ڌاريون ڪلام:
سُر بروو سنڌي ڇوٽڪو:
هي سُر، فقط ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ واري رسالي ۾ موجود آهي، باقي ڪنھن بہ مرتب يا شارح، هن ارڙهن بيتن ۽ هڪڙي وائيءَ تي ٻڌل سُر کي شاھ لطيف جي ڪلام ۾ شامل نہ ڪيو آهي.
شاھ لطيف جي شاعريءَ تي پھريون ڀيرو سائنسي انداز ۾ ڇنڊ ڇاڻ ۽ کوجنا ڪندڙ محقق ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ سُر بروو سنڌي ڇوٽڪو بابت هن طرح لکي ٿو: ”هي سر فقط ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ئي ڏنل آهي. بيتن جي بناوت ۽ منجهن جيڪي خيال آهن، سي اهڙا رواجي ۽ بيسودا آهن، جو پريان ئي پڌرو آهي تہ ڪنھن سُگهڙَ جا ٺھيل آهن.“
(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 92)
اَصلُ وَٿِ اَصِيلَ، وَنڄِي کَازِي چَئٖي کُذَارِ،
تُون تَنہين سَان گھَارِ جَن کهي عَقُلُ اَشرَافَنِ جو.
(ٽرمپ، ارنيسٽ، ڊاڪٽر، (2008ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بروو سنڌي ڇوٽڪو، بيت 4، ص: 498)
سُر بسنت:
هن سُر ۾، اُردو، هندي ۽ سنڌي ٻوليءَ جو خوبصورت امتزاج آهي. بيتن ۾، مُند اچڻ سان باغن ۾ گُلڻ جي ٽڙڻ، وڻن جي ساون پنن جي خوبصورت پھراڻ پھرڻ، محبوب کي وڻندڙ پوشاڪ پھري، ناز ۽ ادائن سان ٽِلڻ ۽ ان سان ملڻ ڪري سڀئي ڏُک سور دؤر ٿيڻ جي انساني احساسن جي اُپٽار ٿيل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب: هي سُر جملي سورهن بيتن ۽ هڪ وائيءَ تي ٻڌل آهي، جيڪي اوائلي ۽ وچولي دؤر جي ڪن رسالن ۾ ٿوري گهڻي فرق سان موجود آهن. هن سُر جو نالو ڪٿي ’بسنت‘ ۽ ڪٿي ’بسنت بھار‘ ڏنل آهي، پر راڳ جي لحاظ کان هن سُر جو صحيح نالو ’بسنت‘ آهي.
هي سُر، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، علامہ غلاممصطفيٰ قاسميءَ، مرزا قليچ بيگ، شوقيرام تاراچند، ممتازمرزا، سگهڙ الهداد جنجهيءَ، محمد قاسم راهمونءَ پاران سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾ ڏنل آهي. هن سُر جي بيتن ۾ مختلف شاعرن جا نالا اچن ٿا: ڏتو، لاکو ۽ صادق وغيرہ، تنھن ڪري محققن جو اهو رايو آهي تہ هي سُر شاھ لطيف جو ڪلام ناهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو: ”هي سُر بلڪل ننڍو آهي، ۽ هڪ داستان ۾ ئي سمايل آهي، ۽ گهڻو ڪري منجھس لاکي جا بيت ڏنل آهن. ازانسواءِ ڀٽ واري نسخي ۾ بہ عدم پيدا آهي.“
(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 92)
سُر بسنت مان نموني طور ٻہ بيت هيٺ ڏجن ٿا.
آئي رُت بَسنت ڪِي کِڙئا کٽڻهار
اُٿي ڳوري ويس ڪر آئي بسنت بھار.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘ سُر بسنت، بيت 1، ص: 450)
رُتيان سَڀِ ڀَلِيَان، ڪائِي نہ بَسنت جوڙ
جي وَڻَ پاري ساڙيا تَنِي مٿي موڙَ
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’ شاھ جو رسالو‘، سُر بسنت، بيت 10، ص:450)
سُر بيراڳ هندي:
هن سُر ۾، هندي ڪلام آيل آهي، جنھن کي، ’شاھ جي رسالي‘ جي ڪجهہ مرتبن ’سُر بروو هنديءَ‘ جو نالو پڻ ڏنو آهي. سُر بيراڳ هنديءَ جي ڪجهہ دوهن ۾، ڪبير ڀڳت، دادو ديال، تلسي داس جو نالو پڻ اچي ٿو. هن سُر بابت محققن جو خيال آهي تہ هن سُر ۾، شاھ لطيف جو ڪلام ناهي.
مرزا قليچ بيگ، پنھنجي ڪتاب، ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘ ۾سُر بيراڳ هنديءَ بابت لکي ٿو: ”هن سُر ۾ شاھ صاحب جي ڪا بہ تصنيف ڪانهي، رڳو مثنوي ۽ ٻين پارسي ڪتابن مان شعر چونڊي ڪڍيا ويا آهن.“
(بيگ،2006ع، ص:138)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي راءِ موجب: ”هن سُر ۾ شاھ عبداللطيف جو نالي ماتر بہ بيت ڪونهي. ڪيترن مشھور هندي شاعرن، جھڙوڪ گرو نانڪ صاحب، ڪبير ڀڳت، دادو، سمن، پرمانند، ڪالو وغيرہ جي ٻاڻين جو انتخاب ڏنل آهي. سُر جي پڇاڙيءَ ۾ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جي جدا جدا دفترن مان، اوليائن جي ساراھ وارا بيت درج ڪيا ويا آهن، ۽ آخري وائي، مشھور حڪيم سنائيءَ جي تصنيف ڪيل مناجات آهي.“
(گربخشاڻي، 1985ع، مقدمو، ص:76)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي سھيڙيل ’شاھ جي رسالي‘ جي جلد ڏهين ۾، ’شاھ جي رسالي‘ ۾ آيل ڌاريي ڪلام بابت، تفصيل سان بحث ڪيو آهي، اُن سمورن محققن جي راءِ ڏيڻ کان پوءِ، جيڪو نتيجو ڪڍيو ويو آهي، تنھن کي، هن ريت قلمبند ڪيو اٿائين:
”مٿئين تفصيل مان معلوم ٿيو تہ جدا جدا رسالن ۾ شاھ صاحب جي پنھنجي ڪلام کان سواءِ، سٺ کان وڌيڪ ٻين شاعرن جو ڪلام پڻ موجود آهي. انهن مان ٻارهن تيرهن اهي شاعر آهن، جن جو ڪلام فارسي، پنجابي يا هندي ۾ آهي... ان کان سواءِ ڏهن فقيرن ۽ ساڌو سنتن ڪبير، نانڪ، دادو، سمن، هلال، شرفا، احمد، تلسي، ڪاهو، ڪالو جا هندي اردو دوها سُر بيراڳ هندي ۾ شامل آهن.“
(بلوچ، 1996ع، جلد ڏهون، ص: 58)
سُر بيراڳ هندي، چئن فصلن، 154 بيتن ۽ 9 وائين تي مشتمل آهي، جن ۾، وڇوڙي ۽ ميلاپ، پريت ۽ محبت، حُسن ۽ خوبصورتي، ڀڳتي ۽ تصوف جو فڪر بيان ڪيو ويو آهي. هي سُر، مرزا قليچ بيگ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، شوقيرام تاراچند ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل، شاھ جي رسالن ۽ ممتاز مرزا جي سنواريل گنج ۾ موجود آهي.(ساڳيو ڪلام سگهڙ الهداد جنجهي ۽ محمد قاسم راهمون پاران سھيڙيل ’گنج‘ ۾، سُر بروو هنديءَ جي نالي سان ڏنو آهي)
پِي پِي ڪرون پيا نہين، پي گيا پرديس،
ڳل وچ ڪفني، ڀَڀُوت لگا ڪي، ڦِرُون ديس بديس.
(بلوچ، نبي بخش، خان، ڊاڪٽر، 2012ع، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بيراڳ هندي، فصل 1، بيت 29، ص: 445)
سُر ڍول مارئي:
هي سُر، ڍول مارل جي عشقيہ داستان تي آڌاريل آهي. هي قصو عُمر مارئيءَ جي قصي کان اٽڪل ٻہ صديون اڳ، سومرا دؤر جي پھرئين دؤر جي حاڪم، همير سومري جي دور جو چيو وڃي ٿو. هن قصي جو مکيہ مرد ڪردار ’ڍولو نرور‘ جو پيءُ اُنڙراءِ، ڍٽ جو حاڪم هو، ۽ عورت ڪردار’مارل‘ جو پيءُ پنگل راءِ کائڙ واري پاسي جو راجا هو. هو ٻئي پاڻ ۾ ويجها دوست هئا. انهن، ڍولي نرور ۽ مارل جي سڱاوتي اُن وقت ڪئي هئي، جڏھن ٻئي اڃا پيدا نہ ٿيا هئا. وقت گذريو ۽ سندن وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا، تنھن ڪري ڍولو نرور ۽ مارل پاڻ ۾ ملي نہ سگهيا. گهڻي وقت کان پوءِ، ڍولي نرور پنھنجي مڱيندي، مارل کي ڳولهي لڌو ۽ ساڻس لائون لڌيون، پر رستي مان همير سومري، مارل کي کڻائي پنھنجي ڪوٽ ۾ بند ڪيو، جتان ڍولي نرور وڏن حيلن وسيلن سان مارل کي آزاد ڪرائي پنھنجي ملڪ وٺي ويو.
