آگم ڪيو اچن...

شاھ لطيف جي ڪلام جا ڳائڻا

شاھ لطيف جي ڪلام جا ڳائڻا (جامع فھرست)

شاھ لطيف جي ڪلام جا ڳائڻا


شاھ لطيف سنڌ جو اھو برک شاعر آھي، جنھن جي ڪلام کي ھر دؤر ۾، ھر قسم جي ڳائڻن ڳايو آھي. ڪنھن ڳائڻي لاءِ موسيقارن ڌُنون جوڙيون آھن، تہ ڪن ڳائڻن پنھنجي ليکي ڌُنون ترتيب ڏنيون آھن، پر ڳائڻن جي گهڻائي، جن کي شاھ لطيف کي، ڳائڻ جو موقعو پوءِ مليو، تن اڳوڻن ڳائڻن جي ڌُنن کي پنھنجايو آھي. درگاھن تي ٿيندڙ راڳ جو انداز وري عام ڳائڻن کان بنھ مختلف آھي، جيڪو عام ماڻهوءَ کي سولائيءَ سان سمجهہ ۾ نہ ٿو اچي.

ڳائڻن جيڪي وائيون يا ڪافيون ڳايون آھن، انهن مان ڪجهہ اھڙيون بہ آھن، جيڪي مستند ’شاھ جي رسالن‘ ۾ موجود ڪونھن، پر ريڊيو، ٽي وي، ڪيسٽن ۽ سي ڊين ۾ ان کي ’شاھ لطيف جو ڪلام‘ ڄاڻايو وڃي ٿو. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران شايع ڪرايل ڪئٽلاگ ۾ ڄاڻايل ريڪارڊ موجب، ڪيترو ڪلام، جيڪو ريڊيو پاڪستان تان نشر ٿئي ٿو، سو ترتيب ڏنل ’شاھ جي رسالن‘ ۾ موجود ڪونهي.

جي ايم سيد جي ڪتاب ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي جون وايون ۽ ڪافيون‘ ۾ 183 وائيون ۽ ڪافيون ڏنل آھن، جن مان بہ ڪجهہ ترتيب ڏنل ’شاھ جي رسالن‘ ۾ موجود ڪونھن، پر مختلف ڳائڻن پاران ڳايون وڃن ٿيون. پاڻ انهن وائين ۽ ڪافين کي جتان ھٿ ڪيو اٿس، تن جا ماخذ پڻ بيان ڪيا اٿس، جيڪي مستند نظر اچن ٿا. اھي وائيون ۽ ڪافيون، ’شاھ جي رسالن‘ جي ترتيب کان بہ گهڻو اڳ کان سنڌ ۾، جهر جنگ ۾ ڳايون وڃن ٿيون. ان ڪري ھت بہ انهن کي شامل رکيو ويو آھي. جن فنڪارن شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو آھي، انهن مان ڪافي راڳين بابت مواد ھٿ ڪري، ھن عنوان ھيٺ داخلائون ڏنيون ويون آھن، جن ڳائڻن جون داخلائون ڏنل ناھن، تن جا نالا ھيٺ ڏجن ٿا.

آسيہ بلوچ، احمد ڏيپلائي، استاد حميد علي خان، استادخورشيد علي خان، اقرار وحيد علي، الله ڏنو جوڻيجو، الله ڏنوخاصخيلي، امير علي، انجم آرا، انور حسين رانا، اويس جمن، اياز علي، بادل راھي، بلقيس خانم، تاج ڪنول، ٽيئون مل، پريمچند بہراني، جان محمد سولنگي، جميلا ناز، حاڪم علي رباني، حسين بخش ڪھيري، حيدر رند، خالدحسين پتافي، خان محمد لاشاري، خوشبو مرزا، دين محمد دمساز، ڏاھو ڀڳت، ذوالفقار علي سولنگي، رحمت ميرالي، رزدہ خانم، رضوان علي، رضوان ڪابورو، روشن علي ملاح، زيب ميمڻ، زينت صديقي، سالو رام ڀڳت، سترامداس، سڄڻ فقير، سحرش ميمڻ، سريہ سومرو، سليم حسين ڀٽي، سمينہ گل سمون، سوڍي ديواني، سومرو ڀيل، سويرا نور، سيد جمن شاھ بخاري، سيد گل حسن شاھ، سيد منور علي شاھ، شبانہ پروين، شمن فقير، شميم آرا، صادق علي، ضامن علي، ظھير عليورثي، عاشق نظاماڻي، عبدالحميد عباسي، عبدالرشيد، عبدالعزيز چنہ، عبداللطيف مھر، علي احمد شاھ، عنايت علي فقير، غلام جعفر زرداري، غلام حيدر زرداري، غلام قادر لنجواڻي، غلام محمد ڀٽي، غلام محمد ماڇي، غلام علي زنگيجو، غلام مصطفيٰ مشوري، فدا حسين، فرح شاھين، فقير حبيب الله، فقير خان محمد، فقير عبدالواحد جمالي، فوزيہ ڪنول، قاسم فاني، ڪريم ڏنو فقير، کجن ڀڳت، گل شير ڀٽي، گل محمد ماڇي، گلزار علي گل، گلشن علي زنگيجو، لکانو بلوچ، ماجد علي ميمڻ، ماسٽر منظور، محمدابراھيم جوڻو، محمد ابراھيم ميربحر، محمد حسن، محمد خان لاشاري، محمد رمضان سولنگي، محمد رحيم سومرو، محمد رحيم کوکر، محمد شفيع وارثي، محمد شريف لاشاري، محمد صالح خاصخيلي، محمد عرس چانڊيو، محمد ياسين (نوابشاھ وارو)، مشتاق احمد ڏيپلائي، مشتاق علي راڄپر، معشوق علي زرداري، منير ميمڻ، مھدي حسن ڏيپلائي، مھناز، نازيہ ناز، نذير احمد ڀٽو، نسيمہ شاھين، وريام خان کوکر، وزير علي عمراڻي، ھرسن ڀڳت.

استاد الله ڏنو نوناري (وفات - 1951ع):

سنڌ جو ناميارو راڳي استاد الله ڏنو نوناري، ضلعي شڪارپور جي شھر باگڙجيءَ ۾ پيدا ٿيو، ۽ ان کان پوءِ روهڙي شھر ۾ وڃي رهيو. ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ جي طرف لاڙو ھئڻ سبب اڪثر محفلن ۾ ڪافي ڪلام پيش ڪندو ھو.

راڳ جي سکيا، پٽيالا گهراڻي جي استاد، عاشق علي خان کان ورتائين ۽ انهيءَ انداز ۽ انگ ۾ ڳائيندو ھو. پنھنجي استاد وانگر، سنڌي وائي ۽ ڪافيءَ ۾ تان ۽ پلٽا ھڻندو ھو، انهيءَ مھارت سبب ھو پوريءَ سنڌ ۾ مشھور ٿيو.

استاد الله ڏني نوناريءَ، پنھنجي استاد سان گڏجي، سنڌي وائي ۽ ڪافيءَ کي ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳائڻ واري روايت کي پختو ڪيو، جنھن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام بہ شامل ھو.

استاد الله ڏنو نوناري، سنڌ جو پھريون گائڪ ھو، جنھن ديسي راڳ کان علاوہ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ بہ مھارت حاصل ڪئي. جيتوڻيڪ سندس تعلق ڪنھن راڳ جي گهراڻي سان نہ ھو، تنھن ھوندي بہ موسيقيءَ جي مقابلن ۾ وڏن وڏن گوين کي منجهائي وجهندو ھو. سندس آواز تمام سنھو، اوچو لوچدار ھو، جنھن ۾ عجيب سوز ۽ ترنم موجود ھو. کيس راڳ آسا، ڀيروي ۽ تلنگ تي ملڪو حاصل ھو.

استاد الله ڏني نوناري، شاھ لطيف جو ڪيترو ئي ڪلام ڳايو، پر سندس دؤر ۾، رڪارڊنگ جي سھولت نہ ھئڻ ڪري سندس ڪلام محفوظ ٿي نہ سگهيو. ھُن، جيترو بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو، اُن ۾ ڪلاسيڪي انگ نمايان نظر اچي ٿو. خان صاحب الله ڏنو نوناري، ڪلام کي تانن ۽ پلٽن ۾ ٽوڙي مروڙي پيش نہ ڪندو ھو، ڪلام جي ھر مصرع ۾ واجب تانون ۽ پلٽا ھڻندو ھو. اِن کان علاوہ، پنھنجي ديسي انگ کي بہ ظاھر ڪندو ھو. سندس سدا بھار آواز ۾ ڳايل شاھ لطيف جي ھڪ وائي، گراموفون جي رڪارڊ ۾ اڄ بہ محفوظ آھي، جنھن کي ٻُڌي، اِھو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، تہ ھن شاھ لطيف جي وائي، ڪيڏي نہ خوبصورت انداز سان ڳائي آھي. ڳايل وائيءَ جا ٻول ھن طرح آھن: ’ڪاڪ وڃي ڪرها‘

الله ڏني نوناريءَ، شڪارپور ۾ ٿيندڙ ھانڊن واري مقابلي ۾، وڏو نالو ڪمايو. ورهاڱي تائين سندس عروج وارو دور ليکيو وڃي ٿو. سنڌ جي ھن سدا ملوڪ راڳيءَ، 1951ع ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

استاد شفيع محمد فقير (جنم: 1960ع):

سنڌ جي مشھور راڳي استاد شفيع محمد فقير، ٿر پارڪر ضلعي جي ’ڳڍڙي‘ نالي وسنديءَ ۾ فقير مولا بخش جي گهر ۾ 1960ع ۾ جنم ورتو. راڳ ويراڳ سان اُنسيت کيس خانداني ورثي ۾ ملي. ھن راڳ جي باقاعدہ سکيا شادي فقير کان حاصل ڪئي، جڏهن تہ مشھور سارنگي نواز استاد مجيد خان کان پڻ سنگيت جي سُرن جي سکيا ورتائين. ھن سنڌي پرڪاش، لوڪ راڳ ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ مھارت ماڻي. 1989ع ۾ ريڊيو ۽ ٽي وي تي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري مڃتا ماڻيائين، سندس بھترين ڪارڪردگي تي کيس ڪيترن ادارن پاران ايوارڊ ڏنا ويا آھن، جن ۾ شاھ لطيف ايوارڊ، مصري شاھ ايوارڊ، لوڪ سنگيت ايوارڊ، صادق فقير ايوارڊ ۽ ميان جان محمد ايوارڊ شامل آھن. شفيع محمد فقير سنڌ کان ٻاھر ھندستان ۽ يورپ جي مختلف ملڪن ۾ ڳائي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي. عمر ڪوٽ ۾ سنگيت سکيا گهر قائم ڪيو اٿس، جتي نوجوان راڳين کي راڳ جي سکيا ڏيئي رهيو آھي.

سنڌ جي ھن ملوڪ راڳي سنڌ جي انيڪ ڪلاسيڪي ۽ جديد شاعرن جي ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ تمام پُرسوز نموني ڳايو آھي. ھن شاھ لطيف جي ھيٺين وائي نھايت ئي سُريلي نموني ڳائي آھي:

متان ڪا ٻي لنءُ لائي...

استاد غلام علي (جنم: 1933ع):

سنڌ جي مشھور راڳي استاد غلام علي، 1933ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو، سندس والد جو نالو واجد بخش ھو، جيڪو پنھنجي وقت جو مشھور سارنگي نواز ھو. ھن اٺن ورهين جي ڄمار ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪئي، پھريون ڀيرو نور محمد ھائي اسڪول حيدرآباد سنڌ ۾ ڳايائين. راڳ جي باقاعدہ سکيا استاد برڪت علي خان کان ورتائين. 1960ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ھڪ ڳائڻي جي حيثيت سان متعارف ٿيو.

اُستاد غلام علي سنڌي فلمن ’عمر مارئي‘، ’شھرو فيروز‘، ’پنو عاقل‘، ’ليلا مجنون‘، ’چانڊوڪي‘، ’مٺڙا شال ملن‘، ’سنڌڙيءَ تان صدقي‘، ’رت جا رشتا‘، ’پيار ڪيو سينگار‘، ’ممتا‘، ’دشمن‘، ’علي گوهر‘ ۽ ’شھيد‘ ۾ اداڪار ۽ موسيقار جي حيثيت سان ڪم ڪري مڃتا ماڻي. ھن پاڪستان کان ٻاھر جرمني ۽ جاپان ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو.

اُستاد غلام علي، شاھ لطيف جي ھيٺين وائي نھايت وڻندڙ انداز ۾ ڳائي آھي.

ڪنڌيءَ ساريان ڪا نہ امن امان...

استاد فتح علي خان (جنم: 1948ع):

استاد فتح علي خان، سنڌ جي گواليار خاندان جو ھڪ اھم ڪلاسيڪي راڳي آھي. پاڻ 1948ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ استاد غلام رسول خان جي گهر ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم ٽنڊي آدم مان حاصل ڪيائين ۽ ميٽرڪ جو امتحان حيدرآباد سنڌ مان پاس ڪيائين. ننڍپڻ کان راڳ سان لڳاءُ رهيس، سندس راڳ ابن ڏاڏن کان گهراڻي جي ميراث ھو. سندس چوڻ موجب، شروعات ۾ راڳ جي سکيا پنھنجي والد استاد غلام رسول خان کان ورتائين، جنھن بعد پنھنجي چاچي استاد اميد علي خان ۽ مامي استاد منظور علي خان کان ورتائين، ھن سڀ کان پھريائين شاھ لطيف جو ڪلام ’ڏينديس باھ ڀنڀور کي‘ ڳايو ھو، 1963ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ 1968ع ۾ پاڪستان ٽيلويزن ڪراچي سينٽر تي محترم عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو.

استاد فتح علي خان پاڪستان ۾ ڪلاسيڪل راڳيءَ جي حيثيت ۾ وڏي اھميت رکي ٿو. پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ بين الاقوامي ڪانفرنسن ۽ پروگرامن ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي، ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻي چڪو آھي. کيس مڃتا طور مليل قومي ۽ بين الاقوامي ايوارڊ ۾ 1982ع ۾ ايشين يوٿ افيئر ايوارڊ، لنڊن ۾ ساڳئي سال پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن طرفان ساليانو ايوارڊ، 1986ع ۾ حضرت امير خسرو ايوارڊ، 1990ع ۾ خواجا خورشيد انور ايوارڊ، 1991ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران صدارتي، ’حسن ڪارڪردگي ايوارڊ‘، 1995ع ۾ ملڪہ موسيقي روشن آرا بيگم گولڊ ميڊل ايوارڊ، 1997ع ۾ پي ٽي وي ايوارڊ، 1999ع ۾ ازبڪستان نائيٽ انگيل ايوارڊ (Uzbekistan Nightingale award)، 1999ع ۾ پي ٽي وي سپر اسٽار ايوارڊ، 2006ع ۾ ’لعل شھباز قلندر ايوارڊ‘، 2006ع ۾ ’شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ‘، 2009ع ۾ ’سچل سرمست ايوارڊ‘، 2010ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ’ستارہ امتياز‘، ۽ ٻين ڪيترن خانگي ادارن ۽ خانگي چينلن طرفان ايوارڊ ۽ اعزاز مليل اٿس. پاڻ پاڪستان کان ٻاھر دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي سُريلي آواز ۽ ڪلاسيڪل انداز جو مظاھرو ڪندي، مڃتا ماڻي چڪو آھي، جن ۾ ناروي ۾ جوائنٽ ڪلچرل فيسٽيول 2002ع اوسلو (جنھن ۾ ناروي جي بادشاھ ھيرالڊ کيس گهڻو ساراھيو) ان کان علاوہ آمريڪا، انڊيا، برطانيا، ازبڪستان ۽ دبئي شامل آھن.

استاد فتح علي خان پاڻ ڳائڻ سان گڏوگڏ ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آھن، جن ۾ صنم ماروي، ماسٽر منظور، اقرار وحيد علي، علي لطيف، عبدالغفور سومرو، ريشما پروين، پروين نظر ۽ سندس فرزند عزت علي خان ذڪر جوڳا آھن. سندس چوڻ موجب، ” منھنجو فرزند عزت علي بيگ جنھن جي عمر ھن وقت 10 سال آھي ۽ مختلف پروگرامن ۾ پرفارم ڪري پاڻ مڃرائي چڪو آھي، جيڪڏهن رب پاڪ مون کي ڪجهہ سال زندگي جي مھلت ڏني، تہ آءٌ سندس سکيا اھڙيءَ ريت ڪندس جو ھو مستقبل جو ھڪ سٺو راڳي ثابت ٿيندو.“

استاد فتح علي خان ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏ، شاھ لطيف جو ڪلام پڻ نھايت سُريلي طريقي سان ڪلاسيڪل انداز ۾ ڳايو آھي، جنھن جو وچور ھيٺين ريت آھي:

آءٌ ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو...

منھنجا ڪيچي قول ڪري ويا...

سک جا سانگيئڙا...

آءٌ جي ڄاڻان نال نہ نِيندا...

استاد گلزار علي خان (1938ع - 1992ع):

استاد گلزار علي خان، سنڌ جو ناليوارو راڳي ٿي گذريو آھي، سندس اصل نالو، گلاب خان دايو ھو. ھن 5 جولاءِ 1938ع تي ڳوٺ ديھات لڳ خانواھڻ، ضلعي نوشھري فيروز ۾ محمد مراد دايي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد محمد مراد پڻ راڳ ڳائيندو ھو، انهيءَ ڪري ننڍي ھوندي کان ئي کيس راڳ سان لڳاءُ رهيو، جنھن ڪري پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪرڻ کان پوءِ موسيقيءَ ۽ راڳ سان وڌيڪ دلچسپيءَ ڪري وڌيڪ تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو.

استاد گلزار ننڍڙي عمر ۾ ئي راڳ جي سکيا پنھنجي والد کان ورتي جنھن کان پوءِ 16 سالن جي عمر ۾ لاڙڪاڻي ۾ استاد مهر علي خان کان ھڪ سال تائين راڳ جي سکيا ورتائين، 25 سالن جي عمر ۾ استاد منظور علي خان جي شاگرديءَ ۾ آيو. ڪلاسيڪل راڳ جي ميدان ۾ پاڻ استاد منظور علي خان جي پيارن شاگردن مان ھو.

استاد گلزار علي خان، 1955ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ سان وابستہ ٿيو ۽ موسيقيءَ جي شعبي ۾ ڪيترن ئي سالن تائين پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو، 1985ع ۾ ريڊيو پاڪستان خيرپور قائم ٿيڻ کان پوءِ استاد گلزار علي خان، اتي موسيقار طور ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پاڻ ريڊيو پاڪستان سان 30 سالن تائين سلھاڙيل رهيو ۽ موسيقيءَ جي فن جي خدمت ڪيائين. پاڻ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ ڪيترائي پروگرام ڪيائين ۽ سندس ڪيتريون ئي آڊيو ڪيسٽون جاري ٿيون.

استاد گلزار علي خان، راڳ ۾ وڏو نالو ڪمايو، پاڻ ڳائڻ کان علاوہ مختلف ساز وڄائڻ جو پڻ ماھر ھو، جن ۾ ھارمونيم، بينجو، وائيلن، ستار، طبلو، تانپورو، ڍولڪ وغيرہ شامل آھن.

استاد گلزار علي خان، کي راڳ ڀوپالي ۽ ڀيروي کان سواءِ ڪلاسيڪل، نيم ڪلاسيڪل، غزل يا قومي گيت ڳائڻ ۾ وڏي مھارت ھئي. لاڙڪاڻي ۾ موسيقيءَ جو اسڪول قائم ڪيائين. جتي ھن دؤر جا مشھور نوجوان راڳي غلام شبير سمون، حنيف لاشاري، اسلم تنيو، عبدالغفور سومرو، حميد راڄپر ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد تيار ڪيائين. استاد گلزار علي خان، 1990ع ڌاري بيمار ٿي پيو، دل ۽ بڪين جي بيماري، کيس صفا ڪمزور ڪري ڇڏيو ۽ 22 سيپٽمبر 1992ع تي اڱاري ڏينھن دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين، کيس اباڻي ڳوٺ ديھات لڳ خانواھڻ ضلعي نوشھري فيروز ۾ دفنايو ويو.

استاد گلزار علي خان، ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:

مون کي ڏونگر ڏک مَ ڏي...

بوند بره جي بھار لڳي...

ڀلو ڙي ڀينر ماري آھيان راڻل...

ڪيئن ڪريان ڪاڏي وڃان...

جيڏيون آءٌ ڪا پاڻ وهيڻي...

آءٌ ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو...

کٿيءَ منجهہ کٽيائين مارو...

استاد محمد جُمن (1935ع-1990ع):

استاد محمد جُمن، شاھ لطيف جي ڪلام جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي، جنھن ھڪ خاص انداز ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ڳائي، مقبوليت ماڻي. سنڌ جي ھن نامور راڳيءَ، بلوچستان جي ھڪ ڳوٺ ’سوڙه ڪنڊ جهنگ‘ ۾، 10 آڪٽوبر 1935ع ۾ جنم ورتو. پيءُ جو نالو، حاجي احمد ھئس، جو پاڻ بہ وڏي سوز سان سرندو وڄائي، راڳ معذوري آلاپيندو ھو. سندن تعلق لورن جي انگائي/انگياڻي قبيلي سان ھو، جيڪي پوءِ ڪراچي لڏي آيا.

محمد جمن کي راڳ ورثي ۾ مليو. سندس وڏا، ڏاڏاڻا ۽ ناناڻا، عملي طرح موسيقيءَ سان لاڳاپيل ھئا. اھي تنبورو ۽ سرندو وڄائيندا ھئا، ان ڪري ننڍپڻ کان ئي سازن سان لھ وچڙ ۾ رهيو جو ننڍيءَ عمر ۾ ئي پنھنجي ماسات کان بانسري سکيو ۽ اُن بانسريءَ تي، راڳ معذوريءَ جي آلاپن کان علاوہ، لوڪ ڌنون پڻ وڄائيندو ھو. ھڪ ڀيري زيڊ. اي. بخاريءَ سندس سُرن جو سوز ٻُڌو تہ سندس ڏات تي موهجي پيو، ۽ فن جو قدر ڪندي کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي بحيثيت سازندي جي نوڪري ڏنائين، جتي محمد جمن پنھنجا جوهر ڏيکاريا ۽ سنڌ جي ناميارين گوين، راڳين ۽ نوجوان ڳائڻن سان، بانسريءَ جي سنگت ڪيائين، پر جڏهن ريڊيو جي ڪن ڳائڻن، بانسريءَ جي سُرن جھڙو پرسوز آواز ٻڌو تہ کيس ڳائڻ لاءِ مشورو ڏنو. ان وقت، استاد نذر حُسين، ريڊيو ڪراچيءَ تي ميوزڪ ڊائريڪٽر ھو ۽ ان کان ئي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين ۽ ڳائڻ شروع ڪيائين.

ھر دؤر ۾، وائي/ڪافيءَ جا ڳائيندڙ، پنھنجي مخصوص انداز ۾ شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳائيندا رهيا، مگر جڏهن استاد محمد جمن، واڄي جي مڌم سپتڪ جي سُرن سان نڙيءَ جي سُرن کي ملائي، مُرڪن ۽ مينڍن سان شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳايو تہ اِھو منفرد انداز عام ماڻهن ۾ مقبول ھئڻ سان گڏ موسيقارن ۾ بہ ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

شاھ لطيف جو ڪلام، سندس رڳ رڳ ۾ سمايل ھو، ان ڪري سندس گائڪيءَ جو انداز، ٻين راڳين ۽ گوين کان منفرد ھو، ۽ جنھن انداز سان شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو اٿس يا وري شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سمايل راڳن جي جاکوڙ ڪري، ان ۾ ڪلام کي ڪمپوز ڪيو اٿس، سا محنت، سندس ڳايل ڪلام مان لڳائي سگهجي ٿي. شاھ جي رسالي جو ھر سُر، ڪنھن نہ ڪنھن راڳ تي آڌاريل آھي. انهن مان ڪن سُرن جا نالا بہ اھڙائي آھن، جيڪي سنگيت ۾ راڳن جا آھن، جيئن: سهڻي، ڪاموڏ، رامڪلي، سري راڳ، ڪلياڻ ۽ ڪماچ وغيرہ. اِھي، سُر بہ شاھ جي رسالي ۾ آھن تہ سنگيت جي ڪتابن ۾ وري راڳ بہ انهن نالن سان آھن، پر ڪن سُرن جا نالا، راڳن سان نٿا ملن، جيئن ڪوهياري، معذوري، مارئي ۽ ليلا وغيرہ، پر انهن سُرن لاءِ بہ راڳ آھن، جن کي محمد جُمن، وڏيءَ قابليت سان ڳائي، پنھنجو پاڻ کي مڃرايو آھي. شاھ لطيف جي ڪلام لاءِ سندس ڪيل جستجو قابل تعريف آھي. سندس ڪيترو ئي ڳايل ڪلام، ريڊيو پاڪستان جي اسٽوڊيوز ۾ رڪارڊ ٿيل آھي. مختلف راڳن ۾ ڳايل سندس ڪلامن جو وچور ڪجهہ ھن ريت آھي:

راڳ پھاڙيءَ ۾: آرياڻيءَ پنھونءَ ري، منھنجي سرتيون ڪانہ سري.

راڳ ايمن ڪلياڻ ۾: ٿيندو تن طبيب، دارون منھنجي درد جو.

راڳ سهڻيءَ ۾: مدد ٿي ميھار، ساھڙ! سائر سير ۾.

راڳ پُوريا ڪلياڻ ۾: ڪارون وس ڪيام، ڙي! ھَئي ھَئي.

راڳ بندرابني سارنگ ۾: بوند برھ جي بھار لڳي، درد ونديءَ جو ديس وسي پيو.

راڳ بلاول ۾: ڍڪ ڍڪيندو، مون نہ ڇڏيندو، شفيع شافع سپرين.

راڳ کماچ ۾: لالڻ آيو پيھي، وِئڙا سُور سَڀيئي.

راڳ لڪشمي ڪلياڻ (سنڌي راڳ ليلا چنيسر).

جيئري زيارت، جي مان ھوءِ پرينءَ سين.

سنڌي راڳ ڏهر ۾: ھوت نہ ڪندڙا ھنيئن، مون سين ڄام نہ ڪندڙا ھنيئن.

راڳ بروي ۾: وٽان وڃ مَ مون، منھنجو تون ھي تون.

راڳ سنڌي آبريءَ ۾: پلڪ نہ رهي دل توريءَ، ور ميان خان بلوچا!.

راڳ ڪوهياريءَ ۾: گلا ڪا مَ ڪري، لکيو تان نہ ٽري.

راڳ راڻي ۾: راڻل تو بن رات.

راڳ جونپوريءَ ۾: ڪوهياري جي ڪاءِ، ماريندم ماءِ.

راڳ ديسيءَ ۾: گهمان جال جبل، ميان جيڏيون جانب جَتَ لَئي.

محمد جمن، ڄاڻايل راڳن کان علاوہ، سنڌي موسيقيءَ جا ٻيا راڳ بہ گهڻين محفلن ۾ ڳايا آھن. شاھ لطيف جي رسالي جا گهڻا ئي سُر اھڙا آھن، جن کي صحيح ڳائڻ جي باري ۾ موسيقارن کي مڪمل معلومات ڪانہ آھي. انهن سُرن کي صحيح روپ ۾ پيش ڪرڻ لاءِ، محمد جمن جيڪا محنت ڪئي آھي، سا واکاڻ جوڳي آھي. اڪثر موسيقارن بہ محمد جمن جي فني صلاحيتن جو اعتراف ڪيو آھي. سنڌي موسيقيءَ جي سُر ڪارايل، سُر ڪاپائتي ۽ سُر کاھوڙي وغيرہ کي، پنھنجي صحيح صورت ۾ ڳائي پاڻ مڃرايو اٿس. محمد جمن پنھنجي گائڪيءَ ۾، طبلي، ڍولڪ، گهڙي ۽ ھارومونيم جھڙي سازن جي وڄت کي اھڙي طريقي سان تہ استعمال ڪندو ھو، جنھن ۾ وائي/ڪافيءَ جو اصلي رنگ بہ برقرار رهيو ۽ اُن ۾ جدت بہ پيدا ٿي. ان کان علاوہ، محمد جمن راڳ جو انداز ڀٽ شاھ جي درگاھ تي ڳائيندڙ راڳائي فقيرن کان الڳ رکي، ماحول موجب رکيو، يعني موسيقيءَ جي ان طريقي کي اختيار ڪيو، جيڪو عام ماڻهن ۾ نھايت مقبول رهيو. محمد جمن، پنھنجي مڌر ۽ سريلي آواز سان شاھ لطيف جي ڪلام ۾ سمايل پيغام کي جهر جهنگ ۾ پھچايو. استاد محمد جمن، 24 جنوري، 1990ع تي لاڏاڻو ڪيو.

استاد محمد يوسف (1940ع - 1997ع):

سنڌي راڳ جو راڻو، استاد محمد يوسف، 14 جنوري 1940ع تي، حيدرآباد شھر ۾، ٽنڊي طيب ويجهو ٽئين نمبر تلاءَ جي دين علي شاھ پاڙي ۾ ڄائو. سندس پيءُ لونگ فقير مڱڻھار ڍولڪ نوازن ۾ ناميارو وڄتو ٿي گذريو آھي

محمد يوسف جڏهن سمجهہ ڀريو ٿيو، تہ سندس گهر جو سڄو ماحول سُر ۽ تال ۾ ٻُڏل ھو. فقيراڻو ٻار ھو. قدرت، ننڍي ھوندي ئي سندس آواز ۾ سوز ۽ گداز ڀري ڇڏيو ھو. سندس پيءُ، آواز جي رمز کي سمجهي ويو، پر خيال ڪيائين تہ ڇوڪري جي پيٽ ۾ علم جا ٻہ اکر ھوندا تہ ڪنھن سنئين دڳ لڳي ويندو، نہ تہ ايئن ڳائي ڳائي عمر وڃائي ويھندو، سو کيس گهر جي ڀرسان ’ٻال سڌار اسڪول‘ جي استاد ڀيڙو ڪيائين، پر ننڍڙي محمد يوسف جو تہ سڄو خيال ’سا، ري، گا، ما، پا، ڌا، ني، سا‘ ڏانھن ھو. وجھ وٺي اسڪول کان گوهي ڏيندو ھو ۽ سڌو وڃي ڪنھن اوتاري ۾ ٺڪاءُ ڪندو ھو، جتي راڳ جون محفلون متل ھونديون ھيون. ايئن مختلف اوتارن ۽ درگاھن تي ڦيرا ڪندي، ڪيئي ڪافيون ڪلام ويو پنھنجي اندر ۾ اوتيندو، وري سندس پيءُ لونگ فقير کيس ٻال سڌار اسڪول مان اٿاري، ٽنڊي ٺوڙهي لڳ، چُک ۾ قائم ٿيل اسڪول ۾ داخل ڪرايو (هن وقت انهيءَ اسڪول جو نالو سيٺ ڪمال الدين ميمڻ اسڪول آھي). استاد محمد يوسف، نيٺ ڇڪي تاڻي انهيءَ اسڪول مان پرائمري پاس ڪري وڃي، مرحوم آخوند الله بچائي جي قائم ڪيل، ’مسلم ھاءِ اسڪول‘ ۾ پھتو، جتي ٻہ ٽي درجا انگريزي پڙهيو ۽ اسڪول جي پروگرامن ۾ پڻ حصو وٺندو رهيو، پر سندس پڙهائي، رولڙي جو شڪار ٿي اڌ ۾ رهجي وئي.

محمد يوسف کي راڳ جي سکڻ جو شوق، استاد بيبي خان جي ڪلب ڏانھن ڇڪي ويو، پر استاد جي سيکارڻ جي رمز پنھنجي، سو جڏهن پنھنجن ٻارڙن کي راڳ سيکاريندو ھو، تہ يوسف کي ڪنھن نہ ڪنھن ڪم سان ٻاھر موڪليندو ھو. استاد جو حڪم اکين تي ڪري، اُتان اُٿي کڙو ٿي نڪرندو ھو، پر ٻاھر نڪري، ڪا اھڙي ڀڪ وٺي ويھي رهندو ھو، جو استاد جا ٻول ۽ سُر صاف پيو ٻڌندو ھو، ايئن ھن، ڪيئي راڳ ۽ راڳڻيون ياد ڪيون. چار سال گذري ويا، پر ھُن ڪي ڄاڻ جا ڪڻا بہ ڪونہ سکيا. نيٺ اتان ڀڳو ۽ اچي، استاد اميد علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو. جڏهن اُستاد اميد علي خان رياض ڪندو ھو تہ يوسف کي ڪنھن نہ ڪنھن اھڙي اڙانگي ڪم ۾ الجهائي ڇڏيندو ھو، جو سُر جو، ’سا‘ بہ ڪن تي ڪونہ پوندو ھئس. ٿورو گهڻو جيڪو استاد کي لڪي لڪي ٻڌائين، اُن کي اصل دل ۽ دماغ ۾ قابو ڪري ڇڏيائين. چار سال سندس پيرن ۾ گذاريائين، پر ڪو کڙ تيل نہ نڪتو. اتان بہ ڀڳو، وري ريڊيو جي شوق ۾ اچي، ڪراچيءَ نڪتو ۽ راڳ جي سکيا لاءِ، استاد مبارڪ علي خان وٽ پھتو. استاد آواز ٻڌي کيس پھريون حڪم ڏنو تہ، ’مٿو، ڏاڙهي ۽ ڀرون ڪوڙائي اچ‘. راڳ جي عشق ۾، محمد يوسف ايئن بہ ڪيو، پر اڳيان بہ ھو جبل ڏارڻ، مٿا ھڻي ھڻي ٿڪو، پر وريو ڪجهہ بہ ڪونہ. ھڪڙي ڏينھن ھمت ڪري، پيرين پيادو، ريڊيو ڪراچيءَ ڏانھن راھي ٿيو. سندس ڀاڳ ڀلا ھئا، جو ريڊيو تي کانئس آڊيشن ورتائون، جنھن ۾ ڪامياب ٿيو. کيس پروگرام مليو ۽ ھن گيت ڳايو. وري جڏهن استاد مبارڪ علي خان جي ڪلب تي پھتو تہ استاد ۽ سندس پُٽ، قدرت الله خان کيس ڏسندي ئي باھ ٿي ويا. ريڊيو تي ڳائڻ ڪري کيس ڏاڍي مار ڏنائون. نيٺ دل شڪستو ٿي حيدرآباد موٽي آيو. مٿس قسمت مهربان ٿي ۽ کيس اُن وقت جي نامياري راڳي، سوني خان بلوچ جي شاگردي نصيب ٿي، جنھن سندس قدر ڪندي، ايڇ. ايم. وي ڪمپنيءَ کان سندس ڪلام رڪارڊ ڪرايا، جن ۾ ھڪ ڪافي، مخدوم محمد امين جي ۽ ٻي شاھ لطيف جي وائي ’ويندس ڪيچ ڪھي، سيڻن ساڻ سھي‘ جون ڌنون، پنھنجون ترتيب ڏئي، راڳ ڀيرويءَ ۾ ڳايائين تہ سندس راڳداريءَ جو روشن ستارو چمڪي پيو. جڏهن اھي ڳايل ڪلام عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا تہ سندس پيءُ، لونگ فقير کيس استاد منظور علي خان جي حوالي ڪيو، ۽ استاد منظور علي خان بہ محمد يوسف جي ٻانهن پُٽ ڪري ورتي. خان صاحب منظور علي خان، کيس دل جي سچائيءَ سان سيکاريو، جنھن تي سندس خاندان جا وڏا گوّيا ناراض ٿيا، پر استاد منظور علي خان، ڪنھن جي بہ پرواھ نہ ڪئي ۽ محمد يوسف کي ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ۽ لوڪ موسيقيءَ جي ھر صنف جي انگ جي سکيا ڏني، ۽ محمد يوسف بہ واھ جو ملھايو، ۽ پورا چوڏهن سال، استاد جي خدمت ۾ رهيو ۽ سکيا ورتائين.

محمد يوسف، گائڪيءَ جي ھر صنف سان واھ جو انصاف ڪيو، ۽ شاعريءَ جي سمورين صنفن کي، پنھنجي آواز جو روپ ڏنائين. خاص ڪري شاھ لطيف جي وائيءَ کي جنھن انگ ۾ استاد محمد يوسف ڳايو، اھڙو مثال سنڌ جي موسيقيءَ ۾ نٿو ملي. کيس شاھ لطيف جي سُر مومل راڻي کي ڳائڻ تي تہ ملڪو ھو، جو جڏهن پاڻ راڻو ڳائيندو ھو تہ محفل ئي مُنڊجي ويندي ھئي، جنھن جو اظھار، استاد منظور علي خان بہ ڪيترين ئي محفلن ۾ ڪندو ھو تہ راڻو تہ محمد يوسف ڳائي ٿو. اُن جو بنيادي ڪارڻ اِھو ھو تہ محمد يوسف ننڍي عمر کان سنڌي اوتارن ۽ درگاھن واري نج نبار راڳ جي سُر ۽ تالن کان واقف ھو، ان ڪري ھن، شاھ لطيف جو ڪلام بہ سنڌ جي سدا رنگي انداز ۾ ڳايو. محمد يوسف، شاھ لطيف جي ڪلام کي نہ رڳو سنڌي انگ ۾ ڳايو، پر ان ۾ ڪلاسيڪي رنگ بہ ڀريو. وائيءَ کي خوبصورت انداز سان پيش ڪرڻ لاءِ مُرڪ، مينڊ، تان، پلٽي ۽ سرگم جو استعمال اھڙي نموني ڪندو ھو، جو ٻڌندڙ سندس آواز ۽ انداز ۾ اھڙو تہ محو ٿي ويندا ھئا، جو کانئن سُرن کان سواءِ سموري ڪائنات وسري ويندي ھئي. حقيقت ۾ شاھ لطيف جو ڪلام جنھن انداز سان محمد يوسف ڳايو، اھڙو انداز سنڌي سنگيت ۾ ورلي ئي ملندو.

محمد يوسف، شاھ لطيف جو ڪلام، سنڌ ۾ صوفي بزرگن جي درگاھن، اوتارن، ميلن ۽ ملاکڙن کان سواءِ ملڪ جي اڪثر شھرن ۾ منعقد ٿيندڙ محفلن ۾ ڳايو. ان کان علاوہ، پرڏيھ ۾ پڻ شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳائي نالو ڪڍيائين.

محمد يوسف، شاھ لطيف جو جيترو بہ ڪلام ڳايو، اُھو وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳايو. سندس ڳايل ڪلام ڪجهہ ھن ريت آھن:

آءُ راڻا رھ رات...

آءٌ ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو...

ٻاروچل ٻانهي...

جادو لائي ويم جيءَ ۾...

پرچن شال پنھوار...

ڏور وڃيو ڏينھن لائي...

ويندس يار مري...

ويندس ڪيچ ڪھي...

ميو تون موٽاءِ، مون رؤندي رات وهاءِ.. .

عمر ادا جن جي اٿم اُڪير...

جاڳي اکڙين اوهان...

جيڪي ڏٺو سو مون ڀينر...

محمد يوسف جي ڳائڻ جو وڏو ڪمال اِھو بہ ھو، تہ ھو جڏهن بہ شاھ لطيف جي وائي ڳائيندو ھو، تہ ٿلھ کان اڳ ۽ وچ مصرعن ۾، ڪلام جي موضوع جي مناسبت سان بيتن جي چونڊ، پنھنجي استاد، منظور علي خان جيان ڪري ڳائيندو ھو. ان ڪري ڪٿي بہ سندس تسلسل ٽٽندي نظر نٿو اچي، ۽ بيت تہ اھڙيءَ طرح ھڪل ڏئي آلاپيندو ھو، جو سندس آواز ٻڌندڙن جي اندر ۾ لھي ويندو ھو. جنھن بہ محمد يوسف جو ڪلام ٻڌو آھي، سو کيس اڄ ڏينھن تائين ڪو وساري ناھي سگهيو.

استاد محمد يوسف، 57 ورهين جي ڄمار ۾، 14فيبروري 1997ع تي، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڪوٽڙيءَ جي مُقام ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ڪلام آڊيو، ويڊيو، ريڊيو، ٽي. وي. ۽ سنڌالاجيءَ جي لائبريريءَ ۾ محفوظ آھي. اھو سنڌ جو ھڪ اَمُلھ اثاثو آھي.

استاد وحيد علي (1950ع - 1999ع):

شاھ لطيف جي ڪلام کي سنڌي ۽ ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائي نئون روپ ڏيندڙ راڳي، وحيد عليءَ جو جنم، 1950ع ڌاري، ٽنڊي آدم ۾ ٿيو. سندس تعلق، سنگيت جي گواليار گهراڻي سان آھي. سندس ڏاڏو، پيارو خان، نانو جمالو خان، چاچو اميد علي خان ۽ مامو منظور علي خان، سنڌ جا ناميارا گويا ٿي گذريا آھن، جن جو شاھ لطيف جي موسيقيءَ جي واڌاري ۾ پڻ اھم ڪردار رهيو آھي. سندس پيءُ جو نالو غلام رسول ھو، جو پاڻ بہ وڏو گُڻي ڳائڻو ٿي گذريو آھي. وحيد علي ٿوري تعليم حاصل ڪئي ۽ پوءِ موسيقيءَ جي تعليم حاصل ڪرڻ لڳو. سنگيت جي گهراڻي سان تعلق ھئڻ ڪري، کيس ننڍپڻ کان ئي سُرن جي سُتي پياري وئي ھئي. پاڻ سازن ۽ راڳن سان راند روند ڪندي وڌيو ۽ ويجهيو.

