تنگ ٿي، مورڙو زال سوڌو سون مياڻي ڇڏي، دلوراءِ بادشاھ جي گاديءَ واري شھر، ’ٻانڀڻ واھ‘ ۾ اچي نڪتو.

اوڀائي پٽن کي نصيحت ڪئي ھئي تہ ڪڏهن بہ، ’ڪلاچيءَ جي ڪُن‘ ڏانھن نہ وڃجو، جو اتي ھڪ خوفناڪ مانگر مڇ موجود آھي، پر ھنن ان ڳالهہ تي ڪو خاص ڌيان ڪونہ ڏنو. ھڪ ڏينھن، ٻيڙا ھاڪاري اچي، ’ڪُن‘ تي پھتا، جتي شڪار ڪندي، کين مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو، جڏهن اِھا خبر مورڙي کي پئي تہ ھن دلوراءِ کان مدد گهري، جنھن سندس مشوري تي کيس ھڪ لوهي پڃرو ٺھرائي ڏنو، جنھن جي چوڌاري تکا ڪِلا ھئا ۽ ھر ڪِلي ۾ رسو ٻڌل ھو، مورڙو اھو لوهي پڃرو کڻائي، ڪُن تي آيو ۽ پاڻ پڃري ۾ ويھي، پاڻيءَ ۾ لھي پيو ۽ ساٿين کي چيائين جڏهن رسا لڏندي ڏسو تہ ھڪدم پڃرو ڇڪي ٻاھر ڪڍجو. مورڙي کي پڃري ۾ ڏسي، مانگر مَڇُ مٿس حملو ڪيو، وات ڦاڙي کيس ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪيائين، تہ پڃري ۾ کتل تکا ڪِلا ۽ ڪير، ڄاڙين ۾ کُپي ويس، مورڙي رسا لوڏيا، تہ مھاڻن ڏاندن رستي رسا ڇڪي، مانگر مڇ کي ڪناري تي آندو. مورڙي، مانگر مڇ جو پيٽ چيري ڇھن ئي ڀائرن جا ڳريل ڪرنگها ٻاھر ڪڍي، ڪلاچيءَ جي ڪُن جي اُتر اولهہ ۾ دفن ڪرايا. اِھو مقام، ماڙي پور روڊ تي، ’ڪُل ڀائي‘ نالي بس اسٽاپ، (جيڪو پٺاڻ ڪنڊيڪٽرن جي غلط اُچارڻ ڪري بدلجي ’گُل بائيءَ‘ ٿي ويو) وٽ آھي، جتي مورڙي جي ڇھن ڀائرن ۽ سندن ڀيڻ، سيرئينءَ جون قبرون آھن. مورڙي جي قبر انهن قبرن کان پرڀرو اولهائين ٽڪريءَ تي مورڙي واري قبرستان ۾ آھي. اِھو ٽڪريءَ وارو علائقو، ھن وقت مسرور بيس (فوجي ڇانوڻيءَ) جي حد ۾ ھئڻ ڪري عام ماڻهن لاءِ بند آھي.

ڪالَ ڪَلاچِيءَ وِيا، گهاتُو ڪَري گُهورَ،

مادَرِ! مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،

مون کي ڪَري مَلُورَ، اُونِهي وِيا اوهَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 7، ص: 633)

موکي متارن جو قصو

ھيءُ قصو، سومرن جي آخري دؤر ۽ سمن جي شروعاتي دؤر سان تعلق رکي ٿو، جو لڳ ڀڳ چوڏهين صدي عيسويءَ جو آھي.

موکي، مومل جي خاص ٻانهيءَ ناتر جي ڌي ھئي. ناتر، مومل جي مُئي کان پوءِ، سنڌ جي الهندي پاسي رُخ ڪيو ۽ ڪراچيءَ ويجهو گڏاپ جي علائقي ۾ اچي، شراب چڪائڻ جي بٺي بڻائي، مئخانو کوليائين. ھي ماڳ، بندرگاھن، ڪيچ مڪران ۽ سنڌؤ واري شھرن ڏانھن ايندڙ ويندڙ سودَاگرن ۽ مسافرن لاءِ ھڪ منزل ھئي. ناتر شراب ٺاھڻ ۾ ماھر ھئي ۽ ساڳيو ھنر موکيءَ کي بہ سيکاريائين. ماءُ جي مرڻ کان پوءِ، موکيءَ مئخانو سنڀاليو. موکيءَ جي ھن مئخاني جي ھاڪ ھنڌين، ماڳين ھُلي وئي، جڏهن سيارو شروع ٿيندو ھو، تہ موکي پنھنجا مَٽ کوليندي ھئي تہ شراب جا ھيراڪ، سرڪيءَ لاءِ اچي وٽس ڳاھٽ ٿيندا ھئا.

ھڪ ڀيري ڪي دوست، موکيءَ جي شراب جي ھاڪ ٻڌي اچي پھتا. روايتن ۾ آھي تہ، اُھي اٺ ڄڻا ھئا، جن ۾ ٻہ چنا، ٻہ سومرا، ٻہ سما ۽ ٻہ چوهاڻ ھئا، جيڪي تاريخ ۾، متارن جي نالن سان ياد ڪيا وڃن ٿا. اُھي ھر ڇھين مھيني چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾، ايندا ھئا. ھتي جي موسم جي لحاظ کان، ڪَتيءَ کان چيٽ تائين شراب جي موسم ھوندي ھئي ۽ موکيءَ جي مئخاني ۾ صاف ۽ نج شراب ھوندو ھو.

