استاد ارباب خان کوسو (1922ع - 1993ع):
استاد ارباب خان کوسو، صوبي بلوچستان جي ضلعي جعفرآباد جي ڳوٺ ’ڊگهيءَ‘ ۾، اپريل 1922ع ۾ ڄائو. سندس تعلق ھڪ زميندار گهراڻي سان ھو. پاڻ پنھنجيءَ سوچ، عمل ۽ مزاج ۾ صوفي منش ھو. ڳوٺ ڊگهيءَ ۾ مير اختيار خان کوسي ۽ مير گل خان کوسي جي موسيقيءَ سان ڏاڍي رغبت ھئي ۽ ھو شوقيه ڳائيندا بہ ھئا. وٽن استاد ارباب خان جو اچڻ وڃڻ جو سلسلو ھو. اھڙيءَ طرح ساز ۽ آواز جي جادؤَ کيس ٻارهن سالن جي عمر ۾ پنھنجي وڪڙ ۾ آڻي ڇڏيو. راڳ جي ابتدائي سکيا پڻ مير اختيار خان ۽ مير گل خان کان حاصل ڪيائين. سکيا جو اِھو سلسلو ٽي سال ھليو. اُن وقت شڪارپور ھوليءَ جي ھانڊن (راڳ جي محفل) ڪري مشھور ۽ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا جو مرڪز پڻ ھو.
استاد ارباب خان، 1937ع ۾، شڪارپور ويو ۽ گواليار گهراڻي جي نامياري گويي، استاد مبارڪ علي خان جي لائق شاگرد، استاد ھادي بخش ميمڻ کان، ويھن سالن تائين ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. استاد ارباب، ’ٺمري، خيال، ترانو، دادرو، ٽپو، چترنگ، قوالي، ڪافي، گيت ۽ غزل‘ وڏي ھنر سان ڳائيندو ھو. ورهاڱي کان اڳ، شڪارپور ۾ ھر سال آل انڊيا ھوليءَ ھانڊا ڪانفرنس ٿيندي ھئي، جنھن ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا گويا اچي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا ھئا. 1940ع واري پروگرام ۾، استاد ارباب خان کي اُن ھانڊي ۾ ڳائڻ جي دعوت ملي. ان وقت استاد جي عمر ارڙهن سال ھئي ۽ اُن ھانڊي ۾، ننڍي کنڊ جا مهان گائڪ، استاد مبارڪ علي خان، استاد مراد علي خان، پٽورڌن اوم ڪارناٿ، وامن راءِ، نارائڻ داس، استاد عاشق علي خان ۽ ھادي بخش ميمڻ کي بہ ڳائڻ جي دعوت ملي ھئي. انهيءَ ھانڊي ۾، استاد ارباب خان پنھنجي آواز جو اھڙو تہ جادو ڏيکاريو، جو کيس ساڳيءَ محفل ۾ ھڪ ڀيرو ٻيهر ڳائڻ لاءِ گهرايو ويو. اھڙو اعزاز اڳ ڪنھن وڏي گويي کي بہ ڏکيو ملندو ھو. محفل جي پڄاڻيءَ وقت، استاد مبارڪ علي خان ۽ پنڊت اوم ڪارناٿ ٺاڪر کيس ’خانصاب‘ جو لقب ڏنو.
سندس شوق ۽ فن سان لڳاءُ ڏسندي سردار نور محمد ’گولي‘ کيس جيڪب آباد ۾ رهڻ لاءِ جاءِ ڏني، جنھن کي پوءِ استاد ارباب خان پنھنجي نالي سان راڳ جو ھڪ ادارو بڻايو، جيڪو اڄ بہ، ’ارباب خان کوسا اڪيڊمي‘ جي نالي سان سڏجي ٿو. استاد ارباب خان کوسو، پنھنجي دور جو وڏو گويو ٿي گذريو آھي، جنھن وامن راءِ، نارائڻ داس، پٽورڌن، پنڊت اوم ڪارناٿ، استاد مبارڪ علي خان، استاد بيبي خان، الله ڏني نوناري، استاد عاشق حسين ۽ استاد منظور علي خان کان علاوہ ننڍي کنڊ جي ٻين ڪيترن ئي ناميارن گوّين سان گڏ فن جو مظاھرو ڪيو.
ورهاڱي کان اڳ قائداعظم محمد علي جناح جيڪب آباد جو دورو ڪندي، مير دولت خان جي دعوت ۾ شريڪ ٿيو. موسيقيءَ جي محفل جو پڻ انتظام ٿيل ھو. ھن محفل ۾ قائداعظم، استاد ارباب جي گائڪيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ ڪوئٽا جي سالياني ڪانفرنس جي موقعي تي قائداعظم کيس انعام ۽ اعزاز سان نوازيو. ان کان علاوہ صدر، خواجا ناظم الدين، صدر اسڪندر مرزا ۽ وزيراعظم پاڪستان، شھيد لياقت علي خان کيس مختلف پروگرامن ۾ انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ڏنا ھئا. (روزنامہ مشرق 26 نومبر 1995ع)
استاد ارباب خان، ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي گائڪيءَ وارين صنفن کان سواءِ، صوفي شاعرن جون وايون ۽ ڪافيون بہ ڳايون ھيون، جنھن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ذڪر جوڳو آھي. ھُن شاھ لطيف جو ڪلام انهيءَ ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳايو، جنھن جو بنياد استاد عاشق علي خان وڌو ھو. وري جنھن انداز سان استاد منظور علي خان شاھ جي ڪلام ۾ سُرن جا رنگ ڀريا، ۽ اُن گواليار گهراڻي واري انگ ۾ بہ ڳائيندو ھو، ڇاڪاڻ تہ پاڻ گواليار گهراڻي جي شاگردن مان ھو.
استاد ارباب خان نہ رڳو وڏن گوين ۽ راڳين جو ڪمپوز ٿيل شاھ جو ڪلام ڳايو، پر پنھنجي تخليقي صلاحيتن جا جوهر پڻ ڏيکاريا ۽ پاڻ ’سُر سسئي‘ ۽ ’سُر مارئي‘ جون وايون راڳ ڀيرويءَ ۾ ڪمپوز ڪري ڳائيندو ھو، جيڪي اڄ بہ سندس شاگرد مختلف محفلن ۽ درگاھن تي ڳائيندا آھن.
استاد ارباب خان، سنڌ جي اٽڪل سڀني درگاھن تي شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو، ان کان علاوہ بلوچستان جي ضلعي صحبت پور ۾، درگاھ حضرت مولوي قادر بخش گولو، راڳ جو انتظام سندس نگرانيءَ ھيٺ ھوندو ھو، ۽ پاڻ سنڌ جي ناميارن گوين، راڳين ۽ پنھنجن شاگردن کان، درگاھ تي پڻ شاھ لطيف جو ڪلام ڳارائيندو ھو. ايئن چئجي تہ استاد ارباب ئي ھو، جنھن درگاھ مولوي قادر بخش تي، شاھ لطيف جي ڪلام ڳائڻ جو بنياد وڌو. پاڻ سنڌ کان علاوہ، بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ نوابن، سردارن ۽ اميرن جي محفلن توڙي عوامي محفلن ۾، بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو ھو. بلوچستان جا ماڻهو اڄ بہ سندس ڳايل ’راڻي‘ ۽ ’سُر ڪوهياري‘ کي ياد ڪندا آھن. جڏهن بہ ڪو شاگرد، انهن علائقن ۾ وڃي محفل ڪندو آھي تہ اڄ بہ اُھي جهونا کين زور ڀريندا آھن تہ شاھ لطيف جو اُھو ڪلام ٻڌايو، جيڪو استاد ارباب خان ڳائيندو ھو.