وحيد علي، راڳ جي شروعاتي سکيا، استاد منظور علي خان کان ورتي، جنھن کان پوءِ ذاتي محنت ۽ فن سان لڳاءَ ۽ سچائيءَ سبب، ھن پنھنجو ھڪ الڳ مقام ٺاھي ورتو ۽ ڏسندي ڏسندي، ريڊيو، ٽي. وي.، اسٽيج ۽ فلم تان ڪاميابي ماڻي، پوري ملڪ تي ڇانئجي ويو.

وحيد عليءَ، سنڌي موسيقيءَ ۾ نواڻ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. نيون ڌنون جوڙيائين ۽ شاھ لطيف جي وائيءَ کي نرالي ڍنگ ۾ ڳايائين. ڳائڻ جي بنيادي خاصيت اِھا ھئس جو وائيءَ کي تانن ۽ پلٽن جي سنگم سان سينگاريندو ھو ۽ بيت جي ھر بند کي مِينڍ ۽ مرڪ سان اھڙي طرح آلاپيندو ھو، جو محفل ئي سراپجي ويندي ھئي. جڏهن ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائيندو ھو تہ ان موضوع جي مناسبت سان شاھ لطيف جا بيت ڳائيندو ھو. بيت جو لفظ لفظ سُر ۾، اھڙي انداز سان پيش ڪندو ھو، جو ٻڌندڙ منڊجي ويندا ھئا.

وحيد عليءَ، شاھ لطيف، سچل سرمست، بيدل، قلندر شھباز کان علاوہ، ٻين صوفي بزرگن جي درگاھن ۽ ثقافتي ميلن ملاکڙن ۽ نجي محفلن ۾ پڻ خوب ڳايو. کيس پرڏيھ ۾ بہ مختلف موقعن تي شاھ لطيف جو ڪلام پيش ڪرڻ جو موقعو مليو. سنڌ ۾ اھڙا بہ راڳي ٿي گذريا ھئا، جن شاھ لطيف جو ڪلام، ڪلاسيڪي گائڪيءَ، ’خيال‘ واري انداز ۾ ڳايو، جنھن ۾ استاد عاشق علي خان جو نالو قابل ذڪر آھي، پر وحيد عليءَ، شاھ لطيف جي وائيءَ ۾ ڪلاسيڪي گائڪيءَ سان گڏ ديسي انگ بہ قائم رکيو جيڪو صدين کان سنڌ ۾ رائج ھو.

سندس ڪجهہ ڳايل ڪلام ھن ريت آھن:

منھنجو ملڪ ملير...

پرچن شال پنھوار...

ويندس يار مري...

آھيان مارن جي سانگين...

رات عمر مون خواب ۾...

جن جو وارث تون...

ڏوٿي ويئڙا ڏور...

آءٌ ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ جو...

ڏور وڃيو ڏينھن لائي...

آءُ راڻا رھ رات...

منھنجو لالڻ آيو...

مان ساريان سانگيئڙن کي...

وحيد علي، پنھنجن وڏن ڀائرن، استاد فتح علي ۽ حميد عليءَ جي ڀيٽ ۾ عوام ۾، گهڻو مقبول ٿيو. ان جو سبب اِھو ھو تہ وحيد علي سکيو تہ پنھنجي گهراڻي جو انگ، پر گائڪيءَ ۾ ديسي انداز قائم رکيائين، ۽ گائڪيءَ جو مرڪز، وائي، ڪافي ۽ گيت رکيائين، جنھن کي عوام پاران ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

وحيد علي، حقيقت ۾ سنڌي سنگيت جو ھڪ ادارو ھو، جنھن ڪلاسيڪي ۽ ديسيءَ جي انگن سان شاھ جي وائيءَ کي، پنھنجي نڙيءَ جي سُرن سان سيراب ڪيو. سندس ڳايل ڪلام ھڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو.

سنڌي سنگيت جو ھيءُ ستارو، موسيقي جي اُڀ تي نھايت آب ۽ تاب سان چمڪي رهيو ھو تہ اوچتو ئي اوچتو ٻاويھين مارچ، 1999ع تي گذاري ويو. سندس وفات، گڙدن جي بيماريءَ سبب اسلام آباد ۾ ٿي. کيس حيدرآباد ۾، ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾ دفنايو ويو. وحيد علي اسان کان تہ وڇڙي ويو آھي، پر سندس آواز اڄ بہ ساڳيءَ ريت عوام ۾ مقبول آھي. ھن وقت سندس پونئرن ۾، سندس پُٽ، وقار وحيد ۽ ٻيا ان ورثي کي سنڀاليندا اچن ٿا.

احمد مغل (جنم: 1968ع):

سنڌ جي نالي واري ھن راڳيءَ جو پورو نالو محمد احمد مغل آھي. ھن پھرين مارچ 1968ع تي خيرپور ضلعي جي شھر ’پريالوءِ‘ ۾ حيات علي مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ميٽرڪ تائين پريالوءِ ۾ تعليم پرايائين، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سکر مان ٻارهين درجي جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ جاپان ويو ۽ ٻن سالن کان پوءِ اتان واپس آيو، ۽ شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽي خيرپور مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪيائين. جنھن بعد خيرپور لا ڪاليج مان ايل. ايل. بي ڪيائين.

1995ع ۾ پي. آءِ. اي. ۾ ڏهاڙي اجرت واري وقتي ملازمت شروع ڪيائين، ڏيڍ سال کان پوءِ حڪومت جي بدلجڻ جي ڪري کيس اتان ھٽايو ويو. احمد مغل جي وڏو ڀاءُ رحمان مغل (سرمد سنڌي) سنڌ جو ناميارو ڳائڻو ھو، ۽ قومي گيت سندس سڃاڻپ ھئا. احمد مغل پڻ پنھنجي ڀاءُ سرمد سنڌي کان گهڻو متاثر ھو، ۽ اڪثر ڀاءُ جا چيل ڪلام جهونگاريندو ھو ۽ دوستن ۾ ويھي ڳائيندو ھو. ان جي وفات کان پوءِ بہ اھي جاري رکيائين. کيس ڳائڻ جو شوق ھو. 1998ع ۾ پي ٽي وي ڪراچي سينٽر تان ’مھراڻ ميگ‘ پروگرام ۾ ٻہ ڪلام ’سار پھرئين پيار جي، بوند آھي بھار جي‘، ’جتي ھجو سکيا ھجو اسان جي آ دعا اھا‘ ڳايائين ۽ ساڳئي سال سندس پھريون آڊيو ڪيسٽ جو البم رليز ٿيو. پاڻ راڳ جي سکيا استاد عبدالغفور سومري ۽ استاد ظھور خان کان ورتائين. احمد مغل جا 38 آڊيو ڪيسٽن جا البم جاري ٿي چڪا آھن، ۽ نجي چينلن ۽ پاڪستان ٽيليويزن تان ڪيترائي ڪلام پيش ڪري مشھوري ماڻيائين. پرڏيھ ۾ آسٽريليا، بحرين ۽ دبئي ۾ ڪيترائي ڀيرا وڃي عوام آڏو فن جو مظاھرو ڪري داد وصول ڪري چڪو آھي. کيس نجي ادارن ۽ نجي چينلن طرفان ڪيترائي ايوارڊ مليا. احمد مغل سنڌ جي ڪيترن ئي مشھور شاعرن سان گڏوگڏ سنڌ جي لافاني ۽ عظيم شاعر شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:

سڪ مارن جي سمھڻ نہ ٿي ڏي...

ڇو ٿيون ڏيو مون کي متيون متيون...

عمر آئون ويندڙو پڇان ڪوءِ...

اختر درگاھي (جنم: 1964ع):

اختر درگاھي شاعر ۽ محقق سان گڏوگڏ ھڪ سُريلو راڳي ۽ موسيقار پڻ آھي، سندس جنم 24 سيپٽمبر 1964ع تي روهڙيءَ ۾ ٿيو، سندس والد جو نالو درگاھي ميراڻي آھي. اختر درگاھي پرائمري تعليم شھدادو اسڪول، روهڙيءَ مان حاصل ڪئي ۽ 1980ع ۾ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول روهڙيءَ مان مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين. ان کان پوءِ وڌيڪ تعليم جي لاءِ اسلاميہ سائنس ڪاليج سکر ۾ داخلا ورتائين، جتان ھُن 1982ع ۾ انٽر، 1985ع ۾ بي اي ۽ 1987ع ۾ ايم.اي سنڌيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي.

اختر درگاھيءَ، کي راڳ رنگ سان اُنسيت ورثي ۾ ملي، ڇاڪاڻ تہ سندس ڏاڏي مائي بيگم فقيرياڻي بہ ھڪ مشھور ڳائڻي ھئي. سندس والد درگاھي ميراڻي شاعر ھئڻ سان گڏوگڏ راڳ پڻ ڳائيندو ھو.

اختر درگاھي پنھنجي ڏاڏي بيگم فقيرياڻي کان متاثر ٿي، راڳ جي دنيا ۾ پير پاتو. پاڻ اسڪولي دؤر ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين، جنھن دوران کيس ريڊيو پاڪستان خيرپور ۽ پي ٽي وي ڪراچيءَ سينٽر تان ڳائڻ جو موقعو مليو.

اختر درگاھي راڳ جي شروعاتي ڄاڻ پنھنجي والد درگاھي ميراڻيءَ کان ورتي ۽ ان کان پوءِ موسيقيءَ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ نامياري راڳي لونگ خان جي شاگردي اختيار ڪيائين، جنھن کيس ڳائڻ سان گڏوگڏ ھارمونيم وڄائڻ پڻ سيکاريو.

اختر درگاھي عملي زندگيءَ جي شروعات ھڪ تعليمي اداري ۾ موسيقيءَ جي استاد طور ڪئي، جنھن کان پوءِ کيس زرعي ترقياتي بينڪ ۾ نوڪري ملي. جتي پاڻ ھن وقت اسسٽنٽ وائيس پريزيڊنٽ آھي.

اختر درگاھيءَ جي سڃاڻپ موسيقيءَ جي اسڪالر طور بہ آھي. پاڻ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ موسيقيءَ تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ ڪيترائي تحقيقي مقالا پيش ڪيا اٿس. 1992 ع ۾، خيرپور يونيورسٽي لاءِ بي. اي سطح تي، موسيقيءَ جو ڪورس پڻ تيار ڪيائين.

اختر درگاھي شاھ لطيف جا ھيٺيان ڪلام ڳايا آھن.

نيڻ منھنجا ڪينئن لڳا...

ڪينئن وساريان ور اديون....

روئان زارو زار ڇوڙي وار...

اديون مون کي ماروئڙن جي...

منھنجا ڪيچي قول ڪري...

ويندس ڪيچ ڪھي...

ڪارون وس ڪيام...

منھنجو يار ميھار سان...

ھيري ھٿ وڌائين...

راڻل تو بن رات...

امبر مھڪ (جنم: 1980ع):

سنڌ جي مشھور ڳائڻي، امبر مھڪ، 12 مئي 1980ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ يار محمد شيخ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري کان ٻارهين درجي تائين اي- آر- بنات اسڪول حيدرآباد سنڌ مان تعليم حاصل ڪيائين. سندس ماءُ شميم آرا، ريڊيو پاڪستان جي مشھور ڳائڻي رهي آھي ۽ سندس ڀيڻ انجم آرا پڻ ڳائڻ ۾ شھرت ماڻي.

امبر مھڪ کي گهر ۾ ئي راڳ ۽ موسيقيءَ جو ماحول مليو تنھن ڪري ننڍپڻ کان ئي راڳ ڏانھن سندس لاڙو رهيو. ماءُ سان گڏ اڪثر ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ ويندي ھئي. يارنہن سالن جي عمر ۾ پھريون ڀيرو ريڊيو تي عابدہ پروين جو ڳايل پروين شاڪر جو مشھور ڪلام ’جب سے تونے مجهے دیوانہ بنا رکھا ہے‘ لائيو پرفارم ڪيائين. راڳ جي باقاعدہ سکيا استاد امير عليءَ کان ورتائين. 1994ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ کان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. 2002ع ۾ استاد خان صاحب خير محمد جي ورسيءَ جي موقعي تي ھڪ تقريب ۾ ڳائي تمام گهڻو داد حاصل ڪيائين. کيس شھرت ان وقت ملي جڏهن ھڪ خانگي ٽي وي چينلKTN تان سندس ڳايل قلندر شھباز جي ڌمال ’قلندر لال تنھنجي مان ملنگياڻي آھيان‘ نشر ٿيو.

امبر مھڪ جا ھن وقت تائين 14 کان وڌيڪ آڊيو ڪيسٽن جا البم جاري ٿي چڪا آھن. قلندر ايوارڊ، مصري شاھ ايوارڊ ۽ ٻيا ڪيترائي نجي چينلن ۽ نجي ادارن کان ايوارڊ حاصل ڪري چڪي آھي. پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي ۽ لاھور جي اسٽوڊيو تان پرفارم ڪندي رهي آھي، سندس ڳائڻ جو محور عارفاڻو ڪلام ۽ صوفي راڳ آھن.

امبر مهڪ ، شاھ لطيف جي ڪلام کي پڻ ڳايو آھي سندس ڳايل ڪلام ھن ريت آھي.

ڪارون وس ڪيام...

عمر مون نہ وڻن...

امينہ (جنم: 1946ع):

سنڌي سنگيت جي سريلي فنڪارا، غلام زينب شاھ عرف امينہ، 15 ڊسمبر 1946ع تي حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو، علي بخش شاھ ھو. ھن شروعاتي تعليم سيد باز محمد شاھ اسڪول ۾ ورتي. 1967ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ بي. اي. جو امتحان بہ پاس ڪيائين. 1969ع ۾ پي. ٽي. سي. جي ٽريننگ ڪري بئراج ڪالوني حيدرآباد ۾، پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ٿي ۽ ھيڊ ماسترياڻي ٿي رٽائر ڪيائين.

امينہ کي، ننڍي ھوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. زرينہ بلوچ کيس ريڊيو تي وٺي وئي ۽ استاد محمد ابراھيم کيس ڳائڻ جو موقعو فراھم ڪيو. امينہ کي ڪوبہ ساز وڄائڻ ڪونہ ايندو ھو، پر سندس آواز ۾ ڪمال جو ميٺاج ھو. استاد محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن جي سھڪار ۽ سکيا سان سندس فن ۾ پختگي آئي. امينہ کي شاھ لطيف جي ڪلام سان بي پناھ پيار ھو، جيتوڻيڪ ھن ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي گهڻائي لوڪ گيت ڳايا، پر تنھن ھوندي بہ، اسٽيج تي ھر محفل ۾ شاھ لطيف جو ڪلام پيش ڪندي ھئي. امينہ ذاتي مصروفيتن سبب ھاڻي موسيقيءَ جي دنيا کي ڇڏي، گهريلو زندگي گذاري رهي آھي.

انور حسين وسطڙو (جنم: 1940ع):

عوامي فنڪار ۽ شاھ لطيف جو راڳي، انور حسين وسطڙو، 1940ع ڌاري ٺارو شاھ جي ھڪ ڳوٺ، يونس وسطڙي، ضلعن نوشھري فيروز ۾ ڄائو ھو. ابتدائي تعليم، ڳوٺ ساند جي پرائمري اسڪول مان وٺڻ کان پوءِ، ھاءِ اسڪول ٺارو شاھ مان مئٽرڪ پاس ڪيائين.

انور وسطڙي، راڳ جي شروعاتي سکيا، استاد محمد صالح خاصخيليءَ کان ورتي، جڏهن تہ باقاعدي راڳ جي سکيا، استاد منظور علي خان کان ورتائين ۽ سڳو بہ ٻڌارايائين. ھن استاد جي پوئيواري ڪندي، ساڳئي ڪلاسيڪي انگ ۾، شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو، جيڪو عوام ۾ نھايت مقبول ٿيو. جڏهن پنھنجي سريلي آواز سان شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو آھي تہ سندس سُرن جي ورکا ۾ ڪلام ۾ سمايل منظر ٻڌندڙن آڏو چٽو ۽ واضح ٿي پوندو آھي.

انور وسطڙي، سنڌ جي سڀني صوفي بزرگن جي درگاھن، ميلن ملاکڙن، عوامي محفلن، ريڊيو، ٽي. وي. ۽ آڊيو ڪيسٽن وسيلي، شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو آھي. ريڊيو تي پاڻ شاھ لطيف جي وائي: ’جن سان سُتي مليو‘ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس ڳايل، شاھ لطيف جو ڪلام ھن ريت آھي:

آيل!ڪريان ڪيئن؟ منھنجو نينھن اَپليو نہ رهي...

تڙ نہاريان ٿي، منھنجا بندر وئڙا جي...

پرچن شال پنھوار، ڍولا! مارو مون سان لا...

انور حسين جو آواز ۽ گائڪي، متاثر ڪندڙ آھي. موسيقيءَ جي دنيا ۾ کيس سٺي مڃتا ملي. پاڻ ڪيترا ئي شاگرد بہ پيدا ڪيائين، جن ۾ نجف علي وسطڙو، امداد وسطڙو، زاھد گل ۽ طفيل ڀنڀرو شامل آھن. انور حسين ھن وقت نوابشاھ ۾ رهي ٿو ۽ محفلن ۾ پنھنجا سريلا سُر وکيريندو رهي ٿو.

برڪت علي (جنم: 1967ع) :

سنڌ ۾ جيڪي ذاتيون يا قبيلا ڳائڻ وڄائڻ جي حوالي سان ڄاتا سڃاتا وڃن ٿا، تن ۾ ڀٽ، ڀان، چارڻ ۽ مڱڻھار مشھور آھن. برڪت عليءَ جو تعلق پڻ ڀٽ ذات سان آھي. سندس ڪٽنب صدين کان ساز ۽ آواز جو ساٿ نڀائيندو ٿو اچي. سنڌ جي ھن سريلي فنڪار جو جنم، 25 آگسٽ 1967ع تي، سکر شھر ۾ ٿيو. راڳ جي لولين ۾ سندس واڌ ويجھ ٿي. راڳ سندس خانداني ڪرت آھي، ان ڪري پاڻ بہ ننڍپڻ کان سُرن سان اھڙي ريت واقف ٿي ويو، جو ٻين ٻارن جيان کيڏڻ ڪڏڻ سڀ وسري ويس. برڪت علي، ڏهن سالن جي ڄمار کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي شروعاتي سکيا، پنھنجي پيءُ، عبدالرسول ڀٽ کان ورتائين، جيڪو پاڻ بہ سٺو راڳي ھو. بعد ۾ لاھور ويو ۽ غزل جي نامياري گائڪ، غلام عليءَ کان وڌيڪ سکيا ورتائين. برڪت عليءَ جي گائڪيءَ تي غزل جي انگ ۽ انداز جو اثر وڌيڪ نمايان آھي. پاڻ راڳ جي عشق ۾ مئٽرڪ کان وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو. سمورو ڌيان ڳائڻ تي ڏنائين. برڪت سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي ۽ ٿوري ئي وقت ۾، عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيو. پاڻ غزل، گيت، خيال، ٺمري ڳائڻ کان علاوہ، وائي ۽ ڪافي ڳائڻ جو پڻ ماھر آھي. سنڌ جي نہ رڳو جديد شاعرن جو ڪلام ڳايو اٿس، پر ڪلاسيڪي شاعرن ۾، سچل سرمست، بيدل، مصري شاھ ۽ شاھ لطيف جو ڪلام بہ ڳايو اٿس.

برڪت عليءَ، 1988ع ۾ ريڊيو تي ڳائڻ جي شروعات، شاھ لطيف جي ڪلام، ’لڳڙي آھي لغار‘ سان ڪئي. ان کان علاوہ، ريڊيو خيرپور، ريڊيو حيدرآباد، پاڪستان ٽيليويزن ۽ سنڌ ۾ ٿيندڙ ثقافتي پروگرامن، صوفي بزرگن جي درگاھن تي منعقد ٿيندڙ ميلن تي پڻ، شاھ لطيف جو ڪلام پيش ڪري چڪو آھي. برڪت علي، شاھ لطيف جي وائيءَ کي پنھنجي ھم عصرن ڳائڻن جي ڀيٽ ۾ ڪجهہ مختلف ۽ منفرد انداز سان ڳايو آھي. ھن وائيءَ کي سنڌ جي ديسي انداز وانگر نہ، پر غزل واري مخصوص انداز ۾ ڳايو آھي، يا ايئن کڻي چئجي تہ وائيءَ تي غزل جو رنگ وڌيڪ نمايان آھي، جيڪو ٻڌڻ ۾ ڏاڍو اثرائتو ۽ مٺو آھي، جو ٻڌندڙ کي ڪٿي بہ اوپرائپ جو احساس نٿو ٿئي.

برڪت علي، شاھ لطيف جي ڪلام مان، سُر مومل راڻو، سُر ڪوهياري، سُر مارئي ۽ سُر سسئيءَ کان گهڻو متاثر آھي ۽ ھنن ئي سُرن مان، شاھ لطيف جو ڪلام چونڊ ڪري ڳائيندو رهيو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:

لڳڙي آھي لغار...

آھيان مارن، آھيان سانگين...

برڪت علي، پنھنجي مخصوص انداز جي ڪري ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مشھور آھي. پاڻ ٿائلئنڊ، سينگاپور، ھانگ ڪانگ، انڊيا، دبئي ۽ گڏيل عرب اماراتن ۾ پنھنجا سُريلا سُر وکيري داد حاصل ڪري چڪو آھي. سندس وڏي خوبي اِھا آھي، جو پاڻ ڌنون ڪمپوز ڪندو آھي. برڪت علي ھن وقت شاھ لطيف جو جيترو بہ ڪلام ڳايو آھي، اُھو ھڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو، جو سندس ڳايل ڪلام ديسي انگ کان ٿورو منفرد آھي.

ٻُڍو فقير (1942ع - 2005ع):

ٻُڍو فقير، سنڌ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي. پاڻ 1942ع ڌاري مٺي شھر ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو محمد صديق مڱڻھار آھي. کيس ننڍي وهيءَ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو. تنھن ڪري ھن 15 سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ٻڍي فقير راڳ جي باقاعدہ سکيا مُراد فقير کان ورتي. پاڻ گهڻو ڪري صوفي شاعرن جو ڪلام ڳائيندو ھو. ٻڍي فقير شاھ لطيف، سچل سرمست، عباس علي شاھ ۽ حاجي احمد ملاح جو ڪلام نھايت ئي چاھ سان، انتھائي سُريلي انداز ۾ ڳايو آھي. سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترائي ايوارڊ پڻ مليا. سنڌ جو ھي سُريلو راڳي 3 جنوري 2005ع تي لاڏاڻو ڪري ويو.

ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي رڪارڊ موجب، ٻڍي فقير، شاھ لطيف جو جيڪو ڪلام ڳايو، ان جو وچور ھن ريت آھي:

جن لئہ اُڏايان ويٺي ڪانگ...

آھيان ڏونگر ڏوري...

ڀڳت ڪنور رام (1885ع - 1939ع):

سنڌي موسيقيءَ جي افق تي ستاري جيان چمڪندڙ شاھ لطيف جو راڳي، ڀڳت ڪنور رام، 25 آڪٽوبر 1885ع تي ميرپور ماٿيلي جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ، جروار ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو، ڀائي تارا چند ھو. پاڻ ننڍپڻ کان ئي صوفياڻي طبيعت جو مالڪ ھو. ڀڳت ڪنور رام، پنھنجي گرو سنت سترام داس وٽ روز شام جو ويندو ھو ۽ سچيءَ دل سان سندس شيوا ڪندو ھو. اتي روز مڙهيءَ ۾ ڀڄن ڀاءُ ٿيندو ھو، جنھن ۾ ڏورانهن علائقن مان ساڌو ڀڳت، اچي صوفياڻو راڳ ڳائيندا ھئا. ڪنور ڀڳت تي اُن راڳ جو گھرو اثر پيو ۽ پاڻ بہ ڳائڻ شروع ڪيائين. راڳ ۾ سندس ڪوبہ استاد ڪونہ ھو، قدرتي طور کيس ڳائڻ جي ڏات مليل ھئي.

ڀڳت ڪنور رام کي شاھ لطيف جي ڪلام سان جنون جي حد تائين عشق ھو. روز، صبح جو اُٿي شاھ جي رسالي جو ورد ڪندو ھو. انهن بيتن ۽ واين ۾ پنھنجي آواز جو ساھ ۽ ساءُ وجهي، سڄيءَ سنڌ ۾ ڳائيندو وتندو ھو.

ڀڳت ڪنور رام جڏهن فقيرن جھڙو ڊگھو چولو، مٿي تي ڪاري رنگ جو پٽڪو، ڪنن ۾ جوڳين جھڙا والا ۽ پيرن ۾ ڇير ٻڌي ڦيريون پائي نچندو ھو تہ ٻڌندڙن تي بيخوديءَ واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي. پاڻ خاص ڪري رسالي مان سُر سسئيءَ جو ڪلام ڳائيندو ھو ۽ پنھنجي پُرسوز ۽ سريلي آواز سان سُر سسئيءَ جو ڪلام اھڙيءَ طرح ڳائيندو ھو، جو ٻڌندڙ مرد توڙي عورتن جي اکين مان لڙڪن جون لڙهيون وهڻ لڳنديون ھيون. سندس پسند جي راڳڻين ۾ جوڳ، ڪوهياري، راڻو، آسا ۽ پرڀاتي ھونديون ھيون. ڀڳت ڪنور رام، سڄيءَ سنڌ ۾ شاھ لطيف جو صوفياڻو پيغام پھچايو. ھن شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ ۾، شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو. ان وقت گراموفون وارين ڪمپنين سندس ڪلام رڪارڊ ڪيو، جو ھن ريت آھي:

بوند برھ جي بھار لڳي

مان تہ دامن لڳي آھيان

ڳڻتي اباڻن جي ماري

عمر اباڻن جي ميار

عمر ميار مون کي ٿي ماري

عمر ميار ٿي ماري

ڀڳت ڪنور رام کي ھندو توڙي مسلمان، ھڪ جيترو مانُ ڏيندا ھئا. ڀڳت وٽ سڀني لاءِ ساڳيو ئي پيار ھو. ڀڳت راڳ جي سموري ڪمائي، راڳ ختم ڪرڻ کان پوءِ، اُن وقت ئي ضرورتمندن ۾ ورهائي ڇڏيندو ھو ۽ پنھنجي لاءِ ڪجهہ بہ نہ رکندو ھو، انهيءَ ڪري ضرورتمند، خاص طور نياڻيون نہ اٿاري سگهندڙ غريب ماڻهو وٽس ويندا ھئا. ھڪ ڏينھن پاڻ جڏهن مانجهند کان ميلي تان ٿي، دادوءَ لٿو ۽ اتان سکر لاءِ ٻيءَ گاڏيءَ تان چڙهي رُڪ اسٽيشن پھتو، پوءِ اتان وري ٻي گاڏيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺ جروار پئي ويو تہ پير ڀرچونڊيءَ وارن جي مريد، جان محمد جلباڻيءَ بندوق جا فائر ڪري، امن جي ھن سفير کي شھيد ڪري ڇڏيو. اھو واقعو، 1 نومبر 1939ع تي ٿيو. سندس اگني سنسڪار، ڳوٺ جروار ۾ ڪيو ويو. سندس شاگردن ۾ نارو ڀڳت ۽ ٽيڪو مل مشھور ڀڳت ٿي گذريا آھن، جيڪي سندس حياتيءَ ۾ بہ ساڻس گڏ ڳائيندا ھئا.

تاج مستاني (جنم: 1970ع):

تاج مستاني سنڌ جي ناليواري ڳائڻي آھي، سندس اصل نالو مختيار ناز آھي، پر راڳ جي دنيا ۾ تاج مستانيءَ جي نالي سان مشھوري ماڻيائين. 14 آگسٽ 1970ع تي سيوهڻ ۾ محمد عالم جي گهر ۾ جنم ورتائين. اٺن درجن تائين سيوهڻ ۾ تعليم حاصل ڪيائين، جنھن بعد پڙهائي ڇڏي راڳ جي دنيا ۾ پير پاتائين. راڳ جي سکيا استاد غلام حسين ڪليريءَ کان ورتائين، سندس چوڻ موجب، ” سيوهڻ ۾ جتي قلندر ڪانفرنس ٿيندي آھي، اسان جو گهر بلڪل ان جي ويجهو ھو، مون کي ننڍي ھوندي کان اھا جستجو ھئي تہ اتي ٻين راڳين جيان مان بہ اسٽيج تي ڳايان، جتي ڪجهہ سالن جي محنت کان پوءِ مون پير پاتو، ۽ پھريون ڀيرو، مون سيوهڻ ۾ رٿيل لعل شھباز قلندر ڪانفرنس ۾ ڳايو، انهن ڏينھن ۾ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو ھو. ان ڪانفرنس ۾ ڳائڻ لاءِ منھنجو آڊيشن ممتاز مرزا ۽ حميد آخوند ورتو ھو. الله سائينءَ جو شڪر آھي تہ ھن وقت تائين پنج (5) ڀيرا لعل شھباز قلندر ايوارڊ مڃتا طور ملي چڪو آھي، مون پھرين قلندر ڪانفرنس ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ’جيجل ماءُ منھنجو پرديسين سان سڱ‘ ۽ سچل جو ڪلام ’آءٌ ڪيئن آتڻ وڃان‘ ڳايو ھو.“

ھن وقت تاج مستاني راڳ جي دنيا ۾ ھڪ منفرد انداز جي ڪري پڻ گهڻو مشھور آھي، سندس ھڪ خاص قسم جو روايتي لباس ۽ ھڪ ھٿ ۾ يڪتاري ۽ ٻئي ھٿ ۾ چپڙيءَ سان مخصوص انداز ۾ ڳائيندي آھي. سندس چوڻ موجب، ”منھنجي صوفياڻي ۽ عارفاڻي ڪلام ۾ دلچسپي آھي ۽ شاھ لطيف جو ڪلام نھايت عقيدت ۽ وڏي چاھ سان ڳائيندي آھيان.“

تاج مستاني، پاڪستان ٽيلويزن تي، سنڌ سينگار، ھمرچو، پرک ۽ ٻين ڪيترن ئي پروگرامن ۾ ڳايو آھي، کيس مڃتا طور پي ٽي وي طرفان ٽي (3) ايوارڊ جڏهن تہ ريڊيو پاڪستان اسلام آباد طرفان 2006ع ۾ ’نيشنل ايوارڊ‘ پڻ مليل آھي. 2014ع ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ ماڻيائين، ان کان علاوہ نجي پروگرامن ۽ خانگي چينلن طرفان کيس ڪيترائي ايوارڊ مليل آھن.

تاج مستاني، پاڪستان کان ٻاھر، جرمني، ترڪي، ناروي، بيلجيم، ڊنمارڪ، روس، جاپان، مصر، انڊيا ۽ دبئيءَ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري مڃتا ماڻي چڪي آھي. سندس آڊيو ڪيسٽن جا ٽيھارو البم جاري ٿي چڪا آھن. ھن وقت تائين سون جي تعداد ۾ ڪلام ڳائي چڪي آھي. ھن وقت سندس رهائش قاسم آباد، حيدرآباد سنڌ ۾ آھي. پاڻ ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو اٿس، جيڪو ھن ريت آھي:

آھي ارمان عجيبن جو، مون کي نال نہ نيائون...

ايندو سڄڻ سائين...

ڪا ھيئين سين لائي...

جيجل ماءُ منھنجو...

تعمير حسين (جنم: 1966ع):

تعمير حسين سنڌ جو نالي وارو نوجوان راڳي آھي. ھن چوٿين آڪٽوبر 1966ع تي حيدرآباد سنڌ ۾ استاد غلام علي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ استاد غلام علي پنھنجي دؤر جو مشھور موسيقار رهيو آھي. تعمير حسين کي راڳ ۽ موسيقي ورثي ۾ ملي ۽ سندس ئي پيءُ کيس سکيا ڏني.

ھن راڳ جي باقاعدي شروعات 1983ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر کان ڪئي ۽ گهڻي عرصي تائين پي ٽي وي تي مختلف پروگرامن ۾ ڳائيندو رهيو. پي ٽي وي ڪراچي، لاھور، اسلام آباد، پشاور ۽ ڪوئٽہ تان نشر ٿيل پروگرامن ۾ ھمرچو، کٽڻهار، بوند بھار، چھچٽو، پرک، گهڙيال، سنڌ سينگار ۽ آباد گار سنڌيءَ ۾ جڏهن تہ اردو پروگرامن ۾ رنگ ترنگ، ميوزڪ فيسٽيول، ميري پسند، ٽيلي شو، معين اختر شو، ۽ بزم غزل شامل آھن، جن ۾ تعمير حسين ڪيترائي ڪلام ڳائي چڪو آھي. سندس چوڻ موجب: ” پي ٽي وي تي مون 450 آئٽم ڪيا آھن.“ اھڙيءَ ريت ريڊيو پاڪستان تي پڻ 1994ع کان وٺي ڪيترائي ڪلام ڳائي چڪو آھي ۽ سندس ڳائڻ جو اھو سفر ھلندڙ آھي. نجي ٽي وي چينلن تي پڻ وڏي پذيرائي ملي اٿس.

تعمير حسين سنڌي، سرائڪي، بلوچي، اردو ۽ راجستاني، ٻولين ۾ ڳائيندو آھي. ھن ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آھي.جيڪو ھن ريت آھي:

اديون آريچن سان...

مون ۾ تون موجود، آئون آڳاھين آھيان...

ھن عملي زندگيءَ ۾ 1990ع کان 1993ع تائين ڪلارڪ طور ڪينٽونمينٽ بورڊ ڪراچي ۾ نوڪري ڪئي. 2012ع کان سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ اسسٽنٽ (BPS-16) طور نوڪري ڪري رهيو آھي.

پريوش ڀٽو (جنم: 1976ع):

پريوش ڀٽو جو جنم 1976ع ڌاري، ڪراچيءَ ۾ ٿيو، سندس پيءُ جو نالو نواز علي ڀٽو آھي، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار رهي چڪو آھي. ابتدائي تعليم لاءِ کيس ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي، اولڊ ڪيمپس ۾ داخل ڪرايو ويو.

پريوش کي علم پرائڻ سان گڏوگڏ ڳائڻ سان پڻ دلچسپي ھئي، ھوءَ اسڪول ۽ ڪاليج جي مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺي، نعت پڙهندي ھئي، سُريلي آواز سبب کيس ڪيترائي انعام پڻ مليا. اڳتي ھلي ھن استاد نياز حسين قريشي، کان راڳ جي باقاعدي سکيا ورتي ۽ پوءِ استاد صادق علي ۽ استاد فيروز علي کان پڻ سکيا ورتائين.

ھن ڏهن سالن جي ڄمار ۾ پھريون ڀيرو ھڪ ادبي ڪانفرنس ۾ وائي ’ ڪيئن ريجهايان توکي، ڪيئن پرچايان‘ ڳائي، مڃتا ماڻي. پري وش پي.ٽي وي ڪراچي سينٽر تان پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو، جنھن کان پوءِ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي پڻ ڳائڻ جو موقعو مليو، جنھن جي ڪري کيس سڄي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي.

پريوش ڳائڻ سان گڏوگڏ پنھنجي تعليم بہ جاري رکي، ٻارهون درجو نزرت ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪيائين ۽ پوءِ لياقت ميڊيڪل ڪاليج ڄام شوري مان ايم بي بي ايس جي ڊگري ورتائين،جنھن بعد اکين جي بيمارين ۾ مھارت حاصل ڪرڻ لاءِ ھڪ سال جو ڪورس ڪيائين، جنھن کان پوءِ پنجن سالن تائين اکين جي ماھر ڊاڪٽر طور ڪم ڪيائين .

2007ع ۾ سندس شادي ٿي، جنھن بعد ڳائڻ ۽ پيشيوراڻي زندگيءَ کي الوداع چئي، گهريلو زندگيءَ جي شروعات ڪيائين. ھن وقت سندس ھڪ پُٽ ۽ ھڪ ڌيءَ جو اولاد آھي ۽ پاڻ گهريلو زندگي گذاري رهي آھي.

پريوش گهڻو ڪري صوفياڻو ۽ عارفاڻو ڪلام ڳائندي ھئي، ھن ڪيترين ئي صوفي شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ شاھ لطيف جون ھيٺيون وايون پڻ ڳايون آھن:

پلڪ نہ رهي دل...

جلال چانڊيو (1948ع -2001ع):

سنڌ جي لوڪ رنگ کي چپڙي ۽ يڪتاري جھڙي ساز تي سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندڙ سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي، جلال چانڊيو، 1948ع ڌاري ضلعي نوشھري جي شھر ڦُل ڀرسان ڳوٺ، ’هڙپال جي پَٽَ‘ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ، حاجي فيض محمد چانڊيو مالوند ماڻهو ھو، ان ڪري ننڍڙو جلال، ننڍي ھوندي کان ئي پنھنجو مال چارڻ لڳو. ننڍي ھوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق ھوندو ھئس ۽ مال چاريندي پنھنجي منھن پيو جهونگاريندو ھو. جڏهن ٿورو وڏو ٿيو تہ پيءُ کيس نوان جتوئيءَ ۾ درزڪو ڪم سکڻ لاءِ ڇڏيو، جنھن کان پوءِ کيس عشق جي چوٽ لڳي وئي ۽ ھن درزڪو ڌنڌو ڇڏي، ڳائڻ شروع ڪيو. راڳ جي شروعاتي سکيا، پنھنجي پڦاٽ سائينداد ۽ احسان علي فقير کان ورتائين، پر باقاعدي سکيا، استاد گل محمد مھر، ميرپور ماٿيلي واري کان موري شھر ۾ ورتائين.

پھرين پنھنجي استاد سان گڏجي ڳائيندو ھو. پوءِ استاد جي اجازت سان، 1973ع کان ھن ڌار ڳائڻ شروع ڪيو. يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائڻ جي سندس نرالي انداز، ٻڌندڙن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. ان وقت سنڌ جي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ اردو ۽ پنجابي فلمن جي ڪري انهن ٻولين جي ڳائيندڙن جي تمام گهڻي مقبوليت ھئي، پر جلال جي منفرد ۽ وڻندڙ آواز انهن غير سنڌي فنڪارن جي سنڌ مان پڄاڻي ڪري ڇڏي. سندس ڳائڻ جي ان تحريڪ، سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻيا ڪيترائي جلال پيدا ڪيا.

جلال چانڊيو، سنڌ ۾ لڳندڙ ثقافتي ميلن ۽ ملاکڙن ۾ ڳائڻ کان علاوہ، سنڌ جي صوفي بزرگن جي درگاھن تي بہ حاضري ڀري، پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندو ھو ۽ انهن صوفين جو عارفاڻو ڪلام پڻ ڳائيندو ھو، جنھن ۾ شاھ لطيف جو نالو ذڪر جوڳو آھي. جلال نہ رڳو شاھ لطيف جو ڪلام سندس درگاھ ۽ ٻين ثقافتي ميلن ۾ ڳايو آھي، پر سندس ڳايل ڪلام، ڪئسيٽن ۾ پڻ ملي ٿو. جلال، حقيقت ۾ عوامي ڳائڻو ھو. ھن ريڊيو حيدرآباد تان بہ شاھ جو ڪلام ڳايو آھي، جو ھن ريت آھي.

ڏونگر ٿي ڏوري وندر ٿي ووڙي، جتن لاءِ جيڏيون.

جلال چانڊئي، جيترو بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو، اُن ۾ سندس ڳايل ’راڻو‘، عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ جنھن انداز سان جلال، سُر مومل راڻي جا بيت ڳايا آھن، تہ ٻڌندڙن تي مومل جي بيقراري ۽ انتظاريءَ واري ڪيفيت طاري ٿي وڃي ٿي. کيس ٻڌندڙن کي پنھنجي سحر ۾ آڻڻ جو ڀرپور ڏانءُ ھو.

جلال چانڊيو، ريڊيو ۽ ٽي. وي. کان علاوہ، ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو ھو. کيس جيئري جيڪا مڃتا ملي، اُھا ڪنھن ٻئي عوامي راڳيءَ کي نہ ملي آھي. سنڌ جي ھن سدا ملوڪ ڳائڻي، 10 جنوري 2001ع تي سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس سندس اباڻي ڳوٺ، ھڙتال جي پَٽ (موجودہ ڳوٺ جلال چانڊيو) جي مُقام ۾ دفن ڪيو ويو. سندس منفرد آواز ۽ انداز کيس امر بڻائي ڇڏيو.

جمال الدين فقير (1952ع - 2016ع):

جمال الدين فقير 1952ع ڌاري ڳوٺ ڇٽڻ وساڻ، ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو مصري فقير ھو.