شاھ جي رسالي جي سُر ڍول مارُو ۾، ڍولي نرور ۽ مارل جي عشق، سندن جدائي ۽ ڏکيائن جو ذڪر ڪيل آهي. هي سُر، محمد قاسم راهمون ، سُگهڙ الهداد جنجهي، ممتاز مرزا پاران سھيڙيل ۽ سنواريل ’گنج‘ ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ، مرزاقليچ بيگ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پاران ترتيب ڏنل شاھ جي رسالن ۾ ڏنل آهي. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ هن سُر بابت لکي ٿو: ”هن سر جي دوهن ۾ ڍول ۽ ماروي جي محبت جو داستان سمايل آهي. اصل ۾، هي سنڌ سان لاڳو، مارواڙ ملڪ جي نرور واري پرڳڻي جو داستان آهي، پر هت جيڪي بيت آهن سي سنڌ جي سڄاڻ سگهڙن جا چيل آهن: انهن مان ڪي اصل جا چيل آهن ۽ ڪي انهن جي ڀران چيل آهن.“
(بلوچ، 2009ع، ص:448)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي بہ هن سُر کي شاھ لطيف جو ڪلام نٿو مڃي، سندس رايو آهي تہ، هن سُر جي ٻولي، ڍاٽڪي آهي، ۽ ڀٽ واري نسخي ۾ بہ موجود ناهي، تنھن ڪري هي شاھ لطيف جو ڪلام نٿو ٿي سگهي.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، سُر ڍول ماروي جي راڳ بابت هن ريت لکي ٿو: ”سُر ’ڍول مارُو‘ جيسلمير ۾ تمام گهڻو ڳايو وڃي ٿو. هن ڪھاڻيءَ جا دوها، راڳ ’پرچ‘ ۾ ڪيترين صدين کان ماڙيچا گهراڻي وارا، لوڪ موسيقيءَ ۾ ڳائيندا آهن. هن سُر جي سرگم وسيلي، آروهي، امروهي پيش ڪجي ٿي:
آروهي: ني، سا، گي، مي، پاڌا، ني سا.
امروهي: سا، ني، ڌا، پا، مي، پا، ڌا، پا، گي، ما، گي، مي، گي، راسا.
(سنڌيانا، 2012ع، ص:442)
نموني طور سُر ڍول ماروي جا ڪجهہ بيت ڏجن ٿا:
اُتر واء کِوَندي پهلِي موسم ميہِ
ٻالاپَڻ رو نِيہَ، واَلا جِمَ وساريين.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڍول ماروي، بيت 1، ص:448)
ڍاڍِي جي ڍول مِلي، تہ ڍولا نِي ڪَهيج،
کَرسَڻَ پَڪو، ڪَڻ ڇَڻيو، لائو آپ ڪَريج.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڍول ماروي، بيت 4، ص:448)
سُر ڌَناسري:
هن سُر ۾، نعت، صفت ۽ ساراھ جا بيت چيل آهن. هن سُر ۾، حضرت نبي ڪريمﷺ ، ملتان جي ولي غوث بھاءُالدين ذڪريا، بادشاھ پير دستگير، سيد عبداللطيف عرف قادري، شاھ ڪريم، شاھ حبيب ۽ خود شاھ لطيف جي ثنا ۽ ساراھ ۾ بيت چيل آهن.
هي سُر، ممتاز مرزا، محمد قاسم راهمون، سگهڙ الهداد جنجهي جي سھيڙيل، گنج ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، مرزا قليچ بيگ، شوقيرام تاراچند، غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مرتب ڪيل شاھ جي رسالن ۾ موجود آهي.ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ سُرڌناسريءَ بابت هن طرح لکيو آهي: ” هن سر ۾ خود شاھ عبداللطيف جي مدح ۾ بيت چيل آهن، ۽ پڻ ڪٿي ڪٿي شاھ حبيب ۽ شيخ عبدالقادر جيلاني وغيرہ جي ساراھ ڪيل آهي. شڪ نہ آهي تہ اهي بيت ڪن فقيرن ۽ مريدن جا لکيل آهن.“
(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 92)
سُر ڌناسريءَ مان مثال طور ٻہ بيت:
مَدِيني جا مِيرَ، سُڻُ منھنجا سَڏَڙا
جي سَرَنِ تنھنجيءَ سِيرَ، پارِ لَنگهايين پَهِيڙَا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 1، بيت 1، ص: 422)
تون داڙوُ ٿي دَرگاھ ۾ حضرتَ پِيرَ هَلي
ميران شاھ مَلِي، مدد ڪَرِ مُريدَ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڌناسري، داستان 3، بيت 5، ص: 425)
سُر رامڪلي:
جوڳين، سنياسين، لاهوتين ۽ ڪاپڙين جي ذڪر سان سينگاريل هن بي بہا سُر ۾ ڏنل ڪلام جي هڪ حصي تي لطيفيات تي تحقيق ڪندڙ ماهرن جو اعتراض آهي. ممتاز مرزا پاران سنواريل گنج، سگهڙ الهداد جنجهيءَ، محمد قاسم راهمونءَ پاران سھيڙيل گنج، مرزا قليچ بيگ، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ، شوقي رام تاراچند، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾ جوڳين سان گهاريل ٽيھن ڏينھن جو سراسري ذڪر ملي ٿو. جڏهن تہ ڪن مرتبن، پنھنجن سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾، سُر رامڪليءَ جي آخر ۾ هڪ ٽيھ اکري پڻ شامل ڪئي آهي، جنھن بابت شاھ لطيف تي کوجنا ڪندڙ محققن اعتراض واريو آهي. سندن چوڻ آهي تہ، ٻارهن کان وڌيڪ ڏينھن جي احوال وارا بيت ۽ ٽيھ اکري شاھ لطيف جو ڪلام ناهي. هن سلسلي ۾ ڊاڪٽرهوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو تہ، پراڻن رسالن ۾ سُر راملڪيءَ جي داستان ٻئي ۾ جوڳين سان گهاريل ٻارهن ڏينھن جا بيت هئا، جن کي پوءِ جي ڇاپن ۾ وڌائي ٽيھ ڏينھن پورا ڪيا ويا. اهي زائد بيت، شاھ لطيف جي هڪ مُريد ولي محمد هاليپوٽي جا چيل آهن. سندن چوڻ موجب رامڪليءَ جي ٽيھ اکري پڻ شاھ لطيف جي چيل ناهي.
ٽيھ اکري، سنڌ ۾ گهڻي آڳاٽي وقت کان رائج آهي، جنھن کي فارسي ٻوليءَ ۾ سِي حرفي چيو ويندو آهي. هي نظم، الف ب جي اکرن تي سلسلي وار چيو ويندو آهي، جنھن ۾ مداحون چيون وينديون آهن. شاھ جي رسالي جي سُر رامڪليءَ ۾ ڏنل هن ٽيھ اکريءَ ۾، جوڳين ۽ تصوف جي نڪتن جي اُپٽار ڪيل آهي، جيڪو عام طور تي سُر رامڪليءَ جو موضوع آهي.
سُر رامڪلي ۾ ڏنل ٽيھ اکريءَ مان ٻہ مثال هيٺ ڏجن ٿا.
