شاھ لطيف جا متقدمين
شاھ لطيف جا متقدمين
شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو (1538ع–1622ع)
شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ وارو، متعلوي (مٽياروي) ساداتن جي خاندان مان ھو. شاھ ڪريم 20 شعبان، 943هه (مطابق 20 جنوري، 1538ع) تي ڄائو. سندس والد سيد لعل محمد شاھ پنھنجي وقت جو وڏو بزرگ ٿي گذريو آھي. شاھ ڪريم 88 سالن جي ڄمار ۾، 7 ذوالقعد 1032ھ/1623ع تي وفات ڪئي. کيس اَٺ پُٽ ۽ ٽي نياڻيون ٿيون. شاھ عبداللطيف ڀٽائي، سندس فرزند سيد جمال شاھ جو پڙپوٽو ھو. شاھ لطيف جي نسب جو سلسلو شاھ ڪريم تائين ھن طرح آھي: شاھ عبداللطيف ڀٽائي ولد سيد حبيب شاھ ولد سيد عبدالقدوس شاھ ولد سيد جمال شاھ ولد سيد عبدالڪريم شاھ بلڙيءَ وارو. (وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جا مٽ مائٽ صفحو 134)
شاھ عبدالڪريم جو شعر
شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري پنھنجي مريدن ۽ خادمن جي مجلسن ۾ جيڪي نصيحت جا نڪتا بيان ڪيا ھئا، اھي سندس ملفوظات ’بيان العارفين تنبيهه الغافلين‘ ۾ گڏ ڪيا ويا آھن. ’بيان العارفين تنبيهه الغافلين‘ سندس مريد محمد رضا بن عبدالواسع، سندس وفات کان ڇھ سال پوءِ يعني سن 1038ھ/1628ع ۾ لکي مڪمل ڪيو. بيان العارفين ۾ جيڪي سنڌي بيت آيا آھن، انهن مان 92 بيت شاھ ڪريم جا آھن، 8 بيت قاضي قادن جا آھن ۽ 6 بيت ٻين شاعرن جا آھن. انهن کان سواءِ 3 ھندي ۽ ڪجهہ فارسي بيت بہ آھن.
شاھ ڪريم جا بيت، سٽاءَ جي لحاظ کان ھندي شاعريءَ جي اصول يعني ’ڇند وديا‘ تي ٻڌل آھن. گهڻو ڪري بيت ٻن سٽن وارا آھن. فقط ٻہ بيت ٽن سٽن وارا آھن، پر ڊاڪٽر عبدالغفار سومري جي مرتب ڪيل ڪتاب ۾ ٽي بيت ٽن سٽن وارا ڄاڻايل آھن.
شاھ ڪريم ۽ شاھ لطيف
شاھ لطيف کي شاھ ڪريم جي ڪلام سان دلي رغبت ھئي. روايت آھي تہ شاھ لطيف سان شاھ ڪريم جو رسالو (بيان العارفين تنبيهه الغافلين) ساڻ ھوندو ھو. اُھو ئي سبب آھي، جو شاھ لطيف جي رسالي جي قلمي نسخن توڙي ڪن ڇپيل رسالن ۾ بہ ڪجهہ شاھ ڪريم جا بيت شاھ لطيف جي بيتن سان گڏ آيل آھن. مضمون جي لحاظ کان شاھ لطيف جي شعر تي شاھ ڪريم جي ڪلام جو سنئون سڌو اثر نظر اچي ٿو، جنھن ۾ شاھ لطيف ڪيترا بيت، شاھ ڪريم جي بيتن جي ڀران چيا آھن، جنھن ڪري شاھ ڪريم جي بيت واري مضمون جي وڌيڪ وضاحت ٿئي ٿي ۽ تنھن کان سواءِ شاھ لطيف، شاھ ڪريم جي بيت وارو مضمون، پنھنجي بيتن ۾ پيش ڪندي ھڪ قسم جي نواڻ بہ پيدا ڪئي آھي. ھيٺ ٻنهي (يعني شاھ ڪريم ۽ شاھ لطيف جي بيتن) جا ڪجهہ مثال ڏجن ٿا. شاھ ڪريم چيو آھي:
اِن دَرَ سندي مَڱَڻي، اڳي ايئن نہ ھير،
جيئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون سُمَهي.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 60، ص: 99)
شاھ لطيف انهيءَ خيال کي ڏاڍو تفصيل سان بيان ڪيو آھي. سُر پرڀاتي سڄو ۽ سُر ڪوهياريءَ جو پھريون فصل انهيءَ سمجھاڻيءَ تي مشتمل آھي. سُر پرڀاتي جو ھڪ بيت نموني طور ڏجي ٿو:
سيراندِيءَ سازُ ڪِيو، سُمهِينِ سارِي راتِ،
جاجِڪاڻِي ذاتِ، اِيئن نہ ھوءِ اڳھِين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 3، بيت 1، ص: 858)
شاھ ڪريم جو ٻيو بيت آھي تہ:
وَائي ٻِي مَ ڀُلِ، مِرُوئان مَوران پَڪڻَان،
بِالله سَندو سَڄَڻين، ھُو ھُلاچو ھُل.
(سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر، (2002ع)، ’بيان العارفين و تنبيہ الغافلين‘، ص: 22)
شاھ لطيف اھو خيال ھن طرح بيان ڪيو آھي:
وَحَدتانِ ڪَثرتَ ٿِي، ڪَثرتَ وحدَتَ ڪُلُّ،
حَقُ حَقِيقِي ھيِڪَڙو، ٻولِي ٻِيءَ مَ ڀُلُ،
ھُو ھُلاچو ھُلُّ، بِاللهِ سَندو سَڄَڻين.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 18، ص: 69)
شاھ ڪريم جو بيت آھي تہ:
جي جاڳَندي مَنَ ۾، سُتي پڻ سيئي،
مَنُ پِريان نيئي، پَڳَھِيو پاڻَ ڳَري.
(سومرو، عبدالغفار، ڊاڪٽر، (2002ع)، ’بيان العارفين و تنبيہ الغافلين‘، ص: 26)
شاھ لطيف اھو خيال ھن طرح بيان ڪيو آھي:
تَنُ تَسبِيحِ، مَنُ مَڻِيُو، دِلِ دَنبورو جَنِ،
تَندون جِي طَلَبَ جون، وَحَدَتَ سِرِ وَڄَنِ،
وَحدھُ لا شَرِيڪ لہ، اِھو راڳُ رَڳُنِ،
سي سُتا ئِي سُونَهنِ، نِنڊَ عِبادَتَ اُنِ جِي.
(قاضي، علامه آءِ آءِ، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر آسا، داستان 4، بيت 48، ص: 135)
شاھ ڪريم فرمائي ٿو تہ:
چَرئِو جِينِ چِتِ ڪري، سَڱَ سڀئي ڇِنُ،
جي ڀانئين پِرين مِڙان، تہ مَت منهنجي ڳِنُ.
(دائودپوٽو، عمر بن محمد، ڊاڪٽر، (1977ع)، ’شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام‘، بيت 3، ص: 45)
شاھ لطيف اھو خيال ڪيترن ئي بيتن ۾ بيان ڪيو آھي. ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو، جيڪو ھن بيت جي ڀران معلوم ٿئي ٿو:
جي ڀانيين جوڳِي ٿِيان، تَہ سَڱَ سَڀيئِي ڇِنُ،
وَڃِي دَرِ دَوَسن جي، نانگا ڪيم نِنُ،
پَٽِ تَنِين جِي پِنُ، جَنِ ٻُجِھي نَه ٻُجهيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 1، ص: 793)
شاھ لطيف پنھنجي ھڪ وائيءَ ۾ شاھ ڪريم جي ھيٺئين بيت جي تضمين ڪئي آھي:
سَڌين سيڻَ نہ ھُونِ، نينهن نياپي نہ ٿيين،
ڪاري رات رَتَ ڦڙا، جان جان نيڻ نہ رُونِ،
موٽڻ جَنينِ ميهِڻون، پِڙَ تي سيئي پُونِ،
جن مسافرَ سپرين، سي مَرُ رويو رُونِ.