جمال الدين فقير پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي ۽ وڌيڪ تعليم جاري رکي نہ سگهيو. ننڍپڻ کان ئي کيس موسيقيءَ سان لڳاءُ ھو. سندس پيءُ کپري جي درگاھ منٺار فقير راڄڙ جو مريد ھو، ۽ درگاھ تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ جمال الدين فقير کي بہ پاڻ سان گڏ وٺي ويندو ھو، ائين ھن ننڍڙي جو صوفيءَ راڳ سان تعلق ٿي ويو. پھريان مختلف درگاھن جي عرس ۽ ميلن ۾ ڳائيندو رهيو. 1988ع ۾ پھريون ڀيرو کيس پي ٽي وي تان ڳائڻ جو موقعو مليو، جنھن سبب کيس سڄي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ٿي. ان کان پوءِ ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشن تان ڳائيندو رهيو. جمال الدين فقير عارفاڻو ڪلام ڳائيندڙ راڳي سهراب فقير کان متاثر ھو ۽ سندس ئي رنگ ۾ ڳائيندو ھو. ھن پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ ٻاھرين ملڪن جھڙوڪ اٽلي، سويٽرزلينڊ، برطانيا، آمريڪا، ترڪي ۽ بيلجيم ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري مڃتا ماڻي.

سندس فن جي مڃتا طور کيس ڪيترن ئي ايوارڊن سان پڻ نوازيو ويو، جن ۾ ٻہ ڀيرا شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، سانا ڪنوينشن ايوارڊ، مصري شاھ ايوارڊ ۽ پي ٽي وي جا ٻہ ايوارڊ شامل آھن.

جمال الدين فقير 26 جون 2016ع تي وفات ڪري ويو. ھن ٻين انيڪ شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جون ھيٺيون وايون پڻ بھترين نموني ڳايون آھن.

سھسين شڪرانا...

مون ۾ تون موجود...

چاڪر چانڊيو (1915ع - 2005ع):

سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي، چاڪر چانڊيو، ڳوٺ مھراڻي، تعلقي شھدادپور ۾ 1915ع ڌاري ڄائو ھو. سندس پيءُ، مصري خان چانڊيو ڪجهہ وقت مھراڻي ۾ رهي، پوءِ پنھنجي ڳوٺ، بھادر خان چانڊيي، تعلقي ھالا واپس آيو، جتي چاڪر جو ننڍپڻ ۽ جواني گذري.

چاڪر چانڊيو، سنڌيءَ جا ٽي درجا، ڳوٺ باغي رند ۾ پڙهيو ۽ وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو ۽ خانداني ڪرت ھارپي ۾ جُنبي ويو. 1951ع ڌاري کيس مجازي عشق جي چوٽ لڳي. خير محمد رند جي ڳائڻ کان متاثر ٿي پاڻ بہ ڳائڻ جو فيصلو ڪيائين ۽ گنبل شاھ ٽَلٽيءَ واري وٽ پھچي، کانئس فيض حاصل ڪيائين. يڪتارو ۽ چپڙي کڻي، سندس ٽوليءَ ۾ شامل ٿي ڳائڻ شروع ڪيائين. ٿوري عرصي کان پوءِ، پنھنجي مرشد ۽ استاد جي اجازت سان پنھنجي ڳوٺ موٽي آيو ۽ باقاعدي ڳائڻ جو آغاز ڪيائين. ويھين صديءَ جي پوئين اڌ دوران، صوفياڻي رنگ ۾ ڳائي سڄي سنڌ ۾ ڌوم مچائي ڇڏيائين. پاڻ ان سنگ جي آخري نشاني ھو.

چاڪر چانڊيي کي، ريڊيو تي محمد بخش انصاريءَ متعارف ڪرايو. 1957ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ’نواءِ شوق‘ لاءِ سندس آواز ۾ پھرين وائي شاھ لطيف جي رڪارڊ ٿي، جنھن جا ٻول ھئا:

ڪھڙو ڏوھ ڏيان پنھنجي ڏيرن کي!

چاڪر چانڊيي جي گائڪيءَ سان گڏوگڏ سندس يڪتاري ۽ چپڙيءَ جو انداز پڻ نرالو ھو. پاڻ ھر راڳڻي، نھايت پر سوز انداز ۾ ڇيڙيندو ھو. پاڻ سڄيءَ سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر اڪيلي سِر يا ٻين صوفي ڳائڻن جھڙوڪ: فقير امير بخش، فقير حسين بخش، ڍول فقير، فقير عيسيٰ، فقير عبدالغفور سان سُنگ جي صورت ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ڳائي جهومائي ڇڏيندو ھو.

چاڪر چانديو، شاھ لطيف جو ڪلام نھايت ئي سوز واري انداز ۾ ڳائيندو ھو، ۽ سندس اِھو عوامي انداز، عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو. پاڻ سنڌ ۾، صوفي بزرگن جي درگاھن ۽ اوتارن تي وڃي عارفاڻو ڪلام ڳائيندو ھو. سندس گائڪيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو تہ سنڌ جي گائڪيءَ جو نج ڳائڻ وارو انداز ڪھڙو آھي. ھن صدين جي روايت کي زندھ رکيو ۽ انهيءَ انداز ۾ شاھ لطيف جو ڪلام پيش ڪيائين. سندس ڳايل ڪلام، اڄ بہ ڪيترين ئي آڊيو ڪئسيٽن ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن تي محفوظ آھي. سندس ڳايل مشھور ڪلام ڪجهہ ھن ريت آھي:

ڪنڌي ساريان ڪانہ، يا امن امان...

مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو، ڪيچي ڪيچ وڃن...

چاڪر چانڊيي جي فن جي، عوام ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻوئن پاران وڏي قدرداني ٿي. سندس ڳايل ڪلام اڄ بہ عوام ۾ مقبول آھي ۽ ھڪ يادگار اثاثي جي حيثيت رکي ٿو. چاڪر چانڊي 1 نومبر 2005ع تي وفات ڪئي.

حسين بخش ’خادم‘ (1930ع - 1992ع):

صوفياڻي رنگ ۾ رنگيل راڳي، حسين بخش ’خادم‘، 1930ع ڌاري، آراضي تعلقي سيوهڻ ۾ ڄائو. ننڍپڻ کان ئي اسڪول جي پروگرام ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۽ ڳائڻ جي پروگرامن ۾ حصو وٺندو ھو. ڊرامن جي ڀيٽ ۾ کيس ڳائڻ جو شوق وڌيڪ ھو، ان ڪري جو سندس پيءُ بہ راڳي ھو. ڳائڻ وڄائڻ جو ماحول کيس گهران مليو، ان ڪري سُرن جي سڃاڻ ننڍپڻ کان ئي ھئس. اڃا پنج درجا مس پاس ڪيائين تہ سندس پيءُ گذاري ويو ۽ پاڻ ان وقت ئي راڳي فقيرن جي جماعت ۾ شامل ٿي ڳائڻ جي باقاعدي شروعات ڪيائين. راڳ سان عشق ڏسي، مٿس گهر جي ڪنھن بہ ڀاتيءَ سختي ڪانہ ڪئي ۽ اھڙي آزاد ماحول ۾ کيس وڌيڪ سکڻ جو موقعو مليو، ويتر جو صوفي راڳين جي صحبت ۾ آيو تہ عارفاڻي رنگ ۾ رنگجي ويو. جنھن بہ شاعر جو ڪلام سٺو ۽ معنيٰ وارو لڳندو ھئس، تہ ياد ڪري ڇڏيندو ھو ۽ وقت اچڻ تي محفل ۾ ڳائيندو ھو. پاڻ شاعر بہ ھو ۽ سندس تخلص، ’خادم‘ ھو. استاد صادق عليءَ جي آواز ۾ ڳايل، حسين بخش ’خادم‘ جو مشھور ڪلام آھي:

تنھنجي ھجر فراق ۾ ماھِ لقا

نڪي دم ٿو وڃي نڪي غم ٿو وڃي.

حسين بخش، 1954ع ۾، ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بنياد پيو تہ پاڻ، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اسٽيشن سان وابستہ ٿي ويو. راڳ جي بنيادي سکيا انهن راڳين کان وٺندو رهيو، جن سان پاڻ گڏجي ڳائيندو ھو. پاڻ استاد محمد جمن جي گائڪيءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيو، ان ڪري راڳ جي وڌيڪ سکيا استاد محمد جمن کان ورتائين. استاد محمد جمن، ڄاڻ ورهائڻ جو سخي ھو، ڪڏهن بہ پنھنجي در تان ڪنھن سيکڙاٽ کي خالي نہ موٽائيندو ھو. اھڙيءَ طرح ڄاڻ جا ڪيترائي ڪڻا، حسين بخش جي جهوليءَ ۾ بہ وڌائين ۽ شاگرديءَ جو سڳو ٻڌڻ سان گڏوگڏ کيس تال جا ڪيترائي گُر بہ سيکاريائين، ان ڪري ھن جي ڳائڻ جي انداز ۽ لئي ۾ وڌيڪ پختگي آئي.

حسين بخش، فقير طبع انسان ھو ۽ سندس لاڙو تصوف ڏانھن گهڻو ھو. مٿس شاھ لطيف جي ڪلام جو ايترو تہ اثر ھو، جو شاھ لطيف جي ڪلام جون ڪيتريون ئي سٽون، پنھنجي عملي زندگيءَ ۾ پھاڪي، چوڻين ۽ اصطلاحي معنيٰ ۾ پڻ استعمال ڪندو ھو. عارفاڻي ڪلام سان رغبت ھئڻ ڪري درگاھن جا ڀيرا ڪندو ھو ۽ نہ رڳو درگاھن جي حاضري ڀريندو ھو پر روحاني تسڪين لاءِ ھر درگاھ تي شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو ھو. محفل کان علاوہ، عام زندگيءَ ۾ بہ پنھنجي منھن شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو رهندو ھو. ڏيھ توڙي پرڏيھ جي پروگرامن ۾ بہ شاھ لطيف جي ڪلام کي اوليت ڏنائين. ھڪ وفد سان جرمنيءَ ويو ۽ ان پروگرام ۾ شاھ لطيف جي وائي ’مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو‘ ڳايائين تہ لئي ۽ سُر تي جرمن جهومڻ لڳا ۽ کيس ڀرپور داد ڏنائون. سُر راڻو تہ ڪمال جو ڳائيندو ھو.

حسين بخش ’خادم‘، زندگيءَ جو چڱو عرصو مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ گذاريو ۽ مخدوم صاحب جون گهڻيون ئي ڪافيون پنھنجي مخصوص انداز ۽ لئي ۾ ڳايائين. حسين بخش جو ڪيترو ئي ڪلام ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي رڪارڊ ٿيل آھي. سڄي زندگي، راڳ جي خدمت ڪندي گذاريائين. 62 سالن جي عمر ۾ 1992ع ۾ وفات ڪيائين.

حميرا چنا (جنم: 1970ع):

حميرا چنا، سنڌ جي مقبول ۽ مشھور ڳائڻي ۽ فلم انڊسٽريءَ جي بھترين پس پردہ ڳائڻي (play back singer) آھي. 22جون 1970ع تي حيدرآباد ۾ غلام محمد چنا جي گهر ۾ ڄائي. سندس پيءُ غلام محمد چنا، فلم پروڊيوسر، شاعر ۽ اديب ھو، ڪاروباري حوالي سان بلڊر پڻ ھو. حميرا چنا جي ماءُ لڪي ناز بہ پنھنجي دؤر جي معروف ڳائڻي ھئي. حميرا انٽر تائين تعليم حاصل ڪئي، جنھن بعد راڳ جي دنيا سان وابستہ ٿي ويئي.

حميرا چنا راڳ جي سکيا استاد بشير احمد خان، موسيقار نثار بزمي ۽ استاد شوڪت منظور کان ورتي. حميرا چنا 1987ع کان راڳ جي باقاعدي شروعات ڪئي.

ھن وقت تائين سندس سي- ڊين ۽ آڊيو ڪيسٽن جا 100 کان وڌيڪ البم جاري ٿي چڪا آھن. حميرا چنا، سنڌي، پنجابي، اردو، سرائيڪي، پشتو، بنگالي، بلوچي، براھوي، ماروڙي ۽ ڪائشر (ڪشميري) ٻولين ۾ سوين گيت ۽ غزل ڳايا آھن، کيس ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيلويزن تي پڻ وڏي مقبوليت ملي. حميرا چنا فلمن ۾ پلي بيڪ سنگر طور تمام گهڻي مشھوري ماڻي، کيس ڪيترائي ايوارڊ مليا آھن، جن ۾ پاڪستان فلم انڊسٽري جو مشھور ايوارڊ ’نگار فلم فيئر ايوارڊ‘ کيس 6 ڀيرا (1986ع، 1989ع، 1991ع، 1993ع، 1994ع،1997ع) ملي چڪو آھي. انهيءَ سان گڏوگڏ شاھ لطيف ايوارڊ، سچل ايوارڊ، قلندر ايوارڊ ۽ ستارہ امتياز پڻ ملي چڪا آھن. حميرا چنا نہ صرف ڏيھ پر پرڏيھ ۾ پڻ ڳائي مڃتا ماڻي آھي. کيس ڀارتي رياست پنجاب پاران’ گولڊن ٽيمپل ايوارڊ‘ پڻ ملي چڪو آھي. پرڏيھ ۾ ڪيترن ئي ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا، انڊيا وغيرہ ۾ راڳ ڳائي داد وصول ڪري چڪي آھي.

حميرا چنا پاڪستان جي ڪيترن ئي مشھور ڳائڻن سان گڏجي دوگانا ڳايا آھن، جن ۾ نصرت فتح علي خان، پرويز مهدي، غلام عباس، استاد حامد علي، استاد غلام علي ۽ استاد اسد امانت علي ذڪر جوڳا آھن. حميرا چنا، شاھ لطيف جي ڪلام کي پڻ ڳايو آھي، سندس ڳايل ڪلام ھن ريت آھي:

ڪارون وس ڪيام...

رات بہ مينھڙا وٺا...

سرتيون اوهين تہ وڃوڙي...

آءٌ راڻا رھ رات...

پلڪ نہ رهي دل تو ريءَ...

وٽان وڃ مَ مون...

حنيف لاشاري (جنم: 1963ع):

حنيف لاشاري، سنڌ جو مشھور راڳي آھي. سندس جنم 8 سيپٽمبر 1963ع تي، ميرپور خاص جي ڳوٺ شاھ بخش لاشاريءَ ۾ حاجي محمد پريل لاشاري جي گهر ۾ ٿيو. ھن پرائمري تعليم پنھنجي اباڻي ڳوٺ شاھ بخش لاشاريءَ ۾ حاصل ڪئي، جنھن بعد ميرپور خاص شھر مان ميٽرڪ ۽ انٽر پاس ڪيائين. ان کان پوءِ بي اي ۽ ايم اي سياسيات جي ڊگري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ورتائين. ھو پيشي جي لحاظ کان، 1981ع کان پاڪستان اسٽيل مل ۾ ملازمت ڪري رهيو آھي. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ رنگ سان اُنسيت ھئي. ھو جڏهن اٺين درجي ۾ پڙهندو ھو، تڏهن ھڪ محفل ۾ استاد منظور علي خان کي، راڳ سيکارڻ جي وينتي ڪيائين، جنھن کيس تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ وٽس اچڻ لاءِ چيو ھو، پر 1980ع ڌاري جڏهن ھن مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيو تہ استاد منظور علي خان وفات ڪري ويو.

حنيف لاشاري، راڳ جي شروعاتي سکيا پنھنجي چاچي افضل فقير لاشاري، موسيقار بچل خان ٻُرڙي ۽ (خان صاحب) استاد ارباب علي کوسي کان ورتي. ان کاپوءِ ان وقت جي مشھور راڳين استاد گلزار علي خان، استاد محمد يوسف ۽ (خان صاحب) استاد فتح علي خان جي شاگرديءَ ھيٺ پڻ رهيو. پاڻ شروعاتي دؤر ۾ شادي مراديءَ جي محفلن ۽ عوامي ميڙاڪن ۾ ڳائيندو رهيو، جنھن کان پوءِ کيس 1983ع ۾ پي ٽي وي ڪراچيءَ تي ڳائڻ جو موقعو مليو. اھڙيءَ ريت 1997ع ڌاري، ريڊيو پاڪستان خيرپور تان پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائين. ريڊيو ۽ پي ٽي وي تي ڳائڻ ڪري، نہ رڳو سندس آواز سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين ٻڌو ويو، پر کيس تمام گهڻو پسند پڻ ڪيو ويو.

حنيف لاشاري ڪلاسيڪل موسيقيءَ جي چڱي چوکي ڄاڻ رکي ٿو، ھو عارفاڻي توڙي جديد شاعريءَ کي ڪلاسيڪل رنگ ۾ ڳائڻ جا نت نوان تجربا ڪندي، ٺمري، گيت، تراني، غزل، ڪافي ۽ قومي گيت نھايت ئي سهڻي نموني ڳائيندو آھي. پاڻ پاڪستان کان علاوہ سنگاپور ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪو آھي.

حنيف لاشاريءَ کي، سندس فن جي مڃتا طور2007ع ۾ ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ ڏنو ويو، ان کان سواءِ کيس مختلف ادارن پاران، مختلف ايوارڊن ۽ اعزازن سان پڻ نوازيو ويو آھي، جن ۾ ’استاد منظور علي خان ايوارڊ‘، ’استاد وحيد علي خان ايوارڊ‘،’قلندر شھباز ايوارڊ‘، ’سچل سرمست ايوارڊ‘، ’ڪي ٽي اين ايوارڊ‘، ’سنڌ ايڪسيلينس ايوارڊ‘ ۽ ’صدارتي ايوارڊ براءِ تمغہ امتياز‘ شامل آھن.

حنيف لاشاري ٻين شاعرن سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جو ھيٺيون ڪلام پڻ ڳايو آھي.

رات عمر مون خواب ۾...

يار سڄن جي فراق...

مڌ پئيندي مون...

ڪي جو ڪاڪ تڙاءُ...

ٿرٿر اندر ٿاڪ...

تنھنجي محبت وڌي آھيان مامري...

سارنگ سار لھيج...

ديبا سحر (جنم: 1980ع):

سنڌ جي نالي واري ڳائڻي، ديبا سحر 15 جنوري 1980ع تي ڪراچيءَ ۾ اعجاز حسين ڀٽيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد اعجاز حسين پڻ راڳي ھو. اعجاز حسين اصل ذات جو قريشي ھو، پر سندس راڳ جي استاد، ناليواري فنڪار عنايت حسين ڀٽيءَ کيس ”ڀٽي“ لقب ڏنو، جنھن بعد ھو اعجاز حسين ڀٽي سڏائيندو ھو. اعجاز حسين ڀٽي، عالم لوهار ۽ عنايت حسين ڀٽيءَ سان گڏجي ڳائيندو ھو. سٺ واري ڏهاڪي ۾ پنجاب صوبي جي ھڪ ننڍي ڳوٺ ’پنڊي ڀٽيان‘ مان ڪراچي لڏي آيو ھو.

ديبا سحر پرائمري کان ٻارهين درجي تائين، سنڌ پبلڪ ھاءِ اسڪول ڪراچيءَ ۾ تعليم حاصل ڪئي. ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھوس، اسڪول ۾ نعتون پڙهندي ھئي. راڳ جي شروعاتي سکيا پنھنجي والد کان ورتائين، جنھن بعد استاد فتح علي خان ۽ استاد علي نواز خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. سندس چواڻي: ”هاڻي استاد فدا حسين کان سکيا وٺي رهي آھيان.

ديبا سحر1995ع کان راڳ ڳائڻ جي باقاعدي شروعات ڪئي، 1997ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد مان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ پي ٽي وي تي نشر ٿيندڙ پروگرام ’روشن تارا‘ ۾ پڻ ڳائيندي ھئي. ديبا سحر سنڌ کان علاوہ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جھڙوڪ: آمريڪا، ڀارت، مليشيا، اٽلي، سريلنڪا وغيرہ ۾ ڳائي پاڻ مڃرائي چڪي آھي. سندس 80 جي لڳ ڀڳ آڊيو ڪيسٽون ڀريل آھن. کيس مڃتاطور سچل ايوارڊ ۽ نجي چينلن طرفان ڪيترائي ايوارڊ مليل آھن.

ديبا سحر، سنڌي، اردو، پنجابي، سرائيڪي، پشتو ۽ براھوي ٻولين ۾ ڳائي چڪي آھي سندس چوڻ موجب:

”ھڪ ڪلام انگريزي ٻوليءَ ۾ پڻ ڳايل آھي.“ سچل سرمست، استاد بخاري، طالب الموليٰ، شيخ اياز، امداد حسيني ۽ ٻين مشھور شاعرن جي شاعري سان گڏوگڏ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو اٿس. جيڪي ھيٺ ڏنل آھن.

آءٌ جي ڄاڻان ساڻ نہ نيندا...

وٺيو ھوت وڃن....

ويڙيچن ڏي ويندي....

ديدار حسين (جنم: 1965ع):

ديدار حسين سنڌ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي. سندس جنم 1965ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ ٿيو، سندس پيءُ جو نالو خان صاحب فدا حسين خان ھو. ننڍپڻ کان ئي سندس لاڙو سنگيت ڏانھن ھو. سندس پيءُ خان صاحب فدا حسين، کيس ڳائڻ ۽ طبلي وڄائڻ جي سکيا ڏني.

ديدار حسين طبلي وڄائڻ ۾ تمام گهڻي مھارت حاصل ڪئي ۽ ان وقت جي وڏي راڳي استاد منظور علي خان سان گڏ طبلو وڄائڻ لڳو. منظور علي خان کان سواءِ استاد محمد جمن، محمد يوسف، وزير علي خان، عبدالغفور ۽ ٻين سان گڏ پڻ ديدار حسين طبلو وڄائيندو رهيو. ديدار حسين خان، شاھ لطيف، قلندر لعل شھباز ۽ مصري شاھ جي عرس جي موقعن تي موسيقي جي محفلن ۾ ڳائي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندو آھي.

ديدار حسين خان، پي ٽي وي، ريڊيو پاڪستان تي پنھنجي والد استاد فدا حسين خان، سان گڏ ڳائيندو ھو. ديدار حسين، شاھ لطيف جو جيڪو ڪلام ڳايو آھي، تنھن جو وچور ھن ريت آھي:

ويندا درد لھي...

ڇو ٿيون ڏيو مون کي...

دين محمد شيخ ’ڪارو‘ (1928ع - 2008ع):

دين محمد شيخ 1928ع ڌاري، ضلعي سانگهڙ، تعلقي کپري جي ڳوٺ ’مَئُو‘ ۾ ڄائو.

سُر ۽ سنگيت جي سُتي کيس ورثي طور ملي، سندس ابا ڏاڏا ڳائڻ وڄائڻ ۾ مھارت رکندا ھئا. دين محمد شيخ ڏهن ٻارهن سالن جي ننڍي وهيءَ ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي باقاعدي سکيا ان وقت جي مقبول راڳي استاد خير محمد خان کان ورتائين. ويھن ورهين جي ڄمار ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾، پھريون ڪلام رڪارڊ ڪرايائين. ان دؤر ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪافيون ڳائڻ جو ھڪ پروگرام ٿيو، جنھن ۾ سنڌ جا مشھور راڳي شريڪ ھئا، ان پروگرام ۾ دين محمد شيخ ڪارو، شاھ لطيف جو ڪلام ڳائي پھريون انعام کٽيو. انهيءَ کان پوءِ سڄي سنڌ ۾ کيس مقبوليت حاصل ٿي. جهر جهنگ ۾ سندس آواز ڳونجڻ لڳو. ريڊيو کان سواءِ ٽي وي تي بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائين. دين محمد شيخ ڪاري 16 مئي 2008ع ۾ وفات ڪئي.

دين محمد شيخ ڪارو، ڪيترين ئي شاعرن جو ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جون وايون پڻ نھايت ئي سُريلي ۽ سهڻي نموني ڳايون آھن. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪئٽلاگ موجب، ھن شاھ لطيف جون ھيٺيون وايون ڳايون آھن:

واڳ ڌڻي تنھنجي وس...

ڏني ڪا ماءُ سورن جي...

سک جا سانگيئڙا من ڪو ڀيرو...

مون ڏي حرف ھوتن جو...

ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي (جنم: 1963ع):

ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي، سنڌ جو نامور راڳي آھي. ھي 5 مئي 1963ع تي حيدرآباد سنڌ جي فردوس ڪالونيءَ ۾ موسيقار استاد نياز حسين جي گهر ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ميونسپل پرائمري اسڪول حيدرآباد سنڌ، ميٽرڪ 1980ع ۾، نور محمد ھاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ، انٽر 1984ع ۾ مسلم ڪاليج حيدرآباد سنڌ، بي. اي 1986ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين. ايم. اي (ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز) 1989ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان پاس ڪيائين. ايم اي جي ڊگريءَ جي آڌار تي ساڳئي شعبي ۾ ريسرچ ايسوسئيٽ جي عھدي تي 1992ع ۾ ملازمت جي شروعات ڪيائين. 1997ع ۾ ساڳئي شعبي ۾ ليڪچرار طور چونڊيو ويو .

ڊاڪٽر ذوالفقار علي قريشي جو تعلق گواليار گهراڻي سان آھي، سندس پيءُ پنھنجي وقت جو ناليوارو موسيقار رهيو آھي، سندس ڏاڏو خان صاحب بيبو خان ۽ سندس پڙڏاڏو استاد گامڻ خان پڻ پنھنجي پنھنجي دؤر جا سٺا راڳي ھئا، سندن اولاد ۾ پڻ ڪيئي راڳي پيدا ٿيا، جن پنھنجي پنھنجي وقت ۾ وڏو نالو ڪمايو. ذوالفقار کي پڻ راڳ خانداني ورثي ۾ مليو ۽ ننڍپڻ کان راڳ سان لڳاءُ ھيس. راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان ورتائين، جنھن بعد پنھنجي چاچي استاد فدا حسين خان ۽ مامي استاد وزير علي خان کان سکيا ورتائين. ان بعد استاد رشيد علي خان (ٽنڊو آدم) کان پڻ راڳ جي سکيا ورتائين. راڳ جي باقاعدي شروعات 1975ع کان ڪيائين، سڀ کان پھريائين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ راڳ جي دنيا ۾ مشھوري ماڻيائين. راڳ ۽ موسيقي جي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ 2003ع ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس لاھور ۾ داخلا ورتائين ۽ 2006ع ۾ ميوزڪولاجي ’Musiclogy‘ جي ڊگري حاصل ڪيائين. 2017ع ۾ ’Vaee of Shah Abdul Latif Bhittai: Origion, Evolution and Role of Mass Media’ جي عنوان تي مقالو لکي پي ايڇ. ڊي (Ph.D) جي ڊگري حاصل ڪيائين. پاڻ ھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ جي شعبي ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۾ بحيثيت ايسوسئيٽ پروفيسر خدمتون سر انجام ڏئي رهيو آھي ۽ پنھنجي ڀاءُ مظھر حسين سان گڏ جوڙيل ’سُر سوسائٽي‘ ۾ پڻ راڳ جي وڌاري ۽ سڌاري لاءِ ڪم ڪري رهيو آھي. ذوالفقار علي 2008ع کان 2010ع تائين انسٽيٽوٽ آف سنڌلاجي، سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو طرفان شروع ڪيل سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن ۾ 34 شاگردن کي راڳ جي سکيا ڏيئي چڪو آھي. ھن راڳ جي دنيا ۾ ڪيئي شاگرد پيدا ڪيا آھن. ذوالفقار علي قريشي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ اردو، سرائيڪي، بلوچي، پنجابي، فارسي، عربي، انگريزي، تلگو، مارواڙي، بنگالي، ميواتي، چيني ۽ پشتو ٻوليءَ ۾ پڻ گانا ڳايا آھن. پاڻ پاڪستان کان ٻاھر آمريڪا، برطانيا ۽ انڊيا ۾ فن جو مظاھرو ڪري مڃتا ماڻي چڪو آھي. ذوالفقار علي گهڻو ڪري پنھنجي ڀاءُ مظھر حسين سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. کيس مڃتا طور ڪيئي ايوارڊ ملي چڪا آھن، جن مان ريڊيو پاڪستان ايوارڊ، پاڪستان ٽيليويزن ايوارڊ، لعل شھباز قلندر ايوارڊ، مصري شاھ ايوارڊ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، 2019ع جو صدارتي ايوارڊ، ’حُسن ڪارڪردگي‘ شامل آھن. ان کان سواءِ نجي پروگرامن ۽ نجي چينلن طرفان ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻي چڪو آھي.

ذوالفقار علي قريشي، ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آھي، جيڪو ھن ريت آھي:

يار سڄڻ جي فراق ميان...

ھي راڻا، مينڌرا...

ايندو سڄن سائين الا...

لڳڙي آھي لغار وو يار...

عشق تمام، برھ تمام...

(ترجمو) میری سندہڑی پر بہی سائیں رحمت ہو ہر بار۔۔

(ترجمو) کیسے جی بہلائوں، میرا من نہیں جس میں۔۔

رات بہ مينھڙا اوٺا...

سرتيون اوهين تہ وڃو ڙي...

سڄڻ لاءِ پئي سڪان...

آئي مند ملار...

ڪا ھيئين سين لاءِ...

جيءُ جياريو، جيءُ جياريو...

دل ڪر درخت جي دستور...

تن من منجهہ تنوار...

اچي سار لھيج...

ڪھڙي منجھ حساب...

ڍول فقير (1921ع - 1992ع):

يڪتاري جي تند تي سنڌ جي عوامي انداز جا سُر وکيريندڙ راڳي، ڍول فقير ولد فقير محمد خاصخيلي، 1921ع ۾، شھر پاٽوين، تعلقي ميرپورخاص ۾ ڄائو. سندس اصل نالو ڍولڻ ھو. ننڍپڻ ۾ ئي سندس ماءُ ۽ پيءُ گذاري ويا. سندس تعليم صرف ٻہ درجا ھئي.

ڍول فقير، انساني دلين تي سُر سان راڄ ڪرڻ جو فن، اوتارن، مڪانن، درگاھن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڳائي وڄائي ۽ گوين ۽ ڳائڻن کي ٻُڌي سکيو. بعد ۾ موسيقيءَ جي تعليم، انهيءَ علائقي جي مشھور فنڪار، اسماعيل مريءَ کان ورتائين. ان کان پوءِ فقيراڻي رنگ ۾ ڳائڻ جي سکيا، منٺار فقير جي پوٽي، ولي بخش کان ورتائين. ڍول فقير يڪتاري تي ڳائيندڙ انهن فنڪارن مان ھو، جن صوفياڻي رنگ کي نج سنڌي موسيقيءَ سان گڏوگڏ صحيح سُر، داستان، راڳ ۽ تال سان آواز جو مڌر سنگم ڏيئي امر بڻائي ڇڏيو.

ڍول فقير جي ڳائڻ جو مکيہ گُڻ اِھو ھو، جو راڳ يا راڳڻيءَ کي ڳائڻ مھل، اُن جي صحت جو خيال رکندو ھو ۽ راڳ يا راڳڻيءَ کي پنھنجي مخصوص سنڌي انداز ۾ آلاپيندو ھو، گوين وانگي ور وڪڙ ڏيئي پيش نہ ڪندو ھو. پاڻ جڏهن بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو ھو، تہ اڳ ۾ ان راڳ کي چٽو ڪندو ھو ۽ سادگيءَ سان بيت آلاپيندو ھو، پر آواز ۾ ٿوري لھر ۽ مُرڪ ضرور پيدا ڪندو ھو. جيڪڏهن ڪلام سان ڪو تاريخي قصو لاڳاپيل ھوندو ھو، تہ وري اُن قصي جا بيت پڻ تحت الفظ پڙهندو ھو. سندس سدا رنگي انداز کيس عوام ۾ ڏاڍو مقبول ڪيو.

مخدوم طالب الموليٰ، 1948ع ۾ کيس ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي متعارف ڪرايو. پاڻ ريڊيو تي بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايائين. ڍول فقير، فقير منش انسان ھو، تنھن ڪري سنڌ جو ثقافتي پروگرام ھجي يا ڪنھن صوفي بزرگ جي درگاھ جو ميلو، پاڻ ھر پروگرام ۾، ڪلام جو عارفاڻو رنگ ضرور پيش ڪندو ھو. سندس ڳائڻ جي انداز کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

ڍول فقير اڪثر، پنھنجي ڪلام جون ڌنون پاڻ ترتيب ڏيندو ھو. شاھ لطيف جي ڪلام کي پنھنجي مخصوص سنڌي انگ ۾ ڳائيندو ھو. سندس ڳايل ڪجهہ ڪلام ھن ريت آھن:

جيڪي سندس دؤر ۾ گهڻو مشھور ٿيا:

لائي تہ نِماڻيءَ سان نينھن...

سور انهيءَ ساڙي، ھو جي ھليا ويا...

عمر مون نٿا وسرن، ويڙهيچن جا واڙا...

ھڪڙي ڳالهہ چوان، من ڪا محب مڃي...

جندڙي جان جتن تان گهوريندس ...

اول لکيو ھو منھنجو انگ ڙي اديون ...

منھنجو پنهل سان انگ اڙي...

ڍول فقير جو شمار انهن راڳين ۾ ٿئي ٿو، جن صدين کان وٺي پنھنجي ازلي ورثي کي سنڀاليو ۽ شاھ لطيف جي ڪلام کي انهيءَ پراڻي انداز ۾ ڳايو، جيئن سندس اڳ جي راڳين ڪلام کي پنھنجي آواز جو روپ ڏنو. ڍول فقير جو ڳايل شاھ لطيف جو ڪلام موجودہ دؤر ۾ ھڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو، جو ان ۾ سنڌ جي ازلي انگ جو رنگ سمايل آھي، جنھن ۾ صدين جو ھڳاءُ آھي، جنھن ۾ سرگم، تان ۽ پلٽن جي ڪاريگري ناھي. ڍول فقير 22 جون 1992ع تي ھن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.

راحت بڙدي (جنم: 2006ع) ۽ انتخاب بڙدي (جنم: 2007ع):

راحت ۽ انتخاب بڙدي، شاھ جي ڪلام جا ننڍڙا راڳي آھن، جن کي شاھ جي رسالي جا لڳ ڀڳ ٻہ ھزار بيت ۽ ست وايون ياد آھن، جيڪي ھو، ھارمونيم (باجي) تي ڳائيندا آھن.

ننڍڙي راحت جي پيدائش، 24 مئي 2006ع تي ٿي ۽ سندس ڀاءُ انتخاب 24 نومبر 2007ع تي ڄائو. راحت پنجن سالن جي عمر ۽ انتخاب، چئن سالن جي عمر کان شاھ لطيف جا بيت حفظ ڪرڻ شروع ڪيا ۽ ھن وقت، آگسٽ 2018ع تائين، ھنن ٻارڙن کي ٻن ھزارن جي لڳ ڀڳ بيت ياد آھن. سندن چوڻ موجب کين سندن والد سڪندر بڙدي ننڍي ھوندي کان شاھ لطيف جا بيت ياد ڪرائيندو ھو، جيڪو سلسلو اڃا بہ ھلندڙ آھي. ھفتي ۾ چئن کان پنج بيت حفظ ڪندا آھن. سندن والد ٻڌايو تہ کين ڪلياڻ آڏواڻيءَ جي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي جيڪو ڊاڪٽر محمد عالم سومري، الف - ب وار ترتيب ۾ ڇپرايو آھي، انهيءَ رسالي تان کين، الف - ب وار ترتيب ۾ بيت ياد ڪرائيندو آھيان. راحت ۽ انتخاب کي پھرين سندن والد سڪندر علي بڙدي ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏيندو ھو، پر گذريل ٽن سالن کان سندس ئي شاگرد طفيل زمان ڀلائي، ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا ڏيندو اٿن. راحت ۽ انتخاب، اسڪولن ۾ رٿيل پروگرامن ۽ سماجي پروگرامن ۾ شريڪ ٿي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري چڪا آھن. اھڙن پروگرامن ۾ مليل ايوارڊن ۽ شيلڊن جو انگ ويھڻ کان بہ وڌيڪ آھي. خانگي ٽي وي چئنلن تي ڪيترائي ڀيرا فن جو مظاھرو ڪري پاڻ مڃرائي چڪا آھن. FM ڀٽ شاھ جي پروگرامن ۾ پڻ بيت رڪارڊ ڪرائي چڪا آھن. ٻہ سال اڳ، FM -105 تان سندن انٽرويو نشر ٿي چڪو آھي.

2016ع کان، مختلف ادبي پروگرامن ۽ ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪندا رهيا آھن. 2016ع ۾ کين، ثقافت کاتي جي وزير سيد سردار شاھ طرفان پنجاھ ھزار رُپيا ۽ ثقافت کاتي جي ان وقت جي سيڪريٽري، اڪبر لغاريءَ طرفان پنجاھ ھزار رپين جو انعام پڻ ڏنو ويو ھو. 2017ع ۾، ڀٽ شاھ تي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ادبي ڪانفرنس ۾ کين مڃتا طور ’لطيف ايوارڊ‘ پڻ مليل آھي. سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم پاران، 2017ع ۾ لالو رائنڪ، لاڙڪاڻي ۾ رٿيل ھڪ پروگرام ۾، راحت ۽ انتخاب جي تاج پوشي ڪئي وئي ھئي.

راحت ڇھين درجي ۽ انتخاب پنجين درجي ۾، سنڌ يونيورسٽي ايمپلائز ھائوسنگ سوسائٽي ڄامشوري جي لبيڪ پبلڪ گرامر ھاءِ اسڪول ۾ پڙهن ٿا ۽ سندن رهائش، سنڌ يونيورسٽيءَ اندر، ملازمن واريءَ رهائشي ڪالونيءَ ۾ آھي. سندن والد سڪندر علي بڙدي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي جيولاجي شعبي ۾ نقش نويس/ نقشا ٺاھيندڙ (Cartographer) طور ملازمت ڪندو آھي.

راحت فتح علي خان (جنم: 1974ع):

پاڪستان جي مشھور ڳائڻي، موسيقار ۽ قوال، راحت فتح علي خان، 9 ڊسمبر، 1974ع تي، پنجاب صوبي جي شھر، فيصل آباد ۾، فرخ فتح علي خان جي گهر ۾ جنم ورتو. راحت جي پيدائش، روايتي موسيقار گهراڻي ۾ ٿي. سندس والد ۽ ڏاڏو فتح علي خان، پنھنجي دؤر جا مڃيل ڳائڻا / قوال ھئا. راحت، قواليءَ جي فن ۽ موسيقيءَ جي تربيت، پنھنجي والد، فرخ فتح علي خان ۽ چاچي نصرت فتح علي خان کان حاصل ڪئي. پاڻ پنجن ورهين جي ڄمار کان موسيقيءَ جي تربيت وٺڻ شروع ڪيائين ۽ ستن سالن جي ڄمار ۾، پنھنجي چاچي، نصرت فتح علي خان سان گڏجي قوالي ڳائيندو ھو. نَون سالن جي عمر ۾، پنھنجي ڏاڏي جي ورسيءَ جي موقعي تي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

1985ع ۾، پنھنجي چاچي نصرت فتح علي خان سان گڏجي برطانيہ جي دوري تي پڻ ويو ۽ اتي سولو سانگ ’مکھ تیرا سوہنیا شراب نالوں چنگا اے‘ پڻ پيش ڪيائين. ڪافي عرصي تائين نصرت فتح علي خان سان گڏ، قوالي ڳائيندو رهيو. اپريل 2003ع ۾ ھن بالي ووڊ جي فلم ’پاپ‘ ۾، پلي بئڪ سنگر طور ڳايو. ھن فلم جي گاني ’من کی لگن‘ کان فلم انڊسٽريءَ ۾ مشھوري ماڻي ۽ اھو سفر اڄ تائين ھلندڙ آھي.

راحت، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پنھنجي منفرد آواز سان موسيقيءَ جا رنگ وکيري چڪو آھي، ۽ وکيريندو رهي ٿو. ڪيترن ئي پاڪستاني توڙي ھندستاني فلمن جا پڻ گانا ڳايا اٿس، جن تي ڪيترائي فلمي ايوارڊ پڻ ماڻيا اٿس. اھڙيءَ ريت ڊرامن لاءِ ڳايل گانن ۽ قوالين ۾ بہ مشھوري ماڻي چڪو آھي، ۽ ڪيترائي ايوارڊ ۽ انعام بہ ماڻي چڪو آھي.

راحت، 2009ع ۾ صنم مارئيءَ سان گڏ، شاھ لطيف جي وائي ’پرچن شال پنھوار...‘ ڳائي، جنھن سموريءَ سنڌ ۾ ئي نہ، پر سڄيءَ دنيا ۾ رهندڙ ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻي آھي.