استاد ارباب خان، محفل جي مزاج موجب شاھ لطيف جو ڪلام ڳائيندو ھو. جي راڳ جا ڄاڻو، محفل ۾ ويٺل آھن تہ پوءِ پيو سُرن سان کيڏندو ھو ۽ ڪلام کي ڪلاسيڪي رنگ سان رڱي ڇڏيندو ھو. اھڙيون تہ مرڪون، مينڍون ۽ پلٽا ھڻندو ھو، جو راڳ جي ڄاڻؤَ جي واتئون، واھ واھ جا لفظ نڪري ويندا ھئا. توڙي جو پاڻ ڪلاسيڪي گويو ھو، پر تنھن ھوندي بہ شاھ لطيف جو ڪلام وڏي رس سان ڳائيندو ھو. شاھ لطيف جو ڳايل سندس ڪلام، اڄ بہ آڊيو ڪئسيٽن جي صورت ۾ موجود آھي، جيڪو ھڪ املھ سرمائي جي حيثيت رکي ٿو.
بلوچستان ۾، اڄ بہ شاھ لطيف جو جيڪو ڪلام ڳايو ۽ وڄايو وڃي ٿو، اُن کي اوج تي رسائڻ ۾ استاد ارباب خان جو اھم ڪردار رهيو آھي. استاد، زندگيءَ جا پنجاھ سال جيڪب آباد ۾، پنھنجي قائم ڪيل اداري ۾ سکيا ڏيندي گذاريا ۽ ايڪھتر ورهين جي ڄمار ۾، 22 آڪٽوبر، 1993ع ۾ وفات ڪيائين. کيس درگاھ مولوي قادر بخش جي قبرستان ۾ دفنايو ويو، جتي ھر سال 22 آڪٽوبر تي کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ورسي ملهائي ويندي آھي، جنھن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جا سندس شاگرد ۽ ٻيا ڪيترائي گويا ۽ راڳي اچي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪندا آھن.سنڌ ۽ بلوچستان ۾ استاد ارباب خان جا ڪيترائي شاگرد آھن، جن مان ڪي ھي آھن: گلاب راءِ، بشير بلوچ، رحيم بخش ناز، ’بيدل‘ مسرور ۽ حنيف لاشاري.
استاد اميد علي خان (وفات: 1979ع):
سنڌ ۾ گواليار گهراڻي جي گائڪيءَ جو ناميارو گويو، استاد اميد علي خان، حيدرآباد ۾ ڄائو ھو. راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ، استاد پياري خان ۽ ڏاڏي استاد بني خان کان ورتائين. ننڍي وهيءَ ۾ کيس سُر راڳ جي سُٺي پروڙ ھئي. ھن، سنڌي راڳ کي بہ پنھنجي خاص انداز سان ڄمائي ڳايو. اُن وقت سنڌ ۾، خانصاحب عاشق علي خان جي ھاڪ ھئي. اھڙيءَ طرح پاڻ پوءِ وڃي استاد عاشق علي خان جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ سکيا ورتائين. استاد اميد علي خان، گواليار گهراڻي جو واحد راڳي ھو، جنھن جي گائڪيءَ ۾ پٽيالا گهراڻي ۽ گواليار گهراڻي جو گڏيل انگ ملي ٿو. ھن، ٻنهي گهراڻن جي انگ کي ملائي نہ رڳو ڪلاسيڪي موسيقيءَ ۾ پاڻ مڃايو، پر سنڌي ڪافي ۽ وائي ڳائي پاڻ ملھايو . سندس ڳايل سنڌي ڪلام، اڄ بہ ساڳئي ھڳاءُ سان ٻڌندڙن جي دلين ۾ تازگيءَ جو احساس ڏياري ٿو.
استاد اميد علي خان جو ننڍي کنڊ جي مشھور ۽ چوٽيءَ جي گوين ۾ شمار ٿيندو ھو. جنھن بہ محفل ۾ ويندو ھو تہ سندس احترام ۾ سڀ گويا اٿي بيھندا ھئا. پاڻ لئي، راڳ يا سُر جي لڳاءُ واري معاملي ۾ ڏاڍو پختو ھوندو ھو. استاد عاشق علي خان جھڙو برک راڳي بہ کيس جس ڏيڻ کان سواءِ، رهي نہ سگهيو.
استاد اميد علي، عاشق علي خان جي گائڪيءَ واري انگ کان ڏاڍو متاثر ھو، ان ڪري پاڻ بہ ساڳئي انگ ۾ ڳائيندو ھو. خاص ڪري ڏکئي راڳ کي سولو ڪري ڳائڻ ۾ مھارت ھئس. پاڻ ڌرپد، دادري، خيال ۽ ٺمريءَ کان سواءِ، سنڌ جي صوفي شاعرن جي ڪلام کي پڻ شوق سان ڳائيندو ھو، جنھن ۾ شاھ لطيف جو ڪلام ذڪر جوڳو آھي.
استاد اميد علي خان توڙي جو شاھ لطيف جو ڪلام تمام ٿورو ڳايو آھي، پر تنھن ھوندي بہ سندس ڳايل ڪلام، ٻين گوين کان منفرد آھي، ان ڪري جو ھن شاھ لطيف جي وائيءَ کي سنڌ جي روايتي ۽ ڪلاسيڪي انداز کي ملائي ڳايو، جنھن ۾ مختصر تانون، پلٽا ۽ سرگم پڻ آھن. سندس وڏي خوبي اِھا ھوندي ھئي تہ وائيءَ کي لئي ۾ ڄمائي ڳائيندو ھو. سندس ڳايل شاھ لطيف جي ڪلام جو گهڻو رڪارڊ تہ نٿو ملي، پر سندس ڳايل مشھور وايون اڄ بہ ڪي راڳي ڳائين ٿا، جي ھن ريت آھن:
منھنجا ڪيچي قول ڪري ويا،
سک جا سانگيئڙا موٽي شال ملن.
سنڌ ۾، شاھ لطيف جي ڪلام کي ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائڻ جو بنياد استاد عاشق علي خان وڌو تہ وري اُن بنياد کي پختو استاد اُميد علي خان ڪيو. ان ڪري موسيقيءَ ۾ ماحول جي نسبت سان، نوان نوان رنگ ڀري ھن ميدان ۾ منفرد ۽ ممتاز مقام حاصل ڪيو. ھن نہ رڳو ملڪ ۾، پر ملڪ کان ٻاھر بہ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري ماڻهن کان خوب داد حاصل ڪيو.
1972ع ۾ ھڪ اھڙو وقت بہ آيو، جو ھن عظيم راڳيءَ کان سُر رُسي ويا ۽ ٻُڌڻ جي سگھ وڃائي ويٺو، بس پوءِ گمناميءَ جي زندگي گذارڻ لڳو. سنڌي موسيقيءَ کي ڪلاسيڪي رنگ ۾ رڱيندڙ ھن عظيم گويي، 10 جنوري، 1979ع ڌاري، دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيو، پر سندس نالو اڄ بہ سنگيت جي سنسار ۾ زندھ آھي.
استاد بڙي غلام علي خان (1902ع - 1968ع):
سنگيت جي دنيا ۾، ’پدم ڀوشن‘ ۽ ’سُر جو پُتلو‘ جھڙا اعزاز ماڻيندڙ، ننڍي کنڊ جو عظيم ڪلاڪار، استاد بڙي غلام علي خان، 1902ع ۾ پنجاب جي شھر قصور ۾ پيدا ٿيو. سندس والد استاد علي بخش خان پڻ ويهين صديءَ جو ناميارو گويو ٿي گذريو آھي. راڳ جي سکيا پنھنجي پيءَ ۽ پٽيالا گهراڻي جي استاد، عاشق علي کان ورتائين. پاڻ ھڪ سٺو شاعر ھو ۽ سارنگي بہ وڄائيندو ھو. ٺمري ڳائڻ ۾ يگانو ليکيو ويندو ھو. گائڪيءَ ۾ خيال جي صنف کي اوج تي ڏسي خيال ڳايائين ۽ خيال جي گائڪيءَ ۾، ساز ’سر منڊل‘ جو استعمال ڪري، ھڪ نئين روايت قائم ڪيائين. لئي ۽ تال ۾ بہ ڏاڍو پختو ھو. سنڌ وارن، استاد بڙي غلام علي خان جي فن جو ڏاڍو قدر ڪيو. شڪارپور ۾، ھوليءَ جي ھانڊن کان علاوہ ڪراچي، حيدرآباد، مٽياري ۽ سنڌ جي ٻين شھرن ۽ بستين ۾ ٿيندڙ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي محفلن ۾ بہ شريڪ ٿيندو ھو.