(مرزا، صفدر حسين، (2012ع)، ’گنج - شاھ جو رسالو‘ (الف ب وار ترتيب سان)، ترتيب: س، ص: 499)
ھي مثال نموني طور ڏنا ويا آھن، ٻيا بہ شاھ لطيف جي ڪلام ۾ اھڙا ڪيترائي مثال ملندا. فني سٽاءَ جي لحاظ کان شاھ لطيف جي بيتن جو بنياد بہ شاھ ڪريم جا بيت آھن. شاھ لطيف ٻن سِٽن وارا بيت بہ چيا آھن، پر گهڻي قدر ٻن کان مٿي سِٽن وارا بيت بہ چيا اٿس. شاھ ڪريم جا فقط ٽي بيت ٽن سِٽن وارا ملن ٿا. انهن بيتن جي خاص خوبي ھيءَ آھي تہ انهن جي پوئين سِٽ ۾ وچ تي قافيو اچي ٿو. شاھ لطيف جي سڀني اھڙن بيتن ۾، جن ۾ ٻن کان مٿي سِٽون آھن. قافيو پوئين سِٽ جي وچ تي اچي ٿو. اھو ئي سبب آھي، جو شاھ ڪريم کي ’شاھ لطيف جو مبشر‘ چيو وڃي ٿو.
شاھ لطف الله قادري (1611ع–1679ع)
شاھ لطف الله قادريءَ جي سوانح حيات مان معلوم ٿئي ٿو تہ ھُو اصل ’پريان لوءِ‘ جو ھو بعد ۾ ’اگهم ڪوٽ‘ اچي ويٺو. ’اگهم ڪوٽ‘ جا آثار حيدرآباد کان 20 کان 25 ميل ڏکڻ اوڀر طرف تعلقي ماتليءَ ۾ ملن ٿا. شاھ لطف الله قادري 1020ھ/1611ع ۾ ڄائو ۽ 1090ھ/1679ع ۾ وفات ڪيائين.
شاھ لطف الله قادري پنهجي دؤر جو عالم، فاضل شخص ۽ شاعر ھو. سندس تصوف متعلق ھيٺيان ڪتاب لکيل آھن: تحفة السالڪين — منهاج المعرفت — سنڌي رسالو.
شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪتاب منهاج المعرفت مان 20 سنڌي بيت مليا آھن. ان کان سواءِ سندس سنڌي رسالي ۾ 227 سنڌي بيت ھٿ آيا آھن. يعني سندس ڪُل 357 بيت ملن ٿا. سندس بيت اڪثر ٻن سٽن تي ٻڌل آھن، تہ ڪيترن بيتن ۾ ٻن کان مٿي سٽون بہ آيل آھن.
شاھ لطف الله قادريءَ کان شاھ عبداللطيف ڀٽائي تمام گهڻو متاثر ٿو ڏسجي. شاھ لطيف ڪيترائي بيت شاھ لطف الله قادريءَ جي بيتن کان متاثر ٿي چيا ۽ ڪيترن ئي بيتن ۾ سندس نموني کي اختيار ڪندي، ساڳي واٽ ورتي. نموني طور ڪجهہ مثال ھيٺ ڏجن ٿا.