رجب علي (جنم: 1952ع):

رجب علي سنڌ جو مشھور راڳي آھي، جيڪو 1952ع ڌاري ٽنڊي آدم ۾ ڄائو. سنڌ جي ھن سُريلي ڳائڻي جو تعلق ھڪ فن شناس خاندان سان ھو. سندس پيءُ استاد غلام رسول، چاچو استاد اُميد علي خان ۽ ڀائرن ۾ وري حميد علي خان، استاد فتح علي خان ۽ مرحوم استاد وحيد علي خان اعليٰ پائي جا موسيقار ۽ ڳائڻا ٿي گذريا آھن، جن سنڌي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي واڌاري ۾ اڻ ڳڻيون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. رجب علي پرائمري، سيڪنڊري توڙي ڪاليج جي تعليم حيدرآباد سنڌ مان حاصل ڪئي. ننڍپڻ ۾ ئي ساز ۽ سنگيت وارو ماحول ملڻ ڪري موسيقيءَ سان سندس چاھ وڌيو ۽ پنھنجي چاچي اُميد علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا وٺي، ننڍي عمر ۾ ئي ڳائڻ شروع ڪيائين. ھن پھريون ڀيرو ٻاراڻي وھيءَ ۾’منھنجي پياري بُلبل‘ نالي گيت ريڊيو پاڪستان تان ڳايو. اڳتي ھلي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ تي باقاعدي سندس ڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. جڏھن تہ ٽيليويزن تي کيس عبدالڪريم بلوچ متعارف ڪرايو، ائين ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ تان سندس ڪيترائي گيت نشر ٿي چُڪا آھن.

رجب عليءَ بابت انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۾ ھن ريت ڄاڻ ڏنل آھي: ”رجب علي سنڌ جو اھو سريلو گلوڪار آھي، جنھن نہ رڳو پاڪستان ۾ ، پر پاڪستان کان ٻاھرين ملڪن ۾ بہ مقبوليت ماڻي. ريڊيي ۽ ٽي.وي کان سواءِ فلمن لاءِ بہ ڪافي گيت ڳاتائين. رجب علي سنڌي ٻوليءَ سان گڏوگڏ اردو، پنجابي، بلوچي، پشتو ۽ ترڪي ٻولين ۾ پڻ ڳايو.“

( سنڌيانا، 2012ع، جُلد 6 ، ص: 181)

رجب عليءَ ريڊيو ۽ ٽي.ويءَ.کان علاوہ اردو فلمن لاءِ پڻ ڪافي گانا ڳايا آھن، جن ۾ ميڊم نورجھان سان گڏ ڳايل گانو ’ مجھ سا تجھي چاھني والا ‘ اڄ بہ ھڪ يادگار گيت آھي.

رجب علي سنڌي شاعرن ۾ مصري شاھ، شيخ اياز، امداد حُسيني، رهبر ڀٽي ۽ ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ

شاھ لطيف جي ھيٺئين وائي جو اردو ترجمو ڳايو آھي. پاڻ ھن وقت آمريڪا ۾ رهي ٿو ۽ ڳائڻ ڇڏي ڏنو اٿس.

ھوئيج ھوشيار خبردار...

رسول بخش ڪلهوڙو:

سنڌي گيت کي زندگي ارپيندڙ راڳي، رسول بخش ڪلهوڙو اصل لاڙڪاڻي جو رهاڪو ھو. پاڻ ابن ڏاڏن کان ڳائڻو نہ ھو، پر شوق مان ڳائيندو ھو. راڳ جي سکيا، خدا بخش ڀٽيءَ کان ورتائين. ديسي راڳ، راڳڻين ۽ موسيقيءَ کان علاوہ، ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي پڻ مھارت ھئس. سنڌي وائي ۽ ڪافيءَ ۾ ڪلاسيڪي رنگ ڀري ڳائيندو ھو. ان کان علاوہ، شڪارپور ۾ موسيقيءَ جي محفلن ۽ ھانڊن ۾ پڻ شرڪت ڪندو ھو. سال 1925ع کان 1930ع تائين سندس عروج وارو دؤر ھو. سنڌ جي صوفي بزرگن جو عارفاڻو ڪلام، وڏي جوش ۽ جذبي سان ڳائيندو ھو، جنھن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ذڪر جوڳو آھي. سندس آواز نھايت سريلو ھو ۽ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو ھو ۽ ھڪل ڪري وائي ڳائيندو ھو. سندس آواز مڌر ھو، جيڪو ٻڌڻ واري تي ھڪ عجيب ڪيفيت طاري ڪري ڇڏيندو ھو.

پڇاڙيءَ واري عمر ۾، وڏي آواز سان ڳائڻ ڪري نڙيءَ جي رڳن کي ڪافي نقصان پھتس ۽ ھڪ ڏينھن سندس نسون ڦاٽي پيون ۽ ان سبب وفات ڪري ويو. سندس ڪلام جو نمونو محفوظ نہ ٿي سگهيو آھي.

رمضان علي خان (1944ع - 1993ع):

رمضان علي خان سنڌ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آھي. پاڻ سنڌ جي ماڙيچا گهراڻي جي مشھور راڳي خان صاحب خير محمد خان جي گهر 1944ع ڌاري ڄائو. سندس پيءُ ھڪ اعليٰ پائي جو راڳي ھو، جيڪو ڪلاسيڪي راڳ کي مختلف ڌنن ۾ ڪمپوز ڪري ڳائيندو ھو. رمضان علي خان، قاضي عبدالقيوم اسڪول حيدرآباد سنڌ مان پنج درجا پڙهڻ کان پوءِ پيءُ کان راڳ جي سکيا وٺڻ شروع ڪئي. ھو روزانو ساجهر مھل اُٿي پيءُ سان گڏ رياض ڪندو ھو.

رمضان علي خان پھريون ڀيرو پنھنجي فن جو مُظاھرو پيءُ سان گڏ ھوم اسٽيڊ ھال حيدرآباد سنڌ ۾ ريڊيو پاڪستان جي افتتاحي تقريب ۾ ڪيو، جتان کيس گهڻي شھرت ملي. 1962ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ جي نئين عمارت ٺھڻ کان پوءِ استاد رمضان علي خان ريڊيو پاڪستان تان باقاعدي ڳائڻ جو سلسلو شروع ڪيو، جيڪو سندس مرڻ گهڙيءَ تائين قائم رهيو.

استاد رمضان علي خان سنڌ جي مختلف درگاھن تي وڃي راڳ رنگ جون محفلون سجائيندو ھو. سندس اولاد مان اُستاد امير علي خان، روشن علي، اختر علي خان ۽ حيدر علي بہ نئين ٽھيءَ جا سٺا راڳي آھن.

’انسائڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ موجب: ”استاد رمضان خان 1993ع ڌاري وفات ڪئي. کيس حيدرآباد جي قديم اباڻي قبرستان ٽنڊي يوسف ۾ دفن ڪيو ويو.“

( سنڌيانا، 2012ع ، جُلد 6، ص: 263)

رمضان علي خان موسيقي جي دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا، جن ۾ فقير غلام رسول جتوئي، استاد امير علي خان، مصري فقير، مائي بدر النساءِ ، علي ڏنو فقير ۽ استاد لعل بخش خان شامل آھن.

رمضان خان ريڊيو پاڪستان تي ٻين شاعرن جي ڪلام ڳائڻ سان گڏوگڏ، رضوان عليءَ جي جوڙ ۾ شاھ لطيف جي ھيٺين ڄاڻايل وائي پڻ ڳائي آھي.

سرتيون اوھين تہ وڃو ڙِي وڃو...

روبينہ حيدري (جنم: 1959ع):

روبينہ حيدري سنڌ جي نامياري ڳائڻي آھي، سندس اصل نالو نسيم اختر آھي. روبينہ حيدري 5 ڊسمبر 1959ع تي لاڙڪاڻي ۾ محمود خان جي گهر ۾ جنم ورتو. ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪيائين. راڳ سان لڳاءُ ھجڻ ڪري حيدرآباد ۾ راڳ جي سکيا استاد لعل بخش کان ورتائين.

روبينہ حيدري راڳ جي باقاعدہ شروعات 1980ع ڌاري پنھنجي وڏي ڀاءُ محمد علي جي ٿيٽر کان ڪئي، سندس منفرد لباس ۽ ڳائڻ جي انداز گهڻي مقبوليت ماڻي. سندس لباس مرداڻو وڳو، اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي پائيندي ھئي ۽ ھڪ ھٿ ۾ يڪتارو ۽ ٻئي ھٿ ۾ چپڙي وڄائڻ جو ھڪ نرالو انداز ھو. جيڪو سنڌ اندر انهن ڏينھن ۾ نھايت منفرد ۽ ڌار ھو. پاڻ سنڌ جي مشھور لوڪ فنڪار جلال چانڊيي سان پڻ گڏجي ڳائيندي ھئي. روبينہ حيدري نجي پروگرامن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيلويزن ڪراچي سينٽر تي ڪيترائي ڪلام ڳايا آھن. پاڻ ملڪ کان ٻاھر جرمني ۽ دبئي ۾ راڳ ڳائي پاڻ مڃرائي چڪي آھي. پاڻ ھن وقت حيدرآباد جي الشفيق ڪالوني ۾ رهندي آھي.

روبينہ حيدري ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آھي، جيڪو ھن ريت آھي.

آءُ راڻا رھ رات...

منھنجي راڻل کي رحم پوي...

پرچن شال پنهوار...

ٻنڌڻ ٻاروچن سين...

روبينہ قريشي (1940ع):

’مھراڻ جي بُلبل‘ ۽ ’سنڌ جي ڪوئل‘ جھڙا لقب ماڻيندڙ روبينہ قريشيءَ، 19 آڪٽوبر، 1940ع ڌاري حيدرآباد ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو الاھي بخش شيخ ھو. سندس اصل نالو عائشہ شيخ آھي، پر ريڊيو تي اچڻ ڪري پنھنجو نالو روبينہ رکيائين. مشھور اداڪار، مصطفيٰ قريشيءَ سان شادي ٿيڻ کان پوءِ، روبينہ قريشيءَ جي نالي سان مشھور ٿي. روبينہ قريشي، تعليم يافتہ ڳائڻي آھي. ھن 1965ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان مسلم ھسٽريءَ ۾ ايم. اي. ڪئي.

روبينہ کي ننڍپڻ کان ڳائڻ جو ڏاڍو شوق ھو ۽ اسڪول ۾ نعت، حمد ۽ قومي نغما ڳائيندي ھئي. 1955ع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو بنياد پيو، تہ ھوءَ ننڍڙي وهيءَ ۾ ئي ريڊيي سان سلهاڙجي وئي، اُن وقت ھوءَ، نائين ڪلاس ۾ پڙهندي ھئي. شروع ۾ کيس ڪورس ۾ ڳارايو ويندو ھو، پر پوءِ استاد محمد ابراھيم کيس، اڪيلي سِر شاھ لطيف جي وائي، ’پيرين پوندي سان، چوندي سان، رهي وڃ رات ڀنڀور ۾‘ ڳارايو، جيڪو سندس جيون جو پھريون ڪلام ھو، جنھن کيس شھرت جي بلنديءَ تي پھچائي ڇڏيو. اِھو ڪلام ان وقت عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو، جنھن کي ٻُڌندڙن ڏاڍو ساراھيو.

روبينہ، راڳ جي سکيا، استاد محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن کان ورتي، پر شاگرديءَ جو سڳو کيس، استاد نذرحسين ٻڌو. اِن کان علاوہ، لاھور ۾ رهڻ دوران ھن، استاد ڇوٽي غلام علي خان ۽ استاد عبدالله خان کان نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا پڻ ورتي . روبينہ

قريشيءَ جي وڏي خوبي اِھا آھي تہ، پاڻ جتي بہ ويندي آھي ۽ محفل کڻي ڪھڙي بہ ھجي، ھوءَ ڳائڻ جي شروعات شاھ لطيف جي سُر ڪلياڻ جي بيت ’اول الله عليم، اعليٰ عالم جو ڌڻي‘ ۽ سُر يمن ڪلياڻ جي وائي ’يار سڄڻ جي فراق، ڙي جيڏيون! آئون ماري‘ سان ڪندي آھي. ھن پنھنجي مٺڙي ۽ مڌر آواز سان، ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو آھي. ھڪ ڀيرو ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان شاھ لطيف جي ڪلام کي جديد سازن تي ڳارائڻ جو تجربو ڪيو ويو، تہ اُن تجرباتي مرحلي ۾ روبينہ کان سُر مارئيءَ جي وائي ’عمر مون نہ وڻن تنھنجيون ماڙيون الا‘ ڳارائي وئي ھئي. ھوءَ پنھنجي استادن وانگر، جنون ۽ عشق جي حد تائين شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندي آھي، ان ڪري کيس ننڍڙيءَ عمر ۾ ئي وڏي مڃتا ملي. ھن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان ٻين ڪلاسيڪي شاعرن جي ڀيٽ ۾ شاھ لطيف جو ڪلام وڌيڪ ڳايو آھي. سندس ڳايل ڪجهہ ھن ريت آھي:

ڪھڙو سڱ سياڪو، ھاري مون ھوتن سين ...

ويڙھيچن ڏي ويندي، عمر! آءٌ ماروئڙن ڏي ويندي...

روئندي رات وهاءِ، مون کي رويو رات وهاءِ...

پيرين پوندي سان، چوندي سان...

عمر ڄام امير...

تون ننگي ننگ سڃاڻ...

ڏونگر ڏي ڪو ڏس...

ڪوهياري جي ڪاءِ...

سومرا! ادا ڙي جن جي اٿم اُڪير...

روبينہ قريشيءَ پنھنجن استادن جي نقش قدم تي ھلندي انهن وانگر ساڳئي انداز ۾ شاھ لطيف کي ڳايو، جنھن ۾ سنڌي انگ چٽو نظر اچي ٿو. ھن جيترو بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو، اُھو سنڌي موسيقيءَ ۾ ھڪ منفرد جاءِ والاري ٿو. ھوءَ ھن وقت ڳائڻ کان وڌيڪ سماجي خدمتون سرانجام ڏيئي رهي آھي ۽ پنھنجي وَر مصطفيٰ قريشيءَ سان گڏ ڪراچي ۾ رهندي آھي.

زرينہ بلوچ (1934ع -2005ع):

سنڌ جي سدا بھار فنڪارہ، زرينہ بلوچ، 29 ڊسمبر، 1934ع تي، ڳوٺ ﷲ داد چنڊ، حيدرآباد ۾ ڄائي. سندس اصل نالو، آمنہ ھو. سنڌ جا ماڻهو، عزت وچان کيس ’جيجي‘ جي لقب سان سڏيندا آھن. سندس والد، محمد موسيٰ بلوچ، ميونسپالٽيءَ ۾ انسپيڪٽر ھو.

زرينہ بلوچ، ابتدائي تعليم قاضي عبدالقيوم اسڪول، حيدرآباد مان حاصل ڪئي. 1960ع ۾، سنڌي فائنل پاس ڪيائين ۽ بعد ۾ مئٽرڪ، عالم فاضل ۽ انٽر جو امتحان بہ پاس ڪيائين. 1960ع ۾ ئي پرائمري اسڪول جي استاد بڻي. 1963ع ۾ غلام علي نانا اسڪول ۾، ماسترياڻي مقرر ٿي ۽ بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اولڊ ڪيمپس واري ماڊل اسڪول ۾ پڙهائڻ لڳي ۽ 36 سال ان شعبي سان وابستہ رهي 1996ع ۾ رٽائر ڪيائين.

زرينہ بلوچ کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان ھو. ريڊيو تي آڊيشن وقت ذڪا درانيءَ کيس ناپاس ڪيو ۽ ڪجهہ عرصي کان پوءِ 1960ع ۾ ئي ريڊيو حيدرآباد پاران ڳائڻ جو ھڪ مقابلو ٿيو، جنھن ۾ 600 نون ڳائڻن حصو ورتو. انهن ۾ زرينہ بلوچ ٽئين نمبر تي آئي، جڏهن تہ پھرئين نمبر تي الله ڏنو شيدي ۽ ٻئي نمبر تي دين محمد عرف دينو آيو. زرينہ بلوچ ان مقابلي ۾ نارو ڀڳت جو ڳايل شاھ لطيف جو ڪلام، ’ڇو ٿيون ڏيو متيون، وس پنھنجي ۾ ناھيان‘ ڳايو، ۽ اِھو ئي ڪلام، عوام ۾ سندس مقبوليت جو سبب بڻيو.

زرينہ بلوچ، لوڪ گيت ۽ قومي گيت گهڻا ئي ڳايا، پر تنھن ھوندي بہ ھن، مختلف محفلن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو. زرينہ بلوچ، شاھ لطيف جي ڪلام کي سادگيءَ سان ڳايو ۽ ان ۾ سنڌ جو عوامي رنگ ڀريائين. ان کان علاوہ، پاڻ ريڊيو حيدرآباد تي پڻ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايائين، جو ڪجهہ ھن ريت آھي:

مون سين ھوت نہ ڪندڙا ھيئن، ماءُ ڄام نہ ڪندڙا ھينئن.

زرينہ بلوچ، راڳ جي سکيا، استاد محمد جمن کان ورتي. ان کان علاوہ، پاڻ ھڪ سٺي شاعرہ، ليکڪا، صداڪارہ، اداڪارہ پڻ هئي. ڀارت، آمريڪا، انگلنڊ، جرمني، دبئي ۽ ڪئناڊا ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيائين. سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ، رسول بخش پليجي سان شادي ٿيڻ کان پوءِ، پاڻ عملي سياست ۾ حصو ورتائين. سندس وَر، موسيقيءَ لاءِ کيس ڏاڍو ھمٿايو. کيس پنھنجي حياتيءَ ۾ ئي وڏي مڃتا ملي. زرينہ بلوچ جي اڳ ۾ بہ شادي ٿيل ھئي، جنھن مان کيس ھڪ ڌيءَ، اختر بلوچ آھي، جنھن سنڌ جي سياست ۾ اھم مقام ماڻيو. سندس پُٽ، اياز لطيف پليجو سنڌ جو ھڪ برک سياستدان آھي. زرينہ بلوچ، 25 آڪٽوبر، 2005ع تي وفات ڪئي. کيس قاسم آباد، حيدرآباد جي مُقام ۾ دفنايو ويو.

زيب النساء (جنم: 1945ع):

زيب النساءِ، 1945ع ڌاري حيدرآباد سنڌ ۾ جنم ورتو. کيس ٻاروتڻ کان ئي ڳائڻ جو شوق ھو، شادين ۾ سھرا ۽ ڳيچ ڳائيندي ھئي. تيرهن سالن جي ڄمار ۾ 1958ع ڌاري پھريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ اسٽيشن تي آڊيشن ڏنائين، جتي سندس ملاقات اُن وقت جي وڏن فنڪارن ماسٽر محمد ابراھيم، استاد محمد جمن، زبيدہ، ثريا ۽ روبينہ سان ٿي. اڳتي ھلي ماسٽر محمد ابراھيم ۽ استاد محمد جمن کان راڳ جي سکيا ورتائين.

زيب النساء گهڻو ڪري ڪافيون ڳايون آھن، پر گيت ۽ غزل پڻ وڏي مھارت سان ڳائيندي ھئي. کيس سڄي سنڌ ۾ مقبوليت حاصل ھئي.

زيب النساء ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ شاھ لطيف جو ڪلام پڻ گهڻي انگ ۾ ڳايو آھي، جن مان ھيٺيون وايون تمام گهڻيون مشھور ٿيون.

ڏاگهن ڏيرن سان...

دردن جي ماري ويچاري...

سڄڻ ٻاروچي ذات...

ويڙهيچن ڏي ويندي عمر...

حرف ھوتن جو آھي...

جن جو وارث تون الا...

اديون منھنجو پنهل...

سرمد سنڌي (1958ع -1996ع):

سنڌ ۾ قومي گيتن جي ھڪ تاريخ اڏيندڙ نوجوان راڳي، سرمد سنڌي، 07 مئي، 1958ع تي، ضلع خيرپور ميرس جي شھر پريالوءِ ۾، حيات علي مغل جي گهر ۾ جنم ورتو. ھاليجوي بزرگ، سندس ڇٽيءَ جو نالو، عبدالرحمان رکيو، پر راڳ روپ جي دنيا ۾ پاڻ سرمد سنڌيءَ جي نالي سان عوام ۾ مقبول ٿيو. سرمد، پرائمري تعليم، گورنمنٽ پرائمري اسڪول پريالوءِ، مئٽرڪ، ھاءِ اسڪول پريالوءِ مان پاس ڪرڻ کان پوءِ، ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخلا ورتي، جتان 1980ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ائسوسيئٽ انجنيئر جي ڊپلوما حاصل ڪيائين. 1984ع ۾ پھرين ايڇ. ڊي. اي. حيدرآباد ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر مقرر ٿيو.

سرمد سنڌي، ڳائڻ جي شروعات ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جي سياسي گڏجاڻين کان ڪئي. اھڙيءَ طرح سندس سُريلا ۽ ماکيءَ جي ميٺاج جھڙا آلاپ، سموري سنڌ ۾ پکڙجي ويا، توڙي جو ان وقت کيس موسيقيءَ جي لاھن چاڙهن، لئي ۽ ردم جي ڪابہ خاص خبر ڪانہ ھئي، تنھن ھوندي بہ سُرن کي ڄمائي پختگيءَ سان ڳائيندو ھو. راڳ جي سکيا، مختلف وقتن تي ڪيترن ئي استادن، ڳائڻن ۽ موسيقارن کان وٺندو رهيو، سندس استادن ۾ اُستاد سليمان ٻرڙو، قائم الدين کورکاڻي، اُستاد مجيد، شاھد بزمي، ظھور خان زيبي، شاھد ڀٽو، منظور سخيراڻي ۽ بيدل مسرور جا نالا اھم آھن.

سرمد سنڌيءَ جي ڳائڻ جي وڏي خوبي اِھا ھئي، جو ھو گيت، غزل، وائي، لولي ۽ ڪافيءَ کي پنھنجي انگ ۽ رنگ ۾ ڳائيندو ھو. اڪثر ڌنون پاڻ ڪمپوز ڪندو ھو. سرمد سنڌيءَ، جديد شاعرن جي ڪلام کان علاوہ، شاھ لطيف جو ڪلام بہ ڳايو، ڪلام کي اھڙيءَ تہ سادگيءَ سان پيش ڪندو ھو جو ماڻهن جي انبوھ ۾ ماٺ ڇانئجي ويندي ھئي.

سرمد سنڌي، سسئيءَ کي ڳائي ھيٺين طبقي جي پيڙيل ماڻهن جي اڌمن، جذبن ۽ پيڙائن جي ترجماني ڪئي. سندس درديلي آواز ۾ سنڌ جي صدين جي سورن جي صدا ھئي. سرمد سنڌي، شاھ لطيف جي ڪلام کي سنڌ جي مختلف درگاھن، ميلن، ٽي. وي.، ريڊيو ۽ عام محفلن ۾ اسٽيج تي ڳايو. ان کان سواءِ پاڻ ڪوئيٽا ٽي. وي. تي آغا سليم جي ترجمي ڪيل اردو ٻوليءَ ۾ شاھ جي رسالي مان بہ ھڪ وائي ڳائي. سندس شاھ لطيف جي ڳايل ڪلام ۾: ھڪڙي ڳالهہ چوان من ڪا محب مڃي

جيڪس ھئس ڌاري الا، مارن تڏهن وساري

لائي تہ نماڻيءَ سان نينھن، محب ايئن نہ منهن مٽجي

عمر مون نہ وڻن تنھنجون ماڙيون الا

آءُ اچڻ جي ويل ٿي آءُ وري راڻا!

ٻولي منھنجي ٻانڀياڻي الا ناھيان خان کٽياڻي

آھي ڙي ڪا ساھيڙي، جا پنھل مون کي پرچائي ڏي

ڌار ڪري ويا ڌاري ھُو جي ويا ھليا

وڻ وڻ ھيٺ آءٌ برھ پئي ڀانيان

ڏاگهن ڏيرن سان ڪرهل ڪيچين سان

سرمد سنڌيءَ جو تعلق ڪنھن پيشور ڳائڻن جي ڪُٽنب سان ڪو نہ ھو. موسيقيءَ جي آسمان تي ھو، ھڪ ستارو ٿي چمڪيو. ھن پنھنجي آواز وسيلي جنگ ڪئي ۽ مٺي مڌر آواز ذريعي ماڻهن ۾ اتساھ پيدا ڪيو ۽ انهن جو روح گرمايو ۽ مايوس ٿڪل دلين کي آٿت ڏني. سرمد سنڌي ٿوري ئي عرصي ۾ عوام ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘، ’راڳ جو راڻو‘، ’سنڌ جو وڪٽر ھارا‘ جھڙن لقبن سان ياد ڪيو وڃي ٿو.

سرمد سنڌي، 27 ڊسمبر، 1996ع تي بدين مان موسيقيءَ جو پروگرام ڪري ڪراچي وڃي رهيو ھو، تہ ٺٽي جي ويجهو، ديوان شگر مل وٽ، ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل ٽرڪ سان ٽڪر ٿي پيو جنھن ۾ سرمد سخت زخمي ٿيو، کيس ڪراچي آندو ويو ۽ 28 ڊسمبر، 1996ع تي ڪراچيءَ ۾ ئي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. کيس مخدوم محمد اسماعيل پريالويءَ جي مقبري ڀرسان واري قبرستان ۾، پنھنجي والد جي پيرانديءَ ۾ دفن ڪيو ويو.

سهراب فقير (1934ع -2009ع):

گيڙو رنگ ۾ رتل راڳي، سهراب فقير، ڳوٺ ٽالپر وڏا تعلقي ڪوٽڏجيءَ، ضلعي خيرپور ۾ 1934ع، ڌاري ڄائو. سندس پيءُ جو نالو، حمل فقير خاصخيلي ھو، جيڪو خوش خير محمد فقير جو طالب ھو ۽ سٺو راڳي بہ ٿي گذريو ھو. ڳائڻ وڄائڻ سندن خانداني ڪرت ھئي. سندس ڳائڻ جي انداز ۾، راجسٿاني رنگ گهڻو ھو، ان ڪري جو سندس وڏا، راجسٿان جي خطي، جيسلمير جي تعلقي، ’سم‘ جي کاڏار سان تعلق رکندا ھئا. سنڌ ۾ سڪونت اختيار ڪرڻ کان پوءِ، سنڌ جي نج انگ رنگ کي پنھنجو ڪيائون. سهراب فقير کي، سُرن جي سُتي ننڍپڻ کان ئي پياري وئي ھئي. پاڻ اٺن سالن جي عمر کان سُر ۽ تال سان لاڳاپجي ويو ۽ اٺن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾، سنگيت جو سفر شروع ڪيائين. پاڻ پٽيالا گهراڻي جي استاد، عاشق علي خان جي شاگرد، کيتي خان کان سکيا ورتائين.

سهراب فقير، ڳائڻ سان گڏوگڏ طبلي وڄائڻ جو پڻ ماھر ھو، ۽ ڳچ عرصي تائين وڏن وڏن راڳين ۽ گوين سان تال جي سنگت بہ ڪيائين. سهراب فقير کي ننڍپڻ کان ئي عارفاڻي ڪلام سان لونءَ لڳل ھئي، ان ڪري پاڻ صوفي شاعرن جو وڌ کان وڌ ڪلام ڳائيندو ھو. پاڻ، سچل، قلندر ۽ ٻين صوفي بزرگن جي درگاھن کان علاوہ، شاھ لطيف جي درگاھ جي بہ حاضري ڀريندو ھو ۽ سنڌ جي نج ڪافيءَ جي نج گائڪي واري انداز ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو ھو. سهراب فقير پنھنجي کليل آواز ۾ جڏهن شاھ لطيف جو بيت آلاپيندو ھو تہ محفل ئي سراپجي ويندي ھئي. پاڻ شاھ لطيف جو ڪلام، مختلف سُرن ۾ ڳائيندو ھو، جن ۾ ڪوهياري، سريراڳ، سامونڊي، راڻي، ڪلياڻ، مارئي، سارنگ جا سُر قابل ذڪر آھن ۽ انهن سُرن ۾ سندس ڳايل وايون، اڄ بہ رڪارڊ ۾ موجود آھن، جن ۾ ھيٺين سڀ کان وڌيڪ مقبول آھي:

مون ۾ تون موجود

سهراب فقير، ريڊيو، ٽي. وي. کان علاوہ، پرڏيھ ۾ بہ انهيءَ عارفاڻي رنگ جي نمائندگي ڪري چڪو آهي، جن ۾ برطانيا، ناروي، جرمني، هالئنڊ، فرانس، اٽلي، ڊينمارڪ، سئٽزرلينڊ، سعودي عرب، دبئي، ايران ۽ هندستان شامل آهن.

سهراب فقير، پنھنجي دؤر جو سر موڙ راڳي هو. ڪڏهن باجي تي تہ ڪڏهن يڪتاري تي سنگ جي صورت ۾ يا اڪيلو، شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو، جيڪو عوام ۾ نھايت مقبول ٿيو. ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ کيس، وڏي مڃتا ملي، پر اڌ رنگ جي موذي مرض، سندس سريلو ۽ پر سوز آواز کانئس کسي ورتو ۽ پوءِ ڳائڻ جون سڀ صلاحيتون وڃائي ويٺو، پر تنھن هوندي بہ سُنگ ساڻس گڏ هوندو هو. سُرن جي موڪلائڻ کان پوءِ هڪ ڏينھن سندس ساه جون تندون بہ موڪلائي ويون ۽ 23آڪٽوبر 2009ع تي دم ڌڻي حوالي ڪيائين. کيس ٽالپر وڏا جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو، پر آواز جي روپ ۾ اڄ بہ زندھ آهي، سندس ڳايل ڪلام ۽ گائڪيءَ جو انداز سنڌي موسيقيءَ لاءِ هڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو.

سوڍو جوڳي (جنم: 1959ع):

سوڍو جوڳي، سنڌ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آهي. پاڻ 1959ع ڌاري ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ نبيسر ۾ پيدا ٿيو (ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ جي ڪئٽلاگ موجب، سندس جنم جو سال 1965ع آهي.) سندس پيءُ جو نالو موڏو جوڳي آهي. پرائمريءَ جا پنج درجا پڙهڻ کان پوءِ هو اڳتي پڙهي نہ سگهيو. سندس وڏا مُرلي ٺاهڻ ۽ وڄائڻ جا ڀڙ ڪاريگر فنڪار هئا.

سوڍي جوڳيءَ کي ننڍي هوندي ئي موسيقيءَ جي موه موهي وڌو. تنھن ڪري هو راڳ ٻُڌڻ سان گڏ ڳائڻ بہ لڳو. هن پھريان استاد محمد سومار کان راڳ جي سکيا ورتي ۽ پوءِ ڪلاسيڪي راڳ جي ڄاڻو استاد محمد مٺل ميراثيءَ جي شاگرديءَ ۾ موسيقيءَ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪيائين. سوڍي جوڳيءَ 1988ع ۾ پروڊيوسر الله بخش بخاريءَ جي معرفت، پھريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. تنھن کان پوءِ ذوالفقار نقويءَ کيس 1989ع پي ٽي وي ڪراچيءَ تي ڳائڻ جو موقعو ڏنو، جتي سنڌي پروگرام ’سنڌ سينگار‘ ۾ ڳائي پاڻ مڃايائين. سنڌ جو هي سُريلو فنڪار سنڌ کان ٻاهر پاڪستان جي ٻين شھرن ۾ پڻ ڳائي چڪو آهي. سوڍي جوڳي ڳائڻ سان گڏوگڏ موسيقار جي حيثيت ۾ پڻ پاڻ مڃايو آهي.

سوڍي جوڳيءَ ٻين انيڪ شاعرن سان گڏوگڏ، شاه لطيف جو ڪلام پڻ نھايت ئي پُرسوز نموني ڳايو آهي. ريڊيو پاڪستان جي ڪئٽلاگ موجب، هن شاه لطيف جون هيٺيون وايون ڳايون آهن:

تنھنجي تند تنوار...

ڏاگهن ڏيرن ساڻ...

لنءُ تہ لکئي لائي...

ڪاپڙي ڪن چير...

سُشيلا مھتاڻي (جنم: 1929ع):

سُشيلا مھتاڻي، دادا منگهارام کيمچند مھتاڻيءَ ۽ دادا دولت مھتاڻيءَ جي ڪٽنب ۾ 1929ع ۾ ڄائي. مھتاڻي ڪٽنب وارا صوفي مت جا فقير ۽ شاه لطيف جي ڪلام جا عاشق هئا. سُشيلا مھتاڻي پھرين عورت هئي، جنھن شاه لطيف جي عرس جي موقعي تي ٿيندڙ ڪانفرنس ۾، شاه لطيف جو ڪلام ڳايو ۽ داد ماڻيو. ’يار سڄڻ جي فراق آءٌ ماري‘ ۽ ’پيرين پوندي سان‘ سندس ڳايل مشھور ڪلام آهن، جيڪي ريڊيو تان نشر ٿيندا رهندا آهن. پاڻ استاد محمد ابراهيم کان راڳ جي سکيا ورتائين.

سونا خان بلوچ (وفات: 1982ع):

سونا خان بلوچ، سنڌ جو اُهو عظيم راڳي ٿي گذريو آهي، جنھن پنھنجي مڌر ۽ مٺڙي آواز جي جادوءَ سان، هزارين ڌڙڪندڙ دلين کي موهي وڌو هو. پاڻ جڏهن بہ ڳائيندو هو، تہ ماڻهن جا ميڙ لڳي ويندا هئا. سونا خان بلوچ، سنڌي ڳائڻن مان اُهو راڳي هو، جنھن جي آواز ۾ جاجہ هئي. ٿلھو متارو مڙس هو، پر آواز مٺڙو هئس، تنھن ڪري هر ڳوٺ ۽ واهڻ ۾ سندس آواز جي هاڪار هئي.

سونا خان بلوچ کي موسيقيءَ جي ڄاڻ پوري پني هئي، ان ڪري مٿس گويا تنقيد ڪندا هئا، پر پاڻ بي پرواه ٿي ڳائيندو هو. سندس مقبوليت جو ڪارڻ اِهو هو، جو پاڻ سنڌ جي نج عوامي انداز ۽ سنڌي رنگ ۾ ڳائيندو هو. سندس انهيءَ رنگ کي عوام ڏاڍو پسند ڪيو.

سونا خان، ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏ شاه لطيف جي ڪلام کي بہ پنھنجي پر سوز ۽ پرڪشش آواز جو روپ ڏنو، جنھن جو رڪارڊ اڄ بہ ريڊيو تي گراموفون جي صورت ۾ موجود آهي. ان کان علاوہ، پاڻ اسٽيج ۽ نجي محفلن ۾ بہ شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو. سندس ڳايل ڪلام ڪجهہ هن ريت آهي:

ڏکڙا اندر جا.

سونا خان بلوچ، هڪ سادہ دل ۽ عوامي فنڪار هو. آخر ۾ بيماريءَ سبب ڳائڻ ڇڏي ڏنائين، جو اڌ رنگ جھڙي موذي مرض ۾ مبتلا ٿي پيو. ڪنھن بہ سندس پرگهور نہ لڌي، جنھن سبب پاڻ 17 مارچ، 1982ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري، هن فاني دنيا مان موڪلائي ويو، پر سنڌي سنگيت ۾ اڄ بہ سندس آواز جيئرو جاڳندو آهي.

سيد سليمان شاه (1933ع -1996ع):

سيد سليمان شاه، سنڌي سنگيت جو اهو ناميارو راڳي ٿي گذريو آهي، جنھن ڀڳتيءَ واري انداز ۾ عارفاڻي ڪلام جي ڳائڻ ۾ نمائندگي ڪئي. سندس جنم، 1933ع ڌاري ڳوٺ تڙ خواجہ ۾ ٿيو. سندس پيءُ جو نالو، سيد عبدالله شاه بخاري هو، جيڪو ايران مان لڏي اچي ٺٽي ۾ جاتيءَ ويجهو ڳوٺ تڙ خواجہ ۾ رهيو. پاڻ ميرپور بٺوري مان مڊل اسڪول ۾ امتحان پاس ڪيائين. راڳ جي لونءَ لڳس تہ ڪتابي علم اڌ ۾ ڇڏي سُرن جو سفر ڪيائين. راڳ جو شوق کيس ننڍپڻ کان هوندو هو، جو سندس وڏا ڀائر، سيد قاسم علي شاه ۽ سومار علي شاه بہ ڳائيندا هئا.

سليمان شاه، جوڳين ۽ سنياسين جي ڳائڻ واري انداز کان ڏاڍو متاثر ٿيو. انهيءَ ڪري مائٽن کي ٻڌائڻ کان سواءِ، ٻہ سال انهن جوڳين ۽ سنياسين سان گڏجي، نڪري پيو ۽ انهن کان رقص واري انداز ۾ ڳائڻ جو فن سکي ورتائين ۽ پوءِ پاڻ بہ انهن وانگر پيرن ۾ ڇير يا گهنگرو ٻڌي ڀڳتيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ لڳو.

سليمان شاه، رقص واري انداز ۾ ڳائڻ جي باقاعدي سکيا بچو شيخ کان ورتي، ۽ هن کان شاگرديءَ جو سڳو بہ ٻڌرايائين. سنڌ جي نامياري بئنجي نواز، استاد بلاول بيلجيم ۽ بمبئيءَ واري اي. جي. پارواڻيءَ کان پڻ سکيا ورتائين. پاڻ هڪ سٺو شاعر، اداڪار ۽ صداڪار بہ هو. ڳائڻ سندس بنيادي سڃاڻپ هئي ۽ منفرد گائڪيءَ واري انداز جي ڪري عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

سليمان شاه کي ڳائڻ جو وڏو ڏانءُ هو. ماڻهن جي مزاج کي ڏسي، اهڙو تہ ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙ منڊجي ويندا هئا. پاڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن ۽ ثقافتي پروگرامن ۽ شادين مرادين کان علاوہ، صوفي بزرگن جي درگاهن تي بہ هر سال وڃي حاضري ڀري، انهن جو ڪلام ڳائيندو هو، جنھن ۾ سچل سرمست، بلهي شاه ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام ذڪر جوڳو آهي.

سليمان شاه، جڏهن شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو، تہ وائيءَ جي موضوع جي مناسبت سان، بيتن جي چونڊ ڪندو هو، جي ڪلام ڪنھن بہ رومانوي داستان سان لاڳاپيل آهي تہ پوءِ تمام سهڻن ۽ سادن جملن سان داستان جي ڪلام جي وضاحت پڻ ڪندو هو ۽ ڪھاڻي بہ بيان ڪندو هو. سندس ڳايل ڪلام ڪجهہ هن ريت آهي:

باندياڻي سانگياڻي...

ڀڳت ڪنور رام کان پوءِ، ڀڳتيءَ واري انداز ۾ ڳائڻ ۾ جيڪا شھرت سليمان شاه کي ملي، اُها ٻئي ڪنھن راڳيءَ جي حصي ۾ نہ آئي.

پاڪستان ٽيليويزن، صوبائي ٻولين جي واڌاري لاءِ 1996ع ۾، مختلف بوسٽر اسٽيشنيون قائم ڪيون. سنڌ ۾ ٽنڊي الھيار ۽ شاه مريد ۾ بوسٽر قائم ڪيا ويا. سليمان شاه، شاه مريد بوسٽر جي افتتاحي تقريب جو پروگرام رڪارڊ ڪرائي واپس آيو ۽ رات جو پنھنجي گهر ۾ جڏهن اُهو پروگرام ڏسي رهيو هو تہ کيس اوچتو دل جو دورو پيو. کيس اسپتال آندو ويو، پر روح جو پکيئڙو رستي ۾ ئي ڪٿي اڏامي ويو ۽ 18 آگسٽ، 1996ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

سيد سليمان شاه جو ريڊيو، ٽي. وي.، فلم ۽ ڪئسيٽ ۾ ڳايل ڪلام، سنڌي سنگيت جو اثاثو آهي، جنھن مان ڀڳتي انداز جي فن جي ڪٿ ڪري سگهجي ٿي.

سينگار علي سليم (1940ع - 2004ع):

عارفاڻي رنگ جو راڳي، سينگار علي ’سليم‘ 1940ع ڌاري راجسٿان جي هڪ ڳوٺ الور ۾ ڄائو. هو اڃا اٺن سالن جو هو تہ سندس وڏا الور مان لڏي پھرين بھاولپور ۽ پوءِ سکر ۾ اچي رهيا. ڳائڻ سندس خانداني پيشو هو. سندس خاندان ۾ شمشير علي خان، استاد امير علي خان، عنايت حسين خان ۽ ولايت حسين خان موسيقي جا وڏا ڄاڻو ۽ شاعر ٿي گذريا آهن، پر عوام ۾ مقبوليت ماڻي نہ سگهيا. پاڻ، هوشيارپور گهراڻي جي استاد، عاشق حسين سارنگي نواز کان راڳ جي سکيا ورتائين، ۽ ان کان پوءِ، قصور گهراڻي جي استاد بڙي غلام علي خان جي ڀاءُ، استاد امانت علي خان کان بہ موسيقيءَ جي علم کان فيضياب ٿيو. سينگار علي سليم، فقير طبيعت جو مالڪ هو، ان ڪري سندس ڳائڻ ۾ فقيراڻو رنگ ملي ٿو. هن شاه لطيف جي ڪلام کي پنھنجي پرسوز آواز سان ڳائي عوام ۾ مقبوليت ماڻي.

