ڀٽ شاھ تي مدفون شخصيتون
ڀٽ شاھ تي مدفون شخصيتون
آچر فقير وساڻ، ڪُنجي بردار درگاھ لطيفي (وفات: 1960ع)
آچر فقير وساڻ، 25 جمادي الاول 1380ھ/1960ع تي وفات ڪئي، ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. چون ٿا تہ ھيءُ فقير جوانيءَ ۾ ڏاڍومڙس ۽ ڌاڙيل ھو، پر جڏهن درگاھ لطيفيءَ تي آيو تہ سڀ ڳالهيون وسري ويس ۽ زبردست خدمت عيوض ان وقت جي سجادہ نشين درگاھ لطيفي، سيد شاھ ڏني شاھ کيس درگاھ جي ڪُنجي حوالي ڪئي. سڀ کان وڌيڪ عرصو ڪنجي بردار ھيءُ فقير رهيو. ھو اصل ٻوڙيجي، تعلقي سنجهوري، ضلعي سانگهڙ جو رهواسي ھو.
آغا سليم (1935ع–2016ع)
نامور اديب، ڊراما نگار، ناول نگار، محقق، شاعر، صحافي ۽ لطيف شناس آغا خالد سليم، 7 اپريل 1934ع تي شڪارپور شھر ۾ ڄائو. سندس پيءُ جو نالو آغا عبدالڪريم آھي. آغا سليم، گريجوئيشن ڪرڻ کان پوءِ ريڊيو پاڪستان ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ مختلف عھدن تي رهندي، 1994ع ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ريٽائر ڪيو. نوڪريءَ دوران ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ڪراچي، ملتان، اسلام آباد ۽ اسڪردو ۾ رهيو. ريڊيو جي نوڪريءَ دوران اردو ۽ سنڌيءَ ۾ ريڊيو ۽ ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما لکيائين، جڏهن تہ اردو ۾ ’دودو چنيسر‘ ڊرامو لکيائين، جيڪو لوڪ ورثہ پاران شايع ڪيو ويو، سندس لکيل اسٽيج ڊرامي ’دولهہ دريا خان‘ کي حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ اسٽيج ڊرامي جي حيثيت ۾ تمام گهڻي شھرت ملي.
ريٽائرمينٽ کان پوءِ صحافتي ميدان ۾ گهڙيو ۽ روزاني اخبار ’جاڳو‘ ۽ ’سچ‘ جي ايڊيٽر جي حيثيت ۾ ورهين تائين خدمتون سرانجام ڏنائين.
ادبي سفر جي شروعات ’چنڊ جا تمنائي‘، ’لذت گناھ ‘ ۽ ’ڌرتي روشن آھي‘ جھڙن افسانوي مجموعن سان ڪيائين. سنڌ جي تاريخ ۽ تصوف سندس خاص موضوع رهيا آھن. ’اونداھي ڌرتي روشن ھٿ‘، ’اڻپورو انسان‘ ۽ ’همه اوست‘ سندس بھترين ناول/ناوليٽ آھن. پاڻ شاعري بہ ڪيائين. ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ جي نالي سان سندس شاعريءَ جو مجموعو بہ شايع ٿيو آھي. آغا سليم، بابا فريد، سامي ۽ شاھ لطيف جو اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو بہ ڪيو آھي.
تحقيق ۾ سنڌي ڪتاب ’سنڌي موسيقيءَ جي روايت ۽ شاھ جي رسالي جو سُر ڍولا مارو‘ ۽ اردو ترجمو ’لالن لال لطیف کہے‘ شامل آھن. شاھ لطيف جي ڪلام جي اردو ترجمي ۾ لئي ۽ تال تي خاص ڌيان ڏنو ويو آھي. پاڻ، شاھ جي رسالي جو انگريزيءَ ۾ بہ ترجمو ڪيائين، جيڪو ثقافت کاتي، Melodies of Shah Abdul Latif جي نالي سان چئن جلدن ۾ شايع ڪيو آھي.
سندس زندگيءَ ۾ شايع ٿيندڙ آخري ڪتاب ’جيڪي ڏٺو سو مون‘، شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران شايع ٿيو، جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري، فن ۽ فڪر جو پڙاڏو آھي. سندس وفات کان پوءِ ثقافت کاتي پاران ساميءَ تي انگريزيءَ ۾ لکيل سندس ڪتاب Sami Sings Vedanta شايع ٿيو.
کيس ٻہ ڀيرا ’شاھ لطيف ايوارڊ‘ سان نوازيو ويو. 2005ع ۽ 2011ع ۾ پاڪستان سرڪار کيس ٻہ ڀيرا حسن ڪارڪردگيءَ جو تمغو ڏنو. ان کان سواءِ پاڻ ڪيترائي علمي ۽ تحقيقي مضمون، اخباري ڪالم ۽ ايڊيٽوريل لکيا اٿس، جڏهن تہ ’جهولي لعل‘ جي نالي سان ڀارت، چين ۽ پختونخواھ صوبي جو سفرنامو پڻ لکيو اٿس. 12 اپريل 2016ع تي ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين، جتي کيس امانت طور دفنايو ويو ۽ 5 مئي 2017ع تي ڀِٽ شاھ جي مکيه مُقام ۾ تمر فقير جي ڀر ۾ سندس تدفين ڪئي وئي.
آغا محمد رحيم ولد دلاور خان (وفات: 1939ع)
آغا محمد رحيم خان پُٽ دلاور خان اصل افغانستان جو ھو. جڏهن ظاھر شاھ، امان الله خان جي حڪومت جو انت آندو، تڏهن ھي پھريائين دھلي ويو ۽ اتان پوءِ سنڌ آيو ۽ خيرپور ۾ ڪجهہ عرصو رهي، ڀِٽ شاھ ھليو آيو ۽ سيد حسين شاھ لطيفيءَ ۽ پير ڌڻي جڙئي شاھ وٽ رهيو.
ھن 26 ربيع الاول 1358ھ/1939ع تي وفات ڪئي، ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. سندس پُٽ ھن وقت (2012ع) لطيفي درگاھ جو ڪُنجي بردار آھي.
ابراھيم فقير ’پخالي‘ (وفات: 1970ع)
ابراھيم فقير، 1970ع ۾ اٽڪل 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي، ۽ سندس قبر يعقوب شھيد جي مُقام ۾ آھي. ھيءُ فقير، اصل ۾ ڪشمور جو رهواسي ھو. 1950ع ڌاري پنھنجي ڪٽنب سان اچي، ڀٽ شاھ تي آباد ٿيو ۽ درگاھ جي خدمت ڪرڻ لڳو. درگاھ تي ملندڙ ٻاڪرو مال (ٻڪريون) چارڻ ھن جو ڪم ھو. ان کان علاوہ درگاھ جي اڱڻ تي ٻھارو ڏيندو ھو. ھيءُ فقير درگاھ جي وڏي کوھ تان پاڻي ڏولن ۾ ڀري، ڀٽ شاھ جي مسجدن ۾ وضوءَ جون ٽانڪيون ڀريندو ھو. 1962ع ۾، واپڊا جي بجلي اچڻ کان پوءِ، کوھ ۾ موٽر لڳايا ويا، جن وسيلي پاڻي ٽانڪين ۾ ويندو ھو. ھڪ سيمنٽ جي ٽانڪي اوقاف وارن کوھ ڀرسان ٺھرائي، پر جڏهن لائيٽ نہ ھوندي ھئي، تہ ھي فقير ڪلاڪن جا ڪلاڪ، نلڪي (هئنڊ پمپ) وسيلي پاڻي ٽانڪيءَ ۾ پھچائيندو ھو، جيڪو گهڻو سخت ۽ ڏکيو ڪم ھو، پر ھي عاشقِلطيف ان کي بہ سرانجام ڏيندو ھو. ھر وقت ٻھارو ڪڇ ۾ ھوندو ھئس. جتي بہ مٽي يا ڪو گند ڪچرو ڏسندو ھو، تہ ان کي صاف ڪندو ويندو ھو.
سخت محنت ڪرڻ ڪري ھيءَ فقير ٽي بيءَ جي مرض ۾ وڪوڙجي ويو. مناسب علاج نہ ٿيڻ ڪري ھي سچو فقير لاڏاڻو ڪري ويو. ويجهڙائيءَ ۾ سندس پٽ مجنون فقير بہ گذاري ويو آھي. ھن وقت سندس پوٽو درگاھ جي عَلم جي بنا ڪنھن اُجوري جي خدمت ڪري رهيو آھي.
احمد کٽي (وفات: 1983ع)
احمد کٽي، 1983ع ۾، اٽڪل 80 سالن جي عمر ۾، وفات ڪئي، ۽ سندس قبر يعقوب شھيد جي مُقام ۾ آھي. احمد کٽي، اصل ۾ ذات جو سومرو ھو، پر ڪپڙن جي رڱائيءَ ڪري کٽي سڏجڻ لڳو. پاڻ اجرڪن ٺاھڻ جو ماھر ڪاريگر ھو. ڪپڙو ڦاٽي وڃي پر رڱ نہ ويندو ھو. ان کان سواءِ، محرم ۾ ڪارا ڪپڙا رڱيندو ھو. نيري ۽ موڱي رنگ جو ڪم به، ھن جھڙو ڪوبہ نہ ڪندو ھو. سندس اجرڪون، سکر تائين وينديون ھيون ۽ تمام گهڻيون مشھور ھيون. شاھ لطيف جي خدمتگار خاندان جو ھيءُ فرد، 1983ع ۾، تمام غربت جي حالت ۾ گذاري ويو. سندس فرزند، غلام محمد کٽي اڄ به، اباڻو ڌنڌو ڪري، پيٽ پالي ۽ اتي ئي ھنرمندن جي ڪالونيءَ ۾ آباد آھي.
بلاول پرديسي (وفات: 1999ع)
کاڻوٺ، تعلقي ھالا ۾ جنم وٺندڙ ھن شاعر، استاد ۽ تعليمي ماھر، بلاول پرديسيءَ، 14 ڊسمبر 1999ع تي وفات ڪئي. کيس يعقوب شھيد جي مُقام ۾ دفن ڪيو ويو. سندس ڪافي شعر مشھور آھن. انهن مان ھڪ سھري جون سٽون ھيٺ ڏجن ٿيون:
ھاڻ ميندي ھٿن کي لايان،
ھاڻ سرهي سيج وڇايان،
وني ايندو وٺڻ اڄ ڍولڻو.
ٻانهون خان شيخ ( 1928ع–2008ع )
ٻانهي خان شيخ 19 آڪٽوبر 2008ع تي وفات ڪئي، ۽ سندس قبر درگاھ شريف واري مکيه مُقام ۾، تمر فقير جي حجري لڳ آھي. ٻانهون خان شيخ ولد جُڙيو شيخ، 19 اپريل، 1928ع تي ڀٽ شاھ ۾ پيدا ٿيو. پاڻ شاھ لطيف جو سچو عاشق ۽ رسالي جو شارح ھو. سندس مُرتب ٿيل رسالو، ٽن جُلدن تي مشتمل آھي، جيڪو شاھ عبداللطيف ڀٽائي چيئر، ڪراچي يونيورسٽي پاران، جلد وار 2000ع، 2001ع ۽ 2002ع ۾ پھريون ڀيرو ڇپرايو ويو. بعد ۾ انهن ۾ گهربل درستيون ڪري انهن جلدن کي 2012ع ۾ ٻيھر شايع ڪرايو ويو آھي. ٻين رسالن جي ڀيٽ ۾ ھن رسالي ۾ شاھ لطيف جو گهڻي ۾ گهڻو ڪلام آھي، ان ۾ گهڻي ۾ گهڻن ڏکين لفظن جي معنيٰ پڻ ڏنل آھي.
ٻانهي خان شيخ غربت ھوندي بہ تعليم پرائي ۽ 1964ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايل. ايل. بي جو امتحان پاس ڪيائين. سرڪاري نوڪري 1948ع ۾ ڪلارڪي سان شروع ڪيائين ۽ ترقي ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ ڊپٽي سيڪريٽريءَ جي عھدي تي پھتو، جتان 1988ع ۾ رِٽائر ٿيو.