وراڻ
شاھ لطف الله قادريءَ جي بيتن ۾ پھريون ڀيرو ’وراڻ‘ يا ’تڪراري‘ سٽاءَ وارا بيت ملن ٿا. وراڻ جو ھڪڙو طريقو ھي آھي تہ بيتن جو لاڳيتو سلسلو ساڳي سٽاءَ سان شروع ٿيندو آھي. اھڙي نموني جي وراڻيءَ جا بيت شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ ملن ٿا. اھڙي ھڪ سلسلي جا لاڳيتا ٽي بيت نموني طور ھيٺ ڏجن ٿا:
حُسۡنُ حَبِيبنِ جو، پَسين جي ھِيڪارَ،
تہ توکي سَڀَ ڄمارَ، وَڃـٖي اُڃَ وَرِهنِ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 47)
حُسۡنُ حَبيبن جو، پَسين جي پيهي،
تہ توکي سَڀيئي، ٻِيُون وَڃَنِ وِسِريِ.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 47)
حُسنُ حبِيبِنِ جو، جِنِ ڏِٺو جِئن بَرَقُ،
سي پايو لَوڪَ فَرقُ، سدَا ڀُوڻنِ سِڪِئا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 47)
اھڙي نموني جي وراڻ جا بيت شاھ لطيف جي ڪلام ۾ وڏي تعداد ۾ بہ ملن ٿا. شاھ لطيف جي رسالي ۾ اھڙي قسم جي وراڻ جا ڪيترائي سلسلا ملن ٿا. شاھ لطيف ھن وراڻ جي ذريعي بيت ۾ وڏو اثر ۽ دلڪشي پيدا ڪئي آھي. اھڙي ھڪ سلسلي مان ڪجهہ لاڳيتا بيت نموني طور ڏجن ٿا:
ڪِين ساڱاھِيُم سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جالَ،
سوڍا، مون کي ڪَالَ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيُون.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 8، بيت 1، ص: 546)
ڪِينَ سَاڱَاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُمِ جِتِ،
سوڍا! مون کي تِتِ، موٽِي مُنهن ۾ آئِيوُن.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 8، بيت 2، ص: 547)
ڪِينَ ساڱاھِيُمِ سُپِرِين، جاڙُون ڪِيُم جي،
سوڍا! مون کي سي، موٽِي آئيوُن مُنهن ۾.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر مومل راڻو، داستان 8، بيت 3، ص: 547)
وراڻ جو ھڪ سلسلو اھڙو بہ ٿئي ٿو، جنھن ۾ بيت جي ٻئين ۽ ٽئين پد جا قافيا ھم آواز ھوندا آھن. اھي بيت ’دوها سورٺا ميل‘ وارا آھن. اھڙي نموني جا سلسلا پھريون ڀيرو شاھ لطف الله جي ڪلام ۾ ملن ٿا. ان سلسلي مان ڪجهہ بيت نموني طور ھيٺ ڏجن ٿا:
جِيجان جوڳِيَڙَنِ جو، مون جو ڏٺو حالُ،
تِئن ماءَ تو جو مالُ، نہ ڦيِريندو اُنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 91)
جِيجان جوڳِيَڙَنِ جي، مون جا ڏِٺِي ڀَتِ،
تِئن ماءَ تُنھنجِي مَتِّ، نہ ڦيرِيندي اُن کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 91)
جِيجان جوڳِيَڙَنِ جو، مون جو ڏِٺو پُورُ،
تِئن ماءَ تُنھنجو سُورُ، نہ ڦِيريِندو اُنِ کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر ، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 91)