سينگار علي سليم، شاه لطيف جي ڪلام کي نہ رڳو درگاه قلندر شھباز، درگاه قادر بخش بيدل ۽ درگاه ڀٽ شاه تي ڳايو، پر ڪيترن ئي ٻين درگاهن، عوامي ميلن، ثقافتي پروگرامن، ريڊيو، ٽي وي ۽ خاص نجي محفلن ۾ بہ شاه لطيف جي ڪلام کي ڳايو. ايتري قدر جو ڪلام ڪنھن ٻئي شاعر جو هوندو تہ ڏوهيڙا وري ڪافيءَ جي رنگ موجب شاه لطيف جا ڏيندو هو.

سينگار علي سليم پاڻ، شاه لطيف جي ڪلام جي ڌُن ٺاهيندو هو ۽ پنھنجي هڪ مخصوص انداز سان پيش ڪندو هو، کيس اِها بہ مھارت هئي تہ هو پنھنجي گائڪيءَ جي انداز سان ٻڌندڙن کي ڪلام جي معنيٰ ۽ مفهوم بہ سمجهائي سگهندو هو. ڳائڻ وقت چھري تي عجيب تاثر اڀري ايندا هئس ۽ پوءِ آواز ۾ اهڙي تہ لرزش پيدا ٿي ويندي هئس، جو ٻڌندڙ کي پنھنجي سحر ۾ آڻي ڇڏيندو هو. شاه لطيف سان سندس عقيدت وارو رشتو بہ هو، جڏهن ڳالهہائڻ لاءِ لفظ نہ ملندا هئس تہ شاه لطيف جو بيت جهونگاري پنھنجو مقصد واضح ڪندو هو ۽ ڪلام کي حقيقي زندگيءَ ۾ اصطلاح طور بہ ڪم آڻيندو هو.

سينگار علي سليم، شاه لطيف جو جيترو بہ ڪلام ڳايو، اُهو ڪلام جي فڪر جي گهرائيءَ کي سمجهي ڳايو اٿس، جو پاڻ طبيعتاً فقير منش هو. سندس ڳائڻ ۾ بہ ساڳي نياز نوڙت ۽ نہٺائي هئي. سندس ڳايل ڪلام هن ريت آهن:

وڃائي ويراڳ ڪالھ ويا...

دلبر جو دلبند جيڏيون...

هتان ئي هلنديس...

جوڳي ٻيا بہ گهڻا...

آءُ ٻاروچل اچ...

سنڌ جو هي سُريلو راڳي، 14 آگسٽ، 2004ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. کيس ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو. سندس سنڌي، اردو، سرائيڪي، هندي، فارسي ۽ بلوچي ٻولين ۾ ڳايل ڪلام اڄ بہ آواز جي روپ ۾ عوام جي دلين ۾ زندھ آهي.

شادي فقير (1943ع - 1980ع):

شادي فقير، سنڌ جو ناليوارو راڳي ٿي گذريو آهي، سندس جنم 1943ع ڌاري ضلعي عمر ڪوٽ جي ڳوٺ ابوبڪر سومري ۾ ٿيو. شادي فقير جي پيءُ جو نالو اڪبر فقير مڱڻھار هو.

شادي فقير کي ننڍپڻ ۾ سُر ۽ سنگيت جو ماحول مليو، سندس ڏاڏو عيسو فقير پنھنجي وقت جو بھترين سارنگي نواز ۽ دهلاري هو، جنھن وٽان کيس موسيقيءَ سان محبت جو بنيادي شعور ۽ جذبو حاصل ٿيو. شادي فقير پندرهن سالن جي ڄمار ۾ استاد خير محمد خان وٽان راڳ جي باقاعدي سکيا وٺڻ شروع ڪئي، تنھن کان پوءِ سيد زمان شاه مٽياري واري سان گڏوگڏ ٻين ڪيترن ئي جُهونن راڳن جي پارکوئن کان ڄاڻ حاصل ڪندو رهيو.

شادي فقير 1972ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سنڌ تان ڪيترائي پروگرام ڪيا، جتان سندس سُريلو آواز سڄي سنڌ تائين پھتو ۽ کيس مقبوليت حاصل ٿي. شادي فقير، غزل، گيت، ڪافي ۽ وائي ڳائڻ ۾ پنھنجو مٽ پاڻ هو.

25 آڪٽوبر 1980ع ۾ لاڏاڻو ڪيائين.

شادي فقير شاه لطيف جي هيءَ وائي ڳائي آهي:

آءٌ مارن ڪاڻ ماندي، مارو مون لاءِ ماندا...

شفيع محمد جُمن (1956ع -2002ع):

راڳ جي خانداني روايت کي زندھ رکندڙ شاه جو راڳي، شفيع محمد جمن، لالُو کيت هاڻوڪي لياقت آباد، ڪراچيءَ جي هڪ ننڍڙي ڳوٺ عثمان ۾، 20 جنوري، 1956ع تي ڄائو. 1967ع ۾، حاجي مريد بڪڪ اسڪول مان پرائمري پنج درجا پاس ڪيائين ۽ مئٽرڪ بہ ڪراچيءَ مان ڪيائين. ڪجهہ عرصو ڪسٽمس ۾ سپاهيءَ جي حيثيت سان، حيدرآباد - نوري آباد ۾ نوڪري بہ ڪيائين.

شفيع محمد کي راڳ ورثي ۾ مليو ۽ راڳ جي سکيا بہ پنھنجي پيءُ، استاد محمد جمن کان ورتائين، پر شاگرديءَ جو سڳو، استاد محمد امين راهيءَ کان ٻڌرايائين ۽ ڪجهہ وقت سندس شاگرديءَ ۾ رهيو. پاڻ جڏهن ٻارنھن سالن جو هو تہ استاد جمن سان گڏجي محفلن ۾ ويندو هو ۽ ڳائيندو بہ هو. شفيع محمد، شاه لطيف جي وائي ’ڪانگل نيئي تہ ڏيو، مون ڏکيءَ جو ڏوراپو‘ سان اسٽيج تي باقاعدي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. پاڻ شاه لطيف جو ڪلام، استاد جمن وانگر، اهڙيءَ پختگيءَ سان ڄمائي ڳائيندو هو، جو استاد جون سڪون لاهيندو هو. آواز بہ ساڳيو تہ انداز بہ ساڳيو هئس.

استاد محمد جمن، شاه لطيف جي ڪلام ۾ سمايل اصلي سُرن کي نئين سِر ڳولي صحيح صورت ۾ ڳايو.

شفيع محمد بہ ڪلام جي اصل رنگ ۽ راڳ جي روپ ۾ پيش ڪري ساڳيو استاد جمن وارو تسلسل قائم رکيو، جنھن ڪري عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

شفيع محمد، سنڌ جي سڀني صوفين جي درگاهن ۽ ريڊيو، ٽي. وي. تي شاه لطيف جو ڪلام ڳايو. سندس مقبول ڪلامن ۾:

هوت نہ ڪندا هيئن مون سان...

هو جي ويا هوت هڻي...

مون کي ڪا مَ جهلي، سڀڪا پاڻ پلي...

راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورهيہ لنگهي ويا...

شفيع محمد جي وڏي خوبي اِها هئي تہ هن، استاد جمن وانگر پاڻ ڌنون ڪمپوز ڪيون ۽ انهن کي پنھنجي مخصوص سنڌي انگ ۾ ڳايو، ان ڪري سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر کيس وڏي مڃتا پڻ ملي.

شفيع محمد، بيماريءَ سبب ڏيڍ مھينو سول اسپتال ڪراچيءَ ۾ داخل رهڻ کان پوءِ، 28 آگسٽ، 2002ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس پنھنجي اباڻي ڳوٺ واري قبرستان ۾ پنھنجي والد جي قبر جي ڀرسان دفنايو ويو آهي.

شمن علي ميرالي (جنم: 1967ع):

شمن علي ميرالي سنڌ جو مشھور راڳي آهي. سندس جنم پھرين جنوري 1967ع تي، ضلعي شڪار پور ۾ صوفي ٻڍل فقير جي درگاه ڀرسان ڳوٺ علي بخش بروهي (موجودہ ڳوٺ گولا بروهي) ۾ ٿيو. سندس پيءُ لعل بخش ميرالي پنھنجي دور جو هڪ بھترين فنڪار هو، جيڪو ٻڍل فقير جي درگاه تي هر مھيني جي پھرين جمعي جي رات ٿيندڙ موسيقيءَ جي محفل ۾ صوفياڻو ڪلام ڳائيندوهو. غربت سبب، شمن علي ميراليءَ فقط ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي. پنھنجي پيءُ ۽ ڀاءُ همت عليءَ جي صحبت ۾ رهڻ سبب سندس لاڙو موسيقيءَ ڏانھن وڌيو. هن راڳ جي شروعاتي ڄاڻ پنھنجي پيءُ لعل بخش ميراليءَ کان ورتي، تنھن کان پوءِ راڳ جي وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاءِ استاد غلام حيدر مڱڻھار جي شاگرديءَ هيٺ رهيو. انسائيڪوپيڊيا سنڌيانا موجب: ”هن فن جي شرعات ٻڍل فقير جي درگاه تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن سان ڪئي. شمن ميرالي شروع ۾ يڪتاري ۽ چپڙيءَ تي ڳائيندو هو. سندس شروعاتي ٻہ چار ڪئسٽون پڻ يڪتاري چپڙيءَ تي رڪارڊ ٿيل آهن.“

( سنڌيانا،2017ع، جُلد 11، ص: 223)

شمن علي ميراليءَ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ريڊيو خيرپور تان مختلف شاعرن جو ڪلام ڳائي، سموري سنڌ ۾ شھرت ماڻي. هن پاڪستان کان سواءِ ٻين ملڪن ڀارت، ڪئناڊا، سعودي عرب، آمريڪا، برطانيا ۽ دبئي ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري مڃتا ماڻي آهي. فن جي دنيا ۾ سندس خدمتن سبب کيس سچل سرمست ايوارڊ، شاه لطيف ايوارڊ ۽ قلندر ايوارڊ کان علاوہ ٻيا بہ کوڙ ايوارڊ مليا اٿس. هن مختلف سنڌي ٽي. وي چينلن تي مختلف ٻولينءَ ۾ لاتعداد گيتَ ڳايا آهن.

شمن علي ميراليءَ گهڻن ئي ڪلاسيڪي توڙي جديد شاعرن جو ڪلام ڳايو آهي. جڏهن تہ شاه لطيف جي ڪلام مان هيٺ ڄاڻايل وايون سُريلي آواز ۾ ڳايون اٿس:

هن نماڻيءَ جا نيڻ...

عمر ادا جن جي اٿم اُڪير...

صادق فقير (1967ع - 2015ع):

صادق فقير 20 مارچ 1967ع ڌاري ضلعي ٿرپارڪر جي مٺي شھر ۾ ڄائو، سندس پيءُ جو نالو فيض محمد مڱڻھار آهي. پرائمري ۽ سيڪنڊري تعليم مٺي شھر مان حاصل ڪيائين. جڏهن تہ بي اي ۽ ايم اي (سنڌي) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي ڄام شورو مان حاصل ڪيائين. پيشي جي حوالي سان، هو سيڪنڊري اسڪول جو استاد هو.

صادق فقير جو گهراڻو راڳ رنگ سان واڳيل هو، تنھن ڪري کيس ٻاروتڻ کان ئي موسيقيءَ سان اُنسيت هئي. هن راڳ جي ابتدائي ڄاڻ پنھنجي مامي حُسين فقير کان ورتي، شروعات ۾ شادي مُرادي ۽ ميلن ملاکڙن جي محفلن ۾ ڳائيندو هو. ان کان پوءِ 1988ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين.

صادق فقير پي ٽي وي ڪراچيءَ ۾ پڻ پنھنجي آواز جو جادو جاڳايو. ريڊيو ۽ ٽيليويزن تي ڳائڻ ڪري کيس تمام گهڻي شھرت حاصل ٿي. صادق فقير سنڌيءَ سان گڏوگڏ سرائڪي، ڍاٽڪي، مارواڙي ۽ اردو ٻوليءَ ۾ پڻ ڳايو آهي. راڳ جي دنيا ۾ مقبوليت ماڻڻ کان پوءِ کيس سنڌ کان ٻاهر دبئي، ڀارت، آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا ۽ سعودي عرب ۾ پڻ ڳائڻ جو موقعو مليو.

صادق فقير جي فن جي مڃتا طور کيس شاه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ ۽ مائي ڀاڳي ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو.

سنڌ جو هي سُريلو راڳي 26 فيبروري 2015ع تي سعودي عرب ۾ هڪ حادثي ۾ زخمي ٿيڻ کان پوءِ وفات ڪري ويو.

صادق فقير ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ شاه لطيف جو هيٺيون وايون پڻ نھايت ئي مھارت سان ڳايون آهن:

لکئي ڙي پنڌڙو ڪرايم...

ڪات قريبن جي اڳيان...

مِڙينئُون موڪَلَ، ڪالَه ڪَندا وِيا ڪاپڙي...

صنم ماروي (جنم: 1986ع):

پاڪستان جي مشھور ڳائڻي صنم ماروي 17 اپريل، 1986ع تي حيدرآباد ۾ فقير غلام رسول جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس ماٽيلو والد لوڪ فنڪار هو، ۽ صنم ماروي کي پڻ ننڍي هوندي کان ئي گهر ۾ راڳ جي سکيا ڏيندو هو. صنم ماروي ستن سالن جي عمر کان راڳ سکڻ جي شروعات ڪئي. شروعاتي ٻن سالن تائين، گواليار گهراڻي جي استاد، فتح علي خان کان حيدرآباد ۾ سکيا ورتائين. سندس چوڻ موجب تہ هن استاد فتح علي خان ۽ عابدہ پروين کان گهڻو ئي ڪجهہ سکيو.

صنم ماروي 2009ع ۾ پاڪستان ٽيليوزن ڪارپوريشن چئنل طرفان، ’ورثا هيريٽيج‘ (Virsa Heritage) نالي موسيقيءَ جي پروگرام ۾، راحت فتح علي خان سان گڏجي شاه لطيف جو ڪلام ’پرچن شال پنھوار‘ ڳايو ۽ انهيءَ ڪلام تي تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. جنھن بعد سندس گلوڪاريءَ جو سفر نہ صرف سنڌ يا پاڪستان تائين محدود رهيو، پر پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ پروگرامن ۾ صوفي راڳ ڳائي پاڻ مڃرائي چڪي آهي. ڪوڪ اسٽوڊيو طرفان ڪيترائي گانا ريڪارڊ ڪرايا اٿس. صنم ماروي هيل تائين شاه لطيف جون ٽي وايون ڳايون آهن:

پرچن شال پنھوار، ڍولا مارو مون سان...

بوند بره جي بهار لڳي...

منڌُ پيندي مون، ساجن سهي سڃاتو...

صنم ماروي صوفي راڳ ۾ وڏو نالو ڪمايو آهي. سندس ڳڻپ، هن وقت ڪلاسيڪل ۽ صوفي راڳ جي بهترين گلوڪارائن، عابدہ پروين ۽ ٽينا ثاني سان گڏ ٿئي ٿي. سندس فنڪارانہ صلاحيتن جي آڌار تي کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

طاهر مٺو (جنم: 1980ع):

طاهر مٺو 1 جنوري 1980ع تي شيدي پاڙي، ڪوٽڙي ۾ جنم ورتو، سندس اصل نالو طاهر چانڊيو آهي، پر قادر بخش مٺو، کيس پنھنجو شاگرد بڻائي مٿس طاهر مٺو نالو رکيو.

طاهر مٺو ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي، پڙهائي دوران کيس ڳائڻ جو شوق جاڳيو ۽ هو استاد مجيد سينگار وٽ راڳ جي سکيا وٺڻ لڳو، جنھن کيس راڳ سان گڏ پيانو وڄائڻ پڻ سيکاريو.

طاهر مٺو جڏهن اسڪول ۾ پڙهندو هو تہ هڪ ڀيري اسڪول جي ڪنھن پروگرام ۾ قادر بخش مٺوءَ سان مليو، جنھن سندس آواز ۽ ڳائڻ جي انداز جي ساراه ڪري، مٿس طاهر مٺوءَ جو نالو رکيو. جنھن بعد هي قادر بخش مٺوءَ سان گڏ مختلف محفلن ۾ شريڪ ٿيڻ لڳو. طاهر مٺو ريڊيو ۽ ٽي وي تي پڻ ڪيترائي پروگرام ڪيا، جنھن سبب کيس سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ملي، ان کان سواءِ ڪوڪ اسٽوڊيو ۾ سيد سليمان شاه جو ڳايل ڪلام ’پيرين پوندي سانءِ چوندي سانءِ‘ نئين انداز ۾ ڳايائين، سندس فن جي مڃتا طور کيس ’شھباز ايوارڊ‘ سان پڻ نوازيو ويو آهي.

طاهر مٺو ٻين شاعرن سان گڏ، شاه لطيف جي وائي هيٺين وائي ڳائي آهي:

لڳي ڏکڻ جي هير...

ظفر علي خان (1941ع - 2011ع):

ظفر علي خان پھرين مارچ 1946ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو استاد قدرت الله خان هو، جيڪو پاڻ بہ مشھور راڳي ٿي گذريو آهي. ظفر علي خان مشھور گواليار گهراڻي جي موسيقارن مان هو، تنھن ڪري راڳ سان انسيت کيس ورثي ۾ ملي. هن راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ استاد قدرت الله خان کان ورتي.

ظفر علي خان بنيادي طرح مشھور موسيقار هو، تنھن ڪري ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي ٽيھن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. هڪ سٺي موسيقار سان گڏوگڏ ظفر علي خان سٺو ۽ ماهر راڳي بہ هو، جنھن عام محفلن ۽ ميڙاڪن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ ڪيترين ئي سنڌي ۽ اردو فلمن ۾ گيت ڳائي مڃتا ماڻي. کيس سنڌ کان ٻاهر ڀارت ۽ دبئي ۾ پڻ ڳائڻ جو موقعو مليو.

ظفر علي خان ڪلاسيڪي ۽ نيم ڪلاسيڪي راڳ جو ڄاڻو هو، سنگيت جي دنيا ۾ ڪيترائي نوان راڳي پيدا ڪيائين، سندس شاگردن ۾ احمد مغل، خدا بخش ڪڇي، شبانہ ڪوثر ۽ شازيہ ڪوثر شامل آهن.

سندس فن جي مڃتا طور پي ٽي وي پاران کيس ايوارڊ ڏنو ويو. ظفر علي خان 2 جنوري 2011ع تي هن فاني دنيا کان لاڏاڻو ڪيو. ظفر علي خان ٻين شاعرن سان گڏ شاه لطيف جي وائي پڻ نھايت ئي سٺي نموني ڳائي آهي:

ڇا کي ٿا ڪرها قطاريو...

عابدہ پروين (جنم: 1956ع):

عارفاڻي رنگ ۾ رڱيل ۽ صوفياڻي مزاج واري ڳائڻي، عابدہ پروين، لاڙڪاڻي جي علي گوهرآباد پاڙي ۾، 1956ع ڌاري جنم ورتو. عابدہ پروين کي ننڍي هوندي کان ئي راڳ جو شوق هو. راڳ کيس پنھنجن وڏڙن کان، ورثي ۾ مليو. سندس والدہ ممتاز بيگم، هڪ سٺي فنڪارہ هئي ۽ سندس پيءُ، غلام حيدر پنھنجي دور جو سُريلو راڳي ۽ موسيقيءَ جو ماهر هو، جنھن جو لاڙڪاڻي شھر ۾ ئي موسيقيءَ جو اسڪول هو، جتي عابدہ راڳ جي شروعاتي سکيا ورتي. پيءُ کان پوءِ، استاد مھر علي خان لاڙڪاڻي واري کان بہ سکيا ورتائين. جڏهن عابدہ جي مائٽن، لاڙڪاڻي کان پوءِ خيرپور، سکر، مٽياريءَ ۾ رهڻ کان پوءِ، حيدرآباد کي وسايو تہ پوءِ اتي عابدہ پروين ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي سُريلي آواز جا سُر وکيريا، جتي استاد نياز حسين، محمد ابراهيم، محمد جُمن جي استاديءَ ۾ سکيا ورتائين. تنھن کان سواءِ پاڻ استاد سلامت علي خان کان بہ ڪجهہ عرصو سکيا ورتائين. عابدہ، غزل، گيت، خيال، ٺمري ۽ وائيءَ کان سواءِ ڪافي بہ پنھنجي منفرد آواز ۽ انداز سان ڳائيندي آهي، جنھن ڪري هوءَ اڄ ننڍي کنڊ ۾ گهڻي مقبول آهي. پاڻ سنڌي، اردو، پنجابي ۽ سرائيڪي ٻولين ۾ مھارت سان ڳائيندي رهي آهي. سنڌ جا ماڻهو کيس، ’راڳ جي راڻيءَ‘ جھڙي لقب سان ڪوٺين ٿا.

عابدہ پروين، جديد ۽ ڪلاسيڪي شاعري ڳائڻ ۾ مھارت رکي ٿي. سندس ڪلام جي چونڊ بہ عاليشان هوندي آهي. گهڻو ڪري صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندي آهي. انهن مان شاه لطيف جو ڪلام سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس. پاڻ جڏهن شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندي آهي تہ، اُچارن جي چٽي ۽ صحيح هجڻ تي تمام گهڻو ڌيان ڏيندي آهي. منجهس اها خاصيت سندس ور غلام حسين شيخ کان ملي جيڪو پاڻ نہ صرف موسيقيءَ جو ڄاڻو هو. بلڪہ شاه لطيف جي ڪلام جي سمجهہ ۽ پرک رکندڙ هو ۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۾ پروڊيوسر هو. شاه جي ڪلام کي ٻين ڪيترين ئي عورت ڳائڻين ڳايو آهي، پر عابدہ جو انداز ٻين سڀنيءَ جي ڀيٽ ۾ منفرد ۽ نرالو آهي. اُن جو بنيادي سبب اِهو آهي جو عابدہ، شاه لطيف جي ڪلام کي مرداڻي انداز واري انگ ۾ ڀريل آواز سان هڪل ڪري ڳايو آهي، جڏهن تہ ٻين ڳائڻين لس انداز ۾، شاه جو ڪلام ڳايو آهي. عابده، راڻو، سورٺ ۽ سهڻي ڳائڻ وقت، ڪلا سيڪي گائڪيءَ کي سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جي ديسي انگ سان ملائي، اهڙيءَ تہ مھارت سان ڳايو آهي، جو موسيقيءَ جا ٻہ مختلف انداز هڪ ئي تاڃي پيٽي ۾ خوبصورتيءَ سان اڻيل لڳندا آهن.

عابدہ پروين جي گائڪيءَ جو وڏو ڪمال اِهو آهي تہ، هن شاه لطيف جو ڪلام جنھن بہ راڳ ۾ ڳايو آهي تہ ٻُڌڻ واري تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ۽ پاڻ کي هڪ پراسرار دنيا ۾ محسوس ڪرڻ لڳندو آهي، ان ڪري ئي عابدہ ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ گهڻي شھرت ماڻي چُڪي آهي.

عابدہ پروين، سنڌ کان علاوہ، پاڪستان جي مختلف شھرن ۾، ۽ ملڪ کان ٻاهر، هندستان، آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالئنڊ، جپان، جرمني، ڪئناڊا ۽ تنزانيا ۾ پڻ شاه لطيف جي ڪلام کي پيش ڪري چڪي آهي. ان کان علاوہ، ننڍي کنڊ جي سنڌي موسيقيءَ ۾ اِهو اعزاز پڻ عابدہ پروين کي حاصل آهي تہ هن شاه جي رسالي جو سڄو ڪلام رڪارڊ ڪرايو آهي. شاه لطيف جي ڪلام سان اِهو سندس عشق جي انتھا وارو اظھار آهي. سندس ڳايل شاه لطيف جو ڪلام هن ريت آهي:

آءُ راڻا ره رات...

مَنڌُ پيئندي مون، ساجن صحيح سڃاتو...

ڪھڙي منجه حساب، هئڻ منهنجو هوت ريءَ...

اڱڻ آيا پيهي...

پرچن شال پنھوار...

يار سڄڻ جي فراق...

سانگياڻي باندياڻي...

مون کي ڏونگر ڏک نہ ڏي...

ٻي ٻروچ مَ ڪيڏانھن...

عابدہ پروين جي گائڪيءَ جو وڏو ڪمال اِهو آهي تہ، هوءَ شاه جي ڪلام کي موضوع مزاج موجب، گهرائيءَ سان ڳائيندي آهي، ۽ هڪ وائيءَ ۾ بيتن جو تعداد بہ ججهو هوندو آهي ۽ هر بيت وري، وائيءَ جي موضوع سان ٺهڪندڙ هوندو آهي. وائيءَ ۾ جي انتظار جو موضوع آهي تہ بيت پڻ اُن اوسيئڙي واري ڪيفيت جا، جي پيڙا آهي تہ، پوءِ پرسوز بيتن جي چونڊ ڪندي آهي. پاڻ، شاه لطيف جو ڪلام جيترو بہ ريڊيو، ٽي.وي.، ڪئسيٽ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري پروگرامن ۾ ڳايو اٿس. اُهو شاه جي موسيقيءَ ۾ هڪ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ تہ عابدہ جي ڳايل ڪلام ۾ نہ رڳو سنڌ جو ديسي انگ ملي ٿو، پر ڪلاسيڪي رنگ جو روپ پڻ موجود آهي، جيڪو سنڌ جي ڪنھن بہ ڳائڻي وٽ ناهي.

عبدالله پنھور (جنم:1937ع):

روح کي راحت رسائيندڙ شاه لطيف جو راڳي، عبدالله پنھور 1937ع ۾ سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي ۾ ڄائو. ڪلام پاڪ جي تعليم آخوند محمد قاسم کان ورتائين. 1944ع ۾ سندس ڪٽنب ڪراچيءَ لڏي آيو. ابتدائي تعليم، مرزا آدم خان اسڪول مان ورتائين، تنھن کان پوءِ ايس. ايم. اسڪول لياريءَ ۾ داخل ٿيو. مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ، وڌيڪ تعليم حاصل ڪري نہ سگهيو. عبدالله پنھور کي ڳائڻ وڄائڻ جو شوق پنھنجي والد، حاجي سليمان پنھور کان مليو، جيڪو شوقيہ يڪتاري چپڙيءَ تي ڪافي ڳائيندو هو. عبدالله پنھور، 1948ع ۾، شاه لطيف جي ورسيءَ جي موقعي تي، پھريون ڀيرو اسٽيج تي آيو ۽ شاه لطيف جو مشھور ۽ مقبول ڪلام، ’پيرين پوندي سان‘ سُر ڪوهياريءَ ۾ پيش ڪري داد حاصل ڪيائين. اهڙيءَ ريت سندس ڳائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. پوءِ مختلف پروگرامن ۽ مختلف ورائٽي شوز ۾ حصو وٺڻ لڳو.

عبدالله پنھور راڳ جي شروعاتي سکيا، ماسٽر رام ڪاراڻيءَ کان ورتي، ۽ استاد جان محمد بروهي بينجو نواز کان هارمونيم وڄائڻ سکيو. پاڻ ڳائڻ جي شروعات ماسٽر چندر جي انداز سان ڪيائين. پوءِ ماسٽر محمد ابراهيم جي ڳائڻ کان گهڻو متاثر ٿيو ۽ وڌيڪ سکيا جي خواهش جو اظھار ڪيائين، پر ماسٽر محمد ابراهيم کيس ٽاريندو رهيو. نيٺ اٺن سالن کان پوءِ، عبدالله پنھور کي پنھنجي شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌائين ۽ شاگرديءَ ۾ ورتائين.

عبدالله پنھور، ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳائيندي، عوام ۾ مقبوليت ماڻي. سندس شھرت کي ڏسي ’اِي. ايم. آءِ‘ رڪارڊ ڪمپنيءَ هن جا ڪافي ڪلام رڪارڊ ڪيا. سندس پهرئين سنگل رڪارڊ جي هڪ پاسي ۾ شاه لطيف جو ڪلام، ’جيڪر هيس ڌاري‘ ڳايل آهي، جنھن جي ڌُن، بلاول بيلجيم ترتيب ڏني هئي.

عبدالله پنھور جون گهڻو ڪري محفلون ڳوٺن ۾ ٿينديون هيون، ۽ ٻهراڙيءَ جي ماحول ۾ سندس شھرت جي هاڪ هئي. ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. عبدالله پنھور، پنھنجي هڪ خاص انداز سان محفل ۾ سُر وکيريندو هو ۽ اُهي سر ٻڌندڙن جي من ۾ سمائجي ويندا هئا. پاڻ مختلف سُرن مان شاه لطيف جو ڪلام پيش ڪيائين، جيڪو هن ريت آهي:

جيڪر هيس ڌاري ...

گهاتو گهر نہ آئيا...

پيرين پوندي سان ...

عبدالله ڪڇي (1940ع -1998ع):

شاه لطيف جو ناميارو راڳي، عبدالله ڪڇي، 1940ع ۾، ڪراچيءَ جي علائقي ڪلري لياريءَ ۾ پيدا ٿيو. سندس وڏا ورهاڱي کان اڳ، هندوستان کان ڪڇ لڏي آيا ۽ پوءِ ڪراچيءَ ۾ اچي رهيا. ڳائڻ وڄائڻ سندن خانداني ڪرت هئي. ناناڻي خاندان ۾، عثمان ڪڇي، هاشم ڪڇي ۽ مٺو ڪڇي، شاه لطيف جا مشھور راڳي ٿي گذريا آهن. پاڻ بہ وڏڙن جي واٽ وٺي، عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو، جنھن ۾ شاه لطيف جو ڪلام وڏي شوق سان ڳائيندو هو. پاڻ نہ رڳو شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو، پر دنيا جي ڪم ڪارين کان فارغ ٿي، رسالي جي هر هڪ سُر جي بيت ۽ وائيءَ جو گھرو اڀياس ڪندو هو. سندس ڳائڻ جي اِها خاصيت هئي، جو ڪلام جي گھرائيءَ ۽ مقصد مطابق ڳائڻ وقت اُن جي ادائگي ڪندو هو. عبدالله ڪڇيءَ کي شاه لطيف جي ڪلام سان ننڍپڻ کان لڳاءُ هو، جو کيس لولي بہ شاه لطيف جي ڪلام جي ملي هئي. سندس خاندان جا وڏا نہ رڳو شاه لطيف جي درگاه تي ڳائيندا هئا، پر عام خاص محفل ۾ پڻ شاه لطيف جو ڪلام پيش ڪندا هئا.

عبدالله ننڍپڻ کان ئي شاه لطيف جو ڪلام جهونگاريندو هو ۽ عام زندگيءَ ۾ پڻ، بيتن مان پنھنجي ڳالهين جو مقصد بيان ڪندو هو. کيس شاه لطيف جو گهڻو ڪلام ياد هو. پاڻ شروعاتي دؤر ۾ ڍولڪ وڄائيندو هو، کيس عبدالله پنھور صلاح ڏني تہ خدا جي ڏنل ڏات آواز، کي عوام آڏو آڻي ۽ ڳائڻ طرف ڌيان ڌري. هڪ ڀيري ڪراچيءَ جي ڊپٽي ڪمشنر جي تقريب منظور جماليءَ جي نگرانيءَ هيٺ هئي، جنھن ۾ لاهور جي فنڪارن سان گڏ سنڌ جي فنڪارن، روبينہ قريشيءَ، ماسٽر محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کي بہ گهرايو ويو هو. ان پروگرام ۾ ڪن سببن جي ڪري استاد جمن ۽ ماسٽر محمد ابراهيم اچي نہ سگهيا. منظور جماليءَ، پنھنجي ساک بچائڻ لاءِ اعلان ڪيو تہ عبدالله ڪڇي، سنڌي ڪافي ڏاڍي سٺي ڳائيندو آهي. ان محفل ۾ عبدالله ڪڇيءَ، شاه جي سورمي، سسئيءَ جا سور ٻڌايا، جنھن وائيءَ جا ٻول هئا: ’آهيان ڏونگر ڏاري الا! ٻاروچل کي شل ٻاجهہ پوي‘. جڏهن محفل ۾ ماڻهن، عبدالله ڪڇيءَ جي آواز ۾، شاه لطيف جو ڪلام ٻڌو تہ کيس وري فرمائش ٿي. پوءِ هن ماسٽر محمد ابراهيم جي ڳايل شاه لطيف جي وائي، ’عمر آءٌ ويندڙو پڇان‘ ڳائي محفل کي موهي وڌو.

عبدالله، ڳائڻ جي شروعات، شاه لطيف جي ڪلام سان ڪئي ۽ راڳ جي شروعاتي سکيا، عبدالله پنھور کان ورتائين. پاڻ ماسٽر محمد ابراهيم جي فن کان ڏاڍو متاثر هو، کيس روحاني استاد مڃيندو هو، کيس موقعو مليو ۽ راڳ جي باقاعدي سکيا ماسٽر محمد ابراهيم کان ورتائين.

عبدالله ڪڇي بہ پنھنجي استاد جيان، شاه لطيف جي ڪلام کي ڪمپوز ڪري ڳائيندو هو. پاڻ ريڊيو تي پھرين شوقيہ فنڪار طور منظور ٿيو. 1962ع ۾ جنرل آڊيشن جي ڪاميابيءَ کان پوءِ کيس هڪ فنڪار جي حيثيت سان مڃتا ملي. پاڻ ريڊيو تي شاه لطيف جي سُر ڪوهياريءَ جي وائي ’گِلا ڪا مَ ڪري، لکيو ڪين ٽري‘ ڳائي، جيڪو سندس پھريون ڪلام هو. هن وائيءَ جي ڌُن، بلاول بيلجيم ترتيب ڏني هئي.

عبدالله ڪڇيءَ کي سچل سائينءَ، قلندر شهباز ۽ درگاه ڀٽ شاه جي ميلي تي ڪڏهن بہ ڳائڻ جو موقعو نہ ڏنو ويو، پر پوءِ بہ پاڻ هر سال ميلي تي ويندو هو ۽ درگاه جي پاسي ۾ ويھي، پنھنجي منهن ڳائي، پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪندو هو. شاه لطيف جا ڳايل سندس ڪيترائي ڪلام، ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ مقبوليت ماڻي چڪا آهن، جن ۾ هيٺيان ڪلام ذڪر جوڳا آهن:

رات رئان ٿي رت ڦڙا...

حرف هوتن جي آهي ڙي اديون...

لوچي لهنديس، هو ڏور جتن جي...

عبدالله ڪڇيءَ جو گذر سفر پڻ راڳ تي هو، ان ڪري گهر ۾ ويھي، شاه جي رسالي جو اڀياس ڪندو هو ۽ مختلف سُرن مان وايون چونڊ ڪري پاڻ ڌُن ٺاهيندو هو. سندس ٺاهيل ڌُنون عوام ۾ ڏاڍيون مقبول ٿيون.

خانداني راڳ جي روايت کي زندھ رکندڙ هن راڳيءَ، اٺين مئي، 1998ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ڪراچيءَ جي ميوا شاه قبرستان ۾ دفنايو ويو.

عثمان فقير سولنگي (1952ع - 2007ع):

عثمان فقير سولنگي ڳوٺ نواب بھاول خان ۾، 1952ع ڌاري جنم ورتو، سندس پيءُ جو نالو فقير غلام حسين سولنگي هو، جيڪو پاڻ ماهر راڳي هو. پنھنجي پيءُ کي ڳائيندو ڏسي، عثمان فقير سولنگيءَ کي ننڍپڻ ۾ ئي ڳائڻ جو شوق ٿيو، راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان ورتائين ۽ ابتدائي طور ساڻس گڏ مختلف درگاهن تي وڃي ڳائيندو رهيو.

راڳ جي پختي ڄاڻ لاءِ، استاد مظھر علي خان ۽ نواب بھاول خان جي شاگردي اختيار ڪيائين. پاڻ صوفي شاه عنايت شھيد جو معتقد هو، ۽ درگاه جهوڪ شريف ۾ صوفي ڪلام ڳائيندو هو. عثمان فقير سولنگيءَ کي سڄي سنڌ ۾ مڃتا ملي، ۽ سنڌ کان ٻاهر آمريڪا، جرمني، فرانس، اٽلي ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. عثمان فقير سولنگي 12 آگسٽ 2007ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

عثمان فقير سولنگي شاه لطيف جي هيٺئين وائي بھترين نموني ڳائي آهي:

مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو...

علڻ فقير (1932ع - 2000ع):

شاه لطيف جون وايون ۽ بيت ڳائي بين الاقوامي شھرت ماڻيندڙ، شاه جو راڳي، علڻ فقير، 1932ع ۾ جمعي جي ڏينھن، پنجين شعبان تي، ضلعي دادوءَ جي تاريخي ڳوٺ، آمريءَ ۾ ڄائو هو. سندس ڇٺيءَ جو نالو ٽَؤنر فقير هو. مٿس ڏاڏي جو نالو هئڻ ڪري سندس ڏاڏيءَ نالو مٽائي، علي ڏنو رکيو. سندس پيءُ جو نالو، ڌمالي فقير هو، ۽ ذات جو مڱڻھار هو. سندس خاندان جا وڏا، دهل ۽ شرناءِ وڄائڻ کان سواءِ ڳائيندا بہ هئا. ان ريت ڳائڻ وڄائڻ، علڻ فقير کي ورثي ۾ مليو. علڻ فقير کي پيءُ پڙهڻ لاءِ اسڪول ۾ ويھاريو، پر پاڻ پڙهي نہ سگهيو، ان ڪري ڳائڻ وڄائڻ واري خانداني ڪرت شروع ڪيائين. ننڍي هوندي ئي دهل وڄائڻ سکيو. شادين مرادين، ميلن ملاکڙن ۾ دهل بہ وڄائيندو هو، تہ نچندو بہ هو ۽ پنھنجي آواز جا سريلا سُر وکيري، ڳائيندو بہ هو. علڻ فقير، اڪثر درگاه ڀٽ شاه تي ٿيندڙ سماع جي محفل ۽ شاه جو راڳ ٻُڌڻ ويندو هو. جيئن درگاه جا راڳائي فقير، صدا ۽ آلاپ هڻي وايون چوندا هئا تہ پاڻ بہ گدائي ڪرڻ وقت ساڳئي انداز ۾ بيت آلاپي، وايون چوندو هو. علڻ فقير اُن زماني ۾، دادوءَ کان حيدرآباد-ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ هلندڙ بسن ۽ ريل گاڏين ۾ مسافرن کي ٽوٽڪا ۽ شاه لطيف جا بيت ۽ وايون ٻڌائي، خيرات وٺي پنھنجو پيٽ گذر ڪندو هو. علڻ فقير کي انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجيءَ ۾ نائب قاصد جي ملازمت ملي. جڏهن شيخ اياز، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ٿيو، تہ هن کيس، فائن آرٽس جي شعبي ۾، فنڪار جي حيثيت ۾ گريڊ 16 ۾ ترقي ڏني ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ان عهدي تي رهيو.

علڻ فقير، راڳ جي شروعاتي سکيا، مولچند مھراج، مانجهندن واري کان ورتي. هن شاه جو راڳ ۽ درگاه تي ٿيندڙ راڳ وارو انداز، غلام شاه، قربان فقير لنجواڻي ۽ ربنواز کان سکيو. غلام شاه کيس شاگرديءَ وارو سڳو بہ ٻڌو هو.

علڻ فقير کي قدرت، مڌر ۽ مٺڙي آواز جو مالڪ بڻايو هو. سندس آواز ۾ اداسي ۽ ميٺاج سمايل هو. پاڻ جڏهن بہ دنبوري کي آڱر سان ڇيڙي نڙيءَ مان ’الوميان‘ ۽ ’الا هو‘ جا آلاپ آلاپي، شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو تہ ٻڌندڙ مدهوش ٿي ويندا هئا. علڻ فقير جنھن انداز ۾، شاه لطيف جو سُر سامونڊي ڳايو آهي، ان روماني ڪيفيت ۾ اڄ تائين ڪنھن ٻئي فنڪار سُر سامونڊي نہ ڳايو آهي. جڏهن سُر سامونڊيءَ مان بيت ۽ وايون ڳائيندو هو، تہ ٻڌندڙ ايئن محسوس ڪندا هئا، تہ اُهي محفل ۾ نہ، پر ٻيڙن تي سمنڊ ۾ ويٺل آهن. جرمنيءَ جي شھر ’بون‘ ۾ ملھايل شاه لطيف جي ڏهاڙي ۾، ڳايل سُر سامونڊي، سندس يادگار محفل آهي. درگاه ڀٽ شاه تي ٿيندڙ شاه جو راڳ، وڄت واري ساز کان سواءِ ٿيندو آهي. شاه جا راڳي فقير، دنبوري جي ٿاريءَ مان تال جو ڪم وٺندا آهن، جيتوڻيڪ علڻ فقير ڳائڻ جو انداز تہ درگاه وارو رکيو، پر اُن ۾ وڄت وارن سازن جو پڻ واڌارو ڪري اُن ۾ جدت آندي، ۽ شاه لطيف جي ڪلام کي ڪورس ۾ پڻ ڳايو.

علڻ فقير، ريڊيو تي وائي، ’آءٌ مارن لاءِ ماندي، مارو مون لاءِ ماندا‘ ۽ ٽي. وي. تي ’نانگا ننڊ نہ ڪن‘ سان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. ان کان علاوہ، شاه لطيف، سچل، سرمست، قلندر جي سالياني ميلن ۽ ترڪي، انگلئنڊ، آمريڪا، بيلجيم ۽ اٽليءَ ۾ بہ شاه لطيف جي ڪلام کي پيش ڪري، علڻ فقير ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ شاه جو پيغام پنھنجي آواز وسيلي پھچايو آهي. کيس شاه لطيف جي ڪلام سان ايترو عشق هو، جو پاڻ درگاه ڀٽ شاه تي روزانو يا هفتيوار وڃي ڳائيندو هو. ٽي. وي.، ريڊيو ۽ آڊيو ڪئسيٽ ۾ ڳايل سندس ڪلام ڪجهہ هن ريت آهن:

توڻي تڙيين تُون، يا الا! تو در توءِ نہ ڇڏيان...

ويجهي وندر جن وڻن...

ويندي آءٌ هوتن وٽ، مون ويه وڻجارن سين...

وِرسيا ويڄ ويچارا، دل ۾ درد پرين جو...

جيءُ جياريو، جيءُ جياريو، ڪين منهنجڙو هاريو؟

اکيون ميگه ملهار، صورت تنھنجيءَ سڀ جڳ موهيو

وس پنھنجي ۾ ناهيان...

جادو لائي ويم جيءَ ۾...

ٻاروچا ٻاجهہ گهڻي، آءٌ ٿي ڇُلان ڇپرين...

معلوم حال حبيب! مون کي درد قديمي، وو...

ٻيلي ناهي ڀنڀور تنھن سسئيءَ جو...

نانگا ننڊ نہ ڪن...

ڳاله ڪي نہ وڃ...

وهلي ونءُ مَ وهامي، ره رات رائيندس پرينءَ کي...

سڌين سيڻ نہ هون، نينهن نياپي نہ ٿئي...

مون ۾ تون موجود، آءٌ اڳاهين آهيان...

آيل ڪريان ڪيئن؟ منهنجو نينهن اَپليو نہ رهي...

هي سڀ هلڻ هارا، ڪونہ رهندو ڪو هت جيڏيون...

مھراڻ ماٿريءَ جي هن فنڪار کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ شاه لطيف جي ڪلام ڳائڻ جي ڪري، جيڪا شھرت ملي، اُها ٻئي ڪنھن بہ لوڪ فنڪار جي حصي ۾ اڃا تائين نہ اچي سگهي آهي.

علڻ فقير، شاه لطيف جو راڳي ۽ سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ هو. هو هميشہ لطيفي رنگ ۾ رڱيل نظر ايندو هو. مٿي تي اجرڪ جي پٽڪي کي خاص انداز ۾ ٻَڌندو هو. آخري عمر ۾ اڌ رنگ جي مرض ۾ مبتلا ٿيو. چوٿين جولاءِ، 2000ع تي لياقت نيشنل اسپتال ۾، 68 ورهين جي ڄمار ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين. سندس وصيت موجب کيس سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس ڄام شوري تي سندس گهر جي اڱڻ ۾ دفن ڪيو ويو.

غزالہ رفيق (1939ع -1977ع):

فن جي دنيا ۾، غزالہ رفيق هڪ ڳائڻي، اداڪارہ ۽ صداڪارہ جي حيثيت ۾، تمام ٿوري عرصي ۾ گهڻو نالو ڪمايو. غزالہ جو جنم، 1939ع ڌاري تعلقي قنبر، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. پيءُ جو نالو غلام نعمان انصاري هئس. سندس وڏا اصل هندوستان جا هئا ۽ ميرن جي دؤر ۾ سندس ڏاڏو، صادق علي انصاري سنڌ ۾ لڏي آيو ۽ خيرپور ۾ اچي آباد ٿيو.

نعمان انصاريءَ جي وفات کان پوءِ، ڪٽنب ڪراچيءَ لڏي آيو. غزالہ، مئٽرڪ ڪراچيءَ ۾ ڪئي. ڳائڻ جو شوق کيس اسڪول جي زماني کان ئي هو. 1957ع ۾ پنھنجيءَ ڀيڻ سان گڏجي ريڊيو پاڪستان، ڪراچيءَ تي آئي ۽ زيڊ. اي. بخاريءَ سندس آڊيشن ورتو ۽ ڳائڻ لاءِ آڇ ڪيائينس. اهڙيءَ طرح هن پنھنجي اصل نالي بلقيس موجب بي. اي انصاري جي نالي سان ڳايو ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ اداڪاري ڪئي ۽ غزالہ جي نالي سان ٽيليويزن تي ڊراما ڪيا. استاد محمد ابراهيم کانئس ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏ شاه لطيف جو ڪلام پڻ ڳارايو، پر افسوس جو غزالہ جو ڳايل، شاه لطيف جو ڪلام محفوظ نہ ٿي سگهيو، پر سندس ڳايل صرف هڪ وائي رڪارڊ ۾ موجود آهي، جنھن جا ٻول هئا:

تون ڪا سار لهيج...

غزالہ، راڳ جي سکيا استاد امراؤ بندو خان ۽ محمدابراهيم کان ورتي، ۽ ٿوري ئي وقت ۾ وڏو نالو ڪڍيائين، پر اڳتي هلي، اداڪاريءَ جي ڪري ڳائڻ تان ڌيان گهٽجي ويس. پاڻ ريڊيو، ٽي. وي.، اسٽيج ۽ فلم جي وڏي اداڪارہ هئي. دل جو دورو پوڻ ڪري، 38 سالن جي عمر ۾، 14 جنوري، 1977ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

غفور گل (جنم: 1954ع):

غفور گل، سنڌ جو ناميارو راڳي آهي، 1954ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ گل محمد اعواڻ جي گهر ۾ ڄائو. سندس ڇٺيءَ جو نالو عبدالغفور هو، اڳتي هلي پاڻ پنھنجي پيءُ جي پھرين اکر ’گل‘ جي نسبت سان پاڻ کي غفور گل سڏائڻ لڳو. سندس وڏڙا اصل پشاور جا رهاڪو هئا، جيڪي لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ آباد ٿيا.

غفور گل، جي ننڍپڻ ۾ ئي سندس پيءُ ڪراچي مان لڏي وڃي حيدرآباد رهائش اختيار ڪئي. موسيقي کيس ورثي ۾ ملي، ڇو تہ سندس ٻہ وڏا ڀائر هڪ خير محمد اعواڻ جيڪو بھترين بينجو نواز هو، جيڪو پنھنجي وقت جي مشھور موسيقار استاد بلاول بيلجم جو شاگرد هو، ۽ ٻيو ڀاءُ غلام محمد اعواڻ هڪ صوفي راڳي هو، جيڪو سنڌ جي يگاني ويراڳي ڪلاڪار فقير عبدالغفور سان گڏجي ڳائيندو هو.

غفور گل، کي پرائمري تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ميان علي بخش اسڪول گاڏي کاتي، حيدرآباد سنڌ ۾ داخل ڪرايو ويو، جتي اتفاق سان نصابي تعليم سان گڏ سنگيت جي سکيا پڻ ڏني ويندي هئي. ڇاڪاڻ تہ ساڳئي اسڪول ۾ قمر ڪوهستانيءَ نالي هڪ استاد هو، جيڪو شاعر ۽ موسيقيءَ جي فن جو ڄاڻو هو. هن استاد پنھنجي تجربي جي نگاه سان غفور گل جي وجود ۾ ننڍپڻ ۾ ئي سريلين صلاحيتن وارا گڻ پرکي ورتا، جنھن ڪري اهو استاد اسڪولي سطح تي منعقد ٿيندڙ هم نصابي سرگرمين، جھڙوڪ: ترانن، گيتن ۽ نغمن جي چٽاڀيٽيءَ ۾ حصو وٺڻ لاءِ کيس همٿائيندو رهندو هو. 1964ع ۾ غفور گل جڏهن پنجين درجي جو شاگرد هو، تڏهن کيس استاد قمر ڪوهستاني ريڊيو پاڪستان حيدرآباد وٺي ويو، جتي ٻارڙن جي پروگرام ۾ غفور گل پنھنجي استاد جي سرجيل نعت پيش ڪئي. ان کان پوءِ غفور گل ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي مختلف ٻاراڻن پروگرامن ۾ڳائيندو رهندو هو. پاڻ ٻارهن درجن تائين تعليم حاصل ڪيائين ۽ پوءِ موسيقي جي پيشي کي اختيار ڪيائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان 1969ع کان باقاعدہ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين ۽ سنڌ اندر عوامي ميڙاڪن ۽ اسٽيج پروگرامن ۾ اڪيلي سر ڳائڻ کان علاوہ سنڌ جي امر آوازن، جيجي زرينہ بلوچ، آمنہ صادق علي ۽ فقير عبدالغفور سان گڏجي ڪلام پڻ ڳائيندو هو.

غفور گل، راڳ جي باقاعدہ سکيا استاد نياز حسين کان ورتي. 1970ع ڌاري پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي سينٽر تان سندس ڳايل ڪلام ’چاه اسان جو چانڊوڪيءَ جيئن چمڪيو آ چوڌار‘ پھريون ڀيرو نشر ٿيو. غفور گل جي شھرت ۽ عام ماڻهن تائين مقبوليت جو سبب مارشل لا جي دؤر ۾ شھيد ذوالفقار علي ڀٽي لاءِ ڳايل گيت آهن. سندس انهن ڳايل گيتن ڪري سرڪاري ادارن تان پروگرام ملڻ بند ٿي ويا. 1990ع کان پوءِ نشرياتي ادارن وري سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.

غفور گل، پنھنجي سريلي آواز جو جادو سنڌي فلمن ۾ پڻ ڏيکاريو، پاڻ جڳ مشھور سنڌي فلمن ’مومل راڻو‘،

’آئي مند بھار‘، ’حاضر سائين‘ ۽ ٻين فلمن لاءِ گيت ڳايائين. فلمن لاءِ ڳايل گانن ۾ راڳ جي راڻي عابدہ پروين ۽ ٻين سان همنوانيءَ ۾ دوگانا پڻ ريڪارڊ ڪرايائين.

غفور گل ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ شاه لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو، جيڪو هن ريت آهي:

جيئري يار سار ناهي جي...

منهنجو مالڪ تون ئي تون...

ٿيندو تن طبيب...

غلام رسول نوابشاهي:

غلام رسول نوابشاهي، سنڌ جو هڪ مشھور راڳي ٿي گذريو آهي. هن کي ننڍي وهيءَ کان راڳ ۽ سنگيت سان اُنسيت هوندي هئي. هو پنھنجي ڳوٺ جي اوسي پاسي راڳ جي محفلن ۾ وڃي شوق سان راڳ ٻڌندو هو، ۽ ائين ئي محفلن ۾ ٿورو گهڻو ڳائڻ لڳو. راڳ جي باقاعدي سکيا اُستاد عاشق علي خان کان ورتائين.

غلام رسول نوابشاهي، رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پاران ٺاهيل سنڌي فلم ’ايڪتا‘ ۾ پلي بيڪ ڳائڻي طور ڪم ڪيو، ۽ پوءِ خورشيد بيگم جي معرفت هندستان جي فلمي دنيا ۾ پير پاتائين. پھريون ڀيرو خورشيد بيگم سان گڏ گانو ’ڪوئل ڪوڪي ڊالي ڊالي‘ ڳايائين. جنھن کي تمام گهڻو پسند ڪيو ويو. تنھن کان پوءِ اُتي محمد رفيع ۽ طلعت محمود جھڙن وڏن ۽ مقبول فنڪارن جي اڳيان ڪيترائي گيت ۽ غزل ڳائي مڃتا ماڻيائين. سنڌ ۾ سندس ڳايل ڪلام ’تون ياد ڪرين يا نہ ڪرين، آئون ياد ڪريان ٿو‘ ڏاڍو مشھور ٿيو، جنھن کيس موسيقيءَ جي دنيا ۾ هڪ نئين سڃاڻپ ڏني.

غلام رسول نوابشاهي، ٻين انيڪ شاعرن سان گڏوگڏ، شاه لطيف جي هيٺئين وائي پڻ نھايت سُريلي انداز ۾ ڳائي آهي:

اڱڻ آيم پيهي...

غلام شبير ’درزي‘ (جنم: 1950ع):

غلام شبير ميرالي، 1950ع ۾، رتي ديري جي هڪ ڳوٺ، بڊي، ضلعي سکر، هاڻوڪي ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو. پسگردائيءَ واري ماحول ڪري تعليم حاصل نہ ڪري سگهيو. پاڻ درزڪو هنر سکيو ۽ خانداني ڪرت ڪڙمت بہ ڪيائين. راڳ ڏي لاڙو، ننڍپڻ کان هئس. پاڻ قصيدو ۽ عارفاڻو ڪلام وڏي شوق سان ٻڌندو هو ۽ پنھنجي چوياريءَ ۾ وري انهن ڪلامن کي ڳائي پيش ڪندو هو. ڪجهہ وقت خيرپور ۾ رهيو ۽ پوءِ 1980ع ۾، جيڪب آباد لڏي آيو. راڳ جي شوق کيس استاد ارباب جي اڪيڊميءَ ۾ آندو ۽ ان کان ئي راڳ جي سکيا ورتائين.

غلام شبير، لوڪ موسيقيءَ وارو انداز اختيار ڪري ڳائڻ جي شروعات ڪئي. پاڻ چپڙي ۽ يڪتاري تي شهداءِ ڪربلا ۽ حضرت علي ڪرم الله وجهہ جي شان ۾ قصيدا ڳائي، مقبوليت ماڻيائين. ان کان سواءِ پاڻ شاه لطيف جو ڪلام بہ ڳائيندو هو. سندس ڳائڻ جو انداز سڌو سنئون سادو هو. انهيءَ سادگيءَ سان سنڌ جي مختلف درگاهن ۽ ميلن تي شاه لطيف جو ڪلام ڳايائين. شاه لطيف جي ڪلام ۾ سُر ڪوهياري، سُر سسئي، سُر مارئي، سُر مومل راڻي جون سندس ڳايل وايون ذڪر جوڳيون آهن:

راڻل تو بن رات، مون کي ويٺي ورهيه لنگهي ويا

آءٌ ڪو ڄاڻان پنڌ ڪيچ ڏي

ور ميان خان بلوچ

غلام شبير جو لاڙو هميشہ عارفاڻي ڪلام ڏانھن رهيو آهي، ان ڪري پاڻ اڄ تائين ساڳي رنگ ۾ ڳائي ٿو.

غلام شبير شاهاڻي (جنم: 1960ع):

سنڌ جي ڪلاسيڪل ۽ جديد شاعريءَ کي ڳائيندڙ، غلام شبير شاهاڻي، 1960ع ڌاري ڳوٺ ٿرڙي جادي شھيد تعلقي خيرپور ناٿن شاه، ضلعي دادوءَ ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ جو نالو، صاحب خان شاهاڻي هو. سندس خاندان ۾ ڪوبہ ڳائڻ وڄائڻ سان شوق نہ رکندو هو. کيس ننڍپڻ کان ئي راڳ جو شوق هو. راڳ جي سکيا مجيد خان سارنگي نواز حيدرآباد واري کان ورتائين.

غلام شبير شاهاڻي، سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن، صوفي فقيرن جي درگاهن، عوامي محفلن ۾ پڻ شاه لطيف جو ڪلام ڳايو ۽ ان کان علاوہ، ريڊيو تي بہ شاه لطيف جو ڪلام پنھنجي مٺڙي آواز سان پرسوز انداز ۾ ڳايو اٿس، جو ڪجهہ هن ريت آهي:

آسرو آهي الا! مون کي هوت حبيب جو

ادا ڙي ڏوٿي! آئون پڇان تو ٿي

ڇوري ڇڏ مَ ڇپرين ٻاروچل! ٻانهي

منهنجو من ميان! واڳيو ويڙهيچن سين

سائين سَڱُ ڪندو مَ ڇڄي سين جوڳين

ڇا کي ٿا ڪرها قطاريو وو! مون نماڻيءَ تان ڪي نہ

ڪا ڳاله هئي سا جي لوڪ سُئي

غلام شبير شاهاڻي، شاه لطيف جي سورمي، سسئيءَ کي گهڻو ڳايو آهي. سندس ڳايل ڪلام اڄ بہ ماڻهن کي ياد آهي ۽ سُرن جو سفر اڃا هلندڙ آهي.

غلام قادر چانڊيو (1936ع - 2007ع):

غلام قادر چانڊيو 1936ع ڌاري، ضلعي دادو جي شھر ميھڙ ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو قادر بخش چانڊيو هو. سندس وڏڙن مان ڪو بہ راڳي نہ هو پر راڳ جا شوقين هئا، سندن اوطاق ۾ راڳ جون محفلون مچنديون هيون.

پرائمريءَ جا چار درجا پڙهي راڳ ڏانھن لاڙو ٿيس. پھريان پنھنجي اوطاق ۾ ڳائڻ لڳو. 1957ع ۾ استاد حضور بخش ميراثيءَ کان راڳ جي سکيا ورتائين ۽ ننڍين وڏين محفلن ۾ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي انائونسر ذوالفقار هيسباڻيءَ جي معرفت پھريون ڀيرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين، جڏهن تہ 1988ع ڌاري پي ٽي وي تي پروگرام ’اوطاق‘ وسيلي متعارف ٿيو. ريڊيو پاڪستان خيرپور ۾ پڻ ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ڪرايائين.

غلام قادر چانڊيو، راڳ جي دنيا ۾ ڪيترائي شاگرد پڻ پيدا ڪيا. جن ۾ علي مراد جتوئي مقبوليت ماڻي. پيشي جي لحاظ کان غلام قادر چانڊيو اسڪول ۾ بينڊ ماسٽر هو. 2007ع ۾ هن ڀلوڙ راڳي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

غلام قادر چانڊيو شاه لطيف جي هيءَ وائي نھايت ئي سهڻي نموني ڳائيندو هو:

رڻ ۾ ڇڏي ويا منهنجا اباڻا...

غلام کٽي:

يڪتاري جي تند تي شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندڙ راڳي، غلام کٽي، حيدرآباد ۾ ’ڪورين جي پڙ‘ جو ويٺل هو ۽ استاد يوسف کٽيءَ جو پيارو شاگرد هو. آواز مٺو ۽ گداز ڀريو هئس. سندس جذبي ۽ جوش سان ڳائڻ وارو انداز، محفل کي مچائي ڇڏيندو هو. ڪلام جي اُچارن جي ادائگيءَ ۾ لفظن تي زور ڏيڻ جو گُڻ منجهس تمام گهڻو هو. يڪتارو اهڙو تہ چٽو وڄائيندو هو، جو دل ۾ ’تونهين تون‘ جي تنوار لائي ڇڏيندو هو. ڪڏهن ڪڏهن پنھنجي استاد جي پويان بہ ڳائيندو هو ۽ ڪڏهن محبوب شاه سان جوڙ ۾ ڳائيندو هو. پاڻ حيدرآباد جي اوتارن ۽ درگاهن تي سنڌ جي صوفين جو ڪلام پڻ عقيدت واري جذبي سان ڳائيندو هو ۽ شاه لطيف جي ڪلام کي رسالي جي سُرن ۾ سمايل راڳن کان سواءِ ٻين راڳن ۾ پڻ ڪمپوز ڪري ڳايائين. راڳ ڀاڳيشريءَ ۾ سندس ڳايل شاه لطيف جي هيءَ وائي ڏاڍي مشھور ٿي:

’ننڊ نہ ڪر نماڻي وي...‘

غلام کٽي، سنڌي واين ۽ ڪافين کي لوڪ رنگ ۾ ڳايو، سندس اِهو انداز عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

فقير الله ڏنو خاصخيلي (جنم: 1952ع):

شاه لطيف جي وائيءَ کي لوڪ رنگ ۾ رچائيندڙ راڳي، فقير الله ڏنو خاصخيلي ولد محمد علي خاصخيلي، 1952ع ڌاري ڳوٺ ڌڻي بخش خاصخيلي، لڳ پاڪ سنگهار، تعلقي ٽنڊي الھيار ۾ ڄائو. پاڻ پرائمري تعليم کان سواءِ وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو. فقير الله ڏني کي ننڍپڻ کان ئي عارفاڻي راڳ جي لنءُ لڳل هئي ۽ طبيعت ۾ صوفياڻي ڪلام ڏانھن لاڙو وڌيڪ هئس. 1965ع ۾، فقير طالب حسين جسڪاڻيءَ جي شاگرديءَ ۾ اچي راڳ سکيو ۽ پاڻ بہ استاد وانگر گيڙو رنگ ۾ رنگجي ويو، ۽ چپڙيءَ يڪتاري تي سنڌ جي مختلف درگاهن، ميلن ملاکڙن تي فقراڻي رنگ ۾ سنڌ جي صوفين جو ڪلام ڳائيندو هو. سندس رسيلي آواز مان سنڌ جي عوامي موسيقيءَ واري انگ جو هڳاءُ محسوس ٿيندو آهي. کيس راڳ ۽ راڳڻين جي پڻ سٺي ڄاڻ هئي، ان ڪري کيس 1995ع ۾، فضل فقير جي سنگ سان برطانيہ جي دوري تي موڪليو ويو. پاڻ ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي بہ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪو آهي. فقير الله ڏني، ٻين صوفين جي ڪلام سان گڏ شاه لطيف جي ڪلام کي بہ ڳايو آهي. ريڊيو تي، سُر حسينيءَ مان ڳايل هڪ وائي عوام ۾ ڏاڍي مقبول ٿي، جنھن جا ٻول هئا:

منهنجي حجت ناهي واٽ، ڪانهي واٽ

جيجان تن جتن سين

فقير الله ڏني، پنھنجي مخصوص انداز سان شاه لطيف جو جيترو بہ ڪلام ڳايو، سو ٻڌندڙن کي اڄ بہ ياد آهي ۽ هن وقت سندس پٽ، ديدار علي ۽ ذوالفقار علي بہ سندس ئي رنگ ۾ ڳائين ٿا.

فقير امير بخش ڪلوئي (1918ع -1986ع):

سنڌ جو سدا ملوڪ شاه لطيف جو راڳي، فقير اميربخش، 1918ع ۾، جمڙائو واه جي دلو موريءَ جي ڀر ۾، ڳوٺ اللهيار خان ڪلوئيءَ ۾ ڄائو. پاڻ مشھور صوفي راڳي ٿي گذريو آهي.

فقير امير بخش جو تعلق هڪ زميندار گهراڻي سان هو. ذات جو ڪلوئي هو. محبت جي ميخ لڳڻ ڪري زمينداري ڇڏي، صوفي راڳين جي سُنگ ۾ گڏيو. ڪنٺا، ڪولابا ۽ الفي پائي، هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي کڻي، پيرين اگهاڙي درگاهن تي وڃي حاضري ڀري ڳائيندو هو. پاڻ پريل فقير جو مريد ٿيو.

فقير امير بخش، يڪتاري تي شاه لطيف جو ڪلام اهڙي تہ سوز سان ڳائيندو هو، جو آواز اندر ۾ پيھي ويندو هو. اِهو ئي سبب هو جو صوفياڻي رنگ جي ڪلام کي پسند ڪندڙ، کيس هر محفل ۾ گهرائيندا هئا. امير بخش، پنھنجي سنڌي انگ ۾ ڳائيندو هو ۽ ڳائڻ لاءِ گهڙو، ڍولڪ ۽ يڪتارو کڻندو هو. پاڻ سنڌ جي مختلف درگاهن کان علاوہ، ريڊيو حيدرآباد تي بہ شاه لطيف جو ڪلام ڳايائين. سندس مقبول ٿيندڙ ڪلامن ۾:

مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو...

منهنجي راڻل کي رحم پوي...

فقير امير بخش، گيڙو رنگ وارو پھراڻ پائي، سدائين صوفياڻي سفر ۾ هوندو هو. پاڻ دم جي بيماريءَ ۾، 1986ع ۾ وفات ڪري ويو. سندس ڳايل ڪلام اڄ بہ ماڻهن کي ياد آهن.

فقير عبدالغفور (1910ع -1986ع):

آلاپن ۽ صدائن سان ماڻهن کي موهي مست ڪندڙ، فقيراڻي ساٿ جو سرواڻ، فقير عبدالغفور ولد محمد صالح لکڻ، 1910ع ڌاري حيدرآباد ۾ ڄائو. فقير، ننڍپڻ کان ئي حيدرآباد جي درگاهن، اوتارن ۽ مڪانن جا ڀيرا ڪري راتين جون راتيون راڳ ٻڌندو هو ۽ هانءَ جي سوجهري تي ويو ان رنگ کي سمجهندو. سنگيت جي سُرن کيس پنجن درجن کان مٿي پڙهڻ نہ ڏنو. هر وقت پيو پنھنجي منهن جهونگاريندو هو، ۽ انهيءَ جهونگارڻ کيس ٻارهن سالن جي عمر ۾ ٽنڊي محمد خان جي هڪ ڳائڻي، حاجيخان وٽ آندو، جنھن کيس راڳ جي بنيادي ڄاڻ ڏني ۽ سنگيت جي سُرن کان واقف ڪيو. پاڻ پھرين ماچس ڪن تي رکي ڳائيندو هو، پر جڏهن 1955ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڳائڻ جي شروعات ڪيائين تہ ماچس ڇڏي، هٿ ۾ يڪتارو ۽ چپڙي کنيائين. هي اُهو دؤر هو، جڏهن هر پاسي ڪلاسيڪل گائڪيءَ جي هاڪ هئي ۽ مختلف پيشہ ور گهراڻن جو راڳ ۽ راڳداريءَ تي راڄ هو. اِن وچ ۾، فقير عبدالغفور، پنھنجي لاءِ پاڻ راڳ جي راه جي چونڊ ڪئي. هن گهراڻن جي ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي منجهيل ورن وڪڙن ۽ هنرمنديءَ بدران، سنڌ جي نج سنڌي رنگ کي اختيار ڪيو، ان ڪري سندس آواز ۾ سنڌي سنگيت جا آلاپ پڪا ۽ پختا ملن ٿا يا کڻي ايئن چئجي تہ سندس آواز صدين جو پڙاڏو آهي.

فقير عبدالغفور، سنڌ جي عوامي نغمن ۾ بہ مڃتا ماڻي ۽ شيخ اياز جو نظم ’سهندو ڪير ميار او يار‘ ڳائي مشھور ماڻي. ان کان علاوہ، ڪلاسيڪل شاعرن جو صوفياڻو ڪلام پڻ ڳايو، جنھن ۾ شاه لطيف جو ڪلام ذڪر جوڳو آهي. فقير عبدالغفور، جنھن انداز سان شاه لطيف جو ڪلام ڳايو آهي، اُهو ٻين ڳائڻن کان منفرد آهي. اُن جو بنيادي ڪارڻ اِهو آهي، تہ فقير جو ننڍپڻ کان درگاهن، اوتارن ۽ مڪانن سان واسطو رهيو، جتي نج سنڌ جي عوامي انداز ۾، شاه لطيف جو ڪلام ڳايو ويندو هو. اهڙيءَ طرح فقير بہ صدين جي پراڻي روايت کي زندھ ڪيو ۽ اُن انداز ۾ ڪٿي بہ واڌارو نہ ڪيو ۽ هن رواج جي پاسداري ڪئي، جنھن ڪري پاڻ عوام ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو.

فقير عبدالغفور پاڻ اڪيلو ڳائيندو هو، پر 1970ع ۾ شاه لطيف جي عرس جي موقعي تي، ممتاز مرزا کانئس استاد نياز حسين (موسيقار) جي مدد سان، سُنگ جي صورت ۾ شاه لطيف جو ڪلام ڳارايو. سنگ ۾ ٻيا راڳي، حسين بخش خادم، چاڪر چانڊيو ۽ فقير يار محمد هئا ۽ پاڻ سنگ جو اڳواڻ هو. جڏهن اِهو سنگ شاه لطيف جي وائي ’مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو ڪيچي ڪيچ وڃن‘ ڳائيندي، نچندي وجد جي ڪيفيت ۾ اسٽيج تي پهتا، تہ ڄڻ جادو ٿي ويو. سُريلين صدائن سڀني ٻڌندڙن کي سوگهو ڪري وڌو، سڄي محفل ئي سراپجي وئي. اِهو تجربو نھايت ڪامياب رهيو.

فقير عبدالغفور، شاه لطيف جي وائي، ويھي ڳائي يا بيھي، سندس هر رخ دل ۾ پيھي وڃڻ وارو هو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو تہ سندس مداحن مان هو. شھيد مرحوم ڪلاڪن جا ڪلاڪ ويھي کانئس راڻو ٻڌندو هو، ڇو جو فقير کي راڻي ڳائڻ تي ملڪو هو. ’آءُ راڻا ره رات، تنھنجي چانگي کي چندن چاريان‘ وائي، وڏي جوش ۾ ڳائيندو هو.

فقير، سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن ۽ ثقافتي پروگرامن کان سواءِ، درگاهن تي پڻ شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندو هو. سندس ڳايل مشھور ڪلام ڪجهہ هن ريت آهن:

عمر مون نہ وڻن تنھنجون ماڙيون...

مون کي ڏونگر ڏورڻ آيو...

مدت ٿي ميهار يار، ساهڙ سائر سير ۾...

تنھنجي تند تنوار...

فقير عبدالغفور، شاه لطيف جو ڪيترو ئي ڪلام ڳايو، پر سندس سڃاڻپ واري وائي، ’عمر مون نہ وڻن‘ ان زماني ۾ ننڍي وڏي جي وات تي هئي. فقير صاحب جي انداز کي ڏيھ توڙي پرڏيھ ۾ پڻ ڏاڍو پسند ڪيو ويو. هن جرمني، جپان، آمريڪا ۽ گڏيل عرب اماراتن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو ۽ سنڌ جو هي پھريون چپڙي ۽ يڪتاري جو فنڪار هو، جنھن کي پاڪستان سرڪار پاران ’تمغہ امتياز‘ بہ مليو.

سنڌي سنگيت جي هن امر آواز، حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ زندگيءَ سان جنگ ڪندي، 12 جولاءِ 1986ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. کيس ثقافت کاتي جي سيڪريٽري حميدآخوند سندس وصيت موجب غلام شاه ڪلهوڙي واري مقبري جي ويجهو دفن ڪرايو.

اُن زماني ۾، رڪارڊنگ جي سهولت نہ هئڻ ڪري سندس جوانيءَ وارو آواز رڪارڊ نہ ٿي سگهيو، پر پوئين دؤر ۾ ڳايل سندس ڪلام جيترو بہ محفوظ آهي، اُهو سنڌي سنگيت جو اثاثو آهي، جنھن جي بنياد تي اِها راءِ قائم ڪري سگهجي ٿي، تہ سنڌ جو نج انداز ۽ انگ ڪھڙو آهي.

فوزيہ سومرو (جنم: 1966ع):

فوزيہ سومرو، سنڌ جي مشھور ڳائڻي آهي، جنھن جو اصل نالو’ حڪيمان ‘ هو، سندس جنم 1966ع ڌاري ٿر جي ڳوٺ ويرا واهه ۾، نٿو خان جي گهر ۾ ٿيو، سندس ننڍپڻ ٽنڊي محمد خان ۾ گذريو، جتي والد نٿو خان، ٽنڊي محمد خان شوگر مل ۾ ملازمت ڪندو هو، جيڪو پاڻ بہ سُريلي آواز جو مالڪ هو ۽ اڪثر مسجد ۾ مولود پڙهندو هو.

فوزيہ سومرو کي ننڍپڻ کان ئي موسيقيءَ سان گهڻو چاه هو، جنھن سبب، اڪثر شادين ۾ ساهيڙين سان گڏجي لوڪ گيت ۽ ڳيچ ڳائيندي هئي. هن ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي.

فوزيہ سومرو شروع ۾، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي لوڪ گيت ’ پائلي‘ رڪارڊ ڪرايو، جنھن کان پوءِ راڳ جي باقاعدہ سکيا استاد غلام حسين ڪليريءَ کان ورتائين. فوزيہ سومرو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان باقاعدہ ڳائڻ جي شروعات 1987ع ڌاري ماسٽر محمد ابراهيم جي ڳايل گيت ’ جُدائيءَ جي غم ۾ گذارين متان، وڃين ديس پنھنجي وسارين متان‘ ڳائي ڪئي، جنھن کان پوءِ پاڪستان ٽيليويزن تي ڳايائين، کيس ٽي. ويءَ تي ڳائڻ جو وڌيڪ موقعو ڪونہ مليو. پر ريڊيو تي لڳاتار ڳائيندي رهي. ان کان علاوہ نجي پروگرامن، شادين مرادين ۾ پڻ ڳائيندي هئي. هن سنڌيءَ کان علاوہ اردو، سرائيڪي، بلوچي توڙي مارواڙي ٻولين ۾ پڻ ڪافي ڪلام ڳايا.

فوزيہ سومرو، پاڪستان جي مختلف شھرن ۾ ڳائڻ سان گڏوگڏ سعودي عرب، دبئي، انڊيا ۽ قطر ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. سندس فني خدمتن جي مڃتا طور کيس ’شاه لطيف ايوارڊ‘، ’سيد مصري شاه ايوارڊ‘۽ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پاران ’ريجنل ايڪسيلينسي ايوارڊ‘ مليا.

1993ع ڌاري فوزيہ سومرو جي شادي، ٽنڊي محمد خان جي زميندار، حاجي مصري سٺيو سان ٿي. فوزيہ سومرو زندگيءَ جا پندرنهن سال ڳائيندي رهي ۽ سندس سئو کان مٿي ڪئسٽون جاري ٿيون. پاڻ 36 سالن جي ڄمار ۾ 2002ع ۾ وفات ڪيائين.

فوزيہ سومرو، شاه لطيف جو هيٺيون ڪلام ڳايو آهي.

جيڪر هيس ڌاري...

اَلي منهنجا ماروئڙا...

بوند بره جي بهار...

منهنجو ملڪ ملير ڪوٽن...

فھيم علڻ فقير (جنم: 1981ع):

فھيم علڻ، سنڌ جو هڪ منفرد صوفي راڳي آهي. 24 اپريل 1981ع ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ڄام شوري ۾ ڏيھان ڏيھ شھرت ماڻيندڙ راڳي علڻ فقير جي گهر ۾ ڄائو. راڳ کيس پيءُ کان ورثي ۾ مليو، پاڻ ننڍپڻ کان ئي پنھنجي پيءُ سان گڏ پروگرامن ۾ ۽ درگاه ڀٽ شاه تي مختلف موقعن تي ويندو رهندو هو، ۽ ساڻس گڏجي راڳ ڳائيندو هو. کيس تعليم سان ڪو خاص لڳاءُ ڪونہ هو، ٻارهين درجي تائين ماڊل اسڪول سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس، ڄام شورو مان تعليم حاصل ڪيائين. فھيم علڻ راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ علڻ فقير کان ورتي سندس چوڻ آهي تہ: ’راڳ جي سکيا صرف بابا سائين کان ورتي، پر هن وقت اڃا وڌيڪ سکيا وٺڻ چاهيان ٿو ڇو تہ راڳ جو ميدان وسيع آهي.‘

فھيم علڻ، 2000ع ۾ پيءُ جي وفات کان پوءِ، پنھنجي پيءُ جي ڳائڻ جي خاص انداز کي انهيءَ ساڳئي ئي انداز ۾ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڳائڻ جي شروعات ڪئي ۽ پيءُ جي پوشاڪ جيڪا سنڌي ثقافت جو اهڃاڻ هئي، جنھن ۾ خاص انداز ۾ اجرڪ جو پٽڪو ٻڌندو هو، انهيءَ انداز ۾ فھيم علڻ اڄ بہ نہ صرف سنڌ پر سڄي پاڪستان جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائي شھرت ماڻي آهي، 2017ع لنڊن ۾ ٿيل صوفي ڪانفرنس ۾ ايوارڊ حاصل ڪيائين، انهيءَ کان سواءِ نجي چينلن ۽ پروگرامن ۾ پنھنجي آواز جا سُر وکيري ڪيترائي اعزاز ماڻي چڪو آهي. فھيم علڻ جي ڳائڻ جو مرڪز سندس پيءُ جيان شاه لطيف جو ڪلام رهيو آهي. سندس ڳايل ڪلامن ۾ هيٺيان ڪلام شامل آهن:

مون ۾ تون موجود...

آءٌ مارن لاءِ ماندي...

ناهي آديسين آرام...

منڌ پيئندي مون....

ڦوٽو زرداري (1956ع - 1996ع):

ڦوٽو زرداري ولد شير محمد زرداري، 1956ع ڌاري ڳوٺ عالم خان زرداري لڳ سرهاڙي تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو هو. پاڻ ريڊيو، ٽي. وي ۽ اسٽيج جو مقبول ڳائڻو ٿي گذريو آهي. سندس تعلق غريب گهراڻي سان هو. پڙهائيءَ سان سندس دل نہ لڳي ۽ پنجن درجن کان مٿي پڙهي نہ سگهيو، پر راڳ ڏانھن سندس لاڙو وڌيڪ هو. مصري فقير جي انداز کان ڏاڍو متاثر هو، اِهو ئي سبب هو، جو ڦوٽي جي گائڪيءَ تي آخر تائين مصري فقير جو اثر رهيو. ڦوٽي، راڳ جي سکيا، عبد علي فقير کان ورتي ۽ پوءِ مصري فقير جو بہ شاگرد ٿيو.

ڦوٽو زرداري، سريلي ۽ سوز واري آواز جو مالڪ هو ۽ ٻڌندڙن کي اهڙو تہ مدهوش ڪري ڇڏيندو هو، جو اُهي بيخوديءَ جي عالم ۾ نچڻ لڳندا هئا. ڦوٽي زرداريءَ، روايتي ڪلامن کان علاوہ، سنڌ جي سدا حيات شاعرن جو عارفاڻو ڪلام پڻ ڳايو. پاڻ درگاهن تي وڃي نہ رڳو بزرگن جون حاضريون ڀريندو هو، پر انهن جو ڪلام بہ ڳائيندو هو. پاڻ هلڪي ڦلڪي نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي رنگ ڀرڻ جو بہ ماهر هو، پر سندس ڳائڻ جو گهڻو مرڪز، ديسي راڳ رهيا ۽ پاڻ ديسي راڳ ۽ راڳڻين ۾ شاه لطيف جو ڪلام بہ پنھنجي فني مھارت سان ڳائيندو هو. شاه لطيف جي ڪلام ۾ آيل، راڳ آسا، ڪاموڏ، ڪوهياري ۽ راڻو تہ پرجوش انداز سان آلاپيندو هو. ان کان علاوہ، پھاڙي، ڀيروي ۽ تلنگ ۾ پڻ پاڻ ملهائيندو هو. پاڻ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾، شاه لطيف جو ڪلام ڳايائين، جيڪو اڄ بہ ماڻهن ۾ مقبول آهي. سندس ڳايل ڪلام ڪجهہ هن ريت آهي:

يار سڄڻ جي فراق...

آءٌ ڪوه ڄاڻان پنڌ ڪيچ جا...

ڦوٽي زرداريءَ پاڻ، پنھنجي سُريلي آواز سان پنھنجي تاريخ جوڙي. سندس آواز ۾ رڪارڊ ڪيل سوين آڊيو ڪيسٽون اڄ بہ ساڳئي چاه سان ٻڌيون وڃن ٿيون. کيس اڄ بہ اوتروئي داد ملي ٿو. سنڌ جي هن سريلي فنڪار، 16 مارچ، 1996ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.

ڪوثر ماروي (جنم: 1978ع):

ڪوثر ماروي تاريخ 17 مارچ 1978ع تي هالا شھر ۾ ڄائي، سندس پيءُ جو نالو غلام رسول آهي، جڏهن تہ مشھور ڳائڻي صنم ماروي سندس ڀيڻ آهي.

ڪوثر ماروي ميٽرڪ، گورنمنٽ هاءِ اسڪول هالا مان ڪئي. سنگيت جي ابتدائي سکيا پنھنجي پيءُ کان حاصل ڪري، ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيائين. پھريون ڀيرو عوام جي اڳيان شهباز قلندر جي ميلي ۾ ڳايائين. تنھن کان پوءِ راڳ جي وڌيڪ سکيا لاءِ استاد فيروز گل، ڪلوخان، مير خان جماليءَ جي شاگرديءَ هيٺ رهي.

ڪوثر ماروي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي، جتي ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ شاه لطيف جي هيءَ وائي پڻ ڳائي اٿس:

ڪارون وس ڪيام...

ماسٽر محمد ابراهيم (1922ع -1977ع):

عارفاڻي ڪلام ۾ هڪ نرالي حيثيت رکندڙ راڳي، ماسٽر محمد ابراهيم، 1922ع ۾ ڪڇ ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾ ئي راڳ سان دلچسپي هئس، جتي بہ راڳ جي محفل ٿيندي هئي، تہ محفل جي پڄاڻيءَ تائين، راڳ ڌيان سان ويھي ٻڌندو هو، پر پڙهائيءَ سان ايترو لڳاءُ نہ هئس. سندس والد جو هڪ دوست، بمبئيءَ (مُمبئي) ۾ ڪپڙي جي مِلن جو مالڪ هو، ان ڪري سندس والد، انجنيئرنگ جي ڪم سکڻ لاءِ کيس دوست جي حوالي ڪري ڇڏيو. ان مالڪ جي هڪ ڇوڪريءَ کي بہ ڳائڻ جو شوق هو، جنھن جو نالو سُشيلا هو. هوءَ ستار وڄائيندي هئي. ابراهيم ڏينھن جو مِل ۾ ڪم ڪندو هو ۽ رات جو پنھنجي منهن پيو ڳائيندو هو. جڏهن سُشيلا جي استاد سندس آواز ٻُڌو تہ کيس آواز وڻيو ۽ سکيا ڏيڻ لاءِ پڻ راضي ٿيو. اهڙيءَ طرح محمد ابراهيم راڳ جي سکيا استاد نارائڻ کان ورتي.

محمد ابراهيم، هڪ سٺو انجنيئر هو ۽ هڪ جھاز تي انجنيئر جي عھدي تي مقرر هو. جنھن بہ وقت انجڻ جي مرمت ڪندو هو، تنھن وقت بہ پيو جهونگاريندو هو. سندس جھاز جو چيف انجنيئر هڪ جرمن هو، جنھن هڪ ڏينھن پنھنجي ڪيبن ۾ گهرائي کيس صلاح ڏني تہ تنھنجي روح ۾ راڳ سمايل آهي، ان ڪري تون جھاز ڇڏي، ريڊيو جو رُخ ڪر ۽ پنھنجيءَ صلاحيت کي مڃراءِ. ورهاڱي کان پوءِ، 1948ع ۾ محمد ابراهيم ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي آيو پر اچار صحيح نہ هئڻ ڪري کيس آڊيشن ۾ ناپاس ڪيو ويو، پر ذوالفقار علي بخاريءَ، سندس آواز جي سوز ۽ ميٺاج کان متاثر ٿي، کيس پروگرام ڏنو. محمدابراهيم ڳائڻ سان گڏوگڏ ڌُن ڪمپوز ڪرڻ ۽ موسيقيءَ موجب بہ ترتيب ڏيڻ شروع ڪئي. هڪ موسيقار جي حيثيت سان هن، موسيقي ۽ گائڪيءَ جي انداز ۾ پڻ جدت آندي. سندس ڪمپوز ٿيل ڌنون اڄ بہ هر طبقي جي ٻڌندڙن ۽ ڳائيندڙن ۾ مقبول آهن.

محمد ابراهيم جو شاه جي راڳ سان ننڍپڻ کان ئي لڳاءُ هو ۽ وري جڏهن شاه جي رسالي تي نظر پيس تہ شاه لطيف جي ڪلام کي ڪمپوز ڪرڻ جو جنون جاڳي پيس، سدائين ان سوچ ۾ هوندو هو تہ ڪيئن شاه جو ڪلام شھر شھر، ڳوٺ ڳوٺ، گهر گهر ۽ ماڻهو ماڻهوءَ تائين پھچائجي. ماسٽر محمد ابراهيم ان زماني ۾ موسيقيءَ جي ميدان ۾ پير پاتو، جنھن زماني ۾ شاه لطيف جو ڳايل ڪلام ٿورو هو ۽ اُهو ئي ساڳيو ڪلام هر راڳي ڳائيندو هو. ڀٽ شاه جي درگاه کان سواءِ ٻيا بہ ڪي اهڙا ماڳ بہ هئا، جتي درگاه جي نموني وارو شاه لطيف جو راڳ ٿيندو هو، باقي سنڌ ۾ شاه لطيف جو جيڪو راڳ رائج هو، اُهو وري ڪافيءَ واري انداز ۾ هو، ۽ اُن انداز جي ادائگيءَ ۾ بہ فرق هو.

گهراڻي جي گوين، راڳين ۽ شاگردن، ان ۾ ڪلاسيڪل انگ جو رنگ ڀريو. فقرا، هي سُنگ ۽ لوڪ فنڪار وري شاه لطيف جي ڪلام کي ڍولڪ، گهڙي، چپڙيءَ ۽ يڪتاري تي سڌو سنئون ڳائيندا رهيا، پر شاه لطيف جي ڪلام کي نئين سِر ڪمپوز ڪري ڳائڻ وارو رجحان گهٽ هو. اهڙي ماٺار واري ماحول ۾، محمد ابراهيم پنھنجن صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريا، ۽ ڳائڻ واري سٽاءَ ۾ جدت آندي. رسالي ۾، وائيءَ جي ڀيٽ ۾ شاه لطيف جا بيت گهڻي تعداد ۾ ملن ٿا، ان ڪري گوين، راڳين ۽ فقيرن کي جيڪي بہ بيت ياد هوندا هئا، سي وائيءَ کان اڳ ۾ ڳائي پورا ڪندا هئا، پر محمد ابراهيم، وائيءَ جي گائڪيءَ واري اهڙي سٽاءَ ۾ پڻ تبديلي آندي. محمد ابراهيم انهن گُني ڳائڻن مان ٿي گذريو آهي، جيڪي نہ رڳو وائيءَ يا ڪافيءَ جي ٿل جي موضوع سان لاڳاپيل بيت چونڊ ڪندا آهن، پر مصرع جي موضوع سان ٺهڪندڙ بيت پڻ ڏيندا آهن. ان ريت ڪلام ۾ رس رچاءُ پيدا ٿئي ٿو. ساڳئي وقت محمد ابراهيم داستان گوئيءَ وارو گڻ بہ ڪلام ۾ شامل ڪندو هو.

محمد ابراهيم، شاه لطيف جي ڪلام کي ڍولڪ، گهڙي، سارنگي، هارمونيم، ڪلارنٽ، وائلن، بئنجو ۽ بانسريءَ جھڙن نون ۽ پراڻن سازن تي اهڙي انداز سان ڳايو، جو اُن مان سنڌي موسيقيءَ جو انگ، چٽو ٻُڌڻ ۾ محسوس ٿيندو هو، ان ڪري عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو.

موسيقيءَ جي فن تي اڪثر ماهرن جي اِها بہ راءِ آهي تہ، موسيقار پنھنجي تخليق ۾ ان موسيقيءَ جي جهلڪ ضرور ڏيکاريندو آهي، جيڪا کيس ان ماحول مان ملندي آهي، جنھن ۾ سندس ابتدائي پالنا ٿيندي آهي. محمد ابراهيم جي پالنا بہ اهڙي ماحول ۾ ٿي، جتي گجراتي، ڪڇي ۽ مارواڙي ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. موسيقيءَ جا ڄاڻو، جيڪڏهن سندس گائڪيءَ جو باريڪ بينيءَ سان جائزو وٺندا، تہ محمد ابراهيم جي گائڪيءَ ۾ مارواڙي، ڪڇي ۽ گجراتي گائڪيءَ جي هلڪي جهلڪ نظر ايندي، ذڪر ڪيل ٻولين جي ڄاڻ هئڻ باوجود محمد ابراهيم شاه لطيف جي ڪلام کي ڳائڻ وقت، اچارن ۽ ادائگيءَ جي معاملي ۾ هميشہ محتاط هوندو هو، ۽ اِهو ئي سبب آهي، جو شاه لطيف جي ڪلام کي هن، اهڙي انداز ۾ ڳايو، جيڪو موسيقيءَ سان دلچسپي رکندڙ سڀني ماڻهن کي پسند آيو.

موسيقيءَ جي لحاظ کان هر ڳائڻي جي آواز جي مڌرتا الڳ الڳ هوندي آهي. سُرن جي لاه چاڙه موجب، محمد ابراهيم جي نِڙيءَ جي خصوصيت ’وچولي سريلي آواز‘ واري آهي. ايئن کڻي چئجي تہ ڳائڻ وقت سندس ادائگيءَ ۾ نماڻائيءَ واري ڪيفيت ظاهر ٿيندي آهي. گائڪيءَ جي اِها خصوصيت عارفاڻي ڪلام کي ڳائڻ وقت ٻڌندڙ تي هڪ خاص تاثر ۽ ڪيفيت طاري ڪري ٿي. شاه لطيف جي ڪلام ۾، محبوب جي حسن ۽ جمال جي ذڪر سان گڏ، نھٺائي، سوز ۽ گداز آهي، ۽ محمد ابراهيم، شاه لطيف جي ڪلام جي مفھوم موجب پنھنجي گائڪيءَ ۾، ساڳيو رنگ پيدا ڪيو، جيڪو ڪلام کي ڳائڻ سان ٻڌندڙ تي واضح ٿي وڃي ٿو.

محمد ابراهيم، شاه لطيف جي راڳ ۽ ڪلام کان ڏاڍو متاثر هو، ان ڪري جتي بہ ڳائڻ ويندو هو، پوءِ محفل کڻي ڪھڙي بہ هجي، پر شاه جو ڪلام ضرور ڳائيندو هو. سندس ڳائڻ ۾ اِها بہ خوبي هئي، تہ شاه لطيف جو ڪلام ڳائڻ وقت، بيت يا وائيءَ جي مصرع واري سٽ تي زور ڏيئي ڳائيندو هو يا وري اُن سٽ کي ڪيترائي ڀيرا ورجائيندو هو تہ، جيئن ٻڌندڙ، اُن سٽ جي مفهوم کي سمجهن، تہ شاه لطيف، ڪلام وسيلي ڪھڙو پيغام ڏيڻ ٿي گهريو. محمد ابراهيم، ايمانداري ۽ سچائيءَ سان، ڏينھن رات هڪ ڪري، ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد تان شاه لطيف جو ڪلام ڪمپوز ڪري، نہ رڳو پاڻ ڳايو، پر ڪيترن ئي راڳين کان، شاه لطيف جو ڪلام ڳارائي، انهن کي ريڊيو تي متعارف ڪرايو. ان حوالي سان سندس ڪيل خدمتون واکاڻ جوڳيون آهن.

ماسٽر محمد ابراهيم جو ريڊيو تي ڳايل شاه لطيف جو ڪلام هن ريت آهي:

عمر آءٌ ويندڙو پڇان

ايندو سڄڻ سائين الا منهنجو

تنھنجي تند تنوار

راول رهي نہ رات

منهنجي ٻاروچل کي ٻاجهہ پئي

هوش ڪري ڏس هنجڙا يار

مون ۾ عيب اپار

منهنجا ڪيچي قول ڪري ويا

والي واري آڻ الا ٻاروچا

ننڊ نہ ڪر تون نماڻي

مون ۾ تون موجود

ياد ٿا پون ماروئڙا

وٺڙيو هوت وڃن

سائين ننڌا بار

آيل ڪريان ڪيئن

ايئن مون کي زور

اکيون ميگه ملهار

جوڳي ڏاڍي ذات

سندس وفات، 3 مئي،1977ع تي ٿي. کيس ميوا شاه قبرستان ڪراچيءَ ۾ دفنايو ويو.

مائي الله وَسائي (1928ع - 2003ع):

لوڪ موسيقيءَ ۾ وڏي ڄمار رکندڙ، سنڌ جي نامياري ڳائڻي، مائي الله وسائي، 1928ع ۾ خميسي خان ملاح جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس جنم ڀومي، ’محمد شاه ڍاڍرو‘، تعلقو سجاول هئي. پاڻ ڪجهہ وقت ميرپور بٺوري ۽ ميھڙ ۾ بہ رهي.

الله وسائي، مائي جيوڻيءَ جي ڳائڻ کان متاثر ٿي ڳائڻ جي شروعات ڪئي. راڳ جي ابتدائي سکيا، استاد بيبي خان کان ورتائين، پر استاد جي گذاري وڃڻ کان پوءِ، مائي الله وسائي، استاد بيبي خان جي لائق فرزند، نياز حسين ۽ فدا حسين کان راڳ جي سکيا ورتي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سندس آواز کان متاثر ٿيو ۽ مائي الله وسائيءَ کي ريڊيو تي متعارف ڪرايائين ۽ سندس آواز ۾، ’ڪندس آءُ ڪڄاڙو، ڀينر هن ڀنڀور ۾‘ ڪلام رڪارڊ ڪرايو ويو.

الله وسائيءَ، ريڊيو تي نہ رڳو لوڪ گيت ڳايا، پر شاه لطيف جي ڪلام کي بہ ڳايائين. سندس مقبوليت کي ڏسي، گراموفون ڪمپنيءَ پڻ سندس ڪلام رڪارڊ ڪيا، جن ۾ شاه لطيف جو ڳايل سندس ڪلام بہ ملي ٿو. الله وسائي نہ رڳو استاد منظور علي خان ۽ استاد محمد جمن آڏو، محفلن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو، پر مائي جيوڻي ۽ بيگم فقيرياڻيءَ سان بہ گڏجي ڳايائين. پاڻ سنڌ ۾ ٿيندڙ ميلن کان علاوہ، صوفي بزرگن جي درگاهن تي پڻ پنهنجا سُر وکيريندي هئي. مائي الله وسائي ڪيترن ئي صوفي شاعرن جو عارفاڻو ڪلام ڳايو آهي.

مائي الله وسائي جڏهن بہ ڀٽ شاه تي ويندي هئي، تہ روضي اڳيان، نم جي وڻ هيٺيان ويھي، پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪرڻ لاءِ، شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندي هئي. ان کان علاوہ، پاڻ ڪٿي بہ محفل ۾ جڏهن شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندي هئي، تہ شاعريءَ جي مزاج مطابق، ڪلام جي ادائگي ڪندي هئي، ۽ لوڪ انداز ۾ پيش ڪندي هئي. سندس اهو ئي لوڪ انداز عوام ۾ پسند ڪيو ويو.

مائي الله وسائي، شاه لطيف جو ڪيترو ئي ڪلام ڳايو آهي، پر سُر ديسيءَ ۾ سندس ڳايل وائي: ’ڏاگهن ڏيرن ساڻ، ڪرهن ڪيچين ساڻ، متان ڪا ٻي لنءُ لائي‘ سندس سڃاڻپ بڻجي وئي. ان کان علاوہ، وائي،’اچ ٻاروچل اچ من ۾ ٻري ٿو مچ الا‘ کي بہ ڏاڍو پسند ڪيو ويو.

مائي الله وسائيءَ، استادن کان مليل فن کي پاڻ تائين محدود نہ ڪيو، پر ان فن کي پنھنجي شاگردياڻين ۾ ورهايو، جن ۾ مائي حميدہ ۽ تاج مستانيءَ جا نالا اهم آهن. پنھنجي وڏي حياتي فن کي ارپيندڙ هن فنڪارہ، 29 اپريل، 2003ع تي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس آواز، اڄ بہ آڊيو ڪئسيٽ، ريڊيو ۽ گراموفون جي رڪارڊ جي صورت ۾ زندھ آهي.

مائي بيگم فقيرياڻي (1915ع -1987ع):

لوڪ روايت ۽ ثقافت جي ترجماني ڪندڙ، مائي بيگم فقيرياڻي 1915ع ڌاري رضا ڳوٺ، تعلقي پني عاقل، ضلعي سکر ۾ ڄائي. سندس پيءُ جو نالو، هارون فقير ۽ ذات جي ميربحر هئي. پاڻ سنڌ جي نامياري لوڪ فنڪارہ ۽ شاعرہ ٿي گذري آهي، ۽ ولايت علي شاه، انباه شريف واري جي مريدياڻي هئي. بيگم فقيرياڻي، راڳ جي سکيا، پنھنجي پيءُ کان ورتي. ننڍيءَ عمر ۾، سندس شادي ٿي. شاديءَ کان پوءِ جڏهن ڳائڻ شروع ڪيائين تہ ڏيرن کيس طعنا ڏيئي، گهران ڪڍي ڇڏيو، پوءِ پنھنجي پيءُ وٽ اچي رهي ۽ ڳائڻ کي پنھنجو شوق ۽ روزگار جو وسيلو سمجهي ڳائڻ لڳي.

بيگم فقيرياڻيءَ کي شاه لطيف سان ڏاڍي عقيدت هوندي هئي. پاڻ، درگاه جا ڀيرا بہ ڪندي هئي تہ ڳائڻ لاءِ حاضري بہ ڀريندي هئي. پاڻ خيال، ٺمري، گيت کان علاوہ، شاه لطيف جو ڪلام بہ ڳائيندي هئي. کيس ڪوهياري، راڻو، سهڻي ۽ سورٺ تي وڏو مَلڪو هو.

بيگم فقيرياڻي، ٿوري وقت ۾ عوام ۾ نھايت ئي گهڻي مقبوليت ماڻي. شاه لطيف جو گهڻو ڪلام ڳائڻ ڪري، ماڻهو کيس ’لطيف جي فقيرياڻيءَ‘ جي نالي سان سڏيندا هئا. پاڻ هميشہ ڪارا ڪپڙا پائيندي هئي، اِن ڪري ماڻهن جو هن سان عقيدت وارو رشتو بہ جُڙي ويو.

بيگم فقيرياڻي، پنھنجو فني ورثو، پنھنجي پُٽ، درگاهي ميراڻيءَ ڏانھن منتقل ڪيو ۽ هن وقت سندس پوٽو اختر درگاهي، سٺو شاعر ۽ سريلو فنڪار آهي. هو موسيقيءَ جي انگن اکرن مان پڻ چڱي طرح واقف آهي. بيگم فقيرياڻيءَ، 13 اپريل، 1987ع تي وفات ڪئي. کيس ميمڻ پاڙي، روهڙي جي مُقام ۾ دفنايو ويو. سندس امر آواز اڄ بہ ٻڌندڙن جي دلين ۾ زندھ آهي.

مائي ڀاڳي (1920ع -1986ع):

سدا حيات سريلي آواز جي مالڪہ، مائي ڀاڳي، شھر مٺي ۽ ڏيپلي جي ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ 1920ع ڌاري جنم ورتو. سندس اصل نالو ڀاڳ ڀري هو. پيءُ جو نالو، ونھيو فقير مڱڻھار ۽ ماءُ جو نالو، مائي ڪسي هو. سندس شادي، هوتي فقير سان ٿي. مائي ڀاڳيءَ کي ڳائڻ وڄائڻ ورثي ۾ مليو، ان ڪري پاڻ ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. ماءُ ڍولڪ وڄائيندي هيس، تہ پيءُ وري يڪتاري تي ڳائيندو هو. پاڻ بہ ڍولڪ ۽ دلو سٺو وڄائيندي هئي.

مائي ڀاڳي، ٿر جي لوڪ گيتن کي نہ رڳو ٿر جي وارياسي علائقي مان ڪڍي پوريءَ دنيا ۾ پھچايو، پر پنھنجي مٺڙي آواز جي سريلي سُرن سان، شاه لطيف جي ڪلام کي ٿري انداز سان سينگاريو. مائي ڀاڳي، شاه لطيف جي ڪلام کي ڪلاسيڪي انگ جي مونجهارن کان پري رکي، لوڪ موسيقيءَ جي ٿريلي رنگ ۾رچائي، اهڙي تہ سادگيءَ سان ڳايو، جو ٻڌندڙ بہ سُرن ۾ سمائجي ويندا هئا. سندس آواز ۾ آزي ۽ انداز ۾ نياز ۽ نوڙت هوندي هئي. مائي ڀاڳيءَ کي شاه لطيف جي ڪلام کي ڪلام جي مزاج مطابق ڳائڻ واري فن تي دسترس هئي، اِن ڏانءَ ڪري کيس وڏي مڃتا ملي.

مائي ڀاڳي، مريدياڻي تہ سمن سرڪار جي هئي، پر شاه لطيف سان بہ نھايت ئي عقيدت رکندي هئي. پاڻ هر حالت ۾ هر سال ميلي تي حاضري ڀري ڳائيندي هئي.

غلام حسين شيخ، مائي ڀاڳيءَ کي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان متعارف ڪرايو، جتي راڳ ۽ راڳڻين جي وڌيڪ سکيا، استاد محمد ابراهيم ۽ استاد محمد جمن کيس ڏني. مائي ڀاڳي، صوفين جي درگاهن، ميلن ملاکڙن ۽ عام محفلن کان علاوہ، ريڊيو ۽ ٽي. وي. تي پڻ شاه لطيف جو ڪلام ڳايو آهي.

مائي ڀاڳي، نج سنڌي راڳڻين کان سواءِ، گجراتي، مارواڙي ۽ ڪاٺياواڙيءَ جي ميلاپ سان جيڪي بہ ڌنون ڳايون، اهي نہ رڳو عوام ۾ مقبول ٿيون، پر سنڌي موسيقيءَ ۾ هڪ اثاثي جي پڻ حيثيت رکن ٿيون. مائي ڀاڳيءَ جي آواز ۾، قدرت ايڏي وسعت ۽ لئي رکي هئي، جو کيس ’راڳ جي راڻيءَ‘ جو لقب ڏنو ويو. سندس ڳايل ڌنن مان پاڪستان توڙي هندستان جي ڪيترن موسيقارن لاڀ پرايو آهي.

سندس ڪلام جو پڙاڏو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ 57 سالن تائين رهيو. 07 جولاءِ، 1986ع تي، سندس ساه جي تند ٽٽي تہ هيءُ ڪوئل جھڙو امر آواز بہ هميشہ لاءِ ديس واسين کان وڇڙي ويو، پر پوءِ بہ پويان سندس پٽ ڪالو، ڌيءَ سوني ۽ پوٽو برڪت علي فقير، اڄ بہ ٿر جي موسيقيءَ کي پنھنجن سُرن سان سينگاري، مائي ڀاڳيءَ جي ياد کي تازو ڪري رهيا آهن.

’ڀٽ جا ڀٽائي، ڀٽ تي وسئي نور، منهنجون تو پُڄايون‘، شاه لطيف کي سندس پيش عقيدت جو نذرانو آهي، جنھن جي مقبوليت جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو، تہ اهو لوڪ گيت سهراب فقير، پنھنجي سُنگ سان ۽ حديقہ ڪيانيءَ پنھنجي مخصوص انگ رنگ ۾ ڳائي ڄڻ کيس خراج پيش ڪيو آهي.

مائي جيوڻي (جنم: 1901ع):

مائي جيوڻي، سنڌ جي برک نالي واري ڳائڻي ٿي گذري آهي. مائي جيوڻي 22 جنوري 1901ع تي هندستان جي راجپوت علائقي ڀيلواڙي جي ’ڦڪو‘ نالي شخص جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس نالو جيوڻي ٻائي رکيو ويو. مائي جيوڻي لاڏائو قبيلي ’سانسي‘ مان هئي. هن قبيلي جون عورتون در در وڃي ڳائينديون ۽ پِننَديون هيون.

سندس والدہ ’مانڪي‘ بہ پنھنجي قبيلي جي ٻين عورتن سان گڏجي پننَدي هئي، جڏهن جيوڻي

8 سالن جي ڄمار کي پھتي تہ پنھنجي ساهيڙين سان گڏجي ڳائڻ ۽ خيرات پنڻ لڳي. ان دوران 1918ع ۾ سندس والد ’ڦڪو‘ گهر ڀاتين سميت ڀيلواڙيءَ مان لڏي اچي ملتان ۾ ويٺو. ملتان ۾ بہ جيوڻي ٻائي پنھنجي اباڻي ڪِرتَ سان لاڳاپيل رهي. ڪجهہ وقت گذرڻ کان پوءِ ملتان ۾ جيوڻي ٻائيءَ جي ملاقات ان وقت جي مشھور ڳائڻي استاد اميد علي خان سان ٿي، جنھن کيس راڳ جي باقاعدہ سکيا ڏني ۽ ڪجهہ وقت کان پوءِ جيوڻي ٻائي پنھنجي خاندان سميت اسلام قبول ڪيو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ کيس مائي جيوڻي ۽ سندس والد ’ڦڪوءَ‘ جو نالو فتح محمد رکيو ويو. استاد اميد علي خان کان راڳ سکڻ کان پوءِ مائي جيوڻي پنڻ ڇڏي ڏنو ۽ وڏن وڏن ميلن ۽ محفلن ۾ ڳائڻ لڳي ۽ کيس ملتان کان ڪراچيءَ تائين مشھوري ملي. ملتان کان پوءِ هوءَ حيدرآباد ۾ اچي آباد ٿي، جتي ان هڪ ٻئي مشھور ڳائڻي استاد خير محمد کان پڻ راڳ جي سکيا ورتي.

مائي جيوڻي 1932ع ۾ نواب ماڪا سان شادي ڪئي پر کيس ڪوبہ اولاد نہ ٿيو.

مائي جيوڻيءَ کي سڄي سنڌ ۾ تمام گهڻي مقبوليت حاصل هئي ۽ کيس گرامو فون جي هڪ ڪمپني ’هز ماسٽر وائيس‘ پاران ڏه تولا سون سان ٺھيل مونو گرام ايوارڊ طور ڏنو ويو ۽ سندس مڃتا ۾ هڪ شاندار جشن پڻ منعقد ڪيو. مائي جيوڻي پنھنجي حياتيءَ جي آخري ڏينھن بہ روهڙيءَ ۾ شاديءَ جي هڪ محفل ۾ ڳايو هو، جتان موٽي حيدرآباد پهچي دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين.

مائي جيوڻي، ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ، شاه لطيف جي هيٺين وائي پڻ ڳائي آهي:

لائي تہ نماڻي سان نينھن، دوست ايئن نہ منھن مٽجي....

مائي حوا ۽ سندس جوڙ:

مائي حوا ٽکڙ ۾ ڄائي. هوءَ، ٽکڙائي سيدن جي شادين مرادين ۾، دُهل تي پنھنجي جوڙ سان ڳائيندي هئي. سندس جوڙ ۾، مائي سينت، مائي خاتون، مائي بصران ۽ مائي مري شامل هونديون هيون. اُهي ڳيچن کان پوءِ، جتي محمد حافظ شاه، سعيد ٽکڙائيءَ ۽ امداد حسينيءَ جو ڪلام ڳائيندي هئي، اُتي شاه لطيف جو هي ڪلام بہ ڳائيندي هئي: ’اديون مون ڪا، ڀينر مون ڪا، لڪي پاتي، ڙي اَلا، جانب ڪارڻ جهاتي‘ ان ڪلام جو گهاڙيٽو ڪافيءَ وارو آهي. اهو ڪلام پوءِ، ٽہ ماهي ’مھراڻ‘ ۾ بہ ڇپيو. اهو ڪلام ڪنھن رسالي ۾ نہ آهي، پر ٽکڙائي سيدن جي خانداني روايت موجب اهو ڪلام شاه لطيف جو آهي.

محبوب شاه:

يڪتاري جي تند تنواري، شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندڙ محبوب شاه، اصل لاڙڪاڻي جي پاسي جو سيد هو، پر حيدرآباد جي اوتارن ۽ درگاهن تي ٿيندڙ ويراڳ وارين رهاڻين کيس ڇڪي حيدرآباد آندو. سندس رهائش گهڻو ڪري ڦليليءَ پار، مرزا قليچ بيگ هاءِ اسڪول جي ڀرپاسي ۾، ڦوٽي نالي ميربحر جي اوطاق تي هوندي هئي. ڦوٽو مير بحر وري، داتا جمن شاه شھيد جو طالب هو، سو ٽنڊي ٺوڙهي واري ريلوي ڦاٽڪ کان اڳتي، جمن شاه جي شهادت واري جاءِ تي ڏهاڙو ملھائيندو هو. محبوب شاه ڪٿي بہ هوندو هو، ان ڏڻ تي اچي حاضري ڀريندو هو.

محبوب شاه، عارفاڻو ڪلام وڏي جوش سان ڳائيندو هو ۽ هڪ اعليٰ ۽ شاندار راڳائي هو. يڪتاري وڄائڻ ۾ لاثاني ۽ سر تار جو بہ نھايت پڪو هو. پاڻ ٻين صوفي شاعرن سان گڏ، شاه لطيف جو ڪلام بہ وڏي وجد جي عالم واري ڪيفيت ۾ ڳائيندو هو. هونءَ تہ محبوب شاه، شاه لطيف جو گهڻو ڪلام ڳايو، پر ٻہ وايون سندس دؤر ۾ ڏاڍيون مشھور ٿيون، جيڪي اڄ جا راڳائي پڻ ڳائن ٿا:

گولي آءٌ غلام، ٻانھي ٻاروچي سندي (راڳ ڪوهياري)

مُئيءَ جي حال جي ٻاجهہ پرين کي من ڪا پوي (راڳ لوڙائو)

محبوب شاه، سنڌي راڳ جو اڳواڻ هو. سندس ڳايل وايون، اڄ بہ فقيرن ۾ ڳائجن ٿيون. سندس وفات ورهاڱي کان پوءِ، وڏيءَ عمر ۾ ٿي ۽ کيس ٽنڊي يوسف حيدرآباد سنڌ جي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.

مٺو خان ڪلهوڙو (1902ع - 1970ع):

مٺو خان ڪلهوڙو 1902ع ڌاري، تعلقي ڏوڪريءَ جي پٺاڻ ڳوٺ ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو الله ڏنو ڪلهوڙو آهي. مٺو خان ڪلهوڙي جو اصل نالو آچر هو، پر کيس پيار مان مٺو ڪري ڪوٺيندا هئا، تنھن ڪري مٺو خان جي نالي سان مشھور ٿيو. سندس تعليم جو سلسلو پرائمري سطح تائين جاري رهي نہ سگهيو، ڇاڪاڻ تہ کيس تعليم کان وڌيڪ راڳ سکڻ جو شوق هوندو هو.

پاڻ ننڍڙي وهيءَ ۾ پنھنجي ڳوٺ جي ڀرپاسي ۽ خاص طور تي سيد نورل شاه باقراڻيءَ واري جي اوطاق تي ٿيندڙ راڳ رنگ جي محفلن ۾ شريڪ ٿي موسيقي ٻڌندو هو. اتان ئي کيس راڳ جي شروعاتي تعليم حاصل ٿي، تنھن کان پوءِ ان دَور جي مشھور ڀڳت قيمت راءِ کان راڳداريءَ جا اصول سکيائين. ان کان سواءِ رسول بخش ڪلهوڙي، استاد امير علي خان جي شاگرديءَ هيٺ بہ رهيو، جن وٽان کيس ڪلاسيڪل راڳ جي ڄاڻ حاصل ٿي.

مٺو خان ڪلهوڙو، سنگيت جو اهڙو شيدائي هو، جو راڳ سکڻ لاءِ شاه لطيف جي درگاه تي رهي، فقيرن کان لطيفي راڳ جي تعليم حاصل ڪيائين. سندس گذرسفر جو وسيلو ڳائڻ وڄائڻ ئي هو، پر ڪجهہ وقت لاءِ کيس گورنمنٽ ٽرينگ ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ ميوزڪ ٽيچر طور پڻ رکيو ويو. 1970ع ۾ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪيائين.

مٺو ڪلهوڙي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ شاه لطيف جي هيءَ وائي نھايت پرسوز نموني ڳائي آهي:

جادو لائي ويا جيءُ ۾...

محمد رفيع (1924ع - 1980ع):

هندوستاني ڪلاسيڪي موسيقيءَ، غزل، پس پردہ گلوڪاري (Play Back Singer)، ٺمري ۽ قواليءَ جي دنيا جو هڪ وڏو نالو محمد رفيع، 24 ڊسمبر، 1924ع تي، گڏيل هندستان جي ڳوٺ, ڪوٽلا سلطان سنگه، صوبي پنجاب (موجودہ پاڪستان) ۾، حاجي علي محمد جي گهر ۾ ڄائو. محمد رفيع ننڍيءَ عمر کان وٺي موسيقي ۽ راڳ طرف مائل هو. 1935ع ۾ سندس والد، حاجي علي محمد، پنھنجي ڪٽنب سميت لاهور لڏي ويو، جتي محمد رفيع ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا استاد عبدالوحيد خان، پنڊت جيون لال متو ۽ فيروز نظاميءَ کان ورتي. هن پھريون ڀيرو، تيرهن سالن جي عمر ۾، لاهور ۾ عوام آڏو فن جو مظاهرو ڪيو. 1941ع ۾، محمد رفيع پھريون ڀيرو، پس پردہ ڳائڻي طور، پنجابي فلم ’گل بلوچ‘ لاءِ، گانو ’سونیئے نی ہیریئے نی‘ زينت بيگم سان گڏ ڳايو، جنھن جو ميوزڪ ڊائريڪٽر شيام سندر هو. اها فلم، 1944ع ۾ ٺهي. جنھن کان پوءِ رفيع کي آل انڊيا ريڊيو لاهور طرفان، مستقل ڳائڻ جي آڇ ٿي، پر پاڻ جلد ئي ساڳئي سال ممبئي لڏي ويو ۽ اُتي هندستاني فلمن لاءِ پس پردہ گلوڪار طور ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس پھرين فلم ’گاؤں کی گوری‘ (1945ع) جي گاني، ’اجی دل ہو قابو میں تو دلدار کی ایسی تیسی‘ مان مقبوليت جي منزلن جي شروعات ڪئي. محمد رفيع پھريون ڀيرو 1945ع ۾، فلم ’لیلیٰ مجنوں‘ جي گاني ’تیرا جلوہ جس نے دیکها‘ ۾ فلمي پردي تي پڻ ظاهر ٿيو.

1946ع ۾. محمد رفيع، فلم ’شاہ جہان‘ ۾ ڪندن لال سهگل سان گڏجي ڳايو، جنھن کان پوءِ، 1947ع ۾، فلم ’جگنو‘ ۾ نورجھان سان گڏجي ڳايائين. ورهاڱي کان پوءِ، پاڻ ممبئي ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيائين. 1949ع ۾، محمد رفيع ان دؤر جي بهترين ميوزڪ ڊائريڪٽرن سان گڏجي اڪيلي سر گيت (Solo Songs) ڳايا، جن ۾ نوشاد علي (چاندنی رات، دل لگی ۽ دلاري)، شيام سندر (بازار) ۽ حسنا لعل ڀڳت رام (مينا بازار) شامل آهن. ان کان پوءِ بہ پنھنجي فني زندگيءَ ۾، محمد رفيع انڊيا جي مشھور ميوزڪ ڊائريڪٽرن سان گڏجي ڪم ڪيو ۽ پنھنجي حياتيءَ ۾ ست هزار کان وڌيڪ گانا ڳايائين.

پنھنجي فني زندگيءَ ۾ ايڪيھن فلم فيئر ايوارڊن ۾ نامزد ڪيو ويو، جن مان ڇھ ايوارڊ ماڻيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ 1977ع ۾ قومي فلم ايوارڊ جو اعزاز پڻ حاصل ڪيائين. بنگالي فلم جرنلٽس ايوارڊ پڻ ٽي ڀيرا (1957ع، 1965ع ۽ 1966ع) پنھنجي نالي ڪيائين. کيس 1967ع ۾، انڊيا جي حڪومت طرفان ’پدم شري‘ ايوارڊ سان نوازيو ويو.

2001ع ۾ محمد رفيع کي ’هيرو هنڊا‘ ۽ ’اسٽارڊسٽ‘ ميگزين پاران، ’هزار سال جو بھترين ڳائڻو‘ (Best Singer of the Millennium) جي اعزاز سان بہ نوازيو ويو.

محمد رفيع پنھنجي فني زندگيءَ دوران، هندستان ۾ رائج مختلف ٻولين سنڌي، پنجابي، ڪونڪاني، اساميس، ڀوج پوري، اوڊيا، بنگالي، مراٺي، ڪنڙ، گجراتي، تيلگو، مگاهي، ميٿلي ۽ اردوءَ ۾ گيت ڳايا ۽ ان کان سواءِ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ رائج ٻولين، انگريزي، فارسي، عربي، سنہالي، ڪريولي ۽ ڊچ ۾ پڻ گانا ڳايا اٿس.

ننڍي کنڊ جي هن وڏي پس پردہ ڳائڻي محمد رفيع شاه لطيف جو ڪلام بہ ڳايو آهي، جنھن جا ٻول آهن: ’دردن جي ماري ويچاري، پنهل لئہ رڙندي وتي‘ محمد رفيع جي سنڌي ڪلامن جي اها مڪمل آڊيو ڪئسيٽ ڀريل آهي، جنھن ۾ شاه لطيف جو مٿيون ڪلام بہ شامل آهي، جيڪو هن صحيح اُچارن سان ڳايو آهي. ڪلام کان پھرين روايت پٽاندر ڏوهيڙو بہ ڏنو اٿس. ان رٿا کي پروفيسر رام پنجواڻي جي نگرانيءَ ۾ مڪمل ڪيو ويو.

محمد رفيع، پنجونجاه سالن جي ڄمار ۾، 31 جولاءِ، 1980ع تي دل جي دوري پوڻ سبب ممبئيءَ ۾ وفات ڪئي. ممبئيءَ ۾ جوهو جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.

محمد قاسم اوٺو (1940ع - 2008ع):

محمد قسم اوٺو، ڳوٺ ونگي اوٺو، ضلعي ٽنڊي الھيار۾ 1940ع ۾ ڄائو. محمد قاسم اوٺو ميٽرڪ جي آخري سال جي امتحان جي هڪڙي پيپر ۾ ناپاس ٿيڻ سبب اڳتي پڙهي نہ سگهيو. اسڪول ۾ پڙهائيءَ دوران ئي کيس ڳائڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ اسڪول پروگرامن ۾ بھرو وٺي ڳائيندو هو. پنھنجي ڳوٺائي ڍولڪ نواز، محمد قاسم شيخ جي شوق ڏيارڻ تي پھريون ڀيرو ڍولڪ جي وڄت تي ڳائڻ جو تجربو ڪيائين. ان کان پوءِ هن پنھنجي ڳوٺ جي ڀرپاسي رهندڙ مڱڻھارن کان راڳ جي شروعاتي سکيا ورتي، پر کيس راڳ جي باقاعدہ سکيا ان دَور جي مشھور راڳي استاد شادي خان فقير ڏني.

محمد قاسم اوٺو شروع ۾ محفلن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڳائيندو هو، گڏوگڏ کيس ريڊيو تان ڳائڻ جو تمام گهڻو شوق هوندو هو، جنھن لاءِ هن 76-1975ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڪيترائي ڀيرا آڊيشن ڏنا پر کيس ڪاميابي نصيب نہ ٿي. ڪجهہ وقت کان پوءِ هن ساڳي ريڊيو اسٽيشن تي حاجي احمد ملاح ۽ مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جا ڪلام ريڪارڊ ڪرايا، جيڪي منظور ڪيا ويا ۽ ائين سندس آواز سڄي سنڌ ۾ گونجڻ لڳو.

مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو ڪلام ’ڪاوڙ ملال طعنا تڪرار ايندي ويندي‘ سبب کيس تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي. ساڳي دَور ۾ سائين عنايت شاه رضويءَ جي معرفت ٽي وي ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. محمد قاسم اوٺي 17 جنوري 2008ع تي وفات ڪئي.

محمد قاسم اوٺي سڄي سنڌ ۾ سُر وکيريا، لوڪ داستان ۽ ڪافين ڳائڻ ۾ کيس تمام گهڻي مھارت حاصل هئي. هن ٻين شاعرن سان گڏوگڏ، شاه لطيف جون هيٺيون وايون پڻ ڳايون آهن:

اديون منهنجو ٻاروچو...

ڪھڙو ڏيان مان ڏوه ڏيرن کي...

مصري ڏيپلائي (1941ع - 2012ع):

مصري ڏيپلائي 1941ع ڌاري ڏيپلي تعلقي ٿرپارڪر ۾ فقير الله ڏنو جي گهر جنم ورتو. موسيقيءَ سان اُنسيت کيس ورثي ۾ ملي، ڇاڪاڻ تہ سندس وڏڙا بہ ڳائڻ وڄائڻ سان واسطو رکندا هئا.

مصري ڏيپلائي، ان دَور جي مشھور راڳي استاد مٺو ڪچي ۽ سندس ڀاءُ عثمان ڪڇيءَ جي شاگرديءَ هيٺ رهي راڳ جي سکيا ورتي. شروعات ۾ ٻين فنڪارن سان شادين جي محفلن ۽ ميلن ملاکڙن ۾ ڳائيندو هو. 1971ع ۾ باقاعدي اڪيلي سر ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

1980ع ۾ پروڊيوسر غلام حسين شيخ جي معرفت ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيائين. ان کان اڳ پي ٽي وي (PTV) ڪراچيءَ سينٽر تان ڳائي چڪو هو.

مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت کان پوءِ ٿر ۾ سڀنيءَ کان وڌيڪ مقبوليت مصري ڏيپلائيءَ کي ملي، جيڪو سنڌيءَ کان سواءِ ڍاٽڪي ۽ مارواڙي ٻوليءَ ۾ پڻ ڳائيندو هو.

مصري ڏيپلائي 30 سيپٽمبر 2012ع ۾ هن فاني جھان مان لاڏاڻو ڪري ويو.

مصري ڏيپلائي ٻين انيڪ شاعرن سان گڏ، شاه لطيف جون هيٺيون وايون ڳايون آهن:

ڳاراڻي منجه ڳران...

جتن لاءِ جيڏيون...

ڏکن جا گهارين ڏينهڙا...

جيڪي ميهار ميهار ڪن...

وقت هلڻ جا ڪهڙا ٿاڻا...

ڏيئي ويو دل کي...

پسي ڳاڙها گل...

ساريان ويٺي سنگهار...

ماروئڙن جي ملڪ مٿي...

مصري فقير (1929ع -1984ع) :

ساز ۽ آواز واري ماحول ۾ اک کوليندڙ راڳي مصري فقير، 1929ع ۾ ڳوٺ لقاءَ پور، لڳ ڪُنب ليمان تعلقي سڪرنڊ، ضلعي نوابشاه ۾ ڄائو هو. پاڻ چار درجا پرائمري اسڪول ڪُنب ليمان ۾ پڙهيو، پر راڳ سان عشق ۽ جنون واري ڪيفيت هئڻ ڪري وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو.

1959ع ڌاري پنھنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏي، ’سرهاڙي‘ تعلقي شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ لڏي اچي ويٺو. سُر ۽ سنگيت سان واسطو کيس ننڍپڻ کان پيو. سندس پيءُ، الله ڏنو مڱڻھار بہ راڳي هو. پاڻ اسڪول ۾ ترانو، نغما ۽ نعتون شوق سان پڙهندو هو. استادن کيس راڳ سکڻ جي صلاح ڏني، اهڙيءَ ريت هو قاضي احمد، ضلعي نوابشاه ۾ پياري فقير ميراثيءَ وٽ ويو، جتي چئن سالن جي عرصي ۾ ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. هو، هارمونيم کان سواءِ، يڪتارو ۽ ڍولڪ بہ وڄائيندو هو، کيس سنڌي نج راڳ ۽ راڳڻين تي بہ عبور حاصل هو.

مصري فقير، هڪ سريلو راڳي ٿي گذريو آهي. سندس آواز ۾ حد درجي جو ميٺاج هو. سندس گائڪيءَ جو لاڙو عوامي ۽ عارفاڻو هو. هو مخدوم طالب الموليٰ جي صحبت ۾ رهي، صوفياڻي رنگ ۾ رنگجي ويو. سندس ڳائڻ جي خوبي اِها هئي، جو جھڙي بہ موضوع جو ڪلام ڳائيندو هو، تہ بيتن جي چونڊ بہ ان ڪلام جي موضوع مطابق ڪندو هو. کيس گهڻن ئي صوفي شاعرن جو ڪلام ياد هو. ڳائڻ مهل تہ بيتن جي برسات وسائي ڇڏيندو هو. ٻين شاعرن سان گڏ، شاه لطيف جو ڪلام بہ نھايت عقيدت سان ڳائيندو هو. سندس ريڊيو تي ڳايل شاه لطيف جو ڪلام، سندس ئي دؤر ۾، عوام ۾ مقبوليت ماڻي. اهو ڪلام هن ريت آهن:

جيڪي ميهار ميهار ڪن ...

نيئي نيئي ڏيج، اي ادا پانڌي ...

مصري فقير، راڻو تہ اهڙي انداز سان ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙن تي ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ ان وقت راڳ جي سحر ۾ گم ٿي ويندا هئا. مصري فقير، 1952ع کان ريڊيو پاڪستان ۽ 1973ع کان پاڪستان ٽيليويزن سان وابستہ رهيو. پاڻ 25 سال سنڌي موسيقيءَ تي ڇانيل رهيو. سندس وڏي خوبي اِها هئي، جو هو پاڻ ڌُنون بہ ڪمپوز ڪندو هو ۽ شاعري بہ ڪندو هو.

مصري فقير کي، 04 سيپٽمبر تي، اڌ رنگ جو مرض ٿي پيو، کيس نوابشاه اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو، پر ڊاڪٽر سندس زندگي بچائي نہ سگهيا، ۽ 08 سيپٽمبر 1984ع تي گذاري ويو. کيس سرهاڙيءَ لڳ، جوڻن جي ڳوٺ واري قبرستان ۾ دفنايو ويو.

مظھر حسين قريشي (جنم: 1966ع):

مظھر حسين، سنڌ جو ناليوارو راڳي آهي. 13 اپريل 1966ع تي حيدرآباد سنڌ ۾، سنڌ جي مشھور موسيقار، استاد نياز حسين جي گهر ۾ ڄائو. سندس گهراڻو وڏڙن کان وٺي راڳ جي دنيا ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. سندس ڏاڏو خان صاحب بيبو خان ۽ پڙڏاڏو استاد گامڻ خان پنھنجي وقت جا ناليوارا ڳائڻا رهيا آهن. ڪلاسيڪي راڳ ۾ هن خاندان جون وڏيون خدمتون آهن، هن وقت بہ مظھر حسين، سندس ڀائر، سوٽ ۽ سوٽائي سوٽ، سنڌ اندر ڪلاسيڪل راڳ جي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ آهن، ۽ ڪلاسيڪل راڳ جي حوالي سان وڏي اهميت رکن ٿا.

مظھر حسين کي بہ راڳ وڏڙن کان ورثي ۾ مليو، ننڍپڻ کان راڳ سان لڳاءُ هئس، هن راڳ جي سکيا، شروعات ۾ پنھنجي والد استاد نياز حسين کان ورتي، بعد ۾ چاچي استاد فدا حسين خان کان، پوءِ پنھنجي مامي استاد وزير علي خان کان، ۽ ان کان پوءِ استاد رشيد علي خان (ٽنڊي آدم) کان ورتي. شاه لطيف جي ڪلام کي ڳائڻ ۽ سمجهڻ لاءِ سندس والد استاد نياز حسين ٻين ڀائرن ذوالفقار علي ۽ ميان نذر حسين سان گڏ 1985ع ۾ سيد نور محمد شاه جي شاگردي اختيار ڪيائين، جتي ٽنہي ڀائرن شاه جي راڳ جي سکيا ورتي. مظھر حسين ننڍپڻ کان راڳ جي سکيا سان گڏوگڏ تعليم پڻ جاري رکي، ميٽرڪ 1982ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول، انٽر مسلم ڪاليج حيدرآباد، بي. ايس. سي، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج حيدرآباد سنڌ مان ۽ ايم. اي. (بين الاقوامي لاڳاپا) سنڌ يونيورسٽي، ڄام شوري مان 1993ع ۾ پاس ڪيائين. گڏوگڏ پنھنجي فن سان سلهاڙيل تعليم لاءِ آمريڪا جي مونٽگومري ڪاليج، راڪ وِل مان 2002ع ۾ ايسوسيئيٽ ڊگري ۽ Vocal Music and Music Technology جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيائين.

مظھر حسين، راڳ جي باقاعدي شروعات 1975ع ڌاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ٻارن جي پروگرام ’ٻارن جي ٻاري ‘ کان ڪئي ۽ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي تان 1976ع ۾ ’روشن تارا‘ پروگرام ۾ شرڪت ڪيائين جتان کيس مقبوليت حاصل ٿي، جنھن بعد مشھوري ماڻيائين ۽ سنڌ اندر ٿيندڙ سرڪاري توڙي نجي پروگرامن ۾ ڳائي مڃتا ماڻيائين. هن وقت سندس نالو ڪلاسيڪل راڳ جي دنيا ۾ حيثيت رکي ٿو. پاڻ اڪثر پنھنجي ڀاءُ ذوالفقار علي قريشي سان گڏ ڳائيندو آهي.

مظھر حسين، پاڪستان کان ٻاهر ڪيترن ئي ملڪن، جن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڪئناڊا، جرمني، دبئي ۽ انڊيا جي مختلف شھرن ۾ راڳ ڳائي پاڻ مڃرائي چڪو آهي. کيس راڳ جي مڃتا طور ڪيئي ايوارڊ ۽ اعزاز ملي چڪا آهن، جن ۾ ريڊيو پاڪستان ايوارڊ، پاڪستان ٽيليويزن ايوارڊ، لعل شهباز قلندر ايوارڊ، مصري شاه ايوارڊ، سچل سرمست ايوارڊ، آمريڪا ۾ SANA طرفان 2000ع کان 2002ع تائين ٽي سال لڳاتار ’Best Artist of Evening‘ جو ايوارڊ، انڊيا جي 15 شھرن اندر سٺو پرفارم ڪرڻ تي ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز، 2004ع ۾شاه عبداللطيف ڀٽائي ايوارڊ ۽ ٻين نجي پروگرامن ۽ نجي چينلن طرفان ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

مظھر حسين، راڳ ڳائڻ سان گڏوگڏ راڳ جي ترقي ۽ اڳتي وڌائڻ لاءِ بحيثيت استاد جي ڪيترائي شاگرد تيار ڪيا آهن، ۽ راڳ جي سکيا لاءِ 1990ع کان 1999ع تائين، ڪراچيءَ ۾ وفاقي حڪومت طرفان قائم اداري ۾ معذور ٻارن کي راڳ جي تعليم ڏني ۽ 2006ع کان 2008ع تائين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، طرفان شروع ڪيل سينٽر فار ميوزڪ ايجوڪيشن ۾ راڳ جي سکيا ڏني. 2012ع ۾ سنڌ ثقافت کاتي ۽ بينظير ڀٽو يوٿ ڊولپمينٽ پروگرام جي شرڪت سان 2013ع ۾ مھراڻ ميوزڪ اسڪول شروع ڪيو ويو، جنھن جو انچارج مظھر حسين هو، هن ٻن سالن جي مختصر عرصي ۾ سموري سنڌ مان 200 ٻارن کي داخلا ڏني وئي، جن مان سئو شاگردن کي راڳ جي سکيا ستر شاگردن کي ساز وڄائڻ جي سکيا ۽ ٽيھن کي لوڪ رقص جي سکيا ڏني وئي. 2018ع ۾ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ، راڳ ۽ اداڪاريءَ جو ادارو‘ سنڌ انسٽيٽيوٽ آف ميوزڪ اينڊ پرفارمنگ آرٽ ’سمپا‘ جي نالي سان کوليو، جنھن ۾ مظھر حسين هڪ سال جي پروجيڪٽ اندر پنجاه ٻارن کي راڳ جي سکيا ڏني. مظھر حسين 2007ع ۾ راڳ جي واڌاري ۽ بچاءَ لاءِ ’سُر سوسائٽي‘ نالي هڪ ادارو جوڙيو، جيڪو هن وقت تائين ڪم ڪري رهيو آهي.

مظھر حسين ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ شاه لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آهي، جيڪو هن ريت آهي:

جادو لائي ويم جيءَ ۾...

پرين جي پنڌان...

سائين نندا بار...

ڪُهه ڄاڻان ڪيڏانھن...

مون کي ڪام جهلي...

هائي ايندو سڄڻ شال ايندو...

جيڏيون هي ضرور آيل ڪيئن...

هي جي، هو جي لڪ مون ماريندا...

ويٺي ڪين وساري...

اچي سار لهيج...

ممتاز علي لاشاري (جنم: 1964ع):

ممتاز علي لاشاري سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي آهي. 5 جنوري 1964ع تي گاجي کهاوڙ، ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ ۾ سونهارو خان لاشاري، جي گهر ۾ جنم ورتائين. پرائمري تعليم گورنمينٽ پرائمري اسڪول گاجي کهاوڙ (موجودہ فقير محمد لاشاري گورنمينٽ هاءِ اسڪول) مان حاصل ڪيائين. ڏهين درجي جو امتحان واره جي هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين، جنھن بعد وڌيڪ تعليم لاءِ لاڙڪاڻي ويو ۽ اتان ٻارهون درجو پاس ڪيائين، انهيءَ دوران لاڙڪاڻي ۾ جيلاني مدرسي ۾ پڻ ديني تعليم ۽ حفظ قرآن لاءِ ڪجهہ سال اتي رهيو، پر پوءِ مدرسي کي ڇڏي اچي راڳ جي دنيا ۾ پير پاتائين.

پاڻ ننڍي هوندي کان موسيقيءَ سان لڳاءُ رکندو هو، ننڍي هوندي اسڪول ۾ پڻ گيت ڳائيندو هو، ۽ آواز سٺو هجڻ ڪري اسڪول ۾ اسيمبليءَ دوران قومي ترانو پڻ پڙهندو هو. اسڪول واري دؤر ۾ سندس استاد فقير محمد لاشاري هو.

ضلعي قمبر شهدادڪوٽ جي ڳوٺ ارباب کهاوڙ ۾ شاه لطيف جو ڏيھاڙو ملهايو ويو، جنھن ۾ ممتاز لاشاري نَوَ سالن جي عمر ۾ شاه لطيف جو ڪلام ’ويندس يار مري، تنھنجي درد فراق ۾‘ ڳايو، جنھن کي گهڻو ساراهيو ويو. هي ڪلام ان کان اڳ استاد منظور علي جو ڳايل هو. راڳ جي سکيا لاءِ سندس چوڻ موجب:’ مون راڳ جي بنيادي سکيا استاد محمد جمن ۽ استاد محمد ابراهيم کان ورتي، پر باقاعدي سکيا استاد نصرت علي خان کان ورتي. ڪجهہ عرصي نجي محفلن ۾ ڳائيندو رهيس، پوءِ 1984ع ۾ وڏن ڪشالن کان پوءِ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد پھتس، جتي پھريون شاه لطيف جو ڪلام ’اديون منھنجو ٻاروچو سڄڻ ياد پيو‘ رڪارڊ ڪرايو، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي منھنجا چار سئو کان وڌيڪ ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن.‘ راڳ بابت سندس چوڻ آهي تہ، ’ آءٌ ڪوشش ڪندو آهيان تہ اها شاعري ڳائجي جنھن ۾ ڪو سبق هجي، انهيءَ ڪري آءٌ صوفياڻي، عارفاڻي ۽ ناصحاڻي ڪلام/ شاعري کي ترجيح ڏيندو آهيان ۽ ڳائڻ دوران ڪوشش ڪندو آهيان تہ منھنجو لهجو ۽ گهاڙيٽو نج سنڌي هجي‘

ممتاز لاشاري هن وقت سنڌ جي وڏن راڳين ۾ شمار ٿئي ٿو، کيس مڃتا طور 2015ع ۾ صدارتي ايوارڊ ’تمغہ امتياز‘ان کان علاوہ ’سچل ايوارڊ‘ ۽ ’قلندر شهباز ايوارڊ‘ پڻ مليل اٿس. 1992ع ۾ ڀارت جي شھر مُمبئيءَ ۾ ’رام پنجواڻي سينٽر ايوارڊ‘مليو. اهڙيءَ ريت نجي پروگرامن ۾ ادارن ۽ خانگي ٽي وي چينلن طرفان کيس ڪيترائي ايوارڊ ملي چڪا آهن.

ممتاز لاشاري پوري سنڌ اندر پنھنجي سُريلي آواز سان موسيقي جا سُر وکيري رهيو آهي، ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ پنھنجي راڳ جي منفرد انداز کي پڻ اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪيترائي شاگرد پيدا ڪيا اٿس، جن ۾ منير منگي، وحيد سمون، سڪندر سومرو ذڪر جوڳا آهن. پاڻ قاسم آباد، حيدرآباد جو رهاڪو آهي.

ممتاز لاشاري گذريل چاليھن سالن کان راڳ ڳائي ٿو، پاڻ ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، شاه لطيف جو ڪلام پڻ ڳايو آهي، جيڪو هن ريت آهي.

اديون منهنجو ٻاروچو سڄڻ...

ويندس يار مري، تنھنجي درد فراق ۾...

موسيٰ حسين سمون (1938ع - 1990ع):

موسيٰ حسين سمون سنڌ جو مشھور راڳي ٿي گذريو آهي، پاڻ 1938ع ڌاري پيدا ٿيو. هن پنھنجي فني سفر جي شروعات ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ڪئي. موسيٰ حسين سمون پنھنجي مٺڙي آواز ۽ منفرد ڳائڻ جي انداز سبب سنڌي ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ مڃتاماڻي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي ڳايل سندس ڪلام ’ دوست تنھنجي ديس ۾ دل ڦُرايو ٿو وڃان ‘ تي کيس سموري سنڌ ۾ ڪافي مڃتا ملي. ريڊيو کان علاوہ هو مختلف ميلن توڙي محفلن ۾ پڻ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪندو رهيو. هن پنھنجي سموري حياتيءَ ۾ سنڌي ڪلاسيڪي ۽ سنڌي لوڪ شاعريءَ کي ڳائڻ پسند ڪيو. موسيٰ حسين سمون 1990ع ۾ وفات ڪئي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي ڪئٽلاگ موجب هن مختلف سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي ڪلام سان گڏوگڏ، شاه لطيف جون هيٺيون وايون پڻ ڳايون آهن:

تنھنجو ڪھڙو...

هتان ڪي هوت لنگهيا...

رات مڪم روئي...

مهتاب بلوچ (جنم: 1968ع):

مهتاب بلوچ، سنڌ جي مشھور ڳائڻي آهي، 1968ع ڌاري گمبٽ، ضلعي خيرپور ۾ غلام عباس جي گهر ۾ ڄائي. کيس ننڍي هوندي کان ڳائڻ جو شوق هو. سندس چوڻ موجب، ’مان استاد محمد يوسف، نورجھان ۽ عابدہ پروين کان گهڻو متاثر هيس.‘ راڳ جي سکيا استاد نياز حسين کان ورتائين، سڀ کان پھريائين مٺل مريءَ جو ڪلام ’آءُ ڄام ٻاروچل آري‘ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تان ڳايائين. پاڪستان ٽيليويزن تي ’سنڌ سينگار‘ پروگرام ۾ ڳائيندي رهي آهي، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان پڻ ڪافي ڪلام ڳائي پاڻ مڃرائي چڪي آهي. خانگي چينلن ۽ نجي پروگرامن ۾ پڻ ڳائي داد وصول ڪيو اٿائين. گذريل ٽن سالن کان هڪ نجي چينل جي پروگرام ’سرتيون ۽ سينگار‘ ۾ ڳائيندي آهي.

مهتاب بلوچ ٻين شاعرن جي شاعريءَ سان گڏوگڏ، شاه لطيف جي هڪ وائي پڻ ڳائي آهي:

آهيان مارن جي آهيان سانگين جي...

موهن ڀڳت (1929ع -1995ع):

ٿر جي هڪ خاص انداز ۾ دنبوري تي شاه لطيف جو راڳ ڳائيندڙ، شاه لطيف جو راڳي، موهن ڀڳت، 1929ع ۾ ڄائو. اصل ڳوٺ، اسلام ڪوٽ هئس، پر پوءِ مٺيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائين. ڳائڻ وڄائڻ موهن ڀڳت جو خانداني پيشو هو. سندس خاندان جا وڏا بہ ساڳئي ئي انداز ۾، دنبوري تي شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندا هئا. موهن بہ ننڍپڻ ۾، اڪ جي ڪاٺيءَ جو دنبورو ٺاهي ڳائيندو هو. راڳ ۽ ساز جي سکيا، پنھنجن وڏڙن کان ورتائين، ۽ پاڻ بہ راڳ جي خانداني روايت کي زندھ رکيائين، جيڪا کيس ورثي ۾ ملي هئي. سندس آخري دنبورو بہ پراڻي اڪ جي ڪاٺيءَ جو ٺهيل هو.

موهن ڀڳت، شاه لطيف جي ڪلام کي تان، پلٽن ۽ سرگم جا ور وڪڙ ڏئي ڪونہ ڳايو، بلڪه صدين کان رائج، ٿر جي عوامي انداز ۾ پيش ڪيو، جو نہ رڳو عوام ۾ مقبول ٿيو، پر راڳ جا وڏا وڏا ڄاڻو ۽ گوّيا بہ سندس ڳائڻ جي ساراه ڪندا هئا. لفظن جي ادائگي اهڙي چٽائيءَ سان ڪندو هو، جو ٻڌندڙن تي ڪلام جي پس منظر جو سحر طاري ٿي ويندو هو.

موهن ڀڳت کي شاه لطيف سان نہ رڳو عقيدت هئي، پر ڪلام سان بہ دلي طور لڳاءُ هو ۽ هن، ريڊيو تي ڳائڻ جي شروعات بہ شاه لطيف جي ڪلام، ’ساٿي سڏ ڪندي ويا ساٿ جا‘ سان ڪئي ۽ ڪئسيٽ، ريڊيو، ٽي. وي. کان علاوہ، خانگي محفلن ۽ ثقافتي پروگرامن ۾ پڻ شاه لطيف جو ڪلام پيش ڪيائين. موهن ڀڳت، شروع ۾، پاڻ اڪيلو ڳائيندو هو، پر پوءِ عمر جي پڇاڙيءَ ۾، پنھنجي ساٿ سان گڏجي ڳائيندو هو. سندس ساٿ ۾، ڀاءُ سروپي ۽ ڀائٽي شنڪر جا نالا ذڪر جوڳا آهن.

موهن ڀڳت، شاه لطيف جي وائي، ’سرتيون اوهين تہ وڃو ڙي وڃو لا- منھنجو ڙي ليک لَڪن سان‘ ڳائي مشھور ٿيو. کيس هر طبقي ۾ پسند ڪيو ويو ۽ اِها ئي وائي سندس شخصيت جي سڃاڻپ بڻي.

موهن ڀڳت جو ڪيترو ئي ڳايل شاه لطيف جو ڪلام اڄ بہ ريڊيو، ٽي وي ۽ ڪئسيٽن ۾ موجود آهي، جن مان ڪجهہ هن ريت آهي:

سرتيون آئين تہ وڃوڙي وڃولا...

مون کي ڇپر مَ ڇڏجان...

آئون نہ وريو ڙي...

منهنجا سامي ڙي، سيڻ نماڻي جا...

ڏاڍو ڏيئي ويا ڏير، اوجاڳو اکين...

هتان ڪي هوت لنگهيا...

گهوريان مور سنگهارن ۾...

ساٿي سڏ ڪندي ويا ساٿ جا...

هنڌ وهاڻا تو لاءِ وڇايان...

جيجل ماءُ منهنجي جوڳيئڙن...

منهنجا سامي ڪي ويندا ڏٺا...

موهن ڀڳت، پنھنجي منفرد انداز سان شاه لطيف جو جيترو بہ ڪلام ڳايو آهي، اُهو انداز سنڌي موسيقيءَ ۾ اهم جاءِ والاري ٿو، ڇا ڪاڻ تہ موهن ٿر جي عوامي انداز کي ڀٽن مان ڪڍي، سڄيءَ سنڌ ۾ پکيڙيو ۽ اِهو ثابت ڪيو تہ، شاه لطيف جو ڪلام جيئن ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائي سگهجي ٿو، تہ ايئن ئي اُن ڪلام کي، مڪاني انداز ۾ بہ پيش ڪري سگهجي ٿو.

موهن ڀڳت، لڳ ڀڳ پنجاه سال لڳاتار شاه لطيف جي ڪلام کي سنڌ جي مختلف ماڳن ۽ درگاهن تي ڳايو هو. ٿر جي رنگ ۾ رچيل هن راڳيءَ، 1995ع ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري پنھنجو آواز، ڌرتيءَ تي ياد طور ڇڏي، هن فاني دنيا مان هليو ويو.

نارو ڀڳت (1889ع -1986ع) :

شاه لطيف جي ڪلام سان دل جي ڪيفيتون بيان ڪندڙ شاه جو راڳي، نارو ڀڳت، 1889ع ڌاري، ٿاڻي احمد خان، تعلقي ٿاڻي بولا خان، هاڻوڪي ضلعي ڄام شوري ۾ ڄائو هو. سندس پيءُ جو نالو، آلو مل هو. پاڻ وڏو واپاري هو. جھانيان پوٽي سيد قطب علي شاه جو معتقد هو.

نارو ڀڳت، منڍ ۾ مورا ڳائيندو هو، پر پوءِ صوفياڻي ڪلام ڏانھن راغب ٿيو. ٻين صوفي شاعرن جي ڀيٽ ۾، شاه جو ڪلام گهڻو ڳائيندو هو. ڪلام ڳائيندي وجد ۾ اچي بيحال ٿي ويندو هو، مٿس بيخوديءَ واري ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي ۽ ان ڪيفيت ۾ ڪلام جا ٻول ٻڌندڙن کي باه جي اُلي جيان محسوس ٿيندا هئا، پوءِ ٻڌندڙن کي بہ ڪا سُڌ ڪانہ رهندي هئي. نارو جڏهن شاه لطيف جي وائي:

ڪتيم ڪين ڪي ڇا ٻُڌايان،

ڪات قريبن جي اڳيان، ڪتيم ڪينڪي، ڇا ٻڌايان.

ڳائيندو هو، تہ هر هر اُڀو ٿي ويندو هو. پڳ ۽ چولو لاهي ڦٽي ڪندو هو؛ نچندو بہ هو تہ آهون بہ ڪندو هو. دل جون ڪيفيتون، دل جي زبان ۾ دل وارن لاءِ ادا ڪندو هو. سندس مقبوليت جو سبب بہ سندس اهو ئي جذبو هو، جنھن سان ڪلام ادا ڪندو هو. کيس شاه لطيف جي ڪلام ڳائڻ تي قدرت ۽ ڪماليت حاصل هئي.

نارو ڀڳت، هر طبقي جي محفلن ۾ ٻڌو ويندو هو ۽ هر محفل ۾ شاه لطيف جي ڪلام جي نمائندگي ڪندو هو. هو سنڌ ۾، گذريل دؤر ۾ صوفياڻي ڪلام ڳائيندڙ ڀڳتن جو آخري يادگار هو. پيريءَ سبب ڪمزور ٿي ويو هو تہ بہ راڳ جو عاشق هو. پڇاڙيءَ واري وقت ۾، ٿاڻي احمد خان مان لڏي، ٿاڻي بولا خان ۾ اچي ويٺو. سائين جي. ايم. سيد جي محفل جو خاص راڳي هو. سندس پٽ، ٽيئون ڀڳت بہ شاه جو سٺو راڳي هو. 97 ورهين جي عمر ۾، 16 ڊسمبر، 1986ع تي ديهانت ڪيائين، ۽ راڳ جي روايت کي سندس پُٽ ٽيئون مل ۽ وشنو مل زندھ رکيو.

نور شاه:

سنڌ جي سدا رنگي روپ ۾ شاه لطيف جو ڪلام ڳائيندڙ راڳي، نور شاه، ورهاڱي کان اڳ واري دؤر جو هڪ ناميارو راڳي ٿي گذريو آهي. اُتر واري علائقي ۾، سندس گائڪيءَ جي وڏي هاڪ هئي، هو نھايت سادگيءَ سان ڳائيندو هو.

نور شاه اصل قمبر، لاڙڪاڻي جو رهاڪو هو، ۽ هٽڙيءَ واري غلام شاه جو ٻالڪو هو. جوانيءَ ۾ ئي قمبر ڇڏي، ٽنڊي الھيار ۾ وڃي رهيو. ان کان پوءِ مير محمد بخش وٽ، ٽنڊي غلام عليءَ ۾ رهيو ۽ اتي ئي وفات ڪيائين. سندس ڳائڻ جو دؤر 1890ع کان 1955ع وارو آهي.

سيد نور شاه، يڪتاري تي ڪلواڙي جي تار تي چوٽ واري آواز ۾ ڳائيندو هو. سندس آواز گهڻو مٺو هو، پر ان کان وڌيڪ تہ ڪلواڙي کي يڪتاري ۾ نھايت چٽو، مٺو ۽ مھڻو ڪيائين. نور شاه، ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام سان گڏ، شاه لطيف جو ڪلام بہ نھايت ئي عقيدت سان ڳائيندو هو ۽ سازن ۾ يڪتاري سان گڏ ٻہ دلا بہ وڄرائيندو هو. سندس استاد، آچر فقير بہ ساڻس گڏجي ڳائيندو هو. نور شاه کي ڀيروي ڳائڻ تي وڏو ملڪو هو. هن جھڙي ڀيروي وري ڪنھن نہ ڳائي. ڪلام مطابق، وري بيت بہ ڏيندو هو. سندس لوڪ انداز، ان وقت نھايت مقبول ٿيو، جيتوڻيڪ هن شاه لطيف جو ڪلام ڳايو پر سندس ڳايل ڪلام جو ڪوبہ نمونو محفوظ نہ ٿي سگهيو آهي.

نورجھان (1926ع - 2000ع):

نور جھان، ننڍي کنڊ جي مشھور ڳائڻي ۽ اداڪارہ هئي. ان سان گڏوگڏ، موسيقار ۽ پاڪستان جي پھرين عورت فلم ڊائريڪٽر بہ رهي. نورجھان، 21 سيپٽمبر، 1926ع تي ڳوٺ ڪوٽ مراد خان، لڳ قصور، پنجاب، گڏيل هندستان (موجودہ پاڪستان) ۾ امداد عليءَ جي گهر ۾ ڄائي. سندس نالو، الله وسائي رکيو ويو.

الله وسائيءَ جو ڪٽنب، موسيقي ۽ ڳائڻ وڄائڻ سان لاڳاپيل رهندو هو. کيس سندس والدہ (فتح بي بي)، ننڍپڻ ۾ ئي ڪلاسيڪل راڳ جي سکيا لاءِ، استاد بڙي غلام علي خان وٽ موڪليو، جتي هن پٽيالا گهراڻي جي روايتن سان گڏوگڏ ڪلاسيڪي انداز ۾ ٺمري، دروپد ۽ خيال جي سکيا ورتي. پاڻ نَون سالن جي ڄمار ۾، غلام احمد چشتيءَ جي ڪمپوز ڪيل نعتن، غزلن ۽ لوڪ گيتن کي لاهور ۾ اسٽيج تي ڳائيندي هئي. سندس ذاتي رجحان ڳائڻ کان وڌيڪ اداڪاريءَ ڏانھن هو. الله وسائي ۽ سندس ڀينرن (عيدن ٻائي ۽ حيدر بندي) جي سٺي مسقبل لاءِ ٿئيٽر جي مالڪ، ديوان سرداري لال جي صلاح سان سڄو ڪٽنب لڏي وڃي ڪلڪتي ۾ رهيو، جتي گلوڪارہ مختيار بيگم، الله وسائي ۽ سندس ڀينرن جي همٿ افزائي/پٺ ڀرائي ڪئي ۽ مختلف پروڊيوسرن سان کين متعارف ڪرايو، خاص طور پنھنجي مڙس، آغا حشر ڪاشميري کي هنن ڀينرن کي پنھنجي ٿئيٽر ۾ ڪم ڏيڻ لاءِ راضي ڪيو. انهيءَ ٿيٽر ۾، الله وسائيءَ کي اسٽيج جو نالو ’بيبي نورجھان‘ مليو.

1935ع ۾، ڪي. ڊي. مھرا جي هدايتڪاريءَ ۾ ٺهيل فلم ’پنڈ دی کُڑی‘ ۾ نورجھان ۽ سندس ڀينرن ڪم ڪيو، جنھن ۾ نورجھان پنجابي گانو، ’لنگه آ جا پتن چناں دا او یار‘ پڻ ڳايو. انهيءَ ڪمپنيءَ طرفان ٺهيل ٻي فلم، ’مصر کا ستارہ‘ (1936ع) ۾، نورجھان جي اداڪاريءَ سان گڏوگڏ، موسيقار ڌموڌر شرما جا ڪمپوز ڪيل گانا پڻ ڳايا. 1937ع ۾، نورجھان فلم، ’ہیر سیال‘ ۾، هير جي ڪردار جي ننڍپڻ جي اداڪاري بہ ڪئي. 1939ع ۾ دل سُک پنچوليءَ جي پنجابي فلم، ’گل بکاولی‘ ۾ نورجھان جو ڳايل گانو، ’شالا جوانیاں ماٹیں‘ بہ گهڻو مشھور ٿيو. ساڳئي سال، 1939ع ۾، نورجھان، ڪلڪتي کان لاهور موٽي آئي ۽ ناليواري موسيقار، غلام حيدر جي ڪمپوز ڪيل گانن کي ڳائيندي، شھرت ماڻيائين. 1942ع ۾ نورجھان، هدايتڪار سيد شوڪت حسين رضويءَ جي فلم، ’خاندان‘ ۾، اداڪار ’پران‘ سان گڏ فلم جي مک ڪردار طور اداڪاري ڪئي. هيءَ فلم، نورجھان جي جوانيءَ جي پھرين فلم هئي، جيڪا تمام گهڻي ڪامياب ٿي. ڳائڻ سان گڏوگڏ، نورجھان هڪ بھترين ۽ ڪامياب اداڪارہ طور بہ اُڀري آئي. فلم ’خاندان‘ جي مقبوليت کان پوءِ، نورجھان بمبئي (ممبئي) لڏي وئي ۽ 1947ع تائين، اتي رهي ۽ مختلف فلمن ۾ پس پردہ گلوڪاري ۽ اداڪاري ڪندي رهي. 1947ع ۾ نورجھان ۽ سندس مڙس، سيد شوڪت حسين رضوي، پاڪستان اچڻ جو فيصلو ڪيو ۽ بمبئيءَ مان لڏي اچي ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪيائون.

نورجھان، پنھنجي فلمي زندگيءَ ۾، 1932ع کان 1947ع تائين 69 فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ انهن فلمن لاءِ 127 گانا ڳايا. 1947ع کان 1963ع تائين واري عرصي اندر پاڪستان ۾، 14 فلمن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ 1963ع ۾ ذاتي مصروفيتن سبب اداڪاري ڪرڻ ڇڏي ڏنائين، ۽ صرف گهر، ٻار ۽ ڳائڻ کي وقت ڏيڻ لڳي. فلمن لاءِ پس پردہ گلوڪاريءَ کان سواءِ هن، 1965ع ۾، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيندڙ جنگ دوران، ريڊيو پاڪستان تان وطن پرستيءَ جا گيت پڻ ڳايا، جن ۾ پڻ وڏي مشھوري ماڻيائين.

نورجھان، اردو، سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ فارسي ٻولين ۾ ڏهن هزارن کان وڌيڪ گانا ڳايا آهن. نورجھان پنھنجي فني زندگيءَ ۾، ڪيترائي ايوارڊ ۽ اعزاز ماڻيا. 1965ع ۾ سٺي گلوڪاري ۽ اداڪاريءَ جي آڌار تي ۽ خاص طور وطن پرستيءَ جا گيت ڳائڻ تي کيس ان وقت جي صدر پاڪستان ايوب خان جي طرفان،‘Pride of Performance’ جي ايوارڊ سان نوازيو ويو. انهيءَ کان سواءِ پاڪستان ۾ کيس هڪ وڏو اعزاز اهو پڻ مليو تہ هن کي ’ملڪہ ترنم‘ (Queen of Melodies) جي لقب سان نوازيو ويو. پاڪستان جي حڪومت طرفان مليل ايوارڊ ۾ ’تمغئہ امتياز‘ ۽ ’ستارہ امتياز‘ بہ شامل آهن. کيس عورت پس پردہ ڳائڻيءَ طور، تيرهن ’نگار ايوارڊ‘ پڻ مليا. جنوري، 2000ع ۾ پاڪستان ٽيليويزن طرفان کيس ‘Voice of Century’ (صديءَ جو آواز) جي لقب سان نوازيو ويو. نورجھان ٻہ ڀيرا ‘Life Time Achievement Award’ ماڻيو، پھريون ڀيرو 1987ع ۾ ۽ ٻيو ڀيرو سندس وفات کان پوءِ 2002ع ۾ اهو اعزاز ڏنو ويو.

ملڪئہ ترنم نورجھان، سنڌيءَ ۾ بہ ڪجهہ ڪلام/گانا ڳايا آهن، جن ۾ شاه لطيف جي ڪلام مان، سُر مومل راڻو جي وائي ’آءُ راڻا ره رات‘ پڻ سٺي انداز ۾ ڳائي اٿس. هي ڪلام، نورجھان سنڌي فلم، ’مومل راڻو‘ جي لاءِ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ ڳايو هو، جيڪو تمام گهڻو مقبول ٿيو.

نورجھان، چوهتر سالن جي عمر ۾، 23 ڊسمبر، 2000ع تي ڪراچيءَ ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪئي. کيس ڪراچيءَ جي ’گذريءَ جي قبرستان‘ ۾ دفنايو ويو.

يار محمد فقير (1914ع -1982ع):

سدا رنگي رنگ ۾ سنڌ جي صوفي بزرگن جو ڪلام ڳائيندڙ راڳي، فقير يار محمد، 1914ع ۾ ڳوٺ ڪاٺوڙي تعلقي کپري ضلعي سانگهڙ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ بنيادي طور تي هڪ وڏو زميندار هو، پر فقيري رنگ ۾ اچي ويو. چپڙيءَ ۽ يڪتاري تي عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو. شاه لطيف جو ڪلام تہ وڏيءَ مستيءَ ۾ اچي ڳائيندو هو. رسيلي آواز سان شاه لطيف جي بيت ۽ وائيءَ جي ٻول کي اهڙيءَ طرح چٽو ڪري ڳائيندو هو، جو ٻُڌڻ واري تي هڪ عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي هئي. سندس ڳائڻ جو انداز پڻ عوامي هو. تان ۽ پلٽن کان ڪوهين پري، سنڌ جي صدين پراڻي رنگ ۾، پنھنجي آواز جا رنگ ڀريندو هو. هميشہ پير اگهاڙا هوندا هئس ۽ پيرن ۾ ڇيرون ٻڌي، مستيءَ ۾ ڳائيندو هو. ڪڏهن ويھي تہ ڪڏهن ڦيرڙيون پائي عقيدت جو اظھار ڪندو هو. فقير يار محمد پنھنجي رمز وارو راڳي هو. شاه لطيف جي درگاه کان سواءِ، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳايائين، جنھن ۾ ٻين صوفي بزرگن جي ڪلام سان گڏ شاه لطيف جو ڪلام پڻ ڳائيندو هو. ان کان سواءِ سندس گهر ۾ سدائين راڳ ويراڳ جي محفل متل رهندي هئي. يڪتارا، پڪوازون ۽ گهڙا سندس گهر جي منه ۾ رکيل هوندا هئا. يار محمد فقير وڏي محبت وارو ماڻهو هو. پاڻ وڏي ڄمار ماڻي، 23 آڪٽوبر، 1982ع تي وفات ڪري ويو. کيس ڪاٺوڙ ۾ ئي دفن ڪيو ويو. سندس پُٽ نورل شاه، پنھنجي حياتيءَ ۾، سندس مزار تي راڳ جي روايت کي زندھ رکندو پئي آيو، جتي نہ رڳو محفل متل رهندي هئي، پر لنگر پڻ هلندو هو.

يوسف کٽي (وفات: 1930ع):

سنڌ جو سدا ملوڪ راڳي، يوسف کٽي، حيدرآباد ۾ ڄائو هو ۽ ’ناهين جي پِڙ‘ ۾ رهندو هو. يڪتاري تي نھايت وڏي آواز ۾ ڳائيندو هو. ڪجهہ وقت لاءِ خان صاحب عاشق علي خان جي مامي استاد امير علي خان جي خدمت چاڪريءَ ۾ بہ رهيو ۽ ڪي اکر کانئس سکيو. تنھن هوندي بہ يڪتارو ۽ پراڻي پر نہ ڇڏيائين. کيس سنڌ جي علائقائي موسيقيءَ کان سواءِ، ڌرپدي ڪلاسيڪي موسيقيءَ تي بہ عبور حاصل هو. شڪارپور جي هانڊن ۾ تہ اڪثر شريڪ ٿيندو هو. ڪڏهن باجي تي ويھي راڳ نہ ڳايائين، ڇو جو چوندو هو تہ، باجو ڳائڻ واري جا عيب ٿو ڍڪي، جنھن جي آواز ۾ عيب هجي، اُهو ڳائڻ جي لائق ئي ناهي.

يوسف کٽيءَ وٽ سنڌي ڪافين ۽ واين جون بي شمار پراڻيون طرزون هيون. سندس سيني ۾ سنڌي رنگ ۾ رچيل ڪلام ايترو تہ سانڍيل هو، جو پاڻ ڪلاسيڪي راڳ جي ماهرن کان لڪائيندو هو. ان ڪري کيس ’بخيل ڳائڻو‘ ڪري چوندا هئا. هونئن بہ هروڀرو هر ڪنھن جي چوڻ تي ڪين ڳائيندو هو. البت مقرر راتين تي، مڙني اوتارن، مڪانن ۽ درگاهن جي حاضري ڀريندو هو. يوسف کٽي توڙي جو ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو هو، پر اڪثر عارفاڻو ڪلام ڳائيندو هو. پاڻ سنڌ جي سدا حيات شاعر، شاه لطيف جو ڪلام ڏاڍي عقيدت سان سنڌ جي مختلف درگاهن، اوتارن تي وڃي ڳائيندو هو. شاه لطيف جو ڪيترو ئي ڳايل سندس ڪلام، تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويو آهي، پر ڪجهہ ڪلام، سيني بہ سيني اڄ تائين ٻڌندڙن ۽ راڳين جي دلين ۾ زندھ آهي. شاه لطيف جي هيءَ وائي سندس سڃاڻپ بڻي جا راڳ ڀيروي ۾ ڳائيندو هو:

’ڇو ٿيون ڏيو مون کي متيون،

وس پنھنجي ۾ ناهيان.‘

يوسف کٽيءَ، سنڌي موسيقي ۾ وڏو نالو ڪمايو. وٽس سنڌي رنگ ۾ رچيل ڪلام جو وڏو ذخيرو بہ هو، جو هڪ خاص طبيعت هئڻ ڪري ڪنھن کي نہ ڏنائين. سندس وفات، 1930ع ۾ ٿي. کيس ٽنڊي يوسف حيدرآباد سنڌ واري مقام ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ڳايل ڪي ڪلام اڄ بہ ڳائجن ٿا. سندس شاگردن ۾، ’زوار بسنت‘ ۽ ’غلام کٽيءَ‘ بہ سنڌي موسيقي ۾ وڏو نالو ڪمايو.