ھڪڙيءَ سرد رات جو، چيٽ جي چانڊوڪيءَ ۾ متارا آيا. کين اچڻ ۾ دير ٿي وئي، جو مَٽ خالي ٿي چڪا ھئا. موکيءَ سوچيو، ھنن کي جواب ڏيڻ مناسب ناھي، سو مئخاني ۾ اندر وڃي مَٽ اُپٽيائين تہ من ڪو ٿورو گهڻو پراڻو سنڌيل چُڪو ملي وڃي. اتفاق سان ڪنھن ڪنڊ ۾ پراڻو مٽ پيل ھو، جنھن ۾ ڪجهہ سَرو پيل ھو. موکيءَ کين وٽيون ڀري ڏنيون ۽ ھو پي، پُر ٿي روانا ٿيا. جڏهن مَٽ جو پورو شراب ختم ٿي ويو تہ موکيءَ ڏٺو تہ مَٽ جي تري ۾ ڪو ڪاريھر ڳري ڪنڊا ٿي ويو ھو. موکي ويچار ۾ پئجي وئي ۽ کيس پڪ ٿي تہ متارن جو جيئڻ مشڪل آھي. ڪن روايتن موجب، سال کان پوءِ، متارا جيئرا جاڳندا موکيءَ جي مئخاني تي پھتا. موکي کين جيئرو ڏسي سَرهي ٿي ۽ سندس دل تان وڏو بار لھي پيو، پر متارن موکيءَ کي چيو تہ اُھو شراب پيار، جيڪو تو پَرُ سال پياريو ھو. موکيءَ گهڻو نٽايو، پر متارن ٻيو شراب وٺڻ کان انڪار ڪيو. تنھن تي موکيءَ متارن کي پَر سال واري زھريلي شراب جي حقيقت ٻڌائي تہ متارن کي حيرت، خوف ۽ بي اعتباريءَ کان ڌوڏو آيو، ھو سراپ ۾ مري ويا! ڪن روايتن ۾ اچي ٿو تہ جڏهن مَٽ خالي ٿي ويا تہ متارن موکيءَ کان شراب گهريو، تنھن تي موکيءَ تنگ ٿي چيو اِھو مئل نانگ وارو شراب ڪٿان آڻيان! نانگ جو نالو ٻڌندي ئي متارن اُتي دم ڏنو.

انهيءَ واقعي کان پوءِ، موکيءَ جي مئخاني جون رونقون ختم ٿي ويون. ھن واقعي، موکيءَ جي دل تي ايترو تہ اثر ڪيو، جو ھن ميخانو بند ڪري ڇڏيو ۽ پوءِ گمناميءَ واري زندگي گذاري مري وئي. موکيءَ جي قبر، نئين سبزي منڊي، سُپر ھاءِ وي کان اتر طرف ويندڙ روڊ تي 12 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي، ڪراچيءَ جي مشھور تفريح گاھ ڪوزي واٽر پارڪ جي ويجهو، درگاھ شاھ مريد جي ڀر ۾، ڳوٺ ھيبت خاصخيليءَ جي قبرستان ۾ آھي.

آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيَا،

مَتارا تنهين ساءَ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 10، ص: 102)

مومل راڻي جو قصو

مومل راڻي جو قصو سنڌ ۾ آڳاٽو ھلندڙ آھي ۽ عام طرح سان ان کي پنڌرهين صدي عيسويءَ جو قصو سمجهيو وڃي ٿو. لوڪ روايتن موجب، پندرهين صدي عيسويءَ جي شروعاتي دؤر ۾، راجا نند نالي، گجر ذات جو حاڪم، ميرپور ماٿيلي واري تَر جو حڪمران ھو. کيس 9 نياڻيون ھيون، انهن مڙني مان، ’مومل‘ سونھن ۾ سرس ھئي ۽ سومل وري سياڻپ ۽ عقل ۾ اڪابر ھئي. ڪجهہ ٻين روايتن موجب، اھو دؤر ان قصي کي ڳائڻ جو دؤر آھي، قصو ان کان بہ اڳ جو آھي. ھي قصو ٻارهين صديءَ جي وچ کان وٺي چوڏهين صديءَ جي شروع واري دؤر ۾ اُسريو ۽ ٿوري عرصي اندر مشھور ٿي ويو. چوڏهين پندرهين صديءَ ۾ سنڌ جي سڄاڻ ڀَٽن، ڀانن، منگتن ۽ مڱڻھارن، ھن قصي کي ڳايو ۽ سورهين صديءَ ۾ شاعرن ھن کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو.

ميرپور ماٿيلي شھر کان ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود ماٿيلي شھر ڀرسان اڄ بہ، ’مومل جي ماڙيءَ‘ جي نالي سان قديم آثار، کنڊرن جي روپ ۾ موجود آھن، جنھن کي ’ماٿيلي جو ڪوٽ‘ بہ سڏجي ٿو.