ھن وراڻ ۾ ھڪ ٻي خوبي بہ آھي، تہ وراڻ کان اڳ ۾ جيڪو سِٽ جو پھريون پد آھي، ان جا پھريان اکر بہ ساڳيا آھن. انهيءَ اڌ جو فقط پويون لفظ پھرين سٽ سان ھم قافيو ٿيڻ جي ڪري بدلجي ٿو. اھڙي قسم جي وراڻ جا نمونا شاھ لطيف جي رسالي ۾ بہ ملن ٿا. شاھ لطيف جي رسالي ۾ اھڙي نوعيت جا ڪيترا بيت ملن ٿا. نموني طور ٻہ بيت ھيٺ ڏجن ٿا، جن ۾ وراڻ جو ٻٽو نمونو ملندو. پوئين سِٽ جو پويون پد بہ ٻنهي بيتن ۾ ھڪجهہڙو آھي، تہ ٻنهي بيتن جي پھرين سٽن جو پھريون پڌ بہ ھڪجهہڙو آھي:
ھَلَندي ھاڙهو مَڻِي، ڏڪَنِ منهنجا ڏَوهه،
ھو اَوڇَڻَ سِرِ اُٺَنِ تي، ھِيءَ پَنڌِ پَڇاڙي پوءِ،
ليڙَنِ ري، لَطِيفُ چي، ڪيئن ڪَرِيندِيَسِ ڪوهَه،
اَڳِيان رائو سُڄي روهَه، وِهان تان نہ وَسِ پِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 3، بيت 2، ص: 352)
ھَلَندي ھاڙهو مَڻِي، سِسِي ڏِيندِيَس ساھُه،
لِڱنِ تان لَطِيفُ چي، پاري نِيُمِ پاھُه،
ڪَندو ٻاجَھ اَللهُ، وِهان تان نہ وَسِ پِيو.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 3، بيت 3، ص: 353)
شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪلام ۾ شروعات واريءَ وراڻ جا يارهن مثال ملن ٿا. ان کان سواءِ ٻين نمونن جي وراڻ جا بہ مثال موجود آھن، جن جو ذڪر مٿي ڪيل آھي. اھا وراڻ پھريون ڀيرو ھن شاعر جي شعر ۾ ملي آھي. ان کان پوءِ شاھ عنات رضوي، شاھ لطيف، سچل سرمست، قادر بخش بيدل ۽ ٻين شاعرن انهيءَ فني خوبيءَ کي استعمال ڪري، بيتن ۾ رنگيني، رواني ۽ تاثير پيدا ڪيو.
شاھ لطيف ۽ شاھ لطف الله قادريءَ وٽ ڪجهہ موضوع تہ اھي ئي صفت ثنا وارا آھن، جيڪي سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ جا آھن، پر شاھ لطيف وٽ موضوعن جي وڌيڪ وسعت آھي.
قاضي قادن / قاضي قاضن (وفات: 1551ع)
(ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ’قاضي قادن‘ لکيو آھي، جڏهن تہ، علامه عمر بن محمد دائودپوٽي، ’تاريخ معصوميءَ‘ ۽ ’تحفة الڪرام‘ جي بنياد تي ’قاضي قاضن‘ لکيو آھي.)
قاضي قادن / قاضي قاضن کي سنڌي ٻوليءَ جو ھڪ اوائلي اساسي شاعر مڃيو وڃي ٿو. سندس تعلق سنڌ ۾ ارغون دور حڪومت سان ھو. قاضي قادن بن قاضي ابوسعيد بن زين العابدين جا وڏا، اصل سيوهڻ جا ويٺل ھئا، پر پوءِ سندس تڙ ڏاڏو قاضي ابوالخير بکر ۾ اچي آباد ٿيو. 1520ع ۾ جڏهن شاھ بيگ ارغون ٺٽي تي حملو ڪيو تہ ان وقت قاضي قادن جو خاندان بہ ٺٽي ۾ آباد ھو. قاضي قادن کي ارغون حڪمرانن جي दरٻار ۾ خاص اھميت حاصل ھئي، شاھ بيگ ارغون ۽ قاضي قادن ٻئي مهدوي فرقي جي بزرگ سيد ميران محمد جونپوريءَ جا مريد ھئا ۽ قاضي قادن جي سفارش تي ئي شاھ بيگ ارغون ٺٽي ۾ قتل عام بند ڪرايو ھو.