ڀائي خان وساڻ (وفات: 1921ع)
ڀائي خان وساڻ، 22 ذوالحج 1339ھ/1921ع تي وفات ڪئي، ۽ شاھ لطيف جي روضي جي ڏاکڻين پاسي ذاڪري فقيرن واري اوطاق ۾ دفن ٿيل آھي. ڀائي خان وساڻ، شاھ لطيف جو خاص عقيدتمند ھو. ھن شاھ لطيف جي روضي مٿان 7 فُٽ ڊگهي سوني نيل لڳرائي، اھا نيل 1940ع ڌاري روضي جي مرمت جو ڪم ھلندي، ڪو شاھينگ رات جو ڪارائيءَ سان اڌ ڪٽي، لاھي فرار ٿي ويو. صبح جو جڏهن ڳوٺ وارن کي خبر پيئي تہ اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳا، ۽ سڄو شھر بند ٿي ويو. سنڌ جي ڪيترن ئي شھرن ۾ مظاھرا ٿيا، ھڙتالون ٿيون. آخر چور پڪڙيو ويو، جيڪو سينٽرل جيل حيدرآباد ويو. اتي لطيف جي عقيدتمندن کيس اُڦٽ ماري ڇڏڻ جو سوچيو. ان ڪري جو ھن شاھ لطيف جي روضي تان نيل لاٿي ھئي، پر سجادہ نشين ۽ وساڻ خاندان چور کي بخش ڪري ڇڏيو، ڇو تہ ھُن ٻڌايو ھو، تہ مجبوريءَ ۾ ھن اھو ڪم ڪيو. سندس ٻن نياڻين جي شادي ڪرڻي ھئي، ٻيو ڪو آسرو نہ سمجهي، ھن نيل لاٿي. ان نيل جو اڌ پوءِ، ڀائي خان وساڻ جي پُٽ، جان محمد وساڻ ٺھرائي لڳارايو.
پروانو فقير ٿري، ڪُنجي بردار درگاھ لطيفي (وفات: 1909ع)
پرواني فقير ٿريءَ، 29 ذوالحج 1327ھ/1909ع تي وفات ڪئي، ۽ درگاھ واري مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير، ٿر جو رهواسي ھو ۽ درگاھ جي خدمت عيوض ان وقت جي سجادہ نشين، لطف علي شاھ کيس درگاھ جي چاٻي عطا ڪئي. سندس وفات کان پوءِ جمعو فقير جُوڻو ڪُنجي بردار ٿيو.
پروفيسر عبدالعلي قلباڻي (1909ع–1988ع)
مسلم ڪاليج حيدرآباد جو اڳوڻو پرنسپل، استاد، اديب ۽ شاعر، پروفيسر عبدالعلي قلباڻي، شاھ لطيف جو سچو عاشق ۽ خاص مريد ھو. شاھ لطيف بابت سندس لکيل مقالا ۽ مضمون، مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا. پروفيسر صاحب 7 جون 1909ع تي پيدا ٿيو ۽ 8 مارچ 1988ع تي وفات ڪيائين. سندس وصيت مطابق شاھ لطيف جي درگاھ واري مُقام ۾ کيس تمر فقير جي سيرانديءَ کان دفن ڪيو ويو.
پنهل فقير جُوڻو (وفات: 2001ع)
پنهل فقير جُوڻي، 12 آگسٽ 2001ع تي، اٽڪل 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، ۽ درگاھ واري مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير، جمعي فقير ڪُنجي بردار جو ڀائٽيو ۽ ڪالو فقير جُوڻي جو فرزند ھو. شروع ۾ ھي فقير حجري ۾ بيٺل مال متاع جو سنڀاليندڙ ھو. کير جي ڏُهائي ڪري، ’ڏڌ واري جاءِ‘ تي پھچائيندو ھو. لنگر لاءِ ڪاٺين وغيرہ جو بندوبست بہ ھن فقير جي ذمي ھو. ڪؤڙي فقير جي اوچتي وفات کان پوءِ، پنهل فقير کي ڪُنجي بردار بڻايو ويو. سڀ کان وڌيڪ عرصو، درگاھ شريف جي ڪنجي ھن فقير وٽ رهي.
پنهل فقير جو نمايان ڪم ھي ھو تہ ھُن 1965ع ڌاري، درگاھ ۽ جامع مسجد جي اندر، ملتان جي مشھور ڪاريگرن کان، شيشي ۽ چٽساليءَ جو مثالي ڪم ڪرايو، جيڪو ياد رکيو ويندو. درگاھ جي جامع مسجد جي پيش امام حاجي قادربخش فقير جي وفات کان پوءِ ڳچ عرصو مسجد جو پيش امام ٿي رهيو.
پير اسماعيل ولد عيوض شاھ (وفات: 1985ع)
پير اسماعيل 19 محرم 1405ھ/1985ع تي وفات ڪئي، ۽ شاھ لطيف جي حجري واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير محمد فقير (ويس دار فقير) جي پُٺ جو آخري فقير ھو. سندس اوطاق اڄ بہ درگاھ جي اوڀر اتر ۾ موجود آھي. ھتي ڪنڊياري جا وساڻ جيڪي درگاھ جا خاص مريد ھئا اچي رهندا ھئا. ھن وقت وساڻ فقير سندس اوطاق سنڀالين ٿا ڇو تہ کيس پُٽيتو اولاد نہ ٿيو.
پير بخش ڄاموٽ ولد لقمان شاھ (وفات: 2000ع)
پير بخش ڄاموٽ، 2000ع ۾ اٽڪل 75 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي، ۽ درگاھ شاھ لطيف لڳ مولائين جي پِڙ ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ اصل ۾ ڪوئٽا (بلوچستان) جو رهندڙ ھو. 1935ع ۾ ڪوئٽا شھر ۾ وڏو زلزلو آيو، جنھن ۾ ھزارين ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. پير بخش فقير جي عمر ان وقت 10 کن سال ھئي. ھن جو والد زلزلي ۾ فوت ٿي ويو ھو. پاڻ سندس والدہ آست بيگم سان گڏ، پھرين دھليءَ ويو، پوءِ ڪلڪتي ويو. بهرحال ھندستان جا ڪافي شھر گهمڻ کان پوءِ، سندس والدہ کيس ڀٽ شاھ وٺي آئي ۽ پوءِ اتي رهڻ جو فيصلو ڪيائين. فقير پير بخش جي والدہ مردانو پٽڪو ٻڌي ھلندي ھئي ۽ ڪٿي بہ جهيڙو ڪري وجهندي ھئي. ڪئين ڀيرا کيس ٿاڻن جو منھن ڏسڻو پيو ھو. حقيقت ۾ ھوءَ زلزلي ۾ سندس خاندان جي سڀني ڀاتين جي مرڻ ڪري دماغي توازن وڃائي ويٺي ھئي، پر تڏهن بہ پنھنجي جگر جي ٽڪر پير بخش جي ڪري زندہ ھئي. پر سندس لاڏاڻي کان پوءِ ستت گذاري ويئي. کيس پرڏيھين جي مُقام ۾ دفن ڪيو ويو ۽ پير بخش فقير سيد حسين شاھ ۽ سيد پير ڏني شاھ وٽ رهيو ۽ وڏو ٿيو. ھيءُ تمام ذھين ماڻهو ھو. شاھ لطيف جي ميلي ۾ لڳندڙ ملاکڙي ۾، پيهين جي ڊزائين ۽ تعمير پاڻ ڪندو ھو. ان کان علاوہ، درگاھ شريف تي سادات يا سندن عورتن جي گذاري وڃڻ تي قبرن جي کوٽائي ۽ ان جا کڙڪ (قبر جو اندر وارو حصو) ٻڌڻ جو ڪم پاڻ ڪندو ھو. سيدن جون اوطاقون جيڪي لوڙهن اندر ھيون، تن سڀني کي اوڏڪي ڀتين سان محفوظ ڪيائين. 15 آڪٽوبر، 1954ع تي ان وقت جي سنڌ جي وڏي وزير، پيرزادي عبدالستار، شاھ لطيف جي ميلي جو افتتاح ڪيو ۽ ملاکڙي ۾ پورا چار ڪلاڪ ويٺو رهيو. ھُن پڇيو تہ ھيءَ پيھيون ڪنھن ڊزائين ڪيون آھن؟ کيس ٻڌايو ويو تہ انهن جو خالق سيدحسينشاھ لطيفي آھي، جڏهن تہ ڊزائنر فقير پير بخش ڄاموٽ آھي تہ ھُن صاحب ھلندي، ملاکڙي ۾ سيد حسين شاھ لطيفي ۽ پيربخش فقير کي گهرائي کين انعام سان نوازيو ۽ شاباس ڏني.
پير بخش خان بوداڻي ولد بچل خان بوداڻي (وفات: 1993ع)
پير بخش بوداڻيءَ، 9 مئي 1993ع تي وفات ڪئي ۽ وصيت مطابق حجري شاھ لطيف واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھن جون خدمتون بہ تمام گهڻيون ھيون، خاص ڪري تَمر فقير جي اولاد ۽ راڳي فقيرن جو خاص خيال رکندو ھو. سندس بنگلي لڳ، ريلوي اسٽيشن شھدادپور تي ھر وقت فقيرن جو ميلو متل رهندو ھو.
جان محمد وساڻ ولد ڀائي خان وساڻ (وفات 1969ع)
جان محمد وساڻ، 18 جمادي الاول 1389ھ/1969ع تي اٽڪل 91 سالن جي عمر ۾، وفات ڪئي ۽ شاھ لطيف جي درگاھ لڳ ذاڪري فقيرن جي اوطاق ۾ دفن ٿيل آھي. جڏهن شاھ لطيف جي روضي مٿان نيل چوري ٿي تہ ڀائي خان وساڻ جو پُٽ جان محمد وساڻ بمبئيءَ مان سون وٺي آيو ۽ اچي، پھرينءَ کان بہ سهڻي ۽ ڪجهہ وڏي نيل، شاھ لطيف جي روضي تي لڳارايائين، جيڪا اڄ بہ پري کان ڏسڻ ۾ اچي ٿي.
جان محمد وساڻ، پنھنجي ڳوٺ شھدادپور کان ڀٽ شاھ تائين بس ھلارائي. ان بس ھلائڻ جو مقصد مالي فائدو نه، پر فقط زيارتين کي سھولت ڏيڻ ھو، جيڪي خاص ڪري جمعي رات، ڀٽ ڌڻيءَ جي دربار ۾ حاضري ڀرڻ ايندا ھئا. ان مقصد لاءِ جانمحمدوساڻ، باقر موريءَ کان ڪنب داڙو ۽ اتان ڀٽ شاھ تائين روڊ ليز تي کنيو ۽ پوءِ ان جي مرمت وغيرہ بہ ھن جا ماڻهو ڪندا ھئا، جن کي ماھوار پگهار بہ پاڻ ڏيندو ھو. اھا ھن مريد جي عقيدت جي حد ھئي. ان کان سواءِ شاھ لطيف جي ميلي ۾ ھلندڙ لنگر جو بندوبست بہ پاڻ ڪندو ھو. ان کان پوءِ سندس خاندان ھن ڪم کي ’رسم‘ سمجهي ھلائيندو اچي ٿو.
جمعو فقير جُوڻو (وفات: 1936ع)
جمعي فقير جوڻي 1355ھ/1936ع تي وفات ڪئي، ۽ درگاھ ڀٽ شاھ جي مکيه مُقام جي ڏاکڻئين پاسي دفن ٿيل آھي. اصل ۾ ھي فقير ڍنڍي ضلعي رحيميارخان جو ويٺل ھو. خدمت طور لطيفي درگاھ تي آيو، پوءِ پنھنجي خاندان سميت ھتي ئي رهي پيو. کيس ان، وقت جي سجادھنشين علڻ سائينءَ وڏي، لطيفي درگاھ جي ڪنجي عطا ڪئي. ھن درگاھ کي توسيع ڏيڻ واري ڪم ۾ ’علڻ سائينءَ‘ جو وڏو ساٿ ڏنو، ۽ سڄي ڪم جي نگراني ڪيائين. خدمتگار طور سندس نالو اڄ بہ جامع مسجد جي ورانڊي اڳيان ھڪ سر تي لکيل آھي.
