آگم ڪيو اچن...

درگاھ اڌ قلندر تي شاھ لطيف جو راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ اڌ قلندر تي شاھ لطيف جو راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ اڌ قلندر تي شاھ لطيف جو راڳ ۽ راڳائي فقير

درگاھ تي شاھ جو راڳ

درگاھ قلندر شاھ المعروف درگاھ اڌ قلندر، ڳوٺ غلام محمد لغاري، يونين ڪائونسل ملدسي تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ واقع آھي. ان درگاھ تي گذريل 70 سالن کان شاھ جو راڳ ٿئي ٿو. روايتن موجب درگاھ اڌ قلندر تي راڳ جي شروعات سانوڻ فقير لغاري ۽ ميھار فقير لغاري ڪئي. انهن فقيرن درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳ جي سکيا ورتي. پاڻ قلندر شاھ جا مريد ھئا، شاھ لطيف سان عقيدت وچان درگاھ اڌ قلندر تي شاھ جي راڳ جي شروعات ڪيائون، جنھن بعد اتي آباد لغاري ۽ جلالاڻي فقيرن مان ڪيترائي راڳي تيار ڪيائون، جن راڳ جي سلسلي کي قائم رکيو. شروعات کان وٺي ھن درگاھ تي ھر جمعي رات جو راڳ ٿئي ٿو. جلالاڻي فقير ۽ جان محمد فقير پڻ ھن درگاھ تي گهڻو عرصو ڳايو. ھن وقت بہ ھر جمعي رات نائين وڳي کان ھڪ وڳي تائين راڳ ٿيندو آھي.

اڄڪلهہ راڳ واري جماعت ۾ ميھار فقير لغاري، ڳھڻو فقير لغاري، ارباب ڀٽي، علي ڏنو فقير لغاري ڳائيندا آھن، ۽ ڪڏهن ڪڏهن درگاھ ڀٽ شاھ جو راڳي فقير، شاھنواز فقير نظاماڻي پڻ ڳائيندو آھي.

(شاھنواز فقير بابت وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو عنوان: درگاھ ڀٽ شاھ تي راڳائي فقير، ص: 58)

سيد قلندر شاھ بابت موجودہ گادي نشين جي ڀاءُ سيدغلام حيدر شاھ ٻڌايو تہ، اصل اسان جا وڏڙا پنجاب جي علائقي ليا جا ويٺل ھئا، جتان سيد گل شاھ لڏي اچي ست سال سيوهڻ ۾ رهيو ۽ درگاھ لعل شھباز قلندر جون مٽيون ڀريائين. ستن سالن کان پوءِ اچي ھتي آباد ٿيا. سندس اولاد ۾ پٽ سيد جمال شاھ ھو، جنھن کي پٽ سيد قلندر شاھ ڄائو. سيد قلندر شاھ جي ڄمڻ ۽ وفات جي سال جي خبر ناھي، پر سندس ڀاءُ پرديسي شاھ، ميرن ۽ انگريزن جي وچ ۾ مياڻيءَ واري ھنڌ لڳل جنگ ۾ شھيد ٿيو ھو. انهيءَ موجب سيد قلندر شاھ، ميرن جي حڪمرانيءَ واري دؤر جي آخر ۽ انگريزن جي حڪمرانيءَ واري دؤر جي شروعات جو ھو.

سيد قلندر شاھ شادي ڪونہ ڪئي ھئي، سندس وفات بعد سؤٽ حاڪم شاھ جو اولاد گادي سنڀاليندو اچي. ھن وقت سيد غلام اڪبر شاھ ولد لکا ڏنو شاھ، درگاھ اڌ قلندر جو گادي نشين آھي.