شاھ حسن ارغون جي دور حڪومت ۾، قاضي قادن کي ’قاضي القضاة‘ جي عھدي تي مقرر ڪيو ويو. تقريباً ويهه سال، ھو انهيءَ عھدي تي ڪم ڪندو رهيو، جنھن کان پوءِ استعيفا ڏيئي، مديني شريف ھليو ويو، جتي 1551ع ۾ وفات ڪيائين.
قاضي قادن عربيءَ ۽ فارسيءَ جو ڄاڻو ھو ۽ اسلامي تعليم، فقه، تفسير ۽ حديث ۾ پڻ کيس خاص مهارت حاصل ھئي. قاضي قادن سنڌيءَ جو سٺو شاعر پڻ ھو. شروع ۾ سندس ست بيت شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي بيتن تي مشتمل ڪتاب بيان العارفين ذريعي مليا، پر 1976ع ۾ ڀارت جي اتر-اولهه ۾ واقع ھرياڻا رياست جي ڀاواني ضلعي جي رهتڪ شھر کان چاليه ميل پري راڻيلا نالي ڳوٺ جي ھڪ مندر جي ذخيري مان ديوناگري لِپيءَ/رسم الخط ۾ لکيل ڪجهہ دستخط ھيري ٺڪر کي ھٿ آيا، جنھن ۾ قاضي قادن جي نالي سان ھڪ سو ٻارهن بيت لکيل ھئا. ھيري ٺڪر انهن لکتن جو نقل حاصل ڪري، انهن کي ڀارت جي ناليوارن سنڌي اديبن ۽ عالمن جهڙوڪ: دادا جئرام داس دولت رام، دھلي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي سربراھ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، بزرگ شاعر نارائڻ شيام، ڊاڪٽر موتي لال جوتواڻي ۽ ڊاڪٽر پرسو گدواڻي وغيرہ جي سامهون پيش ڪيو، جن سڀني، بيتن جي اندروني ساخت ۽ ٻين شاھدين جي بنياد تي انهن ھڪ سو ٻارهن بيتن کي قاضي قادن جو ڪلام قرار ڏنو.
انهن بيتن کي ھيري ٺڪر، 1978ع ۾، دھليءَ مان قاضي قادن جو ڪلام جي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪيو. ان نئين دريافت، سنڌ ۾ سنڌي اديبن ۽ محققن کي ان ڏس ۾ تحقيق ڪرڻ جو سڏ ڏنو ۽ سنڌ جا ناليوارا محقق ۽ اديب، خاص طور تي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، نياز ھمايوني، سراج الحق ميمڻ، تنوير عباسي ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي، تنقيدي رايا ڏيئي، ان سلسلي ۾ تحقيق کي گهڻو اڳتي وڌايو.
ڪجهہ عرصي جي لاڳيتي تحقيق کان پوءِ، قاضي قادن جو نالو سنڌي ڪلاسيڪي شاعرن جي قطار ۾ سر فھرست شامل ٿي ويو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب، قاضي قادن جي شاعريءَ تي تحقيق ڪري ’قاضي قادن جو رسالو‘ نالي سان اھو مسودو، سنڌالاجيءَ طرفان ڇپرايو، جنھن ۾ 134 بيت تصديق ڪري شامل ڪيائين.
