آگم ڪيو اچن...

شاھ جي رسالي جا مکيہ ڪردار

شاھ جي رسالي جا مکيہ ڪردار

شاھ جي رسالي جا مکيہ ڪردار

ابڙو اگهام:

سُر بلاول ۾ شاھ لطيف ڪيترن ئي سخين جي سخاوت جي واکاڻ ڪئي آھي. اھڙن سخين ۽ ڏاتارن ۾، ٿر جي پارڪر واري علائقي جي ’ڄام ابڙي‘ جو ذڪر بہ آھي. جيڪو سماٽ قبيلي جي ’دل‘ شاخ جي ’اگهام‘ نُک مان ھو.

’ابڙي اگهام‘ جي رهائش، پارڪر جي چوٽاڻ پٽ ۾ ھئي. انهيءَ سڄي تر ۾ مندائتا مينہن پيا وسندا ھئا، تنھن ڪري پارڪر جو پٽ، آسودگي ۽ خوشحاليءَ جي لحاظ کان مشھور ھو. انهيءَ زماني ۾ سخاوت ئي شاھوڪاريءَ جي علامت ھئي. سخي ۽ ڏاتار، سائلن ۽ گهرجائن، توڙي چارڻن، ڀٽن، ڀانن ۽ منگتن جي صدائن ۽ سَينن کي پورو ڪندا ھئا.

’ڄام ابڙي اگهام‘ جي عادت ھوندي ھئي تہ ھُو، پنھنجي ايراضي ۽ آس پاس جي پٽ ۾ واٽ ويندڙن ۽ مسافرن جي سارَ لهندو ھو تہ جيئن انهن مان ڪو بُکيو اُڃيو نہ رهجي وڃي. انهيءَ ڪري ھن جي طرفان خاص عملدار مقرر ھئا، جيڪي کاڌي پيتي جون ضروري شيون کڻي، رستن جي مکيہ ھنڌن تي بيٺا ھوندا ھئا. جيڪڏهن کين ڪو مسافر، يا واٽ ويندڙ بُکيو ۽ اُڃيو ملندو ھو، تہ ان کي کاڌو پاڻي ڏيندا ھئا. مطلب تہ ڄام ابڙو اگهام اھڙو سخي ۽ ڏاتار ھو، جنھن کي پارڪر جا ماڻهو ھر وقت ياد ڪندا ھئا ۽ جيڪو غريب ۽ مسڪين ماڻهو سندس اَجهي ۾ ھوندو ھو، تنھن کي کاڌي پيتي ۽ اجهي جو ڪوبہ اُلڪو ڪونہ ھوندو ھو.

شاھ لطيف، سنڌ جي مشھور ڏهن ڏاتارن مان ’ڄام سپڙ ٻيلي ڌڻي‘ ۽ ’ڄام جکري اوڍاڻيءَ‘ سان گڏ، ’ڄام ابڙي اگهام‘ جي سخاوت جي پڻ واکاڻ ڪئي آھي:

اَبِڙو آڳاھَنِ ۾، سَپَرُ جيئن ٻيلٖي،

سي پَٽَ ڪنھن نہ پُرِيا، جي ٿو ڀَرُ ڀيلٖي،

سَڄَڻُ سانوَڻَ مِينہن جان، رُڃُون ٿو ريلٖي،

اَچَنِ جي ويلٖي، تَنِ نورَ بَخِشي ڀِٽَ ڌَڻِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 17، ص: 897)

ابڙو جوڻيجو:

’ابڙو جوڻيجو‘، سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. ’دودي چنيسر‘ واري قصي ۾ سامُن جي حوالي سان اھا ڳالهہ مشھور آھي تہ، سامُون، ’ابڙي سمي‘ کان اڳ، ’ابڙي جوڻيجي‘ وٽ پھتيون ھيون، جنھن سامون نہ جهليون ۽ کين پناھ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيائين. شاھ لطيف فرمايو آھي تہ:

عَلاؤالدِينُ آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،

ڪَھِين ڪِينَ ھِمَتيو، ڪانَ جَهلِيندو ڪيرُ؟

سُومِرِيَنِ سامَ کنئي، اَبِڙي ڪِيو اُٺَ پيرُ،

ھو مُهايَنِ مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 13، ص: 896)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جو دؤر‘ ۾ لکي ٿو: ”ڪن سگهڙن وٽ ايئن آھي تہ ابڙو جوڻيجو، چنيسر جو يار ھو، انهيءَ ڪري سامون وٽس وييون، پر گهڻين روايتن مطابق ايئن ڄاڻايل آھي تہ سامون، ’ابڙي‘ جي نالي جي پويان ڀلجي وٽس ويون جو ڀانيائون تہ اھو ئي ابڙو سمو آھي. ابڙي جي پيءُ جو نالو ’اُبن‘ ۽ ماءُ جو نالو ’مريم‘ ھو. ’ابڙي‘ جو شھر، ’ريڻ دريا‘ واري پاسي سان ھو.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 105)

ڊاڪٽر بلوچ، ابڙي جوڻيجي جي ڪردار جي حوالي سان ٻہ رايا ڄاڻايا آھن. شاھ لطيف جي بيتن ۾ ٽنهي جو ذڪر سندن ڪردار ۽ شخصيت جي حوالي سان پڌرو ٿئي ٿو، جيئن ابڙي جوڻيجي جو ذڪر شاھ لطيف، سامُن کي پناھ نہ ڏيڻ ۽ بزدلي ڏيکارڻ جي حوالي سان ڪيو آھي:

اُو اَبَڙو ئِي اَڀَڳُ، اُو ڏُونگَرُ ئِي ڏيھ ٻِئو،

ھِيءُ جُوڻيجَاڻُون جُنگُ، جو سَرَڻِنِ سوٺا نہ سَھي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 1، بيت 18، ص: 172)

ابڙو سمو:

ابڙو سمو، شاھ لطيف جي ’سُر بلاول‘ جو ھڪ مکيہ سورهيہ ڪردار آھي. ابڙو، ڪڇ جي سمن سردارن مان ھو، جنھن بابت مشھور آھي تہ، ھن دودي ۽ چنيسر جي ڀيڻ، ٻاگهل ٻائيءَ سميت سَت سومريون سام جهليون ھيون ۽ انهن سامُن خاطر پاڻ، پنھنجي ڪٽنب جي جوان مردن سميت، جنگ جي ميدان ۾ سر ڏنائين.

ابڙي سمي جي حسب نسب بابت، مختلف روايتون ملن ٿيون. ’تاريخ طاھريءَ‘ موجب، ابڙو، ابڙاڻي سمو ھو، جنھن ڏانھن سامُون موڪليون ويون ھيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جو دؤر‘ ۾ لکي ٿو: ”اڪثر روايتن ۾ ابڙي کي جيتوڻيڪ ’سمون‘ سڏيو ويو آھي، مگر ڳچ روايتون اھڙيون پڻ آھن، جن ۾ ابڙي کي ’جاڙيجو‘ ڪوٺيو ويو آھي.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 89)

سمن جي نسب نامي جي حوالي سان ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”ابڙو پٽ ابڙي جو ۽ اھو پٽ ’جيھي‘ جو. پوءِ اڳتي پُري ھن طرح تہ: جيھو پٽ گجڻ پٽ رتو پٽ رائڌڻ پٽ لاکو پٽ ساند پٽ پلي.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 92)

بدر ابڙو، گجراتي ٻوليءَ جي ڪتاب، ’دوداني چنيسر‘ جي حوالي سان لکي ٿو تہ، ابڙو، سنڌي ڪئلينڊر، سنبت 1331 مطابق 1274ع ۾ ڄائو ھو. سندس زال جو نالو سناپا ديوي ھو، جيڪا اَمرڪوٽ جي سوڍا گهراڻي جي راجڪماري ھئي.

’ابڙي سمي‘ بابت، معمور يوسفاڻي لکي ٿو: ”ابڙو اڙٻنگ، دودي سومري جو ھمعصر ھو. ان ڪري ھن جو دؤر، تيرهين صديءَ جي آخر ۽ چوڏهين صديءَ جي شروعات ٿي سگهي ٿو. دودي ۽ علاؤالدين جي جنگ 1313ع ۾ لڳي ھئي.“

(سنڌي، حميد، (مرتب)، 1992ع، ص: 73)

بدر ابڙي جي تحقيق موجب، ’ابڙي سمي‘ جو دؤر 1301 - 1300ع جو دور چئي سگهجي ٿو. ابڙي سمي جي سرداري يا حڪومت ڪھڙن علائقن ۾ ھئي، ان بابت بہ مختلف روايتون آھن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”جدا جدا روايتن ۾ کيس ھالار ڌڻي، ڪاڇي جو ڌڻي، گولائي ڌڻي، ڪُنڊ جو ڪلاھ (ٽوپي)، جوڻاچا سردار، ڀٽ ڌڻي ۽ ڪڇ ڌڻي سڏيو ويو آھي. ابڙي جي سرداري يا حڪومت واري حد جي لحاظ سان اھي نالا ڪنھن حد تائين مناسبت رکن ٿا.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 83)

’ابڙي سمي‘ جي حڪومت جو مرڪزي ڀاڱو، ’ڪڇ‘ جو اھو علائقو ھو، جيڪو ھن وقت ’ابڙاسيو‘ يا ’گرڙيو – ابڙاسيو‘ سڏجي ٿو. ’ابڙاسيو‘، ٻنيءَ واري علائقي کان اولهہ طرف ۽ عربي سمنڊ جي اوڀر طرف ڪناري سان لڳو لڳ آھي. عام خيال اھو آھي تہ، ’ابڙي‘ جي نالي پويان ان کي ’ابڙاسيو‘ سڏيو وڃي ٿو.

’ابڙاسي‘ يا ’گرڙيو - ابڙاسيو‘ واري علائقي کي معمور يوسفاڻي موجودہ جاتي تعلقي جو ھيٺيون حصو ۽ اڳتي، ’ڪڇ‘ وارو علائقو ڄاڻائي ٿو. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب: ’ڪڇ‘ ۾ ھڪ جبل جو نالو، ’ابڙاسي جو جبل‘ چون ٿا. اُتي اڄ تائين ھڪ ميلو لڳندو آھي، جنھن کي ’سومرين جو ميلو‘ چوندا آھن.“

(سنڌيانا، جلد پھريون، 2009ع، ص: 102)

’ابڙو سمو‘ سورهيہ سردار ھو. ھن سامُون جهليون، پنھنجو سِر ڏنو، پر سامُون نہ ڏنائين، انهيءَ ڪري سنڌ جي اعليٰ سماجي قدرن موجب، ھو اُن جنگ جو مانجهي مرد بڻيو. سنڌ جي وڏن شاعرن ميين شاھ عنايت، شاھ لطيف توڙي ٻين وڏن توڙي ننڍن شاعرن، ڀانن ۽ سُگهڙن، ’ابڙي سمي‘ جي سورهيائيءَ کي واکاڻيو آھي. شاھ لطيف، ھن سورهيہ سردار کي ڀٽ ڌڻي، ھالار ڌڻي ۽ ڪڇ ڌڻيءَ جي نالي سان ڪوٺيو آھي. سندس ساراھ ڪندي شاھ لطيف فرمائي ٿو:

اَبِڙو وَڏَ وَڙو، سُوَڙو سَمو، سُونہنِ سَڀِنِ،

تنھن دَرِ سَڀِ اَچَنِ، ڪَنڌُ نہ ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 18، ص: 897)

انيراءِ:

انيراءِ، شاھ لطيف جي سُر سورٺ ۽ مشھور داستان، ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ جو ڪردار آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل ڪتاب، ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ ۾ ڏنل ھڪ روايت موجب، انيراءِ، اجمير جو حاڪم ھو. جهونا ڳڙھ جي حاڪم، راءِ ڏياچ جي راڄ ۾ رهندڙ رتني ڪنڀار جي ساڻس دوستي ھئي، جنھن سورٺ کي نپائي وڏو ڪيو ھو. رتني ڪنڀار، سورٺ جو مڱڻو، انيراءِ سان ڪيو ھو، پر جڏهن راءِ ڏياچ کي خبر پئي تہ سندس راڄ جي ڇوڪري، انيراءِ سان ٿي پرڻجي تہ زوريءَ سورٺ کي کڻائي ساڻس شادي ڪيائين، جنھن ڪري وير وٺڻ لاءِ انيراءِ، راءِ ڏياچ جي قلعي (جيڪو گرنار جبل جي چوٽيءَ تي ھو) تي ڪاھ ڪئي، پر کيس ناڪامي ملي. انهيءَ کان پوءِ، راءِ ڏياچ جي سِر آڻڻ لاءِ انعام جو اعلان ڪيائين تہ، جيڪو راءِ ڏياچ جي سِسي وڍي آڻيندو، تنھن کي سونن سِڪن سان ڀريل ٿالهہ ڏنو ويندو. جنھن بعد ٻيجل، راءِ ڏياچ جي سر لاءِ گرنار پھتو ھو.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي ۾ ڏنل ڪاٺياواڙي قصي موجب: ”ساڳئي وقت گجرات جو حاڪم، سولنڪي ڪُل جو راجا، دُرلڀ سين ھو، جنھن جي گاديءَ جو ھنڌ انهلواڙ پاٽڻ ھو. انهيءَ ڪري کيس ’انهلراءِ‘ بہ ڪوٺيندا ھئا.“

(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 777)

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”ساڳئي دؤر ۾، سوراشٽر (گجرات)، جو حاڪم، درلڀ سين سولنڪي (1010ع کان 1022ع) ھو. ان جي ذات/پاڙو انهل واڙ پاٽڻ ھو، جنھن ڪري کيس انهلراءِ (انيراءِ) بہ چون ٿا.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 274)

شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾، انيراءِ جو ذڪر ڪيو آھي. ٻيجل جو انيراءِ سان، راءِ ڏياچ جي سر آڻڻ بابت ڪيل وچن، راءِڏياچ جي واتان ھيئن ٿو فرمائي:

مَٿو مٿائِين گهورِيان، مَٿو تو مَٿاءِ،

ھَڏو ھِيءُ ھَٿِ ڪَري، جاجِڪُ! وَهِلو جاءِ،

تُون سين اَنِيراءِ، جِمَ واچا ۾ وِلَهو وَهين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 10، ص: 650)

اوڏڻ:

اوڏڻ، شاھ لطيف جي ’سُر ڏهر‘ جو ڪردار آھي. روايتن مطابق، لاکي ڦلاڻيءَ، اوڏڻ سان ٻي شادي ڪئي ھئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل، لوڪ ادب واري ڪتاب ۾، اوڏڻ بابت، جيڪا ڄاڻ ملي ٿي، تنھن مطابق لاکي ڦلاڻيءَ، ڪيراڪوٽ جي وڌيڪ مضبوطي ۽ اڏاوت لاءِ اوڏن جا راڄ گهرايا. ڪوٽ جي اڏاوت دوران، کيس بيلي نالي اوڏ جي ڌيءَ وڻي وئي، جنھن جو نالو جسما ھو. لاکي ڦلاڻيءَ ساڻس شادي ڪئي. لاکي ڦلاڻي، ڪيراڪوٽ لڳ عوام لاءِ ٻہ تلاءَ بہ ٺھرايا ھئا، 1. سَــرِ لاکـا راءِ، 2. سَـرِ بـيلي راءِ. ھڪ پنھنجي نالي لاکا راءِ تلاءُ ۽ ٻئي جو نالو جسما اوڏڻ جي پيءُ بيلي جي نالي تي، ’بيلي راءِ تلاءُ‘ رکيو ھئائين.

جسما اوڏڻ واري تلاءَ بابت، ڪلاڌر متوا جي تحقيق موجب، ’ڀُڄ ۾ رهندڙ حسين ڪنڀار، جيڪو ھينئر اسي سالن جو آھي، ان ٻڌايو تہ: اھو تلاءُ، ڀُڄ ۾ ھو، تنھن وقت سڄو ڀُڄ، ڪوٽ (قلعي) جي اندر ھوندو ھو. پوءِ آھستي آھستي ڀُڄ شھر وڌندو ويو تہ اھو تلاءُ بہ آباديءَ جي وچ ۾ اچي ويو. ھاڻي انهيءَ جڳھ تي عاليشان عمارتون اڏجي ويون آھن. ڀُڄ شھر ۾، مهر علي چوڪ کان اُتر ۾ ٿورو اڳتي ھلندي ھڪ گهٽي آھي، جنھن جو نالو ’تلاءُ شري‘ (تلاءُ واري گهٽي) آھي، جتي ھينئر اھا گهٽيءَ واري بازار آھي، اتي ئي اھو تلاءُ ھو. اڳي باقاعدي ان گهٽيءَ جي نالي وارو بورڊ لڳل ھو ھاڻي انهيءَ گهٽيءَ جي مهڙ ۾ آيل ھڪ بلڊنگ جي ڀت تي ٿورو مٿي اڄ بہ گجراتي ٻوليءَ ۾، ’تڙاو شري‘ (تلاءَ واري گهٽي) لکيل آھي. ھاڻي انهيءَ رستي کي، ’ڊاڪٽر مهتا مارگ‘ نالو بہ ڏنل آھي، يعني ٻنهي نالن سان اھا گهٽي ڄاتي وڃي ٿي. گهٽيءَ جي مهڙ واري عمارت جي ڀِت تي گجراتيءَ ۾ اھي ٻئي نالا لکيل آھن. ڀُڄ جي درٻار گڊ جي سامهون اوڀر طرف سڏ پنڌ تي ڀاڄي مارڪيٽ ٺھيل آھي، جيڪا انگريزن ٺھرائي ھئي، اتي ئي اوڏن جو پاڙو ھو، جتي اوڏ رهندا ھئا. ھنيئر انهيءَ جڳھ کي، ’شراف بازار‘ ڪوٺيو وڃي ٿو. انهيءَ بازار جي ڏکڻ ۾، ’دريا اسٿان‘ نالي مندر آھي. ڪڇ جا لوهاڻا دريا لعل ديوتا کي مڃيندا آھن.‘

شاھ لطيف، سُر ڏهر ۾ اوڏڻ جو ذڪر، لاکي ڦلاڻيءَ جي حوالي سان ڪيو آھي، تہ لاکو، غريب اوڏن جو سھارو بڻيو، کين اجهو بہ ڏنائين، تہ وري اوڏڻ سان شادي ڪري، سندن مان ۽ مرتبو وڌايائين، جنھن ڪري غريب اوڏ، لاکي جي پناھ ۾ ھر ڏاڍي جي ڏاڍ کان بلڪل آجا ٿي نظر آيا.

ھن سُر ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار سنڌ جي رڄ مڙسن وارو نظر اچي ٿو:

لاکا لَڄَ سَندِياءِ، اوڏِ اَگَلِي آھِيان،

پَکا سي پَرِتاءِ، جي اَجهي تنھنجي اَڏِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 48، ص: 889)

بروو:

شاھ لطيف جي رسالي جو ’سُر بروو سنڌي‘، فقط ٽن داستانن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ شاھ لطيف موجب، دِل کي لڳل عشق جو ڪو بيان ٿي نہ ٿو سگهي. محبوب، صورت ۽ سيرت ۾ ڪمال آھي ۽ ڀلارو بہ اھو ھڪ ئي آھي. اھڙو محبوب جيڪڏهن عاشق ڏانھن سنئون سڌو نھاري تہ سندس وڏو ڀاڳ چئبو. اھڙو محبوب، جنھن جا ’نيڻ سقيلا آھن ۽ ’ڀرون ڀالا‘ آھن. اھڙي محبوب جي باري ۾ ھڪڙو عجيب قسم جو داستان، سنڌ جي ٿر واري علائقي سان تعلق رکي ٿو، پر ان داستان جي الائي ڇو سنڌ ۾ شاھ لطيف جي ڳايل قصن ۽ ڪھاڻين جيان مشھوري ٿي نہ سگهي آھي، جنھن جو تعلق ٻن ڪردارن سان آھي.

معمور يوسفاڻيءَ جي لکت موجب، اھي ٻئي ڪردار يعني، ’بروو‘ عاشق مرد ۽ ’رِپ‘ شهزاديءَ جا آھن. ’بروو‘ راجا ھو، پر سندس راجڌاني تمام ننڍي علائقي تي ٻڌل ھئي، جڏهن تہ، ’رِپ‘ جو پيءُ ’ڪلياڻ‘، ’بروي‘ جي ڀيٽ ۾ وڏو راجا ۽ ھڪ وڏي پکڙيل راجڌانيءَ تي راڄ ڪندڙ ھو، جنھن کي ھينئر بہ، ’بروڙ‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ ’رِپ‘ جي رهائش ’ڳاڙهي ڀڙي‘ واري جاءِ تي ھئي، جن جا آثار اڄ بہ موجود آھن. معمور يوسفاڻيءَ چواڻي تہ، ’رِپ‘ پنھنجي دؤر جي بيحد حسين عورت ھئي، جنھن جي حُسن جي ھاڪ ٻُڌي، ’بروو‘ بنا ڏسڻ جي پرپُٺ مٿس عاشق ٿي پيو ھو.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي بہ، ’بروو‘ ۽ ’رِپ‘ جي عشقيہ داستان جو ذڪر ڪندي، پنھنجي مقالي ’سُر رِپ: صرفي ۽ نحوي ترڪيبون‘ ۾ لکي ٿو: ’بروي ۽ رپ‘ جي ڪھاڻيءَ موجب، ’رپ‘ جي پيءُ جو نالو ’ڪلياڻ‘ ھو ۽ سندس راڄڌاني ’ڪلات‘ سڏبي ھئي، جيڪو علائقو، ھاڪڙي ۽ ريڻي نديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو ھو، جتي ’ڳاڙهي ڀڙي‘ ۽ ’بروي جي‘ شھر ’ڀرڙ‘ جا آثار موجود آھن، جيڪي موجودہ تعلقن، ’ڪوٽ غلام محمد‘ ۽ ’ڊگهڙيءَ‘ جي نقشن ۾ اچن ٿا. پراڻن نقشن ۾، ’رپ‘ جي آثارن جو پڻ گهڻو ذڪر آھي ۽ ھنن آثارن کان الهندي طرف موجود ’رپ‘ جو شھر ۽ ’رپ‘ جي نالي سان ديھون موجود آھن.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2002ع، ص: 77)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي مختصر تاريخ‘ جي پھرئين جلد ۾ ھن ڪھاڻيءَ جو تت ڏيندي لکي ٿو: ”قلات جي پاسي، لوڙائو ذات جا ڪي ماڻهو رهندا ھئا. انهن روزگار سانگي وڃي دھلي وسائي. انهن ۾ بروو نالي ھڪ نوجوان ھو. ھو بادشاھ جي محلات جي ڀرسان لگهندي، شهزاديءَ کي ڏسي عاشق ٿي پيو.“

(جوڻيجو، 2004ع، ص: 163)

جنھن جو ذڪر شاھ لطيف، سُر ’بروو سنڌي‘ ۾ ھن ريت ڪيو آھي:

”وٺو ڏيھ قلات، مون لوڙائو پسيا،

جيئن ھُت کِنوَن کنوڻيون، تئن ھِت برھ سندي بات،

وڏي ڪنھن ولات، مارو ملڪ مٽي ويا.“

(جوڻيجو، 2004ع، ص: 164)

ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري‘ ۾ ڄاڻائي ٿو: ’بروي‘ جي محبت جو ڪمال اھو آھي جو ھن پنھنجي جسم جو گوشت ڪوري، پنھنجي پرينءَ (رپ) کي پريم جي ڀيٽا طور پيش ڪيو. سندس عشق ۽ قربانين کي ڏسي، رپ بہ مٿس موهت ٿي پئي. پر دنيا، پنھنجي پراڻي روش مطابق، ٻنهي دلين جي وچ ۾ حائل رهي. زماني جي ناسازي، عاشقن جي دلين ۾ سوز جي اُلن ۾ وڌيڪ تيزي آڻيندي آھي.

اھڙيءَ ريت، ’رپ‘ ۽ ’بروو‘ جي محبت بہ ڏينھون ڏينھن پروان چڙهڻ لڳي. نتيجي ۾ ٻئي دشمنن جي حربي جو شڪار ٿي ويا. ھن سُر ۾ لطيف سائينءَ آدرشي ماڻهن کي ٻڌايو آھي تہ منزل تائين رسڻ جي تانگهہ جنھن ۾ بہ ھوندي، سو انهيءَ راھ ۾ آيل مشڪلاتن ۽ رنڊڪن کي ھٽائڻ جي سگهہ ۽ حڪمت بہ رکي ٿو.“

(سڌايو، 1992ع، ص: 82 - 381)

ڊاڪٽر اياز قادري، پنھنجي مقالي، ’سر بروو سنڌيءَ جو اڀياس‘ ۾ لکي ٿو:” ھونئن تہ شاھ جي رسالي جي ڪيترن سُرن ۾ عشق جي باھ ڀڙڪندي، محبت جو مچ مچندو، درد جو دونہون دُکندو، ڏسڻ ۾ اچي ٿو مگر سر کنڀات، پورب، رپ ۽ آسا ۾ عشق جا ڀنڀٽ نظر اچن ٿا. شاھ کي ڦوھ جواني ۾ جيڪا عشق جي مهميز آئي ھئي انهيءَ جا سور ۽ سڏڪا، آھون ۽ دانہون، انهن سُرن ۾ سمايل آھن. يوناني ميٿالوجي ۾ ڪيوپڊ نالي ھڪ سمتو پر انڌو جوان عشق جو ديوتا آھي، سندس ھٿ ۾ تير ڪمان آھي جنھن کي چاھي ان جي سيني ۾ تير ھڻي ان جي دل ۾ عشق جو زخم ڏئي ڇڏي ٿو. عشق عجب اسرار آھي. صوفين جو قول آھي تہ، ’عشق اُھا باھ آھي جا الله انسانن جي دلين ۾ دکائي ٿو.“

(سنڌي حميد، (مرتب)، 1995ع، ص: 49)

شاھ لطيف جي ھن عاشقاڻي سر بروي ۾، جنھن مجازي محبوب جو ذڪر ڪيو ويو آھي، ان بابت حافظ عبدالرحيم جمالي، پنھنجي مقالي، ’سر بروو سنڌي-جائزو ۽ مقام‘ ۾ لکي ٿو: ”هن سُر ۾ ڀٽائي صاحب، محبوب جي انتظار، عاشق جي بيقراري، وصل ۽ فراق جو نقشو نھايت عُمدگيءَ سان چٽيو آھي. سندس اھا حسين لفظي مصوري سندس ھيٺئين بيت سان پوري طرح مطابقت رکي ٿي:

ڪڙو منجھ ڪڙي جيئن لوهارن لپيٽيو،

منھنجو جيءُ جڙي تيئن سوپيريان سوگهو ڪري.“

(سنڌي حميد، (مرتب)، 1995ع، ص: 149)

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ جي رسالي جو مطالعو‘ ۾، پڻ ان بابت ذڪر ڪندي لکيو آھي تہ، ’بروو، بادشاھ جي محلات جي دريءَ مان شهزادي رپ جو ديدار ڪندي، مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ھر روز ان وقت تي اچي ديدار ڪندو ھو. ان محلات جي ڀر ۾ ھڪڙو ڪاسائي رهندو ھو ۽ بروو وٽس اچي ڪم لاءِ بيٺو. رپ جي ٻانہي ھر روز اتان گوشت وٺندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ٻانہي محلات جي ڀرسان ڪاسائيءَ کان گوشت وٺڻ آئي تہ بروي، ڪاسائيءَ جي نہ ھجڻ ڪري کيس، پنھنجي سَٿر (ران) مان گوشت ڪپي ڏنو، جيڪو ’رپ‘ کي کائڻ ۾ وڌيڪ لذيذ لڳو ۽ پوءِ اھڙي گوشت جي تقاضا ڪرڻ لڳي، تہ ھُو کيس، پنھنجي عضون جو گوشت ڪپي ڏيندو رهيو. نيٺ جسم جو سڄو گوشت ڪپجڻ کان پوءِ، جڏهن ٻانہي گوشت وٺڻ آئي تہ، بروي کيس ڪاتي ڏيندي، رهيل گوشت وڍي کڻڻ لاءِ چيو:

جانِبَ منھنجي جِيءَ ۾، تنھنجي طَمَعَ پوءِ،

وَٺِ ڪاتِي، وَڍِ اَنگُڙا، اَدَبُ ڪَرِ مَ ڪوءِ،

ڀانئيان ڀالُ سَندوءِ، جي ساڄَنَ! سَنئون نھاريين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 2، بيت 2، ص: 767) ٻانهيءَ کان جڏهن شهزاديءَ کي ان صورتحال جي خبر پئي تہ، ھن ھڪڙي حڪيم کان سندس علاج ڪرايو. ان کان پوءِ، شهزاديءَ بروي کي پاڻ وٽ گهرايو:

ڪَڏِهن طاقِيُون ڏِينِ، ڪَڏهن کُلَن دَرَ دوسَ جا،

ڪَڏهن اَچان، اَچَڻُ نہ لَهان، ڪَڏهن ڪوٺِيو نِينِ،

ڪَڏهن سِڪان سَڏَ کي، ڪَڏهن ڳُجهاندَرُ ڳَرَهِينِ،

اِھَڙائِي آھِينِ، صاحِبَ منھنجا سُپِرِين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي، داستان 1، بيت 17، ص: 766)

ان قصي لاءِ شايد شاھ لطيف کي ڪا پيرائتي پختي پڪ نہ پئي آھي، يا ان ڳالهہ جو ھن کي ڪو اعتبار نہ آيو آھي، جنھن ڪري، پاڻ ’رِپ‘ ۽ ’برووي‘ بابت ڪو سُر، مومل راڻي، ليلا چنيسر، سسئي پنهون ۽ سهڻي ميھار جيان پورو نہ چيو اٿس، باقي ڌار ڌار سُرن ۾ ان قصي جا ڪي اھڃاڻ ۽ احوال ڏنا اٿس.

ٻيجل:

’ٻيجل‘، شاھ لطيف جي ’سُر سورٺ‘۽ مشھور لوڪ داستان، ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ جو اھم ڪردار آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڪتاب ’سورٺ راءِ ڏياچ‘ ۾ ٻيجل بابت، جيڪا روايت ڏنل آھي، انهيءَ موجب ٻيجل، جهونا ڳڙھ جي حاڪم راءِ ڏياچ جي ڀيڻ جو پُٽ ھو، جيڪو کيس سِڪي پني ڄائو ھو. سندس ڄمڻ کان اڳ ئي ھڪ فقير اھا اڳڪٿي ڪئي ھئي تہ، ’اھو ٻار وڏو ٿي راءِ ڏياچ جو سِر ڪپيندو‘، جنھن ڪري سندس ماءُ کيس ڄمندي ئي صندوق ۾ وجهي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو ھو، پوءِ ٿيو ايئن جو صندوق وڃي انيراءِ جي بادشاھي (اجمير) ۾ چارڻن جي ھڪ ڳوٺ ۾ نڪتي ۽ درياھ تي ھڪ چارڻ، زال مڙس جي ھٿ لڳي، جن کيس نپائي وڏو ڪيو ۽ سندس نالو ’ٻيجل‘ رکيائون. وڏو ٿي ’ٻيجل‘ بہ چارڻ ٿيو.

مختلف روايتن موجب، ٻيجل کي ھڪ ڏينھن جهنگ ۾ ڪنھن رمتي فقير ھٿان، شڪار ٿيل ھرڻ جا سُڪل آنڊا ھٿ آيا. جن مان ھوا لڳڻ تي نھايت ئي من موهيندڙ سُريلو ۽ مٺو آواز پئي آيو. ٻيجل، اُھي سُڪل آنڊا پنھنجي ساز تي چاڙهيا، جنھن ڪري سندس ساز مان اھڙو سُريلو آواز ٿي نڪتو، جو نھايت ئي من موهيندڙ ھو.

ٻيجل ۽ سندس ساز بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”ٻيجل کي چارڻ، ڀٽ، ٻارٽ، ڀان، منگتي ۽ مڱڻھار جي نالن سان پڻ سڏيو ويو آھي ۽ ڳائڻ وڄائڻ جي لحاظ کان کيس عطائي، راڳائي، جاجڪ، تنبير يا تنبيري، پاٺ، گن-گويو ۽ قوال ڪوٺيو ويو آھي. اڪثر روايتن مطابق ٻيجل چارڻ ھو. سندس ساز بابت پڪو اھڃاڻ اھوئي آھي تہ اھو ھڪ تندن وارو ساز ھو ۽ جدا جدا بيانن ۾ ان کي ڪينرو، ڪماچ، رباب، چنگ، سروز ۽ سرندو پڻ سڏيو ويو آھي.“

(بلوچ، 1976ع، ص: 7)

قصي موجب، ٻيجل، راءِ ڏياچ جي ڪوٽ لڳ ويھي، پنھنجي ساز تي ڳايو ۽ وڄايو. سندس ساز جي سوز، راءِ ڏياچ جي دل کي جهوري ۽ سندس من کي موهي ڇڏيو، جو سواليءَ کي بِنا دير جي سِر ڏنائين. ٻيجلُ اھو سِر کڻي، جڏهن انيراءِ جي درٻار ۾ پھتو، تڏهن انيراءِ چيس تہ، ’جڏهن تون راءِ ڏياچ جھڙي سخيءَ جو سِر وڍي سگهين ٿو، تہ پوءِ مون سان وري ڪھڙي چڱائي ڪندين؟‘ ان کان پوءِ، ٻيجل پاڻ بہ راءِ ڏياچ واري چِتا ۾ ٽپو ڏئي ڀسم ٿي ويو.

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي رسالي ۾ ڏنل، ’راڻڪ ديويءَ‘ واري قصي موجب، ٻيجل، راءِ کنگهار جي ڀيڻ جو پُٽ ھو، جيڪا گجرات جي حاڪم، سنڌ راج سان پرڻيل ھئي ۽ ڪنھن گهرو اڻبڻت جي ڪري، ڳچ مدت کان پنھنجن پَيڪن ۾ ٽِڪيل ھئي، جڏهن تہ ٻيجل جي ٻئي ڀاءُ جو نالو ڏيجل ڄاڻايل آھي.

ٻيجل جي ڪردار بابت، مختلف عالمن جا رايا ھن ريت آھن:

اسماعيل شيخ، ٻيجل جي ڪردار بابت، لکي ٿو: ”ٻيجل نالي ھڪ چارڻ پنھنجي راجا کي، پريشان حال ڏسي درٻار ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين تہ، ’ڪو چڱو چوکو انعام ملي تہ دياس جو سر آڻي اوهان جي قدمن ۾ رکان! راجا وراڻي ڏني تہ قبول آھي، نہ فقط مال متاع ملندءِ پر درٻار ۾ پڻ چڱو درجو پائيندين.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2003ع، ص: 11)

ڊاڪٽر منوهر مٽلاڻي، ٻيجل جي ڪردار بابت، پنھنجي راءِ ڏيندي لکي ٿو: ”ٻيجل، سر کڻي انيراءِ وٽ پھتو تہ ھو بہ ساڻس سخت غصي ٿيو ۽ خارن ۾ چيائينس تہ جيڪو اھڙي سخي سردار مان نہ مڙيو آھي، سو ڪڏهن مون لاءِ بہ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو. ايئن دڙڪا ڏئي کيس درٻار مان ڪڍي ڇڏيائين، پوءِ تہ ٻيجل وائڙن وانگر ڊوڙندو جهونا ڳڙھ آيو.

