ڪڇ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ڪڇ، سنڌ جي ڏکڻ طرف ڀارت ۾ گجرات رياست جو ھاڻ ھڪ ضلعو آھي. تاريخ جي لحاظ کان، ورهاڱي کان اڳ، ڪڇ بہ ھڪ الڳ رياست ھئي، جيڪا سمن جي زماني ۾، سنڌ جي ماتحت ھوندي ھئي. ثقافتي لحاظ کان ڪڇ اڄ بہ سنڌ جو حصّو آھي. ھتي جي ٻولي، رهڻي ڪھڻي وغير سنڌ سان سئو سيڪڙو ھڪجھڙائي رکي ٿي. سنڌ جي ٻين علائقن وانگر ڪڇ بہ ’شاھ جي راڳ‘ جو مرڪز رهيو آھي، ھتي جي راڳي فقيرن ۽ لوڪ ڳائڻن، پنھنجي روح جون لاتيون، شاھ جي راڳ ۾ ظاھر ڪري؛ ٻڌندڙن جي قلب کي قرار پئي ڏنو آھي.
شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، سيد جمال الدين شاھ، ڀٽ شاھ جو پهريون گادي نشين ٿيو، پر سماع ۽ راڳ جا ادارا فقيرن جي ھٿ ۾ ھئا، ۽ ماڻهن ۾ فقيرن جي وڏي مڃوتي ھئي، جيڪا اُن وقت جو گادي نشين سھي نہ سگهيو، جنھن ڪري تمر فقير، لاچار ٿي، ڀٽ ڇڏي تماچي فقير نھڙيي سان گڏجي، ڪڇ ڏانھن ھليو ويو ۽ ڪڇ ۾ شاھ جي راڳ جو بنياد وڌائين، ۽ ٻارهن سال ڪڇ ۾ رهي ڪيترن ئي ماڳن ۽ مڪانن تي، شاھ لطيف جي راڳ جو بنياد وڌائين. ان کان پوءِ ڪڇ جي جتن ۾، ’شاھ جي راڳ‘ جو ڄڻ گهر ٿي ويو، تان جو ڪڇ جي مختلف درگاھن توڙي جتن فقيرن جي پنھنجي ماڳن ۽ مڪانن تي، دنبوري جي تند وڄندي رهي ۽ شاھ جو راڳ ٿيندو رهيو. ڪڇ ۾ شاھ جي راڳ جا وڏا ڄاڻو، ’ٻنيءَ‘ ۾ رهندڙ منداڻي، لاکاڻي ۽ جيئنداڻي جت ھئا. ڪڇ ۾ ھيٺين ماڳن تي آڳاٽي وقت کان وٺي، ويندي 1947ع تائين شاھ جو راڳ باقاعدي ٿيندو رهيو، ۽ اھا روايت اڃا جاري آھي، جو ڪڇ جا جت ۽ ٻيون گائڪ ذاتيون، ڀان، ڀٽ ۽ مڱڻھار وغيره، اڄ بہ ميلن، ملاکڙن توڙي خوشيءَ جي ڪاڄن ۾، راڳ ويراڳ جون محفلون مچائيندا پيا اچن ۽ شاھ لطيف جي ڪلام واري دونھين دکايو پيا اچن. تازو ھڪ فلم ۾ بہ ھڪ محفل ۾ شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳائيندو ڏيکاريو ويو آھي.
ڪڇ ۾ مختلف ماڳن تي شاھ لطيف جو راڳ ڳايو ويندو ھو، تن ماڳن جو ذڪر ھيٺ ڏجي ٿو:
بَرياڻي جت فقيرن جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءَ درگاھ، ڳوٺ آسالڙي، تعلقي لکپت (ڪڇ) ۾ آھي. جت فقيرن جي ھن درگاھ تي حاجي مکڻ مٺاڻيءَ وارا فقير راڳ ڪندا ھئا. کانئن پوءِ، ميون علي مراد بَرياڻي ۽ ان کان پوءِ عارب فقير راڳ ڪرڻ لڳا. 1947ع کان 1960ع واري دؤر ۾ الله رکيو جت راڳ ڪندو ھو.