اَلفُ اَکرُ مَنَ ۾ ڪِئو ڪاپَڙِيَنِ
سي حَرفَ ڌاران هيڪَڙي ٻِئو ڪِينَ ٻُجھَنِ
فرضُ فَنا فِي الله جو عَينَ عِبادَتَ اُنِ
’قُل هُو اللهُ اَحدُ‘ ٿا منجهان پِرت پَڙھَنِ
سَعادَتَ سَرِيَنِ، گُرَ کي گَڏِئا ڪاپَڙِي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، ٽيھ اکري بيت 1، ص: 330 - ب)
جِيمِ ئون جوڳيئَڙَن جي جان نہارِيَمِ جُوءِ
عقلُ اُتِ اوجھُون ٿِئو، هُوءِ ھَلِئا مَٿي هُوءِ
مونکي اِنَ مَذڪُورَ جي باسَ نہ پيئِي بُوءِ
’الحُبُ للهِ و البُغضُ لله‘ خاصِي سَنديَنِ خُوءِ
وڃي رُوءِ بَرُوءِ، گُر کي گَڏِئا ڪاپَڙي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، ٽيھ اکري، بيت 5، ص: 330 - ب)
سُر سسئي آبريءَ ۾ ٽيھ اکري:
هنن بيتن بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي جو چوڻ آهي: ”هيٺيان سُر ۽ داستان جي گهڻو ڪري سڀني نسخن ۾ نظر اچن ها، سي گهڻي تفحص ۽ غور کان پوءِ، ۽ بيروني ۽ اندروني ثابتين بعد معلوم ٿيو آهي تہ شاھ جو ڪلام نہ آهن.“
(گربخشاڻي، (مقدمو)، 2012ع، ص: 91)
ڊاڪٽر نبي بخش خان پاران مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ (ڇاپو 2009ع)، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ جي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ (ڇاپو 1999ع) ۾ اهي بيت ڏنل آهن.
مثال طور هڪ بيت:
اَلفُ اکرُ هيڪڙو، سَسُئِي ڪِئو صَحِي
هَلي هوتَ پُنوھ ڏي، ڪافَن مَنجھ ڪَهِي
رانئي راتِ رَهِي، پَسي مان پُنوھ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ٽيھ اکري سسئي، بيت 1، ص: 451)
سُر شينھن ڪيڏارو:
هن سُر ۾، شينھن، ڪُتي، هاٿي ۽ ڪجهہ ٻين جانورن جون عادتون ۽ صفتون بيان ٿيل آهن، ان کان سواءِ تمثيلي طور هن سُر ۾ بھادري ۽ شجاعت جي ڳالهہ ٿيل آهي.
هي سُر، مرزا قليچ بيگ، شوقيرام تاراچند، علامہ غلام مصطفيٰ قاسمي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ٻانھون خان شيخ جي سھيڙيل ’شاھ جي رسالي‘ ۽ ممتاز مرزا، محمد قاسم راهمون، سگهڙ الهداد جنجهيءَ جي سھيڙيل گنج ۾ ڏنل آهي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سُر شينھن ڪيڏارو کي، شاھ لطيف جو ڪلام نٿو سمجهي، هو لکي ٿو:
”سُر شينہ - ڪيڏارو اوائلي دؤر جي رسالن ۾ موجود آهي، جنھن مان ظاهر آهي تہ اهي بيت آڳاٽي وقت کان هلندا آيا، موضوع، ٻولي ۽ سٽاءُ مان معلوم ٿئي ٿو تہ اهي شاھ جي دؤر کان اڳ جا آهن ۽ اوئلي دؤر جي رسالن ۽ وچين دؤر جي گهڻن رسالن ۾ شينہ ڪيڏاري جا اهي بيت موجود آهن. ظاهر آهي تہ عاقلن، سگهڙن جي رس ڀَرِي رهاڻ ۾ اهي بيت آڳاٽي وقت کان وٺي عام مقبول رهيا آهن.“
(بلوچ،1996ع، جلد ڏهون، ص:834)
سُر شينھن ڪيڏارو ۾، ’ڪيسر‘ يعني ’شينھن‘ بابت بيت آهي تہ:
ڪُڙهَو ڪَيسَر وِياءُ، پسَسو واگهہ وِلاڙِئو،
ٻيٽو پاپَ مُلاءُ، ذرو ضايع نہ ڪَري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر،(1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ڏهون، سُر شينہ ڪيڏارو، فصل پھريون، بيت 4، ص: 208)
هن سُر ۾، ڪتي جون عادتون پڻ بيان ٿيل آهن.
جني سندو آهي، سي جي چؤنِسِ آءُ،
تہ لُڙَ لهريون ۽ واءُ، ڪُتي سڀ قبوليا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ڏهون، سُر شينہ ڪيڏارو، فصل پھريون، بيت 8، ص: 210)
سُر هير رانجهو:
هي سُر، سرائڪي ٻوليءَ تي ٻڌل ڪلام آهي، جنھن بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻيءَ پنھنجي مرتب ڪيل رسالي ۾ هن طرح لکي ٿو: ”هن سر جي ٻولي نہ ڪي نج پنجابڪي آهي، نڪي نج سرائيڪي، بلڪہ سيالڪي پيئي معلوم ٿئي. هير رانجهو جو قصو، ساري پنجاب ۾ اهڙو مشھور آهي، جھڙو عربيءَ ۾ ’ليليٰ ۽ مجنون‘ ۽ پارسيءَ ۾ ’شيرين ۽ فرهاد‘ انهن ٻنھي عاشقن جو قصو ڪيترن ئي پنجابي شاعرن نظم ڪيو آهي، جھڙوڪ: نامودر پتواري ۽ وارث شاھ وغيرہ. رسالي ۾ ڏنل قصو بہ ڪنھن انهيءَ طرف جي شاعر جو چيل آهي.“
(گربخشاڻي، 2012ع، ص: 92)
جڏهن تہ هن سُر بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو رايو آهي: ”هير رانجهي جو داستان، هن سر جو خاص موضوع آهي. پنجاب ۾ هي داستان ’هير‘ جي سر ۾ ڳايو وڃي ٿو، سنڌ ۾ اڪثر مانجھ جي سر ۾ ڳائجي، ۽ جوڳ جي سر ۾ پڻ ڳائن. هن سر هيٺ ڏنل بيتن مان گهڻا سڀ معياري سرائيڪي شاعريءَ جا مثالي بيت آهن. فصل ٻئي جي بيت يارهين ۾ شاعر نورنگ جو نالو آيل آهي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 435) ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ٻئي هنڌ لکي ٿو:”هير جي انهن گهڻن بيتن جو شاعر نورنگ نالي آهي، جيڪو ديري غازي خان جو لغاري هو.“
(بلوچ، 2014ع، ص: 849)
هي سُر ممتاز مرزا، محمد قاسم راهمونءَ ۽ سُگهڙ الهداد جنجهيءَ جي سھيڙيل گنج ۽ مرزا قليچ بيگ، شوقيرام تاراچند، غلام مصطفيٰ قاسميءَ، محمد عثمان ڏيپلائيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي سھيڙيل شاھ جي رسالن ۾ ڏنل آهي.
رانجهن والا زهر پيالا، ڳجهڙي آيم ڀاڄي
ماء پِيُو ڪَنُون چوري پِيتُم ڪِيتُم روح راضي
دِل دِي قضا دل ئِي ڄاڻي، تون ڪِيا ڄاڻِي قاضي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر هير رانجهو، فصل 1، بيت 1، ص: 435)
سُر ڪاپائتي:
هن سُر جي پڇاڙيءَ ۾ مَتِ جي نالي سان بيت، ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ واري رسالي ۾ ڏنل آهن، جنھن بابت محققن جو رايو آهي تہ هي شاھ لطيف جو ڪلام نٿو لڳي. هن بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي هن طرح لکي ٿو: ”اها مَتِ فقط ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنل آهي، ۽ پارسي نظم ’مسمط‘ جي طرز تي چيل آهي. اها پڻ شاھ جو ڪلام نہ آهي.“
(گربخشاڻي، 2012ع، ص:92)
جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ بہ سُر ڪاپائتيءَ ۾ آيل مَتِ کي شاھ جو ڪلام نٿو مڃي. سندس راءِ آهي تہ هن مَتِ جا چيل ٻاويھ منظوم بند، حافظ پنيي نالي سالڪ جا چيل آهن، جن کي ارنيسٽ ٽرمپ جي منشيءَ سندس پاران سھيڙيل شاھ جي رسالي ۾ داخل ڪيو.
مَتِ جو شروعاتي حصو هن طرح آهي:
واکاڻِيوُن واحِدَ رَب عَظِيم
ڪَرِ ٻانها کي حَمدُ حَڪِيمَ
صَلوَاتَ مَٿي مُحمدَ ڪَرِيمَ
مومِنَ پَڙھ تون قلبَ سَلِيمَ
سِر صَحابِنِ وارِئو وار
چَرکو چوري ڪَتِ ڪاتارِ!
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ڏهون، رسالي جو ڪلام، سُر ڪاپائتي، مَتِ 01، ص: 38)
شاھ جي رسالي ۾ موجود ڌارئين ڪلام جا شاعر
احسان فقير لانگاھ (وفات: 1897ع):
احسان فقير لانگاھ، ڪلهوڙن جي دؤر ۾، ٿي گذريو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي هن شاعر بابت، ڪا وڌيڪ ڄاڻ نٿي ملي پر ادبي تاريخن ۾، فقط ايترو ڄاڻايل آهي تہ پاڻ شاھ لطيف جو وڏو همعصر هو.