استاد بڙي غلام علي خان جي، سنڌ ۾ گواليار گهراڻي سان ڏاڍي ويجھڙائي رهي. استاد مبارڪ علي خان ۽ استاد اُميدعلي خان کيس ڏاڍو ڀائيندا ھئا. پاڻ سنڌي موسيقيءَ ۾ سنڌي راڳ ۽ سنڌي ڪافيءَ کان ڏاڍو متاثر ٿيو، ان ڪري ڪلاسيڪي انداز ۾، سنڌي ڪافيون ڳايائين، جن ۾ ’دلڙي لُٽي تنھن يار سڄڻ‘، ’دم دم ياد پون ٿيون مارن جون مٺيون ڳالهيون‘ ۽ ’ڪھڙي سبب ڏاڍا ڏينھڙا لڳا‘ قابل ذڪر آھن.
استاد بڙي غلام علي خان، شاعرن جي سرتاج شاھ لطيف جي ڪلام کي بہ پنھنجي منفرد ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳايو، جيڪو ٻڌندڙن کي ڏاڍو پسند آيو. سندس ڳايل ڪلام ۾، شاھ لطيف جون ٻہ وايون ملن ٿيون، جيڪي اڳ ۾ استاد اُميد علي خان ڳايون ۽ پوءِ ساڳين واين کي استاد بڙي غلام علي خان، پنھنجي ھڪ خاص انگ ۾ پيش ڪيو، جيڪي ھن ريت آھن:
ڪيچي قول ڪري ويا،
سُک جا سانگيئڙا موٽي شال اچن.
استاد بڙي غلام علي خان، گهڻو وقت سنڌ ۾ رهيو، پر ورهاڱي کان پوءِ، 1955ع ۾ ھندوستان لڏي ويو. سيکارڻ جو بہ سخي ھو ۽ ڪيترائي ناميارا شاگرد پيدا ڪيائين، جن ۾ لتا منگيشڪر ۽ ملڪہ ترنم نورجھان جا نالا ذڪر جوڳا آھن. ويهين صديءَ جو ھي ناميارو گويو، 1968ع ۾ حيدرآباد دکن ۾ گذاري ويو ۽ ھندستان ۾ ئي دفن ٿيل آھي.
استاد جمالو خان (وفات: 1954ع):
استاد جمالو خان، پنھنجي دؤر جو نھايت ئي مقبول ڳائڻو ٿي گذريو آھي. سندس تعلق گواليار جي ڌرپد گهراڻي سان ھو. پيءُ جو نالو ڪريم بخش خان ھوس. راڳ جي سکيا پنھنجي والد ۽ چاچي گامڻ خان کان ورتائين ۽ گهڻو وقت گامڻ خان سان، ھند ۽ سنڌ جي محفلن ۾ گڏجي ڳائيندو ھو. استاد جمالي خان بہ پنھنجي ڪٽنب جي روايت موجب، گوالياري گائڪيءَ جي انداز ۾ ڌرپد ڳائڻ ۾ وڏي مھارت حاصل ڪئي. پنھنجي وقت ۾ ھو، ڌرپد ڳائڻ ۾ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاھر جي ڳائڻن ۾ برک ھو. لئي جو ايڏو تہ پختو ھو، جو ڪوبہ طبلي نواز ساڻس پڄي نہ سگهيو. ڌرپد ۽ ڌمار ڳائڻ ۾ پڻ جمالو خان وڏو قابل ھو. ميگھ، درٻاري، پوريا، پرج، سهڻي، رامڪلي، ديس ڪار، لَلَتِ ۽ جونپوري ڳائڻ جو ذوق ھوندو ھئس.
استاد جمالي خان، شڪارپور جي ھانڊن ۾ نالو ڪمايو. ان کان علاوہ کيس، ديسي سنڌي راڳ سان بہ دلچسپي ھئي. پاڻ ڪلاسيڪي گائڪيءَ کان علاوہ سنڌ جي مڪاني گائڪيءَ تي پڻ گهڻو ڌيان ڏنائين. نہ رڳو ان انداز کي پنھنجو ڪيائين، پر سنڌ جي نج راڳن ۽ راڳڻين کي پڻ صحيح انداز ۾ آلاپيندو ھو. اھو ورثو پوءِ، سندس سَپُٽَ، استاد منظور علي خان کي منتقل ٿيو. استاد جمالو خان سنڌي ڪلام گهڻو ڳائيندو ھو. سندس لاڙو عوامي محفلن ڏانھن بہ رهيو ھو. پاڻ ٻين شاعرن کان سواءِ، شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام پڻ ڳائيندو ھو، جنھن ۾ خوبصورتي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪلاسيڪي انگ جا رنگ ڀريندو ھو.
استاد جمالو خان، پھرين شڪارپور ۾ رهيو ۽ پوءِ لڏي اچي، ٽنڊي آدم ۾ رهيو، جتي 1954ع ڌاري گذاري ويو. کيس ٽنڊي يوسف، حيدرآباد سنڌ جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.
استاد عاشق علي خان (وفات: 1948ع):
موسيقيءَ جو ھي بادشاھ گوّيو دھليءَ جي ’تانرس خان‘ واري انداز جي گائڪيءَ جو ماھر ھو. سندس جنم ڀومي رياست پٽيالا ھو، پر سنڌ ۾ موسيقارن ۽ گوين جي واکاڻ ٻڌي، ھتي لڏي آيو، ۽ جڏهن پاڻ سنڌين جي ڪشادہ دلي، مهمان نوازي ۽ سخاوت جو مشاھدو ڪيائين تہ پوءِ ھميشہ لاءِ ھتان جو ٿي ويو. ڪجهہ وقت، ھز ھائينس مير علي نواز خان ٽالپر وٽ، خيرپور ۾ بہ رهيو ۽ ڪجهہ وقت مٽيارين جي سيد محمد زمان شاھ وٽ بہ رهيو ۽ کيس راڳ جي سکيا بہ ڏنائين.
استاد عاشق علي خان، آزاد طبيعت جو قلندر صفت شخص ھو. درگاھ قلندر شھباز سان روحاني عقيدت وارو رشتو جڙي ويس، ان ڪري پاڻ ھميشہ لاءِ سيوهڻ ۾ ئي رهڻ جو فيصلو ڪيائين. گهڻو ڪري فل سوُٽ ۽ فلئٽ ھيٽ ۾ ملبوس رهندو ھو. ڪپڙي لٽي، کائڻ پيئڻ جو ڏاڍو شوقين ھو، پر ڪڏهن اھڙو خيال بہ اچي ويندو ھئس، جو گودڙي پائي گهمندو ھو. استاد عاشق علي، مشھور طبلي نواز، محبوب علي خان جو پوٽو ۽ نامياري گويي، ڪرنل فتح علي خان جو پُٽ ۽ استاد امير خان جو ڀاڻيجو ھو. موسيقيءَ ۾، سندس تربيت، استاد امير خان ڪئي، خيال جي گائڪيءَ ۾، سندس مرتبو نھايت اوچو ھو ۽ ننڍي خيال جو بنياد بہ استاد عاشق علي خان وڌو. راڳ پيش ڪرڻ وقت سندس انداز اھڙو تہ ھو، جو پاڻ ڪنھن وقت بہ موسيقيءَ جي محفلن ۾، عام ڳائڻن جيان رواجي طور ڳلو ٺاھي، آواز ڪڍڻ بدران، راڳ شروع ڪرڻ کان اڳ، پنھنجي قدرتي انداز ۾ سيني مان ڀرپور آواز ڪڍي، خرج ۾ ’آ‘ ڪندو ھو تہ عجيب سماءُ پيدا ٿي ويندو ھو ۽ پوري آواز سان ڳائيندو ھو.