قصي ۾ آھي تہ راجا نند وٽ ڪنھن جانور (سوئر) جو طلسمي ڏند ھو، جنھن جي اثر سان وهندڙ درياھ جو پاڻي ھٽي ويندو ھو ۽ ھو ان جي پيٽ ۾ پنھنجو خزانو پوري ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري ڪو جادوگر، پينو فقير جو روپ ڌاري راجا نند ۽ سندس سياڻي ڌيءُ سومل جي غير موجودگيءَ ۾، اھو طلسمي ڏند مومل کان فقيري ڦند سان وٺي، درياھ ۾ لڪل سمورو خزانو ڪڍي کڻي ويو.

خزاني چورائجڻ جي خبر جڏهن راجا نند کي پئي تہ مومل تي ڏاڍو ناراض ٿيو، پر سومل جي سياڻپ، مومل کي مھلت ڏياري ۽ پيءُ کي ان کان وڌيڪ خزانو ڏيارڻ جو واعدو ڪيائين. سومل، جادوءَ جي ڪمن ۾ گهڻي ھوشيار ھئي، سو ويھي ويچار ڪيائين تہ ڪو اھڙو مَنڊ مَنڊجي جو خزانو ھٿ ڪري سگهجي. اھا سِٽ سِٽي، ڀينرن ۽ ٻانهين کي ساڻ ڪري، ماٿيلو ڪوٽ (مومل جي ماڙي) ڇڏي جيسلمير ويجهو، لُڊاڻي شھر ڀرسان، ڪاڪ نديءَ جي ڪناري تي ھڪ طلسمي رنگ محل ٺھرايائين. ھن محل جي چوڌاري ھڪ خوبصورت باغ جوڙائي، ورن وڪڙن وارا ڏکيا ۽ منجھيل ھڪجھڙا رستا ٺھرايائين تہ جيئن ڪو ٿورو بہ ٿڙي تہ کيس رستو ھٿ نہ اچي. محلات جي اڱڻ ۾، شيشي جو تلاءُ ٺھرايو ويو، جنھن ۾ طلسمي پاڻيءَ جو وهڪرو، اھڙو دھشت وارو ھو، جو دليون ئي دھلجي ٿي ويون. محلات جي چئني طرفن کان جادوئي جانور: شينهن، چيتا، چراخ ۽ بگهڙ وغيرہ پنھنجن آوازن سان ايئن ٿي ڏسڻ ۾ آيا تہ اجهو اچي حملو ڪندا. اھي سڀ مصيبتون پار ڪري، ڪو مٿي ماڙيءَ تي پھچي تہ اتي وري ڪچيءَ تند سان واڻيل ھڪجھڙيون کٽون رکيل ھيون، جن مان فقط ھڪ پڪي واڻَ سان واڻيل کٽ ھئي، جنھن تي مومل پاڻ ويھندي ھئي. ٻين کٽن جي ھيٺان اونهان خوفناڪ کوھ کوٽيل ھئا، جن ۾ بڙڇيون ۽ ڪِل کُتل ھئا. ھن مانڊاڻ مچائڻ کان پوءِ، پڌرو ڪيائون تہ جنھن کي مومل ماڻڻي ھجي، سو مٿي ماڙيءَ تي ھليو اچي.

مومل جي حسن جي ھاڪ ٻڌي، اڻ ڏٺي، مومل جي محبت جا ماريل گهڻائي عاشق، ڏيساور ڏوري، مومل ماڻڻ لاءِ ايندا ھئا ۽ انهي طلسمي ٽڪساٽ ۽ ٻين آزمائشن جي ور چڙهي، ڪاڪ ڪنڌيءَ ڪُسجي ويندا ھئا.

ھمير سومرو بادشاھ ھو. ان جا ٽي وزير ھئا، جن ۾ راڻو مينڌرو (همير سومري جو سالو) ، ڏؤنئر ڀٽي ۽ سِينھڙو ڌماچاڻي شامل ھئا. اھي شڪار لاءِ سنڀري نڪتا. شڪار ڪندي کين امرڪوٽ ۽ جيسلمير جي وچ وارين ڀٽن ۾ ھڪ شھزادو، فقيرن جھڙيءَ حالت ۾ مليو، جنھن کي مومل جي سونھن، مستان ۽ ڪاڪ محل ڪنگال ڪري ڇڏيو ھو.

ھن سامي فقير جو حال ڏسي، ھمير سومري، راڻي ۽ ٻين کانئس خبرون چارون پڇيون، جنھن ڪاڪ محل ۽ مومل جي سڄي ماجرا کين ٻڌائي. ھن ساميءَ جون اھي ڳالهيون ٻڌي، ھنن کي بہ اچي ڪاڪ محل ڏسڻ جو شوق ٿيو. گهوڙا ڊوڙائي، اچي مومل جي ماڳ وٽ پھتا، جتي سندن آجيان لاءِ مومل جي خاص ٻانهي، ’ناتر‘ ھڪي تڪي حاضر ھئي.