مختيار احمد ملاح، پنھنجي ڪتاب، ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ ۾، لکي ٿو :” احسان فقير هالن جو هو ۽ شاھ لطيف جو وڏو معاصر هو.“
(ملاح،2014ع، ص:133)
احسان فقير لانگاھ، هالن جو ويٺل هو، تنھن ڪري ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘ جلد پھرئين ۾ سندس نالو احسان فقير ’هالائي‘ لکيو آهي. جڏهن تہ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيا ۾، احسان فقير لانگاھ بابت هن ريت لکيل آهي:
”احسان فقير لانگاھ بابت تسلي بخش احوال نٿو ملي. شاھ جي رسالي جي سُر ڪيڏاري ۾ سندس بيت ملن ٿا. هڪ روايت موجب احسان فقير لانگاھ، سيوهڻ جو ويٺل هو، جو پوءِ لڏي اچي ٽنڊي الهيار ۾ رهيو، نير جو ڪم ڪندو هو. مصري شاھ نصرپوريءَ سان سندس صحبت هئي. 1315ھ/ 1897ع وفات ڪيائين.“
(سنڌيانا، جلد1، ص: 141)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، موجب احسان فقير، سيد عبداللطيف قادريءَ جو مُريد هو، سندس قبر، سيد عبداللطيف قادريءَ جي مزار کان ڏيڍ سئو فوٽ کن ڏکڻ اولھ طرف جدا ٿلهي تي آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو‘ جلد ڏهون جي مقدمي جي اڀياس مان اها ڄاڻ ملي ٿي تہ ’شاھ جي رسالي‘ ۾ سُر ڪيڏاري کان سواءِ ٻيا بہ ڪيترائي بيت احسان فقير لانگاھ جا آهن، جن مان هڪڙو بيت هي آهي.
پيرَ منھنجا مَلھڻا، واهَرَ ڪَرِ وَرِي،
اسان تو رِءَ ناھ ڪا ڳجھاندَرِ ڳَرِي،
دستَگِيرَ دَري، اُپَتِ ڪا احسانَ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘ جلد ڏهون، سُر ڌناسري، فصل ٽيون، بيت 13، ص: 200)
ڀڳت ڪبير (1440ع - 1518ع):
ڀڳت ڪبير، سنت هجڻ سان گڏوگڏ هڪ عظيم شاعر هو. سندس دوها، پنھنجو مٽ پاڻ آهن. ڀڳت ڪبير جو جنم چوڏهين عيسوي صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيو. گهڻن محققن جو رايو آهي تہ 1398ع ڌاري بنارس جي ڪاشي شھر جي نيرو ۽ نيما نالي بي اولاد جوڙي کي جمنا نديءَ جي ڪپ تي تازو ڄاول هڪ ٻار مليو، جيڪو وڏو ٿي ڀڳت ڪبير جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ 120 سالن جي ڄمار ۾ مگهر شھر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
(وڌيڪ ڏسو عنوان: متقدمين ۽ متاخرين، انسائيڪلوپيڊيا شاھ عبداللطيف ڀٽائي، جلد - 1، ص: 279)
شاھ لطيف، سماع جي محفلن ۾ پنھنجي مطالعي هيٺ آيل ٻين شاعرن جو ڪلام بہ جهونگاريندو هو ۽ سندس پاسي ۾ ويٺل فقير، هن کي شاھ لطيف جو ڪلام سمجهي لکندا هئا. ايئن پھريون ڀيرو جڏهن شاھ لطيف جو ڪلام سھيڙيو ويو تہ سندس ڪلام ۾ انهن سمورن شاعرن جو ڪلام بہ گڏجي ويو، جيڪي پاڻ (شاھ لطيف) ڳائيندا هئا.
ڀڳت ڪبير بہ ننڍي کنڊ جو هڪ وڏو ڪوي ٿي گذريو آهي، تنھن ڪري هُن جا دوها، جيڪي شاھ لطيف جهونگاريا، سي سُربيراگ هنديءَ ۾ درج ٿيا.
سُر بيراگ بابت ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ هن طرح لکيو آهي: ”سُر بيراگ بابت مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ’احوال شاھ عبداللطيف ڀٽائي‘۾ هن طرح لکيو آهي، ’هن سُر ۾ شاھ صاحب جي ڪا بہ تصنيف ڪانهي، رڳو مثنوي ۽ ٻين پارسي ڪتابن مان شعر چونڊي ڪڍيا آهن.‘
(گربخشاڻي، 1993ع، ص: 76)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي وڌيڪ لکي ٿو:
”سُر بيراگ هندي‘، هن سر ۾ شاھ عبداللطيف جو نالي ماتر بہ بيت ڪونهي. ڪيترن مشھور هندي شاعرن، جھڙوڪ: گرو نانڪ صاحب، ڪبير ڀڳت، دادو، سمن، پرمانند ۽ ڪالو وغيرہ جي ٻاڻين جو انتخاب ڏنل آهي.“
(گربخشاڻي، 1993ع، ص: 70)
حَدِ حد چلي سڀ ڪو، بيحد چلي نہ ڪوءِ،
بي حد ڪي مَيدان ۾، کڙا ڪبير روءِ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُرود بيراڳ، بيت 2، ص: 429 )
اري ڪبيرِ اُتِ مريين، جِتِ ڪُوڪَ نہ سڻي ڪو،
ماسُ جَناوَر کائيين، ڌرمُ صروف هوءِ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُرود بيراڳ، بيت 19، ص: 431)
سُر بيراگ هندي، گنج کان سواءِ، مرزا قليچ بيگ، شوقيرام تاراچند، علامہ غلام مصطفيٰ قاسميءَ، الهداد جنجهيءَ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نئين مرتب ڪيل رسالي ۾ موجود آهي.
تُلسي داس (1532ع - 1628ع):
سنسڪرت ۽ هندي ٻوليءَ جي مھاڪويءَ، تلسي داس جو جنم، 1532ع ۾ ٿيو. پاڻ ڀڳتي تحريڪ جو وڏو پيروڪار هو. سندس شاعريءَ ۾ سوز ۽ گداز ڀريل آهي. پنھنجيءَ حياتيءَ ۾، تلسيداس، مغل بادشاھ اڪبر جي خاص سپھ سالار مرزا عبدالرحيم خان خانان جي تمام گهڻو ويجهو هو، جيڪو پاڻ بہ هندي ٻوليءَ جو شاعر هو. تلسي داس هندن جي ڌرمي پستڪ، ’رامائڻ‘ کي ٻيھر نظم جو ويس پارايو، جيڪو هڪ ڪلاسڪ جو درجو رکي ٿو. تلسيءَ جي وفات، 1628ع ۾ ٿي.
شاھ لطيف جي ڪلام ۾ هن مھان ڪويءَ جا بہ ڪي دوها گڏجي ويا آهن، جيڪي اڄ بہ شاھ جي ڪيترن ئي رسالن ۾ موجود آهن. مثال طور هيٺ تلسي داس جا ڪجهہ دوها ڏجن ٿا:
تُلسِي! طلبَ نہ ڇوڙيين وِھ چَرِني جي نامُ،
مَنگُ مزوري ديتا هَئي، ڪيا راکي ڀڳوان.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سرود بيراڳ، بيت 12، ص: 431)
پَرڌَنُ پٿرُ ڪَرجانُ، پَرَ نارِي ماتُ سَمَانُ
اِتِ ڪِيين هَرِ نہ مِلي، تہ رَسي داسُ ضَمانُ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سرود بيراڳ، بيت 18، ص: 431)
تمر فقير :
تمرفقير شاھ لطيف جي پھرين خليفن منجهان هڪ آهي، جنھن شاھ لطيف جي صحبت ۾ روحانيت جي منزل ماڻڻ سان گڏ سندس ڪلام ڳائڻ ۾ پڻ مھارت حاصل ڪئي.
(وڌيڪ تفصيل ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي، انسائيڪلوپيڊيا، جلد پھريون، ص:167)
تمر فقير شاھ لطيف جو ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ پاڻ بہ بيت چوندو هو.