حاجي الله ڏنو بوداڻي ولد بچل خان بوداڻي (وفات: 1984ع)
حاجي الله ڏني بوداڻيءَ، 3 رمضان 1407ھ/24 مئي، 1984ع تي وفات ڪئي، ۽ شاھ لطيف جي حجري واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. رئيس الله ڏنو خان بوداڻي، ڳوٺ بچل خان بوداڻي، لڳ ريلوي اسٽيشن شھدادپور جو رهواسي ھو. ھو ڀٽ ڌڻيءَ جي خاص مريدن مان ھو، جيڪي سڄو سال درگاھ شريف جي خدمت ڪندا رهندا ھئا. لنگر لاءِ اناج وغيرہ ڏيڻ، کير لاءِ مينهون ۽ ڍڳيون ڏيڻ سندن ذمي ھو، اُھي جڏهن کير ڏيڻ ڇڏي ڏينديون ھيون، تہ اھي وهڪيل مينهون ڪاھي ويندا ھئا ۽ سُوئا مينهون ڏئي ويندا ھئا. ھو گل محمد فقير ۽ پيرل فقير ارباب جو ٻالڪو ھو ۽ انهن جي اوطاق تي اچي رهندو ھو.
حاجي قادر بخش جُوڻو، پيش امام ۽ ڪُنجي بردار (وفات: 1999ع)
حاجي قادر بخش جُوڻي، 26 ربيع اول 1411ھ/1999ع تي وفات ڪئي، ۽ شاھ لطيف جي حجري واري مُقام ۾ درگاھ جي اُتر طرف دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير ڪُنجي بردار جمعي فقير جُوڻي جو پوٽو ھو. ھيءُ فقير، شاھ لطيف جي درگاھ واري جامع مسجد جو پيش امام پڻ ھو. 1980ع ۾ جڏهن درگاھ شاھ لطيف جي ڪُنجي بردار، پُنهل فقير کي شاھ ڪريم بُلڙيءَ واري جي درگاھ جي ذميواري ڏيئي موڪليو ويو، تڏهن کيس درگاھ شاھ لطيف جو ڪُنجي بردار بڻايو ويو. ھن فقير جي دؤر ۾، لنگر عام ۽ ججھي مقدار ۾ ھلندو ھو. شھر ۾ جيڪڏهن ڪنھن شخص جي گهر ڪا بيماري يا فوتگي ٿيندي ھئي، تہ دم دعا لاءِ فقير قادر بخش کي گهرايو ويندو ھو. سندس گهر واري، سڄي شھر جي ننڍڙن ٻارن کي قرآن شريف پڙهائيندي ھئي ۽ سندس گهر، ’استاد جو گهر‘ جي نالي مشھور ھوندو ھو.
27 رمضان شب قدر تي ٿيندڙ خاص تقريب، جيڪا جامع مسجد اندر ٿيندي ھئي، ان جو ھو اڳواڻ ھو. جڏهن ھو دعا پڙهي ختم ڪندو ھو، تہ ان کان پوءِ مسجد ۾ گڏ ٿيل ونڊُ، ورهايو ويندو ھو. اڄ بہ ھن جي گهر کي ’استاد جو گهر‘ ڪري سڏيو ويندو آھي.
خليفو محمد عالم ڏيرو
خليفو محمد عالم ڏيرو، شاھ لطيف جو سڳو ماسات، ذڪر ۽ سماع جو نگران ھو، جيڪو ٻالڪپڻي کان وٺي ڀٽ تائين سڄي ڄمار شاھ لطيف سان گڏ رهيو. سندس قبر مکيه مُقام ۾ تمر فقير جي قبر کان اوڀر طرف آھي. (وڌيڪ ڏسو عنوان: شاھ لطيف جا مِٽَ مائٽ، صفحو 136)
ڌڻي بخش فقير عرف ’پوٺو فقير‘ (وفات: 1970ع)
ڌڻي بخش پوٺي فقير، 1970ع ۾، 80 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي۽ ونھئين فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھن فقير ميدان فقير کان متاثر ٿي، ’پوٺو‘ فقير نالو رکرايو. پوٺي جو مطلب بہ ميدان آھي. پنج سال ھن بہ ساڳي خدمت ڪئي. کيس ڄام ڪانڀو خان وارو زبون بنگلو، رهڻ لاءِ ڏنو ويو. ھيءُ فقير، اھو محنت وارو ڪم ڪرڻ ڪري، 1977ع ڌاري ساھ جي بيماريءَ ۾ مبتلا ٿي پيو ۽ پنج سال ڪم ڪرڻ کان پوءِ درگاھ تي گذاري ويو.
ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو (1896ع–1958ع)
شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي جي قبر ڀٽ شاھ واري مکيه مُقام ۾، شاھ لطيف جي روضي جي پيراندي ۾ ڏکڻ طرف آھي.
ڊاڪٽر دائودپوٽو اربع جي ڏينھن تاريخ 25 مارچ، 1896ع موجب 9 شوال 1313هه ۾ ضلعي دادوءَ جي تعلقي سيوهڻ جي ھڪ ننڍڙي ڳوٺ ’ٽلٽيءَ‘ ۾ ڄائو. سندس والد جو نالو محمد خان دائودپوٽو ھو. سندس ڄم جو نالو عمرالدين رکيو ويو.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، ستن سالن جي عمر ۾، 1903ع ۾ ٽلٽيءَ جي سنڌي اسڪول ۾ داخل ٿيو ۽ 1910ع ۾ ابتدائي تعليم پوري ڪيائين. انگريزي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ کيس ٽلٽيءَ جي اينگلو ورنيڪيولر اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويو. انهن ئي ڏينھن ۾ قرآن شريف پڻ پڙهي پورو ڪيائين ۽ فارسي ٻولي پڻ سکيائين.
ڊاڪٽر دائودپوٽو، پنھنجي شاگرديءَ وارو دؤر، محنت ڪندي گذاريو. پنھنجي پڙهائيءَ جا خرچ پورا ڪرڻ لاءِ ھُو تغاريون کڻڻ ۽ کٽون واڻڻ جو ڪم بہ ڪندو ھو. ننڍي ھوندي کان پڙهائيءَ ۾ تمام ھوشيار ھو. سندس ھوشياريءَ جي ڪري ئي کيس لاڙڪاڻي جي مدرسي ۾ مفت داخلا ملي. لاڙڪاڻي جي مدرسي کان پوءِ کيس، نوشھري فيروز جي مدرسي ۾ داخلا ملي، جتي کيس سندس ھوشياريءَ جي ڪري، ماھوار وظيفو پڻ ملندو ھو. 1915ع ۾ پاڻ ڪراچيءَ جي سنڌ مدرسة الاسلام ۾ داخل ٿيو، جتان 1917ع ۾ مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪيائين، ۽ سڄي سنڌ ۾ پھريون نمبر آيو، جنھن ڪري کيس ’سنڌ ايگريشن‘ انعام مليو. مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ، ساڳئي سال، ڏيارام ڄيٺمل (ڊي جي) سنڌ گورنمينٽ ڪاليج ۾ داخلا ورتائين. 1919ع ۾ بي. اي. (B.A.) ۾ داخل ٿيو ۽ فارسي ۽ ادبيات جھڙا مضمون کنيائين. پاڻ جڏهن بي. اي. (B.A.) جي آخري سال ۾ ھو، تہ ان وقت خلافت تحريڪ جو سخت زور ھو، ۽ ھُن ھڪ شاگرد جي حيثيت سان تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.
1921ع ۾، بي اي جو امتحان فرسٽ ڪلاس ۾ پاس ڪرڻ کان پوءِ، مُمبئي يونيورسٽيءَ ۾، ايم اي (M.A.) ۾ داخلا ورتائين. 1925ع ۾ ايم اي جو امتحان پھرئين نمبر سان پاس ڪيائين، جنھن ڪري کيس ’چانسلر گولڊ ميڊل‘ مليو. مُمبئي يونيورسٽيءَ مان اھو اعزاز کانئس پوءِ ڪوبہ ٻيو سنڌي شاگرد حاصل ڪري نہ سگهيو.
1924ع ۾، کيس ھند سرڪار پاران اسٽيٽ اسڪالرشپ ملي ۽ پاڻ انگلينڊ جي ڪيمبرج يونيورسٽيءَ جي ايمونيل ڪاليج ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ ويو. اتي سخت محنت ڪري پنھنجو تحقيقي مقالو ’عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر‘ جي عنوان سان، ٿيسز لکيائين، جنھن ڪري 1927ع ۾ کيس، پي ايڇ ڊي جي ڊگري ملي. ڊاڪٽر دائودپوٽي کي اھو پڻ اعزاز حاصل آھي، تہ ھو سنڌ جو اُھو پھريون شخص ھو، جنھن عربيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي. جي ڊگري حاصل ڪئي.
ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪرڻ کان پوءِ ساڳئي سال پاڻ سنڌ موٽي آيو ۽ سنڌ مدرسي ۾ پرنسپال جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ لڳو. 1930ع کان 1939ع تائين کيس مُمبئيءَ جي اسماعيل يوسف ڪاليج ۾ عربيءَ جو پروفيسر مقرر ڪيو ويو. سندس علمي ادبي خدمتن جي عيوض کيس عربي، فارسي ۽ سنڌي ٻوليءَ لاءِ جوڙيل، بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر پڻ چونڊيو ويو. 1939ع ۾، پاڻ تعليم کاتي ۾ ’ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشنس سنڌ‘ جھڙي اعليٰ عھدي تي رسيو.
ڊاڪٽر دائودپوٽي کي اسڪول واري زماني کان ئي علم ۽ ادب سان چاھ ھو. شاگرديءَ واري زماني ۾ ڪيترائي شعر سنڌي ۽ فارسي زبان ۾ چيائين. گڏوگڏ ڪيترن ئي موضوعن تي مضمون لکيائين. سندس شروعاتي مضمون، روزاني اخبار ’الوحيد‘ ۾ ڇپيا. پاڻ شاگرديءَ واري زماني ۾، سنڌ مدرسي پاران شايع ٿيندڙ ’مدرسھ ڪرانيڪل‘ جو ايڊيٽر پڻ رهيو. سندس لکيل ڪيترائي اھم تحقيقي مضمون ۽ مقالا آھن. ان کان سواءِ، ھن عربي، فارسي، سنڌي ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب پڻ ترجمو ڪيا، جن مان اڪثر ڇپجي چڪا آھن، جڏهن تہ ڪجهہ اڃا اڻ ڇپيل بہ آھن. سندس ڪجهہ مشھور ڪتابن جا نالا ھي آھن:
طبعيات سعدي، مرشد المبتدي، روائج بوستان، سياست نامه نظام الملڪ، نفحات حافظھ، عيار دانش ابوالفضل، قطعات ابن يمين، سفرنامه ناصر خسرو، روشنائي نامه ناصر خسرو، سنڌي نظم ۽ نثر جو انتخاب، انتخاب نثر ۽ نظم فارسي، سرها گل، مجموعہ نثر والنظم (عربي)، سنڌي نظم، چونڊ سنڌي نثر ۽ نظم (3 ڀاڱا)، تاريخ معصومي، تاريخ چچنامه (فارسي)، منهاج العاشقين، بيان العارفين، ابيات سنڌي، ڪلام گرهوڙي، عربي شاعريءَ جو فارسي شاعريءَ تي اثر (انگريزي)، سروي آف ماس ايجوڪيشن (انگريزي)، مضمون ۽ مقالا، شاھ ڪريم بلڙيءَ واري جو ڪلام، منھنجي مختصر آتم ڪھاڻي، ميين عيسي جو ڪلام، غلام محمد خانزئيءَ جو رسالو، وغيرہ.
ڊاڪٽر دائودپوٽي جي اڻ ڇپيل ڪتابن ۾ ڪتاب النجات، مقدمه ابن خلدون جو سنڌي ترجمو ۽ مقدمه ابن خلدون جو انگريزي ترجمو شامل آھن.
سنڌي ٻوليءَ جي ھن محسن، ادب جي وڏي ڄاڻو، تعليمي ماھر، شاھ لطيف جي پارکو ۽ مشرقي ٻولين جي ماھر کي سن 1940ع ۾ انگريز سرڪار پاران شمس العلماء جو خطاب مليو. علامه دائود پوٽي پنھنجي استاد ڊاڪٽر ھوتچند مولچند گربخشاڻيءَ جي شاھ جي رسالي جي ترتيب ۽ تشريح ۾ ڀرپور مدد ڪئي. چيو وڃي ٿو تہ رسالي جو چوٿون جلد آخري پڙهڻي لاءِ ڊاڪٽر دائود پوٽي وٽ ئي رهجي ويو، جيڪو اڄ تائين شايع ٿي نہ سگهيو آھي.