ٿوري دير ساھي پٽيائون تہ ناتر ھنن لاءِ طعام کڻائي آئي ۽ ان سان گڏ، ھڪ منجهيل سُٽ جو ڦورو بہ آڻي رکيائين ۽ کين چيائين تہ ھي طعام خاص توهان لاءِ مومل پاڻ ٺاھيو آھي ۽ ھي ڦورا بہ موڪليا اٿس تہ سُلجهائي ڏيو. راڻي، پنھنجن دوستن کي چيو تہ ڪوبہ طعام کي ويجهو نہ وڃي. ناتر کان ڦورو وٺي، کيسي مان چاقو ڪڍي، ان سڄي کي ڪپي گهوڙن جي منھن تي مڻيارا ڪري ٻڌائين ۽ کاڌي مان ٿورو کڻي، سامهون بيٺل ڪتي کي ڏنائين تہ ٿوريءَ ئي دير ۾ ڪتو وهاٽجي ڪري پيو تہ سڀني جا طاق لڳي ويا تہ ھهڙو ڊوھ بہ ٿي سگهي ٿو! ھوڏانھن ناتر اھو سڀ رنگ ڏسي وئي ھئي، تنھن مومل کي وڃي خبردار ڪيو ۽ راڻي واري اھا ڪيل ساري ماجرا کيس ٻڌايائي ۽ اھو بہ چئي ڏنائين تہ، ’سانئڻ توکي ماڻيندو تہ اھو‘. ناتر وري نخرا ڪندي وٽن آئي تہ ھاڻي توهان مان ھڪ ھڪ ٿي ھلي مومل سان ملي. روايت آھي تہ پھرين ھمير سومرو ويو. ناتر تہ ان طلسمي باغ ۾ گوهي ڏئي گم ٿي وئي، پر ھمير جون جانورن جي رڙين ۽ طلسمي پاڻيءَ جي ڇولين مَتِيون مُنجھائي ڇڏيون، نيٺ جان بچائي موٽي آيو. سينهڙي ڌماچاڻيءَ ۽ ڏونئر ڀٽيءَ سان بہ اھا ئي ڪار ٿي، آخر ۾ سوڍو سنڀريو، جنھن اھو پروڙي ورتو تہ ھيءَ جا ٻانهي اندر داخل ٿيڻ شرط گوهي ڏئي گم ٿي ٿي وڃي، ان کي قابو ڪرڻو آھي، پوءِ باغ ۾ داخل ٿيڻ شرط راڻي، ناتر جي چوٽيءَ ۾ پنھنجو ھٿ قابو وڌو ۽ کيس چيائين ھاڻي سڌي مومل وٽ ھل، ناتر گهڻو ئي نٽايو، پر اڳيان بہ مينڌرو ھو، جڏهن ٿورو ھلندي پاڻيءَ جون ڇوليون ڏيندڙ تلاءُ نظر آيو تہ ان ۾ سوپاري ڦٽي ڪيائين، جا ٽڙڪاٽ ڪندي شيشي جي مٿان وڃي ڪري.

پوءِ ناتر کي چوٽيءَ ۾ ٻہ ٽي سٽون ڏنائين، جنھن کيس سڀ سچيون ڪري ٻڌايون. مينڌرو نيٺ وڃي مٿي ماڙيءَ تي پھتو، تہ مومل پنھنجي ساھيڙين سان کٽ تي ويٺي ھئي. جنھن کيس سامهون پيل کٽن تي ويهڻ جو اشارو ڪيو، پر راڻي سڀني کٽن تي پيل ھنڌن کي لڪڻ سان زور ڏنو تہ ھنڌ ويهاڻا ھيٺ اونهين کاھين ۾ ڪرندا ويا ۽ پوءِ اچي مومل واري کٽ تي ساڻس گڏ ويٺو تہ مومل جون سھيليون ھٽي پري ٿيون. مومل بہ واعدي مطابق پاڻ کي راڻي لاءِ دلي طور ارپي ڇڏيو. راڻو، مومل جي سونھن ۾ اھڙو تہ منڊجي ويو، جو کيس پنھنجا سنگتي ساٿي ياد ئي نہ رهيا، نيٺ اھي بہ انتظار ڪري ڪاوڙجي ھليا ويا. پر ڪن روايتن ۾ اچي ٿو تہ ھمير سومري کي مينھن ڏهڻ جي بھاني، ميھارن وارو ويس پارائي مومل ڏيکارڻ وٺي ويو. مينھن ڏهندي سندس ھٿ رتو رت ٿي ويا، جنھن تي کيس ڏسي مومل بہ سھي ڪيو تہ ھي ڏهائيءَ وارو ڪونهي، انهيءَ تي ھمير ويتر ڪاوڙجي پيو ۽ پنھنجي ٻين سنگتين سان پنھنجي ماڳ موٽيو. ھوڏانھن مينڌرو، مومل جي قرب ۾ ڪڙجي ويو، پر کيس پٺيان جو بہ اُلڪو ھو، سو مومل سان جلدي موٽڻ جا واعدا وچن ڪري، پنھنجي اصلي ماڳ موٽيو. ھميرسومرو تہ ھُن لاءِ قھري اکيون کنيو ويٺو ھو، تنھن ايندي ئي ھنيس ڪاٺ ۾، پر پوءِ راڻي جي ڀيڻ، جيڪا ھمير جي گهر واري ھئي، تنھن جي چوڻ تي ان شرط سان جان آجي ٿيس تہ وري مومل ڏانھن نہ ويندو. بند مان ڇٽڻ کان پوءِ، بہ راڻو نہ مڙيو ۽ لڪي ھڪ ڏاچيءَ تي چڙهي، مومل سان ملڻ ويندو ھو ۽ رات وچ ۾ مومل سان ملي واپس موٽي ايندو ھو. ھمير کي جڏهن سندس وڃڻ تي شڪ ٿيو تہ اھا ڏاچي، گڏائي ڇڏيائين. راڻو رات جو جڏهن ڪاڪ تي وڃڻ لاءِ سنڀري آيو تہ وڳ ۾ کيس اھا ڏاچي نظر نہ آئي تہ وڳ جي جت کان پڇا ڪيائين ، جنھن کيس ٻڌايو تہ، ’اھا ڏاچي مالڪن گڏائي ڇڏي، پر ان جو ھڪ توڏو آھي، جو ماءُ جون سِڪُون ٿو لاھي. اصل: ڏاچي ھڻي ڏھ (وکون) تہ توڏو ھڻي تيرهن.‘