مختيار احمد ملاح، پنھنجي ڪتاب ’سنڌي ادب جي تاريخ جو جديد مطالعو‘ ۾ لکي ٿو، ”تمر فقير سنڌي ۽ سرائڪيءَ ۾ شاعري ڪئي آهي، سندس شاعري جو اڪثر مرڪز مرشد جي ثنا رهي. هن بيتن ۽ واين ۾ پنھنجي اظھار جو ذريعو ڳولهي لڌو ۽ سندس بيتن جي خاص ڳالهہ اها آهي تہ اهي علم عروض تحت آهن.“
(ملاح، 2014ع،ص:158)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، پنھنجي کوجنا جي آڌار تي ’شاھ جي رسالي‘ جي مختلف سُرن ۾ موجود ڪيترن ئي بيتن کي تمر فقير سان منسوب ڪري ٿو، جن مان هڪ بيت مثال طور ڏجي ٿو:
ڪو نہ ڏيندو ڪو ٻئو للنِ رِيءَ لالُون،
تني رِيءَ، تمر چئي، ٿِيون جانِيُون زوالُون،
سارئو سنڀالون، اُني جِيون اڄُ ڪري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘، سُر ڪارايل، فصل ٽيو، بيت 10، ص:47)
حڪيم سنائي (1078ع - 1141ع):
حڪيم سنائيءَ جو پورو نالو، حڪيم ابوالمجد مجدد بن آدم سنائي، غزنوي هو، پاڻ 1078ع ۾ افغانستان جي شھر غزني ۾ پيدا ٿيو. مختلف مدرسن مان علم حاصل ڪيائين، کيس فلسفي، رياضي ۽ طب جي علمن جي وڏي ڄاڻ هئي.
تفسير، حديث ۽ فقہ جو پڻ گھرائيءَ سان مطالعو ڪيو هيائين. درس ۽ تدريس سان واڳيل هئڻ ڪري، ڪيترائي ڪتاب لکيائين، جن مان: 1. حديقة الحقيقت، 2. طريقة الحقيقت، 3. سير العباد الي المعاد، 4. مثنوي ڪارنامہ، 5. عقل نامه ۽ 6. عشق نامہ شامل آهن.
حڪيم سنائي، ابو يوسف حمداني جو مريد ۽ غزنيءَ جي بادشاھ، بھرام شاھ، جي درٻار سان واڳيل هو. شاعريءَ ۾ حڪيم سنائي قصيدي، غزل ۽ مثنوي جي صنف وسيلي پنھنجي خيالن جو اظھار ڪيو.
حڪيم سنائي، 535ھ موجب 1141ع ۾ وفات ڪئي. ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، شاھ جي رسالي ۾، حڪيم سنائيءَ جي هڪ فارسي مناجات ملي ٿي.
ڊاڪٽر گربخشاڻي سُر بيراڳ هنديءَ تي راءِ ڏيندي لکي ٿو” آخري وائي، مشھور حڪيم سنائيءَ جي تصنيف ڪيل مناجات آهي.“
(گربخشاڻي،1993ع،ص:91)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘ ۾، سُر بيراگ هنديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ هڪ حمد ڏني آهي، جنھن بابت سندس چوڻ آهي تہ اهو حڪيم سنائي جو ڪلام آهي.
نَتوان شَرح تو گُفتنِ، ڪِہ تو دَر فھم نہ گُنجِي،
نہ خوري نيز نہ خُسپتي، نہ گِاهي نہ فزائِي،
لَبُ دندلنِ ’سنائي‘، همہ توحيدُ تو گويد،
همہ را زِ آتِشِ دوزخ، ز ڪرم باد رَهائِي
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘، سُر بيراگ هندي، ڪلام فارسي، ص: 229)
خواجا محمد زمان لنواري وارو (1713ع - 1774ع):
خواجا محمد زمان لنواريءَ واري جي ولادت، 21 رمضان 1125ھ موجب 1713ع ۾ ٿي. سندس والد جو نالو شيخ عبداللطيف نقشبندي هو. پاڻ محمد خواجا ابوالمساڪين جو مريد ٿيو ۽ نقشبندي سلسلي جي صوفين ۾ وڏو نالو ڪمايائين. پاڻ 1774ع ۾ وفات ڪيائين.
(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا، جلد پھريون، ص: 292)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي، کوجنا موجب، شاھ جي رسالي ۾، خواجا محمد زمان لنواري واري جا 14 بيت شامل ٿيا آهن، جن مان مثال طور هڪ بيت ٻن ڪتابن ’شاھ جي رسالي‘ ۽ ’ابيات سنڌي‘ مان ڏجي ٿو.
عارِفَ ۽ عُشاقَ، پَسَڻُ گُهرنَ پِرينءَ جو،
جَنت جا مُشتاقَ، اَڃان اوراهَانِ ٿِئا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘، جلد ڏهون، سُر ڪلياڻ، فصل 2، بيت 5، ص: 2)
ساڳيو بيت ’ابيات سنڌيءَ‘ ۾ هن ريت لکيل آهي:
عارَف ۽ عُشاقَ، پَسَڻُ گُهرَنِ پِريَ جو،
جَنت جا مشتَاقَ، اڃا اوراهان ٿئا.
(سعيد حسن، پير، (1981ع)، ’ابيات سنڌي‘، بيت 6، ص: 30)
دادو ديال (1544ع - 1604ع):
هندي ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ جي هن مھا ڪويءَ جي حياتيءَ بابت مختلف تاريخدانن جا مختلف رايا آهن. هُو ڪير هو؟ ڪڏهن ۽ ڪٿي ڄائو؟ زندگيءَ جي گذاري لاءِ ڇا ڪندو هو؟ تنھن بابت سندس سوانح تي تحقيق ڪندڙ محقق اڄ تائين ڪنھن بہ هڪ راءِ تي متفق نہ ٿي سگهيا آهن.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا موجب، هن مھاڪويءَ جو جنم، سال 1544ع ۾، احمد آباد (گجرات) جي ڪپھ جي هڪ واپاري، لوڌي رام ناگر برهمڻ جي گهر ۾ ٿيو.
دبستان مذاهب موجب: ”دادو صاحب پيدائشي مسلمان هو.“
(اُپاڌيايہ، 1981ع، ص: 2)
ناليوارو صوفي عالم ڪشتي موهن سين بہ هن کي مسلمان مڃي ٿو. سندس خيال موجب، دادو ديال جو شروعاتي نالو دائود ۽ ان جي زال جو نالو حوا هو. سندس اولاد ۾ ٻہ ڇوڪرا ۽ ٻہ ڇوڪريون هيون.
ٻئي نظريئي موجب، کيس ننڍپڻ کان ئي پنھنجون شيون ٻين کي ڏيڻ جي عادت هوندي هئي. هُو سخي مڙس هو. سندس سخاوت ڏسي کيس دادؤَ جو نالو ڏنو ويو. دادو، فارسي ٻوليءَ جي لفظ ’دادن‘ مان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ڏيڻ.
دادو ديال، ڍاٽڪي، گجراتي، فارسي ۽ سنسڪرت جي ٻولين ۾ ڀَڙُ هو، پر ڪنھن مدرسي ۾ باقاعدہ پڙهڻ بابت ڪا پڪي ۽ مستند راءِ ملي نہ سگهي آهي. سندس پوئلڳن جو چوڻ آهي تہ، دادو ديال، مختلف وقتن ۾ مختلف جاين جو سير ڪندو رهيو، تنھن ڪري سندس مشاهدو تمام وسيع هو، جنھن ڪري سندس علم ۾ واڌارو ٿيو.
دادو ديال، اوڻيہن سالن جي ڄمار ۾ احمد آباد کان روانو ٿيو ۽ ڇھن ورهين تائين، گجرات ۽ راجسٿان واري پاسي سفر ڪندو رهيو. پنجويھن سالن جي عمر ۾، سانڀر واري علائقي ۾ پھتو. سانڀر شھر راجسٿان جي سانڀر نالي لوڻ جي مشھور ڍنڍ جي ڪناري تي آباد آهي.
دادو ديال، سڄي حياتي پنھنجي پگهر جي پورهئي تي گذران ڪندو رهيو، هُو ’گهري‘ کائڻ کي عيب سمجهندو هو، تنھن لاءِ چيائين تہ :
دادوُ روجي رام هئَه، راجق رجق همارا،
دادو اُس پرساد سون، پوشيا سب پروار،
مانگه نہ کائه نہين جگه آسا.