ڊاڪٽر دائودپوٽي، 22 نومبر 1958ع تي وفات ڪئي، کيس سندس وصيت موجب ڀٽ شاھ تي مکيه مُقام ۾ دفنايو ويو.
رحيم ڏنو ولد ڪريم بخش فقير راھو (وفات: 1981ع)
رحيم ڏني فقير 1981ع ۾ وفات ڪئي ۽ شاھ لطيف جي حُجري واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ ويس دار فقير ھو. سندس گهر درگاھ جي اتر ۾ ھو. ھيءُ فقير اوطاقي فقير بہ ھو. سندس اوطاق موجودہ وڏي پڙ جي اوڀر ۾ ھئي، جيڪا رحيم ڏني فقير جي اوطاق طور مشھور ھئي. شاھ لطيف جي خاص خدمتگار فقيرن ۾ راھو ذات وارا بہ شامل ھوندا ھئا، جن جو ذڪر ’لطائف لطيفي‘ ۾ آيل آھي. ھيءُ بہ انهن فقيرن مان ھڪ ھو. ھنن فقيرن جي ذمي روزمرہ جو ڪم ڪار ھوندو ھو.
ساجن فقير ملاح (وفات: 1985ع)
ساجن فقير ملاح 1985ع ۾ اٽڪل 87 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ شھيد يعقوب فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ساجن فقير ملاح انهن ملاحن مان ھو، جيڪي ابن ڏاڏن کان اُٺن تي سامان ڍوئي ڀٽ شاھ جي ويجهو وڏي دريائي بندرگاھ گهوٽاڻا کان سانگهڙ ۽ ميرپورخاص تائين پھچائيندا ھئا. ھي فقير، شاھ لطيف جي جوڙيل سماجي سرشتي جا اھم رُڪن ھئا. ھن فقير وٽ 50 کن ڀلا لاڏو اُٺ ھوندا ھئا، جيڪي بار ڍوئڻ جي ڪم ايندا ھئا، پر گڏوگڏ ساجن فقير ملاح شاھ لطيف جو راڳ بہ ڳائيندو ھو. خاص ڪري ھر مهيني جي پھرئين سومر جي رات تي درگاھ تي ٿيندڙ سماع ۾ ،’ سُر ڏهر‘ جا بيت ڏيندو ھو ۽ ان کان پوءِ ذاڪري توڙي تمراڻي فقير، ضربون ھڻي سماع ۾ جوش پيدا ڪندا ھئا. ڪوٽڙي بيراج جي ٺھڻ کان پوءِ، گهوٽاڻن جو بندرگاھ اجڙي ويو ۽ اھڙيءَ طرح ھن فقير گهراڻي جو ڪاروبار بہ متاثر ٿيو.
سيد بلاول شاھ ولد سيد ٻڍل شاھ (وفات: 1979ع)
سيد بلاول شاھ، 25 آگسٽ 1979ع تي، وفات ڪئي ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. سيد بلال، شاھ لطيف جي ڀيڻ جي خاندان مان ھو. کيس علم ادب ۽ موسيقيءَ سان گهڻو لڳاءُ ھو. اڄ بہ سندس لائبرريءَ ۾ ناياب ڪتاب موجود آھن. ٻہ عدد فونوگرام، چار عدد پراڻا بيٽريءَ تي ھلندڙ ريڊيا، سندس گهر ۾ پيل آھن. ان کان سواءِ ھزار کن گراموفون رڪارڊ بہ سندس لائبرريءَ ۾ پيل آھن. مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالن جو بہ مستقل خريدار ھو.
سيد جمال شاھ، سجادہ نشين درگاھ لطيفي (وفات: 1789ع)
سيد جمال شاھ ولد سيد ڪريم ڏنو شاھ، 1203ھ/1789ع ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ جي روضي اندر شاھ لطيف جي تربت لڳ ساڄي پاسي کان دفن ٿيل آھي. سيد جمال شاھ، درگاھ لطيفيءَ جو پھريون سجادہ نشين ھو. سندس گاديءَ تي ويھڻ بابت مرزا قليچ بيگ لکي ٿو: ”سندس گاديءَ تي ويھڻ لاءِ گهڻا اميدوار ٿيا، نيٺ صلاح ڪري شاھ صاحب جي ڀائٽي جي پٽ سيد جمال شاھ کي سجادہ نشين ڪيائون. اھو سيد ’ونگي ولاسي‘ ۾ رهندو ھو، جنھن کي اڳئي شاھ صاحب، سجادہ نشين جو اشارو ڏئي ڇڏيو ھو، تنھن کي فقير اُتان وڃي وٺي آيا ۽ آڻي گاديءَ تي ويھاريائون.“(قليچ، 1987ع، ص: 45) (وڌيڪ احوال ڏسو، عنوان: واقعا، ص: 154)
جيئن تہ شاھ لطيف کي ڪو اولاد ڪونہ ھو، انهيءَ ڪري سندس وفات کان پوءِ درگاھ لطيفيءَ جي گاديءَ تي ويھڻ لاءِ گهڻا اميدوار ٿيا، جنھن لاءِ وقت جي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙي جي پٽ غلام شاھ ڪلهوڙي جي وچ ۾ پوڻ کان پوءِ سيد جمال شاھ کي گاديءَ تي ويھاريو ويو. ان بابت مير عبدالحسين سانگي لکي ٿو: ”ميان نور محمد ڪلهوڙو، جو وقت جو حاڪم ھو، تنھن ولايت جي دستار (جمال شاھ) جي مٿي تي ٻڌائي. ميان غلام شاھ طلائي تلوار نذر ڪئي ۽ سيد جمال شاھ گادي نشين بڻيو ۽ لطيفي روضي جي تعمير ڪرڻ لڳو.“(سانگي، 1986ع، ص: 126)
سيد حسين شاھ ولد سيد جان محمد شاھ (وفات: 1979ع)
سيد حسين شاھ، 5 محرم 1399ھ/1979ع تي وفات ڪئي ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ اولهہ پاسي دفن ٿيل آھي. پاڻ، شاھ جي رسالي جو حافظ ۽ سٺو راڳائي ھو. سندس آواز خاص ڪري آلاپ جي حوالي سان ايڏو تہ طاقتور ھو جو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندو ھو. 1952ع ڌاري ڀِٽ شاھ تي، ڊاڪٽر دائودپوٽي کي ’گنج‘ (شاھ جو رسالو) ڀيٽڻ ۾ مدد ڪيائين. 1965ع ڌاري ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سان درگاھ تي شاھ لطيف ۽ سندس ڪلام بابت ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪچھريون ڪندي نظر ايندو ھو. ڀِٽ شاھ تي ملاکڙي ۾ پيهن جو رواج حسين شاھ وڌو ھو.
سيد شاھ ڏنو شاھ سجادہ نشين درگاھ لطيفي (وفات: 1970ع)
سيد شاھ ڏنو شاھ ولد سيد علي بخش شاھ، 14 مئي 1970ع تي وفات ڪئي ۽ شاھ حبيب جي روضي اندر دفن ٿيل آھي. سيد علي بخش شاھ (علڻ سائين وڏي) جي وفات کان پوءِ، سندس وڏي فرزند، گادي نشين جا ڌاڳا پھريا. ھو سير سفر جو تمام گهڻو شوقين ھو ۽ دھلي، مُمبئي، آگري، پوني، شملي، مهاٻليشور (انڊيا) ۽ لاھور اڪثر ويندو رهندو ھو. ھو ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو وڏو ڄاڻو ھو.
ان وقت جا وڏا وڏا گويا، جھڙوڪ: استاد بڙي غلام علي خان، عاشق علي خان ۽ برڪت علي خان وغيرہ وٽس ايندا رهندا ھئا، پر جڏهن مٿس لطيفي پڳ آئي، تڏهن سڀ شوق ڇڏي، درگاھ جي خدمت ۾ لڳي ويو. روزي نماز جو پابند، نذر نياز ۾ سڀ کان اڳڀرو ھو. ان وقت جا مشھور ذاڪر ھر وقت سندس بنگلي تي رهندا ھئا. انهن ۾ سيد غلام حيدر شاھ ڪوثر ٺٽويءَ جو نالو خاص ھو. درگاھ جو، جيڪو ڪم سندس والد جي وفات جي ڪري اڻپورو رهجي ويو ھو، اھو سيد شاھ ڏني شاھ مڪمل ڪرايو؛ جيئن شاھ لطيف جي اوڀر واري چاندي جڙيل مکيه دروازي اڳيان وڏو ورانڊو ۽ لکي دروازي تي مڪرانا (راجسٿان) جي مشھور سنگ مرمر جو دروازو نصب ڪرائڻ جھڙا ڪم نمايان آھن. ورانڊي توڙي لکي دروازي تي سندس نالو ۽ سن 1367هجري صاف لکيل آھي.
درگاھ لطيف جو ھي آخري سجادہ نشين ھو، جنھن جي دؤر ۾، يعني 1960ع ۾، پاڪستان سرڪار ملڪ جي سڀني وڏين درگاھن کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو، پر تڏهن بہ ھي خدمت جو سلسلو جاري رکيو آيو. پاڻ امام بارگاھ ’وڏي پڙ‘ جو بہ متولي ھو.
1952ع ڌاري سيد شاھ ڏنو شاھ، 60 ماڻهن کي ساڻ ڪري ڪربلا معليٰ جي زيارت لاءِ ويو. سندس وفات تي پورا ٽي ڏينھن ڀٽ جو شھر بند رهيو ھو.
سيد علي بخش شاھ سجادہ نشين درگاھ لطيفي (وفات: 1933ع)
سيد علي بخش شاھ ولد سيد لطف علي شاھ، 1933ع ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ شريف جي روضي اندر دفن ٿيل آھي. ھيءُ سجادہ نشين، اڏاوتي ڪمن ڪري تمام گهڻو مشھور ھو. کيس محبت ۽ عقيدت سان ڳوٺ جا ماڻهو ’علڻ سائين‘ ڪري سڏيندا ھئا. 1930ع ڌاري، علڻ سائينءَ شاھ لطيف جي درگاھ کي وسعت ڏيڻ ۽ خوبصورت بنائڻ لاءِ ھڪ وڏي رٿا جوڙي ۽ ان تي ڪم بہ شروع ڪرايو. جامع مسجد لڳ درگاھ جي مرمت ڪرائي ۽ اُن جي اڳيان 70 فٽ ڊگهو ۽ 30 فٽ ويڪرو ورانڊو جوڙايائين. سِرن جو پراڻو فرش ڪڍرائي، مڪرانا (راجسٿان، انڊيا) کان اھوئي سنگ مرمر گهرايو، جيڪو تاج محل جي جوڙڻ لاءِ شاھجھان بادشاھ گهرايو ھو. اھو تمام اعليٰ قسم جو پٿر آھي، جيڪو اڇي ۽ ڪاري رنگ تي مشتمل آھي. خاص ڪري ورانڊي ۾ لڳل سنگ مرمر جا نھرا ٿنڀ ڏسڻ وٽان آھن. ورانڊي اڳيان ڪاشيءَ جو شاندار ڪم ٿيل آھي. اوڀر طرف ورانڊي کي پنج در، جڏهن تہ ڏکڻ طرف ٻہ در لڳل آھن. مٿي ڇت تي شيشم جي ڪاٺ جون ڪامون، داسا ۽ پٽيون وڌل آھن، جن تي اُڪر جو سھڻو ڪم ٿيل آھي. مسجد اندر منبر بہ نهري سنگ مرمر جو فٽ ٿيل آھي.
ھن سجادہ نشين ميلن ملاکڙن کي وڏو اوج وٺرايو. سندس دؤر ۾، ڄام ڪانڀو خان، شاھ لطيف جي ميلي تي، ملهه پھلوانن کي خاص انعامن اڪرامن سان نوازيندو ھو.
