سُرن جو احوال
سُر، سنگيت جي اُها مالا آهي، جنھن ۾ مٺڙن ۽ مڌُر آوازن جا موتي پويل هوندا آهن. سُرن جو لاڳاپو، انسان جي احساسن، جذبن ۽ امنگن سان هوندو آهي. وقت گذرڻ سان گڏوگڏ، سنگيت جي سُرن ۾ تبديليون اينديون رهيون آهن. سُرن ۾ تبديليءَ جي ان عمل جي ڪري سنگيت جي دائري ۾ پڻ وسعت ايندي رهي آهي. هندوستاني موسيقيءَ ۾، امير خسرو اُهو پھريون شخص هو، جنھن مڪاني موسيقيءَ ۾، نظري ۽ عملي انقلاب آندو. امير خسرو، عربي ۽ ايراني موسيقيءَ جي سرشتي ۽ ديسي هندوستاني موسيقيءَ جي روايت کي پاڻ ۾ گڏي، نہ رڳو نظرياتي ڀڃ گهڙ ڪئي، پر نون سُرن جو عملي مظاهرو بہ ڪيو، جنھن ڪري هندوستاني راڳ، مندرن ۽ مذهبي رسمن رواجن مان نڪري، هڪ نئون روپ اختيار ڪيو. موسيقيءَ جي ٻين روايتن کي هڪ ئي قالب ۾ ڳنڍڻ، امير خسرو جو وڏو ڪارنامو آهي.
اهڙيءَ طرح شاھ لطيف پڻ، سنڌ ۾، سنڌي موسيقيءَ ۾ انقلاب آندو. شاھ لطيف، امير خسرو کان چار سؤ سال کن پوءِ ساماڻو. پاڻ، امير خسرو وانگر نہ رڳو شاعر هو، پر هندوستاني موسيقيءَ جي سُرن جو پڻ وڏو ڄاڻو هو، جنھن جو مثال سندس ڪلام، ’شاھ جو رسالو‘ آهي، جيڪو ٽيھن سُرن تي ٻڌل آهي.
شاھ لطيف، جڏهن پنھنجي ڪنھن سُر کي هڪ خاص نالي سان سڏي ٿو تہ، اِهو اتفاقي امر ناهي، نہ ڪو ڪنھن گَويي جي صلاح مصلحت جي ڪري ايئن ٿيو آهي، بلڪ ڪلام جو سٽاءُ، اُن سُر (راڳ - راڳڻي) ۾ موزون هجڻ جي ثابتي ڏئي ٿو. اهڙيءَ طرح، رسالي ۾ موجود سُرن تي هڪ نظر وجهبي تہ، معلوم ٿيندو تہ هر سُر ڪنھن نہ ڪنھن راڳ يا راڳڻيءَ تي آڌاريل آهي، جيڪو ڪنھن فني قاعدي ۽ قانون موجب ڳايو وڃي ٿو. جھڙيءَ طرح سُرن لاءِ راڳ ۽ راڳڻين جي چونڊ ٿيل آهي، اهڙو مثال ننڍي کنڊ جي ڪنھن بہ صوفي شاعر وٽ نٿو ملي، سواءِ شاھ عنات رضويءَ جي. شاھ عنات رضوي اُهو پھريون سنڌي شاعر هو، جنھن پنھنجي ڪلام لاءِ سُرن کي ترتيب ڏني ۽ اُن جي ڳائڻ لاءِ راڳ ۽ راڳڻين جي چونڊ ڪئي، جنھن ۾ جملي ٻاويھ سُر آهن، جن مان سورهن سُر ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي آڌاريل آهن، جيڪي هن ريت آهن:
ڪلياڻ، 2. جمن (يمن)، 3. کنڀات، 4. سري راڳ، 5. رامڪلي، 6. پرڀات، 7. ڌَنَاسِري، 8. جَيتِسِري، 9. پورب (پوربي)، 10. آسا، 11. بلاول، 12. ديسي، 13. سورٺ، 14. سارنگ، 15. توڏي (ٽوڙي) ۽ 16. ڪاموڏ، (ڪامود).
شاھ عنات رضويءَ کان اڳ، سنڌ جا جيڪي بہ ڪلاسيڪل شاعر ٿي گذريا آهن، يا لوڪ ادب جي شاعريءَ ۾ ڪٿي بہ اهڙيءَ طرح سان ڪلام لاءِ سُرن جي ترتيب نٿي ملي، پر اهڙا بيت ضرور ملن ٿا، جن ۾ سُرن جا اُهڃاڻ موجود آهن، جيڪي اُن وقت جي رائج موسيقيءَ جي ڪن خاص آلاپن ۾، نہ رڳو عام رس رهاڻ ۾ ڳائبا هئا، پر سماع جي محفلن جو پڻ سينگار بڻيا.