درگاھ اڌ قلندر تي لطيفي راڳائي فقير

ارباب فقير ڀٽي (جنم 1994ع)

فقير ارباب علي ولد محمد الياس ڀٽي 1994ع ڌاري ڳوٺ غلام محمد لغاري، تعلقي شهدادپور ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير شاھنواز لغاري کان ورتائين، چوڏهن سالن جي عمر کان درگاھ اڌ قلندر تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

ارباب فقير گذريل ڏهن سالن کان درگاھ اڌ قلندر تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ ميھار فقير لغاري، ڳھڻو فقير لغاري ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ارباب فقير، درگاھ اڌ قلندر کان سواءِ درگاھ ڀٽ شاھ تي پڻ ڪڏهن ڪڏهن راڳ ڳائيندو آھي. سندس رهائش ڳوٺ غلام محمد لغاري، يونين ڪائونسل ملدسي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.

علي ڏنو فقير لغاري (جنم 1974ع)

فقير علي ڏنو ولد امام بخش لغاري 1974ع ڌاري ڳوٺ غلام محمد لغاري، تعلقي شهدادپور ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا ميھار فقير لغاري کان ورتائين. گذريل ستن سالن کان درگاھ اڌ قلندر تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. سندس وڏڙن مان مامو محرم فقير، لطيفي راڳ ڳائيندو ھو.

فقير علي ڏنو اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ ميھار فقير لغاري، ارباب فقير ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُر سامونڊي مھارت سان ڳائيندو آھي. فقير علي ڏنو، درگاھ اڌ قلندر کان سواءِ درگاھ ڀٽ شاھ تي بہ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو آھي. سندس رهائش ڳوٺ غلام محمد لغاري، يونين ڪائونسل ملدسي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.

غلام عباس عرف ڳھڻو فقير (جنم 1970ع)

ڳھڻو فقير ولد نياز حسين لغاري 1970ع ڌاري ڳوٺ گودڙ کوکر، تعلقي ھالا ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا فقير جان محمد نظاماڻيءَ کان ورتائين. ٽيويھن سالن جي عمر کان درگاھ اڌ قلندر تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.

ڳھڻو فقير گذريل پنجويھن سالن کان درگاھ اڌ قلندر تي ڳائي ٿو. سندس ساٿي راڳين ۾ حاجي سانوڻ فقير جلالاڻي، جان محمد فقير ۽ شيدو فقير نظاماڻي شامل رهيا آھن. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ ميھار فقير لغاري، ارباب ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر مارئي مھارت سان ڳائيندو آھي.

ڳھڻو فقير، درگاھ اڌ قلندر کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن درگاھ ڀٽ شاھ تي پڻ وڃي لطيفي راڳ ڳائيندو آھي. سندس رهائش ڳوٺ گودڙ کوکر، يونين ڪائونسل ڪرم خان لغاري، تعلقي ھالا، ضلعي مٽياريءَ ۾ آھي.

ميھار فقير لغاري (جنم 1953ع)

ميھار فقير ولد الله ڏنو لغاري 1953ع ڌاري ڳوٺ غلام محمد لغاري، تعلقي شهدادپور ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا مينگل فقير لغاريءَ کان ورتائين. اڻويھن سالن جي عمر کان درگاھ اڌ قلندر تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان چاچو خان محمد لغاري، درگاھ اڌ قلندر تي لطيفي راڳ ڳائيندو ھو.

ميھار فقير، ڇائيتاليھ سالن کان درگاھ اڌ قلندر تي راڳ ڳائي ٿو. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ ڳھڻو فقير، ارباب ڀٽي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ميھار فقير نہ صرف پاڻ راڳ ڳائي ٿو، پر ٻالڪن کي راڳ جي سکيا پڻ ڏيندو آھي. سندس ٻالڪن مان علي ڏنو فقير لغاري گذريل ستن سالن کان درگاھ اڌ قلندر تي ساڻس گڏ ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ ميھار فقير سُر کنڀات مھارت سان ڳائيندو آھي.

ميھار فقير، درگاھ اڌ قلندر کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن درگاھ ڀٽ شاھ تي پڻ وڃي ڳائيندو آھي. سندس رهائش ڳوٺ غلام محمد لغاري، يونين ڪائونسل ملدسي، تعلقي شھدادپور، ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.