سيد غلام شاھ ولد سيد علي بخش شاھ (وفات: 1976ع)
سيد-غلام-شاھ،-1976ع-۾-اٽڪل-70-سالن-جي-ڄمار-۾-وفات-ڪئي-۽-درگاھ-جي-مکيه-مُقام-۾-روضي-جي-پيرانديءَ-دفن-ٿيل-آھي-پير-سيد-غلام-شاھ،-1957ع-کان-راڳ-جي-اڳواڻي-يعني-جمعي-رات-ڳائيندڙ-فقيرن-جو-اڳواڻ-ٿيو-پاڻ-سُريلو-۽-راڳ-جو-وڏو-ڄاڻو-ھو-غلام-شاھ-نيون-وايون-متعارف-ڪرايون،-جيڪي-اڳ-نہ-ڳايون-وينديون-ھيون-مثال-طور">سيد غلام شاھ، 1976ع ۾ اٽڪل 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ روضي جي پيرانديءَ دفن ٿيل آھي. پير سيد غلام شاھ، 1957ع کان راڳ جي اڳواڻي يعني جمعي رات ڳائيندڙ فقيرن جو اڳواڻ ٿيو. پاڻ سُريلو ۽ راڳ جو وڏو ڄاڻو ھو. غلام شاھ نيون وايون متعارف ڪرايون، جيڪي اڳ نہ ڳايون وينديون ھيون. مثال طور: ’هاڙهي جي ھوت کي دل ساري.‘
اھا وائي سريلي انداز ۾ ڳائي ويندي ھئي، ھاڻ بہ ڳائجي ٿي. ان کان سواءِ ڇيڙ واري نموني ۾ وائي ڳائڻ بہ سيدغلام شاھ جي ايجاد آھي. ھن وائيءَ جو انداز عام ماڻهن کي بہ سمجه ۾ اچي ويندو آھي، جڏهن تہ ’دوتالي‘ ۽ ’ڏيڍيءَ‘ وارو نمونو عام ماڻهن جي سمجه کان ٻاھر آھي. سنڌالاجيءَ رٿا موجب، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروڊيوسر غلام حسين شيخ سندس آواز ۾ سڄو راڳ رڪارڊ ڪيو ھو، جيڪو سنڌالاجيءَ جي سائونڊ آرڪائيوز شعبي ۾ موجود آھي. کيس پي. ٽي. وي. ڪراچي سينٽر تي ھلي راڳ رڪارڊ ڪرائڻ جي دعوت ڏني وئي، پر سيد غلام شاھ ائين نہ ڪيو. گنج شريف، جيڪو بدين جي پاسي جو ڪو ھمراھ تڳائي ويو ھو، اھو بہ سيد غلام شاھ وَرايو ھو. جنھن جو ذڪر ٻانهي خان شيخ پنھنجي مرتب ڪيل شاھ جي رسالي ۾ ڪيو آھي.
سيد غلام شبير شاھ سجادہ نشين درگاھ لطيفي (وفات: 2003ع)
سيد غلام شبير شاھ (سيد الهہ بخش شاھ) ولد سيد شاھ ڏنو شاھ، 2003ع ۾ وفات ڪئي ۽ شاھ حبيب جي روضي ۾ دفن ٿيل آھي. سيد غلام شبير شاھ 1970ع ۾ پنھنجي والد شاھ ڏني شاھ جي وفات کان پوءِ، سجادہ نشين بڻيو. ڀٽ شاھ جا ماڻهو کيس پيار مان ’بخشڻ سائين‘ سڏيندا ھئا، ان ڪري جو سندس نالو سيد الله بخش شاھ بہ ھو. پاڻ روضي ۽ نماز جو پابند ھو. درگاھ جو موجودہ مسافرخانو (درگاھ جي ڏکڻ ۾)، 1957ع ۾ سندس نگرانيءَ ھيٺ جڙي راس ٿيو. عزاداري امام حسين ؓ ۾ جلوس قافلي جو بنياد، سيد غلام شبير شاھ وڌو، جيڪو اڄ تائين جاري آھي. پاڻ مشھور امام بارگاھ ’وچئين پڙ‘ جو متولي ھو. علم ادب سان بہ سندس گھرو لڳاءُ رهيو. 58-1957ع ڌاري، اخبار ’اللطيف‘ ڪڍيائين، جنھن جو ايڊيٽر سيد وڏل شاھ حيدرآباد وارو ھو، پر 1960ع ڌاري وڏل شاھ گذاري ويو، جنھن کان پوءِ اھا اخبار بہ بند ٿي وئي. سيد غلام شبير شاھ، حڪمت جو بہ ڄاڻو ھو ۽ ھمدرد دھلي واري اداري جو شاگرد بہ رهيو. ھن ’شاھ لطيف فائونڊيشن‘ جو بنياد پڻ رکيو، جنھن جو پاڻ صدر بہ رهيو، جيڪا سندس وفات کان پوءِ ڪافي عرصي تائين غير متحرڪ رهي، پر پوءِ سيد نثار حسين شاھ انهيءَ فائونڊيشن کي وري متحرڪ بنايو. ھن وقت شاھ لطيف فائونڊيشن جو روح روان موجودہ سجادہ نشين سيد وقار حسين شاھ آھي.
سيد قائم شاھ سجادہ نشين درگاھ لطيفي
سيد قائم شاھ ولد سيد جمال شاھ، درگاھ لطيفي جو ٽيون سجادہ نشين ھو. سندس قبر شاھ لطيف جي روضي جي اولهہ طرف آھي، جنھن مٿان مقبرو ٺھيل آھي. ’لطائــف لطيفي‘ ۾ ميرعبدالحسين سانگي طرفان ڏنل شُجري موجب سيد جمال شاھ (پھريون سجادہ نشين درگاھ لطيفي) کي ٽي پُٽ ھئا، سڀني کان وڏو سيد قائم الدين شاھ ھو، جيڪو سيد جمال شاھ کان پوءِ ٻيو سجادھنشين بڻيو ۽ سيد قائم الدين شاھ کان پوءِ سندس ننڍو ڀاءُ سيد قائم شاھ سجادہ نشين بڻيو.
سيد لطف علي شاھ سجادہ نشين درگاھ لطيفي (وفات: 1896ع)
سيد لطف علي شاھ ولد سيد الهہ بخش شاھ، 18 ذوالقعد 1313ھ/1896ع تي وفات ڪئي ۽ شاھ لطيف جي روضي اندر دفن ٿيل آھي.
سيد لطف علي شاھ جي گادي نشينيءَ وارن ڏينھن ۾ مير عبدالحسين سانگي ڀِٽ شاھ تي ’لطائف لطيفي‘ جھڙي اھم تصنيف لکي. سانگيءَ جيڪي ڪجهہ ان تصنيف ۾ لکيو آھي، اھو بہ سيد لطف علي شاھ ۽ سندس ھمعصر فقيرن کان پڇي ڳاڇي لکيو ۽ سيد لطف علي شاھ کي ھُن پنھنجو’مُرشد‘ لکيو آھي.
)نوٽ: سيد وقار حسين شاھ طرفان ڏنل شجري موجب سيد لطف علي شاھ جي پيءُ جو نالو سيد ڏنل شاھ آھي، جڏهن تہ سندس قبر تي لڳل ڪتبي ۾ سيد لطف علي شاھ ولد سيد الهہ بخش شاھ لکيل آھي. ايڊيٽر(
سيد محمد شاھ ولد احمد شاھ (وفات: 1967ع)
سيد محمد شاھ 25 جمادي الاول 1387ھ/1967ع تي وفات ڪئي ۽ درگاھ واري مکيه مُقام جي اتر-اولهہ ڪُنڊ تي دفن ٿيل آھي. سيد محمد شاھ شاھ لطيف جي ڀيڻ جي اولاد مان ھو. ھن، مير عبدالحسين خان سانگيءَ کي ’لطائف لطيفي‘ ڪتاب لکڻ ۾ گهڻي مدد ڪئي ھئي. ھو فارسيءَ جو ڄاڻو ھو، ان ڪري سانگيءَ سندس خدمتون حاصل ڪيون. عزاداري حضرت امام حسينؓ ۾ اڳڀرو رهندو ھو. وفات وقت سندس عمر، 100 ورهيه ھوندي. سندس چوڻ ھو تہ: مير عبدالحسين خان سانگي، درگاھ لطيفيءَ لاءِ قيمتي فانوس نذراني طور ڏنا ھئا.
سيد ملوڪ شاھ ’مست‘ (وفات: 1873ع)
سيد ملوڪ شاھ ’مست‘، 1290ھ/1873ع ۾، 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾ شاھ لطيف جي روضي جي اولهہ-اتر ڪنڊ تي دفن ٿيل آھي. ھڪ دفعي سيد ملوڪ شاھ گهوڙيءَ تي چڙهي، خيرپور ميرس جي حڪمران مير علي مراد خان ڏانهن ڪنھن فيصلي ۾ مدد لاءِ ويو. مير صاحب سيد جو امتحان وٺڻ لاءِ کيس چيو تہ شاھ صاحب! اِھا گهوڙي توهان وڪڻندا، جنھن تي اوهين چڙهي آيا آھيو؟ سيد ملوڪ شاھ چيو تہ: ’ها‘. مير صاحب چيو تہ: ’قيمت ٻڌايو؟‘، ملوڪ شاھ چيو ’رپيو رپئي جي ڀرسان رکندا ھلو، ڀٽ شاھ تائين جيڪا قطار ٺھي، اھي سڀ رُپيا مون کي ڏيو ۽ گهوڙي توهان وٺو.‘ اھو جواب ٻڌي مير صاحب سيد ملوڪ شاھ کي ٽامي جي پڻڇ تي ڪجهہ لکي ۽ مهر ھڻي دستاويز ڏنو. جنھن کان پوءِ مير صاحب وٽان ڪيترو ئي زمانو، سيد ملوڪ شاھ ۽ سندس خاندان کي رياست خيرپور جي خزاني مان وظيفو ملندو رهيو، پر ان کان پوءِ نہ ھن جي پونئيرن ان ڳالهہ کي اھميت ڏني ۽ نہ ئي وري مير صاحبن سندن پرگهور لڌي.
پاڻ شاھ لطيف جي ڀيڻ جي اولاد مان ھو. سندس پونئير ھن وقت ڀٽ شاھ تي آباد آھن.
سيد نثار حسين شاھ، سجادہ نشين درگاھ لطيفي (1947ع-2014ع)
سيد نثار حسين شاھ لطيفي ولد سيد غلام شبير شاھ 29 ڊسمبر 2014ع تي دل جي دوري پوڻ سبب 67 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ شاھ حبيب جي روضي اندر دفن ٿيل آھي. پاڻ 1947ع ۾ ڄائو، ابتدائي تعليم حيدرآباد ۽ گريجوئيشن نيشنل ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين.
سيد نثار حسين شاھ، مارچ 2003ع ۾ پنھنجي والد سيد غلام شبير شاھ جي وفات کان پوءِ سجادہ نشين بڻيو. پاڻ ’شاھ لطيف فائونڊيشن‘ جو چيئرمين بہ رهيو ۽ فائونڊيشن کي سرگرم رکڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو. شاھ لطيف جي فڪر، فلسفي ۽ پيغام کي عام ڪرڻ لاءِ سندس نھايت اھم ڪردار رهيو. انسان دوستيءَ کي سڀ کان مٿاھين درجي تي رکندي، ڀٽ شاھ ۾ 22 جون 2014ع تي ’آل سنڌ ھندو برادري ڪنوينشن‘ منعقد ڪرايو، جنھن جو مقصد ھو ته؛ عام ماڻهوءَ کي سماج اندر وڌندڙ مذھبي ڪٽرپڻي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڄاڻ ڏجي.
سيد نثار حسين شاھ، ڀٽ شاھ تي ٿيندڙ ريتن رسمن ۾ ھڪ رسم جو واڌارو پڻ ڪيو، جنھن مطابق سجادہ نشين، ھر جمعي جي ڏينھن ٽِپھريءَ جي نماز کان پوءِ ۽ سانجهيءَ جي نماز کان اڳ درگاھ تي لکي در اڳيان اڱڻ تي ٻھاري ڏيندو آھي. (وڌيڪ ڏسو، عنوان: ڀٽ شاھ (درگاھه) سان لاڳاپيل ريتيون، رسمون، رواج ۽ طور طريقا، ص: 165)
سيد نور محمد شاھ عرف نورل سائين (وفات: 1981ع)
سيد نور محمد شاھ ولد سيد غلام شاھ لطيفي، 1981ع تي، 50 سالن جي ڄمار ۾، وفات ڪئي ۽ درگاھ جي مکيه مُقام ۾، شاھ لطيف ۽ شاھ حبيب جي روضي جي وچ تي جامع مسجد ڀرسان، دفن ٿيل آھي. ھيءُ سيد غلام شاھ جو وڏو فرزند ھو. ھن پنھنجي پيءُ سان گڏ راڳ ڳائڻ جي شروعات ڪئي. 1976ع ۾، غلام شاھ جي وفات کان پوءِ، جمعي رات راڳ جو اڳواڻ ٿيو ۽ آخري وقت تائين راڳ ڳائيندو رهيو.