ھڪ اھڙو بي حس انسان، جو انيراءِ جي قھر کان ڊڄي، پنھنجي جان بچائڻ لاءِ سخاوت جي ڌڻي، راجا راءِ ڏياچ جو بيگناھ سر وٺي ٿو ۽ پوءِ جڏهن انيراءِ ئي کيس، پنھنجي محفل مان بي عزتو ڪري تڙي ڪڍي ٿو، ھاڻي ڀلا اھڙو ڪردار جو ڊپ جي وس ٿي، ڪنھن بي گناھ کان سر وٺي، سو ڀلا مرشد جي معنيٰ ۾ ڪيئن ڪم آڻي سگهجي ٿو؟“

(مٽلاڻي، 1991ع، ص: 192 - 193)

شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾ ٻيجل جي ڪردار کي ھڪ ماھر موسيقار ۽ ڳائڻو ڪري پيش ڪيو آھي ۽ کيس ٻين ڪردارن کان وڌيڪ ڳايو آھي ۽ سڄي سُر جو محور بڻايو اٿس. شاھ لطيف، ٻيجل کي مخاطب ٿي، ان دؤر ۾ ’مڱتي‘ لاءِ رائج ٺيٺ سنڌي لفظ استعمال ڪيا آھن. مثال طور: مڱڻھار، مڱڻو، پينار، جاجڪ، عطائي يا اتائي، چارڻ، ڀاٽ، قوال ۽ ميراثي، پر سڀني نالن جو ھڪ ئي ڪم ڳائڻ ۽ وڄائڻ آھي. داستان جي ڪردار ۽ شاھ لطيف جي ڪردار ۾ گهڻو فرق قصي وارين مٿين روايتن جي حوالي سان رسالي ۾ ڪونہ ٿو ملي.

سَؤ سِرَنِ پائٖي، جي تَندُ بَرابَرِ تورِيان،

اُٽَلَ اوڏاھِين ٿِئي، جيڏانھن ٻِيجَلُ ٻُرائي،

سَکَڻُو ھَڏُ آھي، سِرَ ۾ سَڃَڻُ ناھِه ڪِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 3، بيت 12، ص: 650)

ٿانور / ٿاور ڀٽي:

’ٿانور‘، شاھ لطيف جي سُر سارنگ جو ھڪ ڪردار آھي. معمور يوسفاڻي، پنھنجي ڪتاب، ’ست سورهيہ ڏھ ڏاتار‘ ۾، ’ٿانور‘ کي ’ٿانور ڀٽي‘ لکيو آھي. سندس لکڻ موجب، قديم دؤر ۾، ٿرپارڪر ضلعي جي ’ڪلات‘، ’بڊام‘ ۽ ’سامروٽيءَ‘ واري ايراضي، ٿانور ڀٽيءَ جي راڄ ڌاني ھئي، جيڪو سخاوت ۽ مهمان نوازيءَ جي ڪري نھايت مشھور ھو. ھن جي گاديءَ واري شھر جو نالو ’گوندي‘ ھو، جيڪو ’ٿانور‘ جي سخاوت ۾ گنج لٽائڻ جي ڪري ’گنج گوندي‘ سڏجڻ لڳو، جنھن جو ذڪر سُر سارنگ ۾ شاھ لطيف بہ ڪيو آھي:

گامَ گُندِيءَ گنجَ، اَبَرَ ۾ اُھاءُ ٿيو،

پَسِي پَرِ پِرِينءَ جِي، ڏُورِ ٿِيا سَڀِ ڏَنجَ،

شالَ وَسَندو سَنجَ، عاشِقَ تي اوهيڙا ڪري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 23، ص: 688)

’گنج گونديءَ‘ جو شھر، ’پراڻ‘ درياھ جي اولھ طرف ھڪ پراڻي وهڪري جي ڪناري تي ھو، جيڪو ماڳ موجودہ جاگرافيءَ موجب، ڊگهڙيءَ جي شھر کان چار- پنج ميل ڏکڻ طرف، تپي مير محمد حسن ۾ ھو، ھن وقت بہ ان جا آثار موجود آھن.

معمور يوسفاڻيءَ موجب، ٿانور ڀٽي، سال جا اٺ مھينا، انهيءَ شھر ۾ رهندو ھو ۽ وسڪاري جي مُند جا چار مھينا، ھاڪڙي جي ڪناري، ’بروئي‘ جي شھر لڳ وڃي گذاريندو ھو، جيڪو شھر اڳتي ھلي ’ٿانور ڀٽيءَ‘ جي نالي سان پڻ سڏجڻ لڳو، وقت ۽ حالتون بدليون، پاڻيءَ جي اڇ وارو اھو علائقو، درياھن جي رُخ بدلائڻ سبب، سوڪھڙي ۽ ڏڪار جي اثر ھيٺ اچي ويو.

ھڪ ڀيري پاڻيءَ جي اڻاٺ جي ڪري اھڙو سخت ڏڪار پيو، جو سڀئي ماڻهو، مجبور ٿي آباد علائقن ڏانھن نڪري ويا. ٿانور ۽ سندس زال کي بہ ديس ڇڏڻو پيو ۽ ھو ھڪ اھڙي ڏورانہين ڏيھ ڏانھن نڪري ويا، جتي کين ڪوبہ سڃاڻڻ وارو ڪونہ ھو. روايتن ۾ آھي تہ، انهيءَ علائقي جو قانون ھو تہ، پورهيتن مان زال مڙس جي گڏ رهڻ تي پابندي ھئي ۽ مجبور ٿي ٿانور ۽ سندس زال کي بہ انهيءَ قانون جو ڀرم رکڻو ھو، سو پاڻ ۾ ويھي اھا ڳالهہ ويچاريائون تہ اھڙي صورتحال ۾ ڇا ڪجي؟ نيٺ اھو طئي ڪيائون تہ ٿانور، گونگو بڻجي رهي ۽ سندس زال سرڪاري دفتر ۾ اھو لکائي تہ گونگو سندس ڀاءُ آھي. آخر انهيءَ اٽڪل سان ھي ٻئي پاڻ ۾ گڏ رهڻ ۽ پورهيو ڪرڻ لڳا.

ڪجهہ ڏينھن پُڄاڻان ھڪ رات، ٿانور جي زال جڏهن، پنھنجي علائقي تي وڄ وسندي ڏٺي، تہ اچي پنھنجي ور کي جاڳايائين، جنھن جي عڪاسي شاھ لطيف ھن ريت ڪئي آھي:

ٿاوَرَ اُٿِي پَسُ، ڏيھ کِوَندِي وِڄُڙِي،

مَنُ کُلِي بَاغُ ٿِئو، ھِينئَڙي لَٿِي ڪَسُ،

تَنِي ڪَارَڻِ وَسُ، جَنِ وَرَ مَٽَائي ڀَائُرَ ڪِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد پھريون، سُر سارنگ، داستان 4، بيت 3، ص: 332)

پُنرو بڊاماڻي / بڊاماڻي پُنرو:

’پونرو بڊاماڻي‘، شاھ لطيف جي ’سُر ڏهر‘ جو ھڪ ڪردار آھي. پُنري جي باري ۾ مختلف محققن جي تحقيق ٿيل آھي. انهن مان سڀني کان آڳاٽي تحقيق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي آھي. ڊاڪٽر بلوچ موجب، ھي سورهيہ سمن جي آخري دؤر ۾، ’ڪنڌي‘ يعني سنڌ ۽ ڪڇ جي سرحد وٽ، ’ڪاڇي‘ واري حصي جو سردار ھو. جنھن ڀيڻيءَ تي رهندو ھو، ان جو نالو ’بڊام‘ ھو. سورهيہ وير ۽ وڏو ھاڻوُ ھو. پري پري جا مال ھڻي ايندو ھو، سدائين سوڀارو ٿي موٽندو ھو. آسپاس جي سردارن ۾ سندس وڏو ڌاڪو ويٺل ھو، جڏهن لوڙھ ھڻڻ لاءِ چڙهندو ھو تہ ماڻهو پنھنجا ماڳ ڇڏي ويندا ھئا.

ان سلسلي ۾ معمور يوسفاڻيءَ، پنھنجي مقالي، ’سُر ڏاھر جو مطالعو‘ ۾ پيرائتي انداز ۾ سندس ڪردار تي روشني وڌي آھي، جنھن موجب، ”پونرو ولد بڊام چنو، مشھور پھلوان ۽ سورهيہ سردار ھو. ھو سنڌ جي ستن سورهين ۾ پھريون سورهيہ سردار آھي. ھن جي دور ۾ ڪنھن بہ ھاڻوءَ کي ھمت ڪانہ ٿي جو ھن جي علائقي يا آسپاس جي علائقن مان ڌڻ ڪاھي يا وڳ ھڻي وڃي.“

(شوق، (مرتب)، 1989ع، ص: 61)

پُنري جي پيءُ بڊام جو خاندان، رِڻ جي اندر ٻيٽن ۾ ۽ ڏيپلي کان بدين تائين واري سرحدي علائقي ۾ آباد ھو. سندن خانداني نالي پويان، سندن رهائش وارو علائقو، ’بڊاماڻي پَٽُ‘ ۽ ’بڊام‘ جي نالي سان مشھور ٿي ويو ۽ شاھ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ’بڊام‘ جو لفظ استعمال ڪيو آھي.

چٖيتا ڪِيو چُڻيجِ، بُڊاماڻِي بُٺِ ۾،

نيڻين نِنڊَ مَ ڏيجِ، ڇيڙون ڇَپَرِ آئِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 20، ص: 884)

’بڊاماڻي پنرو‘، شاھ لطيف جو اھو ڪردار آھي، جنھن وٽ، پنھنجي ماڻهن ۽ پنھنجي ڌرتيءَ سان پيار آھي ۽ ان جي بچاءُ ۽ بقا لاءِ اڳرو نظر اچي ٿو. شاھ لطيف جي دؤر ۾، ڪلهوڙن جي ناپختہ سياسي عمل سبب، سنڌ جي ماڻهن جي جيڪا حالت نظر ٿي آئي، تنھن کي سامهون رکي شاھ لطيف، پنري بڊاماڻيءَ کي ياد ڪندي فرمايو:

اَڄُ گُهرجين يَارَ، بَڊامَاڻِي بُنِرا،

ڪَاڇي ٻَئي ٻَارَ، اَچِي ويرِيَنِ ويڙِهِئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 8، بيت 9، ص: 268)

پُنهون:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’سسئي پُنهونءَ‘ جو مرد ڪردار ’پُنهون‘، عام روايتن موجب، ڪيچ مڪران جي حاڪم، ’آريءَ ڄام‘ جو پٽ ھو. ’تحفة الڪرام‘ ۾، پڻ پنهونءَ بابت، فقط ايتري ئي ڄاڻ ڏنل آھي. جڏهن تہ پنهونءَ جي حسب نسب بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”انهيءَ زماني ۾ ڪيچ مڪران جو سردار، ’آري ڄام‘ نالي بلوچن جي ’هوت‘ قبيلي مان ھو. کيس پنج پٽ ھئا: ھوتو، نوتو، ٻانهون، چنرو ۽ پنهون. پنهون سڀني ڀائرن ۾ ننڍو، حسن - وند ۽ عقل وارو ھو. انهيءَ ڪري پنھنجي جيئري ئي کيس پڳ ٻڌايئين، ڇاڪاڻ تہ ٻئي ڪنھن پٽ ۾ حڪومت ھلائڻ جي مڻيا ڪانہ ھئي.“

(بلوچ، 1976ع، ص: 4)

اڳتي ھلي، ڊاڪٽر بلوچ آڳاٽين ڳاھن جي حوالي سان لکي ٿو: ”چون ٿا تہ ’آري ڄام‘، ’جت‘ ذات جي ھوت پاڙي مان، ڪيچ ملڪ جو بادشاھ ھو، پُٽ گهڻيئي ھئس، پر پڳ ٻڌايائين ننڍي پٽ ’پنهونءَ‘ کي، جيڪو سڀني ۾ موچارو ۽ ھمت وارو ھو.“

(بلوچ، 1976ع، ص: 56)

ان ڏس ۾ بدر ابڙو لکي ٿو: ”هوت، مير جلال جو وڏو فرزند ھو. (ڪن ڪتابن ۾ ننڍو پٽ لکيو ويو آھي) مير جلال جي وفات کان پوءِ، ھوت تخت تي ويٺو. ھن جا ڀائر رند ۽ لاشار ھئا. پيءُ جي وفات کان پوءِ، مير رند، ڪورائي، ميرجاتن، بمپور ڏانھن ۽ مير لاشار ايراني بلوچستان ڏانھن ھليو ويو. ھوت جي وفات کان پوءِ ڪيچ جي تخت تي عالي ويٺو. پنهون مير عاليءَ جو اولاد ھو.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 318)

روايت آھي تہ، پنهون جڏهن جوان ٿيو تہ ڀنڀور جي ناريءَ سسئيءَ تي عاشق ٿي پيو. سسئي بہ مٿس موهجي وئي ھئي. سسئيءَ جي عشق ۾ پنهونءَ سندس پيءُ وٽ ڌوٻي ھجڻ جي ثابتي ڏيڻ لاءِ ماڻهن جا ڪپڙا بہ ڌوتا. نيٺ سسئيءَ جي پيءُ کي ريجهائي، سسئيءَ سان شادي ڪيائين ۽ ڪيچ وساري، ڀنڀور وسايائين. آريءَ، پنھنجي ٻين پٽن، کي پنهونءَ کي واپس وٺي اچڻ لاءِ ڀنڀور موڪليو ۽ سندس ڀائر کيس نشو پياري، سسئيءَ کي ستل ڇڏي، واپس ڪيچ وٺي ويا، پر پنهون، ھوش سنڀالي ڀائرن کان پاڻ ڇڏائي، ڀنڀور ڏانھن موٽيو. واٽ تي اِيل پنهوار کي سسئيءَ جي قبر تي ڏٺائين. جڏهن خبر پيس تہ اھا سسئيءَ جي ئي قبر آھي، تہ الله در، وڇڙيل ملائڻ لاءِ دعا گهريائين. سسئيءَ جي قبر ڦاٽي پئي ۽ پنهون بہ انهيءَ قبر ۾ گهڙي پيو ۽ ھميشہ لاءِ سسئيءَ سان ھڪ ٿي ويو. شاھ جو رسالو سھيڙيندڙ اٽڪل سڀني ليکڪن وٽ اسان کي ساڳيون شاھديون ملن ٿيون.

شاھ لطيف جي سسئي پنهونءَ جي پنجن ئي سُرن ۾، پنهونءَ جو ڪردار محبوب جي حيثيت رکي ٿو. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سسئي طالب آھي، تہ پنهون سندس مطلوب، جنھن کي ڳولهڻ لاءِ سسئيءَ گهڻائي ڪشالا ڪڍي ٿي.

سسئيءَ جي پنجن ئي سُرن ۾ پنهونءَ جو ڪردار، سسئيءَ جي ڪردار جي آڏو سگهارو نہ آھي، جيتوڻيڪ شاھ لطيف، پنهونءَ جي انهيءَ سڪ ۽ چاھ جو ذڪر بہ ڪيو آھي، جنھن ڪري پنهونءَ، سسئيءَ سان سڱ جوڙڻ وقت ڌوٻين سان گڏ، ڪپڙا بہ ڌوتا.

گَڏِيو ڌوٻِيَنِ ڌوءِ، پُنهونءَ پارِچو ھَٿَ ۾،

اُتي آرِيءَ ڄامَ جو، قاصِدُ آيُسِ ڪوءِ،

اِيءُ ڪامِلَ! ڪَمُ نہ سَندوءِ، جيئن پَھَس پڇاڙِيين پوتِيين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 4، بيت 16، ص: 394)

سسئيءَ جي ڏيرن، کيس مهڻو ڏنو تہ، اسان حاڪم گهراڻي جا آھيون، تون تہ پورهيت خاندان جي کٽياڻي آھين. اُن تي سسئيءَ کين وراڻيو تہ:

پَرِيَٽَنِ پاليياسِ، ٻانڀَڻِ ٻيٽِي آھِيان،

حُسنَ ھوتَ پُنهونءَ جي، ماري مَوتِ وِڌِياسِ،

جانڪِين تان جيئندياسِ، پَيس وَرِ وِصالَ جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ديسي، داستان 4، بيت 13، ص: 393)

جادم جکرو:

جادم جکرو، شاھ لطيف جي سُر بلاول جو ڪردار آھي. ڊاڪٽر بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جو دؤر‘ ۾، ’جکري جاڙيجاڻيءَ‘ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو: ”ابڙي جي مارجڻ تي عالادين بادشاھ ڀانيو تہ ھاڻي ٻيو ڪو مقابلي وارو ڪونہي، پر جڏهن جکري، جنگ جو طبل وڄايو تہ عالادين فڪر ۾ پئجي ويو، ڇاڪاڻ تہ وٽس سيڌو سامان کٽي ويو ھو. انهيءَ ڪري صلح جي آڇ ڪيائين ۽ جکري کي چوائي موڪليائين تہ: سيڌو سامان کُٽي ويو آھي؛ يا وٿي ڏي تہ سيڌو سامان گهرايون يا صلح ڪر، ڇو تہ بي ثمري لشڪر سان وڙهندين تہ اھا تنھنجي سوڀ ڪانہ چئبي. جکري چيو تہ: ”جنگ ۾ گهاري نہ وجهندس ۽ توکي وٿي بہ ڪونہ ڏيندس، باقي جي تو وٽ سيڌو سامان ناھي تہ آءٌ ٿو ڏيانءِ، پر تون جنگ جي سنبت ڪر ۽ ميدان ۾ آءُ. جکرو اھڙو دلير ۽ سُرهو ويري ھو جو نہ فقط عالادين جي لشڪر کي سيڌو سامان ۽ مانيون ڏنائين پر دارون جا دنگ کولي ڇڏيائين ۽ دشمنن کي بہ آل جال پياريائين.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 114 - 115)

ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”ايئن رات جو مهمانيون ۽ ڏينھن جو جنگيون ڪري، عالادين جو لشڪر ماري کٽايائين ۽ عالادين سان باقي اٺ ڄڻا وڃي بچيا جو جکرو ماريو.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 116)

فقير ڀنڀري جي روايت ۾، جکري کي ’جکرو ھوٿياڻي‘ بہ سڏيو ويو آھي. جڏهن تہ ڪريم بخش مهر جي روايت ۾، کيس ’جکرو جاڙيجاڻي‘ چيو ويو آھي. انهن ٻنهي روايتن ۾ بيت ساڳيا آھن، جيڪي جادم جکري بابت، ’شاھ جي رسالي‘ ۾ ڏنل آھن.

جادم جکري بابت، بدر ابڙو لکي ٿو تہ، جيئن تہ تاريخ ۾ جادم جکرا بہ ھڪ کان وڌيڪ آھن، ان لاءِ اھو طئي ڪرڻ مشڪل ٿي ٿو پوي، تہ شاھ لطيف جنھن جادم جکري جو ذڪر ڪيو آھي اھو ڪھڙو آھي ۽ ان جي آخري آرام گاھ ڪٿي آھي؟ جنھن جادم جکري جو زمان ۽ مڪان معلوم ٿي سگهيو آھي، اھو 700ھ/ 1301ع جي لڳ ڀڳ ڪڇ ۾ موجود ھو، جنھن جي قبر يا سماڌي اتي ئي ڪڇ ۾ ھئڻ گهرجي.

ڪاڪو ڀيرومل، پنھنجي ڪتاب، ’قديم سنڌ‘ ۾ ھڪ حاشئي ۾ لکي ٿو: ”سنڌ جي حاڪم ڄام تماچيءَ جو ڀائٽيو (ڄام اوڍي جو پٽ) جکرو ھو، تنھن کي بہ شاھ صاحب ’جادم جکرو‘ سڏيو آھي- ھن مان ظاھر آھي تہ شاھ صاحب کي سُڌ ھئي تہ سما راجپوت، جادؤ ونسي ڪل مان ھئا. تنھن ڪري کين ’جادم‘ (جادؤ) سڏيو اٿس.“

(آڏواڻي، ڀيرو مل، 1992ع، ص: 150)

ڏٺي جادم جکري، چت نہ ٻئا چڙهن،

تہ ڪُہ کُوھ کڄن، جُہ سَر لڀي نہ سڀرو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 22، ص: 142)

جَسوڌَڻُ:

’جسوڌڻ‘، شاھ لطيف جي ’سُر ڏهر‘ جو ھڪ ڪردار آھي. جسوڌڻ کي ڪن ليکڪن ڄام جسوڌڻ مهراڻو، ڪن جسوڌڻ راءِ ۽ ڪن وري جسوڌڻ آڳڙيو ڪوٺيو آھي.

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”جسوڌڻ، ڏهر واري علائقي جو حاڪم ھو جنھن جو سڄو نالو ڄام جسوڌڻ مهراڻو ھو. ھن جي حڪومت واري علائقي ۾ ماڃر کان ھيٺيون علائقو بدين، ٿرپارڪر، رڻ ڪڇ ۽ رڻ جي ڪنڌي شامل ھئا.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 229)

ڪتاب ’سُر ڏهر‘ ۾، محمد حسين ڪاشف، پنھنجي مقالي ’کرا ويڻ کنگار کي‘ ۾ لکي ٿو: ”هن سُر ۾ اسان کي جسودڻ آگري جو ذڪر ملي ٿو، جيڪو ڪنھن زماني ۾ اڳڙي جي پَٽ جو وس وارو ھو. جنھن جي شريڪ حيات ’مروبت‘ راڻي تہ ڌيءَ ’نوري نماڻي‘ ھئي. جڏهن سمي سردار ھٿان جسودڻ راءُ مارجي ويو تہ مان ڀري مروبت راڻي، نوري کي ساڻ ڪري اڳڙي ۽ پٽيھل ڍوري جي جهٻيرن، گندرن، ملاحن ۽ مھاڻن کي ساڻ ڪري وڃي ڪينجهر جي ڪنڌيءَ کي وسايو جتي سنڌ جي رومانوي تاريخ جي مشھور داستان ’نوري ڄام تماچي‘ وجود ورتو.“

(شوق، (مرتب)، 1989ع، ص: 84)

معمور يوسفاڻيءَ، پنھنجي مقالي ’سُر ڏاھر جو مطالعو‘ ۾ لکي ٿو: ”جسوڌڻ کي نرينو اولاد ڪونہ ھو. کيس فقط ٻہ ڌيئرون، سهڻي ۽ سانجهي نالن سان ھيون. جيڪي ڄام اُنڙ ولد سمي ولد راءِ راڌڻ جي پُٽن، ڄام ھوٿي ۽ ڄام جکري جي نڪاح ۾ آيون.“

(شوق، (مرتب)، 1989ع، ص: 21)

ڊاڪٽر محمد ابراھيم سنڌي، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار‘ ۾ لکي ٿو: ”هي ھڪ نيڪ حاڪم، جنھن جي زماني ۾ عام ماڻهو تمام گهڻو خوشحال ھئا. سمي خاندان جو ھي چشم چراغ، جنھن جو ڪردار ئي خوشحاليءَ وارو آھي. ڇاڪاڻ تہ ھن جي دؤر ۾ درياھ جي ھڪڙي وڏي ڇاڙ وهندي ھئي ۽ اھي ڇاڙون سندس علائقي کي سرسبز ۽ شاداب بنائينديون ھيون. شاھ صاحب ھن سر ۾ انهن وهڪرن ۽ ڇاڙن جو پڻ ذڪر ڪيو آھي.“

(سنڌي، محمد ابراھيم،2011ع، ص: 184)

محمد حسين ڪاشف، ’جسوڌڻ آگري‘ بابت، پنھنجي مقالي، ’ڪنڌي ڪونئر ٽڙن‘ ۾ لکي ٿو: ”ڄام جسوتڻ (جسودڻ) پٽيهل جي ڪناري تي آڳڙي يا اڱري جي علائقي جو رهڻ وارو ھو. پٽھيل جي شاخ، جهول تي اُنڙ جو ڪوٽ ھو؛ ڄام اُنڙ وڏا حيلا ھلايا تہ جسوڌڻ راءُ سندس طرفدار ٿئي ڇاڪاڻ تہ جسوڌڻ راءُ سومرن جو ساٿاري ھو. جسوڌڻ راءُ جھڙي وفادار حاڪم سومرن کان ڦرڻ، ڦرجڻ جي برابر ٿي ليکيو.“

(سنڌي، حميد، (مرتب)، 1988ع، ص: 34)

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ اسان کي جسوڌڻ جو ڪردار ھڪ قومي سورمي جي ڪردار طور نظر اچي ٿو، جنھن ۾ ھن سمن آڏو سِر نہ جهڪايو ۽ مرڻ گهڙي تائين مقابلو ڪيو ۽ پنھنجي شخصيت کي امر ڪري ڇڏيو. جسوڌڻ جي شخصيت، شاھ لطيف جھڙي باڪمال شاعر کي متاثر ڪندي نظر اچي ٿي جو سُر ڏهر ۾ سندس نيڪناميءَ وارا چار بيت چيل آھن:

ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِ ڀَريو ئِي ڍورُ وهَي،

جَسوڌَڻَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَيڙو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر ڏهر، داستان 2، بيت 8، ص: 163)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، بدر ابڙي ۽ ٻين عالمن ’جسوڌڻ‘ نالو لکيو آھي، جڏهن تہ ٻانہي خان شيخ، ’جسودن‘ نالو لکيو آھي.

جيسر(جيسو) ۽ جيسراڄ (جئسراج):

جيسو ۽ جيسراڄ، شاھ لطيف جي شاعريءَ جا ٻہ اجتماعي ڪردار آھن، جن جو ذڪر اسان کي ’سُر ڏهر‘ ۾ ملي ٿو. لاکي ڦلاڻيءَ جي حوالي سان اسان کي جيڪي بہ روايتون ملن ٿيون، انهن ۾ ’جسي‘ ۽ ’جسراج‘ جو ذڪر، سندس دوستن جي حيثيت سان ٿيل آھي. مختلف روايتن ۾ اسان کي سندن نالن ۾ اختلاف ملي ٿو. ڪن روايتن ۾ ’جسو‘ ۽ ’جسراڄ‘، ڪن ۾ ’جيسو‘ ۽ جسراڄ، تہ ڪٿي وري ’جيسر‘ ۽ ’جئسراج‘ بيان ٿيل آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’لاکو ڦلاڻي‘ ۾ لکي ٿو: ”لاکو ھڪ اڙٻنگ ۽ اڻموٽ جوان ھو. سندس ساٿين مان ’جسو ۽ جسراڄ‘ بہ نالي وارا ھئا.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 151)

داستان جي روايتن مطابق لاکي ڦلاڻيءَ جي پنھنجي مامي، راءِ کنگهار سان دشمني، ’جَسي‘ ۽ ’جسراڄ‘ جي ڪري ٿي. راءِ کنگهار جي راڄ ۾ ’ريٻاڙي‘ قبيلي جا ماڻهو رهندا ھئا، جن ’جسي‘ ۽ ’جسراڄ‘ جا ماڻهو مارايا، جنھن بعد لاکي ڦلاڻي، راءِ کنگهار کان انصاف جي گهُر ڪئي، پر راءِ کنگهار ريٻاڙين جي پٺڀرائي ڪئي، جنھن ڪري لاکي جي پنھنجي مامي سان دشمني ٿي پئي.

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾، ’جسي‘ ۽ ’جسراڄ‘ بابت لکي ٿو: ”جيسر ۽ جئسراج، لاکي ڦلاڻيءَ جا دوست ھئا. ايترا گهاٽا دوست جو ھنن جي ڪري لاکي ڦلاڻيءَ رڻ ڪڇ ۾ رڻ ٻاري ڇڏيو! اُن ڦرلٽ واري دور کان پوءِ، جيسر ۽ جئسراج پراسرار طور تي ڪھاڻيءَ مان گم نظر اچن ٿا.“ (ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 227) شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ جسي ۽ جسراڄ جو ذڪر لاکي ڦلاڻيءَ جي دوستن جي حيثيت سان ڪيو آھي ۽ لاکيڦلاڻيءَ جو سندس دوستن جي ڪري ڪڇ جي ماڻهن تي لوڙهيون ھڻي، بدلو وٺڻ جو اشارو پڻ سندس شاعريءَ ۾ ملي ٿو.

ڀُڄِئَان ڀُلِي نِڱِئو، ڏيئِي پَاٻوڙي پيرُ،

جيسي ۽ جَسراڄَ جو، مَٿي وانڍِنِ وَيرُ،

ڪَڇِ رَهَندو ڪيرُ، لاکو لوڙائُو ٿِئو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر ڏهر، داستان 7، بيت 8، ص: 259)

ڄام اُنڙ:

ڄام اُنڙ، شاھ لطيف جي سُر پرڀاتي (جاجڪاڻيءَ) جو سورمو آھي. ڄام اُنڙ، سمن سردارن مان ھو. تحفة الڪرام مطابق ڄام اُنڙ ٻانڀيڻو، 752ھ ۾ سمن جو سردار ٿيو. جڏهن تہ حاشئي ۾ ڊاڪٽر بلوچ، ابنِ بطوطہ جي حوالي سان لکي ٿو: ”ابن بطوطہ، ڄام اُنڙ کي سامري (سومرو) سڏيو آھي، جا سندس ڀل آھي. ھو اصل سمو ھو، پر سندس سرداريءَ بابت، سومرا پڻ متفق ھئا.“

(قانع، 1989ع، ص: 124)

ڊاڪٽر بلوچ، تحفة الڪرام جي حاشئي ۾ وڌيڪ لکي ٿو: ”ابنِ بطوطہ سنڌ ۾ 734ھ ۾ آيو ھو ۽ مَلڪ رتنِ جي ڪسجڻ جو واقعو سندس اچڻ کان ٿورو اڳ ٿي چڪو ھو، تنھن ڪري ميرقانع جو ڄام اُنڙ جي تخت نشينيءَ جو سن 752ھ لکڻ پڻ غلط آھي.“

(قانع، 1989ع، ص: 124)

تحفة الڪرام موجب، ڄام اُنڙ ٽي سال ۽ ڇھه مھينا حڪومت ڪري گذاري ويو ۽ سندس موت کان پوءِ، سندس ڀاءُ ڄام جوڻو بن ٻانڀيڻو تخت تي ويٺو.

معمور يوسفاڻي لکي ٿو تہ، ’ڄام اُنڙ‘، نائين صدي عيسويءَ جي شروع ۾، ڌيرڪ پرڳڻي جو حاڪم ھو. ڌيرڪ جي معنيٰ ’آرام ۽ راحت وارو‘، جنھن کي ڪن عالمن ’درڪ‘، ڪن ’ڌيرڪ‘، ڪن ’ڏرڪ‘ ۽ ڪن ’ڏيرڪ‘ بہ لکيو آھي، جيڪو پرڳڻو، ٿرپارڪر ضلعي جي ڏکڻ واري ايراضيءَ تي ٻڌل ھو ۽ سندس گاديءَ جو ھنڌ، ’ساموئي‘ يا ’سما ننگر‘ ھو، جنھن جا کنڊر، مهراڻي واري ايراضيءَ ۾، نئين ڪوٽ جي موجودہ شھر لڳ آھن، جن کي ھينئر مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، جيئن ’سامڀر ڀٽيءَ جي راڄڌاني‘، ’گجڻيءَ جو ڀڙو‘ ۽ ’وڏهر جا کنڊر‘ وغيرہ، جتي دوس ’راڄپار‘ جي چوکنڊي ۽ ‘گنجڙي گابار‘ جي قبر پڻ آھي. سمن جي راڄڌانيءَ جي ڪري، انہي ايراضيءَ واري ديھ کي اڄ بہ ’سامروٽي‘ سڏيو وڃي ٿو.

ڄام اُنڙ جي پيءُ جو نالو ’ڄام لاکو‘ ھو، جنھن کي، ڪن ليکڪن ’لاکو گهوراڙ‘، ڪن ’لاکو گرڙائو‘ ۽ ڪن ’لاکو گهرڙائو‘ ڪن واري ’ڪرلاھو‘، ’گهڙ‘، ’گرڙ‘ ۽ ڪن ’گڙ راھو‘ بہ لکيو آھي ۽ ڪيترائي ڀان پڻ ’گرڙاھو‘ ٻڌائين ٿا. ڪاتبن جي ڪوتاھيءَ جي ڪري، مؤرخن، مذڪورہ لفظ کي مختلف روپ ڏنا آھن.

ڄام اُنڙ، پنھنجي پيءُ، ڄام لاکي وانگر ڏيا ۽ ڏيک وارو مڙس ھو، جنھن ڪري ھر ماڻهوءَ کي جرئت نہ ٿيندي ھئي، جو سندس سامهون اچي يا منھن چڙهي، مگر سندس ’سخا‘ ۽ ’ڏاتارپ‘ وارن ڳڻن جي ڪري، منڱتا ۽ گهرجائو، پنھنجون ضرورتون ۽ گهرجون کڻي وٽس ويندا ھئا ۽ ڄام اُنڙ کين گهڻي عزت ۽ مان سان رهائي پوءِ کين ڏاڻُ ڏئي موٽائيندو ھو.

ڄام اُنڙ نہ رڳو سورهيہ ۽ ڏاتار ھو، پر ھو سُر ۽ راڳ جو بہ وڏو ڄاڻو ۽ پارکو ھو، جنھن ڪري، سندس اوطاق تي ’ڳائڻن ۽ ڪيرتن‘ جون ٽوليون سدائين موجود ھونديون ھيون. ايئن ڪڏهن بہ نہ ٿيو، جو ڪو ’ڪيرتيو‘ ھن جي در تان خالي ويو ھجي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ڄام اُنڙ جي سخا ۽ ڏاتارپ جي ڳڻن جي تعريف ڪندي فرمائي ٿو:

اُنَڙَ ۾ آسَ گَهڻِي، تِھان وَڏيرو ڊَپُ

سو مَگڻهارَنِ مَپُ، جو نہ موٽائي مَڱڻا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 2، بيت 6، ص: 150)

ڄام اوڍر سمو:

شاھ لطيف جي سُر بلاول ۾ جن سورهين ۽ سخين جو ذڪر آھي. تن مان ھڪ ڄام اوڍر سمو بہ آھي. روايتون آھن تہ جھڙي طرح دودي سان جنگ ڪرڻ کان پھرين ڪيترن ئي ننڍن وڏن سردارن، علاؤالدين جي فوج سان مختلف محاذن تي مھاڏو اٽڪايو. ساڳيءَ ريت ڪيترائي سورهيہ، ڪڇ جي ڄام ابڙي سان علاؤالدين جي جنگ کان پھرين ميدان ۾ لٿا ۽ سِر ڏئي سرها ٿيا. اھڙن سورهيہ سرويچن مان ڄام اوڍر پٽ اوڍو سمو بہ ھڪ ھو.

جڏهن سومرن جون سامون، دودي ڪڇ جي ابڙي سمي ڏانھن موڪليون ۽ اھي اوڍير جي علائقي ۾ پھتيون تہ اوڍر سمي انهن جي آجيان ڪندي، سندن مهماني ڪئي. ان وقت ڪيترائي نالي وارا سردار، سومرن جي سامن کان پاسو ڪري ويٺا ھئا تہ متان علاؤالدين جي قهر جو شڪار نہ ٿين. اھا صورتحال ڏسي اوڍر جي ماءُ کيس منع ڪئي تہ تون سومرين جي دعوت نہ ڪر. ان تي اوڍر، پنھنجي ماءُ کي ورندي ڏني تہ ’تو تہ مون تي اوڍر نالو رکيو آھي، جنھن جي معنيٰ آھي ٻين جا سور ۽ مسئلا پاڻ تي اوڍڻ ۽ انهن کي منھن ڏيڻ. مون تي انهيءَ نالي جو اثر آھي. ھاڻي آءٌ ان ڳالهہ کان ھٽي نہ ٿو سگهان.‘ نيٺ اوڍر، سومرين جي ماني ڪئي ۽ جڏهن علاؤالدين جو لشڪر پھتو تہ ساڻن جنگ جوٽيائين ۽ سومرين جي حفاظت ڪندي سر ڏنائين.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جو دؤر‘ ۾ لکي ٿو: ”اوڍر اڍيجو (پٽ اڍي جو) جنھن ڏھ ڏينھن جنگ ڪئي ۽ يارهين ڏينھن ماريو ويو. اوڍر کي جڏهن ماء جهلڻ لڳي تہ سومرين سامن جي ماني نہ ڪر ۽ کين نہ ٽڪاءِ، تڏهن چيائينس تہ:

اوڍر اوڍي سڀڪا، پر اوڍر اوڍ نہ ڪاء،

نالا ٻيا کٽاء، جو اوڍر رکيئي مون مٿي.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 109)

شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ اوڍر سمي جو ذڪر سندس سخاوت، مهمان نوازي ۽ سورهيائيءَ وارن ڳڻن جي حوالي سان ڪيو آھي.