مينڌري، توڏي کي پلاڻي، لانگ ورائي تہ ھي ماءُ کان بہ ٻہ وکون اڳتي، ڪاھي وڃي ڪاڪ تي رسيو ۽ مومل سان ملي واپس موٽي آيو. ان وچ ۾ ھن سڄي ٽڪساٽ ڦٽڻ تي سومل کي اندر ۾ وڏو سور ھو، جو ھن پنھنجي ھٿن سان ھيءُ منڊل مچايو ھو، سو راڻي ۽ مومل جو ھيءُ ميلاپ کيس ناپسند ھو. ھن ڪيئي سِٽون سٽيون. ڪن روايتن ۾ آھي تہ ھن ھيءَ ڳالهہ بہ ھُلائي ڇڏي تہ مومل جا سيتل راءِ سان بہ پيچ اٽڪيل آھن، اھا ڳالهه، راڻي جي ڪن بہ پئي، پر ھن اھا ڳالهہ دل ۾ ئي رکي. راڻو ٻہ ٽي ڏينھن ڪن ذاتي ڪمن ڪارين جي ڪري اچي نہ سگهيو تہ مومل جو آرام ڦِٽي پيو، ان تي سومل کيس صلاح ڏني تہ، ’آءٌ راڻي جو ويس ڍڪي توسان گڏ، سمهان ٿي تہ توکي ٿورو گهڻو راڻي جو ساءُ ضرور ايندو ۽ تنھنجو ڪجهہ مونجهارو بہ گهٽ ٿيندو.‘ مومل، سومل جي اھا ناٽڪي مام پروڙي نہ سگهي، ھن ھڪدم ھائوڪار ڪئي. سومل بہ راڻي جو اڇو ويس ڍڪي ۽ پڳ، پلنگ جي پائي ۾ ٽنگي، ڀاڪر پائي مومل سان سمهي پئي. ان ئي رات مومل کي ڄڻ تہ ڀاڳ ٽڪ ڏني، جو پاسا ورائيندي سندس اک لڳي وئي. راڻو بہ ان ئي رات وڏيءَ سِڪ سان مومل سان ملڻ آيو ۽ کيس ڪنھن ٻئي مرد سان ستل سمجهي، سندس ڇيھ ئي ڇڄي پيا. ھيڪر آيس تہ ٻنهي کي پورو ڪريان، پر پوءِ پنھنجو شان نہ سمجهي، لڪڻ سندس پاسي ۾ رکي، واپس موٽيو. مومل سجاڳ ٿي تہ ڏسي تہ راڻي جو لڪڻ سندس ڀرسان رکيل آھي، پوءِ سندس جسم کي ڄڻ تہ باھ وڪوڙي وئي، سارو اندر ئي ٻري ويس. مومل جو کائڻ پيئڻ وھ ٿي ويو. ويس وڳا، ھار سينگار سڀ کانئس وسري ويا، ڪيئي قاصد، نياپا، سلام، ميڙون منٿون موڪليائينس، راتين جون راتيون، راڻي جي انتظار ۾ تارا تڪڻ ۽ نير وهائڻ لڳي.

مومل جو جيئڻ جنجال ٿي پيو. ڏينھن رات راڻي جون رهاڻيون ساري، پئي ھنجون ھاريندي ھئي، راڻي کي نہ موٽڻو ھو، سونہ آيو. نيٺ مومل کان اوسيئڙو سَٺو نہ ٿيو، سو فقيراڻو ويس ڪري اچي راڻي جي ملڪ پھتي ۽ ڪنھن حيلي بھاني راڻي سان ڏيٺ ويٺ ڪيائين. ھڪ ڏينھن راڻي سان چوپڙ راند رهندي، ڪنھن ريت راز کلي پيو تہ مومل کيس ريجهائڻ ۽ پاڻ کي بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ ڪيئي ايلاز ۽ منٿون ڪيون، پر راڻي سندس ھڪ بہ نہ ٻڌي. نيٺ مومل نااميد ٿي، پنھنجي سچائي ثابت ڪرڻ لاءِ ڏاگهہ تي چڙهڻ جو پڪو پھ ڪيو تہ من راڻي کي خاطري ٿئي، سو ھڪ ڏينھن وڏو مچ ٻارائي، ان ۾ کڻي پاڻ کي اڇليائين. راڻي کي جڏهن ھن ڳالهہ جي خبر پئي تہ پاڻ بہ ان مچ ۾ ڪاھي پيو ۽ مومل سان گڏ، سڙي رک ٿيو ۽ ٻئي موت کي مات ڏئي ھميشه لاءِ ھڪ ٿي ويا.