بگهاڙيي ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ڳوٺ بگهاڙيي (ڪڇ) ۾ رهندڙ جيئنداڻي فقير، ميين شاھ ڪريم جا مريد ھئا. ھنن، سيراڙي وارن لاکاڻين فقيرن کان شاھ جو راڳ سکيو ۽ اتي پوئين دؤر ۾ راڳ شروع ڪيو. راڳ جو ھي سلسلو ھينئر رُڪجي ويو آھي.
ٻٻر ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ھي ڳوٺ، تعلقي نکٽاڻي (ڪڇ) ۾ آھي. اتي ميين تماچي فقير جي ٻالڪن، ’سومرن‘ شاھ جو راڳ شروع ڪيو. 1950ع کان 1960ع واري دؤر ۾ ابراھيم فقير راڳ ڪندو ھو. ھتي ھاڻي راڳ جو سلسلو ختم ٿي ويو آھي.
پير جيلاني ڀِڙ واري جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءَ درگاھ ڪڇ جي شھر ڀُڄ ۾ آھي، اتي شاھ جي مريدن، ھر مھيني جي پھرئين سومر ۽ جمعي تي ’شاھ جو راڳ‘ شروع ڪيو ھو. صوبدار فقير شهواڻي جت، حاصل فقير لاکاڻي ۽ وريام فقير لاکاڻي، جيڪي ھن درگاھ جا مريد ھئا، سي اڳ ۾ راڳ ڪندا ھئا. 1947ع کان 1960ع واري دور ۾ شاھ فقير جيئنداڻي، اسحاق فقير جيئنداڻي ۽ خدا بخش جيئنداڻي اتي شاھ جي راڳ کي جاري رکيو.
ڍير ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءُ ڳوٺ، تعلقي لکپت (ڪڇ) ۾ آھي. اتي سالار فقير جو مڪان آھي، جتي سالاراڻي جت، شاھ جو راڳ ڪندا ھئا. پھرين تاج محمد ۽ محمد فقير سالاراڻيءَ ۽ پوءِ صالح محمد فقير ۽ بچل فقير سالاراڻيءَ راڳ ڪيو. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ سالاراڻي جت، سڀ سنڌ ۾ اچي ويا. 1948ع کان 1960ع واري دؤر ۾ حسين فقير جهنڊاڻي، سومار جيئنداڻي ۽ سيد غلام حسين شاھ، راڳ ڪندا ھئا.
سِيراڙيءَ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
سِيراڙو جاگير، تعلقي کاھوڙيءَ (ڪڇ) ۾ آھي. ھي ماڳ، شاھ لطيف جي پياري فقير ۽ خليفي، ڇتي لاکاڻي جت جو آھي، جتي تمر فقير اچي شاھ جو راڳ شروع ڪرايو ھو. ڇتي فقير، سنڌ ۾ وفات ڪئي ۽ سنڌ ۾ ئي دفن ٿيل آھي. سِيراڙي ۾ دستور موجب شاھ جو راڳ ٿيندو رهيو. سيد عبدالقادر شاھ ۽ لاکاڻي جت، جيڪي سِيراڙي جا ويٺل ھئا، سي اڳ ۾ اتي شاھ جو راڳ ڪندا ھئا، پوئين دؤر ۾ خير محمد سندس پُٽ حاصل فقير ۽ پوءِ سندس پُٽ حاجي امين اتي راڳ ڪيو، پر 1950ع ڌاري اتي راڳ بند ٿي ويو.
صالح فقير جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءَ درگاھ، ڳوٺ ڄڙوٺ تعلقي نکتاڻيءَ (ڪڇ) ۾ آھي. ھيءَ شاھ لطيف جي پياري فقير، صالح فقير مڱريي جو ڳوٺ ھو. شاھ لطيف پنھنجي حياتيءَ ۾ ڄڙوٺ ويو ھو ۽ ڪجهہ ڏينھن صالح فقير وٽ ترسيو بہ ھو. پوءِ تمر فقير ’جڙوٺ‘ ۾ شاھ جي راڳ جو بنياد وڌو. صالح فقير جي وفات کان پوءِ سندس درگاھ تي شاھ جو راڳ شروع ٿيو.