ھيءُ سيد، نھايت سُريلو راڳائي ٿي گذريو آھي. ويھين صديءَ دوران لطيف جو راڳ سريلي آواز سان ڳائيندڙن ۾ سندس نالو مٿانھون آھي. پاڻ نھايت خوبصورت ۽ قد ڪاٺ وارو جوان ھو.
1958ع ۾، ميڊم نورجهان فلم ’ڪوئل‘ ۾، نھايت سريلا گانا ڳايا ھئا، جيڪي سيد نور محمد شاھ کي بہ حد کان وڌيڪ پسند آيا. ميڊم کي مڃتا ڏيڻ لاءِ ساڻس روبرو ملڻ ويو. ميڊم نورجھان ساڻس وڏي اُڪير سان ملي. سندس قد ڪاٺ ۽ شڪل صورت ڏسي کيس فلمن ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ چيائين، پر نور محمد شاھ ميڊم کي معذرت ڪندي چيو تہ: ’آءٌ صرف موسيقيءَ جو شيدائي آھيان، توهان سان سُر جي ناتي ملڻ آيو آھيان. فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو منھنجو ڪوبہ ارادو ناھي.‘
شاھ حبيب/سيد حبيب الله شاھ
شاھ حبيب ولد سيد عبدالقدوس شاھ، شاھ لطيف جو پيءُ آھي. شاھ حبيب جي وفات وقت، شاھ لطيف جي رهائش ڪوٽڙي (لڳ ڀِٽ شاھه) ۾ ھئي پر ڀِٽ شاھ تي رهائش جو ارادو ھيس، جنھن ڪري پنھنجي پيءُ جي تدفين ڀِٽ شاھ تي ڪرايائين ۽ پنھنجي لاءِ وصيعت ڪيائين تہ مون کي شاھ حبيب جي پيرانديءَ کان رکجو. ھينئر ڀِٽ شاھ جي مکيه مُقام ۾ شاھ لطيف جي روضي جي مٿاھين پاسي کان شاھ حبيب جو روضو ٺھيل آھي. ان روضي جي احاطي ۾ ڪجهہ سجادہ نشينن جون قبرون پڻ آھن. شاھ حبيب جي وفات 1144ھ/1731ع ۾ ٿي، جنھن جي تاريخ ٺٽي جي نامياري عالم ۽ اديب ميان محمد صادق نقشبندي ھيٺين عربي فقري مان ڪڍي.
”اَلموتُ جِسر يُوصِل الحبيبَ لِلِقاءِ الحبيبِ“
يعني: ”موت ھڪ پُل آھي، جيڪا ھڪ دوست (حبيب) کي ٻئي دوست سان ملائي ٿي.“ (بلوچ، 2009ع، ص: 21)
شيخ اياز (1923ع-1997ع)
شيخ اياز (مبارڪ شيخ) ولد غلام حسين شيخ، 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ ڄائو ھو. سنڌ جي جديد ۽ قومپرست شاعريءَ واري دؤر جو وڏو شاعر آھي. سندس سٺ کان وڌيڪ اعليٰ پائي جا نثر ۽ نظم جا ڪتاب ڇپيل آھن، جن ۾ شاھ جي رسالي جو اردوءَ ۾ منظوم ترجمو پڻ شامل آھي. شيخ اياز، اردو زبان ۾ سڀ کان پھرين شاھ جي رسالي جو منظوم ترجمو ڪيو، جيڪو سنڌ يونيورسٽيءَ ۽ وزارت تعليم حڪومت پاڪستان طرفان، 1963ع ۾ شايع ڪيو ويو. ھي نسخو، 523 صفحن تي مشتمل آھي، جنھن جي مقدمي ۾، شاھ لطيف جي سوانح حيات، شاھ جي ڪلام ۾ تصوف جا نظريا، تاريخي پس منظر ۽ عوامي ڪھاڻين جي تفصيلي وضاحت ڏنل آھي، ۽ رسالي جي مختلف سُرن جو مختصر تعارف پڻ ڏنل آھي. شيخ مبارڪ (شيخ اياز)، پرائمري ۽ ثانوي تعليم شڪارپور ۾ حاصل ڪئي، جنھن کان پوءِ بي اي (B.A.) ، ڊي جي (D.J.) سنڌ ڪاليج ۽ ايل ايل بي (L.L.B.) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائين. ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، پوءِ سکر ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. شيخ اياز 1946ع کان ادب جي ميدان ۾ پير پاتو. شاعريءَ جي شروعات اردو زبان ۾ ڪيائين، جنھن جا ٻہ ڪتاب 1955ع ۾ ڇپايائين. کيس 1962ع ۾، سندس ڪتاب ’ڀؤنر ڀري آڪاس‘ تي رائيٽرس گِلڊ طرفان انعام ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ سندس پھريون شعري مجموعو، ’ڀونر ڀري آڪاس‘ 1962ع ۾ رائيٽرس گلڊ طرفان ڇپايو ويو، جيڪو پوءِ، 1964ع ۾ اولهہ پاڪستان حڪومت طرفان ضبط ڪيو ويو. سندس ٻيو ڪتاب، ’جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي‘ ۽ ٽيون ڪتاب ’ڪلهي پاتم ڪينرو‘ 1963ع ۾ ڇپيا. ساڳئي سال پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ طرفان شاھ جي رسالي جو اردوءَ ۾ ترجمو ڪيائين. شيخ اياز پھرينءَ جنوري 1976ع کان 1980ع تائين، سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر بہ رهيو. سندس وفات، 28 ڊسمبر 1997ع تي ٿي. کيس ڀٽ شاھ تي ڪراڙ ڍنڍ جي ڪنڌيءَ تي دفن ڪيو ويو. سندس ڪي اھم ڪتاب ھي آھن:
’سفيد وحشي‘ (ڪھاڻيون)، ’اسان جي سنڌ‘، ’پنهل کان پوءِ‘ (ڪھاڻيون)، ’بوءِ گل نالئه دل‘ (اردو شاعري)، ’اڪ جون ڦُلڙيون‘، ’ڀيڄ ڀني‘، ’بقول اياز‘ (تقريرون)، ’جڳ مڙيوئي سپنو‘ (آتم ڪٿا) چار جلد، ’ڪراچيءَ جا ڏينھن ڪراچيءَ جون راتيون‘ (يادگيريون)، ’ڪَتين ڪر موڙيا‘، ’جڏهن وِڄون وسڻ آيون‘، ’چنڊُ چنبيليءَ ول‘، ’ڪِي جو ٻيجل ٻوليو‘، ’راڄ گهاٽ تي چنڊ‘، ’رڻ تي رم جهم‘، ’اَڪن نيرا ڦُليا‘، ’ڪٿي تہ ڀڃبو ٿَڪ مسافر‘، ’ڪٿي نہ ڀڃبو ٿَڪ مسافر‘ (آتم ڪٿا) وغيرہ شامل آھن. سنڌ ثقافت کاتي پاران سندس وفات کان پوءِ سندس سڀ نثر ۽ نظم جا ڪتاب 21 جلدن ۾ شايع ڪرايا آھن. سندس شاعريءَ جا ڏھ جلد آھن، جنھن مان ھر جلد ۾ ٽن کان چئن مجموعن کي ھيڪاندو ڪيو ويو آھي. ساڳي ريت نثر کي پنجن جلدن ۾ سھيڙيو ويو آھي.
عبدالله فقير راھُو (وفات: 1996ع)
عبدالله فقير راھُوءَ، 1996ع ۾ 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ درگاھ لطيف جي اوڀر ۾، پنھنجي امام بارگاھ ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير اصل ۾ ڀٽ شاھ لڳ، ڳوٺ سليم راھوءَ جو رهواسي ھو، پر شاھ لطيف سان محبت ۽ عقيدت کيس ڀٽ شاھ وٺي آئي، جنھن دؤر ۾ ٻانگ لاءِ لائوڊ اسپيڪر نہ ھئا، ۽ ڪنھن وڏي آواز واري کي ٻانگ لاءِ چونڊيو ويندو ھو، ۽ ڪنھن مٿاھين جاءِ تي بيهاري ٻانگ ڏني ويندي ھئي. عبدالله فقير بہ ائين ڪندو ھو. سندس آواز ڳَرو ۽ ڪڙڪيدار ھو ۽ پاڻ خاص ڪري رمضان شريف ۾ ٻانگ ڏيندو ھو تہ سڄو ڳوٺ ٻڌندو ھو.
ان کان سواءِ، ھتي اھا بہ رسم آھي تہ ڪوبہ سادات لطيفي يا ڪو ويس دار فقير وفات ڪندو آھي تہ ھڪ تہ سندس ميت مٿان شاھ لطيف جي ’گودڙي‘ وڌي ويندي آھي ۽ ٻيو تہ گهر کان وٺي مُقام تائين، ’ذاڪري فقير‘ ۽ ٻيا ضرب ھڻندا ھلندا آھن. ضرب ۾ چيو ويندو آھي: ”الله ھو، او ھو، الله ھو.“
عبدالله فقير ضرب ھڻندو ھو، تہ پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ايندي ھئي. سيد حسين شاھ لطيفيءَ جو آواز بہ عبدالله فقير جھڙو ڳَرو ھو. ٻئي ڄڻا شاھ لطيف جو راڳ بہ ڳائيندا ھئا.
عثمان فقير مڱڻھار ’ڌمالي‘ (وفات: 1975ع)
عثمان فقير ڌماليءَ 1975ع ۾ اٽڪل 85 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي ۽ يعقوب شھيد جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھي فقير اصل ۾ گرنار (رياست گجرات جي جهوناڳڙه ضلعي) جو رهاڪو ھو. جڏهن جيسلمير جي راجا ڀوڄ سنگهہ، شاھ لطيف جي درگاھ لاءِ نغارن جون ٻہ جوڙيون موڪليون تہ انهن کي وڄائڻ لاءِ گرناري فقيرن (مڱڻھارن) جا ٻہ گهر بہ موڪلي ڏنا، جيڪي اچي ڀِٽ تي آباد ٿيا، جن جي پونئرن مان ھي فقير پڻ ھو. اھو ڌمال وڄائڻ جو سلسلو شاھ لطيف جي حياتيءَ ۾ بہ صبح شام ھلندو ھو. اڄ بہ جاري آھي. ويھين صديءَ ۾ عثمان فقير جھڙو سريلو وڄتو پيدا نہ ٿيو. ھن پورا 40 سال ڌمال وڄائڻ جو ڪم سرانجام ڏنو. سندس وفات کان پوءِ جمن فقير ڌمال وڄائيندو ھو، پر ھھڙو سريلو ڌمالي وري پيدا نہ ٿي سگهيو آھي.
غلام حسين سونارو (وفات: 1967ع)
غلام حسين سوناري، 1967ع ۾، اٽڪل 70 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ ونھئين فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. غلام حسين سونارو، پنھنجي پيءُ سان گڏجي، 1950ع ڌاري ڀٽ شاھ آيو. پير پاڙي ۾، سجادہ نشين، سيد شاھ ڏني شاھ جي حويليءَ سامهون، ھڪ ننڍي جاءِ خريد ڪري اتي رهڻ لڳو. سونارڪو ڪم بہ ڪندو رهيو تہ ٻئي طرف ھن شاھ جو راڳ بہ سکيو ۽ ڳائڻ لڳو. ھن ھڪ دنبورو بہ ورتو ۽ مختلف راڳي ٽولن سان ڳائڻ لڳو. ان زماني ۾، راڳ صرف جمعي رات ۽ سومر جي رات درگاھ تي ڳايو ويندو ھو. ھن جو راڳ سان اھڙو تہ عشق ٿي ويو جو جيڪا رات خالي ھوندي ھئي، ھي پنھنجي سِر دنبورو کڻي صبح تائين راڳ ڳائي صبح جو وڃي آرام ڪندو ھو. ان وچ ۾ سندس پوڙهو پيءُ گذاري ويو ۽ ھُو پنھنجيءَ جاءِ ۾ اڪيلو رهڻ لڳو. ھڪ رات جاءِ کي اندران در ڏئي راڳ پئي ڳايائين ۽ راڳ ڳائيندي ڳائيندي سندس روح اڏامي ويو. ھن فقير کي، کير ڏيندڙ شخص، ٻين ماڻهن کي ٻڌايو تہ: اڄ ٽيون ڏينھن ٿيو آھي، جو فقير اندر ھوندي بہ آواز نٿو ڏي!، جنھن تي ماڻهن دروازو ڀڃي اندر وڃي ڏٺو تہ فقير دنبورو جهلي ويٺو آھي پر خاموش! جڏهن کيس لوڏيو ويو، تہ خبر پئي تہ فقير غلام حسين پنھنجي خالق حقيقيءَ سان وڃي مليو ۽ کيس ميين ونھئين جي مُقام ۾ دفن ڪيو ويو.