ڪاڪِ ڪڙهي، وَڻَ وِيا، لُوٺو لُڊاڻو،

تو پُڄاڻان، سُپِرِين، آتَڻُ اُجهاڻو،

مُيِنِ سين ماڻُو، مُناسِبُ نہ مَينڌرا!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 5، بيت 15، ص: 536)

نوري ڄام تماچيءَ جو قصو

سنڌ جو ھيءُ مشھور عشقيه داستان، سمن جي نالي واري حاڪم، ڄام تماچيءَ جي دؤر جو آھي. ڄام تماچي پنھنجي سؤٽ، خيرالدين ڄام توڳاچيءَ سان گڏجي 1366ع کان 1371ع تائين حڪومت ڪئي، پر پوءِ ڄام جوڻي جي سازش سان دھليءَ ۾ نظربند ٿيو ۽ ڄام جوڻو ارڙهن سال سنڌ جو حڪمران رهيو. دھلي سلطنت، آڪٽوبر 1388ع ۾، فيروز تغلق جي موت سان منتشر ٿيڻ لڳي تہ ڄام تماچي بہ دھليءَ جي قيد مان آزاد ٿي واپس وطن وريو تہ سندس وڏي شان ۽ مان سان آجيان ڪئي وئي ۽ سنڌ جو خودمختيار حڪمران ٿي 1388ع کان 1392ع تائين، ’رُڪن الدين شاھ‘ڄام تماچيءَ جي لقب سان حڪومت ڪيائين.

نُوري ڪير ھئي، ان لاءِ ھڪ روايت اھا بہ آھي تہ، جسوڌڻ راءُ نالي ھڪ سمون بادشاھ ھو، جنھن جي گهر واريءَ جو نالو، مُروبت راڻي ھو. جسوڌڻ راءَ کي اولاد ڪونہ ھو. نيٺ ھڪ درويش جي دعا سان کيس ڌيءَ ڄائي، پر ڇوڪريءَ کي ڄائي ڄم کان ڪوڙھ جو مرض ھو، جنھن ڪري تمام ڪوجهي ڄائي. جسوڌڻ ڌيءَ کي ڏسي ويچار ۾ پئجي ويو ۽ دائيءَ کي حڪم ڏنائين تہ ڇوڪريءَ کي ڪنھن اوڙاھ ۾ اڇلي اچ. دائيءَ حڪم مڃي، ڇوڪريءَ کي کڻي جهنگ منھن ڪيو. اتفاق سان، ’ڪينجهر‘ نالي گندرو مھاڻو، گڏجي ويس، جيڪو پڻ بادشاھ کي ڌيءَ ڄمڻ جي مبارڪ ڏيڻ پئي ويو، تنھن دائيءَ کي جهنگ ڏانھن ويندي ڏسي احوال پڇيو. دائيءَ کيس سموري احوال کان واقف ڪيو ۽ ڇوڪري ڏيکاريائين. ڪينجهر، دائيءَ کي چيو تہ، ’مائي! خدا الائجي ڪھڙين ڳالهين ۾ راضي! تون ھيئن ڪر جو اھا ڇوڪري منھنجي حوالي ڪر، پوءِ قسمت ھوندي تہ بچي پوندي‘ سو دائي ڇوڪريءَ کي گندري جي حوالي ڪري موٽي وئي. ٻي روايت اھا آھي تہ نوري، مھاڻن جي نينگري ھئي، پر ڪوڙھ سبب ڪوجهي ھئي.

ڪينجهر، ذات جو گندرو (اڄ بہ انهيءَ ذات جا ماڻهو ڪينجهر لڳ رهن ٿا.) وڏيءَ ڍنڍ جي ڪپ تي رهندو ھو، جيڪا اڄ سندس نالي پٺيان، ’ڪينجهر‘ ڍنڍ ٿي سڏجي. ڪينجهر، گندرن جو چڱو مڙس ھو. سندس زال جو نالو، ’سون ٻائي‘ ھو، جنھن ڇوڪريءَ جو نالو، ’نوري‘ رکيو ۽ کيس وڏي ناز سان پالي وڏو ڪيو ۽ کيس مڇي وڍڻ ۽ وڪڻڻ کي ويجهو ئي وڃڻ نہ ڏنائون، ان ڪري نوريءَ جون عادتون ۽ خصلتون ٻين مھاڻين کان مختلف ھيون.

نوري، جوان ٿي تہ پيءُ کيس پرڻائڻ جو خيال ڪيو ۽ پنھنجي سڄي برداريءَ کي سڱ جي آڇ ڪيائين، پر ڪوجهي ھئڻ ڪري نوريءَ کي ڪنھن ڪونہ قبوليو، ايتري قدر جو ڪينجهر جي ڀائٽيي بہ سڱ وٺڻ کان انڪار ڪيو. نوريءَ کي ڪوڙھ جي مرض ۽ ڪوجهائيءَ نھوڙي ڇڏيو ۽ رب جي درٻار ۾ شفا لاءِ ٻاڏائڻ لڳي. ان آس تي نوري روز، شاھ ھُوندڙي جي آستاني جون مٽيون ڀرڻ لڳي. درويش خوش ٿي کيس دعا ڪئي. دعا، ڌڻيءَ جي در تي اگهامي وئي ۽ ڪوڙھ جو مرض مِٽجي ويو. جيئن ئي مرض لٿو تہ منجهس ايڏو تہ حسنؑپيدا ٿي پيو، جو سندس منھن، وڄ وانگر تجلا ڪرڻ لڳو، ان سبب ھؤَ پاڻ کي ويڙهي ھلندي ھئي.