لاکاڻي جت، حاصل فقير ۽ پوءِ سندس پُٽ خير محمد ۽ حاجي امير راڳ ڪندا ھئا. 1950ع کان 1960ع واري دؤر ۾ پڻ حاجي امين وارا درگاھ تي شاھ جو راڳ ڪندا ھئا.
ڪما گهوني ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ميين تماچي فقير جي وفات کان پوءِ تمر فقير، ڳوٺ ’ڪما گهوني‘ ۾ راڳ جو بنياد وڌو. ھي ڳوٺ، اوريئڙي کان اڍائي ڪوھ ڏکڻ طرف آھي، جتي تمر فقير جي اڳواڻيءَ ھيٺ، ’شاھ جو راڳ‘ ٿيڻ لڳو. جيستائين تمر فقير ڳوٺ ڪما گهونيءَ ۾ ھو، تيستائين ھُن نہ رڳو شاھ جي راڳ جي اڳواڻي ڪئي، پر ڪيترن ئي فقيرن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏنائين ۽ ڪيتري وقت تائين شاھ جو راڳ ٿيندو رهيو. ھينئر اتي شاھ جي راڳ وارو سلسلو ختم ٿي چڪو آھي.
ميان علي راجناڻي قريشيءَ جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءَ درگاھ، ڳوٺ ’ناڙاپي‘ (ڪڇ) ۾ آھي، جتي ھر سال ميلو لڳندو آھي، ۽ ميلي جي موقعي تي شاھ جو راڳ پڻ ٿيندو آھي. مُلون فقير مٺاڻي جت ۽ يوسف فقير تالي جت درگاھ تي حاجي مکڻ مٺاڻيءَ جي اڳواڻيءَ ۾ راڳ ڪندا ھئا. 1947ع کان 1960ع واري دؤر ۾ حاجي گل محمد وزيراڻي جت، ميلي جي موقعي تي اچي شاھ جو راڳ ڳائيندو ھو.
ميين تماچي فقير نھڙيي جي درگاھ تي شاھ لطيف جو راڳ:
ھيءَ درگاھ، ڳوٺ اوريئڙي ۾ آھي، اوريئڙو، ڀُڄ جي شھر کان 22 ڪلوميٽر اُتر طرف، ھن وقت تعلقي نکٽاڻيءَ ۾ آھي. ھي شاھ لطيف جي پياري فقير ۽ خليفي درويش تماچي فقير جو ڳوٺ ھو. جڏهن تمر فقير ڀٽ شاھ ڇڏي، اوريئڙي ۾ آيو ھو، تہ اُتي تماچي فقير سان گڏجي ھن ڳوٺ ۾ شاھ جي راڳ جو بنياد وڌائين. تمر فقير جي اچڻ سان ئي اوريئڙي ۾ باقاعدگيءَ سان شاھ جو راڳ شروع ٿيو.
تمر فقير ٻارهن سال اوريئڙي ۾ رهي، شاھ جي راڳ جي سکيا ڏني ۽ پوءِ ڀٽ شاھ ھليو ويو. ھن سلسلي کي پوءِ، تماچي فقير جاري رکيو. ميين تماچي فقير جي وفات کان پوءِ سندس درگاھ، شاھ جي راڳ جو مرڪز رهيو. اتي پھرين لاکاڻي جت راڳ ڪندا ھئا ۽ پوءِ بچو فقير سيڙياٽ ۽ سندس ٻالڪن راڳ ڪيو. 1945ع کان 1960ع واري دور ۾، حسين جيئنداڻي ھت اچي راڳ ڪندو ھو.