ڪؤڙل فقير ولد دريا خان ناپر (وفات: 1961ع)
ڪؤڙل فقير، 29 ذوالقعد 1381ھ/1961ع تي وفات ڪئي ۽ حُجري واري مُقام ۾ شاھ لطيف جي روضي کان اتر طرف دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير ڳوٺ علي شير ناپر ضلعي سکر جو رهواسي ھو. ھيءُ درويش آچر فقير جي وفات کان پوءِ، درگاھ جو ڪُنجي بردار بڻيو. تمام ٿورو وقت ھن فقير خدمت ڪئي ۽ ھڪ حادثي جو شڪار ٿي وفات ڪيائين. ٿيو ھيئن جو فقير رات جو درگاھ لطيفيءَ جو دروازو قائم (بند) ڪري گهر ويو. صبح جو اچي دروازو کوليائين تہ رات جي وقت ڪو ماڻهو روضي اندر رهجي ويو ھو، جيڪو ڪنھن بہ نہ ڏٺو. صبح جو جيئن فقير دروازوکوليو تہ ھن جي نظر ان پٺن اگهاڙي سيد تي پئي، جيڪو پڻ درويش ھو ۽ پوءِ دھشت ۾ فقير پٽ تي ڪريو ۽ وفات ڪري ويو.
ڳھڻو خان ولد علي خان جوڻيجو (وفات: 1990ع)
ڳھڻي خان، 1990ع ۾ وفات ڪئي ۽ حـجري واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ڳھڻو خان ۽ سندس خاندان شاھ لطيف جو پيڙهياتو مريد ھو. اصل ھي ڪاٺڙي ضلعي ٿرپارڪر جا رهواسي ھئا، پر 1958ع کان پوءِ ڳھڻو خان، خاندان سميت لڏي اچي ڀٽ شاھ تي رهيو. ھن جو درگاھ لاءِ نمايان ڪم ھيءُ آھي تہ: ھن شاھ لطيف جي روضي کي اتر کان ھڪ واڌو دروازو لڳرايو، جيڪو شاھهحبيب جي روضي ڏانهن کليو ٿي، نہ صرف اھو پر ان دروازي اڳيان ھن 40 فٽ ڊگهو ۽ 20 فٽ ويڪرو ورانڊو بہ ٺھرايو، جيڪو 2009ع ۾ ٻيھر اوقاف کاتي ٺھرايو.
ماستر خير محمد فقير (وفات: 1966ع)
ماستر خير محمد فقير، 1966ع تي، 85 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ ونھئين فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ماستر خير محمد فقير ۽ سندس ڪٽنب، اصل ضلعي سکر جو رهواسي ھو، پر 1958ع يا ان کان ٿورو اڳ ڀِٽ شاھ تي اچي آباد ٿيو. ماستر خيرمحمد، ڏاڏي آچر فقير وساڻ ڪُنجي بردار جو ٻانھن ٻيلي ٿي رهيو، ڇو جو ڏاڏي آچر جو ڪوبہ مٽ مائٽ ساڻس گڏ ڀٽ تي نہ رهندو ھو. ان ڪري کيس ڪنھن سھاري جي ضرورت ھئي، جيڪا خير محمد پوري ڪئي. ڏاڏي آچر جي وفات کان پوءِ، ھي فقير ڪؤڙي فقير سان بہ گڏ رهيو، ان کان پوءِ ھيءُ پنهل فقير ڪنجي بردار سان بہ گڏ رهيو.
ماستر خير محمد، ھڪ رٽائر پرائمري استاد ھو. سندس اکر موتين جھڙا ھئا. پنهل فقير، کانئس شاھ لطيف جو رسالو تيليءَ واري قلم سان لکرائڻ شروع ڪيو، پر سندس اوچتي وفات ڪري، اھو ڪم اڻپورو رهجي ويو. ٻانهي خان شيخ پنھنجي سھيڙيل رسالي، جلد پھرئين جي مقدمي ۾، ماستر خير محمد جو ذڪر ڪيو آھي. پاڻ ان کان سواءِ، درگاھ تي شمعدان ٻارڻ جو ڪم سرانجام ڏيندو ھو، ڇاڪاڻ تہ 1960ع تائين درگاھ تي بجلي نہ ھئي. درگاھ تي ’کمريون‘ (ڪبوترن جو ھڪ قسم) جيڪي مير عبدالحسين سانگيءَ نذر ڪيون ھيون، انهن کي داڻو پاڻي ڏيندو ھو. وفات تائين ان ڪم کي ھن ذميواريءَ سان نڀايو.
ماما ڪارو فقير (وفات: 2001ع)
ماما ڪاري فقير، 2001ع ۾ وفات ڪئي ۽ يعقوب شھيد جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير ڄائي ڄم کان درويش ھو. پنھنجي پيءُ زوار محمد رمضان عرف رمون ’مُڇر‘ جو اڪيلو فرزند ھو. گرمي ھجي يا سردي، ٻہ ٻہ ڪوٽ سي بہ گرم، ھر وقت پھريل ھوندا ھئس، پر ھڪ خاص ڳالهہ جيڪا ھن ۾ ڏسڻ ۾ آئي، اھا ھيءَ تہ ھن کي شاھ لطيف جو سڄو رسالو برزبان ياد ھو، جڏهن تہ ھڪ اکر بہ پڙهيل ڪونہ ھو. جڏهن ڪو فرمائش ڪندو ھئس تہ ماما ڪارا اڄ ڪجهہ بيت تہ ٻڌايو، تہ پوءِ اچي ويھندو ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ پيو بيت ٻڌائيندو ھو، سي بہ زير زبر سان بلڪل صحيح اُچار سان. ھڪ ڀيري، ريڊيو وارا سندس چيل بيت رڪارڊ ڪري ويا ھئا، ٿي سگهي ٿو اھي حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن تي موجود ھجن.
مراد فقير ٻُگهيو (وفات: 1887ع)
مراد فقير ٻگهيي، 16 صفر 1304ھ/1887ع تي وفات ڪئي ۽ درگاھ واري مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. مراد فقير ٻگهيو، شاھ لطيف جو سُٺو راڳي فقير ھو. سندس گهر اڄ بہ وسند ٻگهيو، ڳوٺ ٻگهيا پاڙي ۾ موجود آھي. ھن ڪٽنب جا ڪيترائي ڀاتي اڄ بہ راڳ سان لاڳاپيل آھن. سيد علي بخش شاھ علڻ سائين (وڏي) جي دؤر ۾ يوسف فقير ٻگهيو وڏو راڳائي ٿي گذريو آھي.
ميان الهہ ورايو فقير ولد محمد حسن وساڻ (وفات: 1955ع) :
ميان الهہ ورائي فقير، 10 شوال 1374ھ/1955ع تي وفات ڪئي ۽ درگاھ ڀٽ شاھ واري مکيه مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. ھيءُ فقير، مائي بوئا وساڻ جي اولاد مان ھو. مائي بوئا، شاھ لطيف جي حويليءَ جي خاص ٻانهي ھئي. ڪوٽڙي مغل مان، شاھ لطيف جي شادي ٿيڻ کان پوءِ، ھيءَ مائي، ھالا حويليءَ وَئي، اتان وري ڪوٽڙي مغل آئي ۽ پوءِ شاھ لطيف جي ڪٽنب سان گڏجي، ڀِٽ شاھ تي آئي. سندس خاندان جا گهر ۽ اوطاقون اڄ بہ درگاھ لڳ اوڀر ۾ آھن.
ميان الهه ورايو فقير ولد محمد حسن وساڻ (وفات: 1955ع)
ميدان فقير ’ونڊ وٺڻ وارو‘ (وفات: 1972ع)
ميدان فقير، 1972ع ۾ وفات ڪئي ۽ ونھئين فقير جي مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. سندس نالو تہ ڪو ٻيو ھو، پر درگاھ تي يا شھر واسي، کيس ’ميدان فقير‘ چوندا ھئا. ھيءُ فقير درگاھ جي اڱڻ تي، کجيءَ جي ٻھاري سان صفائي ڪندو ھو.
رات جو مٿي تي ھڪ وڏو ٿالهہ رکي، ھٿ ۾ چار پنج سير کير جي گنجائش واري جست جي چونئري کڻي، سڄي شھر جو ڦيرو ڏيندو ھو ۽ پوءِ اُتان ’ونڊ‘ وٺي گڏ ڪري، درگاھ تي آڻيندو ھو ۽ اھو درگاھ جي ڀانڊاري (رڌ بچاءُ جي جاءِ) تي ڪم ڪندڙ فقيرن ۾ ورهايو ويندو ھو. ھاڻ بہ ائين ٿي رهيو آھي. پر اڳي ھڪ فقير، اھو ڪم ڪندو ھو، ھاڻ چار فقير اھو ڪم ڪن ٿا، ڇاڪاڻ تہ شھر جي آبادي وڌي وئي آھي.
جنھن بہ گهر مان ڪو ماڻهو وفات ڪري ويندو تہ گهر جا پونير، ان جي نيت، رات جي ماني، جنھن کي ’ونڊ‘ چئبو آھي، ميدان فقير کي ڏيندا ھئا. اھو درگاھ لاءِ مخصوص ھو ۽ لنگر خاني ۾ ڪم ڪندڙ فقيرن ۾ ورهايو ويندو ھو. اڄ بہ ائين ٿئي ٿو. ميدان فقير کي کاٻي پير ۾ ھڪ گهنگهرو ٻڌل ھوندو ھو، جيڪو پري کان ٻڌڻ ۾ ايندو ھو ۽ ونڊ ڏيڻ وارا سمجهي ويندا ھئا، تہ ميدان فقير اچي رهيو آھي.
ميدان فقير جيڪا صدا ھڻندو ھو اھا ھيءَ ھئي: ’حاضر خير برڪت، حاضر خير برڪت‘
ٻن آوازن تي گهر مان ڪو بہ نہ نڪرندو ھو، تہ آخر ٽيون ڀيرو اھو آواز ڏيئي، ميدان فقير روانو ٿي ويندو ھو. ان جو مطلب اھو سمجهيو ويندو ھو، تہ گهر ۾ ڪوبہ نہ آھي.
مير آدم خان مري
ٽنڊي آدم جي مري خاندان مان ھو، جنھن جي نالي تي ٽنڊوآدم شھر ٻڌل آھي. اُن جي قبر، مکيه مُقام ۾ آھي. ھن جي قبر، مير عبدالحسين خان سانگيءَ جي قبر کان اولهہ ڏکڻ جي ڪُنڊ تي اٽڪل ڏهن فٽن جي مفاصلي تي آھي. ان جي بلندي ٻين قبرن کان ڪجهہ وڌيڪ آھي. پھرين ان تي شاندار ڪاشيءَ جو ڪم ٿيل ھو، پر اھو مناسب سار سنڀال نہ ٿيڻ ڪري ختم ٿي چڪو آھي. بهرحال تازو اوقاف کاتي، قبر کي نئين سِر ٺھرايو آھي. مير آدم خان مريءَ کي، سندس وصيت موجب ھن مُقام ۾ دفن ڪيو ويو. سندس قبر تي تاريخ وفات جو ڪتبو لڳل نہ آھي. ٿي سگهي ٿو تہ شروع ۾ لڳل ھجي ۽ پوءِ ڊھي ويو ھجي. ھيءُ خاندان اڄ بہ لطيف جي خاص مريدن مان آھي ۽ ٽنڊي آدم ۾ رهي ٿو.