تُون اوڍَرُ، تُون اوڍَڪو، تُون اَجهو، تُون آڳُ،

ھِتِ پُڻِ تنھنجو تَڪِيو، مَهَند پُڻِ تُونہين ماڳُ،

سي لورِيُون ڏِيَنِ نہ لاڳُ، جي اَجهٖي آيُون اَبِڙيٖ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 13، ص: 904)

ڄام تماچي:

’ڄام تماچي‘، شاھ لطيف جي ’سُر ڪاموڏ‘ جو مکيہ ڪردار آھي. سنڌ جو مشھور تاريخي ۽ عشقيہ داستان، ’نوري ڄام تماچي‘ ھڪ بادشاھ ۽ ھڪ مھاڻيءَ جي عشق جو داستان آھي. ھي ھڪ نيم تاريخي داستان آھي. شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ھي اڪيلو جوڙو آھي، جنھن تي گهڻو ڪري سڀئي محقق، متفق آھن تہ اھي ڪھڙي دؤر جا ھئا؟ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا - عشقيہ داستان 2‘ ۾، ڄام تماچيءَ بابت لکي ٿو: ”ڄام تماچي سنڌ جي سمن سلطانن مان ھو ۽ ’فيروز الدين شاھ ڄام اُنڙ‘ جو پٽ ھو. تاريخي مطالعي جي بناءِ تي ايئن معلوم ٿئي ٿو تہ ھن، ’رڪن الدين شاھ ڄام تماچي‘ جي لقب ۽ نالي سان پھريائين 1366ع کان 1375ع تائين، ’خيرالدين ڄام توڳاچي‘ سان گڏجي حڪومت ڪئي، ان بعد ھو نظربند ٿي دھلي ويو ۽ سلطان فيروز شاھ جي وفات کان پوءِ، سنڌ ۾ موٽي آيو ۽ غالباً 1388ع کان وٺي 1392ع تائين، ٻيھر ’سلطان رڪن الدين شاھ ڄام تماچي‘ جي لقب سان خودمختيار ٿي سنڌ ۾ حڪمراني ڪيائين.“

(بلوچ، 1972ع، ص: 15)

ڊاڪٽر بلوچ، ڄام تماچيءَ بابت، وڌيڪ ڄاڻائيندي لکي ٿو: ”ڄام تماچي ھڪ بھادر ۽ ھمت وارو جوان ھو، جنھن پنھنجي پيءُ، ڄام اُنڙ ۽ پنھنجي وڏي ڀاءُ، ڄام ٻانڀيڻي سان گڏجي، دھلي جي سلطانن کي شھ ڏئي، سنڌ ۾ سمن جي حڪومت قائم ڪئي ھئي. پوءِ جڏهن سندس وڏو ڀاءُ ۽ پاڻ قيد ٿي دھليءَ ويا تہ پويان سندس چاچو، ڄام جوڻو، سلطان فيروز شاھ جي حمايت سان سنڌ جو حاڪم بڻيو ۽ 1375ع کان 1388ع تائين حڪومت ڪيائين. سنڌ جا ماڻهو، ڄام جوڻي جي حڪومت مان خوش نہ رهيا ۽ ملڪ جي عوام توڙي درويشن دعائون گهريون تہ شال ڄام تماچي موٽي اچي، ٺٽي ۾ بادشاھي ڪري. شيخ حماد جماليءَ، دعا طور بيت چيو تہ:

جُوڻو، مَتِ اُوڻو، ڄام تماچي آءُ،

سٻاجهي ٻاجه پئي، توسين ٺٽو، راءُ!

(بلوچ، 1972ع ، ص: 16)

تحفة الڪرام ۾ ڄام تماچيءَ بابت، ھن ريت ڄاڻ ڏنل آھي.’ڄام جوڻي‘ کان پوءِ، ’ڄام تماچيءَ پُٽ ڄام اُنڙ‘ تخت تي ويٺو. سلطان (علاؤالدين) جو لشڪر کيس اھل عيال سميت قيد ڪري، دھلي وٺي ويو. ڄام تماچيءَ جي حڪومت جي ٻئي دؤر بابت، تحفة الڪرام ۾ لکيل آھي: ”ڄام ڀنڀي کان پوءِ، سندس ڀاءُ ’ڄام تماچي‘ حڪمران ٿيو ۽ تيرهن سال آرام سان حڪومت ڪري گذاري ويو.“

(قانع، 1989ع، ص: 128)

جڏهن تہ، بدر ابڙو لکي ٿو: ”ڄام تماچي، سمن جي شروعاتي دور جي حاڪمن مان ھڪ ھو. سنـــــدس حڪـــومت، پھريون ڀيرو 1368ع کان 1370ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 1389ع کان 1392ع تائين برقرار رهي.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 290)

1368ع ۾ جڏهن ڄام تماچيءَ جي ھٿ ۾ حڪومت جون واڳون آيون، تڏهن سندس راڄ پرامن ھو، پر ھن 1370ع ۾ دھلي سلطنت کان آزاديءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو. 1370ع ۾ کيس ڄام جوڻي حڪومت تان ھٽائي، سندس پُٽ صلاحالدين سميت قيد ڪري دھليءَ موڪليو ھو. ڄام تماچيءَ جي آزاديءَ ۾ شيخ حماد جماليءَ جو وڏو ڪردار ھو. ايم.ايڇ. پنهور موجب، ڄام تماچيءَ کي جنوري 1371ع ۾ ٺٽي کان دھليءَ ڏانھن روانو ڪيو ويو ھو. ان وقت دھليءَ جي تخت تي فيروز تغلق ويٺل ھو. فيروز تغلق، 1390ع ۾ مري ويو، ان کان پوءِ، غياث الدين تغلق، ڄام تماچيءَ کي آزاد ڪري ٺٽي ڏانھن اماڻيو.

غلام محمد لاکو، پنھنجي ڪتاب، ’سمن جي سلطنت‘ ۾ لکي ٿو: ”رڪن الدين ڄام تماچي، مٿي ذڪر ڪيل معاھدي موجب سنڌ جو حاڪم بڻيو. سندس سوٽ، ڄام توڳاچي پڻ ساڻس شريڪ ڪار ٿيو. ڄام تماچي پنھنجي ڀاءُ ڄام بابيني وانگر وطن پرست ۽ دلير انسان ھو.“

(لاکو، 1996ع، ص: 18)

غلام محمد لاکي موجب، ڄام تماچي جڏهن دھليءَ جي قيد مان واپس وريو تہ سنڌ جي ماڻهن کيس وڏو مانُ ڏنو. ٺٽي پھچڻ تي سندس وڏي آجيان ٿي. ھي خودمختيار سنڌ جو سلطان بڻيو. سندس سالن جي آرزو پوري ٿي. ھن غيرن جي غلاميءَ جو ھر اھڃاڻ ۽ علامت مٽائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي.

ڄام تماچي، سنڌين کي مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪي اھم فيصلا ڪيا. پاڻ ملڪ اندر خانقاھن، مدرسن ۽ مڪتبن جي اڏاوت لاءِ وڏيون رقمون خرچ ڪيائين، جنھن جو ھڪ مثال شيخ حماد جي خانقاھ ۽ مدرسو آھي. ڄام تماچي 1392ع ۾ وفات ڪئي.

ھو وڌيڪ لکي ٿو: ”هڪ روايت موجب نوري ۽ تماچي جو مقبرو ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي آھي، جڏهن تہ آرڪيالاجي وارن موجب سندن مزارون مڪلي ٽڪري تي آھن.“

(لاکو، 1996ع، ص: 21-20)

مير علي شير قانع، پنھنجي ڪتاب، ’تحفة الڪرام‘ ۾ لکي ٿو: ”ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي، شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ، ھڪ حجري ۾ يادگار طور باقي آھن.“

(قانع، 1989ع، ص: 129)

روايتن موجب، ڄام تماچي، پنھنجي حڪومت واري زماني ۾، شيل شڪار لاءِ ڪينجهر ڍنڍ تي ويندو ھو، جتي نوريءَ کي ڏسي مٿس موهت ٿيو. ساڻس شادي ڪيائين ۽ کيس، پنھنجي پَٽ راڻي بڻايائين. ڄام تماچيءَ نوريءَ سان شاديءَ کان پوءِ، مهاڻن کي ڪينجهر ڍنڍ انعام ۾ ڏئي ڇڏي ۽ مٿانئن مڙهيل مڙيئي محصول معاف ڪيائين.

پَکنِ پوءِ پَچارَ، ”اَڄُ تَماچِي آئِيو“،

مَرِڪَنِ مَلاحَنِ جا، مَٿي ٻانڌِيءَ ٻارَ،

وَڏِي ڄامَ ڄَمار، جنھن مِياڻِيُون موکِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 11، ص: 628)

شاھ لطيف، سُر ڪاموڏ ۾ ڄام تماچيءَ جي ڪردار کي سورمو ڪري پيش ڪيو آھي. شاھ لطيف، ڄام تماچيءَ جو ذڪر ھر دلعزيز حاڪم ۽ ذات پات جي ويڇي کان مٿانہين ھڪ سچي عاشق جي حيثيت سان ڪيو آھي، جنھن نوريءَ جي عشق ۾ ڄار ڪلهي ڪيو:

ڪو جو ڪامَڻُ مٖي، آھي اَکَڙِيَنِ ۾،

تَنُ تَماچِي ڄامَ جو، ناڀُون پايو نٖي،

عِشقُ ايئن ڪَريٖ، جيئن ڄارو ڄامَ ڪُلهي ڪِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 13، ص: 629)

ڄام جکرو ڳھڙ راءِ:

ڄام جکرو ڳهڙراءِ، شاھ لطيف جي سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. سندس نالو آڳاٽن سخي سردارن ۽ ڏاتارن ۾ اچي ٿو. معمور يوسفاڻي سندس شجرو ھن ريت ڄاڻايو آھي: ”ڄام جکرو ولد ڄام سمون ولد اُنڙ ولد لاکيار ولد اوڍر.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 52)

ڄام جکرو، لاڙ جي پاتار بندر جو رهاڪو ھو، جنھن کي قديم دؤر ۾ گنگا نديءَ جو ھڪ وهڪرو آباد ڪندو ھو، جنھن جا آثار اڄ بہ موجود آھن، ان ڪري کيس گنگا جر راءِ بہ ڪوٺيندا ھئا. سندس حڪومت جي حد، سنڌ کان ٻرڙي ٻيٽ تائين ھئي. ڄام جکرو، پنھنجي دؤر جو مثالي سخي ۽ ڏاتار ھو، جنھن جي سخاوت پاتار کان ٻرڙي تائين مشھور ھئي.

شاھ لطيف، ’سُر بلاول‘ جي پنجويهن بيتن ۾ ڄام جکري جو نالو ڳڻائيندي، سندس سخاوت ۽ ڏاتاري صفت سان گڏ، گنگا جر توڙي ڳھيڙ جي نالي سان بہ چئن بيتن ۾ سندس ذڪر ڪيو آھي.

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نا تہ پاڳارا پُرِسَ ٻِئا،

ڳُھُڙُ تُنھِنجي ڳڃَڙي اَچي جالَ جَڳَٽُ،

جِنہِ جيھوئِي پَٽُ، تِنہِ تيهائِي بِکَيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 15، ص: 141)

ڄام راھو:

ڄام راھو، شاھ لطيف جي سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. معمور يوسفاڻي لکي ٿو: ”ڄام راھو، ساموئيء جي مشھور حاڪم، ڄام تماچي عرف ڄام سمي جو پٽ، ڄام اُنڙ جو پوٽو ۽ ڄام لاکي ڳيھر راھو جو پڙ پوٽو ھو، جيڪو يارهين صدي عيسويءَ جي پھرئين اڌ ۾، ڌيرڪ پرڳڻي جو حاڪم ھو.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 64)

ڄام راھوءَ جو ڏاڏو ڄام اُنڙ، سخاوت ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. سندس پوٽي، ڄام راھوءَ جڏهن حڪومت جي واڳ سنڀالي تہ ڏاڏي ڄام اُنڙ جي روايت کي قائم رکندي سخاوت جا در کولي ڇڏيائين، جنھن ڪري سڀني طرفن کان منگتا ۽ سائل وٽس اچڻ لڳا ۽ ھو سندن سوالَ پورا ڪري کين خوش ڪندو رهيو. ڄام راھوءَ واري دؤر ۾، ھاڪڙي ۽ پُراڻ ۾ جيتوڻيڪ اڳوڻي دؤر وارو پاڻي ڪونہ ھو، تہ بہ ايترو پاڻي ضرور ھو، جو ملڪ آباد ۽ خوشحال ھو ۽ پيداوار بہ گهڻي ٿيندي ھئي، جيڪا گهڻي ڀاڱي محتاجن ۽ مسڪينن لاءِ وقف ڪيل ھوندي ھئي. ڄام راھو نہ رڳو در تي آيل گهرجائن جي مدد ڪندو ھو، بلڪ پنھنجا خاص ماڻهو موڪلي، رعيت جي چڱيءَ طرح خبر چار لهي، گهرجائن ۽ ضرورتمندن جي مدد ڪندو ھو. اھڙيءَ طرح سندس نالو عام سخين کان چڙهي ڏاتارن ۾ شامل ٿي ويو.

”ڄام راھوءَ کان پوءِ، سندس پٽ ڄام داسڙو، گادي نشين ٿيو، جنھن ناري پٽ ۾ ھڪ وڏو قلعو ٺھرايو جنھن جا کنڊر شادي پلي اسٽيشن جي لڳ اولھ طرف ريلوي لائين جي ڏکڻ ۾ ھڪ وڏي دڙي جي شڪل ۾ موجود آھن. جنھن دڙي مان ڪيئي پراڻيون شيون لڀن ٿيون.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 66)

جڏهن تہ رقيہ غلام نبي شاھاڻي، ڄام راھوءَ جي نسب بابت لکي ٿي: ”هڪ راھو پٽ اُنڙ جو ھو ۽ اُنڙ پٽ ڀانڀيڻي جو. سمن جي نسب نامي جي ھڪ روايت موجب، ’رامڏئيا‘ سما آھن ۽ راھوءَ جي اولاد مان آھن: چون ٿا تہ ’رامڏئي سمي‘ جو نالو پڻ ابڙو ھو، ٻي روايت آھي تہ ڪڇ ۾ سمن جي نسب نامي موجب انهيءَ ابڙي جي پيڙهي ھن طرح ڄاڻايل آھي: ابڙو پٽ راھو پٽ اُوڍو پٽ اوڍار پٽ لوتيار.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 49)

ڄام راھوءَ کي نہ رڳو ڀٽن، ڀانن ۽ چارڻن ڳايو ۽ ڏاتارن ۾ ڳڻيو ويو آھي، پر شاھ لطيف بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ سندس سخاوت جي واکاڻ چئن بيتن ۾ ڪئي آھي. کيس ’هوٿياڻي‘ بہ سڏيو آھي.

راھُو تُنھِنجي ريتِ، پَرَکَنڊين پَڌِرِي،

گَهڻَا گهوڙي چَاڙِهئا، تو مُسَافِرَ مَسيتِ،

پُڇين ڪَانہ وِڏِيتِ، جي آئِيَا سي اگِهئَا.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 3، بيت 10، ص: 184)

ڄام مَھڙُ نوتيار:

ڄام مھڙ نوتيار، سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. مھڙ نوتيار، سمن جي نوتيار نک جو سورهيہ سردار ھو، پاڻ انهن سردارن مان ھو، جن علاؤالدين جي لشڪر سان، ابڙي کان اڳ واٽ تي مقابلا ڪيا.

جڏهن ھن جي جُوءِ ۾ سومريون آيون تہ انهن کي مانُ ڏنائين ۽ سندن آجيان ڪيائين ۽ پاڻ پنھنجو لشڪر وٺي، بادشاھي لشڪر کي سامهون ٿيو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جو دؤر‘ ۾ لکي ٿو: ”هڪ زباني روايت موجب، اھو مهڙ ’ڪَلهڙيڪوٽ‘ جو سردار ھو. بدين تعلقي جو ڏکڻ اڀرنديون ڀاڱو نوتيارن جو ملڪ آھي ۽ ’نوت‘ سڏجي... روايت موجب سامون جڏهن ’مهڙ ڄام نوتيار‘ جي ملڪ مان مَٽيون تہ ھن سندن آجيان ڪئي ۽ کين ڏڍ ڏيئي حفاظت سان اڳتي روانو ڪيائين. پوءِ جڏهن عالادين جو لشڪر آيو تہ جنگ ڏنائين ۽ پندرهن ھزار جو لشڪر ماري پوءِ مُئو.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 104)

شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ سندس سورهيائي ۽ بھادريءَ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو:

سَمُو سَوائِي، ٻَھُون ٻِئَنِئان آڳرو،

دَانَہَ جِيءَ دَرٻَارَ ۾، وَرَتِي اِيءَ وائِي،

ڳُھُڙُ ڳالهائِي، مُهُڙَ سَڀَ مَلهائِيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر بلاول، داستان 1، بيت 14، ص: 141)

ڄام ڪَرن:

’ڄام ڪرن‘، شاھ لطيف جي سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. سنڌ جي سمن مان جيڪي سخي ۽ ڏاتار مشھور ٿيا، تن ۾ ’ڄام ڪرن‘ جو نالو بہ شامل آھي.

رحميداد خان، مولائي شيدائي، پنھنجي ڪتاب، ’جنتالسنڌ‘ ۾، ڄام ڪرن بابت ھن طرح لکي ٿو: ”ڄام ڪرن بن ڄام تماچي گاديءَ تي ويٺو، پر سما منجهانئس خوش ڪين ھئا، ڇاڪاڻ تہ ھن ڄام علي شير کي، جيڪو رعايا کي پيارو ھو، بيگناھ شھيد ڪرايو ھو. تخت تي ويھڻ شرط ھن ڪن معزز ماڻهن کي قتل ۽ ڪن کي قيد ڪرايو ھو، تنھن ڪري سڀني کي کانئس نفرت ھئي. آخر جيئن مجلس مان اُٿي محلات ڏانھن ٿي ويو، تيئن ڪن سر بازن ھن کي دروازي تي قتل ڪري ڇڏيو. ھن فقط اٺ پھر حڪومت ڪئي.“

(شيدائي، 1985ع، ص: 352)

رسول بخش تميمي، پنھنجي ڪتاب، ’ٺٽو صدين کان‘ ۾، ڄام ڪرن جي باري ۾ ھن طرح لکي ٿو: ”ڄام علي شير جي قتل بعد تخت تي ويٺو. ھن کي ٺٽي جي مکيہ اميرن سان ۽ درٻارين سان سخت اختلاف ھو. ھن انهن کي قتل ڪرڻ ٿي چاھيو، ليڪن پاڻ شڪار ٿي ويو. جيئن ئي طھارت خانہ طرف ٿي ويو تہ طھارت خاني جي دروازي وٽ کيس ٻيرا ٻيرا ڪري ڇڏيائون. ھن ڏيڍ ڏينھن حڪومت ڪئي ھئي.“

(تميمي، 2003ع، ص: 94)

معمور يوسفاڻيءَ موجب، ”ميون شاھ عنايت رضوي، ڪرن کي ’همونٿاڻي‘ ڪوٺيو آھي جنھن مان اھو ٿو معلوم ٿئي تہ ڪرن جي وڏن مان ڪنھن جو نالو ’همون‘ ضرور ھو يا وري ڪرن جي والدہ جو نالو ھمون ھو، جنھن جي پويان ھي ھمون ٿاڻي مشھور ٿيو.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 67)

ڄام ڪرن، ناري پٽ جي ’سونپرو‘ واري ايراضيءَ جو حاڪم ھو، جنھن جي راڄڌانيءَ واري شھر جا کنڊر عمر ڪوٽ کان اٺ ڏھ ميل اولھ طرف ’ديھ سونپر‘ ۾ عمر ڪوٽ، ساماري واري رستي لڳ، اوڀر طرف اڌ ميل پنڌ تي آھن. ڄام ڪرن جي شھر جي کنڊرن کي ھن وقت ’ڀڙي‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

انهيءَ ايراضيءَ ۾ ڪرن جي نالي سان، ديھ ڪرنا، ديھ ٻيلو ڪرنا ۽ ٿر واھ جي ھڪ موري، ’موري ڪرنا‘ جي نالي سان مشھور ۽ موجود آھن. ڪرن جي دؤر جي خبر ڪانہ ٿي پوي تہ، اھو ڪھڙي دؤر ۾ ھو، پر اھڃاڻن مان اھو ٿو معلوم ٿئي تہ، ڄام ڪرن جو دؤر، ڄام لاکي ڦلاڻيءَ کان پوءِ ھو. جيئن ھڪ چوڻي مشھور آھي تہ، ’لاکي لک بخشيا، ڪرن ڏنا ڪروڙ.‘

ڄام ڪرن پنھنجي دؤر جو سخي ۽ ڏاتار ھو. آڳاٽي دؤر موجب، جيڪو سردار ڏاتار ھئڻ جي دعويٰ ڪندو ھو، تہ چارڻ، ڀان ۽ مڱڻھار، ان جو امتحان وٺڻ لاءِ پھچي ويندا ھئا.

جڏهن ڄام ڪرن، ڏاتار مشھور ٿيو ۽ مڱڻن ان جو امتحان ورتو تہ کين اھا پڪ ٿي وئي تہ، ڄام ڪرن برابر ڏاتار آھي، ڇاڪاڻ تہ پاڻ بنا ڪنھن دير جي سائل جو سوال پورو ڪندو ھو.

شاھ لطيف بہ ڄام ڪرن جي ڏاتاري ۽ سخا واري وصف کي نظر ۾ رکندي فرمائي ٿو:

اکين سوئِي اوڙَکِيو، جو ڪَنين سومِ ڪَرَنَ،

ماءُ منھنجو مَنُ، ڄامَ پَسَندٖيئِي پَتِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 14، ص: 905)

چنيسر:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’ليلا چنيسر‘ جو مرڪزي ڪردار آھي. ھن ڪردار کي شاھ لطيف ھن سُر ۾ اھم ڪردار طور کنيو آھي. چنيسر بابت، ڌار ڌار روايتون ملن ٿيون، جن مان گهڻي قدر ايئن مشھور آھي تہ، چنيسر، سومرا گهراڻي جي ’داسڙي‘ شاخ مان ھو ۽ ديول ڪوٽ يا ديول بندر جو حاڪم ھو.

غلام محمد شاھواڻي، پنھنجي سھيڙيل شاھ جي رسالي ۾ چنيسر بابت، جيڪا ڄاڻ ڏني آھي، اھا ڪجهہ ھن ريت آھي: ”سومري گهراڻي جي داسڙن جي آڪھہ مان، چنيسر نالي ھڪ راجا، سن 1288ع کان 1306ع تائين، ديول ڪوٽ يا ديولبندر جو (جيڪو مڪليءَ جي ٽڪريءَ جي ڇيڙي وٽ، پير پٺي جي مقبري جي ويجهو، سنڌو نديءَ جي بگهاڙ شاخ جي ڪنڌيءَ تي ھو) حڪمران ھو.“

(شاھواڻي، 2005ع، ص: 494)

ڊاڪٽر نبي خان بلوچ، ’ڄام چنيسر‘ ۽ ’ليلا‘ بابت لکي ٿو: ”چنيسر ۽ ليلان جو پاڻ ۾ ور ۽ وني وارو رشتو آھي. چنيسر جو ليلان تي پيار ۽ ڪلي طور تي اعتبار آھي؛ ليلان جو پنھنجي ور سان سچائي وارو ناتو آھي پر ھو خود خيال ٿي خطاوار ٿئي ٿي. چنيسر سندس خطائون ڍڪي ٿو، تان جو ليلان ھار تي ھر کي ڪونروءَ کان ھار وٺي ٿي ۽ کيس چنيسر جي پيار ۾ ڄڻ پاڻ سان گڏ، پَتيار ڪري ٿي. اُن تي چنيسر ليلان کي ڏُهاڳ ڏئي ٿو ۽ پاڻ کان پري ڪري ٿو. جڏهن ليلان ڏُهاڳ ڏسي ٿي، تڏهن پشيمان ٿئي ٿي ۽ منٿون ڪري ٿي تہ من چنيسر راضي ٿئي! شاھ صاحب ھن سُر ۾، ور ۽ وني واري رشتي جي پيار ۽ اعتبار واري ماحول ۾ ڪانڌ جو وڙائتو ۽ وڏي کاند وارو ھجڻ ۽ ونيءَ جو ھر حال ۾ ور جي اعتماد تي پورو ثابت ٿيڻ واري اعليٰ فڪر جا اھڃاڻ ڏنا آھن. داسڙو دليون پرکيندڙ آھي؛ متان ڪا ليلان وانگر دل ڏيڻ بدران ٻاھرئين ھار سينگار سان پاڻ وڻائڻ جي ڪوشش ڪري:

وصل تنھ وڃائيو سينڌ سرمي سيئن،

سا لوٺي ليلان جيئن، مڻيون جنھن مِٺو ڪئو.“

(بلوچ، (مقدمو) 2014ع، جلد پنجون، ص: 20)

ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”چنيسر ظاھر ۾ سادو مگر حقيقت ۾ وڏو داناءُ ۽ بردبار ڀتار آھي.“

(بلوچ، 2014ع، (مقدمو)، جلد پنجون، ص: 26)

ڊاڪٽر گربخشاڻي، ڄام چنيسر جي ڪردار ۽ نسب بابت لکي ٿو: ”سومري گهراڻي جي داسڙو شاخ مان راجا چنيسر نالي، ديول ڪوٽ تي راڄ ڪندو ھو. حسن ۽ دؤلت، شان ۽ شوڪت ۾ بينظير ھو. انهن اوصافن ڪري سڀ ڪا سهڻي سندس سھاڳ جي طمعدار رهندي ھئي. ھڪڙي ڏينھن ڪؤنروءَ کي سندس سھيليءَ جمنيءَ چٿر ڪري چيو تہ ’تون جو ھيترو ھار سينگار پئي ڪري، سو ڀانءِ تہ چنيسر سان چاھ رکيو اٿئي؟‘ ھن طعني، ڪؤنروءَ کي تمام ڪري ڇڏيو ۽ اڻ ڏٺو چنيسر تي چري ٿي پئي.“

(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 25-624)

ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ موجب، جڏهن ڪوئنرو چنيسر جي چاھت ۾ چري ٿي، پڻس راڻي کنگهار کان موڪل وٺي، ماڻس سميت چنيسر جي راڄ ۾ اچي ٿي ۽ اُھي چنيسر جي وزير، جکري سان ملي، کيس منٿ ميڙ ڪن ٿيون. جکرو، چنيسر سان جڏهن ڪوئنروءَ جي حسن ۽ محبت جو ذڪر ڪري ٿو تہ چنيسر جو ھنيون البت ھرکجي ويو، پر پنھنجي پٽ راڻي ليلا جي لحاظ ڪري، جکري کي جواب ڏنائين تہ، ليلا ويٺي ٻيءَ ڪنھن ڌاريءَ زال سان ناتو رکڻ نامناسب آھي. بہتر آھي تہ ڪوئنروءَ کي ريھي ريبي وطن ڏانھن موٽائينس.

منوهر مٽلاڻي، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ جا سرمور‘ ۾، ’چنيسر جي ڪردار‘ بابت پنھنجا ويچار ھن ريت ڏنا آھن: ”شاھ ھن ڪھاڻيءَ ۾ چنيسر کي انتھائي غيرت مند حاڪم ڪري پيش ڪيو آھي. جو پنھنجي طالب جي ڪابہ اَڙٻنگائي يا ٺڳي برداشت ڪرڻ کان قاصر آھي. ھُو پاڻ حق آھي ۽ سچن سالڪن تي ساھ ڏيندڙ آھي. ھڪ دفعو بہ ڪنھن کي بڇڙاين ۾ ڦاٿل ڏٺائين تہ ان کي ھميشہ لاءِ پنھنجي قربت مان ڪڍي ڇڏي ٿو.“

(مٽلاڻي، 1991ع، ص: 175، 176 ۽ 177)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا - عشقيہ داستان 3-ليلا چنيسر‘ ۾ عالمن جا حوالا ڏيندي لکي ٿو تہ، سن 621ھ/1224ع ۾ ’ملڪ سنان الدين چنيسر‘ يقيني طور ’ديبل ۽ سنڌ‘ جو حاڪم ھو. جيئن تہ اھو سومرن وارو دور ھو، انهيءَ ڪري چنيسر سومرو حاڪم ھو. ڊاڪٽر بلوچ، ٻين ڪجهہ روايتن جي حوالي سان ’چنيسر‘ کي ’داسڙو سمو‘ بہ ڄاڻايو آھي.

ھن قصي وارين روايتن مان ’چنيسر نامي‘ واري روايت سڀ کان آڳاٽي آھي، جنھن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آھي تہ، چنيسر ’ديول‘ جو حاڪم ھو.

سنڌ جي عام روايتن موجب، چنيسر، ذات جو ’داسڙو‘ ھو، جنھن جي تصديق ميين شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري، ميين شاھ عنايت ۽ شاھ لطيف جي بيتن مان ٿئي ٿي:

تان ڪي وائِي وارِ، دِلاسي جي داسَڙا

تون منھنجو وَلهو، آءٌ تو ۾ طَمعدارِ

ڍَڪي ڍولَ گُذارِ، لَڄَ منھنجِي لوڪَ ۾.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان، داستان 4، بيت 2، ص: 276)

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”پير حسام الدين شاھ راشدي چوي ٿو تہ چنيسر سومرو ستين صدي ھجريءَ ۾ ھو ۽ سندس وفات 684ھ ۾ ٿي ۽ ھن ارڙهن سال حڪومت ڪئي. پر ايم. ايڇ. پنهور جو ڪتاب، ڪرونالاجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ ۾ تجويز ڪري ٿو تہ چنيسر سومرو، 1220ع کان 1228ع تائين ديبل واري پاسي (لاڙ) جو حاڪم ھو.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 322)

بدر ابڙو وڌيڪ لکي ٿو: ”ايم ايڇ پنهور جي گڏ ڪيل معلومات موجب چنيسر (داسڙو) سومرو ’ملڪ ثناءُ الدين حباش‘ جي لقب سان لاڙ ۽ تڏهوڪي ديبل جو حاڪم ٿيو ۽ 1220ع کان 1228ع تائين حڪومت ڪيائين.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 323)

مجموعي طور ڊاڪٽر بلوچ، محمد حسين پنهور ۽ پيرحسامالدين راشديءَ جي تحقيق جي بنياد تي، اھو چئي سگهجي ٿو تہ، چنيسر، ’سومرا‘ گهراڻي مان ھو. سندس پيءُ جو نالو بہ ’داسڙو‘ ڄاڻايو ويو آھي. چنيسر، ’ديول ڪوٽ‘ جو حاڪم ھو ۽ سندس گاديءَ جو ھنڌ ’لهور‘ ھو. چنيسر ننڍو ھو تہ سندس پيءُ گذاري ويو، جنھن بعد سندس چاچي پڳ ٻڌي. چنيسر جو مڱڻو سندس چاچي جي ڌيءُ، ’ليلا‘ سان ٿيل ھو. چنيسر ۽ ليلا جي شاديءَ کان اڳ ئي پاڻ ۾ گهڻي محبت ھئي. چنيسر وڏي چاھ سان ليلا سان شادي ڪئي. پر اڳتي ھلي جڏهن ليلا، ڪؤنرو سان نو لکي ھار تي چنيسر کي ھڪ رات لاءِ مَٽايو تہ چنيسر جي دل ليلا تان کڄي وئي. ھونئن تہ چنيسر، ليلا جون گهڻيون ئي خطائون معاف ڪيون ھيون، پر نيٺ ’هار تي ور مٽائڻ‘ وارو حرف رکي، کيس جيئري ڏهاڳ ڏيئي، لهور مان لڏائي ڇڏيو.

شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ ’چنيسر‘، ھڪ رٺل محبوب جي روپ ۾ سامهون اچي ٿو، جنھن کي پرچائڻ لاءِ ’ليلا‘ وڏا وس ڪري ٿي ۽ شاھ لطيف ھڪ ھڏ ڏوکي دوست وانگي ليلا کي ھيٺاھين وٺڻ جون صلاحون ڏئي ٿو.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ چنيسر کي ’ريساڻوراجا‘ ۽ ’چنيسر چؤرنگ‘ بہ ڪري سڏيو آھي، جنھن مان چنيسر جي انفرادي فطرت جو اندازو ٿئي ٿو.

مَڻِيو وِجهان مَچَ ۾، ھائِيءَ ھَڻِي ھارُ،

سوڀِي! سُکُ، سَيّدُ چٖي، ڪَرييٖن ڪوھ قَرارُ،

راڄا رِيساڻو گَهڻُو، سَٽاڻو سَردارُ،

چَؤڏِسِ چَنيسَرَ ڄامَ جو، ڏيهان ڏيھ ڏهڪارُ،

ٺاڪُرُ اَکِييٖن ٺارُ، مَڻِيٖي تٖي ٿِي مَٽِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 1، بيت 3، ص: 498)

چَنيسرُ چَؤرَنگُ، ٻِھ-رنگو لوڪُ ٻِيو،

تنھن سين ڇِنيو سَنگُ، وَڃِيو ھارَ ھَٿُ ڇُھيٖنُ.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 1، بيت 4، ص: 499)

ڏَم:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’سهڻي ميھار‘ جو ھڪ اھم ڪردار ’ڏم‘ آھي. ’ڏم‘ سهڻيءَ جو مڙس ھو. لوڪ داستانن ۾، ڏم کي سهڻيءَ جو مڙس ڄاڻايو ويو آھي ۽ کيس سهڻيءَ جو سوٽ پڻ لکيو ويو آھي.

مرزا قليچ بيگ، پنھنجي ڪتاب، ’سُر سهڻيءَ‘ ۾ سنڌي قصي جي حوالي سان لکيو آھي: ”سهڻيءَ جو مڙس ڏم، ذات جو ’سامٽيو‘ ھو ۽ درياھ جي اڀرنديءَ ڀر ڏانھن رهندو ھو.“

(بيگ، 1912ع، ص: 13)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: ڏم ذات جو ’واھوچو‘ ھو ۽ ’واھوچن‘ جي چڱي مڙس جو پٽ ھو. ڏم نہ فقط شڪل جو ڪوجهو، پر مت جو بہ موڙهل ھو. مائٽن جو دادلو ۽ پرمتڙيو ھو، منجهس مڙسن واريون وصفون گهٽ ھيون. دريا جي ٻئي ڪپ تي سندس ڳوٺ ھو.