استاد عاشق علي خان، ڳائڻ وقت، سُر ۽ تال ۾ ايترو تہ گُم ٿي ويندو ھو، جو کيس پنھنجي وجود جي ھئڻ جو بہ احساس ئي نہ ھوندو ھو. ھڪ ڀيري دھليءَ ۾ راڳ جو ميلو ھو، ميلي ۾ اُن وقت جو نامور استاد، خليفو نٿو خان، استاد عاشق علي خان سان طبلي تي سنگت ڪري رهيو ھو تہ نٿو خان طبلي تي تال جهمري جو ٺَيڪو لڳايو تہ، جيئن عاشق علي خان مُنجهي پوي. جڏهن پڇاڙيءَ جو، سم جي ويجهو اچي، عاشق علي تيئيو ھنيو تہ استاد نٿو خان جي واتئون ھڪدم ھي لفظ نڪتا تہ، ’بيشڪ تون فتح عليءَ جو پُٽ آھين.‘
ھڪ ڀيري، لاھور شھر ۾، موسيقيءَ جو منڊل ٿيو، جتي ننڍي کنڊ جو عظيم راڳي، استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان سان مقابلي لاءِ ميدان ۾ لٿو. مقابلو شروع ٿيڻ کان اڳ، ڪِن ماڻهن وڃي بڙي غلام علي خان جي والد، استاد علي بخش خان کي مقابلي جو ٻُڌايو. اِھو ٻڌي استاد علي بخش خان، پيرين اگهاڙو تڪڙيون وکون کڻندو وڃي موسيقيءَ جي منڊل ۾ پھتو ۽ پنھنجي پُٽ کي روڪيندي چوڻ لڳو تہ تون، عاشق علي خان سان مقابلو نہ ڪندين، ڇو تہ تون، اڄ ھڪ اھڙي عظيم ڪلاڪار سان ڪلھو ٿو ھڻين، جنھن جي آڏو تون ڪجهہ بہ ناھين. ياد رک تہ ھن مقابلي کان پوءِ تون تہ ڇا، پر اسان جي سموري خاندان مان، راڳ جو نشان ئي مٽجي ويندو.
پيءُ جي نصيحت ٻُڌي، استاد بڙي غلام علي، خانصاحب عاشق علي خان جي آڏو، ادب وچان ھٿ ٻڌي بيٺو. سندس ڪلا آڏو، ڪنڌ جهڪائي، شاگردي قبول ڪيائين. ان کان سواءِ، ننڍي کنڊ جا جيڪي بہ وڏا گويا ھئا، اُھي استاد عاشق علي خان سان گڏ ڳائيندي فخر محسوس ڪندا ھئا ۽ سندس عزت بہ ڪندا ھئا.
استاد عاشق علي خان، سنڌ ۾ ڏاڍو مقبول ٿيو ۽ سنڌ جي اميرن توڙي عوام کيس ڏاڍو پسند ڪيو. سندس خاص ڪارنامو ھي آھي تہ ھن، وائي توڙي ڪافيءَ کي سولي نموني، ڪلاسيڪي اندز ۾ پيش ڪيو، جنھن کي ھتي جي عوام ۾ مقبوليت جو درجو مليو. پاڻ پھريون گويو ھو، جنھن شاھ لطيف جي ڪلام کي ڪلاسيڪي انداز ۾ ڳايو. استاد عاشق علي خان کان اڳ، جنھن بہ شاھ لطيف جو ڪلام ڳايو ھو، اُن ۾ مُرڪن ۽ مينڍن وارو رنگ تہ ھو، پر گائڪيءَ جو انداز بہ سڌو سنئون ھو، جيڪو صدين کان وٺي سنڌ ۾ رائج ھو.
استاد عاشق علي خان، شاھ لطيف جي ڪلام کي ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائي، سنڌي موسيقيءَ ۾ ڪلاسيڪي انداز جي روايت جو نہ رڳو بنياد وڌو، پر اُن جي پيڙھ کي بہ پختو ڪيو. سندس راڳ ’سيندڙي‘ ۾ شاھ لطيف جي ڪمپوز ڪيل وائي، ’اديون ڀينر اڄ وويار! جادو لائي ويا جيءَ ۾‘ ھڪ شاھڪار مثال آھي. ھن وائيءَ جي سِٽ ’اديون ڀينر اڄ وو يار!‘ ۾ سُرن جي جيڪا جاءِ رکي آھي، سا سندس ڪلاسيڪي انگ جي ساک ڀري ٿي. بمبئيءَ جي ھڪ محفل ۾ اِھا وائي پيش ڪري، نہ رڳو حاضرين محفل کي بيحد متاثر ڪيو ھئائين، پر وائيءَ کي ڪلاسيڪي انداز ۾ پيش ڪرڻ تي کيس ھندستان جي گوين بہ ڀرپور داد ڏنو ھو. پنڊت اوم ڪارناٿ ٺاڪر، پنڊت ڀاسڪر راءُ ڀاتڪنڊي، پنڊت وشنو ڊگمبر پُل سڪرا جھڙا ناميارا گويا بہ سندس فن جا قدردان ھئا.
سنڌ ۾ استاد اميد علي خان، استاد بِيبو خان، الله ڏنو نوناري ۽ استاد منظور علي خان وڏا گويا ٿي گذريا آھن. انهن بہ استاد عاشق علي خان جي ڪلاسيڪي انگ جو اثر قبول ڪيو آھي. اڄ بہ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ جيڪو ڪلاسيڪي انگ ۽ انداز ملي ٿو، ان جو بنياد استاد عاشق علي خان وڌو، جنھن کي پوءِ استاد منظور علي خان پختو ڪيو.
استاد عاشق علي خان، فقير منش ۽ دل جو سخي سنگيتڪار ھو. ھو فاني دنيا مان مايا ميڙڻ بدران پنھنجن شاگردن کي فن جي ڌن سان مالا مال ڪري ويو، جنھن جو اندازو سندس شاگردن جي شھرت مان لڳائي سگهجي ٿو، جن ۾ استاد بڙي غلام علي، سندس ڀائر استاد برڪت علي ۽ استاد امانتعلي، استاد مبارڪ علي، مختار بيگم، شمشاد ٻائي، زاھدہ پروين، نواب اختر، ھادي بخش، گل شاھ، منور علي شاھ، فريدہ خانم ۽ الله ڏني نوناريءَ جا نالا ذڪر جي لائق آھن. شاھ جي ڪلام کي ڪلاسيڪي فن سان لافاني بڻائڻ وارو گوّيو، استاد عاشق علي خان، 1948ع ۾ وفات ڪري ويو. کيس پُٽاڻو اولاد ڪونہ ھو، پر پاڻ ڪيترائي پُٽن جھڙا شاگرد پيدا ڪيائين، جن موسيقيءَ جي دنيا ۾ وڏو نالو ڪمايو، جيتوڻيڪ پيڙهيءَ جي حوالي سان، پٽيالا گهراڻي جو وجود پڄاڻيءَ تي پھتو، پر سندس ڪلاسيڪي انگ اڄ بہ سنڌي موسيقيءَ ۾ زندہ آھي. خانصاحب جيترو بہ شاھ جو ڪلام ڳايو، سچ تہ اُھو سنڌي موسيقيءَ جو قيمتي سرمايو آھي.
استاد عبدالرزاق خان جمالي (جنم: 1953ع) :
استاد عبدالرزاق خان جمالي، جيڪب آباد شھر جي جت محلي ۾، 1953ع ۾، وزير احمد جماليءَ جي گهر جنم ورتو. پرائمري تعليم، پوليس ھيڊڪواٽر واري اسڪول ۾ ورتائين. 1971ع ۾، مئٽرڪ ۽ 1982ع ۾ انٽر حيدرآباد بورڊ مان پاس ڪيائين. اسلامڪ ڪلچر ۾ ايم. اي. جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان، 1986ع ۾ ورتائين. 1 مئي، 1973ع ۾، ضلعي ڪائونسل آفيس ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ورتائين ۽ ڪجهہ وقت کان انچارج اڪائونٽ آفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ڪيائين.