ان دؤر ۾، ڄام تماچي سمون، ٺٽي جو حڪمران ھو ۽ شڪار لاءِ اڪثر ڪينجهر ڍنڍ تي پنھنجن اميرن سان گڏجي ويندو ھو. ڍنڍ جي ڪناري تي ھڪ ننڍڙي ماڙي ٺھرائي ھئائين ۽ جنھن وقت بہ دل ڪندي ھئس سير لاءِ نڪري پوندو ھو. ھڪ رات ڄام تماچي پنھنجن اميرن سان محفل ۾ مشغول ھو تہ ڍنڍ طرف تجلو ٿيو. ڄام تماچي حيران ٿي وزيرن کان پڇيو تہ آسمان ۾ نڪو چنڊ، نڪا کنوڻ، پوءِ اِھو تجلو ڇا جو؟ تہ کيس جواب مليو تہ، بادشاھ سلامت! اِھا ڪينجهر مھاڻي جي ڇوڪري، مڇيءَ جو شڪار پئي ڪري. سندس منھن تان پاند ھٽڻ ڪري اِھي اولڙا پاڻيءَ ۾ پيا پون. وري جو صبح جو ڪنھن مھاڻي جي واتان نُوريءَ جي نماڻائيءَ ۽ نهٺائيءَ واريون وصفون ٻُڌائين تہ دل ئي دل ۾ نُوريءَ تي موهجي پيو ۽ حڪم ڪيائين تہ ننڍو وڏو گندرو ملاح اچي سلامي ڀري. سڀئي اچي ڄام جا سلامي ٿيا ۽ نوري بہ پاٻوڙي سميت اچي سلامي ڏني. ڄام کي سلاميءَ جي بھاني نُوريءَ جو ديدار نصيب ٿيو. کيس پنھنجي پَٽ راڻي بنائڻ جو پڪو پھه ڪيائين. بادشاھ، گندرن وٽ ھلي آيو. گندرا ويچارا بادشاھ کي پنھنجين مَڏين مِياڻين ۾ آيل ڏسي، ڪپڙن ۾ ئي نہ پي ماپيا. ڪينجهر گندري ڄام تماچيءَ جو وڏي ادب ۽ احترام سان آڌرڀاءُ ڪري کيس پنھنجن پراڻن پکن ۾ ويھاريو. ڄام تماچيءَ کيس پنھنجي ڀر ۾ ويھاري، کانئس نوريءَ جو سڱ گهُريو. ڪينجهر وڏي خوشيءَ سان ھائوڪار ڪري، سڱ ڏيڻ قبوليو. گندرا خوشيءَ ۾ نٿي ماپيا. جڏهن اِھا خبر نُوريءَ کي پئي تہ شڪر ڪيائين. نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي شادي ٿي ۽ ڄام، نُوريءَ کي ٻانهن ۾ سُهاڳ جو ٻيڙو ٻڌو. نهٺائيءَ مان نوريءَ جو سِر نميل ھو، پر سندس حسين پيشاني مشعل وانگر پئي چمڪي.

ڄام تماچيءَ جو نوريءَ سان اھڙو نينھن ٿي ويو، جو ھڪ پل بہ کانئس پري نہ ٿي ٿيو. ڄام تماچيءَ جو نُوريءَ سان قرب ڏسي، سڀئي راڻيون، دايون ۽ ٻانهيون بہ ادب سان نُوريءَ جي سلامي ڀرڻ لڳيون. ايڏي وڏي مانَ ۽ مرتبي ھوندي بہ نوري سراپا نياز ھئي، وڏائيءَ جو تہ کيس واءُ بہ نہ لڳو ھو. پاڻ سڀني سان محبت ۽ اخلاق سان پيش ايندي ھئي، ڪڏهن بہ پاڻ کي راڻي ڪري نہ سمجهيائين. جيئن جيئن ڏينھن گذرندا ويا، تيئن تيئن نُوريءَ جو نياز ۽ سندس سُهڻيون خصلتون پسي، ڄام تماچيءَ جو نُوريءَ لاءِ دل ۾ قرب وڌندو ويو. ايتري قدر جو نُوريءَ سان گڏ، ڪينجهر ۾ سير ڪندي ڄام مڇيءَ جي شڪار لاءِ پاڻ ڄار اڇلائيندو ھو.