شاھ لطيف، پنھنجي رسالي جي سُر سهڻيءَ ۾ ھن ڪردار جو ذڪر ڪيو آھي ۽ ڏم جي ڪردار کي سهڻيءَ جي حوالي سان ڪجهہ بيتن ۾ پيش ڪيو آھي، جيڪو محبت جي ميدان ۾ ھڪ رنڊڪ جي شڪل ۾ ظاھر ٿئي ٿو، جيڪو سهڻيءَ کي طعنا ۽ مهڻا ڏئي ٿو.

شاھ لطيف، ميھار ۽ ڏم جي ڪردارن جي ڀيٽ ڪندي، ميھار کي صحت ۽ ڏم کي مرض قرار ڏنو آھي.

ساھَڙَ ڌاران سهڻي، آھي ۾ آزارَ،

ڏَمَ پاسي ۾ ڏُکَندو، صِحَتَ وَٽِ سَنگهارَ،

توڏِيءَ سَندي تَنَ جِي، دَوا ۾ دِيدارَ،

جي پَسي منھن ميھار، تَھ سِگهيائِي سَگهِي ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، ابيات متفرقہ، بيت 5، ص: 272)

تَڙِ تَڪَڻِ، تارِ گِهڙَڻُ، اِيءُ ڪاڻِيارِيَنِ ڪَمُ،

ڏھ ڏھ ڀيرا ڏينھن ۾، ڏي ڏوراپا ڏَمُ،

عَقُلُ، مَتِ، شَرَمُ، ٽيئِي نِينہن نہوڙِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘،سُر سهڻي، داستان 3، بيت 1، ص: 229)

ڍول:

’ڍول‘، شاھ لطيف جي ’سُر ڍول مارل‘ جو ڪردار آھي. سُر ’ڍول مارل‘ گنج شريف، سگهڙ الهداد جنجهي، محمدقاسم راھمون جي سھيڙيل گنج، شوقيرام تاراچند، غلام مصطفيٰ قاسميءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾ آھي، پر شاھ لطيف جي ڪلام کي گهڻن مرتب ڪندڙن ان سُر کي شامل نہ ڪيو آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ’مشھور سنڌي قصا ڍول مارو‘ ۾ ھن قصي بابت، مختلف روايتون ڏنيون آھن. انهن روايتن ۾ ڳالهہ جي سٽاءَ ۾ ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيو قصو بيان ٿيل آھي.

قصي جي مجموعي سٽاءَ موجب: ”’ڍولـٖي‘ جي ملڪ ۾ ڏڪار پوڻ ڪري، ڍولـٖي جي پيءُ، پنھنجي بادشاھي ڇڏي، عيال ۽ رعيت سميت ٻيءَ بادشاھيءَ ۾ لڏي ويو. اتي جي راجا کي ’مارئي‘ نالي ڌيءَ ھئي. ڍولي ۽ مارئيءَ جي ننڍي ھوندي ئي شادي ٿي. ڍولو جلد ئي پنھنجي ملڪ موٽي آيو. وڏو ٿيو تہ ٻيءَ ھڪ چالاڪ عورت مٿس موهت ٿي، کيس پاڻ وٽ ويھاري ڇڏيو ۽ اھڙو بندوبست رکيائين، جيئن مارئيءَ جي ملڪ جو ڪوبہ ماڻهو ڍولي سان ملي نہ سگهي. مارئيءَ کي جڏهن ڍولي سان پرڻيل ھجڻ جي خبر پئي، تڏهن ھڪڙو مڱڻھار قاصد ڪري موڪليائين، جنھن چالاڪيءَ سان ڍولي کي مارئيءَ جي حقيقت کان واقف ڪري سندس پيغام پھچايو. ڍولو اُٺ تي سوار ٿي، مڱڻھار سان گڏ، مارئيءَ جي ملڪ ڏانھن ڪاھيو ۽ وڃي مارئيءَ سان مليو.“

(بلوچ، 1949ع، ص: 4)

مختلف روايتن مطابق ڍولي جو نالو ڍول، ڍولو، ڍوليو يا ڍوليا ڄاڻايا ويا آھن. اھي نالا الڳ الڳ ناھن، پر ڍاٽڪي (سنڌي) ٻوليءَ جي لهجي مطابق جملي ۾ استعمال جي حساب سان ڦيرا آھن. ڍولي جي ماڳ مڪان بابت، پڻ روايتن ۾ اختلاف آھي، گهڻو ڪري ڍولي جي پيءُ جو ملڪ ’نرور ديس‘ يا ’نرور گڍ (مارواڙ)‘ ڄاڻايو ويو آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، کپري ۽ عمر ڪوٽ جي تعلقن مان مليل روايتن مطابق ’ڍولي‘ جو وطن ’ڍٽ‘ ڄاڻايو آھي. وچولي ۽ لاڙ جي روايت مطابق ڍولي جي پيءُ جو نالو ’انور بادشاھ‘ ھو.

’ڍولا مارو‘ قصو، ڪڇ ڀُڄ ۾ گهڻو مشھور آھي. جيئن تہ اھو خطو سنڌ جو حصّو رهيو آھي، ان ڪري سنڌ جا قصا اتي ڳائجڻ ۾ آيا تہ وري اُتان جا ڪي خاص قصا ھتي مشھور ٿيا. علائقي جي اثر ڪري ٻوليءَ جو بہ فرق آھي.

(ڀاوناڻي، 1956ع، ص: 5-6)

شاھ لطيف، سُر ’ڍول مارو‘ ۾ ڍول يا ڍولي جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

اُتَرَ ڏيسان آوَنيان، ڏکڻِ ساوَڻيان

ڍولو نروَرَ سَيريين، ڌَنَ ٻُکرَ ڪريان

پُڇو ڪونجڙيان، تہ ڪوڻُ ھِنيارِي سڄڻين.

(مرزا، ممتاز، (1995ع)، ’گنج – شاھ جو رسالو‘، سرود ڍول مارو، بيت 02، ص: 479)

راجا نند:

راجا نند، شاھ جي رسالي جي سُر مومل راڻي جي سورميءَ، مومل جو پيءُ ھو. سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، مومل راڻي جي روايتن موجب، پندرهين صدي عيسويءَ جي شروعات ۾، راجا نند، گجر ذات جو ھڪ سردار ۽ ميرپور ماٿيلي جو حاڪم ھو. کيس نو نياڻيون ھيون. انهن مڙني مان مومل سونھن ۾ سوائي ۽ سومل وري سياڻپ ۾ سرس ھئي. تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’مومل راڻو‘ ۾ حافظ محمد بخش خاصخيلي، پنھنجي مضمون، ’ماٿيلي جي مومل ۽ ڍٽ جو ڍوليو‘ ۾ لکي ٿو: ”راجا نند سومرن جي پوئين حاڪم، ھمير سومري پاران گهوٽڪيءَ کان اوٻاڙي تائين (12 ڪوهي) راجا ھو. راجا نند جي پيءُ جو نالو ’رتل راءِ‘ ۽ ماءُ جو نالو ’سَمِي‘ ھو. ھِن جي زال جو نالو ’گنگُ راڻي‘ ھو، جنھن مان راجا کي نَوَ نياڻيون ڄايون جن جا نمبر وار نالا ھن ريت آھن: ’سهجان‘، ’سومل‘، ’مومل‘، ’سوڍي‘، ’سَليمتَ‘، ’صحت‘، ’ساڏِهان‘، ’سُلهان‘ ۽ ’مرادان‘. ڳاھن، سگهڙن توڙي تاريخ لکندڙن، راجا جو نرينو اولاد نہ ڄاڻايو آھي.“

(جويو، تاج، 2004ع، ص: 33)

داستان مطابق، راجا نند کي شڪار ڪندي، ھڪ سوئر جو جادوئي ڏند ھٿ آيو، جيڪو درياھ جو پاڻي بہ سڪائي ڇڏيندو ھو. ان جادوئي ڏند جي ڪرامت سان، راجا نند پنھنجو سمورو خزانو، درياھ جي پيٽ ۾ لڪائي رکيو، جيڪو بعد ۾ مومل جي نادانيءَ ڪري، سندس ھٿن مان نڪري ويو ۽ سومل جي سياڻپ ڪري وري ھٿ آيو. جڏهن تہ تحفة الڪرام ۾ مومل جي پيءُ جو نالو نہ ڄاڻايو ويو آھي، فقط ايترو لکيل آھي تہ: ”گوجر بادشاھن جي اولاد مان، ’مومل‘ نالي ھڪ عورت، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، پنھنجي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي ھئي.“

(قانع، 1989ع، ص: 105)

شاھ لطيف، سُر مومل راڻي ۾ راجا نند جو ذڪر مومل جي پيءُ جي حيثيت سان ڪيو آھي:

مُومَلَ سُومَلَ سَھِجَان، مُرادِي مَنجِهنِ،

ٻيٽِيُون رَاجَانَندَ جُون، چَاکيَ پَرِ چَلَنِ،

رَاڻُو مَٿَان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.

(شيخ ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر راڻو، داستان 9، بيت 12، ص: 484)

راڻو مينڌرو:

’راڻو مينڌرو‘، سنڌ جي مشھور لوڪ داستان ’مومل راڻي‘ جو مکيہ ڪردار ۽ سورمو آھي. تحفة الڪرام کان سواءِ عام روايتن موجب، راڻو مينڌرو، عمر ڪوٽ جي حاڪم ھمير سومري جو سالو ۽ وزير ھو. سندس ڀيڻ، ’مکڻ ٻائي‘، ھمير سومري جي راڻي ھئي. روايتون بيان ڪن ٿيون تہ راڻو، سهڻي صورت سان گڏ، دانا ۽ دلير بہ ھو.

تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’سُر مومل راڻو‘ ۾ راڻي بابت، ڪجهہ ھن ريت ڄاڻ ڏنل آھي: ”هيءُ ڍَٽَ جو ڍاٽي ڍولُ، سندس نالو مينڌرو، ذات جو سوڍو ۽ ھن جو لقب راڻو ھو. راڻو راڄائتو ماڻهو ھو. ھن جي پيءُ جو نالو راڻو چَندن ھو. سوڍي جو دور، 1370ع چيو وڃي ٿو. انهيءَ راڻي جي اولاد منجهان اٺٽهين پيڙهيءَ ۾ ھاڻ چَندن پٽ ارجن، سَرتاڻَ سوڍن جو پڳدار اڄ بہ عمر ڪوٽ ۾ رهي ٿو.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2004ع، ص: 37)

راڻو، ذات جو سوڍو ٺڪر ھو ۽ مشھور حاڪم ھمير سومري جو سالو ھو. سندس نالو، ’مينڌرو‘ ھو. ’راڻو‘ سندس لقب ھو، جيڪو ھمير سومري جو وزير ھو. مومل راڻي وارو قصو، 1400ع ڌاري منظرعام تي آيو. قصي مطابق راڻو، ڪاڪ محل جي مڙني حرفتن جو طلسم پروڙي، مومل تائين پھچي ٿو ۽ ساڻس لائون لهي ٿو. ساڙ مان، ھمير سومرو کيس قيد ڪرائي ٿو. قيد مان آزاد ٿي، راڻو، روز رات جو اُٺ تي چڙهي، مومل سان ملڻ ويندو ھو. انهيءَ ڳالهہ جي خبر جڏهن ھمير سومري کي پوي ٿي، تہ ھو وري راڻي کي قيد ڪرائي ٿو. نيٺ ھڪ ڏينھن وري راڻو قيد مان آزاد ٿي رات جو جڏهن مومل سان ملڻ لاءِ سندس محل تي پھچي ٿو ۽ مومل کي ھڪ غير مرد سان ستل ڏسي (جيڪا ڪن روايتن موجب مرداڻي ويس ۾ سندس ڀيڻ سومل ھئي)، ڪاوڙ ۽ شڪ مان لڪڻ نشاني طور رکي، واپس موٽي وڃي ٿو. بعد ۾ مومل کيس گهڻو پرچايو، پر ھو ساڻس ڪونہ پرتو. نيٺ دل ھاري، مومل پاڻ کي باھ ۾ اڇلي ساڙي ٿي، تڏهن راڻي جي دل بہ تڙپي پوي ٿي ۽ ھو بہ انهيءَ مچ ۾ ڪاھي جان ڏئي ٿو. مومل جي ايئن باھ ۾ سڙڻ کي ’ڏاگھ چڙهڻ‘ سڏيو ويو آھي.

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو: ”همير سومري راڻي کي کڻي تُرم ۾هنيو. ڳچ وقت نظربند رهيو ۽ مومل جي وڇوڙي ۾ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن گذاريائين. آخر ڪن چئن چڱن جي چوڻ تي ھمير مڙيو ۽ راڻي کي بند مان ڪڍيائين، پر انجام ورتائينس تہ ’وري مومل جو منھن بہ نہ ڏسندين‘. پر راڻي کي مومل کان سواءِ ڪٿي ٿو آرام اچي؟ جئن مڇي، پاڻيءَ کان سواءِ پئي ڦتڪندي آھي، تئن راڻي جي دل بہ محبوب بنا بيقرار ھئي. راڻي جي جُدائي ۾، مومل بيحال ٿي رهي ھئي ۽ گَم ئي ڪانہ ھيس تہ ھن کي وري ڪھڙن ويرين جهليو آھي. سندس ڳڻتيءَ ۾ سڙندي ڳرندي پئي وئي، رات ٿيندي ھئي تہ ھيڪاري انتظاري ۽ بيقراري وڪوڙي ويندي ھيس ۽ پنھنجي پرينءَ کان سواءِ پلڪ بہ آرام نہ ايندو ھوس. پاڻ کي پرڀائڻ لاءِ، پنھنجيءَ وڏيءَ ڀيڻ سومل کي راڻي جو ويس پھرائي، پاڻ سان گڏ، پلنگ تي سمھاريندي ھئي. قضيٰ سان، جنھن رات راڻو سڪ ۽ سوز مان وري اچي سنديس ماڙيءَ پھتو، تنھن رات بہ دستور موجب، ٻئي ڀينرون ٻک وجهيو، گهريءَ ننڊ ۾ غرق ھيون. ھيءُ منظر ڏسي، راڻي کي سخت غيرت آئي. پھريائين تہ ڀانيائين تہ ھڪڙي ئي ڌڪ سان ھڻي پورو ڪري ڇڏيان؛ پر مومل جي سهڻي صورت ڏسي، ھٿ چيو ئي نہ ڪريس. آخر سور پي، پنھنجو لڪڻ مومل جي ڀر ۾ نشانيءَ طور رکي، پير پير ۾ ڪري، ماڙيءَ تان ھيٺ لهي، اُٺ تي چڙهي، اَمرڪوٽ ڏي واپس موٽي ويو.“

(گربخشاڻي، 1985ع، ص: 642-644)

ڊاڪٽر محمد ابراھيم سنڌي، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار‘ ۾ لکي ٿو: ”راڻو ھڪ اھڙو ھمت ۽ صابرين مرد ڪردار آھي، جنھن کي جس ھجي، جو مومل جي غلطي اکين سان ڏسي ٿو ۽ پوءِ بہ مومل کي ڌڪ ھڻي نٿو ماري ۽ صرف پنھنجو لڪڻ نشاني طور اُتي ڇڏي ٿو. پوءِ مومل جي اھا غلطي ھئي يا نہ ھئي پر لوڪ ۾ مڪالون ھيون، جو شاھ صاحب مومل واتان ان جو اظھار ڪيو آھي:

ھئي جي نہ ھئي، توءِ راڻو رنج رکي وئو،

ماريس انہين مامري، جنہ سڀ ڪنھن ڳالهہ سئي،

ڪُرڻ ساڻ ڪھي، وئو نہوڙي ننڊ ۾.

راڻو، مومل جي اھڙي غلطيءَ تي وڏو صبر ڪري ٿو ۽ دل تي ڄڻ پٿر رکي واپس وڏي سوچ ويچار سان پنھنجي ماڳ موٽي ٿو. اھو غيرت جو مسئلو انتھائي درجي جو ۽ مُنجهائيندڙ آھي. جنھن تي صبر ڪرڻ، جھڙي، تھڙي جي جاءِ ناھي، اھو ڏاڍو مشڪل ۽ ڏکيو ڪم آھي، پر جيڪي ڪاوڙ کي پاڻيءَ وانگر پيئن ٿا ۽ صبر ڪن ٿا تہ اھڙن مردن جي واکاڻ بہ ٿئي ٿي.“

(سنڌي، محمد ابراھيم، 2011ع، ص: 209)

شاھ لطيف، ’سُر مومل راڻي‘ ۾، راڻي مينڌري جي ڪردار کي، سورمي طور پيش ڪيو آھي. شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، راڻي جي صبر کي ساراھيو آھي. شاھ لطيف کي، راڻي جو مومل جي ڀر ۾ ماٺ ميٺ ۾ لڪڻ نشاني طور رکي وڃڻ جي ادا وڻي آھي، شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ اھو ثابت ڪيو آھي تہ، راڻي جو صبر، ماٺ ۽ رٺو رهڻ ئي مومل لاءِ وڏي سزا ھئي. راڻو آخر تائين مومل سان نہ پرتو.

سوڍا صَبَرُ تُنھنجو، مَرَڪُ لَڄايَنِ،

’چُپُ‘ سين جي چَوَنِ، اَدَبُ ڪِجي اُنِ جو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 9، بيت 13، ص: 268)

راءِ ڏياچ:

’راءِ ڏياچ‘، شاھ لطيف جي ’سُر سورٺ‘ جو اھم ڪردار آھي، جيڪو موسيقيءَ جو متوالو آھي ۽ ساز، سُر تي سِر ڏئي اَمر ٿي وڃي ٿو. اھڙي قربانيءَ جو مثال، دنيا ۾ شايد ئي ملي! ھن قصي جي سورمي، راءِ ڏياچ بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيہ داستان - 4 ‘ ۾ لکي ٿو: ”سندس اصل نالو راءِ کنگهار ھو پر جڏهن سخا ڪيائين ۽ ڏان ڏنائين، تڏهن ’ڏيڻ‘ واري ڳڻ سببان کيس ’ڏياچ‘ سڏيو ويو.“

(بلوچ، 1976ع، ص:2)

سندس حسب نسب بابت، لکيو اٿس تہ، اڪثر روايتن موجب راءِ کنگهار، سمن جي ’چوڙا سما‘ نک مان ھو. سمن جون ٻہ وڏيون نکون ھيون، ھڪڙا اھي جيڪي ھميشہ لاءِ سنڌ ۾ ٿي رهيا ۽ ٻيا اھي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ ڪڇ ٽِپي وڃي ڪاٺياواڙ طرف ويٺا. سنڌ وارن کي ’سنڌ سما‘ ۽ ڪاٺياواڙ وارن کي ’چوڙا سما‘ ڪري سڏيو ويو. سنڌ سمن مان وري ’جاڙيجا‘ ٿيا، جن ھميشہ لاءِ وڃي ڪڇ ملڪ کي وسايو. پوئين تاريخي دؤر وارا ڪڇ جا راجا جاڙيجا ھئا، جن مان ’کنگهار‘ (پھريون) 1537ع کان 1585ع جي واري عرصي ۾ ٿي گذريو آھي. راءِ کنگهار ٻئي جو زمانو 1645ع کان 1654ع وارو آھي. راءِ کنگهار (ٻيو) شاھ لطيف جي ڄمڻ کان 45 سال کن اڳ ۽ راءِ کنگهار (پھريون) ھڪ سؤ سال اڳ ٿي گذريا.

پروفيسر عنايت الله زنگيجو، راءِ ڏياچ جي ڪردار بابت لکي ٿو: ” انساني سيرت کي جيڪي خوبيون اعليٰ ۽ اُتم بنائين ٿيون، تن ۾ گهڻيون صفتون شامل آھن: مثلاً: حيا، پاڪدامني، عدل، صبر، شڪر، قناعت، سام جهلڻ، وچن پاڙڻ، درگذر ڪرڻ، خلق جي خدمت، نيڪ نيتي ۽ خير خواھي وغيرہ. مگر ٻن صفتن کي، ھر دؤر ۾، سڀني ماڻهن طرفان تمام گهڻو ساراھيو ويو آھي، جن مان ھڪڙي آھي سخاوت، ٻي آھي سورهيائي. سخي ۽ سورهيہ سدائين ساراھيل رهيا آھن ۽ رهندا. لطيف سائينءَ پنھنجي ڪلام ۾، سخاوت ۽ سورهيائيءَ جي صفتن کي تمام گهڻو ساراھيو آھي. ان جا، مون کي ٻہ سبب نظر ٿا اچن: ھڪ تہ لطيف، جنھن سر زمين سنڌ جي نمائندگي ٿو ڪري، ان ۾ سخاوت ۽ سورهيائيءَ جا گڻ عام ھئا، جن کي نروار ڪري، لطيف، سنڌ جي سڃاڻ ڪرائي آھي. ٻيو تہ ڀٽائي، انهيءَ ذڪر سان، سنڌ جي ايندڙ نسلن کي بہ سخاوت ۽ سورهيائيءَ سان پنھنجين سيرتن کي سينگارڻ جي تلقين ڪئي آھي؛ ڄڻ تہ انهن کي چيو اٿس تہ اوهين جن جو اولاد آھيو، سي سخي ۽ سورهيہ ھئا، انهن جو ورثو سنڀالجو ۽ خبردار، بزدلي ۽ بخيليءَ جهڙن اوگڻن سان پنھنجين سيرتن کي داغدار نہ ڪجو. سُر سورٺ ۾، پنھنجي جان گهوريندڙ راءِ ڏياچ کان ، لطيف سائينءَ جيڪي لفظ چوايا آھن، اھي رواجي سخاوت کان گهڻو مٿي آھن. چوي ٿو:

مَٿي اُتي منھنجي، ڪوڙين ھُون ڪپار،

تہ واريو واريو وڍيان، سسيءَ کي سؤ وار،

تہ پڻ تند تنوار، مُونہان مٿائون مڱڻا.

يعني ٻيجل جي تند جي تنوار جو معاوضو ڏيڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي. ھي اھو الستي آواز آھي. جنھن تي جيڪر لکين ڪروڙين سر گهوري ڇڏجن، تہ بہ ڄڻ تہ ڪجهہ ڪونہ ڏنو ويو. مون وٽ ھڪ سر آھي، اھو ڏنم تہ ڇا ٿي پيو. ڪاش! سوين ھزارين سر ھجن ھا ۽ ھڪ ھڪ ڪري سڀ نڇاور ڪري ڇڏيان ھا. پر پوءِ بہ حقيقت ۾ تار جي انہي سريلي آواز جو قدر ڪرڻ ۽ مُلھ لهڻ منھنجي وس کان ٻاھر آھي.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2003ع، ص: 96 ۽ 97)

ڊاڪٽر محمد ابراھيم سنڌي لکي ٿو: ”سورٺ راءِ ڏياچ جي قصي جو شروعاتي مرڪز ڪاٺياواڙ جو مشھور شھر جهونا ڳڙھ آھي، جيڪو ان وقت چوڙن سمن جي حڪمرانيءَ ھيٺ ھو. اتر طرفان ان سان لاڳو علائقا ھالار، جهالار ۽ ڪڇ، جاڙيجن سمن جي ھٿ ھيٺ رهيا. سمن قبيلن جي انهيءَ سماجي سلسلي سان سورٺ راءِ ڏياچ جو قصو سنڌ ۾ رائج ٿيو ۽ خاص طرح سمن جي دورو (1349ع-1520ع) ۾ ھن قصي کي ڀٽن ۽ چارڻن، منگتن ۽ مڱڻھارن ڳائي مشھور ڪيو. قصي جي اڪثر روايتن ۾ راءُ کنگهار کي راءُ ڏياچ پڻ سڏيو ويو آھي. سندس اصل نالو کنگهار ھو، پر جڏهن سخا ڪيائين ۽ ڏان ڏنائين، تڏهن ’ڏيڻ‘ واري گڻ سببان کيس ڏياچ سڏيو ويو. پاڻ سمن جي چوڙا سما نک مان ھو. سمن جون ٻہ وڏيون نکون ٿيون، ھڪڙا اُھي جيڪي ھميشہ لاءِ سنڌ ۾ ٿي رهيا ۽ ٻيا اھي جيڪي آڳاٽي زماني ۾ ڪڇ ٽپي وڃي ڪاٺياواڙ طرف ويٺا. سنڌ وارن کي ’سنڌ سما‘ ۽ ڪاٺياواڙ وارن کي ’چوڙا سما‘ سڏيو ويو.“

(سنڌي، محمد ابراھيم، 2011ع، ص: 242)

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ بہ راءِ ڏياچ کي ’چوڙن سمن‘ مان، جهونا ڳڙھ جو حاڪم ڄاڻايو آھي. مختلف روايتن مطابق راءِ ڏياچ جي ماءُ جو نالو، ’خاتون راڻي‘ ھو. سورٺ ڏياچ جي پٽ راڻي ھئي، جنھن لاءِ شاھ لطيف جي بيت ۾ ھيئن فرمايل آھي تہ، ’سونھارا سورٺ ور، ڳالهہ ھنين سين لاءِ‘، شاھ عنايت جو بيت آھي:

خاتون راڻي چوءِ، ٻيٽا! جِم موٽائيين مڱڻو،

آيو جو آس ڪري، مَرُ پَلِئه تہن پوءِ،

سو سِرُ سُڳنڌو ھوءِ، جي ڏجي نامِ الله جي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميون شاھ عنات جو ڪلام‘، سُرود سورٺ، بيت 8، ص: 187- 188)

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ ۽ سنڌ‘ ۾ لکي ٿو: ”سن 875ع ڌاري راءِ چوڙا ونٿليءَ ۾، پنھنجي گادي ٺاھي ھئي. پوءِ ھو ’چوڙا سما‘ سڏجڻ لڳا. ھن ڪٽنب جو سڀ کان ھاڪارو حاڪم ’گرهپور‘ ھو، جهونا ڳڙھ جو مشھور قلعو، جنھن کي ھاڻي اپرڪوٽ ٿا چون، سندس ٺھرايل ھو. راءِ گرهپور 982ع ۾ فوت ٿيو. ھن کان پوءِ، ’راءِ ڪوات‘ گاديءَ تي ويٺو، جيڪو 1003ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ان کان پوءِ، ’راءِ دياس‘ تخت تي ويٺو، جنھن کي اسان راءِ ڏياچ، ’مهي پال‘ بہ چئون ٿا.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 273)

شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾، راءِ ڏياچ جي سر جي قرباني ۽ وعدي تي پورو لهڻ کي اھميت ڏني آھي ۽ کيس مرڪزي ڪردار طور ڳايو آھي. شاھ لطيف، راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي وچ ۾ ’تند، ڪٽاري ۽ ڪنڌ‘ جي تعلق کي پڻ اجاگر ڪيو آھي. شاھ لطيف کي پڻ سنگيت ۽ سماع سان تمام گهڻي محبت ھئي ۽ راءِ ڏياچ جي سُر تي سِر ڏيڻ وارو عمل، شاھ لطيف کي ايترو تہ وڻيو، جو ھن راءِ ڏياچ جي ڪردار کي سورمي طور ڳائي ھميشہ لاءِ امر ڪري ڇڏيو:

جي مَٿي اُتي منھنجي، ھُئا سِرَن سَوَ ھَزارَ،

تہ تُنھِنجيءَ تَندُ تَوارَ، ھَرَ ھَرَ وَڍِيُمِ ھيڪَڙو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سورٺ، داستان 4، بيت 6، ص: 292)

چارَڻَ چَنگُ ڪُلهٖي ڪَري، پيرَ پُرِي پاتا،

صَدا جِي، سَيّدُ چي، وائِي ڪِيائِين واتا،

تنھن تي راءُ راضِي ٿِيو، دِلِ وَڏِيءَ داتا،

مَرَڪٖي مَرُ ماتا، رُوڙِي راءَ ڏِياچَ جِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘،سُر سورٺ، داستان 3، بيت 20، ص: 652)

رِپ:

’رِپ‘، شاھ لطيف جي رسالي جو ھڪ مختصر سُر آھي. شاھ جي شاعريءَ تي تحقيق ڪندڙ محققن مطابق ’رپ‘ جي معنيٰ ڳرو، سخت مصيبت، آفت، دشمن وغيرہ آھن. جڏهن تہ ڪن محققن مطابق اھا اصطلاحي معنيٰ آھي ۽ رپ، ’بروئي ۽ رپ‘ جي عشقيہ داستان جي سورمي آھي.

معمور يوسفاڻي، شاھ لطيف جي سير سفر وارن ماڳن ۽ مڪانن جو جائزو پيش ڪندي، نيون حقيقتون منظر عام تي آنديون آھن، جنھن مطابق رپ، ’ڪلياڻ‘ نالي راجا جي ڌيءَ ھئي، جنھن جي سونھن جي واکاڻ ٻڌي، بروو مٿس پرپُٺ عاشق ٿي پيو ھو. بروي، ڪاسائي بڻجي، پنھنجي جسم جو گوشت ڪوري رپ کي کارايو، جنھن بعد رپ بہ مٿس عاشق ٿي پئي. پر رِپَ جو پيءُ سڱ ڏيڻ لاءِ تيار نہ ٿيو ۽ ’لاڙ‘ طرف لڏي ويو. رپ اتي بہ ھر وقت بروي جي ياد ۾ روئندي رهندي ھئي، ايتريقدر جو ھر ھنڌ سندس روڄ راڙو مشھور ٿي ويو، جنھن کان پوءِ، سندس رهائش وارا سڀئي ھنڌ، ’رپ جا پڊ‘ سڏجڻ لڳا ۽ اھا جوءِ ’رپ واري جوءِ‘ جي نالي سان مشھور ٿي وئي.

ڊاڪٽر اسد جمال پلي، پنھنجي مقالي، ’سُر رِپ ۾ صرفي ۽ نحوي ترڪيبون‘ ۾ لکي ٿو: ”بروي ۽ رپ جي ڪھاڻيءَ موجب ’رپ‘ جي پيءُ جو نالو ’ڪلياڻ‘ ھو ۽ سندس راڄڌاني ’ڪلات‘ سڏبي ھئي- جيڪو علائقو ھاڪڙي ۽ ريڻي نديءَ جي ڇوڙ وارو علائقو ھو. جتي ’ڳاڙهي ڀڙي‘ ۽ ’بروي جي‘ شھر ’ڀرڙ‘ جا آثار موجود آھن، جيڪي موجودہ تعلقن ’ڪوٽ غلام محمد ۽ ڊگهڙي‘ جي نقشن ۾ اچن ٿا. پراڻن نقشن ۾، ’رپ‘ جي آثارن جو پڻ گهڻو ذڪر آھي ۽ ھنن آثارن کان الهندي طرف موجود ’رپ‘ جو شھر ۽ رپ جي نالي سان ديھون موجود آھن. ھنن ھيترن سارن آثارن جي آڌار تي اسان کي چوڻو پوندو تہ رپ نہ صرف معنوي بلڪہ تاريخي سُر پڻ آھي.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2002ع، ص: 77)

معمور يوسفاڻي ۽ ڊاڪٽر اسد جمال پليءَ کان سواءِ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي، حافظ محمد بخش خاصخيلي ۽ ڊاڪٽر غلام نبي سڌائي بہ ’سر بروئي سنڌي‘ ۽ ’سُر رِپ‘ جي حوالي سان ’بروئي ۽ رِپ‘ جي عشق جو ذڪر ڪيو آھي.

شاھ لطيف جي سُر رِپ ۾، غم ۽ ڏک جي فلسفي جُدائي، ڦوڙائي، فراق ۽ وڇوڙي سان گڏ، سڪ ۽ سار جي حوالي سان بيت ملن ٿا. پر رِپ جي نالي سان اسان کي ڪوبہ بيت نٿو ملي. مٿي ڄاڻايل محققن مطابق شاھ لطيف جڏهن سير ۽ سفر ڪندي، بروئڙ جا کنڊر ڏٺا، تڏهن کيس ’بروئي ۽ رِپ‘ جي عشقيہ داستان بابت ڄاڻ ملي، جنھن بعد شاھ لطيف ’سُر بروئو سنڌي‘ ۽ ’سُر رِپ‘ ۾ اشارتاً انہي داستان کي بيان ڪيو آھي.

رڻمل:

’رڻمل‘، شاھ لطيف جي سُر ’ڍول مارو‘ جو ڪردار آھي (هي سُر ممتاز مرزا پاران سنواريل، گنج، سُگهڙ الهداد جنجهي ۽ محمد قاسم راھمون پاران سھيڙيل ’گنج‘ کان سواءِ شوقيرام تاراچند، غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾ ڏنل آھي.) جنھن کي راوترڻمل يا رڻمل راٺوڙ بہ ڪوٺيو ويو آھي. راوت رڻمل، پنھنجي وقت جو بھادر ۽ سورهيہ سردار ھو. معمور يوسفاڻيءَ موجب: ”رڻمل راٺوڙ جا وڏا، قديم دور ۾، مشھور آڳاٽي ڀڙي، ’نوهٽي‘ جي کنڊرن ويجھو، قديم ڀڙي کان اوڀر طرف ھاڪڙي جي ٻنهي ڪپن تي رهندا ھئا. جن جا آثار اڄ بہ موجود آھن. جنھن مان قديم دور جا سڪا، مڻڪا، رانديڪا ۽ برتن وغيرہ پڻ عام ملن ٿا.“

(يوسفاڻي، 2010ع، ص: 25)

معمور يوسفاڻيءَ موجب، ڪلهوڙا دؤر جي شروع ۾ ھي خاندان ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو، جن مان ھڪڙو خاندان پراڻ کان ٻالي راٺوڙ جي ايراضيءَ ۾ وڃي آباد ٿيو. ٻيو خاندان نہٽي کان پوءِ، جانہري، عمر ڪوٽ ۽ ڇور جي پٽ ’ڪسل ڪوٽ‘ ۾ اچي رهيو ۽ آخر ۾ اڀرندي طرف ’گڊڙي‘ واري ايراضيءَ ۾ ’ليلمي‘ ويجهو وڃي رهائش اختيار ڪئي. ان وقت سندن سردار ’راجا رڻمل‘ ھو، جنھن جي بھادريءَ جا ڪيئي ڪارناما مشھور ھئا. رڻمل جي جرئت، ھمٿ ۽ بھادريءَ ڪري، سندس جوءِ ۾، ڦورو ۽ ھاڻو ڪنھن جو ڪک بہ کڻي نہ سگهيا.

شاھ لطيف، سُر ’ڍول مارئيءَ‘ ۾ رڻمل جو ذڪر ڪندي، سندس بھادريءَ جي تعريف ڪئي آھي.

ساچي ٿيان سِيڱڙي، رِڻمل ھاٿ ڪَري

وِڙهندي سِر ويريين ڪوڏ ڪسيسان ڏي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڍول مارئي، داستان 2، بيت 7، ص: 449)

سامي فقير:

مشھور لوڪ داستان، ’مومل راڻي‘ ۾، ٻين ڪردارن سان گڏ، ھڪ ڪردار سامي فقير جو بہ آھي. داستان مطابق ھمير سومري، راڻي مينڌري ۽ سندس يارن کي جهنگ ۾ شڪار کان پوءِ،ِ پاڻيءَ جي ڳولها لاءِ ڪاڪ ڏانھن موڪليو ھو، جن کي واٽ ويندي ھڪ سامي فقير گڏيو ھو، جيڪو ھڪ شهزادو ھو، پر پاڻ لُٽائي، ڪاڪ محل جي طلسم مان سلامت نڪري آيو ھو ۽ نينہن جي رنگ ۾ رڱجي ويو ھو. سامي فقير، ھمير سومري ۽ سندس يارن کي، مومل ۽ ڪاڪ محل جي طلسم جو اکين ڏٺو احوال ٻڌايو ھو.

حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جي مقالي، ’ماٿيلي جي مومل ۽ ڍَٽ جو ڍوليو‘ ۾، ساميءَ بابت ھن ريت ڄاڻايل آھي: ”هيءُ فقير ساڳيو، ’اينچل ڪوٽ‘ وارو شهزادو ھو، جنھن ڏند وٺي، خزانو ھٿ ڪيو ھو، پر مومل جي حسن جي ھاڪ ٻڌي ڪاڪ ويو ۽ خزانو لٽائي فقير ٿيو ۽ ’راجا نند‘ کي سندس ساڳيو خزانو وري موٽي مليو. فقير پنھنجو نالو، ’نانگو‘ لکرايو، جنھن جي قبر ’نانگي پير‘ جي نالي سان سعيدآباد جي اوڀر ۾ آھي.“

(جويو، تاج، (مرتب)، 2004ع، ص: 36)

بدر ابڙي سندس نالو ’راجڪمار سيتل داس‘ ڄاڻايو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، سامي فقير کي ’بابوبيکاري‘، ’سامي‘، ’ڪاپڙي‘ ۽ ’جوڳيءَ‘ جي نالن سان سڏيو آھي ۽ پنھنجن بيتن ۾ ھمير سومري ۽ سندس دوستن جي سامي فقير سان ملاقات، سامي فقير جي حالت ۽ مومل جي عشق جو خمار مٿس چڙهيل ۽ ڪاڪ محل جي طلسم جو ڪيف بيان ڪيو آھي:

جوڳيءَ تي جَڙاءُ، نِسورو ئِي نينہن جو،

پَتَنگَ جيئن پَيدا ٿِيو، سامِي سِڄَ وَڙاءُ،

آيو ڪاڪِ تَڙاءُ، ڪُنوارِينِ ڪَڪورِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 9، ص: 519)

سَسئي:

’سسئي پنهون‘، سنڌ جو مقبول ترين لوڪ داستان آھي. سسئي پنهونءَ جو قصو، مختلف ٻولين ۾، ڪجهہ اختلافي نُڪتن کان سواءِ، اٽڪل ساڳيو آھي. سسئي، شاھ لطيف جي اھا سورمي آھي، جيڪا جدوجھد ۽ جاکوڙ جي علامت آھي. سسئي ڪٿي ڄائي ۽ ڪنھن جي ڌيءُ ھئي، ان بابت اسان کي مختلف روايتون، ٿوري گهڻي فرق سان ملن ٿيون.

سنڌ جي عام روايت موجب، سسئيءَ جا ماءُ پيءُ سيوهڻ جا ھئا، جڏهن تہ تحفة الڪرام موجب، اُھي ’ڀانڀر واھ‘ (برهمڻ آباد) جا ھئا ۽ سندس پيءُ جو نالو ’تانيہ‘ ۽ ماءُ جو نالو ’منڌر‘ ھو.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل، ’شاھ جي رسالي‘ جي جلد چوٿين جي مقدمي ۾، محمد واصل درس جي ’مثنوي گلزار واصل‘ جو حوالو ڏنل آھي، جنھن مطابق، سسئيءَ جا ماءُ پيءُ ’ڀٽا واھڻ‘ (سنڌ پنجاب سرحد تي ھاڻوڪي اوٻاوڙي شھر کان ڪجهہ پنڌ تي) جا ھئا. سسئيءَ جي پيءُ جو نالو ’نائون‘ ۽ ماءُ جو نالو ’منڌر‘ ھو.

ڊاڪٽر بلوچ مطابق، تحفة الڪرام ۾ ’تانيه‘ صورتخطيءَ جي ڀُل آھي، صحيح ’نانيہ‘ آھي، جيڪو ساڳيو ’نائون‘ آھي. روايت آھي تہ، نائون ۽ سندس زال کي اولاد ڪونہ ھو، پر گهڻي وقت کان پوءِ، سڪي سڪي کين ڌيءُ ڄائي. نجوميءَ جي اڳڪٿيءَ مطابق سندس لکيو، ڪنھن مسلمان سان ٿيڻو ھو، انهيءَ بدناميءَ کان بچڻ لاءِ سسئيءَ جي پيءُ ماءُ ملڪيت سميت کيس صندوق ۾ وجهي درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو. اھا صندوق اچي، ڀنڀور شھر جي گهاٽ تي نڪتي ۽ ھڪ ڌوٻي، جنھن جو نالو ’محمد‘ ھو ۽ کيس ’لالا‘ بہ ڪري سڏيندا ھئا، اُن جي ھٿ لڳي. ڌوٻي پاڻ بي اولاد ھو، سو خوش ٿي ڇوڪريءَ کي نپايائين ۽ سندس نالو ’سسئي‘ رکيائين، جنھن جي معنيٰ آھي ’چنڊ جھڙي‘.

سسئي، ڀنڀور ۾ محمد کٽيءَ وٽ وڏي لاڏ ڪوڏ سان پئي پلي. محمد کٽي سندس لاءِ ھڪ باغ پوکرايو ھو ۽ ھو اُتي پنھنجي ساھيڙين سان گهمندي ڦرندي ھئي. ان باغ جا آثار اڄ بہ نئن گهگهر جي ڪپ تي، ’سسئيءَ جي باغ‘ جي نالي سان مشھور آھن. ڀنڀور اُن وقت واپار جو سٺو مرڪز ھو، جتي خراسان (ايران) ۽ مڪران (بلوچستان) جا واپاري، مختلف شيون وڪڻڻ لاءِ کڻي ايندا ھئا ۽ ھتان ٻيون شيون وٺي ويندا ھئا. ڀنڀور جي ھاڪ اُن وقت بہ ھئي، ڇاڪاڻ تہ ھتي وچ ايشيا، ڪابل ۽ سمرقند وغيرہ کان قيمتي شيون، سنڌو درياھ ذريعي اچي رسنديون ھيون. ڪنھن سمي ھوت قبيلي جو شهزادو پنهون، پنھنجي ڀائرن سان ھتي وڻج جون شيون کڻي آيو. ڪجهہ ڏينھن ترسڻ دوران، سسئي سندس سامهون آئي، نينھن جو نظارو ٿيو ۽ ڏسندي ئي ھڪ ٻئي تي موهت ٿي پيا. معاملو اڳتي وڌيو. آخر پنهون سندس ديدار لاءِ محمد کٽيءَ جو نوڪر بڻيو ۽ ڪپڙا ڌوئڻ لڳو.

اھا ڳالهہ، ڪيچ مڪران تائين وڃي پھتي ۽ سندس ڪُٽنب پنهون کي واپس ورڻ لاءِ منٿون ميڙون ڪيون، پر سڀ اجايا ويا. آخر ھڪ رات پنهونءَ جا ڀائر، سسئيءَ جي غافل ٿيڻ تي، پنهونءَ کي نشو پياري، اٺن تي چاڙهي، زوريءَ پاڻ سان گڏ، واپس ڪيچ مڪران وٺي ويا. سسئي جڏهن سجاڳ ٿي تہ پنهونءَ کي نہ ڏسي، روڄ راڙو ڪيائين ۽ ماءُ پيءُ، سرتين سھيلين ۽ پاڙي وارين جي سمجهائڻ جي باوجود، پنهونءَ جي ڳولها ۾ اڪيلي سر نڪري پئي ۽ چاليھن ڪوهن جي پنڌ تي پٻ جبل پھتي. اتان پوءِ ھاڙهو جبل لنگهي اچي ’ماباڙ‘ نئن جي ڀرسان نڪتي. رستي ۾ ھڪ ڌنار جي جهوپڙي ڏسي، کائنس پاڻي گهريائين، پر اِيل پنهوار جي نيت، سسئيءَ جھڙي صورت ڏسي خراب ٿي پئي. سسئي، سندس نيت پروڙي ورتي ۽ الله کان، پنھنجي عزت جي حفاظت جي دعا گهريائين. سندس دعا اگهامي وئي، جبل ڏري پيو، ڌرتي ڦاٽي پئي ۽ سسئي ان ۾ گهڙي وئي، پر سندس چُنيءَ جو پاند ٻاھر رهجي ويو. پنهون جڏهن ڀائرن کان جند ڇڏائي واپس وريو، تہ رستي ۾ سسئيءَ جي قبر ڏسي، اِيل پنهوار کان پڇا ڪيائين ۽ جڏهن خبر پيس تہ اھا سسئيءَ جي قبر آھي، تہ الله کان سسئيءَ سان ھڪ ٿيڻ جي دعا گهريائين. ڌرتي وري ڦاٽي پئي ۽ پنهون انهيءَ ۾ گهڙي، ھميشہ لاءِ سسئيءَ سان ھڪ ٿي ويو. اھا جاءِ جتي سسئي زمين ۾ داخل ٿي ۽ پويان پنهون بہ انهيءَ قبر اندر ويو، سا ’پٻوڻي‘ جي لڪ جي ڀرسان سنگهر واري سِيم ۾ آھي ۽ ڪافي عرصي کان وٺي ’سسئيءَ جي قبر‘ جي نالي سان مشھور آھي. سسئيءَ جي قبر بابت، بدر ابڙو لکي ٿو: ”سسئيءَ جي قبر پڻ پٻ جبل ۾ بند مراد ۽ حسڻ پير کان اولھ طرف آھي، جتي ھاڻي ھر سال ميلو لڳندو آھي.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 307)

شاھ لطيف، سسئيءَ جي حوالي سان پنج سُر: سُر سسئي آبري، سُر معذوري، سُر ديسي، سُر ڪوهياري ۽ سُر حسيني چيا آھن، جن ۾ سسئيءَ جي ننڊ واري غفلت کان وٺي، اڪيلي سِر پنڌ ڪرڻ، جبل جهاڳڻ، روھ رُلڻ، صبر کان ڪم وٺڻ، ارادي تي مستحڪم ٿي رهڻ وارن ڳڻن کي اُجاگر ڪيو آھي. شاھ لطيف ڪنھن ٻي سورميءَ لاءِ ايترا سُر نہ چيا آھن. انهن سُرن ۾ بہ رسالي جي ٻين سُرن وانگر صوفياڻي تمثيل رکيل آھي. مجازي عشق جي قصي ۾ حقيقي عشق جو راز بيان ٿيل آھي. ان ريت چئي سگهجي ٿو تہ، شاھ لطيف جو سڀ کان پسنديدہ تمثيلي ڪردار سسئيءَ جو آھي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ سسئيءَ کي عشق ۾ ايترو تہ محو ڏيکاريو آھي، جنھن کي پنهون کان سواءِ، ٻي ڪابہ شيءِ نظر نٿي اچي.

سِجَ اُلَٿٖي، سَسُئِي، رَتَ وَرَڻو روءِ،

پَھِيِ نہ پانڌِي ڪو، جنھن ڪَرَ پُڇي لوءِ،

مُوڙهِي وَڃي توءِ، موٽَڻَ جِي ڪانہ ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 4، بيت 17، ص: 300)

ڏيھ ڏيٖهائِين ڏُورِ، پَرَڏيهان پَري ٿيا،

سيَڻَنِ ڪارَڻِ سَسُئِي، پيئِي پَراھين پُور،

تُون وَڃين ھوتَ حُضُورِ، منھنجو جيئن جيلانہين ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 7، بيت 3، ص: 312)

سورٺ:

’سورٺ‘، شاھ لطيف جي سُر سورٺ ۽ مشھور لوڪ داستان سورٺ – راءِ ڏياچ جي سُورمَي ۽ راءِ ڏياچ جي پَٽ راڻي ھئي. سورٺ جي حسب نسب بابت، مختلف روايتون ملن ٿيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيہ داستان-4‘ ۾ لکي ٿو: ”سورٺ جي نُک ۽ نہٖي بابت، جدا جدا روايتون آھن. سندس پيءُ کي ’ڀوڄ‘، ’ڀوڳ‘ توڙي ’راجا نند‘ جي نالن سان سڏيو ويو آھي، جيڪو امبل - ديس، سنڪلديپ، سنگلديپ، يا سنڪل-ديس جو راجا ھو، جيڪو ذات جو پرمار ھو.“

(بلوچ، 1976ع، ص: 3-4)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”سورٺ کي رتن ڪنڀار پالي وڏو ڪيو، ھوءَ راجا انيراء راٺوڙ سان مڱي، پر سندس شادي راءِ کنگهار سان ٿي:

سورٺ امبل-ديس ڪي، ذات وڏي پرمار،

ٻيٽي راجا ڀوڳ ڪي، پالي رتن ڪنڀار،

مڱ انيراء راٺوڙڪي، پرڻي راءِ کنگهار.“

(بلوچ، 1976ع، ص: 4)

ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي ترتيب ڏنل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ ڏنل سنڌي قصي موجب، سورٺ، راجا انيراءِ جي ڌي ھئي ۽ سورٺ کان اڳ راجا کي ست ڌيئون ھيون، تنھن ڪري ھن سورٺ کي صندوق ۾ بند ڪري، درياھ ۾ لوڙهي ڇڏيو. صندوق راءِ ڏياچ جي سلطنت مان وڃي نڪتي، جتي رتني نالي ھڪ ڪنڀر کي ھٿ لڳي، جنھن سورٺ کي نپائي وڏو ڪيو. ھن قصي موجب، سورٺ جي سونھن جو ٻڌي، انيراءِ، رتني ڪنڀار کان سندس سڱ گهريو، جيڪو رتني خوشيءَ سان قبول ڪيو، پر جڏهن راءِ ڏياچ کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر پئي تہ سورٺ کي زوريءَ کڻائي، ساڻس شادي ڪيائين. جڏهن راءِ ڏياچ، ٻيجل کي سر ڏنو تہ ستيءَ جي رسم موجب سورٺ، راءِ ڏياچ جي چتا سان گڏ، چکيا چڙهي ستي ٿي.

شاھ لطيف، سُر سورٺ ۾، سورٺ جي ڪردار جو ڳُڻن جو جوڳو ذڪر ڪيو آھي، جنھن ۾ سندس صبر جي امتحان سان گڏ، پنھنجي وَر سان وفاداريءَ ۽ محبت وارو ڳڻ بہ نمايان نروار ڪيل آھي ۽ ان سان گڏوگڏ ھن سورٺ کي راءِ ڏياچ جي سڃاڻپ پڻ بڻائي ڇڏيو آھي، نہ صرف سُر جو نالو سندس نالي تي رکيو اٿس، پر راءِ ڏياچ کي سورٺ جو وَر ڪري ٿو سڏي، جيڪو سندن ويجھائپ، پيار ۽ وفاداريءَ ڏانھن واضح اشارو آھي.

راءِ ڏياچ جي مرڻ کان پوءِ، سورٺ جو موت، شاھ لطيف ھيئن بيان ڪيو آھي:

سورَٺِ مُئِي سُکُ ٿِئو، خِيمَا کَنيَا کَنگهَارَ،

نَڪو رَاڳُ نہ رُوپُ ڪو، نَڪَا تَندُ تَنوارَ،

مَٿو مڱڻَهَارَ، ڏِنو سِرُ ڏَاتَارَ کي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر سورٺ، داستان 5، بيت 18، ص: 389)

سومل:

’سومل‘، شاھ لطيف جي سُر ’مومل راڻي‘ جي سورمي، ’مومل‘ جي وڏي ڀيڻ ھئي. مشھور لوڪ داستان، مومل راڻي جي روايتن مطابق ’سومل‘، ميرپور ماٿيلي جي حاڪم، ’راجا نند‘ جي ڌيءُ ھئي، جيڪا ڏاڍي سياڻي ۽ جادوءَ جي فن ۾ ماھر ھئي. مومل، پنھنجي پيءُ جو جيڪو خزانو بيوقوفيءَ جي ڪري وڃايو ھو، سو سومل پنھنجي ڏاھپ وسيلي ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪاڪ محل جھڙو مانڊاڻ منڊيو ھو.

داستان مطابق جڏهن ھمير سومري، راڻي مينڌري کي، مومل سان ملڻ کان روڪيندي قيد ڪيو، تڏهن مومل جي دل وندرائڻ لاءِ سومل، مرداڻو ويس ڪري ساڻس گڏ سُتي ھئي. ان ئي رات راڻو بہ اوچتو آيو ۽ مومل سان گڏ، ڪنھن غير مرد کي ستل سمجهي، پنھنجو لڪڻ، نشانيءَ طور رکي، بنا پڪ ڪرڻ جي ڪاوڙجي ھليو ويو.

شاھ لطيف، سُر مومل راڻي ۾، سومل جو ذڪر راجا نند جي ڌيءُ ۽ مومل جي ڀيڻ جي حيثيت سان ڪيو آھي:

مُومَلَ سُومَلَ سَھِجَان، ٽيئِي وِڄُنِ جي وَڙَاءَ،

اُنِ کي جورَا زَربَفتَ جَا، ٻِئَا سَھچَنِ سونَ ڪَڙَا،

کَاڄُ کَٿُورِي اُنِ جو، جَوَهَرَ ڪَنِ جَڙَاءَ،

لُڏَنِ لُڊُوڻي ڪَنڌِيين، اُنِ جو پَٽَنِ پوءِ پَڙَاءُ،

جَنِ پِيتو ڪَاڪِ تَڙَان، سي لوڍِي لاکِيڻَا ٿِئَا.

(شيخ ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر راڻو، داستان 9، بيت 13، ص: 484، 485)

سُهڻي:

’سهڻي ميھار‘، سنڌ جو مشھور لوڪ داستان آھي. سهڻي ميھار جي قصي بابت، مختلف روايتون موجود آھن. ڪن محققن موجب ھي قصو اصل سنڌ جو آھي ۽ نھايت آڳاٽو آھي، جيڪو پوءِ پنجاب پھتو. ڪن روايتن مطابق ھي قصو اصل پنجاب جو آھي. انهيءَ لحاظ کان سهڻيءَ بابت، سنڌي ۽ پنجابي داستانن جي حوالي سان ڌار ڌار روايتون ملن ٿيون.

پنجاب واري روايت موجب، سهڻي، پنجاب جي گجرات شھر جي ھڪ خوبصورت ناري ھئي، جنھن جي پيءُ جو نالو ’تلا‘ ھو، جيڪو ڪنڀارڪو ڪم ڪندو ھو. سهڻي جڏهن جوان ٿي تہ کيس بخارا جي ھڪ نوجوان واپاريءَ، ’عزت بيگ‘ (جيڪو پوءِ ميھار جي نالي سان مشھور ٿيو، ڇاڪاڻ تہ ھُو سهڻيءَ جي عشق ۾ سندس پيءُ جون مينہون چارڻ لڳو) سان عشق جي لنءُ لڳي، پر مائٽن سندس شادي پنھنجي ڪنھن ويجهي مائٽ، ’ڏم‘ سان ڪرائي ڇڏي. سهڻي، شاديءَ کان پوءِ بہ ميھار کي دل تان لاھي نہ سگهي ۽ روز رات جو ھڪ پڪي دلي تي تري، درياھ ٽپي، ميھار سان ملڻ ويندي ھئي. ھڪ ڏينھن سندس نڻان پڪي دلي جي جاءِ تي ڪچو دلو رکي ڇڏيو، جنھن ڪري سهڻي وچ درياھ ۾ پاڻيءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانہون ڪري ميھار کي سڏ ڪرڻ لڳي، سندس دانہون ٻڌي ميھار بہ درياھ ۾ ٽپي پيو ۽ ٻئي پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويا ۽ ھميشہ لاءِ ھڪ ٿي ويا.

پنجاب جي ھن قصي کي ۽ سهڻيءَ بابت، انهيءَ ڄاڻ کي سنڌ جي ڪيترن ئي اديبن قبول ڪيو آھي. ’شاھ جو رسالو‘ سھيڙيندڙ، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، غلام محمد شاھواڻي، ڪلياڻ آڏواڻي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي ۽ شيخاياز پڻ اردو ترجمي واري شاھ جي رسالي ۾، انهيءَ قصي کي ورجايو آھي. ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ جي ڪتاب، ’روح رهاڻ‘ ۾ بہ اھو قصو ڏنل آھي، جڏهن تہ منوهر بختراءِ مٽلاڻيءَ جي ڪتاب، ’شاھ جا سرموڙ‘، ڄيٺمل پرسرام گلراجاڻيءَ جي ڪتاب، ’شاھجون آکاڻيون‘ ۾ پڻ سهڻيءَ بابت، ساڳيون شاھديون ملن ٿيون.

ٻئي طرف سنڌ واري مفروضي موجب، ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻي، مرزا قليچ بيگ جو حوالو ڏيندي، پنھنجي سھيڙيل ’شاھ جي رسالي‘ ۾ لکي ٿو: ”سهڻي ذات جي ’واھوچي‘ ھئي، جا سنڌو درياھ جي الهندي ڪناري تي رهندي ھئي؛ ۽ سندس مڙس جو نالو ’ڏم‘ ھو، سو ذات جو سامٽيو ھو ۽ درياھ جي اڀرندي ڀر ڏانھن رهندو ھو؛ ۽ ميھار جو نالو ’ساھڙ‘ ھو... سهڻيءَ جي قبر، شهدادپور جي نزديڪ حيدرآباد ضلعي جي ھالن واري ڀاڱي ۾ آھي.“

(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 485)

(هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي جي شهدادپور شھر ۾ آھي).

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ان قصي کي پنجاب جو نہ، پر سنڌ جو آڳاٽو قصو ڄاڻائيندي لکي ٿو: ”گَهڙي جي اھڃاڻ واري لحاظ سان سهڻيءَ کي ’ڪنڀار‘ جي ڌيءَ ڪري ڀانيائون؛ ۽ ’هير-رانجها‘ داستان ۾، رانجهي جي ’تخت ھزاري جي سائين‘ ھجڻ واري خيال کان ’مهينوال‘ کي بہ بادشاھزادو بنايائون. پوين پنجاھن سالن واري عرصي ۾ البت پنجاب جو ’سوهني مهينوال‘ وارو قصو ڪتابن ذريعي سنڌ ۾ مشھور ٿيو.“

(بلوچ، 1972ع، ص:1 2)

پنھنجي ڳالهہ کي ثابت ڪرڻ لاءِ ڊاڪٽر بلوچ، سهڻي ۽ ميھار جي حسب نسب ۽ سندن علائقي ۽ اھڃاڻن بابت، بحث ڪيو آھي ۽ شاھ لطيف کان اڳ جي سنڌي شاعرن جي شاعريءَ (روايتي ۽ ڪلاسيڪي) مان قصي کي جنھن ريت اڀاريو آھي، تنھن موجب سهڻي ذات جي ’سامٽي‘ ۽ ’جرڪت‘نالي سامٽيي جي ڌيءَ ھئي.

ڊاڪٽر بلوچ وڌيڪ لکي ٿو: ”اتر سنڌ جي ھڪ روايت موجب سهڻي ذات جي ’وهڻيتي‘ ھئي ۽ ’لال‘ نالي کٽيءَ جي ڌيءَ ھئي. پر ٻئي ڪنھن آڳاٽي سگهڙ تشريح ڪندي چيو تہ سهڻي ذات جي ’وهڻيتي‘ ڪانہ ھئي، پر ڇاڪاڻ جو درياء جي وھ يا وهڪري ۾ پئي، انهيءَ ڪري کيس ’وهڻيتي‘ سڏيائون.“

(بلوچ، 1972ع، ص: 4)

رسالي جي بيت جي شاھدين جي روشنيءَ ۾ ثابت ٿئي ٿو تہ، سهڻي سنڌ جي ھئي ۽ سانڱري درياھ جنھن کي مقامي طور ’لوهاڻو ڍورو‘ يا ’سهڻيءَ وارو ڍورو‘ سڏجي ٿو اُن ۾ ٻُڏي مُئي.

مَحَبَتِي ميھار جُون، دِلِ اَندَرِ دونہيُون،

آڻِيو وجهي اَرَ ۾، لُهاڻو لُوهِيُون،

جي ساھَڙَ جون سُونہيُون، سِيرَ سِراڙو تَنِ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘،سُر سهڻي، داستان 3، بيت 23، ص: 234)

ھن قصي کي شاھ لطيف، ’سُر سهڻيءَ‘ ۾ ڳايو آھي، جنھن ۾ سهڻيءَ جي ڪردار کي شاھ لطيف، مرڪزي حيثيت ڏيندي، سورميءَ طور پيش ڪيو آھي. ھُو عشق جي معاملي ۾ سهڻيءَ کي ٻين سڀني سورمين کان وڌيڪ ڀانئي ٿو ۽ ٻين سڀني کي بہ کانئس نينہن سکڻ جي صلاح ٿو ڏئي ۽ پاڻ کي بہ ان ۾ شامل ڪندي چوي ٿو تہ:

سِياريٖ سِھ راتِ ۾، جا گِهڙيٖ وَسَنديٖ مينہن،

ھَلو تہ پُڇُون سُوهَڻِي، جا ڪَرَ ڄاڻٖي نينہن،

جنھن کي راتو ڏينھن، ميھار ئِي مَنَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان 3، بيت 16، ص: 233)

شاھ لطيف ھن سُر ۾، ھڪ عورت جي سڪ ۽ سچائيءَ، ھمت ۽ جرئت، قرباني ۽ وفاداريءَ کي ساراھيو آھي ۽ جاگيرداري دؤر جي روايتن جي مخالفت ڪندي، سهڻيءَ جي ميھار سان محبت کي حق تي ڄاڻايو آھي ۽ چيو آھي:

ساھَڙَ ڌاران سُهڻي، نِسورِي ناپاڪَ،

نَجاسَتَ ناھِه ڪَري، اُنِين جِي اوطاقَ،

ھوءِ جي کِيرَ پِياڪَ، پاسي تَنِين پاڪَ ٿِئٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، ابيات متفرقه، بيت 2، ص: 272)

علاؤالدين:

’علاؤالدين‘، شاھ لطيف جي سُر بلاول ۽ دودي چنيسر جي قصي جو مکيہ ڪردار آھي. دودي چنيسر جي قصي جا مکيہ ٽاڻا، دودي ۽ چنيسر جي پڳ تان تڪرار، علاؤالدين جو چنيسر جي دانھن تي سنڌ ڏانھن ڪاھ ڪري اچڻ، ابڙي سمي جو سومرن جون سامون جهلڻ ۽ سر ڏيڻ ۽ علاؤالدين جي واپسيءَ وارو مرحلو شامل آھن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب موجب، عالادين (علاؤالدين) دھليءَ جو حاڪم ھو. جدا جدا روايتن جو حوالو ڏيندي، بلوچ صاحب علاؤالدين کي ترڪ، عالا دين گوري، مغل گوري، عالا دين مغل، عالا دين پٺاڻ بيان ڪيو آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’سومرن جي دور‘ ۾ لکي ٿو: ”گوري مان مراد ’غوري‘ آھي، مگر دھلي جو سلطان علاؤالدين ’خلجي‘ ترڪن مان ھو.“

(بلوچ، 1980ع، ص: 39)

يوسف شاھين، علاؤالدين خلجيءَ کي افغاني ڪوٺيو آھي. ھو، علاؤالدين خلجيءَ بابت، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف آزاديءَ جو علمبردار‘ ۾ لکي ٿو: ”افغانستان جي ھڪ آبادي ’قلعھِ خلجي‘ جا رهاڪو ھئا. ان نالي جي نسبت سان ھي پاڻ کي ’خلجي‘ سڏائڻ لڳا. اھي خلجي ۽ ٻيا ھزارين افغاني، ھندستان ۾ ’غلام خاندان‘ جا ملازم ٿيا. جلال الدين خلجيءَ، غلام خاندان جي آخري بادشاھ، معزالدين قيقباد کي 1290ع ۾ قتل ڪري دھليءَ جي تخت تي قبضو ڪيو. بادشاھ قيقباد جو لاش جمنا نديءَ ۾ اڇلايو ويو.“

(شاھين، 2016ع، ص: 205)

تاريخ جي ڪتابن ۾ ڪٿي بہ علاؤالدين جو سنڌ ڏانھن ڪاھ ڪري اچڻ جو ذڪر نہ آھي، البت سندس سپھ سالار خانالخ بيگ ۽ ظفر خان جي ڪاھن جو ذڪر ضرور ملي ٿو.

غلام حسين رنگريز، مير حاجي محمد بخش ٽالپر جي حوالي سان، پنھنجي مقالي ۾ لکي ٿو: ”سنڌ تي ڪاھيندڙ اھو علاءُالدين تُرم شيرين ھو، جيڪو اصل سمرقند جو حاڪم ھو جنھن 727ھ مطابق 1326ع ۾ چنيسر جي چُرچ تي سنڌ تي ڪاھ ڪئي.“

(سنڌي، حميد، 1992ع، ص: 113)

يوسف شاھين، وڌيڪ لکي ٿو: ”سنڌ ۾ سومرا خاندان جا ٻہ ڀائر ’دودو‘ ۽ ’چنيسر‘، پنھنجي پيءُ ’عفيف‘ جي وفات کان پوءِ، تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. غلطيءَ جي شروعات ان وقت ٿي، جڏهن سومرن جي شاھي خاندان جي وڏي پُٽ، چنيسر بدران ننڍي پٽ دودي کي تخت تي وهاريو ويو. چنيسر، آپي کان ٻاھر نڪري ويو ۽ ھو اھڙي شڪايت کڻي دھليءَ پھچي ويو، جتي ھن جي علا‍ؤالدين خلجيءَ سان ملاقات ڪرائي وئي. ڄڻ تہ پکي پاڻ اُڏامي، شڪاريءَ جي ور چڙهي ويو. علا‍ؤالدين چنيسر جو داستان ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو. ھن چنيسر کي فوجي مدد ڏيڻ جي آڇ ڪئي. اھڙيءَ ريت علاؤالدين جون فوجون ظفر خان سالار جي اڳواڻيءَ ھيٺ سنڌ ڏانھن وڌڻ لڳيون. چنيسر انهن جي پناھ ۾ ھو. انهن فوجن جي منزل ’محمد طور‘ ھئي، جيڪو سومرن جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. اھو جاتي شھر کان اٺ ڪلوميٽر اُتر طرف آھي. ٻئي طرف جڏهن دودي بادشاھ کي ان حملي جي خبر پئي تہ سنڌ جون فوجون ۽ عام ماڻهن جي وڏي آبادي، ميدان تي لهي آئي. نيٺ گاديءَ واري شھر کان ڪجهہ مفاصلي تي، ’ويرواھه‘ وٽ وڏي جنگ لڳي، جنھن ۾ ٻنهي ڌرين جا ڳاڻيٽي کان ٻاھر ماڻهو مارجي ويا. آخر دودو بادشاھ بہ وڙهندي شھيد ٿي ويو.“

(شاھين، 2016ع، ص: 206)

جڏهن تہ، بدر ابڙو مختلف ڪتابن جا حوالا ڏيندي، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”تاريخ جا ڪتاب ڪجهہ دودن، ڪجهہ چنيسرن ۽ علاءُالدين نالي بادشاھن جو ذڪر ڪن ٿا پر علاءُالدين نالي ڪنھن بہ سلطان (خلجي يا ڪنھن ٻئي) جي سنڌ تي چڙهائي ثابت ڪونہ ٿي آھي. تاريخ جا ڪتاب، دھليءَ جي سلطان علاءُالدين ۽ سنڌ تي دودي جي حڪومت وارا سال بہ ھڪ ٻئي سان ٺھڪائڻ لاءِ تيار نہ آھن. ٻئي طرف دودو، چنيسر ۽ ابڙو سمون سنڌ ۽ ڪڇ جي ڊيگهہ ويڪر ۾ ايئن مشھور آھن جيئن لازوال سورهين کي ھئڻ گهرجي.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 238 - 239)

دودي چنيسر جي قصي جي سال بابت، بدر ابڙو لکي ٿو: ”اھو چئي سگهجي ٿو تہ دودي ۽ چنيسر جي پيءُ طائي سومري جي موت (84 - 1283ع) کان پوءِ، پھرين پڳ چنيسر تي آئي، جيڪا 97-1296ع تائين وٽس رهي. ان کان پوءِ، مختصر عرصي لاءِ (98-1297ع کان وڌ ۾ وڌ 1300ع تائين) دودو حاڪم رهيو. اھي ئي سال سنڌ، ڪڇ ۽ گجرات تي خلجين جي ڪاھن جا آھن.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 241-242)

شاھ لطيف، سُر بلاول ۾ علاؤالدين جي ڪاھ ۽ سومرين جو ابڙي سمي وٽ سامَ پوڻ جو ذڪر ھن ريت ڪيو آھي:

عَلاؤالدِينُ آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،

ڪَھِين ڪِينَ ھِمَتيو، ڪانَ جَهلِيندو ڪيرُ؟

سُومِرِيَنِ سامَ کنئي، اَبِڙي ڪِيو اُٺَ پيرُ،

ھو مُهايَنِ مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 13، ص: 896)

اَلابَندِي آئِيو، جنھن جي ھَاٿِيءَ ھَاڪَ ھَنئِي،

ڀَڳَا ڪوٽَ ڪُفارَ جَا، پيئِي ڀُڄُ ڀَئِي،

آرَڻِ ٻَڌِي اَبِڙي، ڪِي رِڻَ ۾ رُڪَ رَئِي،

تيغِنِ تاءُ تِکو ٿِئو، سَگهي ڪونہ سَھِي،

رَبِ ھَب لِي اُمَتِي، چَڙِهِئو ڄامُ چَئِي،

سَمي سانگِ کَنئِي، سَرِڻَنِ جو سُکُ ٿِئو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر بلاول، داستان 1، بيت 11، ص: 169 ۽ 170)

عمر سومرو:

عمر سومرو، شاھ لطيف جي ’سُر مارئيءَ‘ جو مکيہ ڪردار آھي. سنڌ ۾ حب الوطنيءَ جو داستان، ’عمر مارئي‘، سومرن جي دؤر (1010ع – 1351ع) ۾ اسريو، پر ھن قصي جو مکيہ ڪردار عمر سومرو، جيڪو داستان مطابق عمر ڪوٽ يا امر ڪوٽ جو حاڪم ھو، سو ڪڏهن حاڪم ھو ۽ ڪيترو عرصو حڪومت ڪيائين، ان بابت، ڪجهہ خاطريءَ سان چئي نٿو سگهجي. اسان وٽ عمر مارئيءَ جي داستان جون جيڪي بہ روايتون ملن ٿيون، انهن ۾ فقط ايترو ڄاڻايل آھي تہ عمر سومرو، عمر ڪوٽ جو حاڪم ھو.

جڏهن تہ ’تحفة الڪرام‘ ۾، عمر نالي ٻن بادشاھن جا نالا ڏنل آھن. پھريون عمر، سومرن جو ڇھون بادشاھ ھو ۽ خفيف نالي بادشاھ کان پوءِ، تخت تي ويٺو ۽ ٻيو عمر سومرو سترهون بادشاھ ھو، جيڪو دودي کان پوءِ، گاديءَ تي ويٺو. ٻنهي جي حڪمرانيءَ جا جيڪي سال ڏنل آھن، انهن مان ڏسجي ٿو تہ عمر پھريون، ڇھين صديءَ ھجريءَ 576ھ/1180ع جي آخر ۾، عمر سومرو ٻيو، اٺين صديءَ ھجريءَ 793ھ/1391ع ۾ ٿي گذريو آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’حب الوطنيءَ جو داستان عمر مارئي‘ ۾، عمر سومري بابت، ’تاريخ طاھري‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ وارين روايتن سان گڏ، سومرن جي سربراھ قبيلن ۽ سندن ڀانن فقيرن جي حوالي سان بہ عمر سومري بابت، ڄاڻ ڏني آھي، جنھن مطابق خاص روايت اھا آھي تہ عمر پھريون (جلال الدين عمر)، خفيف بادشاھ کان پوءِ، تخت تي ويٺو ۽ سندس حڪومت جو سن، 556ھ/1140ع ڄاڻايل آھي. عمر ٻيو (فخر الدين عمر) ڀونگر بادشاھ کان پوءِ، گادي نشين ٿيو، پر سن 775ھ/1373ع ۾ تخت ڇڏي، گوشہ نشيني اختيار ڪيائين.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ھڪ ٻيءَ روايت جي حوالي سان لکي ٿو تہ، سومرن بادشاھن جي نسب نامي ۾ پھريون ۽ وڏو عمر سومرو، سومرن جي ڇھين بادشاھ، پتريي دودي جو پٽ ھو، پر ھو تخت تي ڪونہ ويٺو ھو. بعد ۾ ’عمر پٽ ھمير جو‘ سومرن جو پنجويھون حاڪم ٿيو، جنھن سمن حاڪمن جي ماتحت عمر ڪوٽ ۾، ٿر واري علائقي تي سرداري ڪئي. امڪان آھي تہ مارئيءَ جي قصي وارو عمر، اھو آخري سردار، عمر پٽ ھمير جو ھجي.