استاد عبدالرزاق خان، 1968ع ۾، اسٽيج ڊرامن سان پنھنجي فن جي شروعات ڪئي ۽ پنھنجن صلاحيتن کي مختلف ڪردارن ۾ پاڻ مڃرايو. 1978ع ۾، نبي بخش لاشاريءَ جي ’لاشاري آرٽ پروڊڪشن‘ تي، سنڌ جي عظيم ڪلاڪار خانصاحب استاد ارباب خان کوسي سان سندس ملاقات ٿي، جنھن جي شخصيت ۽ فن کان متاثر ٿي اداڪاري ڇڏي، راڳ جي راھ ورتائين.
استاد ارباب خان بہ سندس جذبي ۽ جنون کي ڏسي، کيس پنھنجي شاگرديءَ ۾ ورتو ۽ نَو سال استاد ارباب خان جي نگرانيءَ ۾ ڪلاسيڪي، نيم ڪلاسيڪي ۽ لوڪ موسيقيءَ، راڳ ۽ اُن جي مختلف پهلوئن جي سکيا ورتائين. پاڻ خيال، ترانو، غزل، گيت، ڪافي ۽ وائي ڳائڻ جي فن تي مڪمل دسترس رکي ٿو.
استاد عبدالرزاق خان، سکيا تہ ڪلاسيڪي موسيقيءَ جي ورتي، پر سندس ڳائڻ جو محور، عارفاڻو ڪلام آھي. پاڻ ڪيترن ئي صوفي شاعرن جي ڪلام سان گڏ، شاھ لطيف جي ڪلام کي بہ ڳايو اٿس. سندس ڳائڻ جو دائرو، سدائين محدود رهيو. ان جو 1987ع ۾، ’سنگم آرٽ اڪيڊمي‘ جي نالي سان ادارو قائم ڪري موسيقي سيکارڻ شروع ڪيائين. تنھن ھوندي بہ پاڻ خاص محفلن کان علاوہ درگاھن تي پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪرڻ لاءِ ڳائيندو رهيو آھي. ٻين شاعرن جي ڀيٽ ۾ شاھ لطيف جو ڪلام وڌيڪ ڳائيندو رهيو آھي.
سندس گائڪيءَ جي انداز تي گواليار گهراڻي جو اثر آھي ۽ نھايت ئي خوبصورت انداز ۾ سُرن سان کيڏندو آھي. جڏهن شاھ لطيف جي سُر مارئيءَ مان ’پرچن شال پنهوار‘، ’لڳي ڏکڻ جي ھير‘، ’منھنجو مُلڪ ملير‘ ۽ سُر مومل راڻي جي وائي ’آءُ راڻا رھ رات‘ ڳائيندو آھي تہ ان ۾ تان ۽ پلٽا ضرور ھڻندو آھي. ان کان علاوہ سُر سهڻي، سُر سورٺ، سُر رامڪلي، سُر ڪيڏارو، سُر ڪلياڻ ۽ سُر سسئيءَ جي ستن ئي سُرن ۾ آيل واين کي، اھڙيءَ وڻندڙ انداز ۾ پيش ڪندو آھي، جو ٻڌندڙن کي مست ڪيو ڇڏي.
جيڪڏهن محفل ۾، موسيقيءَ جا ڄاڻو ويٺل ھوندا تہ پوءِ تان، پلٽي کان علاوہ، راڳ جا سرگم بہ چوندو، يعني شاھ لطيف جو ڪلام ڪلاسيڪي انداز ۾ پيش ڪندو، وري جي طبلي تي ماسٽر گلزار ۽ سيد بہار علي شاھ ھجن، پوءِ تہ محفل جو مزاج ئي مٽجيو وڃي. حقيقت ۾، وائي ٻُڌڻ جو مزو ئي پوءِ ھوندو آھي، ڇو جو محفل ۾ سريلا ٻڌندڙ ھجن ۽ ڪلام شاھ لطيف جو ھجي پوءِ تہ محفل آواز ۽ سُرن جي سنگم سان مچي پوندي آھي.
استاد عبدالرزاق خان کي، نہ رڳو شاھ لطيف جي ڪلام کي ڳائڻ جي حد تائين عشق آھي، پر پاڻ شاھ لطيف جي ڪيترن ئي سُرن مان، وايون بہ ڪمپوز ڪيون اٿس، جن ۾ سُر ڪلياڻ جي وائي ’ٿيندو تَنَ طبيب، دارون منھنجي درد جو‘ قابل ذڪر آھي. ان کان علاوہ پاڻ شاعري ڪري، ھڪ سنڌي چئنل تي شاھ لطيف کي ڀيٽا پيش ڪيائين، جنھن ڪلام جا ٻول آھن:
لاکيڻا لجپال ڀٽائي،
سڀ جي ڪري سولي سڻائي،
جئي جئي چئہ لطيف.
جيڪب آباد، ڪنھن وقت صوفياڻي راڳ جو مرڪز ھوندو ھو، پر ھن وقت اتي ماٺار آھي، ان ڪري ئي استاد عبدالرزاق ماٺ نظر اچي ٿو.
استاد منظور علي خان (1927ع - 1980ع):
سنڌي سنگيت جو سپوت، استاد منظور علي خان، 1927ع ڌاري، شڪارپور ۾ لوهرن جي پاڙي، ھزاري در ۾ جنم ورتو. سندس پيءُ جو نالو، جمال خان عرف جمالو خان ۽ ڏاڏي جو نالو، ڪريم بخش ولد شادي خان ھو. راڳ ۽ ويراڳ سندن خانداني ڪرت ھئي. ننڍي کنڊ ۾، سندن سڃاڻپ گواليار گهراڻي سان ڪئي وڃي ٿي. سندس خاندان جا وڏا، شادي خان ۽ ڪريم بخش خان، ميرن جي صاحبيءَ ۾، مير مراد خان ٽالپر جي دؤر ۾، ھندوستاني پنجاب جي فتح پور چوڙيان، ضلعي گرداسپور مان لڏي، اچي خيرپور ۾ آباد ٿيا، پر پوءِ اتان بہ لڏي اچي، شڪارپور ۾ رهائش اختيار ڪيائون. منظور علي خان، نائين درجي، تائين شڪارپور ۾ پڙهيو، پر موسيقيءَ جو ايترو جنون ھوس، جو وڌيڪ پڙهي نہ سگهيو.
پاڻ اٺن سالن جي عمر کان ڳائڻ شروع ڪيائين ۽ ننڍڙي وهيءَ ۾ سنگيت جي سکيا، پنھنجي پيءُ جمالي خان، سؤٽ سينڌي خان ۽ استاد ھدي خان کان ورتائين، ۽ پنھنجي ڀريل ۽ اثرائتي آواز، ذھن ۽ لياقت سان سگهو ئي موسيقيءَ ۾ مھارت حاصل ڪيائين. پاڪستان ٺھڻ کان اڳ، نوجوانيءَ ۾ پنھنجي پيءُ سان گڏ، سنڌ توڙي سنڌ کان ٻاھر موسيقيءَ جي محفلن ۾ حصو ورتائين. 1940ع ۾، لاھور ۾، استاد بڙي غلام علي خان سان گڏ ڳايائين ۽ مقابلو کٽيائين، نوجوانيءَ ۾ اِھا سندس وڏي ڪاميابي ھئي.
منظور علي خان 1947ع کان وٺي حياتيءَ جي آخري پساھ تائين سنڌي سنگيت جو اڳواڻ ٿي رهيو. ڌرپد جي انداز کان سواءِ، خيال، ٺمري، دادرو ۽ ٽپو ڳائڻ ۾ کيس دسترس حاصل رهي. ٽپو ڳائڻ ۾ سڄي پاڪستان ۾ برک ھو.