نوريءَ جي ڪري گندرن جو پڻ ڀاڳ وريو، جيڪي مھاڻا سدائين مسڪيني حال ۾ گذاريندا ھئا ۽ جن جو ڌنڌو ئي کِکِي مڇيءَ جو ھو، سي اڇا اُجرا ٿي، عطر ۽ عنبير لڳائي وڃي ڄام جي ماڙيءَ تي پھچندا ھئا. سندن ڏک ڏور ٿي ويا ۽ خوشحال ٿي ويا. ڄام، نُوريءَ جي ڪري مھاڻن کي مانُ ڏنو ۽ نُوريءَ جي چوڻ تي ئي ڄام، ڪينجهر ۽ ٻين ڍنڍن تان محصول معاف ڪري ڇڏيو. ڄام تماچي جڏهن ڏٺو تہ سڀيئي راڻيون پنھنجي حسب نسب جي ھَٺ ۾ پيون ڇڄن ۽ وڏ گهراڻيون ھئڻ ڪري، نماڻي نوريءَ کي پنھنجي مَٽ نٿيون ڀانئين، تڏهن ھڪڙي ڏينھن محلات ۾ نياپو ڪيائين تہ سڀئي راڻيون ھار سينگار ڪري، ٺھي جُڙي ويھن، پوءِ جيڪا بہ راڻي پسند اينديم، تنھن کي پاڻ سان گڏ، گهمائڻ لاءِ وٺي ويندس. شام جو سڀئي راڻيون ھار سينگار ڪري ريشمي ڪپڙا پھري ويھي رهيون. نوري پنھنجي سادي لباس ۾ نماڻي ٿي ويھي رهي. شام جو ڄام تماچي محلات ۾ آيو. سَمين راڻين جي ڏيک ويک کان نُوريءَ جي سادي لباس کي سھڻو سمجهيائين. پوءِ ٻين راڻين کي ڇڏي، نُوريءَ کي گهمائڻ لاءِ وٺي ويو. ڄام تماچيءَ جو اھو عمل، سَمين راڻين کان برداشت نہ ٿيو. سندن دلين ۾ نُوريءَ لاءِ حسد ۽ ساڙ اڃا بہ وڌيو ۽ اھڙي موقعي جي ڳولا ۾ ھيون، جيئن نُوريءَ جي گهٽتائي ٿئي ۽ ڄام تماچيءَ جي دل کانئس ھٽي وڃي. ڄام بہ راڻين جي روش مان اِھا ڳالهہ چڱيءَ طرح سمجهي ورتي ھئي. ٿورن ڏينھن کان پوءِ، نئين مند آئي. بادشاھي دستور موجب، محلات ۾ موسم بدلجڻ جو جشن ٿيو. شاھي رواج موجب، سڀني راڻين کي ڄام تماچيءَ وٽ حاضر ٿي سوکڙيون پاکڙيون پيش ڪرڻيون ھيون. راڻين تہ گهريو ئي اِھو ٿي، سي خوش ٿيون. ھر ڪنھن راڻيءَ جي اِھا ڪوشش ھئي تہ قيمتي کان قيمتي ۽ اوچي کان اوچو تحفو پيش ڪري، ڄامتماچيءَ وٽ سرخرو ٿئي. سڀئي لِڪ ڇُپ ۾ پنھنجا تحفا ٺاھڻ لڳيون.

نُوري راڻي تہ ھئي، پر کيس اجائي ٺاھ ٺوھ سان اصل ڪانہ پوندي ھئي. سواءِ ڄام تماچيءَ جي، ٻئي ڪنھن ڏانھن خيال نہ ھوندو ھئس. انهيءَ ڪري وٽس ڪي بہ قيمتي شيون ڪونہ ھيون. اِھو خيال ڪري ٻيون راڻيون خوش ٿيڻ لڳيون، جو کين نُوريءَ کي ھيٺانھون ڏيکارڻ جو موقعو ملي ويو. آخر اھو ڏينھن آيو. ڄام تماچي محلات ۾ داخل ٿيو، سڀڪا راڻي واري واري سان ھڪ ٻئي کان وڌيڪ قيمتي تحفو آڻي، سندس خدمت ۾ پيش ڪندي وئي. جڏهن نُوريءَ جو وارو آيو، تڏهن نماڻائيءَ سان ڄام وٽ اچي، کيس ڍنڍ مان نڪتل نئين مُند جو نئون پاٻوڙو آڻي آڏو رکيائين. ڄام تماچيءَ اِھو انوکو تحفو وڏي خوشيءَ مان قبوليو، راڻين جا ٺَپ ئي ٺري ويا ۽ ماٺڙي ڪري موٽي ويون. ڄام کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ھئي تہ سَميون راڻيون، نُوريءَ جي بخت سان ريس بہ ڪن ٿيون ۽ کانئس خوش بہ ناھن، سو آخري پرک لاءِ سڀني راڻين ڏي نياپو موڪلائين تہ، ’هن عيد تي نُوريءَ سميت سڀ راڻيون کانئس پنھنجي دل گهري شيءِ گهرن. پوءِ عيد آئي ۽ ڪنھن ھيرا طلبيا تہ ڪنھن جواھر، پر نوري ماٺ ڪيو بيٺي ھئي، جڏهن سندس وارو آيو تہ چيائين تہ، ’منھنجي ڪابہ خواھش ناھي‘ ڄام کيس گھرڻ لاءِ زور ڀريو، تڏهن نوريءَ سِر نمائي عرض ڪيو تہ، ’سائين مون کي ھميشه لاءِ رڳو اوهان جو قُرب کپي، جي اِھو مليو تہ ڄڻ سڀ ڪجهہ مليم،‘ اِھو ٻڌي ڄام ڏاڍو خوش ٿيو ۽ کيس پٽ راڻي بنايائين.

ڄام تماچي، 1392ع ۾ وفات ڪئي. ھڪ روايت موجب، نوري ۽ ڄام تماچيءَ جي قبر ڪينجهر جي وچ ۾، ھوندڙي شاھ جي قبر جي پيرانديءَ ۾ آھي. جڏهن تہ جهونن آثارن جي ماھرن جي راءِ موجب، سندن قبرون مڪليءَ جي قبرستان ۾ موجود آھن.

ھيٺِ جَرُ، مَٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، تَماچِيءَ جِي ساءَ،

لڳي اُتَرَ واءَ، ڪِينجُهرُ ھِندؤرو ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع) ، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 4، ص: 627)