ايم. ايڇ. پنهور صاحب جي تحقيق مطابق، عمر (پھريون) جو دور، 42-1141ع کان 81-1180ع تائين ۽ عمر (ٻئي) جو دور، 33/1132ع کان 1350ع تائين آھي.

تاريخي اڀياس کان پوءِ، فقط ايترو چئي سگهجي ٿو تہ، عمر مارئيءَ جو قصو سما دؤر جو آھي. عمر سومرو فقط ھڪ ننڍي علائقي، ٿر جو حاڪم ھو، پر سڄيءَ سنڌ جو نہ! ھن قصي شايد 1371ع کان 1388ع جي وچ ۾ جنم ورتو ھوندو.

بھرحال انهيءَ ڳالهہ تي سڀئي متفق آھن تہ، عمرسومرو، عمر ڪوٽ يا اَمر ڪوٽ جو حاڪم ھو. عمر، مارئيءَ کي کوھ تان کنيو ۽ کيس، پنھنجي محل ۾ آڻي، قيد ڪري رکيو ۽ کيس شاديءَ جي آڇ ڪيائين، جيڪا ھن نہ مڃي. نيٺ ساڻيھ سان سندس سڪ، مارن سان محبت ۽ سماجي اصولن جي پاسداري ڏسي، عمر سومري کيس آزاد ڪري ڇڏيو. ڪن محققن جي خيال موجب، عمر سومرو، پنھنجي انصاف جي ڪري مشھور ھو. ڇاڪاڻ تہ ھن پنھنجو ۽ مارئيءَ جو ست سيل قائم رکيو ۽ مارئيءَ جي مرضي نہ ھئڻ تي کيس ھٿ بہ نہ لاٿائين. ڊاڪٽر بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’عمر مارئيءَ‘ ۾، ان بابت لکي ٿو: ”سنڌ جي ھڪ عادل بادشاھ، پنھنجي سيل ست ۽ ساک پت، احسان ۽ انصاف جو جيڪو مثال قائم ڪيو، سو دنيا ۾ بي مثال آھي.“

(بلوچ، 1983ع، ص: 20)

ٻئي پاسي ڊاڪٽر فھميدہ حسين، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ ۾، مارئي ۽ عمر جي ڪردارن کي ڀيٽيندي لکي ٿي: ”ان جي برعڪس عمر جو ڪردار آھي، جنھن کي اسان جا ڪي محقق ۽ عالم ساراھين ٿا تہ ھن اختيار ھوندي بہ زوري ڪانہ ڪئي ۽ مارئيءَ جي مرضيءَ خلاف سندس سيل ڪونہ ڀڳو. زوري باقي ڇاکي چئبو آھي؟ پنھنجيون راڻيون ھوندي بہ پرائي ڄائيءَ (سا بہ رعيت مان) ۾ اک وجهڻ، ان کي زوري ڀڄائي اچڻ، ان کي لالچون ڏيڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ، قيد ڪرڻ، اھي سڀ ڳالهيون ڏيکارين ٿيون تہ ھُن ھرڪو حيلو ھلايو پر اھا مارئيءَ جي ھوڏ ھئي، ضد ھو، مرندي مري وڃڻ جو عزم ھو، جو ھو کيس ھٿ لائي ڪونہ سگهيو.“

(حسين، فھيمدھ، 1993ع، ص: 251)

جي لُوڻُ لِڱٖين لائِيٖين، چِيري چِيري چَمُ،

مُون ڪُرَ اَڳِ نہ ڪِيو، اِھَڙو ڪوجهو ڪمُ،

جان جان دَعويٰ دَمُ، تان تان پِرِتِ پنهوارَ سين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 17، ص: 607)

مٿين سڀني راين جي ابتڙ، ايم. ايڇ. پنهور وري عمرمارئيءَ جي لوڪ داستان کي ھڪ فرضي قصو ڄاڻايو آھي ۽ لوڪ داستان واري عمر بادشاھ کي تاريخ ۾ ڄاڻايل ٻنهي عمر نالي بادشاھن کان ڌار ھڪ فرضي ڪردار ڄاڻايو آھي. ھو، پنھنجي ڪتاب، ’تصوير سنڌ‘ ۾ لکي ٿو: ”مارئي، فرضي ڪردار ھو. عمر پھرئين جي راڄڌاني، ٺري ۽ عمر ٻئي جي راڄڌاني ٺٽو ھو، ٻيو ڪو بہ عمرڪوٽ ڪونہ ھو، عمر ڪوٽ شھر، راجپوت سردار امر جي نالي پٺيان امر ڪوٽ ڪوٺبو ھو.“

(پنهور، ايم. ايڇ.، 2012ع، ص: 155)

شاھ لطيف، ’سُر مارئي‘ ۾، عمر کي ھڪ زورآور حاڪم جي روپ ۾ پيش ڪري ٿو، جنھن ۾ عمر، بادشاھن وارا سڀ حربا استعمال ڪري ٿو: مارئيءَ کي زوريءَ کڻي اچڻ، قيد ڪرڻ، سونا ڳھ ڳٺا، زري زربفت، پَٽَ پَٽيهر ۽ سٺا طعام آڇڻ، سختيون ڪرڻ، زنجيرن ۾ قابو ڪرڻ، تہ جيئن ھوءَ سندس راڻي ٿيڻ قبول ڪري.

ان جي اُبتڙ، مارئي، پنھنجن مارن، سندن ريتن، ساڻيھ سان سڪ وارن جذبن سان سرشار آھي. عمر بادشاھ جون سڀ سختيون برداشت ڪري ٿي ۽ ھر وقت ملير ۽ ملير ڄاون کي ياد ڪندي رهي ٿي. ھوءَ ڪنھن بہ صورت ۾ عمر سومري جي ڳالهہ نٿي مڃي ۽ الله ۾ اھا ئي اميد ٿي رکي تہ، ھڪ ڏينھن ضرور عمرسومري جي ڏاڍ جو ڪوٽ ڪِرندو ۽ ھوءَ آزاد ٿي وڃي مارن سان ملندي:

جٖيھا جي تٖيھا، مُون مارُو مَڃِيا،

مُون جيڏِيُون مَلِيرَ ۾، چُونڊِنِ موڪَ مِها،

منھنجي آھه اِھا، ڪَڏِهن ڪيرائيندي ڪوٽَ کي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 9، ص: 606)

ڪارايل / ڪارائڙو ڪونڌر:

’ڪارايل‘ جو ذڪر شاھ لطيف سُر ڪارايل ۾ ڪيو آھي. معمور يوسفاڻيءَ موجب، ’ڄام ڪارايل ولد ڄام پينگهر‘ سمون، ڪڇ جي ’گرڙيي ابڙاسيي‘ جو رهاڪو ھو. ھو پنھنجي دؤر جو اھڙو تہ سورهيہ ۽ سرويچ ھو، جو سنڌ ۽ ڪڇ جي سگهڙن ۽ سياڻن، ھن کي سنڌ جي ’ستن سورهين‘ ۾ شمار ڪيو آھي. ڪارايل، غريبن جو ھڏ ڏوکي ھو ۽ ھڪ سردار جو پُٽ ھوندي بہ ھو غريبن جي مدد لاءِ ھاڻو ۽ چور بڻجي ويو. اميرن کي ڦري، غريب ۽ مسڪينن جي مدد ڪندو ھو، جنھن ڪري سڀئي غريب ۽ محتاج ھن جا حامي بڻجي ويا ۽ پيار مان کيس ڪارايل بدران ’ڪارائڙو‘ چوڻ لڳا ۽ عوام ۾ ھي، ’ڪارائڙو‘ جي نالي سان مشھور ٿي ويو. سندس ھڪ عادت ھوندي ھئي تہ ھو جڏهن بہ ڪنھن نواب يا سردار جي محلات ۾ ڌاڙي جو ارادو ڪندو ھو تہ اڳواٽ ئي کيس اطلاع ڪندي، ڌاڙي جي ڏينھن جي تاريخ ۽ وقت بہ ٻڌائي ڇڏيندو ھو ۽ ھن جي ٻي عادت اھا ھوندي ھئي تہ جڏهن ڪنھن محلات ۾ ڌاڙو ھڻڻ ويندو ھو تہ پاڻ سان گهڻيون ئي پوتيون کڻي ويندو ھو ۽ اھي گهر ڌياڻين کي اوڍائي، پوءِ ڌاڙو ھڻندو ھو ۽ ڪڏهن بہ ڪنھن عورت کان زيور نہ لهرائيندو ھو ۽ نہ ئي ان جي ڏاج جي سامان کي ھٿ لائيندو ھو.

ڪارايل جي شادي، سنڌ جي مشھور مالدار ماڻهو، ’سارو سنگهار‘ جي نياڻي، ’ڪپوري يا ڪپورئين‘ سان ٿي، جيڪا پڻ وڏي بھادر ۽ پھلوان عورت ھئي. شاديءَ کان پوءِ، ڪڇ کي الوداع چئي، سُهري ۽ زال سان گڏ، سنڌ ڏانھن آيو ۽ ٿرپارڪر ضلعي جي ’ناري‘ واري ايراضيءَ ۾ اچي رهيو ۽ ڦُرلُٽ کان بس ڪيائين. پر جڏهن ڪڇ جي ڪجهہ ماڻهن کيس مهڻا ڏنا تہ ھو شاديءَ کان پوءِ، بدلجي ويو آھي تہ ھن ڪاوڙ ۾ اچي ڪڇ جي راجا کي چوائي موڪليو تہ فلاڻيءَ تاريخ جو اڌ رات جو آءٌ تنھنجي محلات ۾ ڌاڙو ھڻندس. ڪڇ جي راجا، پنھنجن وزيرن ۽ اميرن کي سڏائي، ڪارايل کي قابو ڪرڻ لاءِ مشورا ڪيا ۽ نيٺ جڏهن ڪارايل محلات تي ڪاھ لاءِ پھتو تہ کيس حرفت سان مارائي، سندس سر، سنڌ ۾ سندس سهري ڏانھن موڪليائون ۽ سندس ڌڙ اتي ئي دفن ڪري ڇڏيائون. سندس زال ڪپوريءَ جڏهن سندس سِر ڏٺو تہ ھوش حواس وڃائي ويٺي ۽ روڄ راڙو ڪرڻ لڳي. معمور يوسفاڻيءَ جي موجب: ”ڪپوريءَ جي انهيءَ روڄ راڙي واري حقيقت ڏانھن اشارو ڪندي حضرت ڀٽ ڌڻيءَ اجهو ھيئن فرمائي آھي تہ:

ڪارايل جي ڪوڏ، مون ننگر گهڻا نھاريا،

پينگهي پـيـو لـوڏ، سـر سمــي ڄام جــو.“

(يوسفاڻي، 2010ع ص: 23)

جڏهن تہ غلام محمد شاھواڻيءَ جي مرتب ڪيل رسالي ۾ بيت ھن ريت ڏنل آھي:

ڪارايَل جي ڪوڏَ، مُون ڪينجُهرُ سَڀِ نھاريو،

وَرِي واھيريٖ نہ وَريا، لَلا لاکِيڻِيءَ لوڏَ،

ھِنئٖين جَنِين سٖين ھوڏَ، سي ھَنجڙا سَڀِ ھَلِي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، داستان 2، بيت 2، ص: 854)

جڏهن تہ مٿيون بيت ڇپيل رسالن ۾ ڪونہ ٿو ملي ۽ ڪارايل جي معنيٰ سڀني رسالن ۾ ھنج پکي لکيل آھي. خليفينبي بخش جي رسالي ۾، ’سُر ڪارايل‘ جا ٻہ بيت ڪارايل/ڪارائڙي سمي جي نالي ملن ٿا.

ڪارايَلَ مون ساڻِ، ڪر ڪالهوڻيون ڳالهڙيون،

راتو ڏِينہن رِهاڻِ، سَما! تنھنجي ساريان.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2005ع)، ’خليفي صاحب جو رسالو‘، سُر ڪارايل، فصل پھريون، بيت 1، ص: 200)

ڪؤنرو:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’ليلا چنيسر‘ جو ڪردار ’ڪؤنرو‘ ھڪ خاص اھميت رکي ٿو. سنڌ جي عام روايتن موجب ڪؤنرو، ڍٽ جي حاڪم، ’راڻي کنگهار‘ جي ڌيءُ ھئي، جيڪا حسن ۽ سونھن ۾ بي مثل ھئي. سندس مڱڻو سندس سوٽ اعتماديءَ سان ٿيل ھو. ڪؤنروءَ جي ماءُ جو نالو، ’مرکي‘ ھو. تحفتہ الڪرام ۾ بہ ڪؤنرو، کنگهار نالي بادشاھ جي ڌيءُ ڄاڻايل آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’چنيسر نامہ‘ جي حوالي سان لکي ٿو: ”چنيسر نامي واري آڳاٽي روايت موجب، ڪؤنئرو ’سالار‘ قوم جي راڻي کنگهار جي ڌيءَ ھئي، جيئن تہ ھو ’پارڪر‘ واري پاسي کان سنڌ ۾ آئي ھئي، انهيءَ مان اندازو ٿئي ٿو تہ سندس اباڻو ملڪ ڪڇ، ڪوٺياواڙ يا مارواڙ طرف ھو. ڪن سگهڙن ھن قصي جي روايت بيان ڪندي چيو تہ ڪؤنئرو ’ڪامرو ديس‘ جي ھئي، ڪن وري ڪؤنئرو ۽ ماڻس کي ’ڪامير‘ جي ڪري ڄاڻايو آھي:

”آيون جـٖي ’ڪامير‘ کؤن، (ڪنان) راجا راوَ کنگهار،

ڪونئرو نالي ڪامڻي، ھئي منڌ ھوشيار،

چئي: جو ڀٽين جو سردار، ھلي ڏسون ان ڄام کي.“

(بلوچ، 1971ع، ص: 12، 13)

ڊاڪٽر شاھنواز سوڍر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”سنڌ اندر جيڪي مقامي آثار، ’ڪوئنرؤَ جي ماڙي‘ جي نالي سان مشھور آھن، تن مان ھڪڙو ضلعي سانگهڙ ۾، سنجهوري ۽ شهدادپور تعلقن جي دنگ تي، جمڙائو واھ جي ’باجي جي موري‘۽ ’ڪنگ پٽي جي موري‘ جي وچ تي آھي. اتي دڙا آھن ۽ سن 1898ع ۾ جڏهن جمڙائو واھ اتان کوٽيائون پئي تہ اندران پڪين سرن جي ھڪ شاھي سرنگهہ تي ھئي، جنھن کي عوام، ’ڪوئنرو‘ جي ماڙي، ڏانھن ويندڙ واٽ ڪري ٿي سڏيو. اھي کنڊر، درياءُ جي انهيءَ قديم وهڪري لڳ آھن، جيڪو عربن جي دور ۾، ان ماڳ کان اڳتي ھيٺ ڏکڻ طرف، ’منصوره‘ جي ڀرسان وهندو ھو. انهيءَ اھڃاڻ موجب، ڪوئنرو جي بستي، خاص سنڌو نديءَ جي ڪناري لڳ ھئي ۽ چنيسر ۽ ليلان جو شھر، ’لهور‘اڀرندي ناري جي ھڪ ڍوري تي آباد ھو. انهن ٻنهي جي وچ ۾ اندازاً سٺ ستر ميل کن مفاصلو آھي.“

(سوڍر، 1991ع، ص: 198)

ڪؤنرو، جيئن تہ تمام سهڻي ھئي ۽ کيس، پنھنجي سونھن تي گهڻو ناز ھو، تنھن ڪري ھميشہ شوخي ۽ غرور سان ھلندي ھئي. ھڪ ڏينھن پنھنجي ساھيڙيءَ جمني جي واتان چنيسر جو ذڪر ٻڌي مٿس اڻ ڏٺي ئي عاشق ٿي پئي ۽ دل جي ڳالهہ ماءُ سان اوريائين. سندس ماءُ پيءُ، چنيسر جي وزير، جکري جي ذريعي کيس ڪؤنرؤَ جي سڱ لاءِ راضي ڪرڻ گهريو، پر چنيسر جي دل، پنھنجي زال، ليلا سان ھئي، سو انڪار ڪيائين، پر ڪؤنروءَ ھمٿ نہ ھاري ۽ ٻئي ماءُ ڌيءُ ويس مٽائي، پورهيت بڻجي، وڃي ليلا وٽ ٻانہيون ٿي بيٺيون. ھڪ ڏينھن ڪؤنرو، ليلا کي پنھنجو نو لکو ھار ڏيکاري، سندس دل ۾ ھار جي سڌ پيدا ڪئي. ليلا، ھار تي ھرکجي پئي. ڪؤنرو، ليلا سان ھار جي بدلي، چنيسر سان ھڪ رات گذارڻ جي گهر ڪئي. ليلا ھار جي لالچ ۾ اھو شرط قبول ڪيو ۽ ھار تي ور مٽائڻ لاءِ تيار ٿي وئي. جڏهن چنيسر کي ان ڳالهہ جي خبر پئي تہ ليلا دل تان لهي ويس ۽ ڪؤنرو سان وچن ڪيائين تہ ھاڻي منھنجي پٽ راڻي تون آھين. اھڙيءَ ريت ڪؤنرو، پنھنجي چالاڪيءَ ۽ ترڪتاليءَ سان چنيسر کي ھٿ ڪيو.

’سُر ليلا چنيسر‘ ۾ شاھ لطيف، ليلا کان پوءِ، جنھن عورت جي ڪردار کي ڳايو آھي، سا آھي ’ڪؤنرو‘. ظاھري طور تہ ڪؤنرؤَ جو ڪردار ساراھ جوڳو ناھي، پر شاھ لطيف، ڪؤنروءَ جي ڪردار کي ھڪ پورهيت ۽ ڪرت ڪرڻ جي حوالي سان ساراھيو آھي، ڇاڪاڻ تہ ڪؤنرو، پنھنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنھنجي بادشاھي ۽ پنھنجي وڏائي ڇڏي، پورهيت بڻجي نڪتي ھئي. شاھ لطيف وٽ ھونءَ بہ راڻين شهزادين کان وڌيڪ پورهيتن جو مان آھي ۽ ڪؤنروءَ پورهيت بڻجي مقصد ماڻيو:

تو جو ڀانئيو ھارُ، سو سُورَنِ جو سَڱرو،

چَنيسَرُ چِتُ کَڻي، ٿِيو پورهِيَتِ جو پارُ،

اَوَڻَتِ جو آچار ڪانڌُ ڪِنہين سين مَ ڪَري!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 1، بيت 9، ص: 500)

کيت سين:

کيت سين، سنڌي لوڪ داستان ’عمر مارئيءَ‘ ۾، مارئيءَ جي ’وَرَ‘ جو ڪردار آھي، جيڪو شاھ لطيف جي سُرمارئيءَ ۾ پڻ مارئيءَ جي ’مارو‘ محبوب جو ڪردار آھي. تاريخ طاھري ۽ تحفتہ الڪرام وارين روايتن مطابق، مارئي پرڻيل عورت ھئي، پر انهن روايتن ۾ سندس مڙس جو نالو ڏنل نہ آھي، پر ٻين مختلف روايتن ۾ مارئيءَ جي مڱيندي جو نالو ’کيتسين‘ ڄاڻايل آھي، جيڪو ڪن راوين مطابق مارئيءَ جو سوٽ ھو ۽ ڪن جي چوڻ موجب مارئيءَ جي مائٽن مان ھو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل قصي مطابق مارئي جڏهن پنھنجو ست سيل قائم رکي، عمر ڪوٽ مان آزاد ٿي، واپس ساڻيھ ۽ مارن ڏانھن موٽي ٿي، تڏهن ’کيت سين‘ سندس پاڪدامنيءَ ۾ شڪ آڻي ٿو ۽ مارئي ريت پاريندي، باھ مان لنگهي، پنھنجي سچائي ثابت ڪري ٿي.

شاھ لطيف، ’سُر مارئيءَ‘ ۾، کيت جو ذڪر مارئيءَ جي محبوب طور ڪيو آھي، جيڪو ھڪ عام غريب مارو آھي، پر تنھن ھوندي بہ مارئيءَ جي ساڻس سچي محبت آھي ۽ ھوءَ، کيت جي محبت کي عمر بادشاھ جي بادشاھيءَ، محلات، زر ۽ زيور، سڀنيءَ کان مٿانہون ٿي سمجهي. ھن سُر ۾ کيت سين جي شڪ ۽ مارئيءَ جي باھ مٿان لنگهڻ جو ڪٿي بہ حوالو ڏنل ڪونہي.

ھِڪُ سِري، ھِڪُ ساھُه، ٻِئو ناھ جو ٻِئي ڏيان،

ڄاڻي ھِڪ اللهَ، سو تان کِيتَ خريدُ ڪِئو.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 2، بيت 22، ص: 354)

ڪانڌُ نہ ڪَندِيَسِ ڪو ٻِيو، کَٿٖيرو ئِي خُوبُ،

مٖيروئِي مَحبُوبُ، اَسان مارُو مَنَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، ابيات متفرقه، بيت 15، ص: 607)

گورکناٿ:

’گورکناٿ‘، شاھ لطيف جي سُر، ’رامڪليءَ‘ جو ڪردار آھي. گرو گورکناٿ ھڪ مها جوڳي ھو ۽ جهونا ڳڙھ جو رهاڪو ھو. گورکناٿ، شري گُرو مڇيندر ناٿ جو چيلو ھو، پر گورکناٿ ڄاڻ ۾، پنھنجي گُرؤَ کان بہ اڳرو ھو. ھن پنھنجو وڏو مرڪز، سيوستان کي ٺاھيو ۽ ٻيا ننڍا مرڪز، شاھ لاھوت، ڪراچي، ماڙي پور، آمري تلاءُ ۽ ھنگلاج تي ٺاھيائين. ھنگلاج جي وچ وارو انيل کوھ، گورکناٿ سان منسوب ڪيو وڃي ٿو.

پريتم پياسي کيس گورکناٿ ’جَتي‘ سڏيو آھي ۽ ’جَتي‘ جي معنيٰ ھن ريت ڏني آھي: ”جتي ان شخص کي چيو ويندو آھي، جنھن ڪڏهن بہ ڪنھن استريءَ سان ڀوڳ ڪرڻ تہ پري جي ڳالهہ آھي، پر اھو خيال بہ دل ۾ نہ ڌريو ھجي. اھڙيءَ ريت پاڪ پوتر استريءَ کي ’ستي‘ چون. محاوري ۾ ’جتي ستي‘ بہ اچي ٿو. ھندو شاسترن مطابق اھڙا صرف ٽي شخص ٿي گذريا آھن، جن کي ’جتي‘ چيو وڃي ٿو: (1) ھنومان جتي (2) لڇمڻ جتي (3) گورکناٿ جتي“

(سنڌي، حميد، 1993ع، ص:181)

ڊاڪٽر غلام علي الانا، پنھنجي مقالي، ’سُر رامڪليءَ جي روشنيءَ ۾ جوڳ ۽ جوڳي پنٿ جو اڀياس‘ ۾ لکي ٿو تہ، ’گُرو گورکناٿ جي پيدائش جي حوالي سان ھڪ ڏندڪٿا ملي ٿي، جنھن مطابق مهاتما شِوَ جي ھڪ چيلي کي اولاد جي خواھش ھئي. مهاتما کيس، پنھنجي دونہيءَ مان رَک جي مُٺ ڀري ڏني ۽ چيائينس تہ ’اھا رَک وڃي، پنھنجي زال کي کاراءِ تہ اولاد وارو ٿيندين‘، پر سندس زال کي اھڙين ڳالهين تي ويساھ نہ ھو، سو اُن اھا رَک ڇيڻن جي ڍڳ مٿان اڇلائي ڇڏي. جڏهن مھاتما شِوَ جو چيلو گهر موٽي آيو تہ ڇيڻن جي ڍڳ ۾ ٻار ڏسي حيران ٿي ويو، ٻار کڻي مھاتما وٽ ويو، مھاتما کيس چيو تہ ’اھو ٻار سندس حوالي ڪري ڇڏي ڇو تہ اھو ٻار وڏو ٿي درويش بڻبو‘. مھاتما شِوَ ان ٻار جو نالو ’گورکناٿ‘ رکيو، يعني اھو ٻار وڏو ٿي مھا جوڳي گُرو گورکناٿ بڻيو.‘

گورکناٿ، يارهين صدي عيسويءَ ۽ ان کان پوءِ، واري دؤر ۾ ھند ۽ سنڌ ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو. ھند ۽ سنڌ کان سواءِ بلوچستان ۾ بہ سندس گهڻو اثر ھو. بلوچستان جو مشھور تيرٿ ھنگلاج ديويءَ جو مندر، گورکناٿ پنٿين جو آخري ۽ نھايت اھم تيرٿ آھي.

پريتم پياسي، پنھنجي مقالي، ’سُر رامڪليءَ ۾ آيل گورکناٿ جَتي‘ ۾ لکي ٿو: ”گورکناٿ نہ صرف وڏو گياني، ھڪ مها يوڳي ۽ يوڳ جو ڄاڻو ھو، بلڪہ ھڪ پختو ۽ اڙانگو شاعر پڻ ھو. ھن جا چيل ڀڄن اڄ بہ ڏاڍي اتساھ سان ٻڌا ۽ چيا وڃن ٿا.“

(سنڌي، حميد، 1993ع، ص: 184 ۽ 185)

شاھ لطيف، سُر رامڪليءَ ۾ جوڳين، ناٿ پنٿين جي صفت ۽ ساراھ ۾ بيت چيا آھن، جنھن ۾ مھا جوڳي گُرو گورکناٿ جو ذڪر بہ ھن ريت ڪيو اٿس:

لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نہ مَسَحو،

جا اِسلامان اڳي ھُئِي، سا سُئائُون ٻَانگَ،

سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِيا گورَکِناٿَ کي.

شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 7، بيت 14، ص: 810)

لاکو ڦلاڻي:

’لاکو ڦلاڻي‘، شاھ لطيف جي ’سُر ڏهر‘ جو ھڪ اھم ڪردار آھي. لاکي ڦلاڻيءَ بابت، سنڌ، ڪڇ توڙي ڪاٺياواڙ ۾ ڪيترائي قصا ۽ ڏند ڪٿائون رائج آھن، پَر ھو ڪھڙي زماني ۾ ھو؟ ڪڏهن ڄائو، ان بابت، مختلف روايتون آھن ۽ محقق ڌار ڌار ڳالهيون ڪن ٿا:

لاکا لَکَ ھُئا، ڦُلاڻِيءَ ڀيرُ ٻِيو،

آجا اوڏ ٿِيا، پَلئي لَڳي جنھن جي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 44، ص: 888)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي ڦلاڻي جي حسب نسب ۽ سندس متعلق روايتن کي تمام پيرائتي انداز ۾ بيان ڪيو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا عشقيہ داستان-1‘ ۾ لاکي ڦلاڻيءَ جي دؤر، نسب ۽ سوانح تي، 1958ع ۾ لکيل ھڪ تفصيلي مقالو ڏنو آھي ۽ ان بعد ٻيون چار روايتون پڻ ڏنيون اٿس، جيڪي کيس لاڙ ۽ ٿرپارڪر مان مليون ھيون. پھرين روايت ۾ ڄام لاکي جي ڪڇ مان نڪري پاٽڻ ۾ رهڻ ۽ شادي ڪرڻ، موٽي ڪڇ ۾ اچڻ، ٻي ۽ ٽئين روايت ۾ لاکي جي ’مهرراڻيءَ‘ سان شادي ۽ چوٿين روايت ۾ لاکي ۽ جسما اوڏڻ واري حڪايت شامل آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سندس نسب نامي جي حوالي سان لکي ٿو: ”هڪ روايت موجب سندس پڙ ڏاڏي ’ويري پٽ ساند‘ کي ڪڇ ڀڄ جي ڪا ايراضي ورثي ۽ ورهاست ۾ آئي ۽ ڪڇ جا جاڙيجا سما سندس پُٽ، لاکي جي پٺيءَ مان ٿيا، جو ’لاکي ڦلاڻي‘ جو ڏاڏو ھو.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 148)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’نسب نامہ جاڙيجہ‘ ۾، لاکي ڦلاڻيءَ بابت، ٻڌايل سن کي ڀروسي جوڳو نٿو سمجهي، جنھن ۾ لکيل آھي تہ، لاکو ڦلاڻي، 866ع ۾ ڄائو ۽ 900ع ۾ گذاري ويو. ڊاڪٽر بلوچ سندس پيءُ جو نالو ’ڦل‘، ۽ ڀاءُ جو نالو ’ڳاھو‘ ڄاڻايو آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، لاکي ڦلاڻيءَ واري زماني جو اندازو 1200ع کان 1350ع تائين لڳايو آھي. سندس سورهيائيءَ بابت، وڌيڪ لکي ٿو: ”لاکو ھڪ اڙٻنگ ۽ اڻموٽ جوان ھو. سندس ساٿين مان ’جسو‘ ۽ ’جسراڄ‘ بہ نالي وارا ھئا، پر سورهيائي ۽ شهسواري ۾ لاکو پنھنجو مٽ پاڻ ھو.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 151)

بدر ابڙو لکي ٿو: ”لاکو، ھڪ نہ، وڌيڪ ھئا. شاھ لطيف جنھن لاکي جو ذڪر ڪيو آھي، اھو راءِ ڦل جو پٽ ھو، جنھن جي پڻ سنڌي لوڪ داستانن ۾ عجيب حيثيت آھي. لاکي ڦلاڻيءَ سان گڏ، جن قبيلن، ذاتين ۽ ڪردارن جو ذڪر اچي ٿو، اھي آھن: ’جاڙيجا، سما، اوڏ، ريٻاڙي، چاوڙا، راجپوت، راءِ کنگهار، جيسر، جئسراج، جسوڌن، پنرو بڊاماڻي وغيرہ‘.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 219)

لاکي ڦلاڻيءَ جي شاديءَ جي حوالي سان جيڪي روايتون ملن ٿيون. انهن مطابق لاکي ڦلاڻيءَ جي شادي مهر راڻي سان ٿي. شادي کانپوءِ جڏهن لاکو، پنھنجي ماڳ موٽيو تہ پراڻ جي ڪپ تي ڄڃ ترسي. جتي مينہن بہ پيو. ڪنوار جا ڪپڙا، ڳھ ڳٺا ۽ اٺن گهوڙن جي سينگار جو سامان پراڻ جي ڪپ تي بيٺل وڻن تي سڪائڻ لاءِ وڌائون. جڏهن اُھي لاھڻ جي ڪيائون، تہ لاکي انهن وڻن تان لاھڻ جي منع ڪئي تہ، ’اھي وڻ بہ اسان جا ڄاڃي آھن‘. ان منزل تي ھڪ آمريءَ جو وڻ بيٺل ھو، جنھن کي مخاطب ٿي چيل ڪنھن سگهڙ جو بيت ڊاڪٽر بلوچ سنڌ جا عشقيہ داستان 1 واري ڪتاب ۾ ھن ريت ڏنو آھي:

”سگهڙ: ڪھ تون آيل سندي آمري ڪھ

تون ’لاکي‘ سندي لال؟

آمري: مون ۾ لاکي لعلون ٻڌيون، آءٌ

’لاکي‘ سندي لال؟

’اَبل‘ اچي ڪالھ، لِک سين مانجهاندو ڪيو.

چون ٿا تہ پراڻ جا پکي بہ پوءِ ولر ڪري لاکي جي ڄڃ سان اُڏاڻا ۽ انهن تي نالو پئجي ويو ’لاکـٖي ڄاڃي‘، اڄ ڏينھن تائين پاڻيءَ جا ’لاکي ڄاڃي‘ پکي، انهيءَ نالي سان مشھور آھن“.

(بلوچ، 1964ع، ص: 154)

بعد ۾ لاکي، ھڪ سهڻي اوڏڻ سان بہ شادي ڪئي، جنھن جي پيءُ جو نالو ’بيلي اوڏ‘ ھو. اوڏڻ سان عشق تڏهن جي ڳالهہ آھي، جڏهن لاکي اوڏن کان ’ڪيرو ڪوٽ‘ ٺھرايو ھو.

حافظ ارشد انڍڙ، پنھنجي مقالي، ’لاکو ڦلاڻي‘ ۾ لکي ٿو: ’لاکو ڦلاڻي‘ ھڪ وڏو سنڌ جو سورھ ۽ سرويچ انسان ھو. ھو سما خاندان جي جاڙيجن، (ڄام جاڙي جي اولاد کي جاڙيجا سڏيو وڃي ٿو) جي نُک مان ھو. لاکي ڦلاڻيءَ جي مامي راءِ کنگهار، 1540ع ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي ھئي. ڪڇ جا جاڙيجا سما بہ ڄام لاکي جي اولاد مان ھئا، جيڪو لاکي ڦلاڻيءَ جو ڏاڏو ھو. لاکي ۾ اُھي سڀ وصفون موجود ھيون، جيڪي ڪنھن مڙس ماڻهؤَ لاءِ ضروري ھيون، ھو مهڙئين زماني ۾ سرڪش ۽ ڏنگو انسان ھو. جوانيءَ ۾ ارڏائيءَ سان گڏ، سورهيائيءَ ۾ بہ پنھنجو مٽ پاڻ ھو. پڇاڙيءَ ۾ سخي ۽ ڏاتار جي گڻن سان سينگاريل ھو. ڪو زمانو اھڙو بہ آيو، جو بھادري ۽ سورهيائي، لاکي ڦلاڻيءَ جي لازمي صفت بنجي وئي ۽ ھن جو نالو ملڪان ملڪ مشھور ٿي ويو ۽ ان جي دھشت کان ھر ننڍو وڏو ظالم ڪنبڻ لڳو. ٻيا تہ ٺھيو پر حڪمران ۽ تختن جا ڌڻي بہ ڪؤ کائڻ لڳا. ھاڻي ھو ھاڻو ۽ ڌاڙيل مان قومي سورمو سڏجڻ لڳو. قومي رنگ جي ان نئين پھراڻ ۾ ھو غريبن جو طرفدار، ويرين جو ويري ۽ ڏاڍ لاءِ ڏهڪاءُ بنجي چڪو ھو.“

(شوق، (مرتب)، 1989ع، ص: 146، 147 ۽ 152)

لاکي ڦلاڻيءَ جو مامو، راءِ کنگهار ھو، جنھن 1540ع ڌاري احمد آباد جي سلطانن جي مدد سان، ڪڇ ۾ حڪومت قائم ڪئي ھئي. جڏهن سندس مامي راءِ کنگهار، سندس دوستن جيسر ۽ جيسراج جي ماڻهن کي مارايو تہ لاکي پنھنجي دوستن سان ملي پلاند جو پھه ڪيو. جنھن بعد لاکو، ’ڌاڙيل‘ بنجي ويو.