شاھ لطيف جا ڪڇي راڳائي فقير
الله ڏنو متوو’حسيني‘:
حافظ الله ڏني، ديني توڙي، دنيوي تعليم، پنھنجي سڄاڻ پيءُ، خان محمد کان ورتي، جيڪو پاڻ بہ ھڪ وڏو عالم ھو. پاڻ ٿوري عرصي ۾، قرآن پاڪ ياد ڪري ورتائين ۽ جڏهن مٺي آواز سان قرآن پاڪ جي تلاوت ڪندو ھو تہ گهڻا ئي راھ ويندڙ سندس پرسوز آواز ٻُڌي، بيھندا ھئا. شاھ لطيف جو تہ اھڙو فدائي ھو، جو ڪلام پيو جهونگاريندو ھو. کيس راڳ جي بہ ڄاڻ ھئي. شاھ لطيف جو ڪلام جڏهن سڪ ۽ سوز سان ڳائيندو ھو، تہ ٻڌندڙن کي اھو نقشو ذھن تي تري ايندو ھو، جيڪو بيت ۽ وائيءَ ۾ چٽيل ھوندو ھو. پاڻ چاليھ ورهين جي عمر ۾ وفات ڪيائين.
حاجي غلام حيدر مَنداڻي جت:
حاجي غلام حيدر، ڪڇ ۾ ٻنيءَ جو ويٺل ھو. وٽس ’پاھوڙ ميڙ‘ راڳ گهڻو ھو، جنھن ڪري کيس پاھوڙي ڪري سڏيائون. شاھ لطيف جي راڳ جي باقاعدگيءَ سان سکيا ورتي ھئائين ۽ ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تي، جتن واريءَ رات يعني 5 شوال جي رات تي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو ۽ ڀٽ ڌڻيءَ تي پڻ، ڪريمي فقيرن جي جماعت سان گڏجي ڳائيندو ھو. طيب دل، پريو فقير سولنگي سندس ھمعصر ساٿي ھئا، جن سان گڏجي ڳائيندو ھو.
سيد قاسم شاھ (قاسم ٻائو):
ڪڇ جو ھي ڀلارو بزرگ، ڪانٺڙي جو رهاڪو ھو. ڪانٺڙي ۾ ئي زندگيءَ جا ڏينھن گهاري پورا ڪيائين. ڪنھن جي بہ پرواھ نہ ڪندو ھو، ورهاڱي کان پوءِ، وفات ڪري ويو. سيد قاسم شاھ کي شاھ لطيف جي ڪلام سان ڏاڍو عشق ھو. کيس پورو رسالو ياد ھو، شاھ لطيف جو ڪلام ڳائڻ ڪري ڏاڍو مشھور ھو.
عمر لوهار مٿلائي:
عمر لوهار، مٿل ڳوٺ جو رهاڪو ھو. موسيٰ ڪڙول جي ميلي تي اڪثر ويندو ھو. پاڻ شاھ لطيف جي بيتن سان گڏ پنھنجو شعر بہ پڙهندو ھو ۽ ٻہ تندي تنبوري تي ڳائيندو ھو. 65 ورهين جي عمر ۾، 1944ع ۾ گذاري ويو.
قاسم فقير شيدي:
قاسم فقير شيدي سٺو راڳائي ھو. پاڻ ملوڪ کوڙ سان گڏجي شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو. کيس شاھ جي راڳ جي ڪافي ڄاڻ ھئي، پر آواز ايترو سٺو ڪونہ ھئس، جيترو ملوڪکوڙ جو ھو. پر ڳائڻ جو سلسلو مرڻ گهڙي تائين جاري رکيائين.
مائي جيان / جيوان جت:
مائي جيان، شاھ لطيف جي راڳ جي راڳياڻي ھئي. ھن جو تعلق ڪڇ سان ھو. فقير امداد علي سرائيءَ پنھنجي ڪتاب ’قدم ڪاپڙين جا (رڻ ڪڇ، انڊيا جو سفرنامو)‘ ۾ مائي جيان بابت ھيٺين ريت روايت بيان ڪئي آھي:
مائي جيان لاءِ سندس مائٽن وٽ ھيءَ روايت مشھور آھي تہ سندس مڙس، نھال فقير ۽ مائي جيان کي ڪوبہ اولاد ڪونہ ھو. مائي جيان، ڳوٺ آسالڙي ڪڇ جي رهاڪو ھئي. پاڻ، شاھ لطيف جي راڳ جي سکيا غلام شاھ کان ورتائين. ھو ورهاڱي کان اڳ، شاھ لطيف جي زيارت ۽ شاھ ڪريم کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ايندا ويندا ھئا.