مير عبدالحسين خان ’سانگي‘ (1851ع-1924ع)
مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، اوائلي روائتي دؤر جو بھترين شاعر آھي. ھو شاھ لطيف جو سچو عاشق ھو. پاڻ شاھ لطيف جي سوانح عمري گڏ ڪندڙ شروعاتي محققن مان ھڪ ھو. سندس اصل نالو، مير عبدالحسين خان ٽالپر ھو، جڏهن تہ ’سانگي‘ سندس تخلص ھو. سندس تعلق سنڌ جي شھداداڻي ٽالپر حڪمران خاندان سان ھو. سندس والد جو نالو مير عباس علي خان ولد مير محمد نصير خان ھو. سن 1843ع ۾، جڏهن انگريزن سنڌ تي مڪمل قبضو ڪري ورتو تہ ٽالپر خاندان جي ٻين ماڻهن سان گڏ مير عباس علي خان کي بہ جلاوطن ڪري، ھندستان جي شھر ڪلڪتي ۾ نظربند ڪيو ويو. مير عباس علي خان، ڪلڪتي ۾ ٻہ شاديون ڪيون. پھرين شادي، سن 1849ع ۾ ھڪ انگريز خاتون سان ڪيائين، جنھن مان سن 1851ع ۾ کيس، مير عبدالحسين خان پيدا ٿيو. مير عبدالحسين جي ننڍپڻ بابت ڪوبہ احوال نہ ٿو ملي، سواءِ ان جي تہ ھو پنھنجي والدين سان ڪلڪتي ۾ نپنو ۽ وڏو ٿيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ، سندس والد، ھڪ حادثي جو شڪار ٿي وفات ڪري ويو. پيءُ جي وفات کان پوءِ مير عبدالحسين خان پنھنجي چاچي مير حسن علي خان ’حسن‘ جي سنڀال ھيٺ رهيو. مير عبدالحسين خان، پنھنجي ابتدائي تعليم، ڪلڪتي ۾ ئي حاصل ڪئي. ھو جڏهن نون ورهين جي ڄمار جو ٿيو تہ انگريز سرڪار، ٽالپرن کي سنڌ ۾ موٽي اچڻ جي اجازت ڏني. مير عبدالحسين خان، فارسيءَ جي تعليم سيد مرزا حسن عليءَ کان حاصل ڪئي. سنڌيءَ جي تعليم حيدرآباد ۾ آخوند احمد بن آخوند عبدالعليم ھالائيءَ کان حاصل ڪئي ۽ فارسي ۽ اردو شاعريءَ جي تعليم ’مولانا ابوالحسن ابن مولانا مهدي حسن لکنويءَ‘ کان حاصل ڪئي. سنڌي شاعريءَ ۾ سندس استاد، سيد غلام محمد شاھ ’گدا‘ ھو. مير عبدالحسين خان پنھنجي نوجوانيءَ واريءَ عمر ۾، سير ۽ شڪار جو گهڻو شوقين ھو. سير ۽ شڪار دوران ئي کيس سنڌ جي فطري حسن کي ڏسڻ جو موقعو مليو. ان دوران ڦوهه جوانيءَ ۾ ھو، پھريون ڀيرو مجازي عشق ۾ گرفتار ٿيو. چيو وڃي ٿو تہ مجازي عشق ۾ گرفتار ٿيڻ کان پوءِ ئي سندس شاعريءَ ۾ وڌيڪ سوز پيدا ٿيو ۽ ھن سنڌي شاعريءَ ۾ ھڪ بلند مقام حاصل ڪيو. سندس مجازي عشق، ھڪ مھاڻي مائي حاجران سان ٿيو ھو، جنھن سان پھرين شادي ڪيائين. اڳي سانگي اڪيلي سِر حيدرآباد کان گهوڙي تي ڀِٽ شاھ راڳ ٻڌڻ ويندو ھو، پر ھاڻي بِيبِي حاجران بہ ساڻس گڏ ھوندي ھئي ۽ پاڻ ٻئي ڄڻا گهوڙن تي چڙهي ھر جمعي رات جو حيدرآباد کان ڀِٽ شاھ ويندا ھئا، ۽ ’شاھ جو راڳ‘ ٻُڌي صبح جو واپس ايندا ھئا. پر سندس ھيءَ گهرواري ساڻس ٽي سال گڏ رهڻ کان پوءِ، 1874ع ڌاري کيس جدائيءَ جو درد ڏيئي وفات ڪري وئي، جنھن کان پوءِ ٽنڊي الهيار جي انگريز سول سرجن ڊاڪٽر رائٽ جي وڏي ڌيءَ سان شادي ڪيائين، جيڪا ’بيبي بلقيس‘ جي نالي سان سانگيءَ جي گهر جو سينگار بڻي. 1909ع ۾، سندس چاچي مير حسن علي خان جي وفات ٿي، جنھن ڪري سانگيءَ کي وڏو صدمو رسيو. ڪجهہ عرصي کان پوءِ کيس انگريز سرڪار پاران، فرسٽ ڪلاس اسپيشل مئجسٽريٽ مقرر ڪيو ويو.
مير عبدالحسين خان ’سانگي‘، پنھنجن وڏن جيان، مذھبي طور اثنا عشري شيعو ھو، پر سندس ڪلام ۾ ڪٿي بہ ڪنھن ٻئي مذھب يا عقيدي جي خلاف ڪنھن بہ قسم جو اظھار نہ ٿو ملي. ھو ھڪ صوفي منش ۽ اخلاق وارو صاحب ھو. سانگيءَ کي راڳ، ساز ۽ سرود سان پڻ بيحد دلچسپي ھوندي ھئي. راڳ جون محفلون ۽ مشاعرا ٻڌڻ سندس خاص شوق ھئا. سندس وفات، 8 ذوالقعد 1343 ھ مطابق 12 جون 1924ع تي ٿي. کيس پھرين ميرن جي مُقام ۾ سندس پيءُ جي ڀرسان رکيو ويو، پر پوءِ پوري ھڪ سال کان پوءِ، 11 جون 1925ع تي سندس وصيت مطابق سندس مڙهه اتان ڪڍرائي، شاھ لطيف جي روضي جي ٻاھران، اولهہ طرف دفن ڪيو ويو.
مير عبدالحسين سانگيءَ جون ڪيتريون ئي تصنيفون مشھور آھن، جن مان ڪجهہ ھن ريت آھن:
ديوان سانگي: ٻن جلدن ۾ ڇپيل ’ديوان سانگي‘، مير صاحب جي سنڌي، فارسي ۽ اردو شاعريءَ جو مجموعو آھي. ھن جو پھريون جلد سن 1902ع ۾ لاھور مان شايع ٿيو ھو.
لطائف لطيفي: ھي ڪتاب شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي زندگيءَ بابت تحقيقي انداز ۾ فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل آھي. شاھ لطيف جي سوانح عمريءَ جي لحاظ کان ھن ڪتاب کي بنيادي اھميت حاصل آھي.
قصو گلرنگ شاھ ۽ گل اندام: ھن ڪتاب ۾ ھڪ سنڌي قصو بيان ڪيل آھي، جيڪو پھريون ڀيرو سن 1904ع ۾ شايع ٿيو.
ديوان ميراثي: ھن ڪتاب ۾ سانگيءَ جا لکيل مرثيا ۽ سلام شامل آھن.
ڪليات سانگي: سندس شاعريءَ جو ھي ڪليات سنڌي ادبي بورڊ سال 1969ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو، جنھن کي ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سھيڙيو آھي.
مير عبدالحسين سانگيءَ کي سنڌي غزل جو ’بادشاھ‘ چيو ويندو آھي. ھن، سنڌي غزل ۾ نوان تجربا ڪري، سنڌي غزل کي ڪيترن ئي نون موضوعن سان روشناس ڪرايو. ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ’ڪليات سانگي‘ جي مهاڳ ۾ لکي ٿو تہ: ”سانگيءَ محض ذھني مشق خاطر شعر ڪونہ چيو. سندس شاعري گهڻو تڻو ان سياسي، سماجي ۽ ادبي ماحول جو عڪس آھي جنھن ۾ سانگي صغير ٿي ساماڻو، پر ان کان وڌيڪ سندس شاعري سندس تجربن، جذبن، احساسن ۽ اخلاقي قدرن جو آئينو آھي.“(بلوچ، 1969ع، ص: 55)
مضمونن جي لحاظ کان سانگيءَ جي شاعريءَ ۾ وڏي وسعت آھي. سندس ڪلام ۾ واقع نگاري، عشق محبت، روحانيت ۽ خيال بندي جهڙيون ڪيتريون ئي وصفون ملن ٿيون. غزل جي شاعريءَ ۾ سانگيءَ ڪيترن ئي رجحانن کي ڪمال درجي تي پھچايو.
نواز فقير ورياھ (وفات: 1976ع)
نواز فقير، 27 شوال 1396ھ/1976ع تي وفات ڪئي ۽ حجري واري مُقام ۾ دفن ٿيل آھي. نواز فقير ورياھ، ميھار فقير تمراڻي طرفان وڏي اوطاق جي خدمت لاءِ مقرر ھو. گنج رسالو ۽ تبرڪات لطيفي وٽس رکيل ھوندا ھئا. لاڙ، ضلعي بدين جا ڪي ماڻهو فقير کان گنج شريف پڙهڻ واسطي وٺي ويا، پر پوءِ ھنن اھو نٿي ڏيڻ چاھيو، جنھن کان پوءِ سيد غلام شاھ لطيفي (راڳائيءَ) جي ڪوشش سان اھو واپس ڪيو ويو. ٻانهي خان شيخ پنھنجي رسالي جي انتساب ۾ ان ڳالهہ جو ذڪر ڪيو آھي.
ھارون فقير سھتو ولد جان محمد فقير سھتو (وفات: 1883ع)
ھارون فقير سھتي 26 ربيع الاول 1300ھ/1883ع تي، اٽڪل 65 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪئي ۽ مکيه مُقام ۾ شاھ لطيف جي روضي جي پيرانديءَ ۽ تمر فقير جي اوڀر ۾ دفن ٿيل آھي. ھارون فقير سھتا برادريءَ سان تعلق رکندڙ ھو، جيڪو ڳوٺ گُل سھتو جو ويٺل ھو. گُل سھتو ڳوٺ ڀٽ شاھ کان ڏکڻ ۾ پنجن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڄ بہ موجود آھي. ھن فقير جي اوطاق موجودہ اھلِ تشيع وارن جي مسجد جي ڏکڻ ۾ آھي. ھي ويس دار فقير ھو ۽ ھن جو خاندان بہ شاھ لطيف سان گڏجي ڀٽ شاھ آيو ھو.
شاھ لطيف جا خاص مريد ڄام مٺا خان ۽ ڄام ڪانڀو خان وارا، ھنن فقيرن جي اوطاق ۾ اچي رهندا ھئا. ڄامن جي خاندان ۾ ڪنھن کي بہ پُٽيتو اولاد ٿيندو ھو، تہ ان جي ’جَھنڊِ‘ بہ درگاھ تي لهرائيندا ھئا ۽ وڏي ڄڃ وٺي ايندا ھئا. ان کان علاوہ ميلي دوران ٽيئي ڏينھن، ھن فقير جي اوطاق تي رهندا ھئا. ڄام ڪانڀو خان ، 1900ع ڌاري ھارون فقير کان ڪجهہ زمين جو ٽڪرو وٺي، اتي شاندار بنگلو ٺھرايو، جيڪو 1970ع تائين موجود ھو. ھارون فقير، لطيف جي خاص خليفن مان ھڪ ھو. شاھ لطيف ھن فقير جي وڏن کي لٺ سان ليڪو ڪڍي ڀٽ تي اھا جاءِ رهڻ لاءِ ڏني، جيڪا شاھ لطيف جي پھرين حويليءَ جي صفا ويجهو ھئي. ھارون فقير کان پوءِ سندس پُٽ جان محمد فقير پڳدار ٿيو، پوءِ آخر ۾ ذھني طور مفلوج ٿي ويو ۽ ان ڪيفيت ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. کيس حجري واري مُقام ۾ دفن ڪيو ويو، کيس پُٽيتو اولاد نہ ھجڻ ڪري ھن فقير جو نسل اڳتي وڌي نہ سگهيو.