واگهين جي ڀٽ تي شاھ لطيف جو راڳ:
واگهين جي ڀٽ بابت روايت آھي تہ شاھ لطيف ھن ماڳ تي چاليھ ڏينھن رهيو ھو. جنھن جڳھ تي شاھ لطيف رهيو ھو، ان جڳھ کي محفوظ ڪري ’لطيف جو اوتارو‘ سڏيو وڃي ٿو، جنھن جي لڳ ھڪ مسجد آھي، ۽ اتان جي رهاڪن ٻڌايو تہ، ھتي ھڪڙو پراڻو کوھ پڻ ھو، جيڪو ھينئر لَٽجي ويو آھي.
(وڌيڪ احوال لاءِ ڏسو عنوان: شاھ جي ڪلام ۾ آيل ماڳ مڪان، ص: 69)
واگهين جي ڀٽ (ضلعي سانگهڙ) تي، لطيفي راڳ جي شروعات بابت، راڳ جي اڳواڻ، مڱيي فقير خاصخيلي ۽ سنڀاليندڙ سيد مٺو شاھ ٻڌايو تہ، ھتي لطيفي راڳ جي شروعات بابت وڏڙن کان ٻڌو آھي تہ 150 سال اڳ کان ھتي راڳ جي شروعات ٿي، جيڪا اڄ تائين ھلندڙ آھي.
اڄڪلهہ واگهين جي ڀٽ تي، ھر جمعي جي رات، نائين وڳي کان ھڪ وڳي تائين راڳ ٿئي ٿو، جنھن جي اڳواڻي، مڱيو فقير خاصخيلي ڪندو آھي، ۽ سندس ساٿي راڳين ۾، محمد فقير ڪنڀر، علي محمد جوڻيجو، رمضان فقير خاصخيلي، قربان شاھ ۽ غلام حسين ڏيپر شامل آھن.
واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳائي فقير
ارباب فقير خاصخيلي (جنم: 1973ع):
ارباب فقير ولد امير بخش خاصخيلي 1973ع ڌاري ڳوٺ لنڊو دڙو، ٽنڊو مٺا خان، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا گُندرو فقير خاصخيليءَ کان ورتائين ۽ ارڙهن سالن جي عمر ۾ واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان ڏاڏو سنياسي فقير خاصخيلي ۽ مامو گوندرو فقير خاصخيلي واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳ ڳائيندا ھئا. اڄڪلهہ سندس مامو مڱيو فقير خاصخيلي راڳ جو اڳواڻ آھي.
ارباب فقير گذريل ستاويھن سالن کان واگهين جي ڀٽ تي راڳ ڳائي ٿو. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ مڱيو فقير، محمد فقير ڪنڀار ۽ ٻين سان گڏجي راڳ ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ پاڻ سُر سهڻي مھارت سان ڳائيندو آھي. ارباب فقير، واگهين جي ڀٽ کان سواءِ درگاھ ڀٽ شاھ تي ميلي جي ٻي رات (15 صفر) تي، ۽ درگاھ شاھ ڪريم تي ڪڏهن ڪڏهن سائي سومار تي پڻ ڳائيندو آھي. سندس رهائش خاصخيلي پاڙي، ٽنڊو مٺا خان، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.
قربان فقير(جنم: 1978ع):
سيد قربان علي شاھ ولد سيد احمد شاھ 1978ع ڌاري ڳوٺ سيد قاسم شاھ، ڀٽ واگهيون ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا مڱيو فقير خاصخيليءَ کان ورتائين ۽ 2010ع کان واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان امين محمد شاھ، لطيفي راڳائي ٿي گذريو آھي. قربان فقير گذريل اٺن سالن کان واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو.
اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ مڱيو فقير خاصخيلي، ارباب فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُر حسيني مھارت سان ڳائيندو آھي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ قاسم شاھ، ڀٽ واگهيون، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.
محمد فقير ڪنڀار(جنم: 1954ع):
محمد فقير ولد عبدالرزاق ڪنڀار 1954ع ڌاري ميهڙ ڀٽ، لڳ ٽنڊو مٺا خان، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا گُندرو فقير خاصخيلي کان ورتائين ۽ 28 سالن جي عمر کان راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين.
محمد فقير گذريل 36 سالن کان واگهين جي ڀٽ تي لطيفي راڳ ڳائي ٿو. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ مڱيو فقير خاصخيلي، ارباب فقير خاصخيلي ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي. ٻين سُرن جي ڀيٽ ۾ سُر سامونڊي مھارت سان ڳائيندو آھي.
واگهين جي ڀٽ کان سواءِ درگاھ شاھ ڪريم تي پڻ ڪڏهن ڪڏهن ڳائيندو آھي. سندس مستقل رهائش ڳوٺ قاضي شمس الدين راڄڙ، تعلقي کپري ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ آھي.
مڱيندو فقير عرف مڱيو فقير (جنم: 1956ع):
مڱيو فقير ولد ولي محمد خاصخيلي 1956ع ڌاري ڳوٺ لُنڊو دڙو، ٽنڊي مٺا خان، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ ڄائو. راڳ جي سکيا پنھنجي سؤٽ گُندري فقير خاصخيلي کان ورتائين ۽ 20 سالن جي عمر ۾ واگهين جي ڀٽ تي راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪيائين. سندس وڏڙن مان سؤٽ گوندرو فقير خاصخيلي ۽ مامو سنياسي فقير خاصخيلي، واگهين جي ڀٽ تي راڳ ڳائيندا ھئا.
مڱيو فقير گذريل 42 سالن کان واگهين جي ڀٽ تي راڳ ڳائي ٿو، سندس ساٿي راڳين ۾ حاجي خدا بخش گوندرو، پوڙهو کٽي، غلام حسين ڏيپر، يوسف مري ۽ علي ڏيپر رهيا آھن. اڄڪلهہ جمعي رات تي ٿيندڙ راڳ واري جماعت ۾ ارباب فقير خاصخيلي، محمد فقير ڪنڀار ۽ ٻين سان گڏجي ڳائيندو آھي.
پاڻ ٻہ سال اڳ اکين جو نور وڃائي ويٺو آھي، پر تنھن ھوندي بہ ھر جمعي رات واگهين جي ڀٽ تي راڳ ڳائڻ ايندو آھي. مڱيو فقير، واگهين جي ڀٽ کان سواءِ ڪڏهن ڪڏهن درگاھ ڀٽ شاھ، درگاھ شاھ ڪريم ۽ درگاھ اڌ قلندر تي پڻ راڳ ڳائيندو آھي. سندس رهائش ٽنڊي مٺا خان جي خاصخيلي پاڙي ۾ آھي.