شاھ عنات رضويءَ کان پوءِ، سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پھريون شاعر شاھ لطيف هو، جنھن جو ڪلام سُر وار ترتيب ڏنل آهي، ۽ ايئن ٿو محسوس ٿئي تہ، شاھ لطيف، رسالي جي سُرن ۾ نہ رڳو فني اپٽار ڪئي آهي، پر ننڍي کنڊ جي سنگيت جي تاريخ کي سمائي، راڳ جي صحيح ماهيت کي پنھنجي ڪلام ۾ قائم ڪيل سُرن ۾ جاءِ ڏني آهي، جن ۾ اُن وقت جا ڪيترائي مروج راڳ ملن ٿا. اهڙيءَ طرح، شاھ لطيف جي رسالي جا اِهي ’ٽيھ سُر‘ سنڌي سنگيت جي قديم راڳ، سنڌ ۽ هند جي گڏيل راڳ، عرب – ايراني، ۽ مقامي راڳن جي روپ تي بيٺل آهن. شاھ لطيف جي رسالي ۾ موجود سُرن جي اهم خاصيت اِها آهي تہ، انهن سُرن جا اڪثر نالا معنيٰ مطابق آهن، ۽ ڪي وري ڪنھن مخصوص قصي سان واسطو رکن ٿا. ڪن سُرن جا نالا راڳ سنگيت جي مناسبت سان آهن، جن ۾ سترهن سُر مارڳ راڳ ۽ راڳڻين تي ۽ تيرهن سُر ديسي راڳ ۽ راڳڻين ۾ ڳايا وڃن ٿا.
(تفصيل لاءِ ڏسو ’شاھ لطيف راڳ جي هڪ نئين تحريڪ‘)
رسالي جا سُر، نہ رڳو مقامي موسيقيءَ تي آڌاريل آهن، پر ’هندوستاني راڳ مالا‘ جي سلسلي جو پڻ املهہ خزانو آهن. هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بنيادي ڇھ راڳ آهن، جن کي ’مول‘ راڳ سڏيو وڃي ٿو، جن ۾ ڀيرون، مالڪونس/مالڪوس، ميگهہ، ديپڪ، سِري ۽ هِنڊولِ آهن. باقي ٻين راڳن کي هندو عقيدن مطابق، ديوتائن جي پٽن، ڌيئرن ۽ زالن جي نالي پويان، راڳ ۽ راڳڻين ۾ ورڇيو ويو آهي يعني فلاڻو راڳ، فلاڻي ديوتا جو پُٽ آهي، ۽ فلاڻي راڳڻي، فلاڻي ديوتا جي زال يا ڌيءَ آهي. ايتري قدر جو راڳن کي، ديوتائن ۽ راڳڻين کي سندن زالن، ڌيئرن ۽ پُٽن جا نالا ڏيئي، انهن جون شڪليون، شبيھون جوڙيون ويون آهن. اهڙيءَ طرح، رسالي جي سُرن ۾ هڪ سُر ’مول‘ راڳ جي حيثيت رکي ٿو، تہ ٻيا سُر، ’مول‘ راڳن جي پٽن، ڌيئرن، ڀائٽين جي نالن تي آڌاريل آهن، جنھن جو مختصر بيان هيٺ ڏجي ٿو تہ جيئن پڙهندڙن آڏو اِهو واضح ٿئي تہ، شاھ لطيف جي رسالي ۾ ڪھڙو سُر، ’مول‘ راڳ آهي، ۽ ڪھڙا سُر ٻين راڳن ۽ راڳڻين تي آڌاريل آهي.
راڳ ڀَيرُون:
ڀيرون راڳ جي راڳڻين جا نالا: بَيرَاڙِي، مَڌُمَادِ، ڀَيروي، سِنڌِوِي، بنگال.
ڀيرون راڳ جي پُٽن جا نالا: هُرِڪا، رُتِڪا، پُورِياڌَن، مَاڌُو، سُوهَا، پنيا، مَڌَمُ، پَنجُم.
ڀيرون راڳ جي ڀائيٽن جا نالا: سَوهَو، بِلاَولي (سُربلاول)، گَوجِري، مِيرِدِي، ڪَنہياري، پَٽِ مَڃِري، سَورَٺِ.
ڀيرون راڳ جي ڌيئرن جانالا: لَلِتِ، بِڀَاسُ، رَامِڪَلِي.