(اُپاڌيايہ، ڪاشينات، 1981ع، ’سنت دادوُ ديال‘ راڌا سوامي/ستسنگھ، بياس، ص: 6)
دادو ديال هن فاني دنيا مان سال 1604ع ۾ وفات ڪئي. هُو اڄ تائين بہ هندي ٻوليءَ جو تمام وڏو شاعر ڄاتو وڃي ٿو. شاھ جي رسالي جي سُر بيراگ هنديءَ ۾ دادو ديال جو ڪلام موجود آهي. ان بابت شاھ لطيف جي ڪلام تي سائنسي انداز ۾ ڇنڊڇاڻ ڪندڙ، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ لکي ٿو: ”هن سُر ۾، شاھ عبداللطيف جو نالي ماتر بہ بيت ڪونهي. ڪيترن مشھور هندي شاعرن، جھڙوڪ گرو نانڪ صاحب، ڪبير ڀڳت، دادو، سمن، پرمانند ۽ ڪالو وغيرہ جي ٻاڻين جو انتخاب ڏنل آهي.“
(گربخشاڻي، (مقدمو)، 2012ع، ص: 91)
دادو دعويٰ ڇوڙِ ڏي، بن دعويٰ دن ڪَٽِ،
ڪيتي سودي ڪو ڳَئي، اس پاساري ڪي هٽ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بيراگ هندي، بيت 14، ص: 429 ۽ 430)
دَادُو ايسي دُنيا انڌِلي، جيسي اَنڌِلي گهاءِ،
واڇِرا هُئا، سو مر گيا، کڙي چَامُ چٽاءِ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سرود بيراڳ، بيت 88، ص: 442)
دَادُو ده دَرپَنُ ڪَرو، ليڪنِ ڪَرُو سُونہڙاهِ
دو نينان تي گَسُ ڪَرو، تہ ديکِيو سِرجَڻمھارُ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُرود بيراڳ، بيت 89، ص: 442)
روحل فقير (1733ع - 1804ع):
روحل فقير جو اصل نالو، روح الله زنگيجو ۽ سندس والد جو نالو، شاهو هو. پاڻ 1733ع ۾ عمر ڪوٽ ۾ ڄائو ۽ 1804ع ۾ وفات ڪيائين.
(وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا، جلد پھريون، ص:348)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ’شاھ جي رسالي‘ ۾ هڪ بيت روحل فقير جو درج آهي.
نانگا ننگان نِڱِئا نانگن ڪونهي ننگُ،
نَڪي وَڄائِين سِڱيُون نڪو چورين چنگُ،
گنگا ۽ گَرنار جو سامين ٻَڌو سنگُ،
راوَلَ پَسِي رنگُ، ٿيا لاهوتي لطيف چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘ - رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون، سُر رامڪلي، فصل5، بيت 9، ص: 134) .
سيد عبداللطيف قادري (وفات: 1664ع):
سيد عبداللطيف قادري پراڻن هالن جو ويٺل هو. سندس ڄمڻ جي تاريخ نٿي ملي پر سندس وفات بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو: ”سيد عبداللطيف قادري، شاھ عبداللطيف جي ولادت 1102ھ/1690ع کان، ستاويھ سال کن اڳ، 1075ھ/1664ع ۾ وفات ڪئي.“
(بلوچ،1995ع، ص:29)
سيد عبداللطيف قادريءَ جي مزار، پراڻن هالن ۾ الهندي طرف ويندڙ رستي جي اترئين طرف آهي. سندس وڏا اصل بغداد جا ويٺل هئا، جتان ڏهين صدي هجريءَ ۾ سنڌ ڏانھن آيا. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، سيد عبداللطيف قادريءَ جي حسب نسب بابت لکي ٿو: ” تصوف جي قادري طريقي جي باني مباني، جناب پير دستگير حضرت عبدالقادر جيلاني جي اولاد مان هڪ بزرگ، شھاب الدين قاسم نالي ڏهين صدي هجري ۾ بغداد مان سنڌ ۾ آيو ۽ هت خاص طرح ڀيان ۽ هالا قبيلن وارا سندس مريدي خادمي ۾ داخل ٿيا. هو صاحب، وقت بوقت سنڌ ۾ پئي آيو ۽ وري واپس بغداد ٿي ويو. سندس فرزند عبداللطيف غالبا سنڌ ۾ ڄائو ۽ ٻال جتيءَ کان وٺي سنڌ ۾ رهيو.“
(بلوچ، 1996ع، ص:28)
سيد عبداللطيف قادري، سنڌ ۾ ڄائو، ڪيترائي ڀيرا بغداد جو سفر ڪري هالن کي پنھنجي تلقين ۽ تبليغ جو مرڪز بڻايائين. سيد عبداللطيف قادري، تصوف جي قادري طريقي سان واڳيل رهيو. قادريي طريقي ۾ کيس شيخ يا مرشد جي حيثيت حاصل هئي.
ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي کوجنا موجب ’شاھ جي رسالي‘ جي سُر ڪيڏاري ۽ سُر ڌناسريءَ ۾، سيد عبداللطيف قادري جا ڪجهہ بيت درج ٿيل آهن، جن مان گهڻا حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي ساراه ۾ چيل آهن.
ميران شاھ مَددَ ٿيءُ، تون جيلاني جاڳُ،
غوثَ خطائُون گَم ڪَرِ، پيرِ اسان ڏي ڀاڳُ،
سِگهہ وِار سَڀاڳُ، سائينءَ لَڳَ سيَدُ چَئي.
(بلوچ نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘ سُر ڌناسري، فصل 3، بيت1، ص: 199)
شاھ حبيب (وفات: 1731ع):
شاھ حبيب، شاھ لطيف جو والد هو. شاھ حبيب جي جنم جي تاريخ بابت ڪا ڄاڻ نہ ملي سگهي آهي، پر وفات 1731ع ۾ ٿي.
(وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلوپيڊيا، جلد1، ص:133)
شاھ حبيب، ڪڏهن ڪڏهن بيت پڻ چوندو هو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب، شاھ حبيب جو هڪ بيت ’شاھ جي رسالي‘ ۾ درج ٿيل آهي.
آيَلِ ٻاروچَنِ جو رويو پڇان راهُ،
وارِي وَسِي واٽَ وَئِي، مٿان موريو گاھ،
مِرُوئَنِ ڪريان منٿُون، کِين نہ مُهنجو ماهُ،
هيڪِلِيُن حَبيب چئي ٻيلي آه اللهُ،
سَرتُيون وڃي ساهُ، تہ ٿيان حوالي هوت جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر،(1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘ - رسالي جو ڪلام‘ سُر ديسي، فصل 4، بيت 14، ص: 73)
شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1538ع - 1622ع):
شاھ ڪريم بلڙيءَ وارو، شاھ لطيف جو تڙڏاڏو هو. هو اساسي سنڌي شاعريءَ جي اوائلي شاعرن ۾ وڏي نالي طور سڃاتو وڃي ٿو. ڪيترن ئي محققن پاران اهو ثابت ڪيو ويو آهي تہ، شاھ ڪريم جو ڪلام، شاھ لطيف سان ساڻ هوندو هو، تنھن ڪري سندس شاعري ۽ فڪر جو اثر شاھ لطيف تي نمايان طور نظر اچي ٿو.
(وڌيڪ ڏسو جلد پھريون، عنوان: ’شاھ لطيف جا متقدمين، همعصر ۽ متاخرين‘، ص:269)
شاھ لطيف جي ڪلام ۾، شاھ ڪريم جا ڪيترائي بيت گڏجي ويا آهن، جن کي شاھ لطيف جي فقيرن، شاھ لطيف جو ڪلام سمجهي گڏي ڇڏيو هو. هن بابت انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ هن ريت لکيل آهي: ”شاھ عبدالڪريم جا ڪيترا بيت شاھ جي رسالي ۾ بہ گڏجي ويا آهن.“
(سنڌيانا، جلد پھريون، 2009ع، ص: 466)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، پنھنجي مرتب ڪيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ لکيو آهي تہ: ”اٽڪل پنجاھ کن بيت، شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جا ۽ چار بيت قاضي قاضن جا بہ رسالي ۾ جا بجاءِ داخل ڪيا ويا آهن.“
(گربخشاڻي، 1993ع، ص: 91)
هيٺ، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جا ڪجهہ اهڙا بيت ڏجن ٿا، جيڪي شاھ لطيف جي ڪلام ۾ موجود آهن:
سوئِي هيڏان، سوئِي هوڏان، سوئِي مَنِ وَسٖي،
تي هِين سندي سوجَهري، سوئِي سو پَسٖي.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 15، ص: 55)
سوئِي هيڏَ نہَ، سوئِي هوڏَنہَ، سوئي مَنِ وَسي
تہين سَندي سوجهَري، سوئِي سو پَسي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو‘، رسالي جو ڪلام، جلد ڏهون، سُر ڪلياڻ، فصل ٻيو، بيت 11، ص: 2)
هـٖي ڪَنَ گَڏَهڻان وڪِڻِي، ڪَنَ ڪـٖي ٻئا ڳنِيج،
سَندِي پِرِيان ڳالَڙيِ، تنِين سيٖن سُڻيجِ.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 35، ص: 72)
هي ڪَنَ گاڏِهان وِڪِڻِي، ڪَنَ ڪي ٻِيا ڳِنہيجِ،
تَنِين ساڻُ سُڻِيجِ، پِرِيان سَندِي ڳالهڙِي.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 23، ص: 798)
هَنجھ تِتَئِين هوءِ، اُوٺي ۾ اوڙاھ جو
اِي ڪانٖيرو ڪوءِ، جو ڇاڇرِ ۾ ڇيروُن ڪَري.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 45، ص: 81)
ساڳيو بيت گنج ۾ ٿوري بدليل صورت ۾ هن طرح موجود آهي:
اونھي ۾ اوڙاھ جو، هَنجھ تِتہين هوءِ،
اِيءُ ڪانيرو ئي ڪوءِ، جو ڇَاڇرِ ۾ ڇيڙون ڪري.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪارايل، بيت 20، ص: 835)
شاھ لطف الله قادري (1611ع - 1679ع):
شاھ لطف الله قادري، 1020ھ موجب 1611ع ۾ ڄائو، اگهم ڪوٽ جي اعليٰ درسگاهن ۾ تعليم ۽ تربيت حاصل ڪرڻ کان پوءِ راھ طريقت سان لاڳاپجي ويو. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لکي ٿو:
”شاھ لطف الله، پنھنجي تعليم جي تڪميل بعد راھ طريقت ڏانھن مائل ٿيو ۽ قادري سلسلي سان وابستہ ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي علمي فضيلت ۽ ذاتي بزرگيءَ جي ڪري خود قادري طريقي جو مرشد ۽ شيخ واري منزل تي پھتو.“
(بلوچ، 1968ع، ص: 11)
شاھ لطف الله قادري 1090ھ موجب 1679ع ۾ وفات ڪري ويو.
(وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو : شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا، جلد پھريون، ص:270)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب، شاھ لطف الله قادريءَ جا ڪي بيت ’شاھ جي رسالي‘ ۾ داخل ٿيا آهن، جن مان هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
راهَ شَرِيعَتَ هَلِئا، تَفَڪَرُ طَريقونِ،
حالَ حقيقَت رَسِئا، معَرفَتُ ماڳون،
ناسُوت، مَلَڪُوتُ، جَبرُوت، اِيءُ انعامونِ،
پَسُ لاهُوتَ لنگهيون، هاهُوت مَٿي هلئا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘، جلد ڏهون، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 1، ص: 130)
قاضي قادن (وفات 1551ع):
قاضي قادن، سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جو هڪ وڏو نالو آهي. اسحاق آهنگر کان پوءِ، قاضي قادن ئي آهي، جنھن جو ڪلام صحيح سلامت حالت ۾ مليو. جيتوڻيڪ سندس ڪلام اڳ ۾ بيان العارفين ۽ شاھ جي رسالي ۾ گڏجي ويو هو، پر پوءِ نالي وا ري محقق، هيري ٺڪر جي کوجنا، سنڌي ادب کي پنھنجي هن اساسي شاعر جي ڪلام کان واقف ڪيو. قاضي قادن جي ولادت بابت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن طرح لکيو آهي: ”راقم 1990ع ۾، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي مختصر تاريخ‘ ۾، سالن بابت ڏنل حوالن جي ڪٿ ڪندي، سندس ولادت جو سال 870 ھ (1445ع) ڄاڻايو هو؛ اهوئي سال مناسب معلوم ٿئي ٿو.“
(بلوچ، 1999ع، ص: 17 ۽ 18)
قاضي قادن، بکر ۾ ڄائو هو ۽ تعليم بہ اُتي ئي پرايائين، تنھن ڪري کيس بکري بہ سڏيندا هئا. ميران محمد جونپوري جڏهن سنڌ ۾ آيو، تڏهن قاضي قادن سندس مريد ٿيو ۽ مهدوي تحريڪ سان لاڳاپجي ويو. ارغونن جي سنڌ فتح ڪرڻ کان پوءِ سنڌ جو ’قاضي القضات‘ مقرر ٿيو. مير معصوم جي لکڻ موجب قاضي قادن، 958ھ 1551ع ۾ وفات ڪئي.
(وڌيڪ ڏسو جلد پھريون، عنوان: ’شاھ لطيف جا متقدمين، همعصر ۽ متاخرين‘، ص: 272)
قاضي قادن جا ڪي بيت شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جي ڪلام سان گڏجي ويا، جيڪي ’بيان العارفين‘ وسيلي شاھ لطيف وٽ پهتا ۽ پوءِ فقيرن شاھ لطيف جو ڪلام سمجهي ’شاھ جو رسالو‘ ۾ درج ڪيا.
هيٺ ڪي اهڙا بيت ڏجن ٿا، جيڪي قاضي قادن جا سمجهيا وڃن ٿا ۽ شاھ جي رسالي ۾ بہ لکيل آهن:
ايڪ قَصرَ، دَرَ لَکَ، ڪوڙين سَهسين کِڙڪِيَان
جان ئي ڪَرِين پَرکَ، تان ئي سَڄڻَ سامهان.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، ڀاڱو ٻيو، وحدت ۽ ڪثرت، بيت 4، ص: 77)
ايڪُ قَصَرُ، دَرَ لَکَ، ڪوڙِييٖن ڪَڻِسِ ڳِڙکِيُون،
جيڏانھن ڪريان پَرَکَ، تيڏانھن صاحبُ سامُهون.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 23، ص: 70)
جو گِهڙي سو ني، ڪو جو قَهَرُ ڪَلاچَ ۾
خبر ڪو نہ ڏي، رَڇُ ڪُڄاڙي رَنڊِيو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، ڀاڱو ٻيو، سُر گهاتو، بيت 1، ص: 106)
ڪو جو قَهرُ ڪَلاچَ ۾، جو گِهڙي سو نئِي،
خَبَر ڪونَ ڏِئي، تہ رَڇَ ڪُڄاڙي رَنڊِيا؟
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 3، ص:632)
جڏهن تہ پھرين اهو بيت، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، قاضي قادن کان بہ ڪنھن اڳ جي سالڪ جو ڄاڻايو هو.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي (1739ع - 1778ع):
مخدوعبدالرحيم گرهوڙي 1152ھ موجب 1739ع ۾ ڄائو ۽ چاليھ ورهين جي ڄمار ۾ 1192ھ موجب 1778ع ۾، خيرپور رياست جي ريگستان واري ٽڪر ۾ ، مھاديو جي مڙهيءَ خلاف وڙهندي شھيد ٿيو.
مخدوم عبدالرحيم گرهوڙي، پنھنجي وقت جو وڏو عالم ۽ شاعر هو. مذهبي علمن تي کيس دسترس حاصل هئي.
( تفصيل لاءِ ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائڪلوپيڊيا، جلد پھريون، ص:412)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق موجب ’شاھ جي رسالي‘ جي مرتبن، مخدوم عبدالحريم گرهوڙيءَ جا 13 بيت، شاھ لطيف جو ڪلام سمجهي، ’شاھ جي رسالي‘ ۾ لکيا آهن، جن جو هڪ بيت مثال طور هيٺ ڏجي ٿو:
هِنيَڙا هِندوءَ جوءِ کان هِيڻوُ هَڏِ مَ ٿِيءُ،
پِرتِ پيالو پيءُ، ماٺِ ڪَري پَئُہ مَچَ ۾.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘، سُر آسا، فصل 5، بيت 6، ص: 154)
ساڳيو بيت ’ڪلام گرهوڙي‘ جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ هن ريت لکيل آهي.
هِنيَڙا هِندوءَ زال کان، هارِيا هِيٺِ مَ ٿِيءُ،
پِرتِ پيالو پِيءُ، ماٺ ڪَري پؤُ مَچَ ۾.
(دائود پوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1995ع)، ’ڪلام گرهوڙي‘ سُر يمن ڪلياڻ، بيت 19، ص: 19).
مخدوم نوح سرور هالائي (1505ع - 1591ع):
مخدوم نوح جو اصل نالو، مخدوم لطف الله هو، سندس والد جو نالو مخدوم نعمت الله هو. مخدوم نوح جو جنم 911ھ/1505ع ۾ ٿيو.
پاڻ عالم ۽ قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ مترجم هو. مخدوم نوح سرور پنھنجي دؤر جو اهم شاعر هو، سندس شاعريءَ ڪلاسيڪي ادب جو املهہ سرمايو آهي. پاڻ صديقي خاندان مان هو ۽ سندس خانداني طريقو سهروردي آهي.
(وڌيڪ تفصيل لاءِ ڏسو: شاھ عبداللطيف ڀٽائي انسائيڪلو پيڊيا، جلد پھريون، ص:273)
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي کوجنا موجب مخدوم نوح جو هڪ بيت، شاھ جي رسالي ۾ پڻ ملي ٿو:
نَظَرُ اَکڙَينِ، وڃَي پيو لاکَ تي،
ڪارو ڪِين پَسَنِ، مڙوئي ڪارو ٿئو.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (1996ع)، ’شاھ جو رسالو - رسالي جو ڪلام‘ سُر آسا، داستان2، بيت 13، ص:151).