بدر ابڙو لکي ٿو: ”لاکو ڦلاڻي، بنيادي طرح ڪڇ ۽ ڀڄ سان تعلق رکندڙ ھو ۽ ھن پنھنجين سرگرمين جو دائرو محدود نہ رکيو ھو. ھن، ڪڇ ۽ ڀڄ کان وٺي سنڌ جي لاڙ، ٿر ۽ ٿر جي اوڀر واري حصي ۾ سخت گرفت رکي ھئي، جنھن ڪري سنڌ ۽ ڪڇ کي ڳنڍيندڙ چوڏهن ئي چارا غير محفوظ ٿي ويا ھئا.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 220)

بدر ابڙي موجب، لاکي ڦلاڻيءَ جي شھرت لاءِ، ’لوڙائو‘، ’هاڻو‘ ۽ ’اوتار‘ جھڙيون صفتون استعمال ڪيون ويون آھن. لاکي ڦلاڻيءَ جو ڪردار ھڪ طرف خلق کي آزاريندڙ، تہ ٻئي طرف خلق کي نجات ڏياريندڙ رهيو آھي ۽ ھن جو ڪردار ھڪ باغيءَ جھڙو بہ آھي. ھڪ اھڙو باغي، جيڪو طاقتور ڌر کي نقصان پھچائي، ڪمزور ڌر جو ڀرجهلو ٿي پوي!

لاکو ڦلاڻي جوانيءَ ۾ ارڏو ۽ سورهيائيءَ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ ھو ۽ پڇاڙيءَ ۾، سخا ۽ ڏاتار جي گڻن سان سينگاريل ھو. لاکو ڦلاڻي جاڙيجن ۽ ريٻاڙين لاءِ ڌاڙيل ھو، جڏهن تہ اوڏن ۽ ٻين راڄن لاءِ اوتار ھو.

بدر ابڙو، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”جھڙيءَ طرح لاکي ڦلاڻيءَ جي جنم جي ڪا پڪي تاريخ نٿي ملي، ساڳيءَ طرح لاکي جي موت بابت بہ مختلف ڳالهيون آھن. ھڪ روايت چوي ٿي تہ لاکو ڦلاڻي، پنھنجي تيز رفتار گهوڙي، لاکيءَ سميت ڪِريو ۽ ٻئي مري ويا.“(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 224) پر شاھ لطيف بيان ڪيو آھي تہ، لکي (گهوڙي) ۽ لاکو ٻئي ٻاجہ ڪندي مُئا.

ڊاڪٽر محمد ابراھيم سنڌي، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي ڪلام ۾ مرد ڪردار‘ ۾ لکي ٿو: ”لاکي جي آخري دؤر ۾ گجرات جي حاڪم، مولراج سولنڪيءَ ڪڇ تي ڪاھون ڪيون، جن ۾ پھرين ٻن ڪاھن ۾ ڄام لاکي کيس ماري مڃايو ۽ ٽين ڪاھ يعني 976ع ڌاري، لاکي جي گهوڙي لکي جنگ ۾ مارجي وئي ۽ لاکو پيادو ٿي ويو ۽ دشمن سان وڙهندي وڙهندي شھادت حاصل ڪيائين.“

(سنڌي، محمد ابراھيم، 2011ع، ص: 187)

لَکِي ۽ لاکو، ٻَئِي مُئا، ٻاجَھ ٿِي،

قادِرَ لاٿو ڪَڇَ تان، اَدِيُون! اولاڪو،

وانڍِيَنِ ۾ واڪو، ريٻاڙِي رَهِي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 37، ص: 887)

بدر ابڙو، ’تاريخ راجسٿان‘ ڪتاب جو حوالو ڏيندي لکي ٿو: ”لاکو ڦلاڻي، سن 1212ع ۾ قتل ٿيو. ڪرنل ٽاڊ چوي ٿو، لاکو ڦلاڻي مشھور ڌاڙيل جيڪو ستلج کان سمنڊ تائين مشھور ملڪ مارو (ٿر) جو ھو، جنھن سيتارام کي قتل ڪيو ۽ پوءِ سيتارام جي ڀاءُ، سياجي ھٿان قتل ٿي ويو.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 221)

شاھ لطيف، ’سُر ڏهر‘ ۾ ’لاکي ڦلاڻي‘ جي ڪردار کي ھڪ سخي، اوتار، ’لوڙائو‘ ۽ ’هاڻو‘ سڀني رُوپن ۾ پيش ڪيو آھي. شاھ لطيف کي ھڪ طرف سندس بھادري، سخا، دليري ۽ سرڪشي متاثر ڪري ٿي تہ، ٻئي طرف ھو جاڙيجن کي لاکي سان مقابلو ڪرڻ لاءِ سجاڳ ٿيڻ ۽ ٻڌي ڪرڻ جو سبق بہ ڏي ٿو.

جاڳو جاڙيجا سَما سُکِ مَ سُمهو،

پَسو، آن پارِيا، لاکو ٿو لوڙِيُون ڪَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 34، ص: 887)

لِيلا:

ليلا چنيسر جي ڪھاڻي، لوڪ داستانن جي سلسلي جي ھڪ ڪھاڻي آھي. ان قصي کي عشقيہ داستان سان گڏ، نيمتاريخي قصو پڻ چئي سگهجي ٿو. ليلا ’ديول ڪوٽ‘ يا ’ديول بندر‘ جي حاڪم چنيسر جي پَٽَ راڻي ھئي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيہ داستان-3‘ ۾ ليلا بابت، جيڪا ڄاڻ ڏئي ٿو، اھا ڪجهہ ھن ريت آھي: ”قصي جي اڪثر روايتن موجب ليلان چنيسر جي سؤٽ ھئي: يعني تہ داسڙي جي ڀاءُ جي ڌيءَ ھئي. داسڙي جي وفات کان پوءِ، پڳ چنيسر جي ھئي، پر ھو ننڍو ھو، جنھن ڪري سندس چاچي سرداري ھلائي. انهيءَ عرصي ۾ ليلان وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپني ۽ چنيسر، ڇورو ڇِنو ٿي ساماڻو. داسڙي جي حياتيءَ ۾ ئي ليلان ۽ چنيسر جو مڱڻو ٿي چڪو ھو، پر پوءِ وڏن حيلن ۽ شرطن سان چنيسر کي ليلان جو سڱ مليو. البت ليلان کي اھو احساس ھو تہ چنيسر ئي سندس مڱيندو آھي ۽ انهيءَ ڪري ھو سڀني شرطون پوريون ڪرڻ لاءِ چنيسر سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺي.“

(بلوچ، 1971ع، ص: 11 - 12)

شاھ لطيف جي ’سُر ليلا چنيسر‘ ۾ ليلا جو ڪردار ھڪ ھوشيار ۽ ڏاھي عورت جي ڪردار طور ڳايو ويو آھي. شاھ لطيف ھن سُر ۾ لِيلا جي پڇتاءَ ۽ منٿ ميڙ جو احوال بيان ڪيو آھي. شاھ لطيف جي نظر ۾، لِيلا ھار تي وَرُ مٽائي، ڏوھ ضرور ڪيو، پر اھو ناقابل معافي ڪونہ ھو. کيس انهيءَ ڏهاڳ وسيلي مليل سبق کان بہ واقف ٿو ڪري.

گهورِيو سو سُهاڳُ، جنھن ۾ پَسين پاڻَ کي،

ڏوري لَھ ڏُهاڳُ، جنھن ڪَرَلاھُو داسَڙو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ليلان چنيسر، داستان 2، بيت 11، ص: 504)

مارُو:

مارل، شاھ لطيف جي سُر ’ڍول مارُو‘ جو ھڪ ڪردار آھي، جنھن کي ’مارُو‘ پڻ ڪوٺيو ويندو آھي.’ڍول مارُو‘ جو عشقيہ داستان سنڌ جي ٿرپارڪر ۽ لاڙ وارن علائقن ۾ عام مروج آھي، ان کان سواءِ ھي قصو، جوڌپور، جيسلمير کان وٺي مارواڙ ۽ ڪڇ تائين پکڙيل آھي. ان جو پڙاڏو اڃا بہ اڳتي، راجپوتانا ۽ پنجاب وارن خطن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو ’ڍولا‘ گيتن جو سرچشمو بڻيو.

قصي جي مختلف روايتن ۾ ٿورو گهڻو اختلاف آھي، پر ڳالهہ جا مکيہ ٽاڻا، جئين ڍولي جي ملڪ ۾ ڏڪار پوڻ، ڍولي جي پيءُ جو ملڪ ڇڏي اچي، مارُؤَ جي ملڪ ۾ ويهڻ، ڍولي ۽ مارُوءَ جو ننڍپڻ ۾ مڱڻو يا شادي ٿيڻ، ڍولي ۽ سندس خاندان جو واپس وطن ورڻ، ڍولي جو اُتي ٻيءَ ڪنھن عورت سان تعلق ھجڻ، مارؤَ جو کيس نياپا ڏئي واپس گهرائڻ ساڳيا ئي آھن.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ۾ انهيءَ قصي جون مختلف روايتون ڏنيون آھن، جن مطابق ’مارُو‘ جو نالو مارو، مارئي، ماروئل، مارل ۽ ’مارئي‘ ملي ٿو.

مارُو يا مارئيءَ جي وطن بابت اختلاف آھن. ڪن روايتن مطابق مارئي، ڀونگل ديس يا ڀونگل گڍ جي ھئي ۽ ڪن مطابق ٿر يا ڍٽ جي ھئي. وچولي لاڙ جي روايت مطابق مارئي، ٿر جي والي، پڳر پنهوار جي ڌيءَ ھئي.

شاھ لطيف، مارؤَ جو ذڪر، ’سُر ڍول مارُو‘ ۾ ڪيو آھي، جنھن ۾ کيس ’مارئيءَ‘ جي نالي سان ڪوٺيو اٿس:

اَري ڍولا! ايسي مارئي پاتلِي جيسي رَينَ کَجُورِ،

منھن مِيٺي گُنَ گهڻي، تو ڪيئن ڇَڏي ڏورِ.

(مرزا، ممتاز، (1995ع)، ’گنج - شاھ جو رسالو‘، سرود ڍول مارو، ص: 481)

مارُئي:

مارُئي، شاھ لطيف جي ’سُر مارُئي‘ جي سورمي آھي. ’عمر مارُئيءَ‘ جو داستان، وطن جي حب ۽ وطن واسين سان پيار، ڪردار جي مضبوطي ۽ مڃيل سماجي اصولن جي پاسداريءَ جو داستان آھي. مارئي، شاھ لطيف جي اھا سورمي آھي، جنھن جو لاڳاپو سنڌ جي ريگستاني علائقي، ’ٿر‘ سان آھي. عمر مارئيءَ جي قصي بابت، سنڌ ۾ ڪيتريون ئي روايتون ملن ٿيون.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران مرتب ڪيل ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا - سنڌ جي حب الوطنيءَ جو داستان-عمر مارئيءَ‘ ۾ اسان کي مارئيءَ بابت، سنڌ ۾ ھلندڙ گهڻو ڪري سڀيئي روايتون ملن ٿيون، جنھن ۾ ’تاريخ طاھري‘ ۽ ’تحفتہ الڪرام‘ وارين روايتن کان وٺي، آڳاٽن شاعرن جي ڪلام واريون روايتون پڻ ملن ٿيون.

’تاريخ طاھري‘ ۽ ’تحفتہ الڪرام‘ واريون روايتون ٿوري گهڻي فرق سان ساڳيون آھن، جنھن مطابق مارُئي، مارُو قبيلي مان ھئي. سندس ڳوٺ جو نالو ’تلها‘ ھو. ’ڦوڳ‘ نالي ھڪ شخص، مارئيءَ جو سڱ سندس مائٽن کان گهريو، پر مارئيءَ جي مائٽن مارئيءَ جو سڱ، پنھنجن عزيزن ۾ ڏئي ڇڏيو. ڦوڳ، انهيءَ حسد ۽ ساڙ ۾، انهيءَ وقت جي حاڪم عمر سومري وٽ دانھن کڻي ويو ۽ مارئيءَ جي سونھن ۽ سوڀيا جي اھڙي تہ ساراھ ڪيائين، جو عمر سومري جي دل ھرکجي وئي. عمر، ڦوڳ کي سُونھون بنائي، مارئيءَ کي کوھ تان زوريءَ کڻي عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ ساڻس شادي ڪرڻ جي خواھش ڏيکاريائين پر مارئي، پنھنجي ست سيل تي قائم رهي ۽ عمر جي آڇن کي رد ڪري ڇڏيائين. آخر، حاڪم عمر سومري، سندس ساڻيھ سان سڪ ۽ مارن سان محبت ۽ مضبوط ڪردار ۽ رشتن سان سچائي ڏسي، کيس وطن واپس اماڻي ڇڏيو، جتي مارئيءَ جي پاڪدامنيءَ ۾ شڪ ڪيو ويو، تڏهن مارئي، مڪاني ريت پاريندي، باھ مان لنگهي، ست سيل واري ثابت ٿي.

مختلف روايتن ۾، مارئيءَ جي حسب نسب ۽ ماڳ مڪان بابت، ڌار ڌار ڄاڻ ڏنل آھي. ڪن روايتن ۾ عمر ۽ مارئيءَ کي ٿڃ شريڪ ڀيڻ ڀاءُ بہ ڄاڻايو ويو آھي. مارئيءَ جي پيءُ جو نالو ’پالڻي‘ ھو، جڏهن تہ سندس ماءُ جو نالو ’ماڏوئي‘ ھو. ڪن روايتن موجب مارئيءَ جي ماءُ جو نالو ’مهراڏي‘ بہ ڄاڻايو ويو آھي، جڏهن تہ سندس مڱيندي يا مڙس جو نالو ’کيت سين‘ ھو.

مارئيءَ جي ڳوٺ بابت بہ ڌار ڌار روايتون ملن ٿيون. ڪي چون ٿا تہ مارئيءَ جو ڳوٺ، ’تلها‘ ھو. ڪن جي خيال موجب ٿر جو ڳوٺ ’ملير‘، مارئيءَ جو وطن ھو تہ ڪي وري مارئيءَ کي ’ڀالوا ڄائي‘ لکن ٿا ۽ ڪي وري ’کائڙ‘ کي، مارئيءَ جو وطن ڄاڻائين ٿا. مارئيءَ جي وطن کي مجموعي طور سان، ’ٿر‘ سڏيو ويو آھي. بھرحال مارئيءَ جو ڪردار، وطن سان حب جي حوالي سان، شاعرن ۽ سگهڙن جو پسنديدہ ڪردار آھي.

ڊاڪٽر فھميدہ حسين، مارئيءَ جي ڪردار بابت، پنھنجي ڪتاب، ’شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ ۾ لکي ٿي: ”هڪ سنڌي عورت جو ڪردار، جيڪا پنھنجن اباڻن، پنھنجي وَرَ ۽ پنھنجي وطن سان سچي محبت ٿي ڪري، جنھن جي ڪردار جي پختگيءَ جي ساک سڀڪو ڏيندو. ھُوءَ اھڙي ماحول ۾ ڄائي نپني جتي نہ برقعا ھئا نہ چادرون، نہ پردو ھو نہ پابندي، جتي نہ پاڪيزگيءَ جي بلند معيارن جو پرچار ھو، نہ ئي ڪو اخلاقي قدرن جي اپٽار، تڏهن بہ منجهس عورت جي عظمت جو آدرش نظر اچي ٿو. سندس دل ۾ جا ساڻيھ جي سڪ ھئي. اباڻن جي اُڪير ھئي، مارؤَ لاءِ محبت ھئي، شاھ لطيف کي انهيءَ متاثر ڪيو.

مارئيءَ جي روپ ۾ سنڌي عورت جو اعليٰ روپ پسي شاھ صاحب کي يقيناً تحريڪ (Inspiration) ملي ھوندي. ھن جڏهن ٻُڌو ھوندو تہ ھڪ ڪمزور عورت، ھڪ جابر ظالم ۽ ڏاڍي بادشاھ سان ڪيئن ٿي منھن ڏئي، سندس عيش عشرتون، راڻين جي راڻي پٽ راڻي ٿيڻ جي لالچ، دنيا جون سڀئي نعمتون ھڪيون حاضر ڪرڻ جي آڇ ڪيئن ٿي ٺڪرائي ۽ ڪھڙيءَ ريت ھڪ نماڻي نينگر ان جي ڊپ ڊاءُ، ظلمن، زنجيرن کي ٿي برداشت ڪري، تہ پڪ سان سندس اندر جو حساس فنڪار تڙپي اُٿيو ھوندو ۽ ھن کيس ڳائي ڄڻ تہ امر ڪري ڇڏيو.“

(فھميدہ حسين، 1993ع، ص: 45 - 244)

شاھ لطيف، ٿر جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ جي ھن ڪردار کي پنھنجي ’سُر مارئيءَ‘ ۾ ڳائي، ان کي آفاقي حيثيت ڏئي ڇڏي آھي. سُر مارئيءَ ۾ مارئيءَ جو ڪردار جيئن شاھ لطيف بيان ڪيو آھي، اھو ھڪ عام سنڌي عورت جو ڪردار آھي، جنھن کي پنھنجن اباڻن ۽ انهن جي جُوءِ سان اَڻَميو پيار آھي ۽ ان پيار کي ئي شاھ لطيف مانُ ڏنو آھي ۽ ان کي اھڙيءَ ريت ڳايو اٿس جو اُھو ساڻيھ جي سِڪ جو ھڪ عظيم ۽ لافاني اُھڃاڻ بڻجي ويو آھي:

اِيءَ نہ مارُنِ رِيتِ، جيئن سيڻَ مَٽائِنِ سونَ تي،

اَچِي عُمَرَ ڪوٽَ ۾، ڪَندِيَس ڪانَ ڪُرِيت،

پَکَنِ جِي پِرِيتِ، ماڙِيءَ سين نہ مَٽِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مارئي، داستان 3، بيت 11، ص: 567)

مَتارا:

مَتارا، شاھ لطيف جي شاعريءَ جا اجتماعي ڪردار آھن، جن جو ذڪر ’سُر يمن ڪلياڻ‘ ۾ ملي ٿو. متارا مشھور لوڪ داستان، ’موکِي مَتارا‘ جا مکيہ ڪردار آھن. تاريخ ۾ موکِيءَ جي باري ۾ وڌيڪ ڪجهہ ڄاڻ ملي نہ سگهي آھي. متارن جو تعداد ڪن روايتن ۾ اٺ ۽ ڪن ۾ ڇھه ڄاڻايل آھي. مختلف مقامي روايتن ۾، متارن جو موکيءَ جي مئخاني ۾ سال اڌ ۾ اچڻ، سَپَ جي زھر وارو شراب پي بہ، نہ مرڻ ۽ زھر جي خبر پوڻ تي ھڪدَم مري وڃڻ (ڪجهہ روايتن موجب، متارا زھريلي شراب پيئڻ جي ھڪ سال بعد مرن ٿا) ۽ موکيءَ جو مئخانو ويران ٿي وڃڻ وارا ٽاڻا ساڳيا آھن. پَر انهن روايتن مان ڪنھن بہ روايت ۾ متارن جي حسب نسب، تاريخ وفات بابت، ڪابہ مستند ڄاڻ نہ ٿي ملي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ۾ متارن بابت، ڌار ڌار روايتون ڏنيون آھن، جن مان ھڪ روايت موجب، ھڪڙا اٺ يار، پيالي ڀائيوار، موکيءَ جي ميخاني جي ھاڪ ٻڌي آيا. اھي اٺ يار، ٻہ سمَا، ٻہ سومرا، ٻہ چنا ۽ ٻہ چوهاڻ ھئا. انهيءَ ڳالهہ جي تصديق لاءِ ڪنھن سُگهڙ جو بيت ڏنل آھي:

”ايندا ھئا اٺ ڄڻا، موکيءَ گهر مهماڻ

ٻہ سما، ٻہ سومرا، ٻہ چنا، ٻہ چھواڻ.“

(بلوچ، 1964ع، مقدمہ، ص: 3)

ھڪ ٻيءَ روايت جو حوالو ڏيندي، ڊاڪٽر بلوچ لکيو آھي: ”انهيءَ زماني ۾، سري ۾ ست جوان رهندا ھئا، جي ھڪ ٻئي ۾ يار ھئا. کين متارا ڪري سڏيندا ھئا.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 13)

متارن جو واحد اھڃاڻ، سندن قبرون آھن، جيڪي ڪراچيءَ جي علائقي گڏاپ ۾، نارا ٿر جبل تي آھن. انهن قبرن تي ڪن محققن، تحقيق ڪري، سندن حسب نسب معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آھي. پر انهيءَ ۾ ڪا گهڻي ڪاميابي ملي نہ سگهي، جنھن کي سامهون رکي اھو چئي سگهجي تہ متارا، ڪير ھئا؟ موکيءَ جي مئخاني تي ڪٿان ايندا ھئا ۽ ڪيڏانھن ويندا ھئا. سندن وفات جو صحيح سال بہ اڃا تائين معلوم ٿي نہ سگهيو آھي.

متارن جي قبرن بابت، بدر ابڙو لکي ٿو: ”متارن جون قبرون، سپر ھاءِ وي ٽول پلازہ (ڪراچي) کان اتر طرف ويندڙ گڏاپ روڊ تي اٽڪل 15 ڪلوميٽر پري نارا ٿر ٽڪريءَ تي آھن.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 305)

متارن جي قبرن تي جيڪي نالا لکيل آھن، اھي ڪجهہ ھن ريت آھن: ’حالار حاجي‘ يا ’حادار حاجي‘، ’اسماعيل حاجي‘، ’اسحاق حاجي‘، ’اسحاق‘ يا ’اسحٰق اسمعيل‘ ۽ ’آدم روستم‘، چؤديواري اندر ڇھين قبر تي ڪوبہ نالو لکيل نہ آھي. گل حسن ڪلمتي، پنھنجي ڪتاب، ’ڪلاچي سنڌ جي مارئي‘ ۾، لفظ ’متارا‘ بابت لکي ٿو: ”متارا لفظ، سنڌي ٻوليءَ ۾، صحت مند پھلوان لاءِ استعمال ٿيندو آھي. سومرن ۽ سمن جي دور ۾، سنڌ جي حفاظت ڪندڙن کي بہ متارا چيو ويندو ھو، جيڪي باقاعدہ سرڪاري عھدن تي مقرر ٿيندا ھئا. ھن قصي ۾ متارن لاءِ سگهڙن، پنھنجي شاعريءَ ۾، سردار، ڏاتار ۽ سري جا سردار وغيرہ جھڙا لفظ استعمال ڪيا آھن، جنھن مان معلوم ٿيندو تہ اھي حڪومت جي خاص منصب جا مالڪ ھئا يا سردار ھئا. سري جو علائقو اڄ بہ ٿاڻي بولا خان لڳ، ڪوهستان ۾ موجود آھي. سري، ڪوهستان ۾ ديھ پڻ آھي، جنھن سيوهاڻي رستي تي موکيءَ جو مئخانو ھو. سري بہ سيوهڻ ويندڙ ان قديم رستي تي آھي. گهڻن ليکڪن سري کي اتر جي معنيٰ ۾ لکيو آھي. ان کان سواءِ سرو، شراب کي بہ چيو ويندو آھي. سري جا سردار معنيٰ شراب جا سردار، مطلب تہ وڏا پياڪ.“

(ڪلمتي، 2007ع، ص: 373)

گل حسن ڪلمتيءَ، پنھنجي ڪتاب، ’ڪراچي سنڌ جي مارئي‘ ۾ لکي ٿو: ”ڪجهہ جهونا چون ٿا تہ اڳي ھر سال، ڪوهستان کان ڪجهہ ماڻهو ايندا ھئا ۽ ناراٿر جي مٿين چوٽيءَ وارن قبرن تي دعا گهري، اگربتين جو واس ڏئي، گُل چاڙهي ويندا ھئا. ان ڳالهہ جي تصديق، موکي ۽ شاھ مريد جي خدمتگار، مرحوم ابراھيم خاصخيليءَ پڻ ڪئي ھئي. ھن، متارن کي ڪوهستان جا سردار ڄاڻايو ۽ چيو تہ اھي واپار سانگي، بندر تي ايندا ھئا ۽ رات موکيءَ جي مئخاني ۾ گذاريندا ھئا.“

(ڪلمتي، 2014ع، ص: 446)

شاھ لطيف، متارن جو ذڪر، ’سُر يمن ڪلياڻ‘ ۾ ڪيو آھي. شاھ لطيف، قصي جي تاريخ، جاگرافي ۽ ٻيا تفصيل نظرانداز ڪري، ڪھاڻيءَ جي عروج کي پنھنجو موضوع بڻايو آھي تہ متارا ڇو مئا؟ شاھ لطيف، متارن جي موت، موکيءَ جي ڪلاڙڪيءَ ڪِرت، ڪيف ۽ ويڻ کي اھميت ڏني آھي:

آڻي اُتَرَ واءَ، موکِيءَ مَٽَ اُپَٽِيا،

مَتارا تنھن ساءَ، اَچَنِ سِرَ سَنباھِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 10، ص: 102)

سَريٖ ڪِينَ ڪِيونِ، ويڻَ موکِيءَ جي مارِيا،

ڪو جو سُخنُ ڪَلاڙَ جو، پِتٖي تي پِيونِ،

تِنہان پوءِ ٿِيونِ، مَرَڻُ مَتارنِ کي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 16، ص: 103)

مُرادي:

’مُرادي‘، شاھ لطيف جي سورمي، مومل جي ڀيڻ ھئي. مشھور لوڪ داستان، ’مومل راڻي‘ جي روايتن موجب، ميرپور ماٿيلي جي حاڪم، راجا نند جون نَو (9) نياڻيون ھيون، جن ۾ مرادي يا مرادان جو ذڪر بہ ملي ٿو. تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’سُر مومل راڻي‘ ۾ حافظ محمد بخش خاصخيليءَ جي تحقيقي مقالي ۾، راجا نند سندس زال ’گنگراڻي‘ ۽ نَون ڌيئرن جا نالا ’سھجان، سومل، مومل، سوڍي، سليمت، صحت، ساڏهِان، سُلهان (صالحان) ۽ مرادان‘. جڏهن تہ شاھ لطيف، ’سُرمومل راڻو‘ جي بيتن ۾ مرادان نالي بدران ’مُرادي‘ ڄاڻايو آھي:

مُومَلَ سُومَلَ سَھجَان، ڪَا مُرَادِي مَنجِھنِ،

پِينگهُون وَٽَايو پَٽَ جُون، لِيمي لاَمَ لُڏَنِ،

چَرَخَا چَندَنَ عَاجَ جَا، ڪيوڙي ھيٺِ ڪَتَنِ،

ڏھ ڏھ ڀيرَا ڏِينہن ۾، خُونُ کِلَندي ڪَنِ،

سوڍو مَٿَان تَنِ، اوچِتوئِي آيو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر راڻو، داستان 9، بيت 11، ص: 484)

مورڙو ميربحر:

مورڙو ميربحر، مشھور لوڪ داستان، ’مورڙي مانگر مڇ‘ جو مکيہ ڪردار آھي. شاھ لطيف ’سُر گهاتو‘ ۾ انهيءَ لوڪداستان ڏانھن اشارو ڪيو آھي. لوڪ داستان جي عام روايت مطابق، مورڙو ميربحر راجا دلو راءِ جي راڄ ۾، سون مياڻيءَ جو رهاڪو ھو. سندس پيءُ جو نالو، ’اوڀايو‘ ھو، کيس ڇھ اَڻموٽ جانٺا جوان ڀائر ھئا، پر مورڙو جيڪو ’مور‘ جي نالي سان بہ مشھور ھو، سو ھڪ ٽنگ کان جڏو ۽ نٻل پڻ ھو. مورڙي جا ڀائر، مڇيءَ جي شڪار تي ويندا ھئا ۽ کيس گهر جي نظرداريءَ ڪرڻ لاءِ ڇڏي ويندا ھئا. ھڪ ڀيري سندس ڀائرن کي سمنڊ ۾ شڪار ڪندي مانگر مڇ ڳڙڪائي ويو. جڏهن مورڙي کي ان دردناڪ واقعي جي خبر پئي تہ مانگر مڇ کان بدلو وٺڻ جو پھ ڪندي، ٽن مائٽن ۽ ٻين مھاڻن سان صلاح مشوري بعد، ھڪ لوهي پڃرو تيار ڪري، ان جي چوڌاري تِکا ڪِلا ھڻائي ۽ ھر ھڪ ڪِلي ۾ مضبوط رسا ٻڌي ساٿين سان گڏ، وڃي ڪُن تي ڪڙڪيو. مورڙو، پاڻ پڃري ۾ ٿي ويٺو ۽ آيل ساٿين کي چيائين تہ پڃرو ڪُن ۾ ڪيرايو ۽ جڏهن رسا لڏندا ڏسو تہ ھڪدم ڇڪي ٻاھر ڪڍجو، جڏهن پڃرو ھيٺ ڪُن ۾ لاٿو ويو تہ مانگر ان ۾ ماڻهوءَ کي ڏسي وات ڦاڙي ڳڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، تہ کتل تِکا ڪِلا ۽ ڪِير ڄاڙين ۾ ويھي ويس. مورڙي، رسن کي لوڏڻ شروع ڪيو تہ مهاڻن رسا ڇِڪي مانگر کي سڪيءَ تي آندو. مورڙي، مانگر مڇ جو پيٽ چيري سڀني ڀائرن جا ڪرنگها ۽ ھڏا ٻاھر ڪڍي، آڻي ڪلاچيءَ جي ڪُن جي اتر اولھ ۾، دفن ڪيا ۽ پاڻ مجاور ٿي ويٺو. اھو مقام ھينئر ’ماڙي پور روڊ‘ تي ’گُل ٻائيءَ‘ (ڪُل ڀائي) نالي بس اسٽاپ وٽ آھي، جتي ڇھ قبرون مورڙي جي ڀائرن جون ۽ ستين قبر سندن ڀيڻ جي آھي، جيڪا ڇھن قبرن کان ٿورو پرڀرو آھي. مورڙي جي قبر ٿورو پرڀرو، اونهائين ٽڪري واري قبرستان ۾ آھي. اھو ٽڪريءَ وارو علائقو، ھن وقت ايئر بيس (فوجي ڇانوڻيءَ) جي حد ۾ آھي. ان قبرستان کي اتي جا ماڻهو اڄ بہ ’مورڙي جو قبرستان‘ جي نالي سان سڃاڻن ٿا. ڊاڪٽر بلوچ لوڪ ادب واري ڪتاب ۾، ’مورڙي مانگر مڇ‘ جو قصو تمام تفصيل سان بيان ڪيو آھي. انهيءَ قصي ۾ جيڪو فرق آھي، سو اھو تہ مورڙي جي پيءُ اوڀايي کي پھرين زال مان ڇھه پُٽ ھئا، جن جا نالا پنهير، اڱاريو، مانجهاندو، للو، سانئر ۽ ھنجھ ھئا. پھرينءَ زال جي مرڻ کان پوءِ، ٻي زال مان ھڪ پُٽ ’مورڙو‘ ۽ ھڪڙي ڌيءَ ’سيرهين‘ ڄايس. شاھ لطيف، مورڙي جي ڀيڻ جو ذڪر ھيئن ڪيو آھي:

ڪالَھ ڪَلاچِيءَ ويا، ڇَتِيُون کَڻِي ڇُڳيرَ،

ڀائَرِن ڀيرو نہ ڪِيو، اَدَنِ ڪِي اَويرَ،

اِھَڙِي خاصِي کيرُ، ڪُنَ وَرائي جَھلِيي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 4، ص: 632)

ڪالَ ڪَلاچِيءَ وِيا، گهاتُو ڪَري گُهورَ،

مادَرِ! مَلاحَنِ جا، ويٺِي سَھان سُورَ،

مون کي ڪَري مَلُورَ، اُونہي وِيا اوهَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 7، ص: 633)

مورڙي جا ڇھ ڀائر، صحتمند ۽ ڌڱ مڙس ھئا، جڏهن تہ مورڙو پاڻ ٽنگ کان منڊو ۽ تمام ڪمزور ھو، جنھن ڪري نہ ترڻ سکيو ۽ نہ ئي مڇي مارڻ ويندو ھو. مختلف روايتن ۾ مورڙي جي ڀائرن جا نالا مختلف آھن. مٿي ڏنل نالن کان سواءِ مختلف روايتن ۾ اسان کي ’پنهور‘، ’منارو‘، ’اسماعيل‘، ’لاڏڪو‘، ’مناروم‘، ’ميون‘ ۽ ’لکُو‘ نالا ملن ٿا. سندن ڀيڻ جو نالو ڪِٿي ’سيرهين‘ ۽ ڪٿي ’جُمڙي‘ ٻڌجي ٿو.

مورڙي جي پيءُ، ’اوڀايي‘ بابت، بدر ابڙو لکي ٿو: ”اباھيو غالباً جدي پشتي مھاڻو ڪونہ ھو. پر سندس پيءُ ٻاراچ، ذات جو بہليم ھو. ٻاراچ ۽ سندس ننڍو ڀاءُ ٻاچو، ڪڇ جي ڪناري ھڪ شھر ’گنڊا سنگهہ‘ جا ھئا، جيڪو زمين ۾ غرق ٿي ويو. مورڙئي جي قبر وٽ ھڪ ڪڇونءَ جو کوپو رکيل آھي، جيڪو ھڪ ننڍي ڪشتيءَ جيترو آھي. ’مورڙئي پوٽا‘ اڄ تائين ڪراچيءَ جي سامونڊي ڪنڌين تي آباد آھن. سندن چوڻ آھي تہ موڙئي جي جنگ، ھڪ وڏي ڪڇونءَ سان ٿي ھئي.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 326، 329)

شاھ لطيف جي فھم ۽ فراست، عميق نگاھ ۽ مشاھدي جي قوت، ’سُر گهاتو‘ کي پنھنجي رسالي ۾ جاءِ ڏئي سنڌ واسين کي جدوجھد، ھمت، قرباني ۽ ايثار جو سبق ڏنو ۽ مانگر مڇن، درياھي دولابن، دنيوي امتحانن ۽ قهري ڪنن جي مقابلي ڪرڻ جو سبق ڏنو. مورڙي ۽ ڀائرن جي دز ۾ دٻيل يادن کي ھميشہ لاءِ امر بڻائي ڇڏيو.