راڳ مالڪونس:
مَالِڪَونس راڳ جي راڳڻين جا نالا: گُنڪَلِي، ٽوڙِي، گَنوُرِي، ڪَوڪِبَا، کَنڀَاوَتِي.
مَالِڪَونس راڳ جي پُٽن جا نالا: مَارِوَا، يَدِ هَنِس، مَيوَاڙِ، پَريل، چَندِرِڪ مَلاَئي.
مالڪونس راڳ جي ڀائٽين جا نالا: ڌناسِري، مَالَسِري، جِيتَ سِري، دُرگا، سُگهرائي، گَنڌارِ، ڀِيم پِلاسِ، ڪَامَودِي.
مالڪونس راڳ جي ڌيئرن جانالا: مَالِگُيورَا، دَهجِنِي، گَورِمِي، دَيَاجِن، سِيَامِ، گُنؤرِي، گَوجَرِي، کَنڌَاوَتِي.
راڳ هنڊول:
هنڊول راڳ جي راڳڻين جا نالا: بِلاول، لَلِتِ، دَيوِسَاکِ، رَامِڪَلي، پَٽِ مَڃِرِي.
هنڊول راڳ جي پٽن جا نالا: مَنگل، سَوَڀا، اَنَندِ، ٽبُودِ، پَرِدَهنِ، گَؤرَا، بِڀَامِس، چَندِر بَندِ.
هنڊُول راڳ جي ڀائٽين جا نالا: لِيلَاوَتِي، ڪَيرِوِي، چَيتِي، پَارِوَتِي، پوُرِبِي، تَروُنِ، دَيوَگِرِي، سَرِسُوتِي.
هِنڊول راڳ جي ڌيئرن جا نالا: بَسَنتُ، پَنجَمِ، پُورِڀِي، پَرِچُ.
راڳ دِيپَڪُ:
راڳ ديپڪ جي راڳڻين جا نالا: ڪاموڏ، ديسي، ڪَانِرَو، ڪيڏارو، نَٽِ نارائڻ.
ديپڪ جي پٽن جا نالا: ڪَنُتَلِ، ڪُمَل، گُنگُ، چَنَبَڪِ، هَمال، ڪُنِسَيا، رَامُ، لَھلِ.
ديپڪ راڳ جي ڀائٽين جا نالا: مَنگل گَوجَرِي، جَيجيوَنِتي، مَالَ گَوجِرِي، ڀوَپَالِي، مَنَوهَرِي، اَيرِي، هَمِير.
ديپڪ راڳ جي ڌيئرن جا نالا: سَڌانَٿِ، ڪَلِياڻ، ڪيَدارِ، پوُرِيَا، بَرِوَو.
سِرِي راڳ:
سري راڳ جي راڳڻين جا نالا: بَسِنَتِ، مَالَسِري، آساوَرِي، مَارِوَا، ڌَنَاسِرِي.
سري راڳ جي پُٽن جا نالا: سِنڌُو، مَالَو، گُوندِگُن، سَاگرِ، کُنبَا، گَنِبيرِ، سَکَرِ، ڀَاڳِڙَا.
سري راڳ جي ڀائٽين جا نالا: مَجِنِيا، دَيمانِجي، کَنبا، سهڻي، سَرُوڪِيم، سِرِي گَويا، سَدَا سَتِي.
سري راڳ جي ڌيئرن جا نالا: گُنؤرِي، ڪَوڪِبا، ڌَناسِري، مَالَسِري، هِيري.
راڳ ميگهہ:
راڳ ميگهہ جي راڳڻين جا نالا: ڀوپالِي، مَلارِ، گَوجِري، ٽَنڪِ، دَيسڪار.
ميگهہ راڳ جي پُٽن جا نالا: سَارَنگِ، نَارَائِڻ، ڪَلِياڻ، گَنڌار، شاهانا، جَالَندُها، سُگَرِ اَڀرَنِ، گَجِندَر.
ميگهہ راڳ جي ڀائٽين جانالا: گهَڙِ نَاٽِ، گَادِوِي، گَدَمِ نَاٽِ، مَانِجهہ، پَرِجِ، نَٽِ مَڃِرِي، سَڌَانَٿِ.
ميگهہ راڳ جي ڌيئرن جا نالا: مَلارِ، ڪاموَڏَ، گَونڊِ، مَاندِينا، گُنگرِي، ڀَٽِ مَڃِري، گُنُڪَلي.
رسالي جا سمورا سُر، راڳ ۽ راڳڻين وارين خوبين سان سينگاريل آهن ۽ هر سُر جي ڳائڻ لاءِ وقت طئي ٿيل آهي، جيئن اُن کي مقرر وقت تي ڳائي، روحاني سڪون حاصل ڪجي. سُرن جي شاعراڻين خاصيتن جو اڀياس ڪجي تہ، ڪلام جي سِٽ سِٽ ۽ لفظ لفظ جو واسطو سنگيت سان سلهاڙيل آهي. ايئن چوڻ ۾ ڪوبہ وڌاءُ نہ ٿيندو تہ، شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ موسيقيءَ جو جيڪو عنصر آهي، اُهو هڪ پاسي ڳائڻي جي مدد کان سواءِ ظاهر ٿيو پوي ٿو، يعني ان شعر کي، سُر ۾ ڳائڻ کان سواءِ ئي رڳو وڏي آواز سان تحت اللفظ پڙهجي تہ مڌرتا ۽ ترنم جو احساس ٿئي ٿو، ڇاڪاڻ تہ ڪلام جي ٻولن ۽ انهن جي لفظن جي جڙت ۾، لفظن جي بيھڪ، لاهن چاڙهن ۽ انهن جي لفظن جي اعرابن ۾، اِهي سڀ ڳالهيون گڏجي، شاعريءَ جي موسيقي پيدا ڪن ٿيون تہ ٻئي پاسي، ڪلام جي معنيٰ ۽ مفھوم کي پڻ ظاهر ڪري ٿو، جنھن ۾ حق جي هيڪڙائي، وحدت، توحيد، سچ، سونھن، ڏک، ڏاکڙا، پيار، پيڙاھ جا جذبا ۽ تاريخي اهڃاڻن کان علاوہ، اڻ ڳڻيا موضوع ملن ٿا، يا کڻي ايئن 1574 چئجي تہ، شاھ لطيف جو ڪلام، اهو سمنڊ آهي، جنھن مان هر ڪو پنھنجي مقصد جا موتي ميڙي ٿو:
وِيا جي عَمِيقَ ڏي، مُنهن ڪائو ڏيئِي،
تَنِ سِپُون سوجھي ڪَڍِيُون، پاتاران پيہي،
پَسَندا سيئِي، اَمُلَ اَکڙِيُنِ سين.
(شاهواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 2، بيت 11، ص: 161)
غلام محمد شاهواڻيءَ جي ترتيب ڏنل ’شاھ جي رسالي‘ ۾ سُرن جي ترتيب هن ريت آهي:
- سُر ڪلياڻ
- سُر يَمن ڪلياڻ
- سُر کَنڀَات
- سُر سريراڳ
- سُر سامونڊي
- سُر سهڻي
- سُر سسئي آبري
- سُر معذوري
- سُر ديسي
- سُر ڪوهياري
- سُر حسيني
- سُر ليلا چنيسر
- سُر مومل راڻو
- سُر مارئي
- سُر ڪاموڏ
- سُر گهاتو
- سُر سورٺ
- سُر ڪيڏارو
- سُر سارنگ
- سُر آسا
- سُر رِپَ
- سُر کاهوڙي
- سُر بَرِوَو سنڌي
- سُر رامڪلي
- سُر ڪاپائتي
- سُر پُورب
- سُر ڪَارايل
- سُر پِرڀَاتي
- سُر ڏَهر
- سُر بلاول
شاھ لطيف، سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن منجهان اهو واحد شاعر آهي، جنھن جي ڪلام کي نہ رڳو تمام گهڻن عالمن سھيڙيو ۽ گڏ ڪيو آهي، پر مختلف محققن سندس ڪلام تي نورنچوئي کوجنا پڻ ڪئي آهي، هن وقت تائين شاھ لطيف جي ڪلام جي پارکوئن پاران سھيڙيل انيڪ قلمي ۽ ڇاپي نسخا ۽ رسالا موجود آهن. مختلف زمانن، وسيلن ۽ ماخذن جي آڌار تي سھيڙيل قلمي توڙي ڇاپي رسالن ۾ سُرن، داستانن، بيتن ۽ واين جا انگ گهٽ وڌ ٿيل آهن. انهيءَ موضوع تي ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ٻين محققن کوجنا ڪري اهو نتيجو ڪڍيو آهي تہ، شاھ جي رسالي ۾، شاھ لطيف جي ڪلام سان گڏوگڏ، اهڙن ڪيترن ئي ٻين شاعرن ۽ سُگهڙن جو ڪلام پڻ ڏنو ويو آهي، جن جو شاھ لطيف جي ڪلام سان ڪوبہ واسطو نہ آهي.
هن سلسلي ۾، ڊاڪٽر هوتچند مولچند گربخشاڻي لکي ٿو: ”سُرن جا سُر ۽ بيتن جا بيت، رسالي جي قلمي توڙي ڇاپي نسخن ۾ درج ٿيل آهن، جن جي تصنيف جو شاھ عبداللطيف سان ڪو واسطو ڪونهي. ڪيترن ئي پارسي شاعرن جھڙو حافظ، حڪيم سنائي، محي الدين، جلال الدين رومي وغيرہ جا غزل ۽ مثنويون بہ شاھ جو ڪلام سمجهي رسالي ۾ درج ڪيو ويون آهن. اٽڪل پنجاھ کن بيت شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جا ۽ چار پنج بيت قاضي قاضن جا بہ رسالي ۾ جاءِ بہ جاءِ داخل ڪيا ويا آهن. اُن کان سواءِ ڪيترن ٻين گمنام سنڌي سُگهڙن جھڙوڪ: ڌوٻي، کٽي، مڱيل، عيسو، خميسو، ڪيسر، قطب، لاکو، لکمير وغيرہ جا بي چسا بيت پڻ شاھ جي ڪلام ۾ شمار ڪيا ويا آهن. وري ڪي هندستاني، پنجابي، سرائيڪي وغيرہ وائيون ۽ ڪافيون، جي ايامن کان ناچُئن ۽ مسخرن کان ٻڌبيون آهن، سي شاھ جي سنجيدن ۽ موهيندڙ ڪافين جي عيوض، ٽرمپ صاحب واري نسخي ۾ ڏنيون ويون آهن.“
(گربخشاڻي، 1993ع، ’مقدمو‘ ص: 91)
جڏهن تہ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’شاھ جو رسالو (رسالي جو ڪلام)‘، جلد - ڏهين ۾ لکي ٿو: ”جدا جدا رسالن ۾، شاھ جي بيتن ۽ واين سان گڏ جن ٻين شاعرن جا بيت ۽ وائيون شامل آهن، تن سڀني جا نالا معلوم ناهن. اڳين دستور موجب جيتوڻيڪ شاعر ڪن بيتن ۾ پنھنجا نالا وجهندا هئا، پر ڪوبہ شاعر هر بيت ۾ پنھنجو نالو ڪونہ وجهندو هو. ’رسالي جي ڪلام‘ ۾ اڪثر بيت اهڙا آهن، جن ۾ شاعرن جا نالا ڏنل ناهن. انهيءَ ڪري چئي نٿو سگهجي تہ ڪھڙي شاعرن چيا. ٻيو تہ ڪن بيتن ۾ وقت گذرڻ سان ڄاڻي ٻُجهي نالن کي بدلايو ويو. جدا جدا رسالن ۾ ڪيترا ئي اهڙا بيت آهن، جن ۾ لطيف جو نالو آندل آهي. جيڪي شاھ صاحب جا نٿا لڳن.“
(بلوچ، 1996ع، ص: 53)
جن سُرن بابت اهو مڃيو ويندو آهي تہ، انهن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ناهي، انهن ۾ سُر ڍول مارو، سُر ڌناسري، سُر شينھن ڪيڏارو، سُر بسنت بھار، سُر بيراڳ هندي، سُر مانجهہ يا هير رانجهو شامل آهن.
مختلف مرتبن پاران رسالن ۾ سُرن جو وچور:
- شاھ جي رسالن ۾، سُرن جو وچور هن ريت آهي:
- ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ، 1866ع، 26 سُر.
- قاضي ابراهيم (بمبيءَ وارو) 1 867ع، 36 سُر.
- شوقيرام تاراچند، 1900ع، 37 سُر.
- مرزا قليچ بيگ، 1913ع، 37 سُر.
- هوتچند مولچند گربخشاڻي، 31 - 1923ع، 18 سُر.
- مولوي ابراهيم بختيارپوري، 1931ع، 35 سُر.
- غلام محمد شاهواڻي، 1950ع، 30 سُر.
- خان بھادر محمد صديق ميمڻ، 1951ع، 36 سُر.
- محمد عثمان ڏيپلائي،1951ع، 37 سُر.
- مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي، 1951ع، 36 سُر.
- ڪلياڻ آڏواڻي، 1958ع، 30 سُر.
- علامہ آءِ آءِ قاضي، 1961ع، 29 سُر.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1969ع، 28 سُر.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1974ع، 35 سُر.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 1977ع، 30 سُر.
- ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، (10 جلد)، 96 - 1989ع، 37 سُر.
- آخوند عبدالحميد، 1995ع، 29 سُر.
- ٻانهون خان شيخ، 2000ع، 31 سُر.
- ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، 2009ع، 36 سُر.
- اُستاد لغاري، 2013ع، 36 سُر.