استاد منظور علي خان، اُھو پھريون گُني گويو ھو، جنھن کي سنڌ جي مقامي موسيقيءَ جي مڪمل ڄاڻ ھئي ۽ جيترا سنڌي راڳ ۽ راڳڻيون صحيح انداز ۾ منظور علي خان آلاپيون ھيون، اوتريون ڪلاسيڪي موسيقارن مان ڪنھن بہ ٻئي ڪين ڳايون آھن. پاڻ ڪلاسيڪي موسيقي ۽ سنڌي موسيقيءَ جي ٻہ درياھيءَ کي گڏي موسيقيءَ جون ڄڻ ملڪ ۾ موڪون لائي ڇڏيائين. کُلي محفل ۾، کُلي ڳائڻ جو بادشاھ ھو. پنھنجي صاف ۽ سُريلي آواز وارن مٺن آلاپن، توڙي پوري ڀريل آواز واري ڌڌڪن سان، جيڪي محفلون مچايائين، سي اڄ تائين يادگار بڻيل آھن.
استاد منظور علي خان جو سنڌي سنگيت ۾ وڏو ڪارنامو اھو ھو تہ، ھن شاھ لطيف جي وائيءَ کي، ڪلاسيڪي انداز ۾ سولو ڪري ڳايو، نہ تہ ھن کان اڳ، جنھن بہ گويي شاھ لطيف جي وائيءَ کي ڳايو، اھو نج ڪلاسيڪي انداز ۾ ھوندو ھو، جنھن سان اِھو محسوس ٿيندو ھو تہ سنڌيءَ ۾ ’خيال‘ ٿو ڳائجي، جنھن جو مثال استاد عاشق علي جي ڳايل وائي ’جادو لائي ويم جيءَ ۾‘ آھي، جنھن ۾ ڪافي ۽ وائيءَ وارو انداز گهٽ، ’خيال‘ جي گائڪيءَ جو اثر وڌيڪ نمايان آھي، پر منظور علي خان شاھ لطيف جي وائيءَ کي نج، سنڌي مقامي انداز ۾ پيش ڪيو، ۽ ان ۾ گهراڻي جي ڪلاسيڪي انگ جو رنگ ڀريائين، جنھن ۾ تمام مختصر تَانَ، پَلَٽِا، سَرِگَم شامل ھئا. پاڻ کي سنڌي رنگ ۾ اھڙو رڱيائين، جو سندس اصل ڪلاسيڪي سڃاڻپ ثانوي حيثيت اختيار ڪري وئي.
سنڌ ۽ سنڌ جو راڳ، سندس شناس بڻجي ويو. منظور علي خان، شاھ لطيف جي ڪلام ڳائڻ ۾ اِھو رواج بہ وڌو تہ جنھن سُر مان وائي ھجي، اُن مان ئي ان وائيءَ سان ٺھڪندڙ بيت ڏنا وڃن، جنھن سان نہ رڳو ٻڌندڙ کي لُطف حاصل ٿئي، پر وائيءَ جو مقصد بہ چٽو ٿئي. پاڻ بہ وائيءَ ۾ بيت سدائين مضمون موجب ڏيندو ھو، جي ڪلام جو موضوع مجاز، تہ مجاز وارا بيت، جي توحيد يا وري ناصحاڻو ڪلام آھي، تہ بيت بہ اُن مطابق چونڊ ڪندو ھو. اِن معاملي ۾ نہ رڳو پاڻ پابند ھو، پر پنھنجن شاگردن کي بہ سختيءَ سان ھدايتون ڪندو ھو، تہ وائيءَ جو روح بيت آھن ۽ بيت، موضوع مطابق ھجن. ممتاز مرزا پنھنجي ڪتاب، ’وساريان نہ وسرن‘ ۾ ھڪ ھنڌ لکي ٿو تہ، ’ڪلاڪ مُنو ھڪ ڪافي (اُتر ۾ وائيءَ کي ڪافي بہ چوندا آھن) ڳائيندو ھو.
ڪافيءَ جي مصراعون چار پنج، پر استاد بيتن جا اصل واھڙ وهائي ڇڏيندو ھو، اھڙا تہ سهڻا ۽ سٺا بيت، جو اڄ تمام ٿورا ڳائڻ وارا اِھي بيت ڳائين ٿا. ڪچو گفتو ۽ ڪچو بيت تہ منظور علي خان کان اسان ڪڏهن بہ نہ ٻڌو. جي چئبس تہ ’استاد، بيت گهٽ ڏيو‘ تہ وراڻيندو ھو تہ، ’بيت ڪافي جو سينگار آھي ۽ بيتن ڪري، ڪافيءَ جي مضمون ۽ مفھوم کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي ٿي.‘
استاد منظور علي خان، پنھنجي فني علم جي آڌار تي، شاھ لطيف جي ڪلام کي سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ تائين پھچايو. پاڻ ھر محفل ۾، مومل جي مجاز، سسئيءَ جي سور ۽ مارئيءَ جي وطن جي حُب کي اھڙي انداز ۾ پيش ڪندو ھو، جو ٻڌڻ وارن تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي ويندي ھئي. سڄي محفل ئي مست ٿي ويندي ھئي ۽ محفل جي پڄاڻي ’راڻي‘ تي ڪندو ھو. منظورعلي خان، گواليار گهراڻي جو پھريون راڳي ھو، جنھن شاھ لطيف جي راڳ ۽ ڪلام تي ڪم ڪيو ۽ ان کي اوج تي رسائي، شاھ لطيف جي ڪلام کي نئين انداز سان پيش ڪرڻ لاءِ نوان دڳ جوڙيا.
استاد منظور علي خان جِي، ٽنڊي آدم شھر ۾، جمن شاھ پاڙي ۾ رهائش ھئي. پنھنجي خاندانيءَ روايت جي ابتڙ، پنھنجي ننڍڙي اوطاق بہ قائم ڪيائين، جنھن کي پاڻ ’مدرسو‘ چوندو ھو. ان مدرسي ۾ ئي شاگردن جي رهائش جو انتظام ھو. ھر شاگرد کي ڪپڙا لٽا پاڻ وٺي ڏيندو ھو. جيڪا ماني پاڻ کائيندو ھو، سا شاگردن کي بہ کارائيندو ھو. گهراڻي جا استاد، پنھنجي خاندان جي ٻارن کان سواءِ، ڪنھن ٻاھرئين ماڻهوءَ کي راڳ وِديا نہ ڏيندا ھئا، ۽ سيکارڻ ۾ ٻٽو معيار رکندا ھئا، پر استاد منظور علي، سيکارڻ ۾ بُخل نہ ڪندو ھو. ھڪ ذميوار استاد جي حيثيت سان شاگردن کي سيکاريندو ھو. پاڻ شخصيت ۾ جيترو نفيس ھو، اوترو ئي سيکارڻ جي معاملي ۾ سخت ھو. ان جو ڪارڻ اِھو ھو تہ جيئن شاگرد لائق ٿين. ايتري قدر جو شاگردن کي محفلن ۾ پاڻ سان گڏ بہ ڳارائيندو ھو تہ، جيئن سندس ڳائڻ جو انگ شاگرد بہ سکن. محمد يوسف، وحيد علي، گلزار علي خان، قمر سومرو، گلزار علي سانگهڙائي، انور حسين وسطڙو ۽ حنيف لاشاري سندس محنت جو ثمر آھن. انهن کان علاوہ سندس ٻيا بہ بي شمار شاگرد آھن. انهن بہ سندس انداز ۽ انگ ۾ شاھ جو ڪلام ڳايو. استاد منظور علي خان جو ڳايل شاھ جو ڪلام، ڪجهہ ھن ريت آھي:
آءُ راڻا رھ رات
پرچن شال پنهوار
بوند برھ جي بَھار لڳي
ويندس يار مري
اکيون ميگهہ ملار، صورت تنھنجي سڀ جڳ موهيو
مون ۾ عيب اپار
ڏور وڃيو ڏينھن لائي، ڪا سوڍل کي سمجهائي
آءٌ ڪوھ ڄاڻان پنڌ ڪيچ
سڪ مارن جي سمھڻ نہ ڏي.