موکِي:

’موکي‘، شاھ لطيف جي سُر ’يمن ڪلياڻ‘ جو ھڪ مکيہ ڪردار آھي، جيڪو سنڌ جي لوڪ داستان، ’موکي متارا‘ مان ورتل آھي. شاھ لطيف جي ٻين ڪردارن وانگر، موکيءَ بابت بہ محققن تحقيق ڪئي آھي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب ۾ موکيءَ بابت، سنڌ جي مختلف علائقن مان ملندڙ روايتون ڏنيون آھن. انهن روايتن ۾ موکِيءَ جو شراب ٺاھڻ، مئخانو ھلائڻ ۽ متارن جو وٽس شراب پيئڻ لاءِ سال اڌ ۾ اچڻ، متارن جو لاعلميءَ ۾ مئل نانگ وارو زھريلو شراب پيئڻ بعد بہ نہ مرڻ ۽ پوءِ اھو ٻڌي تہ شراب ۾ نانگ مئل ھو، متارن جو انهيءَ مهل ئي مري وڃڻ، متارن جي موت بعد، شراب خانو ويران ٿيڻ ۽ انهيءَ ڏک ۾ موکيءَ جي مري وڃڻ وارا ٽاڻا تہ ساڳيا ئي آھن. (سواءِ ٿرپارڪر واريءَ روايت جي) پر موکيءَ جي حسب نسب، ماڳ مڪان بابت، سڀني روايتن ۾ ڌار ڌار ڄاڻ ڏنل آھي. پھرين روايت جيڪا ڊاڪٽر بلوچ، ڪوهستان، ڪراچي ۽ ملير جي علائقن جي حوالي سان ڏني آھي، ان مطابق، مومل راڻي واري داستان جي ٻانہي ناتر، مومل جي ڏاگھ چڙهڻ بعد، گڏاپ وارو علائقو وسايو ھو ۽ اتي ئي شادي ڪئي ھئائين، ناتر، شراب خانو ھلائيندي ھئي ۽ موکِيءَ جي وڏي ٿيڻ تي اھو ڪم اُن حوالي ڪري ڇڏيو ھئائين. انهيءَ روايت مطابق اڄ تائين گڏاپ واري علائقي ۾، ’ديھ موکِي‘ موجود آھي. ڊاڪٽر بلوچ جي تحقيق مطابق ’ڪؤنڪر‘ واريءَ موجودہ بستيءَ کان ڏکڻ اوڀر طرف، گاھ واري سائي ۽ سُهڻي جوءِ آھي، جنھن کي ’موکِيءَ جو مڪان‘ سڏجي ٿو. موکيءَ جي قبر، متارن جي قبرن واري مقام وٽ آھي. اتي ھڪ ڪھنو قبرستان موجود آھي ۽ خيال آھي تہ اھو موکيءَ ۽ متارن جو مقام آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي ڏنل ھڪ ٻيءَ روايت موجب: ”ڪنھن زماني ۾ سنڌ ۾ ڪلالن جو ھڪڙو پاڙو رهندو ھو. سندن شراب جي ھاڪ ھر ھنڌ ھئي... انهن جي اڳواڻ کي سڪي پني ھڪڙي سدا ملوڪ ڌيءَ ڄائي ھئي، جنھن جو نالو ’موکي‘ رکيائين... موکي وڏي ٿي، تڏهن خدا جي قدرت سان سندس پيءُ گذاري ويو، جنھن ڪري پيءُ جو سمورو ڪاروبار موکي پنھنجي سِر پاڻ ھلائڻ لڳي.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 13)

ھڪ ٽينءَ روايت آھي:”’برهمڻ آباد‘ شھر ۾ ’موکي‘ نالي ھڪ سهڻي عورت ھئي، جنھن جا مائٽ ڪلاڙڪو ڌنڌو ڪندا ھئا. جڏهن موکيءَ جا مائٽ گُذر ڪري ويا، تڏهن موکيءَ بہ مائٽاڻو ڌنڌو اختيار ڪيو.“

(بلوچ، 1964ع، ص: 16)

ٿرپارڪر مان مليل ھڪ روايت جيڪا ڊاڪٽر بلوچ، پنھنجي ڪتاب، ۾ ڄاڻائي آھي، تنھن موجب: ”موکي، ’رتن سنگ‘ نالي ھڪ ظالم ٺڪر جي زال ھئي، جيڪو ’ڪوئنرل‘ نالي ڳوٺ جو رهاڪو ھو، (اھو ڳوٺ ضلعي ٿرپارڪر، تعلقي ڏيپلي ۾ اڃا تائين آباد آھي). رتن سنگ، ڀر واري ڳوٺ مان موکيءَ جي حُسن جي ھاڪ ٻڌي کيس زوريءَ کڻي آيو ھو. موکي، ڀيل قوم جي ڇوڪري ھئي. رتن سنگ مان کيس ھڪ ڌيءَ ڄائي. رتن سنگ جي مرڻ کانپوءِ سندس مال ملڪيت، موکيءَ جي ھٿ آئي. جڏهن موکيءَ جي ڌيءَ جوان ٿي تہ ٺڪرن کيس نيچ قوم جو سمجھي، سندس ڌيءَ سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنھن ڪري موکيءَ سندس شادي لاءِ ملڪ ۾ ھوڪو ھلايو. گهڻا ئي جوان، سندس در تي آيا، ڇاڪاڻ تہ موکي رتن سنگ جي دولت اڏائي چڪي ھئي، سو انهن جوانن جي آجيان زھر مليل شراب سان ڪندي ھئي ۽ سندن مرڻ کان پوءِ، سندن مال ملڪيت ھٿ ڪندي ھئي. ھڪ ڀيري ٻہ راجپوت جوان، موکيءَ جا مهمان ٿي آيا، جيڪي سھڻا ۽ قدآور ھئا. کين ڏسي، موکيءَ خيال ڪيو تہ انهن مان ھڪ کي ڌيءَ جو سڱ ڏيان، پر اھو فيصلو نہ ڪري سگهي تہ ٻنهي مان ڪنھن کي سڱ ڏي، سو کين چئن مهينن کان پوءِ وري گهرايائين. پوءِ جڏهن جوان وريا تہ سندن آجيان شراب سان ڪيائين، شراب پيئندي ٻئي جوان مري ويا، ڇاڪاڻ شراب جي مَٽ ۾ نانگ مئل ھو. موکِي، انهن جوانن جي مرڻ جو صدمو برداشت ڪري نہ سگهي ۽ جلد ئي مري وئي. سندس مرڻ کان پوءِ، سندس ڌيءَ ھڪ ٻئي ٺڪر سان شادي ڪئي، جنھن جو اولاد اڄ بہ ’موکا ٺڪر‘ سڏيو وڃي ٿو ۽ جنھن ٽڪريءَ تي ’موکا ٺڪر‘ آباد آھن ان کي ’موکِيءَ جو ٽڪرو‘ سڏيو وڃي ٿو.

گل حسن ڪلمتي، موکيءَ بابت، ڪراچيءَ جي گڏاپ واري حوالي سان لکي ٿو تہ، ناتر اتي جي ھڪ شخص ’هيبت گڊي‘ سان شادي ڪئي، پر ڪن ٻين روايتن موجب، ’هيبت‘، ناتر سان نہ، پر موکيءَ سان شادي ڪئي ھئي. ھيبت خاصخيليءَ جو ڳوٺ اڄ بہ ديھ موکِيءَ ۾، موجود آھي. موکيءَ جي قبر بابت، ڪلمتي لکي ٿو: ”موکيءَ جي قبر، تپي سونگل، ديھ موکي ڪراچيءَ جي گڏاپ ٽائون ۾ آھي.“

(ڪلمتي، 2007ع، ص: 367)

’موکِي ۽ متارن‘ جي لوڪ قصي ۾، موکيءَ جو ڪردار ھڪ اھڙي عورت جو آھي، جيڪا ڪلاڙڪو ڪم ڪندي ھئي، جنھن جي سماج ۾ ڪا خاص حيثيت نہ ھوندي آھي. پر شاھ لطيف جي موکي، انهيءَ کان ڪافي مختلف نظر اچي ٿي. شاھ لطيف جي موکي، ھڪ نيڪ نيت ۽ صاف دل عورت آھي، جيڪا پنھنجي پيشي سان سچي آھي. شاھ لطيف جي نظر ۾ موکي متارن کي مَٺو نٿي گهري ۽ ھو سندس پياريل زھريلي شراب سان نٿا مرن، بلڪ موکيءَ جي ويڻ کان مئا ھئا.

سَري ڪِينَ ڪِيونِ، ويڻَ موکِيءَ جي مَارِيا،

ڪو جو سُخنُ ڪَلاڙَ جو، پِتي تي پِيونِ،

تِنہان پوءِ ٿِيونِ، مَرَڻُ مَتارنِ کي!

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 16، ص: 103)

متارن جي مرڻ کان پوءِ، ماڻهن بہ موکيءَ کي مهڻا ڏنا تہ موکي ناتر جي ڌيءَ آھي، جيڪا پاڻ ڪاڪ محل ۾ ماڻهن کي مارائيندي ھئي. تنھن جي ڌيءَ ڪيئن سچي ٿيندي؟ ماڻهن جي انهن مهڻن کي شاھ لطيف ھن ريت بيان ڪيو آھي:

موکِي چوکِي نہ ٿِئي، اَصلِ اوڇِي ذاتِ،

وَٽُيون ڏيئِي واتِ، مَتارا جنھن مارِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 13، ص: 103)

پر شاھ لطيف، موکيءَ جي خلوص تي شڪ نٿو ڪري:

موکِيءَ مَٺو نہ گُهرِيا، وِھ نہ وِهاٽِيا،

سُرڪِيءَ ڪاڻِ سَيّدُ چي، اُتي ٿي آٽِيا،

جي ڳالهين ڳَڱاٽِيا، تَنِ بَٺِنِ پاسي بُٺِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 4، بيت 19، ص: 104)

مُومَلَ:

’مومل راڻو‘، سنڌ جو مشھور لوڪ داستان آھي. ھن داستان جي سورمي، ’مومل‘ آھي. روايتن ۾ آھي تہ مومل، راجا نند جي ڌيءَ ھئي، جيڪو پندرهين صديءَ عيسويءَ جي اوائل ۾، گجر ذات جو، ھڪ راجپوت سردار ھو ۽ ’ميرپور ماٿيلي‘ جو حاڪم ھو. ’راجا نند‘ کي نَو نياڻيون ھيون، جن مان مومل، حسن جي ڪري ھاڪاري ھئي ۽ سومل، پنھنجي سياڻپ جي ڪري مشھور ھئي.

تحفة الڪرام ۾ مومل بابت، ڪجهہ ھن ريت لکيل آھي: ”گوجر بادشاھن جي اولاد مان ’مومل‘ نالي ھڪ عورت، پيءُ جي فوت ٿيڻ کان پوءِ، پنھنجي ملڪ تي حڪمراني ڪري رهي ھئي.“

(قانع، 1989ع، ص: 105)

جڏهن تہ، تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’سُر مومل راڻو‘ ۾ مومل بابت، جيڪا ڄاڻ ڏنل آھي، اھا ڪجهہ ھن ريت آھي: ”مومل، راجا نند جي ڌيءُ ھئي. سندس ماءُ جو نالو، ’گنگراڻي‘ ھو، جنھن مان راجا نند کي نَو نياڻيون ڄايون. مومل جي ڀينرن جا نالا: سھجان، سومل، سوڍي، سليمت، صحت، ساڏهان، صالحان ۽ مرادي ھئا. کيس ڪو ڀاءُ نہ ھو.“

(جويو، تاج، 2004ع، ص: 33)

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب، مومل وارو ڪٽنب، يعني راجا نند جو ڪٽنب، ’راٺوڙ‘ ھو. مومل جي ماڙيءَ بابت، چيو وڃي ٿو، تہ اھا ميرپور ماٿيلي جي ڀرسان، ڀِڙي جي صورت ۾ اڃا موجود آھي.

روايتن موجب، ميرپور ماٿيلي وٽ سنڌوءَ جي وهڪري لڳ، مومل جي پيءُ، راجا نند جو ڪوٽ ھو. راجا نند وٽ ھڪ جادوئي ڏند ھو، جنھن جي مدد سان ھن، پنھنجو خزانو سنڌوءَ جي پيٽ ۾ لڪايو ھو، جيڪو مومل جي غلطيءَ سبب، سندن ھٿن مان ھليو ويو. اھو خزانو واپس ھٿ ڪرڻ لاءِ، مومل پنھنجن ڀينرن ۽ ٻانہين سميت لڏي، ’نئن ڪاڪ‘ جي ڪنڌيءَ تي پنھنجو طلسمي ’ڪاڪ محل‘ ٺاھي ويٺي، جنھن جي ھاڪ ھنڌين ماڳين پھچي وئي ۽ مومل ماڻڻ لاءِ ڪيئي شهزادا، مال اسباب کڻي، ڪاڪَ ڪنڌيءَ پھتا ۽ پنھنجو مال متاع، ھوش حواس وڃائي وڃي قبرن ڀيڙا ٿيا:

گُجَرِ کي گَجَمٖيل جُون، تارَنِ ۾ تَبَرُون،

ھَڻي حاڪِمِيَنِ کي، زورَ ڀَرِيُون زَبَرُون،

ڪاڪِ ڪَنڌِيءَ قَبَرُون، پَسو پَرَڏيهِيَنِ جُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 2، ص: 520)

آخر، ڍٽ جي ڍول، راڻي مينڌري، پنھنجي قسمت آزمائڻ خاطر ڪاڪ تي رکيل ڀير تي وڃي ڏونڪو ھنيو ۽ سڀ طلسمي ٽڪساٽ پار ڪري وڃي، مومل تائين پھتو. مومل سندس ڏاھپ ۽ سونھن ڏسي، مٿس موهت ٿي پئي ۽ ساڻس شادي ڪيائين. پر راڻي کي روز پنھنجي گهر موٽي وڃڻو پوندو ھو. مومل کي سندس جدائيءَ ۾ ملول ڏسي ھڪ ڏينھن سندس ڀيڻ سومل مرداڻو ويس ڪري سُتي. جڏهن راڻو موٽيو تہ ساڻس مرداڻي ويس ۾ گڏ ستل، سومل کي ڏسي شڪ جو شڪار ٿيو ۽ رسي ويو. تڏهن مومل کيس پرچائڻ لاءِ وڏا وس ڪيا، جيئن شاھ لطيف فرمائي ٿو:

رُسُ مَ، رُسَڻُ گهورِيو، اُٺُ اوراھُون ڇوڙِ،

تو رِيءَ ڪاڪِ ڪَڙي ٿَئِي، ساڻُ سِرکَنڊُ سوڙھ،

اَچِي چَندَنُ چوڙِ، تَھ سوڍا! سُکِياڻِي ٿِيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 5، بيت 8، ص: 534)

مومل، امر ڪوٽ جي ويجهو ھڪ ماڙي اڏائي وڃي ويٺي ۽ راڻي جي نہ پرچڻ تي پاڻ کي ساڙي ماريائين، جنھن کي ’مومل جو ڏاگھ‘ تي چڙهڻ چيو ويندو آھي.

شاھ لطيف، سُر ’مومل راڻي‘ ۾، مومل کي سورميءَ طور پيش ڪيو آھي. پھرين تہ پنھنجي شاعريءَ ۾، مومل جي سونھن، سوڀيا ۽ ھار سينگار کي بيان ڪيو اٿس پر پوءِ منجهس پڇتاءُ، غلطيءَ جو احساس، انتظار ۽ اوسيئڙي جي ڪيفيتن ۾ سڪ ۽ درد پيدا ڪيو اٿس. جيئن ھن بيت ۾ چوي ٿو:

اُڀٖي اُڀاريامِ، نَکَٽَ سَڀِ نَئِي وِيا،

ھِڪُ مَيو، ٻِيو مَينڌِرو، راتِ سَڄِي سارِيامِ،

ڳوڙها ڳَلِ ڳاڙِيام، سُورِجَ شاخُون ڪَڍِيُون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 4، بيت 2، ص: 530)

ميھار:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’سُهڻي ميھار‘ جو سورمو’ميھار‘ آھي. سُهڻيءَ وانگي، ميھار بابت بہ ڌار ڌار روايتون موجود آھن، جن کي اسان سنڌي لوڪ داستان ۽ پنجابي لوڪ داستان ۾ ورهائي سگهون ٿا.

پنجابيءَ واري روايت موجب، ’ميھار‘ جو اصل نالو ’عزت بيگ‘ ھو، جيڪو بخارا (موجودہ ازبڪستان) جي ھڪ امير واپاريءَ، ميرزا عاليءَ جو سڪيلڌو پٽ ھو. جوان ٿيڻ تي ھندستان گهمڻ سانگي آيو ۽ گهمندي گهمندي پنجاب جي شھر گجرات ڏانھن اچي نڪتو. گجرات جي ھڪ ناري، ’سُهڻيءَ‘ کي ڏسي مٿس موهت ٿي پيو ۽ وطن واپس ورڻ جو خيال ئي دل تان لاھي ڇڏيائين ۽ اتي ئي رهي پيو.

مرزا قليچ بيگ، پنھنجي ڪتاب، ’سُر سُهڻي‘ ۾، ميھار بابت، ساڳي ڄاڻ ڏني آھي، پر گڏوگڏ انهيءَ ڄاڻ کي پنجابي ڪتابن تان ورتل ڄاڻايو اٿس. مرزا قليچ بيگ، سنڌي داستان موجب، ميھار جو اصل نالو ’ساھڙ‘ ڄاڻايو آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، انهيءَ قصي کي نج سنڌي قصو مڃي ٿو ۽ لکي ٿو: ”هير رانجها داستان ۾ رانجهي جي ’تخت ھزاري جي سائين‘ ھجڻ واري خيال کان ’مھينوال‘ کي بہ بادشاھزادو بنايائون.“

(بلوچ، (مقدمو)، 1972ع، ص: 2)

پنھنجيءَ ڳالهہ جي ثابتيءَ لاءِ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سُهڻي ۽ ميھار جي حسب نسب ۽ سندن علائقن ۽ اھڃاڻن بابت، بحث ڪيو آھي ۽ شاھ لطيف کان اڳ جي سنڌي شاعريءَ مان

قصي بابت، حوالا ڏنا آھن. ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو: ”ميھار جو نالو ’ساھڙ‘ ھو ۽ ذات جو ’نڱامرو‘ ھو. ھڪ روايت موجب ھو ’گهنور ڄام‘ جو پٽ ھو.“

(بلوچ، (مقدمو)، 1972ع، ص: 3)

شاھ لطيف جي بيتن ۾ پڻ ساھڙ کي ’ڄام‘ جي لقب سان ياد ڪيو ويو آھي. مثلاً:

جيڏِيُون! ڏِٺِيان جي، صُورَتَ ساھَڙَ ڄامَ جِي،

سُکِ ٿِي سُتِيُون ڪينَ ڪِين، ڪانڌَنِ پاسي ڪي،

مُونہان ئي اَڳي، گِهڙو سَڀِ گَهڙا کَڻِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان 1، بيت 4، ص: 218)

نڱامڙن ڄامن جي، ’ميرپور ساڪري‘ ۽ ’ڪيٽي بندر‘ واري علائقي ۾ سرداري ھئي. ’نڱامڙا‘، اٺينءَ صديءَ عيسويءَ کان وٺي، اتي آباد ھئا ۽ ويندي ڪلهوڙن جي دور تائين، اتي سندن سرداري قائم ھئي.

شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾، ميھار جي ڪردار کي ’سُر سُهڻيءَ‘ ۾، سورميءَ طور پيش ڪيو آھي. سُهڻيءَ جي ڀيٽ ۾، ميھار جو ڪردار شاھ لطيف کي ايترو متاثر نہ ٿو ڪري. جيڪا سڪ، سُهڻيءَ جي ڪردار ۾ نظر اچي ٿي، سا ميھار جي ڪردار ۾ ڪانہي، ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ سُهڻي طالب آھي ۽ ميھار مطلوب:

گَهڙو ڀَڳو، مُنڌَ مُئِي، وَسِيلا وِيا،

تِنہان پوءِ سُئا، سُهڻِي سَڏَ ميھار جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سهڻي، داستان 1، بيت 23، ص: 222)

ناتر:

سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’مومل راڻي‘ ۾، ’ناتر‘ جو ڪردار، ھڪ خاص اھميت رکي ٿو. ناتر، مومل جي پيءُ، راجا نند جي خانداني ٻانہي ھئي، جيڪا سندس سڀ راز ڄاڻندي ھئي. جڏهن راج ڪمارين ماٿيلو ڇڏيو تہ راجا نند، ناتر کي سندن خاص ٻانہي ڪري موڪليو. ناتر، ڪاڪ محل جا سڀ طلسم ڄاڻندي ھئي.

ناتر، مومل جي سکيا ورتل، ڪاڪ محل جي خاص ٻانہي ھئي، جڏهن مومل جو ڪو متوالو اچي، ڪاڪ محل جي ٻاھران ڀير تي ڏونڪو ھڻندو ھو، تڏهن ’ناتر‘ تيار ٿي وڃي سندس آڌرڀاءُ ڪندي ھئي ۽ کانئس آندل سڀ قيمتي سوکڙيون وٺي ڇڏيندي ھئي ۽ پوءِ متوالن کي ڪاڪ جي ٽڪساٽ ۾ وائڙو ڏسي، گوهي ڏئي گم ٿي ويندي ھئي.

قصي مطابق جڏهن راڻو، مومل کان رسي ويو ۽ راڻي کي پرچائڻ لاءِ مومل ڪاڪ ڇڏي ڍٽ جي علائقي ۾ آئي ۽ راڻي جي نہ پرچڻ تي ڏاگھ چڙهي ۽ مومل جي ماڙي ويران ٿي تہ اتي ناتر لاءِ ڪجهہ نہ بچيو. انهيءَ ڏک ۾ ناتر، اھو ھنڌ بہ ڇڏيو ۽ اڪيلي ناراٿر جبل جهاڳي وڃي، ’گڏاپ‘ جي پڊن کان اتر پاسي، محبت (هيبت) نالي ھڪ ماڻهوءَ سان شادي ڪيائين. ان مان کيس ’موکِي‘ ۽ ٻيون ڌيئرون ڄايون، جنھن جو قصو شاھ لطيف ’سُريمن ڪلياڻ‘ ۾ ڄاڻايو آھي. ھيءَ اھا ئي ناتر ھئي.

ڪتابن ۾ آيل مٿين اھڃاڻن جي تصديق ڪرڻ تي خبر پوي ٿي تہ گڏاپ کان اتر پاسي نہ ’نارا ٿر جبل‘ آھي ۽ نہ ئي وري ’هيبت خاصخيليءَ‘ جو ڳوٺ. جڏهن تہ نارا ٿر جبل، گڏاپ کان ڏکڻ ۾ ۽ ھيبت خاصخيليءَ جو ڳوٺ بہ گڏاپ جي اولھ ۾ آھي، جتي موکِيءَ جي قبر پڻ آھي.

ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مطابق، مومل جي ڏاگھ چڙهڻ بعد، ناتر ڍٽ جو علائقو ڇڏي، ’گڏاپ‘ واري علائقي ۾ پھتي ۽ اتي شراب جي بٺي ٺاھي، مئخانو کوليائين. ڪجهہ عرصي بعد ناتر اتي شادي ڪئي. ڊاڪٽر بلوچ پڻ ھڪ مقامي روايت جو حوالو ڏيندي لکيو آھي تہ ناتر ھيبت نالي ’گڊي‘ سان شادي ڪئي، جنھن مان کيس ’موکِي‘، ’سونگل‘ ۽ ’سڦوران‘ نالي ڌيئون ڄائيون. اڄ تائين گڏاپ واري ايراضيءَ ۾ ديھ ’موکي‘، ديھ ’سونگل‘، ديھ ’سڦوران‘ موجود آھن.

بدر ابڙو، ناتر بابت، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌ جو شاھ‘ ۾ لکي ٿو: ”مومل، لڳ ڀڳ، سن 1400ع ۾ پاڻ ساڙي ماريو ھو. ان کان ترت پوءِ ناتر گڏاپ پاسي پنڌ ڪيو ۽ اچي ھتي آباد ٿي. ناتر کي ڪل ست ڌيئرون ھيون، جن جا نالا اڄ بہ ڪراچيءَ جي مختلف ديهن تي آھن: ’موکي‘، ’سونل‘ (سونگل)، ’سپرا‘ (صفوران)، ’تائيسر‘، ’مٺان‘، ’الله ڦائي‘ ۽ ’سکان‘. چون ٿا تہ کيس ھڪ پٽ ’مهادل‘ بہ ھو. ناتر ھتي ھيبت نالي ھڪ ماڻهوءَ سان شادي ڪئي ھئي ۽ پنھنجي اولاد کي پنھنجن ھٿن سان زمين ورهائي ڏني ھئائين.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 304)

بدر ابڙي وڌيڪ لکيو آھي تہ، ناتر، ناراٿر وٽ اچي رهي ھئي ۽ ھتي ھڪ مسافرخانو کوليو ھئائين. ناتر شراب ٺاھڻ ڄاڻندي ھئي، ڪاڪ محل ۾ بہ اھوئي ڪم ڪندي ھئي.

سُر مومل راڻي واري قصي ۾ ناتر کي مومل جي ٻانہي ڄاڻايو ويو آھي. شاھ لطيف سندس چالاڪين کي مڃيندي چوي ٿو تہ، جن لاءِ مومل سِڪي رهي آھي، تن کي ناتر ڇا ٿي ڪري سگهي.

ويرو تار وصال ۾، گُهورُون گهايا جي،

تن ڪاڪ اوريائين ڇڏي، وڃي پيا پري،

تن کي ناتر ڪين ڪري، مومل سڪي جن کي.

(بيگ، مرزا قليچ، (1951ع)، ’رساله شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘، سُر مومل راڻو، فصل ستون، بيت 7، ص: 552)

نُورِي:

نوري، شاھ لطيف جي ’سُر ڪاموڏ‘ جي سورمي آھي. اھو سُر مشھور نيم تاريخي داستان، ’نوري ڄام تماچيءَ‘ تي ٻڌل آھي. ھيءُ، ھڪ مھاڻي ۽ ھڪ بادشاھ جي عشق جو داستان آھي. محققن جو خيال آھي تہ، نوريءَ جو ڪردار، افسانوي رنگ رکڻ سان گڏ، حقيقي پڻ آھي. سندس شخصيت ۽ حسب نسب جي حوالي سان ڌار ڌار روايتون ملن ٿيون.

’تحفة الڪرام‘ واري روايت موجب، ’نوري‘ ذات جي گندري ھئي ۽ ڪينجهر ڍنڍ تي رهندڙ مھاڻن مان ھئي، جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي لوڪ ادب واري ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيہ داستان-2‘ ۾ نوريءَ بابت، ھن ريت لکيو آھي: ”نوريءَ جي نسل ۽ نسبت بابت، ٻہ رايا آھن: ھڪ تہ ھؤَ ’جسوتڻ‘ يا ’جسوڌڻ‘ بادشاھ جي ڌيءَ ھئي، پر گندرن نپائي ۽ ٻيو تہ ھو گندري ھئي، پر صورت ۽ سيرت کڻي وڌائي، جو وڃي پَٽ -راڻي ٿي.“

(بلوچ، 1972ع، مقدمو، ص: 17)

جڏهن تہ بدر ابڙي بہ نوريءَ بابت، ٻہ روايتون ڏنيون آھن. ھو لکي ٿو: ” نوريءَ جي باري ۾ چون ٿا تہ ھوءَ ڪينجهر نالي ھڪ مھاڻي جي ڌيءَ ھئي. ننڍي ھوندي کيس ڪوڙھ جي بيماري لڳي، پر سندس ’مرشد شاھ ھوندڙي‘ جي دعا سان ھوءَ بيماريءَ کان آجي ٿي ۽ سونھن ۾ اڳي کان سرس ٿي. ڪي قصاگو صاحب، نوريءَ کي جسودن جي ڌيءَ سمجهن ٿا، جنھن کي ’لاکو ڦلاڻي‘ ان شڪ ۾ چورائي کڻي ويو تہ اھا سندس تخم مان آھي. پوءِ، ھو اھو ٻار، ھڪ مھاڻي جي حوالي ڪري ويو ھو.“

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 293)

روايتن ۾ نوريءَ کي مھاڻيءَ بدران وڏگهراڻي ثابت ڪرڻ لاءِ اڪثر شاھ لطيف جي ھن بيت جو حوالو ڏنو ويندو آھي:

ھَٿين، پيرين، آرِکَڻين، منھن نہ مھاڻي،

جيئن سَڳو وِچِ سُرُندَڙي، تيئن راڻِينِ ۾ راڻِي،

اَصلِ ھُئِي اُنَ کي، اَھلَ ڄاماڻِي،

سَمي سُڃاڻِي، ٻِيڙو ٻَڌُسِ ٻانهن ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 23، ص: 624)

انهيءَ زماني ۾ ڄام تماچي، جيڪو سمو بادشاھ ھو، ڪينجهر تي شڪار لاءِ ايندو ھو ۽ نوريءَ کي ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو. مهاڻن کان سندس سڱ گهريائين، جيڪو مهاڻن خوشيءَ سان قبول ڪيو. نوريءَ سان شادي ڪرڻ کان پوءِ، ڄام تماچي ڪينجهر جو ڏن مهاڻن کي معاف ڪيو.

نوري، ڄام تماچيءَ سان شادي ڪري راڻي تہ ٿي، پر ھٺ ۽ وڏائيءَ کي ويجهو اچڻ نہ ڏنائين. ھميشہ نوڙت ۽ نہٺائيءَ سان ھلندي ھئي. سمي ڄام جو مٿس راض ڏسي، ٻين راڻين ريس ڪئي، جنھن ڪري ڄام تماچيءَ، راڻين جي پرک لهڻ جو اعلان ڪيو، پر نياز، نوڙت ۽ اخلاص جي ڪري نوريءَ جو سڀني راڻين ۾ مان مٿانہون ٿيو.

’تحفة الڪرام‘ موجب: ”ٻنهي جون قبرون مڪليءَ تي شيخ حماد جماليءَ جي پيرانديءَ وٽ، ھڪ حجري ۾ يادگار طور باقي آھن.“

(قانع، 1989ع، ص: 129)

جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’مشھور سنڌي قصا ۽ عشقيہ داستان-2‘ ۾ ھڪ روايت موجب، نوري ۽ ڄام تماچيءَ جون قبرون، مڪليءَ ۾ ڄام نظامالدين جي مقبري لڳ آھن. بدر ابڙو ان بابت، لکي ٿو: ”ڪي صاحب ان راءِ جا آھن تہ نوريءَ جي قبر تماچيءَ جي ڀر ۾ ناھي، پر اھا ھاڻوڪي ڪينجهر ۾، ھڪ ٽاپوءَ تي آھي. ھاڻي عام ماڻهو ان ٽاپوءَ تي موجود ٻن مان ھڪ قبر کي نوريءَ جي ۽ ٻيءَ کي نوريءَ جي مرشد شاھ ھوندڙي جي مزار سڏين ٿا. ھتي نوري پنھنجي مرشد جي پيرن کان رکيل آھي ۽ ھوڏانھن مڪليءَ تي مڙس جي ڀر ۾ “

(ابڙو، بدر، 2000ع، ص: 292)

شاھ لطيف، ’سُر ڪاموڏ‘ ۾، نوريءَ کي ھڪ اھم سورميءَ طور پيش ڪيو آھي. ھن سُر ۾، شاھ لطيف، نوريءَ جي ظاھري سُونہن سان گڏ، سندس باطني حسن کي بہ ساراھيو آھي. نوري، شاھ لطيف جي اھا سورمي آھي، جيڪا خودداري، نياز ۽ نوڙت جي علامت آھي:

نورِيءَ جي نِيازَ جو، عَجَبُ اَجَهلُ ھوءِ،

سَمُون سِرُ سَڀَنِ ۾، مي مُورَڇِيو سوءِ،

اَچيو اُڀِيَنِ پوءِ، حُجَتَ ڀَڳِي راڻِييٖن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 1، بيت 21، ص: 624)

وَڳنڌُ فقير:

وڳنڌ فقير، شاھ لطيف جي سُر بلاول جو ھڪ ڪردار آھي. ھيءُ فقير، شاھ لطيف جي فقيرن مان ھو ۽ کاڌي پيتي جو شوقين ھو، تنھن ڪري شاھ لطيف حجت ۾ کيس ’پيٽوڙي‘ بہ ڪوٺيو آھي. وڳنڌ فقير، شاھ لطيف جو خاص مريد ھو ۽ ھر وقت ساڻس گڏ، ھوندو ھو. شاھ لطيف ڪڏهن ڪڏهن ساڻس ڀوڳ چرچا بہ ڪندو ھو. کيس ’وَرو فقير‘ بہ چيو ويندو آھي.

چوئٿ رام ولھيٽ موجب، وڳند واڻيو ھو ۽ ڪوٽڙيءَ جو رهاڪو ھو. سندس جسم جڏو ھو، پر کائڻ جو بنھ تيز ھوندو ھو. سُر بلاول ۾، شاھ لطيف سخين، ڏاتارن ۽ سورهين کي ڳايو آھي، پر سڄو سارو ھڪڙو داستان مزاح سان ڀريل بيتن جو پڻ ملي ٿو. شاھ لطيف اھي بيت، پنھنجي ھن فقير، وڳند عرف وَرُو سان دل وندرائڻ خاطر چيا آھن. انهن بيتن مان خبر پوي ٿي تہ ھيءُ ’فقير ڪم جو ٽوٽي، پر کائڻ جو پيٽو‘ ھو:

اَسُورَ سَندو آسَرو، وِڳَندَ کي وَڏو،

جُسٖي ۾ جَڏو، پَرَ کِيَڻَ تي کُڙا کَڻٖي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 4، بيت 4، ص: 906)

ھمير سومرو:

ھمير سومرو، سنڌ جي مشھور لوڪ داستان، ’موملراڻي‘ جو ھڪ مکيہ ڪردار آھي، جنھن بابت، گهڻو ڪري اھا روايت عام آھي تہ، ھُو، عمر ڪوٽ جو حاڪم ھو ۽ سندس زال ’مکڻ ٻائي‘، راڻي مينڌري جي ڀيڻ ھئي.

مير علي شير قانع جي ڪتاب، ’تحفة الڪرام‘ موجب: ”هڪ ھمير سومرو اھو ھو، جنھن کي سمن 67-1366ع ۾ تخت تان لاٿو ۽ ٻيو شھمير شاھ ھمير ھو، جنھن (دولت علويه موجب) سن 843ھ/1439ع ۾ وفات ڪئي.“

(قانع، 1989ع: 98)

جڏهن تہ، تاج جويي جي مرتب ڪيل ڪتاب، ’سُر مومل راڻو‘ ۾، حافظ محمد بخش خاصخيلي، پنھنجي مقالي، ’ماٿيلي جي مومل ۽ ڍٽ جو ڍوليو‘ ۾ لکي ٿو: ”همير سومرو: ھيءُ پوئين عمر بادشاھ جو پٽ ۽ سومرن ۾ آخري بادشاھ ھو. ھمير جي زال، راڻي کلڻ ٻائي، راڻي مينڌري جي ڀيڻ ھئي.“

(جويو، تاج، 2007ع، ص :36)

ھمير سومري جا ٽي وزير ھئا؛ راڻو مينڌرو (سندس سالو)، ڏونئر ڀٽي ۽ ’سينہڙو ڌماچاڻي‘. شاھ لطيف بہ چئني جو ذڪر ڪيو آھي:

چَڙهِيا چارَئِي يارَ، سُوڌا شِڪاري

فِڪرَ ساڻُ ڦِٽِي ڪِي، سوڍي سوپارِي،

وِيا ڪاھِيندا ڪاڪِ ڏي، جِتِ مُومَلَ موچارِي،

موٽِيا نہ مارِي، ڪَؤنرَ لَتاڙي ڪاڪِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 2، بيت 15، ص: 523)

اھي ٽيئي وزير ھئا، جن کي شڪار ڪندي امرڪوٽ ۽ جيسلمير جي وچ وارين ڀٽن ۾، ھڪ شهزادو فقيرن جھڙي حالت ۾ مليو ھو. سندن انهيءَ ملاقات جو ذڪر شاھ لطيف، پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آھي.

بيکارِيءَ کي بَرَ ۾، وِيو ڪَيفُ چَڙهِي،

ڳالِهيون ڪَندي ڪاڪِ جُون، ڳوڙها پِيَسِ ڳَڙِي،

ڪا جا اَنگُ اَڙِي، جيئن ڇُٽا ڦَٽَ ڇُڙي پِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 1، بيت 6، ص: 518)

ان کان پوءِ، اھي سڀ ’مومل‘ ماڻڻ لاءِ قسمت آزمائڻ نڪتا، پر صرف ’راڻو‘ ڪامياب ٿيو.