مائي جيان شاھ جو راڳ نھايت وڻندڙ ۽ دلڪش انداز ۾ ڳائيندي ھئي ۽ کيس تنبوري وڄائڻ ۾ بہ مھارت حاصل ھئي ۽ پنھنجي مڙس نھال کي بہ راڳ ۾ ساٿي بڻائي ڇڏيائين. ٻئي گڏجي شاھ جو ڪلام ڳائيندا ھئا ۽ تنبورو بہ وڄائيندا ھئا.
ڳالهہ ٿا ڪن تہ جڏهن مائي ’سُر مارئي‘ مان وائي ڳائيندي ھئي تہ سندس آلاپ تي گهر ۾ رکيل، ڪنجهي جا ٿانوَ ٻُرندا ھئا! اھا خبر جڏهن ڪڇ جي راجا تائين پھتي تہ مائي جي اھڙي اثرائتي راڳ تي پابندي وجهي ڇڏيائين. جيئن تہ مائيءَ جي روح جي خوراڪ راڳ ھو سو ڪٿي ٿي ڇڏيائين، سو راجا جي اڳيان پيش ٿي، پنھنجي الستي راڳ سان عشق جو بيان ڪيو. پوءِ آخر اھو فيصلو ٿيو تہ! مائي راڳ ڀلي ڳائي پر ’سُر مارئي‘ نہ ڳائي. پوءِ بہ مائي ڪڏهن ڪڏهن سُر مارئي ڳائيندي ھئي.
مائي جيان، نھال فقير ۽ مائي مٺان، جت قبيلي جا ھئا، ۽ سندن ڳوٺ، آسالڙي ڪڇ ۾ آھي، ۽ سندن قبرون بہ آسالڙي ڪڇ ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ آھن.
”مائي جيان، شاھ جي راڳ جي پھرين سکيا ورتل ڳائڻي ۽ تنبورو وڄائيندڙ عورت ھئي.“
(سرائي، 2003ع، ص: 168-171)
مٺو نھڙيو:
بولي نھڙئي جو فرزند مٺو نھڙيو، اصل پانيري، لڳ جاڙوا، جمارا ڪڇ جو رهندڙ ھو. ورهاڱي کان پوءِ، سنڌ ۾ آيو ۽ اچي بدين ۾ رهيو، پر پانيريءَ کي ڏاڍو ساريندو ھو. جڏهن ياد پوندي ھئس، تڏهن اکين مان لڙڪ وهي پوندا ھئس، 1967ع ڌاري، بدين ۾ وفات ڪري ويو. مٺو نھڙيو، شاھ لطيف جي راڳ جو فدائي ھو ۽ ميين ملوڪ کوڙ سان گڏجي، شاھ لطيف جو راڳ ڳائيندو ھو.
مکڻ فقير:
مکڻ فقير، ذات جو جت ھو ۽ ڪڇ ۾ سجيلا تلاءَ جي لڳ رهندو ھو. ورهاڱي کان اڳ وفات ڪري ويو. مکڻ فقير، گڏجي ڳائڻ واريءَ روايت کي زندہ رکيو ۽ ميين ملوڪ کوڙ سان گڏجي ڳائيندو ھو. ٻين شاعرن جي ڪلام سان گڏ، شاھ لطيف جو ڪلام بہ ڳايائين.
ڪنگوري ڳوٺ ۾ شاھ لطيف جو راڳ:
ھي ڳوٺ، تعلقي ڊگهڙيءَ ۾ آھي، جتي شاھ لطيف جو راڳ ٿيندو ھو. طيب فقير جي ٻالڪن مان جهنڊي فقير نوحاڻي ڪنگوريءَ ۾ شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو قائم ڪيو، ۽ ڀٽ شاھ تي ٿيندڙ راڳ واري انداز ۾ شاھ جو راڳ ڳايو ويو. وقت گذرڻ سان راڳ جي سلسلي ۾ ماٺار اچي وئي، ۽ ھن وقت شاھ لطيف جي راڳ جو سلسلو رڪجي ويو آھي.