استاد منظور علي خان، سنڌ ۾ گواليار گهراڻي جي راڳ جي چئن پَڳُن جو اڳواڻ ھو. وٽس پڪي راڳ جون اھڙيون رمزون ھيون، جيڪي ننڍي کنڊ ۾ ڪيترن ئي گوين وٽ نہ ھيون، پر استاد جي گائڪيءَ ۾، سنڌ جو راڳ ۽ شاھ لطيف جو ڪلام رهيو. پاڻ اِھو پڻ واضح ڪيائين تہ سنڌ نہ رڳو لوڪ موسيقيءَ ۾ شاھوڪار آھي، پر سنڌ ۾ پڪي راڳ جون روايتون، علمي لحاظ کان، پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ مَٿڀريون آھن.
استاد منظور علي خان، موسيقيءَ جي تاريخ جو روشن ستارو ۽ سنڌي سنگيت جي ساک ھو. نائين سيپٽمبر، 1980ع تي دل بيهجي وڃڻ سبب ٽنڊي آدم ۾ گذاري ويو. کيس ٽنڊي آدم جي اسماعيل شاھ قبرستان ۾، دفن ڪيو ويو. سندس وڇڙڻ کان پوءِ، سنڌي سنگيت جو سونهري باب بند ٿي ويو. استاد منظور علي خان رڳو راڳي نہ ھو، پر ھڪ ادارو ھو، جنھن جو ڳايل ڪلام ۽ ھر بيت ھڪ اثاثي جي حيثيت رکي ٿو.
خانصاب بِيبو خان (1904ع - 1952ع):
گواليار گهراڻي جو ناميارو گويو، استاد محمد ابراھيم قريشي عرف بِي بو خان ولد استاد گامڻ خان، 1904ع ۾ شڪارپور ۾ ڄائو. پاڻ جڳ مشھور گويو ٿي گذريو آھي. استاد بيبو خان، سنگيت جي سکيا، پنھنجي پيءُ ۽ ڀائرن استاد مبارڪ علي خان ۽ استاد مراد علي خان کان حاصل ڪئي. ھن پنھنجي خانداني ورثي يعني ڪلاسيڪي گائڪيءَ ۾ مھارت حاصل ڪئي. ڌرپد، خيال، دادري ۽ ٺمري ڳائڻ تي ملڪو ھئس. سندس دؤر ۾ خيال جي گائڪيءَ ۾ تَانَ لڳائڻ وقت نوٽيشن لڳائڻ، يعني سرگم کي واضح ڪرڻ ھڪ اختلافي مسئلو ھو. بيبي خان تَانَ ۾ نوٽيشن لڳائڻ جي روايت کي قائم ڪيو. پاڻ گُمَڪ تَانَ سٺي انداز ۾ لڳائيندو ھو.ايتري قدر جو سنڌي وائي ۽ ڪافيءَ ۾ ان تَانَ جي آميزش جي ڪري، گائيڪيءَ جي لحاظ کان پنھنجي ادائگيءَ ۾ مڌرتا پيدا ڪندو ھو، پاڻ سنڌي ۽ سرائيڪيءَ سان گڏوگڏ، زماني جي رواج مطابق غزل ۽ پشتو ۽ فارسي ڪلام بہ مھارت سان ڳائيندو ھو.
استاد بِيبو خان، شڪارپور ڇڏي، ڪوئيٽا لڏي ويو ھو، اٽڪل 12 سال اتي رهڻ کان پوءِ، سنڌ موٽي آيو ۽ آخر ۾ اچي، حيدرآباد کي وسايائين. ان وقت حيدرآباد ۾، اڃا ريڊيو اسٽيشن قائم نہ ٿي ھئي، ۽ نہ ئي وري ڪو آڊيٽوريم وغيرہ ھو. ان ڪري، راڳ جون محفلون، مڪانن، اوتارن ۽ درگاھن تي ئي ٿينديون ھيون ۽ استاد پنھنجي عقيدت جو اظھار ڪرڻ لاءِ اُتي حاضريون ڀريندو ھو. استاد بِيبو خان ئي ھو، جنھن حيدرآباد جي درگاھن تي ڳائڻ جا باضابطہ طريقي سان ڏينھن مقرر ڪيا، ۽ پاڻ بہ درگاھ تي ڳائڻ جو ھڪڙو ڏينھن مقرر ڪري ڇڏيائين، جتي ڳائي، ماڻهن جي دل ريجهائيندو ھو. قلندر لال شھباز جي ميلي تي، ھر سال پيرين اگهاڙي ھٿ ۾ تان پورو کڻي چونڪي ڏيندو ھو. درگاھ ڀٽ شاھ جي ميلي تي، اُن وقت کان حاضري ڏيڻ شروع ڪيائين، جڏهن اڃا نہ سواريءَ جو باقاعدي انتظام ھو، نہ ڪانفرنس جو رواج ھو. ھن اھڙي ھڪ ڏکئي دور ۾، نالو پيدا ڪري، اِھا چوڻي مشھور ڪري ڇڏي تہ: ’تون ڪھڙو ڪو بِيبو خان آھين.‘
استاد بِيبو خان، سنڌ مان واحد ڪلاسيڪي راڳي ھو، جيڪو ھر مھيني، بمبئي آل انڊيا ريڊيو تان باقاعدي پروگرام ڪندو ھو. کيس ھڪ پروگرام لاءِ 90 رُپيا معاوضو ملندو ھو، جيڪو ان زماني ۾ وڏو معاوضو سمجهيو ويندو ھو. ھن، 1935ع ۾، ھز ماسٽر وائيس گراموفون ڪمپني بمبئيءَ ۾ رڪارڊنگ ڪرائي.
اُستاد بيبو خان جو آواز ڏاڍو مٺو، لچڪدار ۽ سريلو ھو. ھُو اڪثر سنڌي ڪافيون پڻ پنھنجي گهراڻي جي ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائيندو ھو. پاڻ سنڌ جي ديسي انگ کان بہ ڏاڍو متاثر ھو، ان ڪري ٻنهي انگن جي ميلاپ واريون ڪافيون پيش ڪندو ھو. پاڻ ٻين شاعرن سان گڏ، شاھ لطيف جو ڪلام بہ گهڻو ڳائيندو ھو، جنھن ۾ سندس ڪمپوز ٿيل شاھ جون ٻہ وايون ڏاڍيون مشھور ٿيون:
اڱڻ ھلي آ ھڪ وار، نازن سان نہ مار،
ڇو ٿيون ڏيو مون کي متيون.
رڪارڊنگ جي سھولت نہ ھئڻ ڪري سندس ڳايل ڪلام، محفوظ ٿي نہ سگهيو، پر سيني بہ سيني سندس ڳايل ڪلام اڄ بہ ڳايو وڃي ٿو.
اُستاد بيبو خان، درويش صفت انسان ھو. ڪنھن جي دل نہ رنجائيندو ھو، رستي تي بہ ڪنھن کيس ٻہ ٻول ٻڌائڻ لاءِ چيو تہ، اتي ئي جهونگاري ان کي خوش ڪري ڇڏيندو ھو. پاڻ حيدرآباد شھر ۾، ھڪ ميوزڪ اڪيڊمي جو بہ بنياد رکيائين، جيڪا ’سنڌ ميوزڪ ڪاليج‘ جي نالي سان مشھور ھئي، جنھن ۾ پاڻ راڳ جي سکيا ڏيندو ھو. پاڻ وري عارفاڻي رنگ وارو گويو ھو. سندس ڳائڻ جو گهڻو مرڪز، درگاھون رهيون.