روايتن مطابق، شاھ عبداللطيف ڀٽائي پاڻ سان ٽي ڪتاب سدائين گڏ رکندو ھو؛ قرآن شريف، مولانا روميءَ جي مثنوي ۽ شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو رسالو. جيئن اڳ ۾ چيو ويو آھي تہ، قاضي قادن جا شروعاتي ست بيت، شاھ ڪريم جي رسالي ۾ ئي محفوظ ھئا، تنھن ڪري اھو چئي سگهجي ٿو تہ ان جي اڀياس دوران شاھ لطيف، قاضي قادن جي فڪر ۽ فن جو مطالعو پڻ ڪيو ھوندو. شاھ لطيف جا ڪجهہ بيت، مضمون ۽ فني ساخت (سورٺي) ۽ موضوع ’جوڳي‘ جي لحاظ کان، قاضي قادن جي بيتن سان گهڻي ھڪجھڙائي رکن ٿا، جنھن جو مثال ھيٺ ڏجي ٿو:
جوڳي جاڳايوس، سُتو ھوش ننڊ ۾،
توهان پوءِ ٿيوس، سندي پريان پيچري.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’قاضي قادن جو رسالو‘، ص: 182)
نُورِي ۽ نارِي، جوڳيئڙا جَهانَ ۾،
ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئون نَه جِيئندي اُنِ ريٖ.
(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 1، ص: 778)
مخدوم نوح سرور (1505–1591ع)
مخدوم نوح ولد مخدوم نعمت الله جو جنم سن 911ھ/1505ع ۾ ٿيو. سندس اصل نالو ميان لطف الله ھو، پر ڀِٽ شاھ جي ويجھو رهندڙ مخدوم نوح ھوٿياڻيءَ نالي ھڪ ڪامل दरويش جي وصيت ڪري، سندس نالو مَٽائي ’نوح‘ رکيو ويو. پاڻ صديقي خاندان مان ھو ۽ سندس خانداني طريقو سھروردي آھي.
مخدوم صاحب قرآن شريف جو فارسيءَ ۾ بہ ترجمو ڪيو، جيڪو ننڍي کنڊ ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ پھريون ترجمو ليکيو وڃي ٿو. اھو ان دور جو ھڪ وڏو علمي ڪارنامو آھي. اھو ترجمو سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو آھي. فارسي ترجمي جو سنڌي ترجمو پڻ سنڌي ادبي بورڊ پاران شايع ڪيو ويو آھي.
مخدوم نوح ۽ شاھ لطيف جي تڙ ڏاڏي، شاھ عبدالڪريم جي پاڻ ۾ پريت ھوندي ھئي، شاھ ڪريم گهڻي قدر وٽس ايندو ويندو ھو. ھڪ ڀيري شاھ ڪريم، مخدوم نوح ڏانهن ايندي، ھاڻوڪي ڀٽ واري جاءِ تي مريدن کي حڪم ڪيو تہ ھتان جهنگ ڪپي صاف ڪريو. منهنجي اولاد مان ھڪ مردِ خدا پيدا ٿيندو جو ھتي اچي آباد ٿيندو.
مخدوم نوح سرور، وقت جي سياست کان جدا رهي صرف خلق خدا کي روحاني فيض ڏيندو ھو. سندس وفات 87 ورهين جي ڄمار ۾ 17 ذوالقعد سن 999ھ/1591ع ۾ ٿي.
مخدوم نوح سرور، پنھنجي دور جو اھم شاعر آھي. سندس شاعري، ڪلاسيڪي ادب جو املهه سرمايو آھي. سندس بيت مثال طور ڏجن ٿا:
اپٽيان تہ انڌيون، پوريون پرين پسن،
آھي اکڙين، عجب پر پسڻ جي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 303)
ماڪَ نہ ڀانيو ماڙهئا، پيئي جا پرڀات،
روئي چڙهي رات، ڏسي ڏکوين کي.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 303)
نہ سي جوڳي جوءِ ۾، نہ سا سَگهِي چانُٺ،
ڪاپڙين ڪنواٺ، وڏيَ ويل پلاڻِيا.
(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1999ع)، ’سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ‘، ص: 303)
متان ڏسين موهجين، دنيا وارو ڌڄ،
جدا ڪجئين جودؤن ڇائي کي ٿي ڇڄ،
نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ،
اڄ نہ ٿئي صبحاڻ، صبحاڻ نہ ٿئي اڄ،
مُٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا.
(جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، (2004ع)، ’سنڌي ادب جي تاريخ‘، جلد پھريون، ص: 64)