مولانا جلال الدين رومي (1207ع - 1273ع):
مولانا جلال الدين رومي، فارسي ٻوليءَ جو هڪ وڏو صوفي شاعر ٿي گذريو آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’مثنوي رومي‘جي نالي سان مشھور آهي. هن پنھنجيءَ عمر جو ڳچ حصو انسان دوستيءَ جي پيغام پکيڙڻ ۾ صرف ڪيو.
مولانا روميءَ جو جنم، 604 هجري بمطابق 1207ع ۾ بلخ شھر ۾ ٿيو. وڏڙن سندس نالو ’محمد‘ رکيو. وڏو ٿيو تہ کيس ’جلال الدين‘ لقب مليو ۽ گهڻو وقت ’روم‘ ۾ گذارڻ جي ڪري رومي سڏجڻ لڳو.
مولانا جلالالدين روميءَ، پنھنجي ابتدائي تعليم پنھنجي والد، شيخ بھاءُ الدين بلخيءَ وٽان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ علم لاءِ ان وقت جو مشھور صوفي ’اتاليق‘ سندس استاد مقرر ٿيو. پاڻ حلب شھر جي ’جلاديہ مدرسي‘ ۾ بہ پڙهيو. جڏهن شمس تبريز قونيہ ۾ آيو، تہ مولانا جلال الدين رومي ساڻس گڏجڻ لاءِ وٽس لنگهي آيو ۽ ڏسندي ئي، شمس تبريز جي رنگ ۾ رڱجي ويو. واعظ ۽ تقريرون ڇڏي، سماع جي محفلن ۾ نچڻ لڳو. مولانا جلال الدين روميءَ، هن دنيا مان تاريخ، 672 هجري مطابق 1275ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
(وڌيڪ ڏسو جلد پھريون، عنوان: ’شاھ لطيف جا متقدمين، همعصر ۽ متاخرين‘، ص: 286)
شاھ لطيف تي کوجنا ڪندڙ سمورا ليکڪ ان ڳالهہ تي متفق آهن تہ، شاھ لطيف، مثنوي رومي پاڻ سان گڏ رکندو هو. ان جو مطلب آهي تہ، شاھ لطيف، مولانا جلال الدين روميءَ جو ڪلام پڙهي، اُن مان متاثر ٿيو هوندو. سُر يمن ڪلياڻ ۾ شاھ لطيف جا اهڙا بيت ملن ٿا، جن ۾ شاھ لطيف سڌو سنئون مولانا جلال الدين روميءَ جو نالو کنيو آهي:
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونھن سَرُ، اِيءُ رومِيءَ جِي رِهاڻِ،
پھرين وِڃائِڻُ پاڻِ، پَسَڻُ پوءِ پِرِيَنِ کي.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 13، ص: 108)
طالِبُ ڪَثَرَ، سُونھن سَرُ، اِيءَ رومِيءَ جي رُوءِ،
جَنِين ڏِٺِي جُوءِ، تَنِين ڪُڇيو ڪينِڪي.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 11، ص: 108)
ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، پنھنجي سھيڙيل ’شاھ جو رسالو‘ ۾ ’سُر بيراڳ هندي‘ بابت لکي ٿو: ”سُر جي پڇاڙيءَ ۾ مولانا جلال الدين روميءَ جي مثنويءَ جي جدا جدا دفترن مان اوليائن جي ساراھ وارا بيت درج ڪيا ويا آهن.“
(گربخشاڻي، (1993ع)، ص: 91)
مثال طور:
اوليا را هستِ قُدرتُ از الله،
تير جستہ باز گرداننده زِراه.
دَستِ رَا مَسپارِ جُز در دَستِ پِير،
حَق شدهَ رَو دَستِ اورا دستِگيرِ.
دستِ تو از اهلِ آن بيعت شوَدِ،
ڪہ يَدُ الله فوقَ ايديہم بُودِ.
(مرزا، ممتاز، (1995ع)، گنج، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بيراڳ، ص: 448)
ميون شاھ عنات رضوي (26 - 1621ع - 13 - 1708ھ):
سنڌ جي هن صوفي شاعر جي ولادت، سن 35 - 1030ھ/26 - 1621ع جي وچ واري عرصي ۾ ٿي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ موجب، شاھ خيرالدين جي وفات، 28 رمضان 1027ھ کان پوءِ شاھ عنات جي ولادت ٿي. سندس والد جو نالو، شاھ نصرالدين هو، جنھن چار شاديون ڪيون، جن مان هڪ حنيفہ نالي بيبيءَ مان شاھ عنات جو جنم ٿيو.
ميين شاھ عنات رضويءَ جي تعليم پرائڻ بابت اڃا تائين ڪو احوال معلوم نہ ٿي سگهيو آهي. شاھ لطيف ۽ ميون شاھ عنات رضوي، هڪڙي ئي دؤر جا شاعر آهن، سندن رسرهاڻين بابت بہ ڪيئي روايتون هلندڙ آهن.
ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي لکي ٿو: ”هڪ روايت موجب، شاھ لطيف جي ساڻس ملاقات ٿي هئي، جيڪڏهن اها ڳالهہ صحيح آهي تہ پوءِ ان ملاقات وقت شاھ لطيف جي جواني هوندي، ۽ شاھ عنات تمام وڏي عمر جو هوندو.“
(سنڌي، عبدالمجيد، ’لطيفي لات‘، 1996ع، ص: 107)
شاھ لطيف جي پيدا ٿيڻ وقت، ميون شاھ عنات رضوي وڏي ڄمار جو هو. هن حوالي سان ڏسجي تہ شاھ لطيف جي ابتدائي نوجوانيءَ واري دؤر ۾، سنڌ ۾ شاھ عنات رضويءَ جي ڪلام جو پڙاڏو هو. ضرور شاھ لطيف جي ڪنين اهو پڙاڏو پيو هوندو ۽ شاھ لطيف کانئس ضرور متاثر ٿيو هوندو. جيئن ٻين شاعرن جي ڪلام کي شاھ لطيف جي واتان ٻڌي، فقيرن ’شاھجو رسالو‘ ۾ درج ڪيو آهي، تيئن شاھ عنات رضويءَ جا بہ ڪي بيت شاھ لطيف جي ڪلام ۾ ملن ٿا.
(وڌيڪ ڏسو جلد پھريون، عنوان: ’شاھ لطيف جا متقدمين، همعصر ۽ متاخرين‘، ص: 304)
هيٺ مثال طور ڪجهہ بيت ڏجن ٿا، جيڪي ميين شاھ عنات جي رسالي ۽ شاھ جي رسالي ۾ ٿوريءَ ڦير گهير سان موجود آهن:
هيُ چنڊ اهوئي، جو پَسي هُت حبيبَ کي
آڏِتَ! چئج عجيب کي، ڏنم جو روئي
وارييٖن واءُ وصال جو، سٻاجها سوئي
هيڪانديَ هوئي، شال سانگ مَ پوءِ، شريف چئي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)،’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود کنڀات، فصل پھريون، بيت 3 الف، ص: 15)
تُون چَنڊَ! اُهوئِي، جو هُتِ پَسين ٿو پِرِينءَ کي،
آڏِتُ چَئِجِ اُنِ کي، ڏِيانءِ جو روئِي،
هيڪاندِيَ هوئِي، سانگُ مَ پَوي سَڄَڻين!
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 1، بيت 3، ص: 131)
ميون شاھ عنات رضوي:
پيشانِيَّ پرينِ کي، ڀلائيَ جا ڀيرَ
سيئٖي اڱڻ آئيا، هِنييٖن جِني جي هيٖرَ،
لوڏامون لَکُ لَهـٖي، جِين ڏِينِ پاٻوهـٖي پيٖرَ،
سڀئي سُرها ٿيا، جهن سڄَڻَ آيا سيٖرَ،
قمر پاڙي ڪير، شمس سُپيٖرين سيٖن.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1963ع)، ’ميين شاھ عنات جو ڪلام‘، سرود کنڀات، فصل پھريون، بيت 10، ص: 18 ۽ 19)
شاھ لطيف:
پيشانِيءَ ۾ پرينءَ جي، ڀَلائِيءَ جا ڀيٖرَ،
اَڱڻِ اُڪَنڊِيُنِ جي، ڏِئٖي پاٻوهي پيرَ،
قَمَرَ پاڙي ڪيرَ، شَمسَ سُپرِيَنِ سين.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 1، بيت 2، ص: 131