ھڪ رات درگاھ، گل شاھ بخاري پڃرو مڪراني پاڙي تي چوڪي پئي ڏنائين، تہ ڳائڻ ۾ ايڏو تہ محو ھو، جو سندس اھڙي ڳائڻ جي ڪيفيت کي ڏسي، سيد محبوب علي شاھ، مريدن کي چيو: ’بِيبو خان‘ وڃي پيو ۽ ان رات جيئن گهر پھتو ۽ آرامي ٿيو تہ کيس ابدي ننڊ اچي وئي ۽ دم ڌڻيءَ جي حوالي ڪيائين. سندس وفات جي تاريخ، 25مارچ، ڏينھن اڱارو، 1952ع آھي. کيس ٽنڊي يوسف جي قبرستان ۾، سيد صالح محمد شاھ جي درگاھ وٽ دفن ڪيو ويو. سندس پُٽ، نياز حسين، وڏو موسيقار ۽ فدا حسين ناميارو گويو ٿي گذريو آھي. ھن وقت سندس پونئرن ۾ نياز حسين جا ٻئي پُٽ مظھر حسين ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار علي، خانداني روايت کي زندھ رکيو پيا اچن.
خانصاب سينڌو خان (1898ع - 1948ع):
گواليار گهراڻي جو سدا رنگي گويو، استاد سينڌو خان، 1898ع ڌاري، شڪارپور ۾ ڄائو. انهيءَ ڪري سندس نالو ئي سنڌي خان رکيو ويو، جيڪو پوءِ سينڌو خان ٿي ويو. سندس والد جو نالو، حيدر بخش المعروف محدوخان ھو، جو پاڻ، ٽالپر اميرن جي پوئين دؤر ۾، خيرپور رياست جو ناميارو گويو ٿي گذريو آھي.
استاد سينڌو خان، پيءُ جو سڪيلڌو پُٽ ھو، ان ڪري سندس تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏنو ويو. پاڻ فارسيءَ ۾ گرئجوئيشن ڪيائين، ۽ ان سان گڏوگڏ، اردو، سنڌي، ھندي، سرائيڪي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ٻولين تي بہ عبور رکندو ھو.
استاد سينڌو خان، ان دؤر ۾ گواليار گهراڻي جو، سنڌ ۾ پھريون فرد ھو، جيڪو گهڻ رخن علمن تي دسترس رکندڙ ھو. پاڻ ماھر موسيقي، دانشور، خطاط، خوش الحان، بہترين سازيندو، گويو ۽ في البديھ شاعر ھو، ۽ باڪمال شخصيت جو روپ رکندڙ ھو، ان ڪري کيس ان دؤر ۾، ٿيئٽر ۾ اڪبر بادشاھ جو ڪردار بہ مليو، جو ڪاميابيءَ سان ڪري ڏيکاريائين. ’دربيان موسيقي‘ جي نالي سان، ڪتاب لکيائين ۽ ستار وڄائڻ ۾ تہ پنھنجو مَٽ پاڻ ھو. سنڌ جا ناميارا شاعر، فقير غلام علي ’مسرور‘ ۽ مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ، ستار وڄائڻ ۾ سندس شاگرد ھئا، پر سندس توجھ جو مرڪز ڳائڻ ھو.
استاد سينڌي خان جي گائڪي، دھليءَ واري انداز جي ھئي، جنھن تي گواليار گهراڻي جو اثر وڌيڪ ھو، پر گائڪيءَ ۾ تلونڊي انگ جو اثر بہ نمايان ھو. پاڻ ڪلاسيڪي گائڪيءَ جي صنفن کي ڳائڻ ۾ مھارت رکندو ھو، ان کان علاوہ سنڌ جي گائڪيءَ کان بہ ڏاڍو متاثر ھو. سنڌي ڪافيءَ کي ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ ڳائيندو ھو. پاڻ صوفي شاعرن جي ڪلام کان بہ ڏاڍو متاثر ٿيندو ھو، ۽ سندن اثر ھيٺ پاڻ بہ شاعري ڪندو ھو، ان ڪري ڪيترن ئي سنڌي صوفي شاعرن جو ڪلام ڳايائين، جنھن ۾ شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جو ڪلام بہ شامل ھو. وائي ۽ ڪافيءَ کي ڪلاسيڪي انگ ۾ ڳائيندو ھو.
استاد سينڌي خان، 1948ع ڌاري، ڌم ڌڻيءَ حوالي ڪيو. سندس صحبت، محمد فقير کٽياڻ سان گهڻي ھئي، انهيءَ ڪري سندس آخري آرام گاھ بہ، درگاھ محمد فقير کٽياڻ تي آھي. سندس شاگردن ۾ استاد منظور علي خان برک گويو ٿي گذريو آھي.
خانصاب مبارڪ علي خان (1880ع - 1961ع):
اُستاد مبارڪ علي، سنڌ جي نامياري گائڪ، استاد گامڻ خان جو پُٽ ھو. شڪارپور ۾، 1880ع ۾ ڄائو ھو. راڳ جي سکيا پنھنجي پيءُ کان ورتائين. شڪارپور شھر، اُن زماني ۾، ھوليءَ جي ھانڊن جي ڪري گهڻو مشھور ھو. استاد مبارڪ علي خان نہ رڳو ھانڊن جي محفلن ۾ ڳايو، پر اڳتي ھلي، ان محفل جو جج بہ مقرر ٿيو. پاڻ ڌرپد، خيال، دادري، ٺمري ڳائڻ ۾ ماھر ھو. ڪلاسيڪي گائڪيءَ کان علاوہ سنڌي ڪلام بہ ڳائيندو ھو.
اُستاد مبارڪ علي خان، پھرين شڪارپور ۾ سنگيت جي سکيا ڏيندو ھو، پر پوءِ ڪافي حصو، سنگيت جي شيدائي سيٺ وشنداس جي قائم ڪيل وشن نگر (ٽنڊي آغا) ۾ گذاريائين ۽ بعد ۾ ڪراچيءَ لڏي ويو ۽ جهونا مارڪيٽ واري صرافہ بازار ۾ ڪلب قائم ڪيائين ۽ ريڊيو ڪراچيءَ تان پروگرام ڪندو رهيو. استاد مبارڪ علي خان گائڪيءَ جي لحاظ کان سنڌ کان علاوہ پوري ھندستان ۾ بہ مشھور ھو. وڏن وڏن گوين سان ڳايائين. سيکارڻ جي معاملي ۾ ڏاڍو سخت مزاج استاد ھوندو ھو. سکيا لاءِ شاگردن لاءِ سندس پھريون حڪم اِھو ھوندو ھو تہ ھو پنھنجون پنبڻيون، ڀرون، مٿو ۽ ڏاڙهي ڪوڙائي، گوڏا ڀڃي ويهي تہ پوءِ سيکاريندو ھو. ان حڪم جي تعميل ڪيترن ئي شاگردن ڪئي ۽ تن وري فيض بہ اوترو ئي پرايو. شاگرد وٽس سکڻ کي فخر ڀائيندا ھئا.
استاد مبارڪ عليءَ جي ڳائڻ جي توجھ جو مرڪز ڪلاسيڪي ڳائڻ ھو، پر تنھن ھوندي بہ ڪيترو ئي سنڌي ڪلام ڳايائين، جو رڪارڊ نہ ٿيڻ جي صورت ۾ تاريخ جي دز ۾ لٽجي ويو. پاڻ ڏاڍي سهڻي انداز ۾ شاھ لطيف جي ڪلام کي ڪلاسيڪي رنگ ۾ رنگي ڳائيندو ھو، جنھن تي خيال جي گائڪيءَ جو وڌيڪ اثر نمايان ھوندو ھو يا کڻي ايئن چئجي تہ، استاد مبارڪ علي خان، شاھ لطيف جي وائيءَ کي، خيال جي گائڪيءَ واري انداز ۾ ڳائيندو ھو. ننڍي کنڊ جي ھن نامياري گويي 1961ع ڌاري، دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو.