آگم ڪيو اچن...

شاه لطيف جو سير سفر

شاھ لطيف جي زندگيءَ جا سير سفر ۽ ملاقاتُون

ھن صفحي تي اوھان کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سير سفر، ذاتي مشاھدي، اٿ ويھ سان گڏ انهن شخصيتن جو پڻ ذڪر ملندو جن جو ڀٽائيءَ جي فڪر تي تمام گھرو اثر رھيو، جن جو سندس شاعريءَ ۾ پڻ ذڪر ملندو آھي.

مشاھداتي سيلاني

سير سفر وسيلي انسان جي ڄاڻ ۽ علم ۾ واڌارو ٿئي ٿو، پر جنھن انسان فطرت جي منظرن کي مشاھدي جي نظر سان نہ ڏٺو، تنھن جھڙو سير ڪيو تھڙو نہ ڪيو. مشاھداتي سيلاني سدائين اکيون کولي ھلي ٿو ۽ ھيءَ ساري ڪائنات، جا ھڪ کليل ڪتاب مثل آھي، تنھن جو ھو ھر ھڪ جزو چڱيءَ ريت جاچي، ننڍڙين ننڍڙين ڳالھين مان بہ وڏا وڏا سبق سکي ٿو. شاھ لطيف بہ ھڪ اھڙو ئي سيلاني ھو. جيئن تہ عام خلق رواجي ڪتاب پڙهي ٿي، پر ھن بزرگ اڪثر قدرت جو ڪتاب پڙهيو ھو، ۽ فطرت جا نظارا ھن جا مڪتب ھئا. زندگيءَ جا عام مشاھدا ۽ فطرت جو حُسن گڏجي، ھُن جي دل ۽ دماغ کي اھڙو اُتساھيندا ھئا، جو سندس اندر جي فنڪار جي تخليقي قوت جاڳي پوندي ھئي.

قدرت جي مڪتب مان ڪماليت حاصل ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف جي پڙهڻ ۽ پرجهڻ جو نمونو ئي پنھنجو ھو. ھن جي مشاھداتي قوت تمام تيز ھئي ۽ سندس خيال جي رفتار بہ نرالي ھئي، تنھن ڪري نہ رڳو سير سفر ڪندي، پر گهر ويٺي بہ ھن گهڻو ئي ڪجهہ ٿي پرايو. شاھ لطيف مڪاني ھنرن ۽ ڌنڌن کي واکاڻي ۽ ھنرمندن جي ساراھ ڪئي. جيئن ھو پنھنجي ڪرت سان پيار ڪن، پيداوار وڌي تہ جيئن سنگهارن سُک ٿئي.

گهرن ۾ اَئٽ کي ھلندو ڏسي، ان بابت سڄو سُر ڪاپائتي چيائين، جنھن ۾ اَئٽ سان لاڳاپيل لفظ ۽ نھايت عمدا اصطلاح ڪم آڻي، سچائيءَ سان پنھنجي اندر جو چرخو چورڻ لاءِ تاڪيد ڪئي اٿس. شاھ لطيف اِنهيءَ سُر ۾ پنھنجي وقت جي حقيقت بہ ڄاڻائي آھي تہ ڪيئن اڳي زالون ٻيڻ تي سُٽ وڪڻڻ لاءِ صرافن وٽ وينديون ھيون ۽ ڪيئن صراف ھر ھڪ ڦورو ڦولھي ڪتيل سُٽ مان عيب ڪڍندا ھئا:

تاڃي تورِيائُون، تہ عَيبَ نِڪِتا اَڳِيان، 

ڪوٺي ڪَاپائِتِيَنِ کي، پَر ۾ پُڇيائُون، 

چي: ”اگَلَڙِي آئُون، مون کان ڀِڙا ڀَڳا نَه ٿِئا.“

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاپائتي، بيت30، ص:834)

شاھ لطيف، ڪانءَ جھڙي عام پکيءَ جون سڀ عادتون، سُر پورب ۾ کولي ظاھر ڪيون آھن، تہ ڪيئن ھڪ طرف ڪانءُ ڍونڍ تي ڍري ٿو، جتي ويھي اتي وِٺ لاھي ٿو ۽ ڪيئن اھو وھاڻيءَ وڻن ۾ ڪان ڪان ڪري ٿو وغيرہ، تہ ٻئي طرف ڪن بيتن ۾ وري ڪانگل کي قريبن جو قاصد بڻائي ٿو ۽ کيس پرينءَ جي پارانڀن پچارڻ لاءِ تاڪيد ڪري ٿو. 

آءُ ڪانگا! وَڻِ ويھَ، سُڌِيُون ڏي ساڻيھَ جُون، 

چَڱا ڀَلا سُپرين، ڪِ سُکِ وَسي ساڻيھُ،

پِرِينِ لئٖي پَرڏيھُ، مون تان گَهڻُو نِھارِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پورب، داستان 1، بيت 9، ص: 839)

شاھ لطيف، سِج، چنڊ، تارن، ڪتين ۽ ٻين سھسين سيارن سان بہ عجيب اورون اوريون آھن، جي سُر کنڀات ۾ ڏنل آھن. سِج جو تجلو ۽ چنڊ جي چانڊاڻ ڏسي، محبوب جي جلوي ۽ جمال جو تصور ڪري چيو اٿس:

سَھسين سِڄَنِ اُڀِري، چوراسِي چَنڊَنِ،

بِاللهِ، ري پِرِيَنِ، سَڀَ اُونداھِي ڀانئيان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 1، بيت 12، ص: 133)

شاھ لطيف، مِينھن جو نظارو پسندي ۽ پسائيندي، رعد جي رڙ، وڄ جو وراڪو، پلر جي پالوٽ، پٽن جي پاھ جهلڻ، گاھن جي گلزاري، سنگهارن جي سرهي ٿيڻ ۽ اَنُ ارزان ٿيڻ جو ذڪر سُر سارنگ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ ڪيو آھي. جنھن مان ھن جي فطرت جي منظرن سان گڏوگڏ سماج ۾ موجود غربت ۽ طبقاتي فرق جو ادراڪ ظاھر ٿئي ٿو. سندس حساس دل سنگهارن جو سُک ان جي ارزانيءَ ۾ طلبي ٿي. جيئن ھيٺئين بيت ۾ چيو اٿس تہ:

سارنگَ! سارَ لَھَيج، الله لَڳَ اُڃِينِ جِي، 

پاڻِي پُوڄَ پَٽَنِ ۾، اَرزان اَنُ ڪَريجِ، 

وَطَنُ وَسائيجِ، تہ سَنگهارَنِ سُکَ ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سارنگ، داستان 1، بيت 29، ص:690)

شاھ لطيف جڏهن ڪنھن لوھار جي دڪان وٽان لنگهي ٿو، تہ اُن جو نظارو پسائي ٿو، تہ ھو ڪيئن اڱر دکائي، ڌنوڻيءَ ڌڳائي،کورو تپائي، ان ۾ لوھ وجهي ٿو. لوھ ٻري جڏهن تپي ڳاڙهو ٿئي ٿو، تڏهن اُن تي مُترڪا لڳن ٿا. سانداڻيون سھڪن ٿيون ۽ لوھ ڌڪجي ڌڪجي گهربل صورت اختيار ڪري ٿو. اھي رواجي ڳالهيون سڀ ڪنھن ڏٺيون ھونديون، تن مان شاھ لطيف نھايت عجيب مطلب ڪڍيا آھن، اھي بيت سُريمن ڪلياڻ ۾ ڏنل آھن، جن مان ھڪ بيت ھيٺ ڏجي ٿو: 

ڪَٽُ ڪَڙهي، لوھُه ٻَري، ڌُوڌا جِت ڌَڳَن، 

مُتَرِڪَنِ مُنھَن ڪَڍِيا، سانداڻِيوُن سَھڪَنِ،

اَڄُ پُڻِ اَڳَڙِيَنِ، ميڙو آھي مَچَ تي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 3، بيت 29، ص:99)

جڏهن ڪنھن ڪنڀار جي نھائينءَ وٽان لنگهيو آھي تہ اتان دل جي درد سانڍڻ جو سبق سکي چيو اٿس تہ:

نِھائِينءَ کان نِينھُن، سِکُ مُنھنجا سُپِرِين! 

سَڙي سارو ڏينھن، ٻَھَرِ ٻاڦَ نَه نِڪِري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رپ، داستان 2، بيت 17، ص:742)

ڪنھن وقت پکين جو وڳر آسمان ۾ اڏامندي ڏٺائين تہ چيائين: 

وَڳَرَ ڪِيو وَتَنِ، پِرِتِ نَه ڇِنَنِ پاڻَ ۾، 

پَسو پَکِيئڙَنِ، ماڙُهِنِئان ميٺُ گَهڻو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 5، ص:882)

ڪنھن وقت اٺ جي سواري ڪيائين، تہ اٺ جون سڀ عادتون جاچي، پوءِ سڄي ڳالهہ انساني سڀاءَ سان لاڳو ڪري، چيائين تہ، انسان جو من ڪُڌاتوري ڪَرهي مثل آھي، جو ڪيتري جهل پل کان پوءِ بہ دنياوي حرص ھوس جي لاڻي ڏي لڪيو لڪيو لڙيو پوي. انساني سڀاءَ کي اُٺَ جي سڀاءَ سان ڀيٽي ان ڳالهہ ڏانھن توجھ ٿو ڏياري تہ اھو چڱائيءَ جي ڀيٽ ۾ برائيءَ ڏانھن جهٽ مائل ٿيو وڃي، ۽ نيڪيءَ جي ساڃاھ نہ ھئڻ سبب منجهيو پوي. ان لاءِ الله سائينءَ کي وينتي ٿو ڪري تہ پنھنجو ڪرم ڪري سنئين راھ تي آڻي بيھاريس:

ڪَرَهي کي ڪَئِين، وِڌَمِ پَينڌَ پَلڻَ جا، 

ليڙو لاڻِيءَ کي چَري، نيئر ساڻُ نَئِين، 

چانگي سَندي چِتَ ۾، صاحبَ! وِجُهہ سَئِين،

اوباھِيوسِ اَئِين! لُطفَ ساڻُ، لطيفُ چي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کنڀات، داستان 2، بيت 34، ص:146)

شاھ لطيف جڏهن ٻيڙيءَ توڙي پاڻيءَ جي جھاز ۾ چڙهي درياھ ۽ سمنڊ جو سفر ڪيو آھي، تہ ٻيڙيءَ جي سِڙهن، اولن، ناتارين وغيرہ سمنڊ جي دھشت ۽ ڌُم، قھري ڪُنن، اونهن اوڙاھن، لُڙ ۽ لھرين، لس، ليٽ ۽ ٻين ڳالھين جو اظھار تمام عمدي نموني ھن طرح ڪيو آھي:

دَرَھَڙَ ڌونسَ دَرياھَ ۾، جِتِ لَھرِيُون ڪَنِ لوڙا، 

سَنئين اَچي سَمُونڊَ ۾، ٿِيا سيڻاھيا سوڙها،

جي تارَوُ ھُئا توڙا، تَنِ ھَرٻو ڀانيو ھيڪَڙو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سھڻي، داستان 2، بيت 12، ص:228) مطلب تہ شاھ لطيف پنھنجن اکين کي قدرت جي اسرارن توڙي ٻين ڳالھين جاچڻ تي ڀليءَ ڀت ھيري ڇڏيو ھو. شاھ لطيف جيڪي سير سفر ڪيا، سي سڀ حقيقتن جي پاتال تائين پھچڻ جي نيت سان، مشاھداتي حوالي سان ڪيا. جيئن جيئن ويو گشت ڪندو، تيئن تيئن سندس دماغ ويو کلندو. ھر ڪنھن ھنڌان ھو نصيحت جا سچا موتي ۽ حقيقت جا ھار حاصل ڪندو ويو. انهن آزمودن ۽ اثرن جي ڪري سندس شعر بہ وڌيڪ موھيندڙ ۽ معنيٰدار ٿيو. سندس شاعراڻو ھُڳاءُ چوڏس پکڙجي سڄو ملڪ واسي ڇڏيو، ان ڪري ھر مذھب ۽ مَسلڪ سان تعلق رکندڙ، عالم ۽ اديب، پڙهيل توڙي اڻپڙهيل سندس ڪلام جا مشتاق آھن. ھو اھڙو سهڻو ۽ سنجيدو، مٺو ۽ من موھيندڙ ڪلام تڏهن چئي سگهيو آھي، جڏهن ھر ھنڌ فطرت جي منظرن کي مشاھدي جي اک سان ڏٺو اٿس ۽ انهيءَ ڪري ئي کيس مشاھداتي سيلاني سڏجي ٿو.

شاھ لطيف جو سير سفر

شاھ لطيف پنھنجي زندگيءَ جو ڳچ عرصو سير سفر ۾ گذاريو، جنھن ۾ ھن ڪيئي مشاھدا ماڻيا، جيڪي سندس شاعريءَ جي زينت بڻيا. شاھ لطيف پنھنجي سفر دوران نہ فقط قديم دؤر جي بزرگن جي آستانن تي ڀيرا ڀَري، روحاني سڪون حاصل ڪيو، پر وقت جي بزرگن، عالمن، ساڌُن، سنتن، جوڳين، سامين ۽ فقيرن سان ملاقاتون ڪري، سلوڪ جا ڪيئي سبق پرايا. ھن مختلف جاگرافيائي ھنڌن، تاريخي آثارن، اوتارن، درگاھن، پتڻن، بندرن ۽ بازارين، جبلن، ٽڪرن، لوڪ قصن، ريتين ۽ رسمن، وڻن ۽ ولين، گاھن ۽ ٻوٽن، ڳوٺن ۽ وستين، جيتن جڻن، پکين ۽ جانورن وغيرھ جو ڳوڙهو اڀياس ڪيو ۽ پوءِ انهن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ تمثيلن، تشبيھن، استعارن، ڪناين ۽ صنعتن طور ڪم آڻي، ماڻهن کي سماجي زندگيءَ جي ڄاتل سڃاتل عام حقيقتن ذريعي پنھنجي پيغام کان واقف ڪيو.

شاھ لطيف جي سير ۽ سفر جو سلسلو ننڍپڻ کان ئي شروع ٿيو ۽ آخري عمر تائين جاري رهيو. ھڪ روايت موجب شاھ لطيف، 22 سال سفر ڪيو (1120ھ کان 1142ھ تائين). ڪن محققن موجب، اھو سفر ٽن کان چئن سالن تائين جاري رهيو، جيڪو ننڍن توڙي ڊگهن سفرن تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ ھن نہ رڳو سنڌ جو سير ڪيو، بلڪہ ھو ڀر وارن ماڳن مڪانن ۽ علائقن جھڙوڪ: ھنگلاج، ڪيچ، مڪران، ڪڇ، ڪاٺياواڙ، جوڌپور، جيسلمير ۽ جهوناڳڙه جي ڪن ايراضين ڏانھن ويو، جن بابت سندس ڪلام ۾ اشارا ۽ واضح اھڃاڻ بہ ملن ٿا.

شاھ لطيف، ننڍپڻ کان ئي سنجيدہ طبيعت جو مالڪ ھو، ھر شيءِ جو گهرو  مشاھدو ماڻي، راز ۽ رمزون پروڙيندو ھو. ٻاراڻي وھيءَ ۾، شاھ لطيف جي اٿڻ ويھڻ ۽ ڏسڻ وائسڻ جو مرڪز سندس پنھنجو ڳوٺڙو ھو، پر ان جو دائرو گنباٽ واري جُوءِ تائين ھو. ان وقت ننڍڙي لطيف جي اچ وڃ پنھنجي ماسِيءَ ۽ ٻين عزيزن جي گهرن تائين، يعني گنباٽ واري تر ۾ ڏيرن فقيرن جي راڄن ۽ ڳوٺن تائين ٿيندي رهي. شاھ لطيف جي ننڍپڻ وارا گهٽ ۾ گهٽ ٻارهن سال پنھنجن ناناڻن، ڏيرن فقيرن وٽ گنباٽ واري تر ۾ گذريا. انهيءَ عرصي ۾ گنباٽ سان لڳو لڳ اولهہ طرف، واريءَ جي ڀٽن واري ايراضيءَ (جتي پوءِ شاھ لطيف ’ڀٽ‘ واري ماڳ کي وسايو) ۾ ھن مينھن وسندي رانديون رونديون ڪيون. ان ٻاراڻي وھيءَ ۾ گنباٽ جي جُوءِ واري ھر ماڳ ۽ ڳوٺ کي ڏٺائين ۽ ٻارن توڙي وڏن جو پيار ماڻيائين. ننڍپڻ وارين انهن يادگيرين جو ئي نتيجو ھو، جو پوءِ وڏي ھوندي سُر سارنگ جي ھڪ بيت ۾ ’گنباٽ‘ تي ڪرم جي ڪڪرن جي گونج ٻڌڻ ۾ اچي ٿي:

وَاھُوندِئان وِڄُون ٿِيُون، گُڙِيو ڏُونهَن گَنباٽَ، 

(شيخ، ٻانهون خان، (2000ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 1، سُر سارنگ، داستان4، بيت 12، ص:335)

شاھ حبيب جي سُئي ڪُنڌر مان لڏي ڪوٽڙي مغل ۾ رهڻ کان پوءِ، شاھ لطيف جي مشاھدي جو دائرو اتر ۾ ھالن کان وٺي ھيٺ لاڙ ۾ بُلڙيءَ ۽ ٺٽي تائين، اولهہ ۾ ڪوٽڙيءَ واري علائقي کان وٺي اوڀر طرف ڀٽ ۽ گنباٽ تائين ۽ اتان ڏکڻ طرف نصرپور تائين وسيع ٿيو.

شاھ حبيب پنھنجي سعادتمند فرزند کي پنھنجي محبت ۽ نظرداريءَ ھيٺ رکيو، گڏوگڏ کيس پاڻ سان گڏ ان وقت جي عالمن ۽ درويشن ڏانھن بہ وٺي ويو ۽ سندن صحبت ۾ بہ وھاريو ۽ اباڻي ماڳ مٽياريءَ، خاص طرح بُلڙيءَ ۾ سندس تڙ ڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي آخري آرامگاھ بہ ڏيکاريائين ۽ پڻ شاھ ڪريم جي فقيرن سان ملاقاتون بہ ڪرايائين. ٻئي طرف ميين شاھ عنات رضويءَ سان ملڻ لاءِ کيس شاھپور ۽ نصرپور بہ وٺي ويو. اھڙيءَ طرح بلوغت ڏانھن اُسرندڙ، سالم طبع ۽ ذھين عبداللطيف پنھنجي والد سان گڏ انهن سفرن ۽ صحبتن مان گهڻو ڪجهہ پرايو ۽ سندس ڏسڻ وائسڻ ۽ مشاھدي جو دائرو اڃا بہ وڌندو رهيو. شاھ لطيف، ڪيترن ئي ھنڌن جو مشاھدو ماڻڻ کان علاوہ ڪن جاين تي گوشائتو بہ ويھڻ لڳو. اھي ماڳ مڪان جتي شاھ لطيف ويھي عبادت ڪئي، تن بابت سربستي معلومات موجود نہ رهي آھي، البت ٽن اھڙين جاين بابت پوري پڪ آھي، جتي شاھ لطيف ھڪ مَنو ٿي ويھي، يڪسوئيءَ سان عبادت ۽ رياضت ڪئي، سي آھن: لال لئو، ڀٽ (جتي پاڻ حُجرو ٺھرايائين) ۽ شاھ جي ڪَنڊيءَ وارو ماڳ.

پنھنجي سر، شاھ لطيف جي بامقصد مسافرين ۽ ملاقاتن جي شروعات انهن ئي ماڳن کان ٿي، جتي اڳ ھو پنھنجي والد سان گڏجي ويندو ھو. انهن مان ھڪ طرف مٽياري تہ ٻئي طرف بلڙي، گنجو ٽڪر ۽ ٺٽو ھئا. بلڙي سندس ڏاڏاڻو ماڳ ھو، جتي سندس تڙ ڏاڏي ميين شاھ ڪريم توڙي ڏاڏي عبدالقدوس شاھ جون مزارون ھيون. اتر طرف ھالن (پراڻن) جو تاريخي شھر ڪوٽڙيءَ کي ويجهو ھو، ۽ ساداتن جو پھريون ماڳ ھو. شاھ لطيف جي وقت ۾ بہ ھالا، عالمن ۽ درويشن جو گهر ھو. اتان اٽڪل 16 ڪلوميٽر اوڀر طرف ’گولي پير جو مقام‘ ھن لاءِ اھميت وارو ھو، جو اتي سندس پڙڏاڏي جلال شاھ (عرف جمال شاھ) شھيد جي مزار ھئي. اتان اوڀر-ڏکڻ طرف ’ساڱري ڍوري‘ جي ڪناري وارن درويشن جا ماڳ مڪان سندس ديدار لاءِ اھميت وارا ھئا. خاص طرح ’ڀينءَ پور‘، اڳتي ’شاھپور‘ ۽ ’نصرپور‘ وارو ڀاڱو ويجهو ھو، جتي وڏو شاعر ۽ درويش، ميون شاھ عنات رضوي اڃا حال حيات ھو، ۽ شاھ لطيف وٽس وڃڻ شروع ڪيو ھو. ھن جوءِ ۾ ھينئر بہ شاھ جو تڪيو موجود آھي، جنھن کي ’شاھ لطيف جو حيات ڪوريءَ وارو تڪيو‘ سڏيو وڃي ٿو. ساڱري ڍوري جي ٻنهي طرفن ۽ پوءِ اڳتي لاڙ ۾ ويندي، بدين تائين ڪي اھڙا ماڳ ھئا، جتي ان وقت فيض وارا فقير ۽ عالم موجود ھئا. ڪن ماڳن تي اڳين مشائخن ۽ عالمن جون خانقاھون ۽ درگاھون پڻ ھيون، جن مان گهڻا ميين شاھ ڪريم جا ھمعصر يا صحبتي ھئا، تنھن ڪري انهن ڏانھن شاھ لطيف جو لاڙو فطري ھو. ساڱري ڍوري جي ڪنڌيءَ سان، اُترئين پاسي مشائخ ھوٿيءَ جي درگاھ ھئي، ھي درگاھ سنڌ جي سمي حاڪم ڄام فيروزالدين 811ھ ۾ ٺھرائي ھئي. ھي درويش، مخدوم بھاؤالدين ذڪريا ملتانيءَ جو خليفو ھو. ھن وقت ھيءَ درگاھ ٽنڊوآدم ميرپورخاص روڊ تي، ٽنڊي آدم واري پاسي کان ايندي 15 ڪلوميٽر پنڌ تي مشائخ ھوٿي اسٽاپ ايندو، ان جي کاٻي پاسي کان 2 ڪلوميٽر اتر واري پاسي ’مشائخ ھوٿيءَ جي درگاھ‘ آھي. جا ھن وقت يونين ڪائونسل ۽ تعلقو جهنڊو مري ۽ ضلعي ٽنڊي الھيار ۾ آھي. مزار جي چوڌاري ٻہ اڍائي ڪلوميٽرن ۾ قبرستان پکڙيل آھي. مزار جي اوڀر طرف ھڪ ڪلوميٽر جي پنڌ تي وھڪري جا ڪجهہ آثار آھن، جن کي علائقي جا ماڻهو اڄ بہ ساڱري جو وھڪرو سڏين ٿا ۽ وھڪري واري ٻي سڄي زمين آباديءَ ھيٺ آھي. ساڱري واري وھڪري ۾ ھن وقت ڳوٺ جڙيو خاصخيلي، ڳوٺ اوڀايو خاصخيلي، ڳوٺ نصير مري، ڳوٺ لال خان لاشاري اچي وڃن ٿا، کانئس پوءِ سندس ٻہ لائق فرزند، احمد ۽ محمد، ميين شاھ ڪريم سان مليا ھئا. ان کان ڏکڻ طرف ٻين بزرگن جون مزارون ھيون، جيڪي پڻ شاھ ڪريم جي وقت جا درويش ھئا، جن سان شاھ ڪريم جون ملاقاتون بہ ھيون. جھڙوڪ: درويش آچر، شيخڀرڪيو، موسو، رڪن الدين ولد رتو (جُوڻ جي علائقي جو)، ميرڻ ڪاتيار، مھراڻ فقير نھڙيو، مخدوم صابر ولھاري، مٽياروي سيد ساجن سوائي (هن بزرگ جي درگاھ ضلعي بدين ۾ موجود آھي)، جرڪس ڏناڻي (ولھار ۽ ونگي جي علائقن جا). ميين شاھ ڪريم جي ناتي سان شاھ لطيف جو انهن درويشن جي ماڳن مڪانن کي ڏوري ڏسڻ بہ فطري ڳالهہ ھئي. اڳتي تلھار ۽ بدين طرف سندس عزيزن بزرگن جون مزارون ۽ خانقاھون ھيون.ميين شاھ ڪريم جي اولاد مان ٻہ درويش، سيد پِني لڌو ۽ سيد مَڱيِلڌو تلھار جي علائقي ۾ اچي رهيا ھئا. اھي پڊ ۽ اڃا اڳتي بدين لڳ، شُھاب الدين سھرورديءَ جي مقام ۾ (جيڪو عوام ۾ ’شاھبَدِي جو مقام‘ ٿو سڏجي) خود ميين شاھ ڪريم جو والد لال محمد شاھ ’عرف شاھ للو‘ مدفون ھو. انهيءَ ڪري ساڱري جي ولين جي ماڳن مڪانن کان پوءِ اڳتي ويندي، بدين تائين شاھ لطيف جي سير سفر جا اھڃاڻ نظر اچن ٿا.

شاھ لطيف جي سير سفر واري دؤر جا پھريان پنج ڇھ سال گهڻي حد تائين سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ڏسڻ، درويشن جي خانقاھن ۽ درگاھن جو ديدار ڪرڻ، مختلف ڌنڌي/پيشي وارن وٽ وڃي مشاھدو ماڻڻ ۽ عوامي زندگيءَ جي اڀياس ۾ گذريا. شاھ لطيف ھن عرصي ۾گهڻي ۾ گهڻا ڀيرا پنھنجي تڙڏاڏي ميين شاھ ڪريم جي درگاھ تان ڪيا. انهيءَ کان علاوہ جن جن درويشن ۽ بزرگن ڏانھن ڪَھي ويو، تن مان جن جو احوال ملي سگهيو آھي، مختصر طور تي ھيٺ ڏجي ٿو.

شاھ لطيف جو بُلڙيءَ تان ڀيرو

لاڙ ۾، شاھ لطيف جا ويجها مٽ مائٽ رهندا ھئا، جن مان بلڙي شريف ۾ عبدالواسع شاھ ۽ ونگي ۾ جمال شاھ اھم ھئا. اھي تہ ھئا جيئرا بزرگ، جيڪي شاھ لطيف جا ھمعصر۽ مائٽ ھئا، پر بلڙي شريف ۾ شاھ ڪريم ۽ بدين ۾ سيد لال محمد شاھ للاڻي سندس وڏا ھئا، جيڪي انهن ماڳن ۾ آرامي ھئا. شاھ لطيف جي بلڙيءَ طرف اچڻ جو مکيہ سبب شاھ ڪريم جي درگاھ تان ڀيرو ڏيڻ ھو. بعد ۾ ھن شاھ ڪريم جي قبر تي مقبرو پڻ جوڙايو. مقبرو جوڙائڻ کان پھرين ھن، ٿر، لاڙ، ڪڇ، لسٻيلي ۽ ملتان جون درگاھون ڏٺيون ۽ انهن جي اڏاوت جي انداز ۽ معيار کي ڏٺو ۽ مختلف ڪاشيگرن ۽ رازن کان بہ ڄاڻ ورتي تہ جيئن شاھ ڪريم جي ھڪ شانائتي درگاھ اڏائي سگهجي. درگاھ جي اڏاوت لاءِ شاھ لطيف پاڻ ملتان مان ڪاشيءَ جون سرون بہ وٺي آيو ھو. روايتن مطابق شاھ لطيف، شاھ ڪريم جي قبر تي موجود ڄار جو وڻ پاڻ وڍيو، جو ٻيو ڪوبہ وڍڻ لاءِ تيار نہ ھو. انهيءَ ڄار جي وڻ کي عقيدتمند ماڻهو ’ڏاڍي ڄار‘ چوندا ھئا ۽ سندن عقيدو ھو تہ ھن ڄار وڍيندڙ کي ڪو نقصان ضرور پھچندو، تنھن ڪري ڪوبہ انهيءَ ڄار جي وڻ کي وڍڻ لاءِ تيار نہ ھو. اھو ڪم شاھ لطيف پاڻ ڪري، اھو ثابت ڪيو تہ پاڻ اھڙا ڪي بہ وھم ۽ وسوسا ڪين رکندو ھو. انهيءَ کان پوءِ مقبرو جوڙائڻ شروع ڪيائين. ڄار وڍڻ ۽ مقبري جوڙائڻ تي سندس مخالفت گهڻي ڪئي وئي. (وڌيڪ ڏسو شاھ لطيف جي زندگيءَ جا واقعا)

شاھ لطيف جڏهن بہ شاھ ڪريم جي درگاھ تي اچي رهندو ھو، تڏهن راڳ جي محفل مچائيندو ھو، ۽ پوءِ اتي لطيفي راڳ جي رسم جي شروعات ٿي، جيڪا درگاھ بلڙي شريف ۽ ڀِٽشاھ سميت مختلف ھنڌن تي اڄ تائين ھلندي اچي.

شاھ لطيف جو جهوڪ شريف تان ڀيرو

بلڙي شاھ ڪريم جي ويجهو ئي، جهوڪ جي وسندي آباد ٿي، جنھن جي مشھوري صوفي شاھ عنايت شھيد جي شھادت سبب پري پري تائين پکڙيل ھئي. ھن ايراضيءَ کي جهوڪ کان اڳ ’ميرانپور‘ جي نالي سان سڏيو ويندو ھو. شاھ لطيف بہ صوفي شاھهعنايت شھيد جي ھاڪ ٻڌي، پر ھُو صوفي شاھ عنايت سان مليو يا نہ، ان بابت ڪابہ ويساھ جوڳي ڄاڻ موجود ڪانهي، تنھن ھوندي بہ رسالي ۾ سُر کاھوڙي ۽ سُررامڪليءَ جي ڪيترن ئي بيتن ۾ صوفي شاھ عنايت شھيد بابت اشارا ملن ٿا. 

اَڄُ نَه اوطاقُنِ ۾، طالِبَ تَنوارِينِ، 

آدِيسِي اُٿي وِيا، مَڙِهِيُون مُون مارِينِ،

ھُو جي جِيءَ جِيارين، سي لاھُوتِي لَڏي وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 8، ص: 814) 

صوفي شاھ عنايت جي شھادت کان پوءِ شاھ لطيف صوفي شھيد جي پونئيرن مان صوفي سلام الله سان ملڻ لاءِ جهوڪ ويو، جيڪو ھڪ وڏو عابد ۽ زاھد ھو.

سلام الله روحانيت ۽ شاعريءَ جي شعور سان نوازيل صوفي فقير ھو. ھُو شاھ لطيف جا بيت ٻڌندو ۽ پسند ڪندو ھو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ جهونگاريندو بہ ھو. پاڻ اعليٰ پايي جو شاعر بہ ھو. سندس درجو ڏسي ۽ بيت اچارڻ واري ڳالهہ ٻڌي شاھ لطيف، فقير ساڻ ڪري ساڻس ملاقات واسطي جهوڪ شريف آيو. ان وقت ميون سلام الله مراقبي ۾ ھو ۽ دنيا جي ڪنھن بہ ڪم ڪار ڏانھن سندس ڌيان نہ ھو. شاھ لطيف سندس ڌيان پاڻ ڏانھن ڇڪائڻ لاءِ، ٽي ڏينھن ويھي راڳ ويراڳ ڪيو، تڏهن وڃي بزرگ ڏانهس ڌيان ڏنو. پوءِ ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ ڳُوڙھي رهاڻ ٿي. اھا روح رهاڻ پوءِ لاڙ جي ڪچھرين جو موضوع بڻجي وئي ۽ اڄ سوڌو، انهيءَ رهاڻ جي ذڪر سان روح رهاڻيون ٿينديون آھن.

شاھ لطيف جا جمعي غنياڻيءَ وٽان ڀيرا:

جڏهن شاھ لطيف ڪڇ تان ڀيرو ڪرڻ ويو ھو، تڏهن کيس ڪڇ جي ڪن مُلن، عقيدت وچان ’جمعي‘ نالي ھڪ ننڍڙو ڇوڪرو خدمت چاڪريءَ لاءِ ڏنو ھو. اھو ڇوڪرو، پوءِ شاھ لطيف جي خدمت بہ ڪندو رهيو تہ فيض بہ وٺندو رهيو. شاھ لطيف کي جيڪو بہ علم ۽ فيض ڏيڻو ھو، سو کيس ڏنائين. انهيءَ کان پوءِ شاھ لطيف کيس ڪاملن ۾ ڳڻي، جاتيءَ کان اترطرف اٽڪل 10 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي وڏو ويڙھو ڏياري رهايو. شاھ لطيف جي فيض سان کيس وڏو روحاني علم حاصل ٿيو، کيس ڪشادي رزق سان گڏ لوڪ ۾ بہ وڏي عزت ۽ مان حاصل رهيو، پاڻ وڏو سخي ھو. سندس اوتارو ھر عام ۽ خاص لاءِ ھميشه کليل رهندو ھو. سخاوت جي ڪري، پاڻ حضرت عثمان غنيؓ جي نسبت سان ’غنياڻي‘ سڏبو ھو. سندس ھاڪ سڄي لاڙ ۽ ڪڇ ۾ پکڙجي وئي ۽ جمعي غنياڻيءَ جو اوتارو مشھور ٿي ويو. شاھ لطيف پڻ پنھنجي خليفي وٽان ايندي ويندي پيو ڀيرا ڪندو ھو ۽ سندس آسودگي ڏسي خوش ٿيندو ھو. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، کاري ۽ ڪڇ واري پاسي شاھ جا شيدائي، جڏهن ڀٽ تان ڀيرو ڏيڻ ويندا ھئا، تڏهن جماعتن جون جماعتون جمعي غنياڻيءَ وٽ اچي رهنديون ھيون ۽ ھو انهن جي مھماني ڪندو ھو. جمعي غنياڻيءَ جي رهائش واري ھنڌ کي ’شاھ جو تڪيو‘ سڏيو ويو. جمعي فقير اتي وفات ڪئي ۽ اتي ئي آرامي آھي. اھو تڪيو جمعي غنياڻي جي پونئرن جي سنڀال ھيٺ رهيو پر اڄڪلهه انهيءَ ھنڌ کي کيڙي اُتي پوک ڪئي ٿي وڃي.

شاھ لطيف جو ھيلاين جي ٽڪريءَ تان ڀيرو

روايتن مطابق شاھ لطيف ھڪ دفعي لاڙ طرف وڃي رهيو ھو ۽ ھيلاين جي ٽڪريءَ وٽان اچي لانگهائو ٿيو تہ سندس ڪنن تي پنھنجي ئي بيت جي ھڪ سٽ جو آواز پيو، جنھن کي ڪو ماڻهو ھَر ھَر جهونگاري رهيو ھو. سندس آواز ۾ سوز ۽ درد ھو، جنھن شاھ لطيف کي انهيءَ شخص طرف ڇڪيو. شاھ لطيف جڏهن ٽڪريءَ تي چڙهي وٽس پھتو، تڏهن بہ اھو شخص ساڳي سٽ پڙهي رهيو ھو:

” هيڪليائي ھيل، پُوريندس پنھونءَ ڏي “

شاھ لطيف انهيءَ شخص کان پڇيو تہ، تو اھا سٽ ڪٿان ٻُڌي، جنھن کيس ڦٽي وڌو آھي؟ تڏهن انهيءَ جت فقير کيس ٻڌايو تہ، جڏهن ھو ۽ سندس ساٿي ڀِٽ شاھ جي ڀرسان لنگهي رهيا ھئا تہ اتي فقيرن ڪلام پئي ڳايو، جنھن ھن کي متاثر ڪيو ۽ ٻيو تہ ياد ڪونہ رهيو. باقي اھا سٽ کانئس وسري ئي نٿي. انهيءَ تي شاھ لطيف کيس چيو تہ: ’جيڪڏھن اھو بيت توکي ڪو سڄو ڪري ٻڌائي تہ تنھنجي روح کي راحت ايندي؟‘ جت فقير چيو تہ: ’سائين ان جا تہ، آءٌ وڏا ٿورا مڃيندس.‘ پوءِ شاھ لطيف کيس پورو بيت پڙهي ٻڌايو:

ھيڪَلِيائي ھيلَ، پُوريندِيَس پُنهُونءَ ڏي، 

آڏا ڏُونگَرَ لَڪَيوُن، سُورِيُون سُڄَنِ سيلَ،

تَہ ڪَرَ ٻيلِي آھِنِ ٻيلَ، جي سُورَ پرِيان جا ساڻُ مون.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 9، بيت 13، ص:324)

بيت ٻڌڻ شرط، جت فقير تي وجد طاري ٿي ويو ۽ بيت ڳائيندي سندس روح پرواز ڪري ويو. شاھ لطيف کي جت فقير جي موت تي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ انهيءَ ٽڪريءَ تي قبر کوٽائي سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪري، کيس پنھنجن ھٿن سان اتي دفن ڪرايائين. شاھ لطيف چوندو ھو تہ: ’ڪلام جو فدائي، انهيءَ جت فقير کان وڌيڪ مون ٻيو نہ ڏٺو.‘ مٿين روايت موجب انهيءَ واقعي جو ھنڌ ھيلاين جي، ٽڪري آھي، جيڪا محمد سومار شيخ پنھنجي ڪتاب ’لطيف سائينءَ جا لاڙ تان ڀيرا‘ ۾ ڏني آھي، جڏهن تہ ھن وقت ھيلاين جي ٽڪريءَ تي ھڪ وڏو قديم قبرستان آھي، جنھن ۾ گهاڙي قبرون بہ آھن، مقامي ڄاڻ موجب اتي ’جت‘ واري واقعي سان لاڳاپيل ڪابہ قبر ڪانهي. انهيءَ واقعي جي حوالي سان مرزا قليچ بيگ جي موجب اھو جت، شاھ لطيف کي ھنگلاج واري پاسي مليو ھو.

شاھ لطيف جو ڪينجهر تان ڀيرو

شاھ لطيف ٺٽي ايندي ويندي ڪينجهر تان پڻ ڀيرا ڪندو ھو. ھيلاين جي ٽڪريءَ تي نوريءَ جي ٽٽل ڦٽل ماڙيءَ جا آثار بہ ڏٺا ھوندا ۽ ڪينجهر تي نوريءَ جي مُرشد ھوندڙي شاھ جي قبر تي بہ ويو ھو، ۽ مڪليءَ ۾ ڄام نظام الدين جي ماڙيءَ نما وڏي مقبري جي بنه لڳ اتر طرف ڄامتماچي ۽ نوريءَ جون قبرون آھن، نوريءَ جي ھڪ قبر ڪينجهر ۾ سندس مرشد ھوندڙي شاھ جي پيرانديءَ ۽ ٻي قبر مڪليءَ ۾ ڄام تماچيءَ جي ڀر ۾ آھي. ڪن عالمن جو خيال آھي تہ، نوريءَ جي قبر مڪلي واري آھي. جڏهن تہ ڪن عالمن جي تحقيق موجب ڪينجهر ڍنڍ ۾ واقع ھوندڙي شاھ جي پيرانديءَ کان نوريءَ جي قبر آھي. جيئن تہ ٻہ مختلف قبرون موجود آھن. ان ڪري ٻنهي جو ذڪر ڪيل ۽ تصويرون ڏنل آھن.

شاھ لطيف، ڄام تماچيءَ جي ساموئيءَ وارن ماڳن مڪانن کي بہ ڏٺو ھو. اھڙيءَطرح ’نوري ۽ ڄام تماچيءَ‘ جي اھم رومانوي داستان کي، ’سُرڪاموڏ‘ ۾ ڳايو آھي. نوريءَ جي نوڙت بيان ڪندي، ۽ تماچيءَ کي تڙڌڻي چئي، سندس سخاوت ۽ غريب پروريءَ کي ساراھيو اٿس. اھڙيءَ طرح نوري ۽ ڄام تماچي، شاھ لطيف جي مکيہ تمثيلي ڪردارن مان اھم ڪردار ليکيا وڃن ٿا.

شاھ لطيف، ڪينجهر تي ڪيئي ڀيرا آيو ۽ ھتي جي نظارن جو مشاھدو ماڻڻ کان سواءِ، ھتي جي رهواسين جي رهڻي ڪھڻي، ڪرت ۽ ڌنڌي کان بہ خوب واقف ٿيو، جنھن جا چٽا اُھڃاڻ سُر ڪاموڏ ۾ ملن ٿا. شاھ لطيف تي ڪينجهر جي نظارن جي قدرتي سونھن، نوريءَ جي نوڙت ۽ سادگي، مُھاڻن جي سادي زندگيءَ ۽ ڄام تماچيءَ جي شخصيت ۾ غير طبقاتي ۽ انسانيت ۾ ايمان رکڻ وارا گُڻ پسند ھئا. انهن سڀني ڳالهين، گڻن ۽ خوبصورتيءَ کي شاھ لطيف سُرڪاموڏ ۾ ڳايو آھي. ڪينجهر جي واکاڻ پڻ ڏاڍي وڻندڙ انداز ۾ ڪئي اٿس:

ھيٺ جَرُ، مٿي مَڃَرُ، پاسي ۾ وَڻَراھ،

اَچي وَڃي وِچَ ۾، تماچيءَ جي ساءَ، 

لَڳي اترَ وَاءَ، تہ ڪينجهر ھِندورو ٿِئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪاموڏ، داستان 2، بيت 4، ص: 627)

شاھ لطيف جي مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ سان ملاقات

شاھ لطيف ٺٽي ۽ مڪلي ٽڪريءَ تي ڪيترائي ڀيرا آيو. مڪلي ٽڪريءَ جي ڏاکڻين پاسي ھندن جي مندر جي اولهندي پاسي کان ھڪ چُر (گُڦا) ۾ عبادت ڪرڻ لاءِ گوشه نشينيءَ ۾ ويٺو ھوندو ھو ۽ اُھي کيس عزت ۽ احترام جي نگاھ سان ڏسندا ھئا، پر ھنن کي خبر نہ ھئي تہ، اھو شخص ڪير آھي. اھا گڦا ھن وقت بہ مندر جي اولهہ پاسي 50 فوٽ کن ٽڪريءَ جي مٿئين حصي ۾ آھي، ان اندر ھٿ سان کوٽي وڏن اکرن ۾ ڪلمو شريف لکيو ويو آھي.

روايتن ۾ اچي ٿو تہ، ھڪ ڏينھن مندر جو مھا پوڄاري کيس ھندومت ۾ شامل ڪرڻ لاءِ وٽس لنگهي ويو ۽ کيس دعوت ڏيئي، پاڻ سان گڏ مندر ۾ وٺي آيو. شاھ لطيف جي مندر ۾ اچڻ تي ھندو ڏاڍا سرها ٿيا ۽ کيس سِندور ۽ تلڪ لڳائي، جَڻِيو پارايائون. شاھ لطيف جڻيو پائي مندر جي ڪُنڊ ۾ ويھي رهيو. ايڪانت ۾ ويٺي، گهڻو وقت گذرڻ کان پوءِ کيس ٺٽي ڏانھن وڃڻ جو خيال آيو، سو انهيءَ ويس ۾ ٻاھر ھليو ويو ۽ وڃي ٺٽي پھتو. مخدوم محمد ھاشم ٺٽويءَ جا شاگرد، جيڪي ٺٽي مان جماعت جي روپ ۾ وڃي رهيا ھئا، تن جو ھن کي ڏٺو تہ کيس برهمڻ سمجهي تبليغ جي خيال کان وٽس آيا ۽ کيس مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڏنائون. راوين موجب شاھ لطيف دل ۾ سوچيو تہ شاھد ٺاھڻ لاءِ کڻي مسلمان ٿجي، سو سندن چوڻ تي مسلمان ٿيڻ لاءِ ھائوڪار ڪيائين. مخدوم صاحب جي شاگردن جو ڏٺو تہ ٿوري چوڻ تي ھي ٻانڀڻ، مسلمان ٿو ٿئي، سو ڏاڍا خوش ٿيا ۽ يڪدم سندس جڻيو لاھي، کيس گهوڙيءَ تي چاڙهي سرگس جي صورت ۾ ٺٽي شھر مان چڪر لڳارائي، نعرا ھڻندا، مخدوم محمدھاشم ٺٽويءَ جي مسجد ۽ مدرسي ڏانھن روانا ٿيا. مخدوم صاحب کي جڏهن انهيءَ ڳالهہ جي خبر پيئي تہ، خوشيءَ وچان سندس آجيان لاءِ مدرسي کان ٻاھر آيو ۽ ڇا ڏسي تہ اھو تہ شاھ لطيف آھي. شاگردن کي جڏهن ٻڌايائين تہ: ’هي تہ شاھ عبداللطيف آھي‘ تڏهن شاگردن جا ٺپ ئي ٺري ويا ۽ شاھ لطيف کي ڏسڻ لڳا. شاھ لطيف پوءِ گهوڙيءَ تان لھي، مخدوممحمدھاشم سان محبت سان مليو ۽ ھو بہ کيس عزت ۽ احترام سان مسجد اندر وٺي ويو ۽ پنھنجو مھمان ڪري رهايائين. انهيءَ واقعي جي خبر جڏهن مھاپوڄاريءَ کي پيئي تہ، اھو شخص ٻيو نہ، پر شاھ لطيف ھو، تڏهن ھوُ پڻ حيران ٿيو. ٻنهي ڌرين کي حيران ڏسي شاھ لطيف فرمايو:

ڪيھي ڪَامِ ڪَاپَڙِي، ٿا اھڙيءَ رَوشِ رَوَنِ، 

نَڪا دل دوزخَ ڏي، نڪي بِھشتُ گهُرنِ،

نَڪو ڪَمُ ڪُفار سين، نَڪا مُسلماني مَنِ، 

اُڀا اِيئَن چَوَنِ، پِرِين ڪِجَان پَانھنجو.

(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽِئو، سُررامڪلي، داستان 12، بيت 15، ص: 121)

شاھ لطيف ۽ مخدوم محمد معين ٺٽويءَ جون ملاقاتون

شاھ لطيف جون ٺٽي شھر ۾، ھڪ ٻئي بزرگ، مخدوم محمد معين ’بيراڳي‘ سان پڻ ملاقاتون ٿيون. مخدوم صاحب وڏو عالم، فاضل ۽ بزرگ شاعر ھو. علم ۽ فضيلت جي ڪري ماڻهو کيس’ميون ٺارو‘ جي نالي سان سڏيندا ھئا ۽ ان لقب سان ئي مشھور ٿيو، ڇو تہ سندس ادبي ڳالهيون ۽ علمي فضيلت، مذھبي رواداري ۽ سندس فتوائن ڪري کانئس ڪيترا ئي ماڻهو متاثر ٿيا ھئا. شاھ لطيف، سندس علمي ۽ ادبي ڳالهين جي ڪري وٽس اچي رهندو ھو، ۽ ساڻس روحاني ڪچھريون ڪندو ھو. ٻيا بہ ڪيترائي بزرگ اتي ايندا رهندا ھئا. مخدوم ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم محمد ھاشم ٺٽوي، ۽ ابراھيم آڌيلو توڙي لاڙ جي ٻين مشھور بزرگن سان، شاھ لطيف جون گهڻيون ئي ڪچھريون/ملاقاتون، ميين ٺاري وٽ ننگر ٺٽي ۾ رهڻ دوران ٿيون. شاھ لطيف، لس ٻيلي، نانِي، ھيلاين جي ٽڪرِي، ڪينجهر، ڀنڀور ۽ لاڙ جي بندرن ڏانھن اتان ئي پنڌ پوندو ھو. کيس لاڙ واري پاسي ونگو، بدين، بلڙي ۽ راھمڪي بازار کان پوءِ ننگر ٺٽي ۾ ترسندو ھو. جيستائين مخدوم صاحب حيات ھو، تيستائين شاھ لطيف، ٺٽي ۾ ڪيترائي ڀيرا ويو ۽ سندس وفات کان پوءِ ھُن ٺٽي ڏانھن وري رُخ نہ ڪيو. پڇاڙيءَ جي سفر وقت، ميين ٺاري کي غسل ۽ ڪفن شاھ لطيف ڏنو، جنازي نماز بہ پڙهائي، پنھنجن ھٿن سان مٽيءَ حوالي بہ ڪيو، ۽ پوءِ چيائين تہ: ”ٺٽي ۾ اچڻ سندن ڪري ئي ٿيندو ھو.“(بلوچ، 2009ع، ص: 41) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ اھو حوالو ’تحفة الڪرام‘ جلد 3، مطبوع دھلي، ص: 229-230 تان ڏنو آھي. ڊاڪٽر بلوچ، ’معيار سالڪان طريقت‘ قلمي تان ھي حوالو ڏنو آھي: ”ٺٽي ۾ پنھنجي يار جي الوداع خاطر ھي اسان جو آخري ڀيرو اچڻ ٿيو.“(بلوچ، 2009ع، ص: 41)

شاھ جي ھيٺين بيت لاءِ چيو وڃي ٿو تہ، ھن مخدوم معين جي بُٺيءَ (قبر) وٽ بيھي چيو ھو:

جا ڀُون پيرين مُون، سا ڀُون مَٿي سَڄَڻين، 

ڌِڱ لَٽبا ڌُوڙِ ۾، اُڀِي ڏٺاسُون،

ڏِينہَ مِڙيئي ڏُون، اُٿي لوچِ لَطِيفُ چَئي. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر راڻو، داستان 10، بيت 13، ص: 270)

شاھ لطيف جو کاريءَ تان ڀيرو

کاريءَ ۾ شاھ لطيف جو خليفو، ميون ابراھيم آڌيلو رهندو ھو، جنھن شاھ لطيف جي حڪم تي اچي اھا جُوءِ وسائي ھئي. شاھ لطيف، پنھنجي خليفي جي آستاني تي آيو تہ، ان کي سرهائي نصيب ٿي، ڇاڪاڻ تہ شاھ لطيف انهيءَ بزرگ کي زوري کاريءَ طرف وڃي رهڻ جو حڪم ڪيو ھو، ۽ ھُو پڻ امر ھٿان مجبور ٿي، اُتي وڃي رهيو ھو. شاھ لطيف جڏهن کاريءَ ۾ ھن سان ملڻ آيو، تڏهن کيس چيائين تہ: ’تون اتي ئي ره، البت اسان توکي پنھنجي اڌ امانت ڏيون ٿا. تون اڄ کان ابراھيم آڌيلو آھين. اسان جي ڀٽ کان تنھنجي ڀِٽ اڌ آھي، اسان کي بہ اڏيرو لال آڏو آھي، توکي بہ اڏيرو لال آڏو آھي.‘

ابراھيم آڌيلي جي مزار گهوڙا ٻاريءَ (ضلعي ٺٽي) کان ڳاڙهي شھر ڏانھن ويندڙ روڊ جي کاٻي پاسي ايندڙ اُڏيري شھر جي اسٽاپ کان ٻہ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، 105 موري اُڏيري شاخ جي اورئين ڪپ تي وڏي روڊ کان اڌ منو ڪلوميٽر شاخ واري پٽڙيءَ کان ٿورو پرڀرو، خانپور درگاھ جي نالي، ابراھيم آڌيلي جي مزار آھي. ھن مزار جي ويڪر، 12 فوٽ ۽ ڊيگهه 18 فوٽ آھي ۽ 4 فوٽ اوچائي سان عيدگاھ نموني محراب واري مسجد ٺھيل آھي، جنھن جي وچ تي ڪاٺ جي چبوتري ۾ ٽي قبرون آھن. وچ واري قبر ابراھيم آڌيلي جي آھي. ھن مزار کان لڳ ڀڳ ڏيڍ ڪلوميٽر اتر طرف، سِڌائيءَ ۾ اڏيري جو شھر آھي، جنھن ۾ پري کان اڏيري لعل جو باقي بچيل ھڪ قبو نمايان نظر اچي ٿو، جنھن لاءِ شاھ لطيف ابراھيم آڌيلي کي چيو ھو تہ: ’اسان کي بہ اڏيرو لال آڏو آھي، توکي بہ اڏيرو لال آڏو آھي.‘ ابراھيم آڌيلي جي درگاھ جي اوڀر طرف سومرن جو وڏو ڳوٺ آھي.

شاھ لطيف، ابراھيم آڌيلي ڏانھن وڃڻ مھل اڏيري لال وارو گس وٺي، شاھ ڪريم بلڙيءَ کان جهوڪ، جهوڪ کان سجاول وارو پتڻ اُڪري، پير پٺي کان گهوڙا ٻاريءَ ايندو ھو، ۽ اُتان اُڏيريلال جي قُبن کان ٿيندو، ابراھيم آڌيلي جي آسڻ تي پھچندو ھو. (ديھ اڏيرو، تعلقي گهوڙا ٻاري، ضلعي ٺٽي ۾ گهوڙا ٻاريءَ کان ڳاڙهي ويندڙ رستي تي، گهوڙا ٻاري شھر کان 4 ڪلوميٽر ۽ اڏيري موڙ کان ڏيڍ ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، اڏيري شھر ۾ 4 قبا ھئا، انهن قبن کي اڏيري لال جا قُبا چيو ويندو آھي، جن مان باقي ھڪ وڃي بچيو آھي، جي ان جي بہ ڪا سار سنڀال نہ لڌي وئي تہ، اھو قبو بہ ميسارجي ويندو. ھي قبو سطح زمين کان ويھارو کن فٽ ڊگهو ۽ اندران ڏھاڪو کن فوٽ گول ويڪر ۾ آھي، منجهس اندر ڪيترائي جاري نما خانا ٺھيل آھن، جن ۾ مورتيون وغيرھ رکيل ھيون جي، ھن وقت نہ آھن. اندران گُلڪاري بہ ٿيل آھي، ديوناگري لپيءَ ۾، اڌ ميساريل اکرن ۾ بہ ڪجهہ لکيل آھي. ھي قبا ابراھيم آڌيلي جي درگاھ جي ڏيڍ کن ڪلوميٽر اتر طرف آھن. ھن قبي واري جاءِ جي چوڌاري، سوڍاڻي مھاڻن جا گهر آھن. اڏيري جو ھي شھر بچاءُ بند جي اندر آھي. اڏيري شھر کان اوڀر طرف عبدالله (بدي) پنھور جو ڳوٺ، چئن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آھي. (اُڏيري شھر ۾، خاصخيلي، سومرا، پنھور، ملاح، شيخ ۽ حماتي ذات وارا ماڻهو رهن ٿا.) انهيءَ رستي تان ڪئين ڀيرا شاھ لطيف جو اچڻ وڃڻ ٿيو ۽ انهيءَ گس ۾ جتي بہ شاھ لطيف ترسيو، اُھي جايون ڀلاريون ڪري ليکيون ويون ۽ شاھ لطيف جا عقيدتمند اڄ تائين اھي ’تڪيا‘ سنڀاليندا اچن.

شاھ لطيف جو ڀنڀور تان ڀيرو

شاھ لطيف، لاڙ تان ڀيري ڪرڻ وقت ڀنڀور تان پڻ، ڪئين دفعا پير گهمايا ھئا. ھي اھو ئي شھر آھي، جنھن ۾ روايتن موجب سسئي پنھونءَ جي لوڪ ڪھاڻيءَ جي سورمي سسئي ساماڻي جنھن جو پنھونءَ سان پيچ پيو ۽ پنھونءَ جي ڌار ٿيڻ کان پوءِ، سندس پويان پيرين پنڌ، اتان ئي رواني ٿي ۽ سنگهر واري پَٽَ ۾ وڃي، آرامي ٿي. اھو پنڌ اٽڪل 125 ڪلوميٽر آھي.

شاھ لطيف جڏهن انهيءَ تاريخي شھر کي ڏٺو، تہ اتي سسئي پنھونءَ جي قصي سان لاڳاپيل ٻين حقيقتن کان پڻ واقف ٿيو ۽ ايترو تہ متاثر ٿيو، جو پاڻ بہ سسئيءَ جيان ساڳئي پنڌ ھلي پيو ھو. شاھ لطيف سسئي پنھونءَ جي قصي آڌار 5 سُر چيا آھن، جن ۾ سسئيءَ جي سِڪ، سوز، سور، جاکوڙ ۽ جدوجھد جي ڳالهہ ڪيل آھي، ۽ ڪيترن ئي بيتن ۾ ڀنڀور جو ذڪر پڻ ڪيل آھي، مثال طور:

ويھُه مَ مُنڌَ ڀَنڀورَ ۾، ڪر ڪو واڪو وَسُ،

ٻَانِهِي ٻاروچَنِ جِي، گولِي ڇَڏ مَ گَسُ، 

ڏورَڻَ مَنجهان ڏَسُ، پُوندءِ ھوتَ پنھونءَ جو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سسئي آبري، داستان 1، بيت 15، ص:286)

شاھ لطيف جو ڪلاچيءَ تان ڀيرو

ڪلاچي، موجودہ ڪراچيءَ جو قديم نالو آھي، جيڪو مھاڻن جو ھڪ ننڍڙو ڳوٺ ھوندو ھو، ۽ مائي ڪلاچيءَ جي نالي مشھور ھو. شاھ لطيف، ڀنڀور تان ڀيري ڪرڻ کان پوءِ ڪلاچيءَ ۾ مورڙي جي مقام تان پڻ ڀيرو ڪيو ۽ شاعريءَ ۾ انهيءَ جوڌي جوان کي پڻ ساراھيو، جنھن معذور ھوندي بہ مانگر مڇ کان پنھنجن ڀائرن جو پلاند ورتو ھو. شاھ لطيف مورڙي ۽ سندس ڀائرن جي ساراھ ۾ سُرگهاتو چيو. شاھ لطيف جڏهن ھتي آيو تہ ھن مورڙي جي واقعي بابت چيو ھو تہ:

ڪالَ ڪَلاچِيءَ وِيا، گهاتُو ڪَري گھُورَ،

مادَرِ! مَلاحَنِ جا، ويٺي سَھان سُورَ، 

مون کي ڪري مَلُورَ، اُونهي وِيا اَوھَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 7، ص:633)

شاھ لطيف سُر گهاتوءَ ۾ ’ڪلاچيءَ‘ جو ذڪر ڇھن بيتن ۾ ڪيوآھي:

اَئِين جا لُڏو لوڏَ، ايءَ پَرِ گهاتُوئَڙَنِ جِي، 

ڪُنَ ڪَلاچِيءَ ڪوڏَ، سُکِ نَه سُتا ڪَڏِهِن.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 14، ص: 634)

جڏهن شاھ لطيف ڪلاچيءَ تان ڀيرو ڪيو، تڏهن نہ ڪو ڪلاچيءَ جو ڪُن ھو، نہ ئي وري اتي مھاڻا موجود ھئا، ڄڻ تہ سڃ لڳي پيئي ھئي، تڏهن ڏک وچان چيو ھئائين:

جِتي گهورِيو گهاتُئين، تِتي واريءَ بُٺَ،

سَھَسين ساٽِي مُٺَ، سَرُ سُڪو سُونگي گيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر گهاتو، داستان 1، بيت 10، ص:634)

شاھ لطيف جو لاڙ جي بندرن تان ڀيرو

شاھ لطيف جي ڏينھن ۾ لاڙ ۾، ڪافي بندر ھوندا ھئا ۽ لاڙ سڏبو ئي وڻجارن جو ديس ھو. شاھ لطيف لاڙ جا مڙيئي بندر ڏٺا ھئا ۽ وڻجارن جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن سان گڏ معاشي حالتن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي. لاڙ جي قديم بندرن مان لاڙي (لھري) بندر، ڳھري بندر، سنڊو بندر، شاھ بندر (شاھ بندر، چوھڙ جماليءَ کان 30 کن ڪلوميٽر ڏکڻ طرف، ڳوٺ حاجي وريو جت جي الهندي طرف 50، 60 ايڪڙن جي ايراضي وارو ڦٽل شھر آھي، جنھن ۾ ڪٿي ڪٿي دڙن جا آثار بہ آھن. ڪافي ايراضي سمنڊ جي اندر بہ اچي وئي آھي. ڏکڻ طرف نيويءَ وارن جو بيس آھي، اولهہ طرف واري زمين، چيني تيل ڪمپنيءَ جي حوالي آھي. اھا سڀ زمين بہ شاھ بندر جي آثارن ۾ اچي وڃي ٿي. انهن ڦٽل دڙن جي اتر ۾، ڏيڍ سو کن قبرن وارو ھڪ مقام بہ آھي، ھن مقام ۾ ھڪ وڏي درگاھ پير شمشاد علي قادريءَ جي آھي، پر ھيءَ مزار ويجهڙائي واري دؤر جي آھي، ھن مقام ۾ ڪي قبرون پراڻي دور جون بہ آھن.) ڌاراجابندر، جاکي بندر، اورنگا بندر، وڪر بندر، عليبندر ۽ سنڌڙي بندر اھم ھئا، جتان وڻجارا، واپار لاءِ ٻاھر ويندا ھئا، ۽ لنڪا لوپي ايندا ھئا. لاڙ جا مانجهي، چين، بنگال، عدن ۽ لنڪا تائين تہ ويندا ھئا، پر اُھي آفريڪا ۽ يورپ کنڊ جي ملڪن ڏانھن بہ ويندا ھئا. شاھ لطيف عدن، لقا، لنڪا، ملبار، نيندو بندر وغيرہ جو بہ ذڪر ڪيو آھي:

لَنڪا لَنڪا ڪَنِ، لَئي لَنڪا جي اُھَرِئا،

سُڻِي سونُ لَنڪا جو، سُکُ نہ سامونڊيَنِ،

پِرِهَ پَڳَھَ ڇوڙيا، کاري کيڙائُنِ، 

وَڏي ڀاڳِ ڀِڙَن، جي ڪَھِيا ڪارُونڀارَ ڏي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 3، بيت 10، ص: 207)

اھي وڻجارا اُتي جي ماڻهن کي سنڌ جون شيون ڏيندا ھئا ۽ اُتي جون املهہ چيزون ھتي آڻيندا ھئا. ھُو سياري جي مند ۾ سفرتي اُسھندا ھئا ۽ واھوندن يعني الهندي واري ھوا لڳندي ھئي تہ ورندا ھئا.

شاھ لطيف انهن بندرن تي وڻجارن جي ونين کي ڏکيارين حالتن ۾ ڏٺو ھو، جيڪي بندرن جي تڙن تي پنھنجن وڻجارن جو انتظار ڪنديون ھيون. شاھ لطيف سندن جذبن ۽ احساسن جي ترجماني سُر سامونڊيءَ ۽ سُر سريراڳ ۾ ھن ريت ڪئي آھي.

سي ئِي جوڀَنَ ڏينھن، جَڏِهن سَڄَڻَ سَفَرِ ھَلِيا،

رُئان رَهَنِ نہ سُپرين، آيلِ! ڪَرِيان ڪيئن؟ 

مون کي چاڙهي چِيئَن، وِيو وَڻِجارو اوھَرِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سامونڊي، داستان 1، بيت 8، ص:190) وِچِينءَ جان ويھِي، جَرِ پَلئو پائِيان، 

’تَڙِ ٻيڙا گَهرِ سُپرين‘، اوسَھِ اِيءَ پيئِي، 

جيئن وَڻجارو سَين وَکرين، سَرهَا سَڀيئِي، 

حُرمَتَ ساڻُ حَبيبَ جي، سُونگِيا نہ سَيئِي،

پاڻِهي اُوءِ پيھِي، کَنڊَ کيڙائُو آئِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر سريراڳ، داستان 5، بيت 12، 2005ع، ص:182)

شاھ لطيف جو پٽيھل واري ڍوري تان ڀيرو

ھي درياھ (جو وھڪرو)، کور واھ طرف وھندو ھو. پٽيھل درياھ، ڪلھوڙن جي دؤر تائين ھڪ وھندڙ درياھ ھو، ۽ ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ئي ان جو وھڪرو بند ٿي ويو. پٽيھل جو پيٽ تمام وڏو ويڪرو ھو، جيڪو ھاڻ سُڪل ڍوري ۾ مَٽجي ويو آھي. ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب، ”جسوڌڻ آڳڙي جي نالي سان منسوب، پٽيھل درياءَ جا آثار ترائي شھر (تعلقي بدين) جي ويجهو اڃا بہ ڏسڻ ۾ ايندا آھن.“ (الانا، 1977ع، ص: 11) ھن لاءِ شاھ لطيف ھيئن فرمايو آھي:

پَٽِيھَلَ تو ۾ پُورُ، اَڳِيُون نَہ آھي آبَ جو، 

سُڪين ڪِھَڙي سُورِ، وارِي پييئِي وِچَ ۾. 

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُرڏهر، داستان 1، بيت 11، ص: 231)

پٽيھل جي ڪناري تي آڳڙيءَ (اڳرن) جو شھر ھوندو ھو. آسيلي ۽ مرزانپور آباد ٿيل وسنديون ھيون، جهول ۽ ڪنگهار، پٽيھل جون اھم ڇاڙون ھيون. اِھو وھڪرو انهن علائقن کي آباد رکندو پئي آيو، پر ڪلهوڙن جي ڏينھن ۾ اِھي ماڳ، ھن وھڪري بند ٿيڻ جي ڪري، غيرآباد ٿي ويا ۽ اِھو پاسو ويران ٿيڻ لڳو. شاھ لطيف انهيءَ رهجي ويل ڍوري تان ڀيرو ڪرڻ وقت جن جڳھين تي پير گهمايا، انهن جو مختصر ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.

شاھ لطيف جو آڳڙيءَ تان ڀيرو

پَٽيھل جي ڪناري، جيڪي تاريخي ھنڌ ھئا ۽ جن تان شاھ لطيف ڀيرو ڪيو ھو، انهن مان ’آڳڙيءَ‘ جو شھر بہ ھڪ ھو. ھي شھر آڳڙن سمن آباد ڪيو ھو. راجا جسوڌڻ جو پيءُ، پٽيھل جي انهيءَ ھنڌ تي آڳڙن کي گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ھو ۽ ھن پوءِ انهيءَ جاءِ تي آڳڙيءَ يا آڳڙه جو شھر ٻڌايو، جنھن تي ھن حڪومت ڪئي. انهيءَ آڳڙي ۾ جسوڌڻ ڄائو، جيڪو پوءِ پٽيھل جو ناميارو حاڪم ڳڻيو ويو آھي. سندس راڄڌاني ڪڇ تائين ھئي. جسوڌڻ، پنھنجي پيءُ وانگر سومرن جو وفادار ۽ ڏن ڀرو راجا ھو. سومرن کي مٿس مڪمل اعتماد ھو. جسوڌڻ اڳتي ھلي ڄام اُنڙ سان ويڙه ۾ مارجي ويو. شاھ لطيف، جسوڌڻ کي پنھنجي ڪلام ۾ اھم ڪردار طور ڳايو آھي ۽ سندس بھادريءَ ۽ سخا کي تمام گهڻو ساراھيو آھي، جيڪو بھترين مقصد لاءِ پنھنجي جان قربان ڪري، سنڌ جي تاريخ ۾ سرويچن جي سَٿَ ۾ شامل ٿيو ۽ ھن سمن جي سورھيائيءَ کي تمثيل جوڳو بنايو.

شاھ لطيف، پٽيھل واري وھڪري تان ڀيري ڪرڻ وقت، گهڻو تڻو پٽيھل جي پيٽ مان لنگهندو ھو. بلڙيءَ کان بدين ڏانھن وڃڻ لاءِ پٽيھل سندس سفر جو رستو ھو. پٽيھل جي پٽن ۾ شاھ لطيف جسوڌڻ جي سخاوت ۽ دليريءَ جا داستان ٻڌا. جسوڌڻ جي وقت ۾ ئي ڍوري (پٽيھل) ۾ پاڻي گهٽ ٿيڻ لڳو ھو تہ جسوڌڻ کي بہ ڳڻتي ورائي وئي، جنھن لاءِ شاھ لطيف فرمائي ٿو تہ:

ڍورُ نہ اَڳِينءَ ڍارَ، مَھَندِ مَلاحَنِ لنگهيو،

موڙي ڇوڙِيا مَڪُڙا، پَسِي پاڻِيءَ پارَ، 

جَسوڌڻِ جِيھا يارَ، پِيئَڙا وِيرَ وِماسَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 10، ص: 869) جسوڌڻ جي مارجي وڃڻ کان پوءِ، اھو وھڪرو سڪي ويو ھو، ۽ منجهس اَڪ ڦلاريا بيٺا ھئا. پٽيھل جي سڪڻ جو سبب شاھ لطيف ٻئي ڪنھن کان نہ پر خود پٽيھل کان ئي پڇيو تہ:

پَٽِيھَلَ تو ۾ پُوُر، اڳيُون نہ آھي آبُ جو، 

سُڪين ڪَھڙي سُور، وَارِي پيَئِي وِچَ ۾. 

(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 11، ص: 231)

پٽيھل جواب ڏنو تہ:

پَٽِيھَلُ چَئي پِرينءَ کي، سَاري آءٌ سُڪو، 

دوسَ دِلاسو دِلِئَان، مان ڏي ڪونَه مُڪو،

آھِمِ اولاڪو، جَسودَنَ جو جَانِ ۾. 

(شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽيون، سُر ڏهر، داستان 1، بيت 12، ص: 231) آڳڙي کان پوءِ شاھ لطيف، جکرا شھر پھتو، جيڪو پڻ پٽيھل جي ڪناري تي آباد ھو. جکري سمي جي شھر کي بہ ويران ڏسي شاھ لطيف اڳتي وڌيو. ھي شھر ڪڙئي گهنور جي الهندي طرف آباد ھو.

شاھ لطيف پٽيھل جي ڪنارن تي ڪاڪيجاڻي، مرزانپور ۽ آسيلي جھڙا آثار بہ ڏٺا. اتي جون ڳالهيون بہ ٻڌيون، پر شاھ لطيف جي ڪلام لاءِ اُتي اھم نڪتو ڪوبہ مھيا نہ ٿيو، انهيءَ ڪري ھو پٽيھل جي سڪل پيٽ مان اڳتي وڌندو رهيو ۽ جسوڌڻ يا ’ڍور ڌڻيءَ‘ جو ذڪر وڻن ٽڻن سان ڪندو، جڏهن ڪنڊي وٽ پھتو، تڏهن انهيءَ کان سوال ڪيائين تہ:

ڪَنڊا تُون ڪيڏو، جَڏِ ڀَرِيو ئِي ڍورُ وَھي،

جَسوڌَڻَ جيڏو، تو ڪو ڏِٺو پَيڙو. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 2، بيت 8، ص:163)

شاھ لطيف پٽيھل ڍوري تان ڀيري ڪرڻ وقت جسوڌڻ ، توڙي ٻين اھم ڪردارن کي ڳائي پنھنجي ڪلام ۾ جاءِ ڏيئي تاريخ جو ھڪ حصو بنائي ڇڏيو.

شاھ لطيف جو راھوڪيءَ تان ڀيرو

شاھ لطيف، پٽيھل تان ڀيري ڪرڻ وقت راھوڪيءَ تان پڻ قدم گهمايا ھئا. راھوڪي، ڄام راھوءَ جي رهڻ جي اباڻي جڳهہ ھئي. ڄام راھو سمو اُتي رهندو ھو. ھن سمن جي وقت ۾، پنھنجي سخاوت ۽ شخصيت سبب نالو ڪڍيو ھئائين. شاھ لطيف کي پٽيھل مان لنگهندي ڄام راھوءَ جي سخاوت، محبت ۽ قرب جا داستان ٻڌا. ھن ٻين سمن سان گڏ، سُر بلاول ۾ ڄام راھوءَ کي پڻ ڳايو آھي.

ڄام راھوءَ جو نالو سخاوت جي ڪري ڏيھان ڏيھ مشھور ھو. ھن لاءِ اھو بہ مشھور ھو تہ: سندس مسجد ۾ جيڪو مسافر نماز پڙهڻ ايندو ھو، ۽ جيڪڏھن وٽس ڪا سواري نہ ھوندي ھئي تہ، ھو انهيءَ کي ڀلو گهوڙو سوکڙيءَ طور ڏيندو ھو ۽ جنھن ماڻهوءَ جو جھڙو سوال ھوندو ھو، ان کي اھڙو ڏاڻ پڻ ڏيندو ھو. انهن ڳالھين کي ساري شاھ لطيف چيو ھو:

رَاھُو تنھنجي رِيتِ، پَرَکَنڊين پَڌَرِي،

گَهڻا گهوڙَنِ چاڙِهيَئِي، مُسافِرَ مَسِيتِ، 

پُڇين ڪانَه وِڏِيتِ، جي آيا سي اَگِهيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 2، بيت 9، ص:900)

راھُوءَ جا رَهيامِ، سَنِيھا سَرِيرَ ۾، 

ٻِيا دَرَ وِسَرِيامِ، ڏٺي جادَمَ جَکَري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 2، بيت 8، ص:899)

ڄام راھو جيئن تہ جادم جکري جي اولاد مان ھو، انهيءَ ڪري شاھ لطيف کيس وصفن ۾ جادم جکري جھڙو ڪري ليکيو آھي.

شاھ لطيف جو خليفي دودي نھڙئي وٽان ڀيرو

پٽيھل جي ڀرسان، ’دودو نھڙيو‘ نالي ھڪ شخص رهندو ھو، جيڪو نہ رڳو ديني خدمتگارن ۾ شمار ٿيندو ھو، پر ھو روحاني درجا پڻ ماڻي چڪو ھو. ھو ماڻهن سان رلڻ ملڻ ۽ ڳالهائڻ کان پاسو ڪندو ھو، ۽ ڪنھن ماڻهوءَ سان ھٿ بہ نہ ملائيندو ھو، ڇو تہ سندس خيال ھو تہ ماڻهن سان ھٿ ملائڻ ڪري فيض منتقل ٿي ويندو!

پٽيھل تان ڀيرو ڪندي، شاھ لطيف کي جڏهن خليفي دودي نھڙئي جي انهيءَ ھلت جي خبر پيئي، تڏهن ارادو ڪيائين تہ دودي سان ملجي ۽ کيس سمجهائجي تہ ماڻهن کان پري رهي روحاني درجا ماڻي نٿا سگهجن! شاھ لطيف پنھنجو ھڪ نھڙيو مريد، دودي ڏانھن موڪليو تہ مون سان اچي ملي وڃ، پر دودو، شاھ لطيف سان ملڻ لاءِ ڪونہ آيو. شاھ لطيف ھن ڏانھن وري ٻہ ٽي نياپا موڪليا، پر پوءِ بہ ھُو ساڻس ملڻ لاءِ نہ آيو. دراصل ھن کي اھو وھم ٿي ويو ھو تہ ٻيا روحانيت ڦُرين يا نہ ڦُرين، پر شاھ لطيف پڪ کانئس روحاني خزانو ڦري وٺندو، ڇاڪاڻ تہ شاھ ڪريم ۽ ميون لال محمد للاڻي سندس اھڙا زورآور وڏا رهيا آھن، جن جي سامھون ڪوبہ سينو ساھي نٿو سگهي. اُن ڪري ھو شاھ لطيف سان ملڻ لاءِ نہ آيو.

شاھ لطيف کي دودي جي اِھا آڏ وڏائي نہ وڻي. ان واقعي سبب راوين اھو عام اعتقاد بيان ڪيو آھي تہ، دودي کي جيڪو خطرو ھو، اھو ئي ٿيو ۽ قادر جي قدرت سان دودي کان روحانيت ۽ فيض ٻئي ڦرجي ويا، ۽ ھو روحانيت جي راڄ مان ڌڪجي، دنيا جي راڄ ۾ پھچي ويو. شاھ لطيف، پٽيھل تان ڀيرو ڪري ڀٽ تي موٽي آيو تہ دودو نھڙيو بہ شاھ لطيف جي پويان اچي ڀٽ تي پھتو، ۽ ڀٽ جي پاڻي ڀريندڙن ۾ شامل ٿي ويو.

شاھ لطيف جو سارو سنگهار جي نهيري تان ڀيرو

سارو سنگهار ھڪ تمام وڏو ناليوارو ڀاڳيو ھو، جيڪو اڪثر ڪري مال لاءِ گاھ جي سھولت جي سانگي سان پنھنجي رهڻ جا ھنڌ پيو بدلائيندو ھو. ھن ڀاڳئي جو ھڪ وٿاڻ پٽيھل جي ڇاڙ ’هميت‘ جي پوڇڙ ۾، ڳوٺ احمد راڄي جي ڀرسان پڻ ھو. ھونئن تہ سندس مال جا وٿاڻ ٿر ۽ گجرات تائين بہ ھوندا ھئا، پر ھتي رڳو پٽيھل واري وٿاڻ جو ذڪر ڪجي ٿو، جتان پڻ شاھ لطيف ڀيرو ڪيو ھو.

سارو سنگهار کي ٻہ ڌيئرون ۽ چار پُٽ ھئا. انهن جو اولاد، ساري سنگهار جي نسبت سان ’سنگهار‘ سڏيو ويو. اُھي سنگهار، ’هميت‘ جي ڀرسان، سارو سنگهار جي وٿاڻ جي آسپاس راڄ ٻڌي رهي پيا ھئا. شاھ لطيف وٽن اچي رهيو ھو ۽ سندن گڻ ڏٺائين ۽ خاصيتون پروڙيائين، پر ڪجهہ عرصي کان پوءِ جڏهن ھو وري ’هميت‘ تان ڀيرو ڪرڻ آيو ھو، تڏهن کيس اُتي ’سنگهار‘ نظر نہ آيا، ڇو تہ پٽيھل سُڪي چڪو ھو، انهيءَ ڪري ’هميت‘ ۾ بہ ٻين ڇاڙن وانگر اڪ ۽ ٻيا وڻ مورجي ويا ھئا ۽ برسات بہ ڪانہ وٺي ھئي، جنھن ڪري سنگهار لڏي، وسنديءَ ڏانھن ھليا ويا ھئا. اھڙيءَ صورتحال تي ڏک ۾ اچي، شاھ لطيف سُر ڏهر ۾ ڪافي بيت چيا آھن، جن مان ھڪ ٻہ ھيٺ ڏجن ٿا: جي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين لَڏِ،

تَہ ھاڃي سَندي ھَڏِ، ڪُوڪَ نَه سُڻين ڪَڏهين.

(قاضي، علامہ آءِ آءِ، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 30، ص:662) جي ڀانئِين وَسَ چَران، تَہ سَنگهارَنِ سين گهار،

جَنِين سَندي واڙ، چورُ نَہ اَچي ڪَڏهِين.

(قاضي، علامہ آءِ آءِ، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان 4، بيت 31، ص:662)

شاھ لطيف کي، سارو سنگهار جي وٿاڻ تان ڀيري ڪرڻ وقت، معلوم ٿيو تہ، سنگهار پنھنجن عزيزن وٽ ڪڇ ۽ ٿر ڏانھن ھليا ويا آھن. کين دعائون ڏيندي چيائين تہ:

جَيئَن سي سَنگهارَ، اَجهي جَنِ جي گهارِيان،

مانَ لَھَنِئوُن سارَ، اَچِي اَوکين ڏينھَنڙين.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڏهر، داستان4، بيت 26، ص:885)

شاھ لطيف جو ريڻ تان ڀيرو

ريڻ، سنڌو نديءَ جي ھڪ شاخ ھئي، جيڪا ان وقت آبڪلاڻيءَ جي موسم ۾ ڀرپور وھندي ھئي. اِھا ريڻ شاخ، فتح باغ، جُوڻ، تلھار، بدين، سيراڻيءَ ۽ روپا ماڙيءَ جي ڀرسان وھي، ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندي ھئي. روپا ماڙيءَ جي ڀرسان، پٽيجيءَ واريءَ سيم وٽ، ريڻ ۾ پٽيھل بہ داخل ٿيندو ھو. تلھار جي ڀرسان اُن مان ’ڳٺوڍورو‘ ڦُٽي نڪرندو ھو، جنھن جا آثار اڄ بہ ديھ ڳٺي تعلقي بدين ۾ موجود آھن، جنھن جي ڪناري تي توت جي ڪوٽ جي ڀرسان، ’پرمان سَتيءَ‘ جي قبر بہ آھي.

ريڻ جي ڪناري تي، شاھ لطيف کي نانگو شاھ، محمد اسماعيل لڪڙيءَ واري ۽ بدين ڀرسان لعل محمد للاڻي، عبداللطيف ڪيسر جو ماڳ، شاھ قادريءَ جي قبرستان جھڙا ماڳ مڪان ۽ ماڻهو مليا، تہ ريڻ جي دنگ تي، دودي چنيسر جو ماڳ روپا ماڙي ۽ نرم ڄار جھڙيون ڀيڻيون بہ مليون؛ شيخ ڪرهئي ڀانڊاريءَ جو آستان بہ نظر آيو، جتان شاھ لطيف ڀيرو ڪرڻ ويو. ريڻ درياھ 1758ع تائين وھندو ھو. شاھ لطيف ريڻ جو اوج بہ ڏٺو. البت شاھ لطيف، بلڙيءَ کان ايندي، ڪڏهن ڪڏهن پٽيھل کي ڏسندو ھو، جيڪو سڪي رهيو ھو، ۽ انهيءَ ۾ پاڻيءَ جو اڳيون اوج نہ رهيو ھو، پر ريڻ سان اھڙي ڪابہ حڪايت ۽ شڪايت لاڳاپيل نہ ھئي. روايت آھي تہ شاھ لطيف، ريڻ جي ڀلارن بزرگن سان مليو ھو ۽ سندن ڳڻ بہ ڳايا اٿس. انهن بزرگن مان نانگو شاھ، لاکاٽ ۾ شاھ لطيف سان مليو. شاھ لطيف کيس وڏو نانگو ڪري ليکيو آھي. ريڻ جي ڪناري تي، ميين اسماعيل جي آرام گاھ (لڪڙي) جي ڀرسان دونھين دکائي اُتي چاليھو ڪڍيو ھئائين. بدين ۾، شاھ لطيف سانول فقير وٽ بہ ايندو ويندو ھو، جتي ھو گهڻو وقت رهندو ھو، ۽ سيدلعلمحمد للاڻي ۽ عبداللطيف ڪيسر جي آرام گاھن تي بہ ويندو ھو. ريڻ جي پڇاڙيءَ وارو شھر ’روپا ماڙي‘، مکيہ شھر ھو. دودي-چنيسر جو قصو انهيءَ شھر سان وابستہ آھي. شاھ لطيف ان ڏانھن پڻ رسالي ۾ اشارا ڪيا آھن:

اَلا! جُنگَ جِيئَنِ، جَنِين اَجهي گهارِيان،

شالَ مَ سُڪي وِيَرِي، جِئان پِيءَ پِيئَنِ، 

مَرڪَڻُ اَکڙِيَنِ، تو ڏِٺٖي مُون ٿِئٖي. 

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 11، ص:904)

شاھ لطيف جو نانگي شاھ لاکاٽ واري تان ڀيرو

شاھ لطيف، سامين جو ساٿي ھو. ڪن پٽ، ڪاپٽ، ڪاپڙي، ڪن وڍيا، ڪنوٽيا، ڪن چير، جوڳي، سامي، نانگا ۽ ٻيا جوڳي، سندس سنگ جا ساٿي ھئا، پر نانگا جوڳي، شاھ لطيف جا سڀ کان ويجها ساٿي ھئا. پاڻ نانگن کي گهڻو پسند ڪندو ھو. نانگن لاءِ فرمايو اٿس تہ:

بابُو بِيکارِي ٿِيا، ڀَڃي ڇَڏِ ڀائُون ڀاڻُ، 

نِسورو ئِي نينھن جو، نانگَن وَٽِ نِڌاڻَ، 

سِرِکَنڊُ جَنِين ساڻ، آئُون نَه جيئندِي اُنِ ري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 1، بيت 24، ص:782)

شاھ لطيف کي جڏهن اھا خبر پيئي تہ امين محمد شاھ عرف نانگو شاھ، نانگا سٿ ۾ شامل آھي، تڏهن شاھ لطيف واجب ڄاتو تہ، ھلي وڃي ساڻس ملاقات ڪري. پوءِ شاھ لطيف ديھ نانگاڻي، تپي نانگاڻي، تعلقي ٽنڊي محمد خان ڏانھن، نانگي شاھ جي ڳوٺ طرف پنڌ پيو. لاکاٽ جي ڀرسان، اھا ڀونءِ موجود ھئي، جتي امين محمد نانگائي رهندو ھو. موجودہ ماتلي شھر جو اولهہ ڏکڻ طرف ريڻ جو ڪنارو ڏيئي، لاکاٽ ڏانھن روانو ٿيو.آخر سفر جون تڪليفون سھي پاڻ نانگي شاھ وٽ پھتو.

اُتي پھچي، شاھ لطيفَ ڏٺو تہ، سيد امين شاھ عرف نانگوشاھ، دنيا جي ڪنھن بہ مامري سان لاڳاپيل نہ آھي. ھو مجذوب ۽ سڌو سنئون الک سان آھي. تڏهن شاھ لطيف کي نہ رڳو خوشي ٿي، پر سندس ڪومايل من کلي، باغ ٿي پيو ۽ پاڻ فرمايائين تہ:

جِيا سُون جوڙَ ٿي، نانگو ڏٺوسُون نِتُ،

چُنجهو ھوسُون چِت، کُلِي اَڄُ سوُ باغُ ٿِيو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 8، بيت 15، ص: 816) امين شاھ، وڏو ڀلارو بزرگ ھو. شاھ لطيف کيس پنھنجو ساٿي سمجهي، وٽس گهڻو تڻو رهندو ھو. لاڙ ۾ ٻہ مشھور اوتارا ھئا، جيڪي ’نانگي شاھ‘ جي نالي سان سڏجن ٿا. ھڪ امين محمد شاھ جو اوتارو ۽ ٻيو سانول فقير وارو اوتارو، جيڪو بدين ۾ ھو. اھي ٻئي اوتارا نانگي شاھ جا اوتارا ٿا ليکجن. سانول فقير سان بدين ۾ شاھ لطيف جو ناتو ھو، ۽ لاکاٽ لڳ، ماتليءَ ۾ امين محمد شاھ سان سنگت ھئس. انهن ڀلارن بزرگن وٽ شاھ لطيف ويندو رهندو ھو، ۽ اھي ماڳ مڪان پوءِ شاھ جي نالي سان معروف ۽ مشھور ٿيا. محمد امين ۽ سانول فقير شاھ لطيف جي جيئري ئي وفات ڪري ويا ھئا.

شاھ لطيف جو لَڪڙيءَ تان ڀيرو

ڀلارن بزرگن توڙي ڏکوئيلن جي دادرسي ڪندڙن وٽ پاڻ ڪھي وڃڻ شاھ لطيف جو معمول ھوندو ھو. جتي بہ کيس بزرگ يا مٿير مڙس سُجهندا ھئا، انهن ڏانھن ڪھي ويندو ھو. جڏهن نانگي شاھ وٽ اچ وڃ شروع ڪيائين تہ لڪڙيءَ جو ميون محمد اسماعيل سندس ڌيان تي آيو. اھو ڀلارو بزرگ شاھ لطيف کان گهڻو وقت اڳي ٺٽي کان آيو ھو، ۽ جُوڻِ جي ڏکڻ تان لڪڙيءَ واري مقام وٽ اچي رهيو ھو. اتي پنھنجو ڏندڻ کوڙيائين، جيڪو پوءِ وڌي وڻ ٿي پيو. پاڻ اتي ئي رهي پيو. اِھا جڳهہ پوءِ لڪڙيءَ جي نالي سان مشھور ٿي. ميون محمد اسماعيل اُتي مسيت ٺھرائي ۽ دين جا سبق ڏيڻ لڳو.

شاھ لطيف جي اچ وڃ ريڻ رستي ھوندي ھئي. پاڻ انهيءَ بزرگ جي جڳھن کي ڏسڻ لاءِ مسيت ۾ بہ ھلي آيو ھو. اُھي ماڳ مڪان ڏٺائين، جتي ميون اسماعيل ٻالڪن کي ساڃھ جا سبق ڏيئي ويو ھو. شاھ لطيف، انهن جڳھين تان ڀيرو ڪرڻ مھل ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ فرمايائين: 

جوءِ جيڏانھن جوڳئين، اُن منھن اکڙيون، 

سَڱا سيلِهيون سَنڱِيوُن، تن سين تُنبڙيون، 

مون کي جنين ماريو، اُنِ تي اکڙيون، 

ايندا عبداللطيف چئي، مَرَڪَن ماڳ مَڙهيون،

کوڙي لَڪَڙيون، چُوندا ڪين چيلن ويا. 

(ممتاز مرزا، گنج، سُر رامڪلي ۽ پورب، بيت 122، 1995ع، ص:553)

شاھ لطيف جو تلھار تان ڀيرو

شاھ لطيف، ريڻ درياھ جي پيٽ مان ٻيڙين رستي تلھار پھتو. اتي ڪجهہ ڏينھن ترسڻ جو خيال ٿيس. ان وقت ھاڻوڪي تلھار جو وجود نہ ھو. پراڻو تلھار موجودہ ريلوي لائين جي اولهہ طرف ھو، جتي ٻڌ مت جو وڏو ’وھار‘ ھو. اَڇَ وِھار ۽ ڪُن وِھار جي وچ ۾ ’تَل وِھار‘ ھو جو پوءِ ’تلھار‘ ڪوٺجڻ لڳو. موجودہ ’تلھار‘ جو شھر پراڻي تلھار جي ياد کي تازو ڪري ٿو ۽ اھو ريڻ درياھ جي معروف مياڻ ھو، ۽ ريڻ درياھ جا ٻيڙياتا ان جي تڙن تي پنھنجا ٻيڙا اچي بيھاريندا ھئا. گوتم ٻڌ جا ڀڪشو پنھنجي وھار ۾، امن ۽ آشتيءَ جو سبق ڏيندا ھئا ۽ مسلمان بزرگ، دين جي ساڃھ جا سبق سيکاريندا ھئا. انهيءَ قديم تلھار ۾، شاھ لطيف اچي مانجهاندو ڪيو ھو. قديم تلھار جو ھينئر ڪوبہ آثار موجود ڪونهي. ھن وقت ان ايراضيءَ ۾، رائس ملون، ۽ باواني شگر مِل لڳل آھي، باقي زمين آباديءَ ھيٺ آھي.

شاھ لطيف جو بدين واري اوتاري تان ڀيرو

بدين شھر ۾ زرگر محلي جي ڀرسان، شاھ لطيف جو اوتارو موجود آھي. شاھ لطيف، جڏهن لَلاڻي جي لوءِ تان ڀيرو ڪرڻ ايندو ھو، تڏهن اڪثر پاڻ اُتي اچي رهندو ھو. شاھ لطيف جا فقير بہ ساڻس انهيءَ جڳھ تي اچي آرام ڪندا ھئا. شاھ لطيف جي ھن اوتاري کي نانگي جو اوتارو بہ چيو وڃي ٿو. شاھ لطيف جي نانگا سٿ جو بزرگ، سانول فقير، ھن اوتاري جي ڀرسان رهندو ھو، جنھن سان شاھ لطيف جي خاص ياري ھئي. اھو بزرگ، شاھ لطيف جي ھوندي ئي وفات ڪري ويو ھو. شاھ لطيف، سانول فقير جي وفات کان پوءِ جڏهن بہ ھن اوتاري تي ايندو ھو، تہ سندس دل ملور ٿي ويندي ھئي ۽ چوندو ھو تہ: ’مون کي پنھنجي پيارن جون مڙهيون مارين ٿيون، ھلو تہ ھتان ھلون‘، ۽ پوءِ جلد سفر سنباھي ھليو ويندو ھو. انهيءَ اوتاري جي ڀرسان لنگهندڙ رستي جو نالو ھاڻي ’شاھ عبداللطيف روڊ‘ رکيو ويو آھي.

ھن اوتاري تي شاھ لطيف ايندو رهندو ھو، تہ راڳ رنگ جون محفلون پڻ مچنديون ھيون. اُھي محفلون سندس وفات کان پوءِ بہ جاري رهيون. شاھ لطيف پنھنجي حياتيءَ ۾ ھن جڳھ تي گهڻو اچي رهندو ھو. ھتي ھن وڏو باغ بہ پوکيو ھو، جنھن کي ’شاھ جو باغ‘ چيو ويندو ھو. شاھ لطيف جي وفات کان پوءِ، اھو اوتارو شاھ لطيف جي فقيرن سنڀاليو، پر پوءِ اھو شاھ ڪريم بُلڙي وارن بزرگن پنھنجي ھٿ ۾ ورتو ھو.

ھن وقت، ھي ’لطيفي اوتارو‘ شاھ نواز زرگر جي ملڪيت آھي، جا سندس وڏڙن، بلڙيءَ وارن سيدن کان زر خريد ڪري ورتي ھئي. اوتاري جي ڀر ۾ ھڪ پراڻي مَڙهي بہ موجود آھي، جا کدڙن فقيرن جي حوالي آھي، جنھن کي ھاڻي کدڙن جي مَڙي ڪوٺجي ٿو. اوتاري جي اولهہ ۾ ڇوڪرين جو مدرسو بہ آھي. مدرسو، اوتاري واري زمين تي ٺھيل آھي. اوتاري ۾ نمن، ڄمن، ناريلن، انبن جا ڪجهہ وڻ ۽ ھڪ ٻٻر جو وڏو وڻ بہ موجود آھي.

شاھ لطيف جو سيد للاڻي تان ڀيرو

شاھ لطيف، جن جڳھن تان ڀيرا ڪيا، انهن مان شھاب الدين ملتانيءَ جو قبرستان بہ ھڪ آھي. اھو معروف ۽ تاريخي قبرستان، بدين شھر کان اولهندي پاسي اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي واقع آھي. ان قبرستان ۾ جتي شھاب الدين ملتاني آرامي آھي، اُتي شاھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو والد، سيد لعل محمد للاڻي عرف سيد لَلَا شاھ بہ آرامي آھي. ھن مقام کي مقامي ماڻهو، شاھبَدِيءَ جو مقام بہ سڏين ٿا. شاھ لطيف، بدين ۾ اچڻ وقت انهن ڀلارن بزرگن تان ڀيرو ڪرڻ لاءِ انهيءَ جڳھ تي ايندو ھو.

شاھ لطيف انهيءَ ڀونءِ تان بار بار ڦيرا ڪندو ھو، ۽ روايت آھي تہ جڏهن ھو بدين کان للاڻيءَ جي لوءِ ايندو ھو، تڏهن پيرن ۾ جتي نہ پائيندو ھو، ۽ سيد لعل محمد شاھ للاڻيءَ جي قبر تي ڏينھن جا ڏينھن ۽ راتين جون راتيون گهاريندو ھو. اھا قبر شھاب الدين ملتانيءَ جي اڌ ڊٺل قبي کان ٿورو پرڀرو، اوڀر واري پاسي سيمينٽ جي ٺھيل آھي. مٿانئس ڪچو ڇاپرو ٺھيل آھي. قبر جي سيرانديءَ واري کاٻي پاسي ڄار جو پراڻو وڻ بہ آھي، جنھن جي ھيٺان پاڻيءَ جي نادي رکيل آھي.

شاھ لطيف جو عبداللطيف ’ڪيسر‘ جي ڀيڻيءَ تان ڀيرو

عبداللطيف ’ڪيسر‘، بدين جو ھڪ معروف بزرگ ٿي گذريو آھي، جيڪو 1593ع ۾ ڄائو ھو ۽ اٽڪل 80 سالن جي ڄمار ۾، 1673ع ڌاري وفات ڪيائين. ھو بدين جي جامع مسجد جو امام ھو. شاھ لطيف ھن بزرگ جي ڀيڻيءَ تان بہ ڀيرو ڪيو ھو.

شاھ لطيف جڏهن سانول فقير جي مڙهيءَ جي ڀرسان پنھنجي اوتاري ۾ ترسيل ھو، تڏهن اتي کيس عبداللطيف ’ڪيسر‘ جي خبر پئي ھئي. ڪن روايتن موجب، سانول فقير ئي کيس عبداللطيف ’ڪيسر‘ جو ڏس ڏنو ھو تہ: ’اوھان جو ناليڀائي شاھ جھان ۽ اورنگزيب جي ڏينھن ۾ ھتي جو معروف بزرگ، عالم ۽ فاضل ھو، ۽ ان سان گڏ سنڌي، عربي ۽ فارسيءَ جو ماھر پڻ ھو.‘

پوءِ شاھ لطيف، شاھ جھاني مسجد ۾ انهيءَ جڳھ تي ويو ھو، جتي عبداللطيف ڪيسر رهندو ھو. ان مسجد جا آثار ھن وقت بدين جي پراڻي شھر جي وچ ۾ اڄ بہ ڏسي سگهجن ٿا. مسجد جي ديوارن ۽ ٿلهي جون ڳاڙهيون سرون ڀڳل حالت ۾ اڄ بہ ان مسجد واري ھنڌ جام ملنديون، ان مسجد واري پلاٽ تي خاصخيلين ۽ کدڙن فقيرن جو قبضو آھي. اھو مسجد وارو پلاٽ، ٻنهي ڌرين اڌو اڌ ڪري والاريو آھي، سندن ڪيس بدين جي سيشن ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي.

شاھ لطيف جو شاھبَدِيءَ جي مقام تان ڀيرو

ھي مقام، بدين شھر کان اولهندي پاسي اٽڪل چئن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي موجود آھي. جنھن جو صحيح ۽ سڄو نالو ’شھاب الدين سھروردي جو مقام‘ آھي، جڏهن تہ عام ماڻهن ۾ ’شاھبَدِيءَ جو مقام‘ جي نالي سان ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. ھن مقام ۾ شھاب الدين قريشيءَ جي قبر پڻ آھي، جنھن جي مٿان عاليشان قبو اڏيل آھي، جيڪو ھينئر صفا زبون حالت ۾ آھي ۽ اُن جو اڌ حصّو ڪري پيو آھي ۽ باقي حصّو بيٺل آھي.

شاھبَدِيَ جو مقام شاھ لطيف لاءِ گهڻي اھميت وارو انهيءَ ڪري بہ ھو، جو اُتي سندس تڙڏاڏي شاھ عبدالڪريم بُلڙيءَ واري جي والد لعل محمد شاھ عرف لَلَا شاھ جي مزار آھي، جنھن جي زيارت ڪرڻ لاءِ شاھ لطيف اڪثر ويندو رهندو ھو. ڊاڪٽر بلوچ شھاب الدين قريشيءَ جي حوالي سان لکي ٿو: ”بدين شھر جو نالو پڻ ’شھاب الدين‘ (=شھاب دين= شاھ بدين= بدين) جي نالي پويان پيو.“(بلوچ، 2009ع، ص: 2)

شاھ لطيف جي گُرو ڀڳت مِيڪڻ/مِيڪرڻ ڪاپڙي سان ملاقات

مِيڪڻ / مِيڪرڻ جو جنم ڪڇ جي ڳوٺ’ کونڀڙي‘۾ 1666ع ڌاري ٿيو. سندس پيءُ جو نالو ’هردورجي ڀٽي‘ ھو. مِيڪڻ جو ننڍپڻ کان ئي روحانيت ڏانھن لاڙو ھو. ٻارهن سالن جي ڄمار ۾ ھن پنھنجو گهر ڇڏي ’آشاپورا‘ جي مندر ۾ شرڻ (پناھ) ورتي. مندر جي مھنت کان چيلو ٿيڻ جو نام ھن ڪاپڙيءَ، ساڌوءَ جو بيک (لباس / پوشاڪ) پاتو. ڪجهہ سال ماتا جي مَٺِ (مڙهي) ۾ رهي گيان (ڄاڻ / علم) حاصل ڪري، مِيڪڻ جوانيءَ ۾ ياترا تي نڪري پيو. مِيڪڻ گرنار ۾ گُرو دتاتريہ وٽ پھتو. ڇھن مھينن تائين اُتي ڌُوڻي (دونھين) دُکائي ويھي رهيو، اُنکان پوءِ گُرو دتاتريہ جي ھدايت تي ھو ڪنواٽي کڻي بُکايل ۽ اُڃايل ماڻهن جي بُک ۽ اُڃ اُجهائيندو رهيو. ڀڳت ميڪڻ جا ڪڇ ۾ 30 آستان آھن، جتي کيس ڏاڏا ميڪڻ يا ڏاڏا مِيڪرڻ سڏيو ويندو آھي.

آڌيپور کان ڀُڄ ويندي ’ڌرنگ‘ جي مقام تي مِيڪڻ جي سماڌي موجود آھي ۽ مٺيءَ کان ڏيپلي ويندي ’ويڙھي جهپ‘ جو مقام اچي ٿو، جتي ’پاربرهم‘ جو ميلو لڳي ٿو ، جيڪو مِيڪڻ جو شش ( چيلو) ھو، جنھن ويڙھي جهپ ۾ سماڌي ورتي ھئي. گرو ڀڳت مِيڪڻ جي پوئلڳن کي ’ڪاپڙي‘ چيو وڃي ٿو، جن کي روحاني راز کي سمجهائڻ لاءِ پاڻ سنڌي ۽ ڪڇي لھجي ۾ شاعري ڪندو ھو.

شاھ لطيف، گرو ڀڳت مِيڪڻ کان 23 سال ننڍو ھو. سندس جوانيءَ جي وقت گرو ڀڳت مِيڪڻ، ڪڇ جي عوام جي زبان تي اُڪرجي چڪو ھو، تڏهن شاھ لطيف، جوڳين سان سير سفر ڪري رهيو ھو. ٿي سگهي ٿو، ھُو گرو ڀڳت مِيڪڻ سان مليو ھجي، اھڙا اھڃاڻ شاھ لطيف جي شاعريءَ ۾ملن ٿا، جن ۾ ڪاپڙين جو ذڪر ٿيل آھي:

ڪِيَم ڪاپَڙِيَنِ جِي، پِھرِين ڏينھن پَرُوڙَ،

سَگها ساعَتَ نَہ ھيڪَڙِي، چارَئي پَھَرَ چُورَ، 

سَدائِين، سَيّدُ چي، ھُونِ سَناسِي ۾ سُورَ، 

جوڳِي ساڻُ ضَرورَ، لِڪا ڀُڻَنِ لوڪَ ۾.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 2، بيت 1، ص: 786)

جڏهن تہ محمد سومار شيخ موجب شاھ لطيف، گرو ڀڳت مِيڪڻ کان ويدانيت جو سبق ورتو ھو. گرو ڀڳت مِيڪڻ، شاھ لطيف کان وديا جا ٻہ ٽي سوال ڪيا ھئا ۽ صحيح جواب حاصل ڪري سُرهو ٿيو ھو. ھن شاھ لطيف کي ھٺ مارڻ، غرور، تڪبر ۽ وڏائي کي ڦٽو ڪرڻ جا سبق ڏنا ھئا ۽ شاھ لطيف اُنهن تي پُورو لٿو ۽ پھرين آزمائش ۾ ئي ڪامياب ويو، تنھن ڪري گرو ڀڳت مِيڪڻ کيس پنھنجو سچو ٻالڪو مڃي، خيال پچائڻ ۽ جوڳ جون ٻيون ڳالهيون پڻ ڏسيون ھيون.

گرو ڀڳت مِيڪڻ ۽ شاھ لطيف جي ھم خيالي سندن شاعريءَ ۾ پسي سگهجي ٿي. گرو ڀڳت مِيڪڻ چئي ٿو تہ:

رڙي رمي تون رام چئہ، آتم اھو نہ ڀُل. 

ساڳي ڳالھ شاھ لطيف ھن ريت ڪئي آھي:

اَکَرُ پَڙهُ اَلِفَ جو، وَرَقَ سَڀِ وِسارِ، 

اَندَرُ تُون اُجارِ، پَنا پَڙهندين ڪيترا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر يمن ڪلياڻ، داستان 5، بيت 29، ص: 111) جوڳين جو ذڪر ڪندي گرو ڀڳت مِيڪڻ چئي ٿو تہ:

جتي ستي تپسوي، آڪر پنٿ اچن، 

نمن ڪري نرنار، جوڳي جاترا ڪن. 

سُور پورو ساڌجن، اڪر پنٿ اچن 

مانگي جو ميڪو چوي ڀاءُ ڀڳتي ڪرن.

شاھ لطيف بہ ساڳي ڳالهہ ٿو ڪري:

ڪنھن جنھن سَناسِيءَ سُورَ، جُھ وَھَلُورُ وَتَنِ، 

اَٺَئِي پَھَرَ اَلَکَ جو، ڪو وَڍُ ويراڳِيَنِ، 

سَدائِين صاحِب ڀَئِيءَ، ٿا ڪاپَڙِي ڪَنبَنِ، 

جي راتو ڏينھن رَمَنِ، ھلو! تہ تَڪِيا پُسون تَنِ جا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 3، بيت 1، ص: 790) ڀڳت مِيڪڻ 1729ع ۾ لاڏاڻو ڪيو، سندس سماڌي آڌيپور کان ڀڄ ويندي ’ڌرنگ‘ جي مقام ۾ موجود آھي.

شاھ لطيف جو ڪرهئي ڀانڊاريءَ تان ڀيرو

ڪِرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاھ، بدين شھر کان لڳ ڀڳ 35 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف سمنڊ جي ڪناري تي يونين ڪائونسل ڀُڳڙا ميمڻ ۽ سير واھ جي ڇوڙ واري دنگ تي، مٿانھين جاءِ تي موجود آھي. ھن درگاھ جي مرمت ٿيل آھي، ۽ درگاھ جي ڀرسان ’شيخ محمد سومار ميموريل ھال‘ ٺھيل آھي.

شاھ لطيف، جڏهن ڪڇ کان واپس پئي وريو، تڏهن ساڻس رمضان جت، ابراھيم آڌيلو ۽ ٻيا فقير بہ گڏ ھئا. ھنن شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي اوتاري تي اچي مانجهاندو ڪيو ھو.

شيخ ڪرهيو ڀانڊاري، چشتي طريقي جو بزرگ ھو، ۽ شاھ لطيف کان ڪافي عرصو اڳ، سنہ 675ه/1276ع ۾ وفات ڪري ويو ھو. پاڻ گهڻو تڻو ماٺ ۾ گذاريندو ھو، ھو جمع يل شاھ گرناريءَ جي خليفن مان ھو، جيڪو جوڳين ۽ ڪاپڙين سان گڏ رهيو ھو، ۽ ويدانت جي مڙني اسرارن کان واقف ھو. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ وٽ بہ پنھنجي وڏڙن واري ساڳي جوڳياڻي ڪار ھئي. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جو اولاد ڪرهيي پوٽا شيخ پڻ انهيءَ حالت ۾ رهندا ھئا. اُھي جوڳي ’ڪرهيي پوٽا شيخ‘ سال بہ سال، انهن آستانن تي سنڌي مھيني ’پوھ‘ جي پھرئين سومر تي، سماع ڪندا ھئا. سومر جي رات ۽ ڏينھن سماع ۾ گذريندا ھئا، سماع جو مچ بہ ٻاريندا ھئا ۽ پنھنجا مچ بہ تازا ڪندا ھئا ۽ ٻريءَ تي ٻري ٻاريندا ھئا.

شاھ لطيف کي ھن درگاھ جي زيارت دوران اھو معلوم ٿيو تہ ھتي جا شيخ ھر سال ٻريءَ تي ٻري ٻاريندا آھن ۽ جنھن شيخ جي اوطاق جو مچ نہ مچندو آھي، تنھن لاءِ اھي فتويٰ ڏيندا آھن تہ، اُھو يا تہ جوڳي نہ رهيو آھي، يا ھن دنيا ۾ موجود نہ آھي. ٻريءَ تي ٻري ٻارڻ، ھتي جي شيخن جي شغل ۾ شامل ھو، ۽ اِھا پَرِ اڃا بہ پويان شيخ پاريندا اچن. نہ رڳو شيخ پر سندن مريد بہ انهن سالياني مچن تي اچي مِڙندا ھئا. شاھ لطيف ھتي اچي اھا ڳالهہ معلوم ڪئي ۽ ’ٻريءَ تي ٻري ٻارڻ‘ وارو نڪتو کيس پسند آيو. انهيءَ کي اڳيان رکي، شيخن کي ’جوڳيئڙا‘ لفظ سان ياد ڪيائين ۽ فرمايائين تہ اھڙين وصفن وارا ماڻهو ئي جيئن ٿا، آءٌ بہ انهن سان گڏ آھيان، پوءِ فرمايائين تہ:

نُورِي ۽ نَارِي، جوڳيئڙا جَھانَ ۾، 

ٻَرِي جَنِ ٻارِي، آئُون نَه جِيئندي اُنِ ري.

)شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، رامڪلي، داستان 1، بيت 1، ص:778(

درگاھ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جا شيخ، شاھ لطيف جي اچڻ تي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ شاھ لطيف جي ڀيري کي سٺيءَ نظر سان ڏٺائون. شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي شان ۾ سومرا دؤر جي پھرئين عورت شاعر مرکان شيخڻ جا گيت ملن ٿا.

شاھ لطيف جو نرم ڄار تان ڀيرو

درگاھ ڪرهئي ڀانڊاريءَ جي اتر طرف، ٻن ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، ديھ ۽ تپي چور ھڏيءَ ۾، چور ھڏي ڍنڍ آھي. انهيءَ ڍنڍ جي ڏکڻ پاسي ھڪ وڏي ڄار ھئي، جنھن کي نرم ڄار چيو ويندو ھو. اُتي شاھ لطيف ساڻس گڏ آيل فقيرن کي کير پياريو ھو. انهيءَ واقعي کان پوءِ، ھتي رهندڙ شاھ لطيف جا مُريد، راڄا فقير، سال بہ سال انهيءَ ڄار جو ميلو لڳائيندا ھئا. انهيءَ ڄار کي اھو مانُ انهيءَ ڪري مليو، جو اُتي شاھ لطيف آيو ھو، ۽ پنھنجي فقيرن کي کير پياريو ھئائين.

شاھ لطيف جو روپا ماڙيءَ تان ڀيرو

شاھ لطيف، شيخ ڪرهيي ڀانڊاريءَ جي درگاھ ۽ نرم ڄار کان پوءِ، روپا ماڙيءَ تان پڻ ڀيرو ڪيو ھو. شاھ لطيف، روپا ماڙيءَ تان ڀيرو ڪرڻ مھل، ڀونگر بادشاھ، روپا راڻيءَ، دودي ۽ چنيسر جي قصي سان گڏ، ٻاگهل ٻائيءَ ۽ سومرين جي پاران سام پوڻ لاءِ، ابڙي سمي وٽ وڃڻ ۽ روپا ماڙيءَ متعلق ٻيون حقيقتون معلوم ڪيون. 1300ع/700 ھجريءَ ۾، علاؤالدين خلجيءَ جو لشڪر روپا ماڙيءَ تي ڪاھي آيو ھو. اڪثر سومرا سردار، تلوارن جو کاڄ ٿي ويا ھئا. ٻاگهل ٻائي، سومريون وٺي پھرين ابڙي جوڻيجي وٽ وئي، جنھن سامون جهلڻ کان انڪار ڪيو، جنھن لاءِ شاھ لطيف جو ھي بيت ملي ٿو: 

عَلاؤالدِين آئِيو، کَڻِي ڇَلِ ڇُڳيرُ،

ڪَھِين ڪِينَ ھِمَتيو، ڪانَ جَھلِيندو ڪيرُ؟ 

سُومِرِيَنِ سامَ کنئي، اَبِڙي ڪِيو اُٺَ پيرُ،

ھو مُھايَنِ مِيرُ، پر مَسِتُوراتِنِ مارِيو. 

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 13، ص:896)

پوءِ سومريون، ابڙي سمي وٽ سام پوڻ لاءِ ويئون، جنھن سامن تان سر صدقي ڪرڻ ۾ دير نہ ڪئي. شاھ لطيف، ابڙي سمي جي ساراھ ۾ چيو آھي:

اَبڙو وَڏو سُوَڙو، جَھلي سو سامُنِ، 

سَرَڻِيَنِ جا سوٺا سھي، سَمُون سُونھن سَڀَنِ،

تَنھن دَرِ سَڀِ اَچَنِ، ڪَنڌُ نَه ڪَڍي ڪَڇَ ڌَڻِي. 

(قاضي، علامہ آءِ آءِ، (1986ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 15، ص:242) 

روپا ماڙي، بدين کان 50 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ھڪ وڏي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آھي. ھتي، دودي سومري جي وڏي ڪشادي مزار بہ آھي. ھن وقت ھيءَ سڄي ايراضي، ڪلراٺجي چُڪي آھي. پري پري تائين پراڻين ڊٺل جاين جو ٺڪراٺو نظر اچي ٿو. ھن وقت ھتي پري پري تائين ايڪڙ ٻيڪڙ ڪا وسندي نظر ايندي، باقي سڄي جوءِ رڻ جو ڏيک پيئي ڏي.

شاھ لطيف جو ساڱري درياھ تان ڀيرو

ساڱرو درياھ، نصرپور وٽان وھندو ھو. اھو وھڪرو 1857ع ۾ بند ٿي ويو. ساڱري ڍوري کي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ ’نيرو‘ سڏيو ويندو آھي ۽ ماتليءَ جي ڏاکڻين حصن ۾ بہ انهيءَ نالي سان ئي ياد ڪيو ويندو آھي.

شاھ عنات رضويءَ جي ڏينھن ۾، ساڱرو درياھ وھندو ھو، پر منجهس سُڪڻ جھڙيون حالتون موجود ھيون ۽ آبڪلاڻيءَ ۾ ڪڏهن ڀرجي وھندو ھو تہ ڪڏهن نالي ماتر وھندو ھو، انهيءَ ڪري شاھ عنات کيس دُعا ڪئي تہ:

”شال مَ سُڪين ساڱرا، برڪت محمدؐ مير.“

شاھ عنات ولاسي واري خطي سامھون ساڱري جي وھڻ جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو تہ:

”ساڱرا تنھنجي سِيرَ، وَھي ولاسي سامھون.“

شاھ لطيف، ساڱري تان ڪيترائي ڀيرا ڪيا. ساڱرو سعيدپور جي اُڀرندي کان اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي، نيري (نيلي) نالي سان وھندو ھو. سعيد پور ۾، نيرو نالي ديھ بہ آھي. جمال شاھ جي درگاھ جي ڀرسان، ساڱري جي وھڪري جا نشان اڄ بہ موجود آھن. سعيد پور جي ڀرسان جيڪو ساڱرو آھي، انهيءَ کي ’ڪوٻاگري نيرو‘ سڏبو ھو. انهيءَ کان پوءِ ’ننڍو نيرو‘ شروع ٿئي ٿو. اھڙيءَ طرح ڌار ڌار جاين تي نيري جا ڌار ڌار نالا آھن. جمال شاھ جو نيرو، ٺارو شاھ جو نيرو ۽ ڏاتي جو نيرو بہ سڏبو آھي. ٽنڊيباگي جي ڀرسان، اھو نيرو يا ساڱرو، وھڻائيءَ کان ٿيندو، ولاسي ڏانھن وڌي ٿو. خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري جو مقبرو ۽ بڙ جو ڍورو، ساڱري جي وھڪري جي نشاندھي ڪن ٿا. ولاسي جي وچ ۾، ساڱرو وھي، ڪوري کاريءَ ۾ ڇوڙ ڪندو ھو. شاھ لطيف انهن نيرن تان ڀيرو ڪيو ھو ۽ ساڱري جو سير ڪيو ھئائين. شاھ لطيف، جمال شاھ، ٺارو شاھ ۽ ڏاتي کوسي وارا نيرا بہ ڏٺا تہ، ڪوٻري ۽ ننڌوءَ وارا نيرا بہ جاچيا. نيري وارن جا سخن شاھ لطيف جي جيءَ جو جياپو ھئا. شاھ لطيف، نيري تان انهيءَ وقت ڀيرا ڪندو ھو، جڏهن ھو بدين ۾ اچي رهندو ھو. ھو بدين کان اڳتي، ڏاتي جو نيرو اُڪري، ٺارو شاھ سان ملڻ لاءِ ويو ۽ اُتان، اتر طرف پنڌ ڪري، شھر ڏيئيءَ ڀرسان، جمال شاھ سان ملاقات ڪيائين. اُتان موٽي واپس بدين آيو ۽ پوءِ لنواري شريف ۽ بڙ جي ڍوري جو سير ڪيائين. ساڱري جو سفر، حاصلات جو سفر ھو. ميين شاھ عنات کان شاھ لطيف گهڻو ئي ڪجهہ پرايو. شاھ لطف الله قادريءَ جي ڇڏيل سبقن کي بہ ورجايو، ٺاري شاھ ۽ جمال شاھ سان ملي روحاني سڪون پڻ حاصل ڪيائين. لنواري شريف ۾ خواجا محمدزمان سان ملاقات ڪيائين. ولاسي ۾ گهانڊار جو شڪار (مرونءَ جو شڪار) ڏسي، ان جو بہ پنھنجي شاعريءَ ۾ ذڪر ڪيائين:

گَهانڊَارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ مَاڙهو موھيندَڙِي،

مُون ماريندا ڪَڏِهين،

اَدِيُون! عَبدُاللَطِيفُ چَي، ھِيءَ مُئا جِياريندَڙِي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، وائي، ص:786)

انهي حاصلات ۽ اڀياسي سفر ۾ ڪيئي بزرگ شاھ لطيف سان گڏ ھئا. شاھ لطيف جو اھو سفر، ڏسڻ ۽ ٻُڌڻ لاءِ ھو. پاڻ ميين شاھ عنات، جمال شاھ، ٺارو شاھ، خواجامحمد زمان کي ڌيان سان ٻڌائين ۽ پنھنجيءَ زندگيءَ کي سنوارڻ ۽ مثالي بنائڻ لاءِ بھترين نڪتا ھٿ ڪيائين.

شاھ لطيف جو اھو سفر، تصوف جي حوالي سان فطرت جا ڪي ڳجهہ پروڙڻ لاءِ پڻ ھو. ڏاتي فقير جھڙو ملامتي درويش، کيس انهيءَ سفر ۾ مليو. ان سفر دوران شاھ لطيف نصرپور بہ آيو. جتي شاھ عنات رضويءَ سان روح رهاڻيون ڪيائين. شاھ لطف الله قادريءَ جي آسڻ تان بہ ڀيرو ڀريائين. جمال شاھ، ٺاري شاھ، ڏاتي فقير، خواجہ محمد زمان کان معرفت جا وڏا نُڪتا حاصل ڪيائين ۽ بڙ جي ڍوري ۾ (رمضان جت جي ڳوٺ) ۾، اھي نُڪتا امانت طور عبدالعظيم شاھ عرف وڏل شاھ کي ڏنائين، جنھن ناتو نڀائي شاھ لطيف وارو گنج شريف جوڙيو ۽ انهيءَ سوکڙيءَ جو محرڪ شاھ لطيف جو ساڱري جو سفر آھي. انهيءَ سفر جي مکيہ ماڳن مڪانن ۽ ماڻهن جو ھيٺ مختصر احوال ڏجي ٿو.

شاھ لطيف جو ميين شاھ عنات رضويءَ وٽان ڀيرو

روايت آھي تہ، شاھ لطيف ننڍپڻ ۾ بيت چوڻ شروع ڪيا. سندس بيتن جي مشھوري وڃي شاھ عنات جي ڪن پيئي، تنھن کيس پاڻ وٽ گهرائي  چيو تہ: ’شاعرن تہ سڄي زمين کيڙي ڇڏي آھي، توھين ڇا کيڙيندؤ؟‘ تڏهن شاھ لطيف جواب ڏنو تہ: ’سائين! پوءِ اسين سمنڊ کيڙينداسين.‘

اھڙيءَ طرح ھڪ ٻي روايت بہ آھي. ھڪ دفعي شاھ لطيف درد واريءَ ڪيفيت ۾ ھو تہ، شاھ عنات جي حويليءَ ٻاھران آيو. ان وقت ٻاھر ڪو بہ ڪونہ ھو. در تي ڪا ٻانهي مليس، انهيءَ کي چيائين تہ، شاھ عنات کي وڃي چئو تہ ٻاھر ڪو ماڻهو آيو آھي ۽ چوي ٿو تہ:

در تي ڪري دانھن، در تي ڪري دانھن.

ميون عنات اھو نياپو ٻڌي در تي آيو تہ شاھ لطيف تي نظر پيس. تڏهن فرمايائين:

ڪُلهي لائي ٻانھن، کڻي پرين ڪندس پانھنجو.

ائين چئي شاھ لطيف کي ڳراٽڙي پائي، کيس آٿت ڏيئي پاڻ وٽ رهايائين. شاھ لطيف ميين عنات جو بيحد احترام ڪندو ھو، ايتري قدر جو ميين عنات جي ڪلام کي رد نہ ڏيندو ھو. جڏهن ڏهيسر پليجي، شاھ عنات کي ڏکوئيو تہ پاڻ ھي پاراتو ڏنائين: جو ڏهيسر سڄي ڏيھ ۾، سو وچان ئي وڃاءِ.

ڏهيسر کي انهيءَ پاراتي جو پتو پيو تہ ھن شاھ لطيف کي انهيءَ پاراتي وارڻ لاءِ چيو. شاھ لطيف کيس چيو تہ: ’شاھ عنات عالي وقار درويش آھي. ساڻس سهڻو سلوڪ واجب آھي،‘ ۽ شاھ عنات جو ذڪر ڪيل بيت شاھ لطيف نہ ورايو.

شاھ لطيف جڏهن بہ درد جي عالم ۾ ھوندو ھو تہ اھڙي ڪيفيت ۾ گهڻو ڪري شاھ عنات وٽ ھليو ويندو ھو. شاھ لطيف جيتوڻيڪ ساڱري کي ڪونہ ڳايو آھي، پر نيري (ساڱري) جي بزرگن سان ملاقاتون ڪيون ۽ ’نيرو‘ يا ساڱرو شاھ لطيف، شاھ عنات جي ڪري ئي ڏٺو ۽ اتان گهڻو ڪجهہ حاصل ڪيو.

شاھ لطيف جو شاھ لطف الله قادريءَ جي آسڻ تان ڀيرو

ساڱري جي سِير، اَگهاماڻيءَ کان ولاسي جي سامھون وھندي ھئي. شاھ لطيف ساڱري تان ڀيرو ڪرڻ وقت اگهاماڻيءَ تان بہ ڀيرو ڪيو، پر شاھ لطف الله قادريءَ جي ڪلام جو اڀياس ڪرڻ کان پوءِ پڪ ٿئي ٿي تہ، شاھ لطيف اگهاماڻيءَ ۾ شاھ لطف الله قادريءَ جي آستان تي بہ ويو ھو.

شاھ لطف الله قادري، شيخ عبدالقادر جيلانيءَ جو پوئلڳ ھو. شاھ لطف الله قادريءَ 1090ھ /1679ع ۾ وصال ڪيو. شاھ لطيف 1102ھ /1689ع ۾ ڄائو ھو. شاھ لطيف جوانيءَ واري وقت ۾ بہ ساڱري جو سفر ڪيو ھوندو. انهيءَ وقت شاھ لطف الله قادريءَ کي لاڏاڻو ڪئي 35 ورهيہ ٿي چڪا ھئا. پڪو گمان آھي تہ شاھ لطيف، شاھ لطف الله قادريءَ جي آستان تي ويو ھو. انهيءَ لاءِ ٻہ وڏيون ثابتيون خود انهيءَ بزرگ جي ڪلام جي تسلسل ۽ طريقہ ڪار جون شاھد آھن.

شاھ لطف الله قادري، پنھنجي ڪلام ۾ موسيقيءَ جي حوالي سان سُر ۽ عشقيہ داستان کنيا آھن، پر انهن داستانن جي پوري قصي کي ڪلاسيڪل شعري روايت موجب ورجايو نہ آھي، رڳو مکيہ نُڪتا کڻي پنھنجي مقصد واري ڳالهہ ڪئي آھي. شاھ لطيف پڻ پنھنجي ڪلام ۾ ڪوبہ قصو جيئن جو تيئن نہ ڳايو آھي، پر مکيہ نُڪتا بيان ڪيا آھن. گمان آھي تہ، شاھ لطيف، اگهاماڻي تان ڀيرو ڪيو ھو ۽ ان دوران کيس شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام سندس ڪن تي پيو ھو، جنھن کيس متاثر ڪيو. 122 اھڙا بيت مليا آھن، جن کان يا تہ شاھ لطيف سڌو سنئون متاثر ٿيو آھي يا ڪٿي ڪٿي تہ ھُن شاھ لطف الله قادري جا لفظ ۽ محاورا تضمين طور بہ کنيا آھن. انهيءَ مان اھو ثابت ٿو ٿئي تہ شاھ لطيف اگهاماڻيءَ ۾ ويو ھو، ۽ گهڻو وقت اتي رهي، شاھ لطف الله قادريءَ جي شاعريءَ کي پروڙيو ۽ پرجهيو ۽ گهڻا بيت شاھ لطيف سڪون خاطر ڳايا بہ آھن ۽ اھي رسالي ۾ شامل بہ ٿي ويا آھن. ھن نہ رڳو شاھ لطف الله قادريءَ جا بيت وڏي پاٻوھ سان ڳايا، پر ھُن شاھ لطف الله قادريءَ کان متاثر ٿي پڻ ڪي بيت چيا. شاھ لطيف پنھنجن بيتن ۾ شاھ لطف الله قادريءَ جون سٽون پڻ ڪم آنديون آھن:

سائِي صورتَ سِيۡرَت سَڄڻين، سوئي حُسۡنُ ڪَمالُ، سائي ذاتِ ظَرافَتَ پرِيَ جي، سوئِي سو جَمالُ، سوئي ظاھرُ، باطِنُ سو، سوئي سو خيالُ، 

سڀُ سڀوئِي حالُ، اُونھائِيَ اَنۡتُ ناھِ ڪو. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (1968ع)، ’شاھ لطف الله قادريءَ جو ڪلام‘، ص: 44)

پاڻِهن جَلُ جَلَا لُہ، پاڻِهن جانِ جمالُ،

پاڻِهن صُورت پِرِينءَ جي، پاڻِهن حسنُ ڪمالُ،

پاڻِهن پِيرُ مُريد ٿئي، پاڻِهن پاڻُ خيالُ، 

سڀِ سڀوئي حالُ، منجھان ئِي معلومُ ٿئي.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر ڪلياڻ، داستان 1، بيت 19، ص:69)

شاھ لطيف جي سيد جمال شاھ بخاريءَ سان ملاقات

شاھ لطيف ساڱري تان ڀيرو ڪرڻ وقت، سيد جمال شاھ سان بہ روح رهاڻ ڪئي. ھي ڀلارو بزرگ، ’ڏيئي‘ شھر جي ڏکڻ طرف، ساڱري جي ڀرسان، آرامي آھي. شاھ لطيف جڏهن ساڱري تان ڀيرو ڪري رهيو ھو، تڏهن اھا ڳالهہ سندس ڪن پيئي تہ، جمال شاھ ڏيئي جي ڀرسان رهندڙ ڀلارو بزرگ شاعر ۽ بيحد عبادت گذار آھي. ھر وقت پرينءَ جي پار گهاري ٿو. تنھن ڪري شاھ لطيف سڌو سنئون ھن ڀلاري بزرگ وٽ لنگهي ويو. ٻنهي بزرگن جي پاڻ ۾ رهاڻ ٿي ۽ اھم نڪتا بحث ھيٺ آيا. اھي نڪتا ھڪ ٻئي سان بيتن ۾ اوريائون. اھي بيت ورثي طور جمالشاھ جي پونئير بزرگن تائين سينہ بہ سينہ ھلندا آيا. خود جمال شاھ جي رسالي ۾ بہ اھي بيت شامل ھئا، پر پوءِ اھو املهہ خزانو ختم ٿي ويو. جمال شاھ جي مزار ڊگهڙي ٽنڊو باگو روڊ تي نوتڪاڻي اسٽاپ کان ھڪ ڪلوميٽر اتر طرف ٿُوھيءَ وارن لغارين ۽ ڳوٺ حاجي مٺو خان نوتڪاڻي جي وچ پنڌ تي آھي.

شاھ لطيف جي ٺارو شاھ سان ملاقات

موجودہ ٽنڊي باگي شھر جي اُتر طرف، اٽڪل ڏيڍ ڪلوميٽر پنڌ تي، کڏارو روڊ جي اڀرندي طرف، ٺارو شاھ جي قبر، سرن جي ڍير جي صورت ۾ موجود آھي. شاھ لطيف جڏهن ساڱري تان ڀيرو ڪري رهيو ھو، تڏهن ٺارو شاھ جو ذڪر ساڻس محمد ھاشم نالي ھڪ ماڻهوءَ ڪيو. محمد ھاشم، ٺارو شاھ بخاريءَ جو وڏو خليفو ھو. ھُن وھڻائيءَ ۾، شاھ لطيف کي ٻڌايو ھو تہ، نيري جي اڀرندي، ھتان اٽڪل ٽن ڪوھن جي پنڌ تي، اوڀر اتر ڪنڊ تي، ٺارو شاھ بخاري رهي ٿو. ھُو رات ڏينھن عبادت ۽ الله جي ياد ۾ گذاري ٿو. ڪنڌ ھيٺ اٿس. انهيءَ حالت ۾ ويھي ويھي سندس گوڏا مٿي نڪري آيا آھن. سدائين ڪنڌ ھيٺ ھئڻ ڪري ڪنڌ توڙي ڪرنگهو پري کان ڏسڻ ۾ ئي نہ ٿا اچن. ھو جنھن جڳھ تي رهي ٿو، اھو پوٺو ۽ ڳوٺ سندس نالي پٺيان ’ٺارو شاھ جو پوٺو‘ سڏجي ٿو. شاھ لطيف، سندس تعريف ٻڌي، نيرو (ساڱرو) جهاڳي وٽس پھتو ۽ ساڻس روح رهاڻ ڪيائين.

شاھ لطيف جي ڏاتو فقير کوسي سان ملاقات

ڏاتو فقير، وھڻائي شھر جو ھڪ ملامتي فقير، ڀلارو بزرگ ۽ روحانيت جو صاحب ھو، پر ماڻهن کي پاڻ کان نفرت ڏيارڻ لاءِ اھڙا طريقا ڪم آڻيندو ھو، جو اھي ھروڀرو کانئس نفرت ڪندا ھئا. شاھ لطيف، ڀلارن بزرگن سان ملڻ لاءِ جڏهن بدين واري پاسي ساڱري ڀرسان ٺارو شاھ ۽ ’ڏيئي‘ ويجهو، جمال شاھ سان ملڻ ٿي ويو، تڏهن پھرين ھن بزرگ سان واسطو پيو ھئس. جڏهن ھي بزرگ ملامت وسائڻ لاءِ ’وھڻائي‘ ڳوٺ ۾ گهڙيو ھو، ان وقت شاھ لطيف بہ وھڻائيءَ ۾ آيل ھو. ڏاتو فقير کوسو جڏهن سيد حامد شاھ جي قبرستان مان وھڻائيءَ ڏانھن روانو ٿيندو ھو، تڏهن بھترين ڪپڙا پائيندو ھو. تيل سرمو ڪري، سينڌ ڪڍي، جُتي پائي نڪرندو ھو. اصل ۾ سندس انگ ۽ رنگ ٻيو ھو. ھن، شھر ۾ خريداري ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻن عورتن سان ڄاڻي ٻجهي اڍنگي ھلت ھلي تہ جيئن ماڻهو کيس گهٽ وڌ ڳالهائين. جڏهن ماڻهن سندس اھا روش ڏٺي تہ کيس گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳا. شاھ لطيف جڏهن اھو لقاء ڏٺو تہ ھن لاءِ دل ئي دل ۾ سٺو نہ سمجهيائين جو شاھ لطيف ھن جي گهڻي ساراھ ٻڌي نڪتو ھو، ۽ ھتي سندس اھو حال ڏسي پاڻ بہ حيران ٿي ويو ۽ کيس مخاطب ٿي چيائين: 

جوڳُ نَه جوڳو تُون، ڪَرِين پَچارُون جوڳِيين،

ھِڪِڙو پَنڌُ پَرِيَنِ ڏي، ٻِي تَتِي ڀُون، 

سامِي سيڻَنِ ڏونھھن، رُوندا رَتُ وِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر رامڪلي، داستان 4، بيت 10، ص:795)

کوسي فقير، نہ شاھ لطيف جي چتاءُ ڏانھن ڌيان ڏنو ۽ نہ ئي وري ماڻهن جي مار ۽ ملامت طرف ڌيان ڌريو ۽ ھو عورتن ڏانھن لالچي نظرن سان ڏسندو ۽ مار بہ کائيندو رهيو. شاھ لطيف سندس اھو حال ڏسي، پنڌ اجايو سمجهي، محمد ھاشم جي صلاح موجب ٺاري شاھ ڏانھن وڃڻ جو ارادو ڪيو. خيال ھوس تہ، مريءَ وارو نيرو اُڪري، انهيءَ ڀلاري بزرگ سان وڃي ملي. اھو ويچار ڪري، شاھ لطيف وھڻائيءَ جا وڻ ڇڏي نيري ڏانھن پنڌ پيو. محمدھاشم، ٺاري شاھ جو خليفو، ساڻس گڏ ھو. واٽ تي شاھ لطيف ويچاريندو ويو تہ، مون ھن جي اجائي واکاڻ ٻڌي ھئي ۽ اجايو پنڌ پيس. پوءِ دل ۾ خيال آيس تہ، ماڻهو ھن جي واکاڻ ڪن ٿا، آءٌ بہ ڏسان تہ صحيح ڳالهہ ڇا آھي؟ پوءِ شاھ لطيف، محمدھاشم کي وھڻائيءَ طرف واپس ورڻ جو چيو. اُھي جيڏي مھل ٻيھر وھڻائيءَ ۾ داخل ٿيا، تہ ان وقت ڏاتو فقير شھر ۾ موجود نہ ھو. محمد ھاشم سندس ھير کان واقف ھو، سو شاھ لطيف کي ڏاتي فقير جي جڳھ حامد شاھ جي قبرستان ۾ وٺي ويو. اتي ھنن لڪي ڏٺو تہ، ڏاتو فقير پنھنجا قيمتي وڳا لاھي، ڦاٽل رليون اوڍي، پنھنجي ٽنگن کي رسيءَ ۾ جڪڙي، رسي وڻ ۾ ٻڌي اونڌي منھن لٽڪي رهيو آھي ۽ چئي رهيو آھي تہ: ’ڏاتا ڪيتا لوڙڳيون!‘ يعني: ڏاتا ڪيتو لوڙھيئي!

شاھ لطيف سندس اھا حالت ڏسي حيران ٿي ويو. سڄي رات، ڏاتو فقير ايئن ڪندو رهيو ۽ صبح ٿيو تہ وري بہ انهن ڦاٽل رلين بدران اُچا ۽ قيمتي وڳا پھري، وھڻائي جي بازار ۾ پھتو ۽ پنھنجي ملامتي ڪار شروع ڪري ڇڏيائين. ھن ڀيري ھن بيگناھ جانورن کي مارڻ شروع ڪيو ھو. ڏاتو فقير پنھنجي ڪارروائيءَ ۾ رُڌل ھو. شاھ لطيف پنھنجيءَ ڪالھوڪي بي سمجهيءَ ۽ محمدھاشم جي سونھپ تي ڏک جا لڙڪ ڳاڙي رهيو ھو، ۽ چئي رهيو ھو تہ:

سُونَھپَ ۾ سَپَ گهڻا، مَنجِھڻ ماکِي ھوءِ،

پَرو تَنِھين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 3، بيت 6، ص: 756)

شاھ لطيف کي ڏاتي جو پرو پئجي ويو ۽ ھو سندس ظاھري لباس کي ياد ڪري چوندو ھو تہ:

ٻَھرِ رلَا رَلِيوُن، اندر پَٽولا،

اِنَھِين پَرِ ڪَاپَڙِي گڏَهِه جا گهورا.

شيخ، ٻانهون خان، (2002ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد 3، داستان7، بيت 16، ص:86) 

ڏاتو فقير جو شاھ لطيف کي پھرين ’نفس جو گهورو‘ نظر آيو ھو، اصليت معلوم ٿيڻ کان پوءِ ھو کيس ’خدا جو گهورو‘ نظر آيو. شاھ لطيف پوءِ ڏاتي فقير سان ڪيتريون ئي راتيون رهاڻيون ڪيون ۽ پوءِ محمد ھاشم جي سونھپ وسيلي ٺاري شاھ ڏانھن روانو ٿيو. ڏاتي فقير جو وھڻائيءَ ۾ اڄ بہ تڙ مشھور آھي، نہ رڳو ايترو پر وھڻائيءَ جي ڦٽل شھر جي ڀرسان ڏاتي فقير جي اڪيلي بُٺي (ڪچي قبر) پڻ موجود آھي، جيڪا ٽنڊو باگو کان بدين ويندڙ روڊ تي تقريباً اٺ ڪلوميٽر مفاصلي تي وھڻائي شھر کان ڏکڻ طرف يوسي جهنڊو شاھ، تعلقي بدين ۾ وڏي ڄارين جي ھڪ ويڙھي ۾ آھي. قبر جي اڀرندي پاسي تلاءُ آھي، جنھن کي ’ڏاتي فقير جي کاڻ‘ چون ٿا.

شاھ لطيف جي خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري سان ملاقات

شاھ لطيف، پنھنجي عمر جي آخري وقت ۾، لاڙ جا ٻہ ڀيرا ڪيا. پھريون ڀيرو خواجہ محمد زمان لنواريءَ واري سان ملاقات لاءِ سفر ڪيائين ۽ ٻيو ڀيرو ڪربلا جي زيارت لاءِ ونگي کان ٿي، علي بندر، راھمڪي تائين ويو ۽ پوءِ اتان واپس ٿي، ڀٽ شاھ تي آخري وقت اچي گذاريائين. سندس پيريءَ جو وقت ھو. دل ۾ خيال ٿيس تہ نقشبندي بزرگ، خواجا محمد زمان سان ملاقات ڪجي ۽ ساڻس روح رهاڻ ڪري، ھڪ ٻئي کي سمجھجي ۽ روحاني نڪتا بہ حاصل ڪجن ۽ ڪجهہ انهيءَ ڀلاري بزرگ تائين رسائجي. جيتوڻيڪ خواجہ محمد زمان، شاھ لطيف کان ننڍيءَ ڄمار جو ھو، پر تصوف ۾ ۽ روحاني دنيا ۾ افضل مقام تي فائز ھو. خواجا صاحب سان ملاقات لاءِ جڏهن شاھ لطيف لنواري شريف ھلي آيو، تڏهن ڇا وھيو واپريو ۽ ڪھڙيون ڳالهيون ٿيون؛ انهيءَ جو تفصيلي ذڪر عنوان ’واقعا‘ ۾ ڪيو ويو آھي.

شاھ لطيف، خواجا محمد زمان لاءِ ھميشه چوندو ھو تہ:

مُون سي ڏِٺا ماءِ، جَنِي ڏِٺو پِرِينءَ کي، 

تَنِي سَندِي ڪاءِ، ڪَري نہ سَگهان ڳالَهڙِي.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر کاھوڙي، داستان 1، بيت 2، ص:128)

شاھ لطيف ۽ خواجا محمد زمان جنھن جڳھ تي ملاقات ڪئي ھئي، انهيءَ جڳھ کي محفوظ ڪيو ويو آھي. اتي ڪٽھڙي تي ٻنهي بزرگن جي ملاقات واري جڳھ کي يادگار طور قائم ڪيو ويو آھي.

شاھ لطيف جو بڙ جي ڍوري تان ڀيرو

شاھ لطيف، ساڱري تان ڀيرو ڪرڻ لاءِ، بڙ جي ڍوري تان بہ قدم گهمايا ھئا. بڙ جي ڍوري جو ٻيو نالو ڳوٺ رمضان جت آھي. اُھو نالو ھن تي انهيءَ ڪري پيو جو رمضان جت جي ڳوٺ جي ڀرسان، وڏو بڙ بيٺل ھو، ۽ انهيءَ بڙ ھيٺ شاھ لطيف اچي مانجهاندو ڪيو ھو. انهيءَ کان پوءِ، اھا جاءِ ماڻهن لاءِ عقيدت ڀري ڀيڻي ليکي وئي. روايت آھي تہ اِھو بڙ اڳتي ھلي، ’وڏل شاھ جي ويھڪ‘ بڻيو ۽ انهيءَ بڙ ھيٺ عبدالعظيم شاھ عرف وڏل شاھ، شاھ جو رسالو المعروف گنج شريف جو قلمي نسخو تيار ڪيو. انهيءَ ئي جڳھ تي محمدرمضان ۽ سندس ساٿين، شاھ جو راڳ ڳايو ۽ اِھو مچ محمد رمضان جت جا پويان اڄ بہ ٻاريندا پيا اچن. اھي جت اصل ۾، شاھ ڪريم بلڙائيءَ جا فدائي ھئا. شاھ ڪريم لاءِ کين تمام گهڻي عقيدت ھئي. شاھ لطيف رمضان جت جي ڳوٺ تان جڏهن ڀيرو ڪيو، تڏهن ھنن تمام گهڻي خوشي ڏيکاري ۽ عقيدت جو اظھار ڪيو.

شاھ لطيف رمضان جت جي ڳوٺ جي ڀرسان، جڏهن ساڱري جي ڪناري تي، بڙ ھيٺ مانجهاندو ڪرڻ لاءِ اچي رهيو ھو، تڏهن ساڻس نڪي ڪي خليفا ھئا ۽ نہ ئي وري ڪي ساٿي ھئا. مانجهاندي ڪرڻ ۽ سفر جي ٿڪ ڀڃڻ لاءِ بڙ ھيٺيان ويٺو ھو. ان وقت گنگا جتڻ، جيڪا کوھ تان پنھنجين ساھڙين سان گڏجي، پاڻي ڀرڻ آئي ھئي، تنھن کيس ڏٺو ۽ دعوت ڏيئي، پنھنجي گهر وٺي آئي. گنگا جتڻ شاھ لطيف کي اُستُ (اُٺڻين جو کير) وٽي ۾ وجهي ڏنو، جيڪو پاڻ پيتائين. شاھ لطيف کي انهيءَ اُستُ ايڏو تہ مزو ڏنو جو ان جي ساراھ ڪندي چيائين تہ:

کوءِ پَلَنگَ، ٻَنِ ماڙِيُون، پَکَا سَندَنِ ٻَنِ، 

اُستُ جو اُٺِينِ جو، مُون کي رَهِيو مَنِ، 

جِيءَ ۾ جَت رَهَنِ، ٻِي پِرِٿڻِي پَاسي ٿِي. 

(شيخ، ٻانهون خان، (2001ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٻيو، سُر ديسي، داستان 5، بيت 12، ص:154)

شاھ لطيف جڏهن رمضان جت جي ڳوٺ ۾ رهيو پيو ھو، تڏهن رمضان جت ۽ وڏل شاھ ساڻس منھن ملاقاتي ٿيا ھئا. وڏل شاھ بھترين ڪاتب ھو، ۽ رمضان جت نڙ وڄائڻ جو وينجهار ھو. شاھ لطيف انهن ٻنهي سان گڏ خوشحال خان جت کان بہ متاثر ھو، جيڪو رمضان جت سان گڏ، نڙ ۽ دنبورو وڄائيندو ھو ۽ شاھ لطيف جون وايون ۽ بيت ولاسي جي لئہ ۽ سُر ۾ ڳائيندو ھو.

جتُ، شاھ لطيف کي ٻڌائيندو ھو تہ، جنھن کي نڙ جون اڍائي ڦوڪون نٿيون اچن، اُھو جت ئي نہ آھي. جتن تي شاھ لطيف جو اھو اثر، بڙ واري ڍوري جي عرصي دوران پيو ۽ جت شاھ لطيف جا بہ اوترائي فدائي ٿيا، جيترا شاھ ڪريم جا ھئا. شاھ لطيف ولاسيءَ ۾ جتن سان ڏينھن گهاري عبدالعظيم شاھ عرف وڏل شاھ سان ڪجهہ وقت ڪچھريون ڪري ھليو ويو. شاھ لطيف جيترو وقت جتن وٽ رهيو، اوترو ٻئي ڪنھن بہ ھنڌ نہ رهيو.

شاھ لطيف، زندگيءَ جو سفر 1165ه/1752ع ۾ پورو ڪيو. شاھ لطيف ۽ شاھ ڪريم جي فدائين لاءِ اھو ڏکيو وقت ھو. جڏهن اھا ڳالهہ ٻڌي تہ شاھ لطيف پنھنجو رسالو ڍنڍ ۾ ڦٽو ڪرائي ڇڏيو آھي، تڏهن کين ويتر وڌيڪ ڏک ٿيو. عبدالعظيم شاھ ولاسي وارو بہ انهيءَ ڏک ۾ جتن سان شامل ھو. جتن وانگر ھن کي بہ شاھ جو ڪلام ياد ھو، ۽ ھُن پوءِ آھستي آھستي انهيءَ جڳھ تي شاھ لطيف کي ساري، رسالو لکڻ شروع ڪيو. ھن پنھنجي ترتيب واري رسالي جي شروعات سُر سسئيءَ سان ڪئي آھي، جنھن جو پھريون بيت ھيٺين ريت آھي:

وَڍيَلِ ٿِي وايُون ڪَري، ڪُٺَلِ ڪُوڪاري،

ھُنَ پَنَ پنھنجا سارِيا، ھِيءَ ھَنجُون ھَڏنِ لئي ھاري.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر معذوري، داستان 6، بيت 19، ص:366)

ھن رسالي کي، 28 سُرن سان سينگاريو ويو ھو، جنھن ۾ سُر ڪارايل ۾، شاھ ڪريم جا بيت بہ شامل ٿي ويا ھئا. ھي رسالو لکجي رهيو ھو تہ، تمر فقير کان پوءِ ٻئي نمبر خليفي محمداسماعيل کي سُڌ پيئي، جنھن پڻ ھن رسالي کي يڪدم مڪمل ڪرڻ جو خيال ڏيکاريو، جنھن ڪري وڏل شاھ، اھو ڪم وڌيڪ تيزيءَ سان ڪرڻ لڳو. ھن اھو ڪم بڙ جي ڍوري جي ٿڌي ڇانوَ ھيٺ ويھي ڪيو. نيٺ اھو رسالو، 680 صفحن تي لکجي پورو ٿيو ۽ جيڪو پوءِ ’گنج‘ سڏيو ويو. گنج شريف، شاھ لطيف جي وفات کان، 42 ورهيہ پوءِ، 7 جمادي الثاني 1207هه/1793ع ۾ لکجي پورو ٿيو. اھو رسالو اڄ بہ تمر فقير جي وڏيءَ اوطاق تي رکيل آھي.

ھن رسالي جي لکڻ وقت، بڙ جي ڍوري جا جت، خاص طور رمضان جت، وڏل شاھ جو ٻانھن ٻيلي ٿي رهيو ھو. ھو، شاھ جي رسالي جي ڄاڻُن کي، کاري، جاتيءَ، مانڌر، ڪڇ، ونگي ۽ ولاسي کان سواءِ ٿر مان بہ گهرائي،  عبدالعظيم شاھ سان ملائيندو ھو، ۽ ھِتان ھُتان آيل سُگهڙ جيڪي شاھ لطيف جو ڪلام ٻڌائيندا ھئا، تن جي خدمت چاڪري بہ بڙ جي ڍوري وارو رمضان جت ڪندو ھو، جنھن جو گنگا جتڻ سان رت جو رشتو ھو. شاھ لطيف چئي ويو ھو تہ:

جيءَ ۾ جت رهن، ٻي پرٿڻي پاسي ٿي.

شاھ لطيف جي جيءَ ۾جت رهيا، تہ جتن بہ شاھ لطيف کي وساري ڪونہ ڇڏيو. جيترو شاھ لطيف جو ڪلام ھن وقت بہ جتن کي ياد آھي، ۽ جيترا خطي نسخا جتن وٽ موجود آھن، شاھ جي رسالي جا اوتراخطي نسخا ٻين ذاتين وارن وٽ شايد ئي ھجن.

بڙ جو ڍورو، جيڪو نيرو ڍورو بہ سڏبو ھو، بدين کان اٽڪل 32 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر طرف ھو ۽ اھو بڙ جنھن ھيٺ شاھ لطيف وڃي مانجهاندو ڪيو ھو، جتي وڏل شاھ گنج لکيو ھو ۽ رمضان فقير، شاھ لطيف جو راڳ ڳايو ھو. انهيءَ بڙ جا سُڪل ڏار نيري جي ڪنڌيءَ تي شاھ لطيف جي اچڻ جي ياد قائم رکڻ لاءِ ڪنھن وقت ھڪ مستند ڪتاب وانگر پکڙيا پيا ھوندا ھئا.

شاھ لطيف جو ونگي ولاسي تان ڀيرو

شاھ لطيف پنھنجي حياتيءَ ۾، بلڙي شريف، بدين ۽ ولاسيءَ تان تمام گهڻا ڀيرا ڪيا، ڇو تہ بلڙيءَ ۾ سندس وڏو بزرگ شاھ عبدالڪريم آرامي ھو. بدين جي ڀرسان سيد للاڻيءَ جو آرام گاھ ھو ۽ ونگي ولاسي ۾ جمال شاھ رهندو ھو.

ولاسي تان ڀيرو ڪرڻ وقت، شاھ لطيف شڪار جو ھڪ نئون نمونو ڏٺو. روايت آھي تہ ھن شڪار ۾ مرون موھجي ٿي ويا ۽ پنھنجون حيواني خصلتون ڇڏي، گهانڊار تي (گهانڊار= ان وڏي منھن واري دلي يا مٽ کي چئبو آھي، جنھن جي اڌ وٽان ٻہ سوراخ ڪري ان ۾ ڏيئو ٻاري، پوءِ مٽ کي مٿي تي رکي جهنگ ۾ گهڻو ڪري رات جي وقت ھرڻ ۽ روجهہ (جهنگلي ڳئون) جو شڪار ڪبو آھي. جهنگ جا جانور ان گهانڊار کي ڪو جهنگ جو جانور سمجهي، بي ڊپائيءَ مان بنَهن ويجهو ھليا ايندا آھن، پوءِ اھي سولائي سان ڦاسي پوندا آھن.) موھجي پاڻ اچي ٿي اُن ۾ اَڙيا. حاجي رمضان جو ڳوٺ ولاسي جي وچ ۾ آھي. شاھ لطيف گهانڊار جو شڪار انهيءَ پاسي رهڻ وقت ڏٺو ھو.

شاھ لطيف گهانڊار وسيلي مِرُن کي ڦاسائڻ جو اھو نظارو اکيين ڏٺو ھو، ۽ اھو بہ پروڙيو تہ گهانڊار، مِرُن کي موھي ٿي، ڇو تہ گهانڊار مان جيڪي ڄريون نڪرنديون آھن، اھي نور جي شعاعن وانگر ڏسڻ ۾ اينديون آھن. اھي رات جو جهنگ ۾ ڪنھن کي بہ موھڻ لاءِ ڪافي آھن. جيئن تہ شاھ لطيف اھو وقت جتن وٽ پئي گذاريو ۽ عبدالعظيم شاھ سان ڏينھن پئي گهاريا ۽ جتن نڙ وڄائي رات ٿي گذاري، پر سڱڙي وڄائيندڙ جوڳي آيا تہ شاھ لطيف خود انهن ڏانھن موھجي ويو. ان وقت سڱڙي ۽ گهانڊار جو ذڪر پاڻ ھڪ وائيءَ ۾ ھن ريت ڪيائين: سَندَڙِيان سِڱَڙي، ڳالهہ ڳُجهَڙِي مُون مَاريندي ڪَڏِهِين،

جَا وَڄَائِينِ جَتَڙا، نَه تِنهِن نَڙَ جِھَڙي،

گهَانڊارِ مِرُون موھِئا، ھِيءَ مَاڻهُو موھِيندَڙِي،

آھي عبدُاللطيف چَئي، ھيء مُئَا جِيَارڻ جھڙي.

(شيخ، ٻانهون خان، (2012ع)، ’شاھ جو رسالو‘، جلد ٽئو، سُر رامڪلي، وائي، ص:38، 39) ولاسي ۾ اڄ، گهانڊار ذريعي مِرُن جو شڪار ڪونہ ٿو ٿئي. اھو تاريخي ورق، صرف شاھ لطيف جي تاريخي اڀياس وسيلي رسالي ۾ رهجي ويو.

شاھ لطيف جو پُراڻ تان ڀيرو

شاھ لطيف، ونگي ۾ پنھنجن عزيزن وٽ ڪيترائي ڀيرا ڪيا، ۽ انهن سان ملاقاتون بہ ڪيون. ھو انهيءَ پاسي اڪثر ايندو رهندو ھو، ڇو تہ سندس روحاني استاد ميون مُرکيو بہ انهيءَ طرف رهندو ھو. پاڻ حياتيءَ جي آخري دور ۾، حج وارو سفر بہ ونگي تان ڀيري وسيلي ڪيو ھئائين. ھتي پُراڻ جو ذڪر بہ مناسب ٿيندو، ڇو تہ شاھ لطيف آنهيري، ونگي، توڙي راھموڪي بازار، پُراڻ وسيلي ئي ايندو ويندو ھو.

شاھ لطيف جو ونگي تان ڀيرو

لاڙ، سامونڊين جو دائمي گهر ھو. سائو، ساڱرو، پٽيھل، ريڻ، ڳَٺو ۽ ھاڪڙو ان وقت ھاڪارا وھڪرا ھئا، جيڪي وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا ھئا. اِھي وھڪرا، سفر ۽ واپار جا اھم وسيلا پڻ ھوندا ھئا. سڄيءَ سنڌ جا حاجي سڳورا بہ، ڀليپار ڏانھن، اتان ئي اُسھندا ھئا، ۽ ان حوالي سان راھموڪي بازار ۽ علي بندر جي خصوصي اھميت ھئي.

شاھ لطيف، حياتيءَ جي آخري ڏينھن ۾، حج ۽ ڪربلا معليٰ جي زيارت جي ارادي سان ڀٽ مان نڪري، ھالا ۽ اگهاماڻي کان ٿي، ونگي پھتو. شاھ لطيف جو اِھو آخري سفر ھو. ھن ونگي کان، علي بندر تائين، راھموڪي بازار ڏانھن پُراڻ ذريعي سفر ڪيو.

ارڙهين صديءَ ڌاري، سنڌو نديءَ جو وھڪرو ھالا، نصرپور کان ٿي، اگهاماڻي وٽ اچي، ٻن شاخن ۾ ورھائجي ويندو ھو، جنھن مان ھڪ شاخ ’پُراڻ‘ جي نالي سان مشھور ھئي ۽ ٻي ڇاڙ ’ريڻ‘ جي نالي سان ڪوري کاريءَ ڏانھن وھندي ھئي.

ھڪ اندازي موجب، شاھ لطيف، انهيءَ آخري سفر تي رواني ٿيڻ وقت، ريڻ جي شاخ وارو رستو اختيار ڪيو ھو. ونگو، ان وقت مشھور واپاري مرڪز شھر ۽ دريائي بندر ھو. اتي ونگائي رسم الخط جاري ھو. اتي جا رهاڪو پاڻ کي فخر سان ’ونگائي‘ سڏائيندا ھئا.

شاھ لطيف جي خاندان مان جمال شاھ ونگي ۾ رهندو ھو. شاھ لطيف، ونگي ۾ اچڻ وقت وٽس ئي رهندو ھو. شاھ لطيف جي گهڻو تڻو اچڻ جمال شاھ جي گهرئي ٿيندو ھو. ڇاڪاڻ تہ، ھن تر ۾ سندس مِٽ مائٽ ونگي ۾ ئي رهندا ھئا.

پڇاڙيءَ جي ڏينھن ۾، شاھ لطيف ڀلاري ڏيھ وڃڻ جو ارادو ڪري، جمال شاھ وٽ اچي رهيو ھو، جنھن سندس تمام گهڻي خدمت ڪئي. شاھ لطيف سندس خدمت کان تمام گهڻو خوش ٿيو ۽ کيس دعا ڪندي چيائين تہ: ”مُون کان پوءِ تون ئي منھنجي گاديءَ تي ويھندين ۽ پاڻ ٻنهيءَ جي جاءِ ھڪ ھنڌ آھي.“ شاھ لطيف جي اھا دعا سچ ثابت ٿي ۽ سندس وفات کان پوءِ جمال شاھ، گاديءَ تي ويٺو ۽ وفات ڪري وڃڻ کان پوءِ کيس شاھ لطيف جي ڀرسان دفن ڪيو ويو.

شاھ لطيف ونگي کان روانو ٿي، علي بندر پھتو. عليبندر کان راھموڪي بازار ڏانھن روانو ٿيو تہ واٽ تي کيس سندس ھڪ مُريد مليو، جنھن سان حالي احوالي ٿيڻ کان پوءِ اُن کيس چيو تہ: ”ماڻهن کي پيا چئو تہ اسان جي آخري آرامگاھ ڀٽ تي ٿيندي ۽ توھان پڇاڙيءَ جي ڄمار ۾ ھليا آھيو ڀلاري ڏيھ!“ اھا ڳالهہ شاھ لطيف کي دل سان لڳي. پاڻ واپس موٽيو ۽ 14 صفر مھيني ۾ 1165هه/1752ع تي ڀِٽ تي وفات ڪيائين. سندس زندگيءَ جو اھو آخري سفر ھو. ونگي شھر جي دڙي تي، پير نانگي شاھ جي قبر آھي. چون ٿا تہ، انهيءَ بزرگ جي شاھ لطيف سان نسبت ھئي. اُتي جا ماڳ مڪان، ’نانگي‘ جي نالي سان ڄاتا وڃن ٿا. ماتليءَ جي ڀرسان، نانگي شاھ جو آستان آھي ۽ بدين ۾ بہ نانگي شاھ جو اوتارو آھي، جيڪي پڻ شاھ لطيف سان نسبت ٿا رکن. پير نانگو شاھ ونگائي پڻ انهيءَ نسبت سان مشھور ۽ معروف آھي.

شاھ لطيف جو پَکي ٿر تان ڀيرو

پکي ٿر تان شاھ لطيف ڪيئي ڀيرا ڪيا ۽ اتي ڪجهہ عرصو پنھنجي حويلي ٺاھي رهيو. اتي سندس مريد، معتقد، خليفا ۽ فدائي وڏي تعداد ۾ رهندا ھئا. پکو ٿر، سمن جي دؤر ۾، وڏي ۾ وڏو واپاري مرڪز ھو. پکي ٿر ۾، مٺي ۽ ولھاري ديھون اچي وڃن ٿيون. پکو ٿر نہ رڳو شاھ لطيف جي ڪري امر ٿيو، پر انهيءَ پَٽ کي اھا فضيلت پڻ حاصل آھي تہ سڄي لاڙ ۾، اُونگرجبل، پکو ٿر، کُري ڪوٽ، ڪرهيو ڀانڊاري ۽ ڪؤنر سر، اھڙيون بنيادي وسنديون ھيون، جتي پٿر جي دؤر کان وٺي تھذيبي زندگيءَ جي چرپر نظر اچي ٿي ۽ انهن جاين، لاڙ جي بنيادي ثقافتي قدرن جي آبياري ڪرڻ ۾ بنيادي ڪم ڪيو، ۽ لاڙ جي ٻين ماڻهن اتان ٻاھر نڪري، ڌار ڌار جڳهہين تي پھچي، پنھنجي ثقافتي زندگي گذاري. انهن جڳھين تان پٿر جا ۽ مختلف جاندارن جا پنڊ پھڻ پڻ مليا آھن. شاھ لطيف، ان ايراضيءَ تان ڀيرا ڪري، نہ رڳو انهيءَ ڌرتيءَ کي امر ڪيو، پر اتي جي ثقافت، تھذيب ۽ ٻوليءَ کي بہ پنھنجي رسالي ۾ پيش ڪري، انهيءَ ھنڌ کي وڌيڪ شھرت ۽ اھميت بخشي. پکو ٿر، ديھ ولھاري، تپي مٺي، تعلقي بدين ۾ سمن جو پراڻي ۾ پراڻو اجهو ليکجي ٿو. سڀ سما پنھنجي اصل ماڳ پکي ٿر مان نڪري، ٻاھر ھليا ويا. سندن اصل ماڳ مڪان اھو ئي ھو. سمن جو ھاڪارو حاڪم، پانڊپ بہ ھتي رهندو ھو، ۽ سمن جي وڏي ’اوڍر‘ بہ ھتي ئي اکيون کوليون. شاھ لطيف پکي ٿر تان ڀيري ڪرڻ وقت، سمن جي سردار ’پانڊپ‘ کي واکاڻيو آھي؛ فرمايو اٿس: 

پَانڊَپَ سين نہ پَاڙِيان، سَوين ٻيا سَردارَ،

آھي مِثِل مِينھن جي، سَخِي تنھنجِي سارَ، 

حاتِمَ ھَزدَه ھزار، جَھڙَ تنھنجي جَھپِيا.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 5، ص:903)

شاھ لطيف، ضرورتمندن کي ’پانڊپ‘ ڏانھن وڃڻ جو ڏس ٿو ڏي: جي تون آسائو آئِيو، تہ وَانءُ پانڊَپ پاسِ،

گهوڙا ھيوَرَ ھَٿيَا، وَٺِي آءُ وٽاسِ،

پَرِيندھِين پيياس، سُتِي سَخَاوَتَ جي. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 4، ص:140) پکي ٿر جي مٿير مڙس، ’اوڍر‘ کي پڻ شاھ لطيف ياد ڪيو آھي ۽ چيو آھي تہ:

تُون اَوڍَر تُون اوڍَڪَو، تُون اَجهو تُون آڳُ،

ھِتِ پُڻِ تُنھنجو تَڪيو، مَهند بہ تُنھنجو ماڳُ. 

سي لوڙِيُون ڏِينِ نہ لاَڳُ، جي اَجهي آيوُن اَبَڙي. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 3، بيت 1، ص:144) 

اوڍر جو اولاد پوءِ، پٽيھل واريءَ جُوءِ ڏانھن لڏي ويو، جتي پڻ ’اوڍر‘ جو شھر قائم ٿيو. پٽيھل تان ڀيرو ڪرڻ وقت انهيءَ ڀيڻيءَ تان پڻ شاھ لطيف ڀيرو ڪيو ھو، پر اُن کي شاھ لطيف رسالي ۾ ڪونہ آندو آھي. سندس اڳيان رڳو اوڍر سمو ئي مثال ھو، جيڪو وڏو سخي ٿي گذريو آھي. ھن وقت ھيءَ ايراضي ديھ پکو ٿر، ضلعي مٺيءَ ۾ آھي، شاھ لطيف جن جن وسندين تان پير گهمايا، سي ڀيڻيون ھاڻ ويران ٿي وئيون آھن. ھن تر ۾ چانڊين ۽ ملاحن جا ايڪڙ ٻيڪڙ ڳوٺ آھن، جن ۾ ڳوٺ شير خان چانڊيو ۽ علي محمد چانڊيو، ۽ چرياڻي ملاحن جا ڳوٺ آھن، ھتي باھو فقير چانڊئي جي قبر بہ آھي. باقي سڄو علائقو ويران آھي.

شاھ لطيف جي ’مُھڙا‘ ۾ پِيرُو کٽيءَ سان ملاقات

کوسڪيءَ ۽ ڪڍڻ جي وچ ۾، ھيبت فقير جي درگاھ جي ويجهو، ديھ ڪنڀارڙي، تپي مٺي، تعلقي بدين ۾ ’مھڙا‘ جو قديم شھر آباد ھو. اھو شھر ’ڄام مُھڙ‘ قائم ڪيو ھو. اھو آستان پوءِ دڙي جي صورت ۾ قائم رهيو. بعد ۾ انهي آستان تي ’مليري‘ (لوئيءَ جو قِسم) ٺاھيندڙ کٽي اچي رهيا، جن مان پيرو کٽي عرف احمد کٽي مليريون ٺاھڻ جو وڏو ماھر ھو. شاھ لطيف کي ھُن ھڪ دفعو مليري کٿو تحفو ڪري ڏنو ھو. شاھ لطيف جڏهن پيرؤ وٽ آيو، تڏهن مھڙا جو ڌڻي ’مُھڙ‘ (سخي ڄام مھڙ سمو) کيس ياد آيو، جيڪو وڏو سخي ٿي گذريو ھو. انهيءَ خاندان مان پوءِ ڳھڙ سمو پڻ پيدا ٿيو، جيڪو وڏو سخي ٿي ساماڻو ۽ پنھنجن وڏن جو نالو روشن ڪيائين.

ڳھڙ جي اوطاق تي ھزارين ماڻهو ايندا ھئا ۽ ھو انهن کي سندن شان وٽان ڏاڻَ ڏيندو ھو، ۽ انهيءَ ڳھڙ جي ڳڃڙي (اوطاق، درٻار) سنڌ ۾ مشھور ٿي ويئي. شاھ لطيف سندس ڳڃڙي کي تہ ڳايو، پر سندس وڏي مھڙ (وڏي ڏاڏي) کي بہ نہ وساريو، جيڪو پَکي ٿر مان لڏي، ھتي اچي رهيو ھو، ۽ ’مھڙا‘ شھر قائم ڪيو ھئائين. شاھ لطيف انهيء ڳالهہ ڏانھن اشارو ڪندي چيو تہ:

ڳُھُڙُ ڳالَهائِي، مُهُڙَ سَڀَ مَلهائِيا.

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 14، ص: 141) 

سَما تو سِرِ ڇَٽُ، نا تہ پاڳارا پُرِسَ ٻِئا،

ڳُھُڙَ تُنھِنجي ڳَڃَڙي، اچي جَالَ جَڳَٽُ،

جِنہِ جيھو ئي پَٽُ، تِنہِ تيھا ئِي بِکَيا. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 1، بيت 15، ص:141)

شاھ لطيف جڏهن مُھڙا تان ڀيرو ڪري رهيو ھو، تڏهن نڪو ’مُھڙ‘ ھو، نڪو ’ڳَھڙ‘، پر سندن سخاوت جون ڳالهيون ملڪ ۾ ھلي رهيون ھيون. تن کي آڏو رکي، شاھ لطيف، ڳھڙ ۽ مھڙ (ڄام ڳھڙ راءِ ۽ ڄام مھڙ راءِ سخي حڪمران) کي ڳايو. پيرو کٽيءَ سان ملاقات ڪرڻ کان پوءِ شاھ لطيف، عزيز فقير جي آسڻ ڏانھن ھليو ويو. انهن ڀيڻين تي ھاڻي پيرو کٽيءَ جو اولاد نٿو رهي ۽ انهن اُتان لڏي وڃي نندي، ڪڍڻ ۽ بدين ۾ پنھنجا اجها اڏيا ۽ مليري کٿيون ٺاھڻ جي بدران ٻي ڪرت ڪري پنھنجو گذر سفر ڪن ٿا.

شاھ لطيف جو عزيز فقير جي ڀِٽ تان ڀيرو

ھيبت فقير جي ڀرسان، عزيز فقير جي ڀِٽ آھي، جنھن کي عام لھجي ۾ اتي جا ماڻهو ’عجيج فقير‘ ڪري ياد ڪندا آھن. شاھ لطيف ’عجيج فقير‘ جي ڀِٽ تان بہ ڀيرا ڪيا. اتان ٿي ھو، آنھيري ۽ دُنبڙي ترائيءَ ۾، گهنور جت وٽ ويو.

شاھ لطيف جو دُنبڙي تَرائيءَ تان ڀيرو

شاھ لطيف، عزيز فقير جي ڀِٽ تان ڀيرو ڪري، آنھيريءَ جي ڀرسان، دنبڙي ترائيءَ ويجهو، گهنور خان جت جي ڳوٺ ۾ اڪثر ايندو ويندو ھو، ۽ اتي ترسندو بہ ھو. گهنور جت جيڪو ساڻس ھر وقت سفر ۾ ساٿي ھوندو ھو، تنھن جي ڀائٽيءَ کي شاھ لطيف کان ڪوبہ پردو ڪونہ ھوندو ھو. گهنور جي ڀائٽي، شاھ لطيف جي تمام گهڻي خدمت چاڪري ڪندي ھئي.

ھڪ ڀيري جي ڳالهہ آھي تہ، مھڙا جي مشھور پيرو کٽيءَ عرف احمد جڏهن ٻڌو تہ شاھ لطيف گهنور جي ڳوٺ آيو آھي، تڏهن پنھنجو خاص ٺاھيل ملير (لوئيءَ جو قسم) حُب مان کڻي، اچي شاھ لطيف جي ڪلهن تي رکي ۽ سندس پوئلڳ ٿيو. اھڙي جذبي کان متاثر ٿي، شاھ لطيف جي خاص مريد رکئي لُنڊ، پيرو کٽيءَ مٿان ٻہ اُٺ گهوري ڇڏيا. جيئن تہ اُھي اُٺ، شاھ لطيف جي مريد جا گهوريل اُٺ ھئا، انهيءَ ڪري پيرو کٽي، انهن اٺن جو لطيفي نسبت سبب ڏاڍي سنڀال ڪندو ھو. ھن اھي اُٺ، پوءِ سومي ريٻاڙيءَ کي ڏيئي ڇڏيا، جيڪو پڻ شاھ لطيف جي معتقدن مان ھو. ھُو بہ انهن اُٺن جي خدمت چاڪريءَ ۾ وسان ڪونہ گهٽائيندو ھو، ۽ ڀرسان ھڪ سڄو سارو ڊھو، انهن اٺن لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ھئائين، جنھن ۾ اھي اُٺ پيا چرندا ھئا. اڄ سوڌو اھا جڳھ ’اُٺ ڊَھي‘ جي نالي سان مشھور آھي، جا ھن وقت ديھ کاڙڪ، تپي ڪلوئيءَ، تعلقي ڏيپلي ۽ ضلعي مٺيءَ ۾ آھي. ھي علائقو، ڪاجهر جي نالي سان بہ سڏجي ٿو، ھتي ڪلوئيءَ جو قديم شھر بہ ھو. اُٺ ڊھي جي ڀرسان، ھڪ مقام بہ آھي، جنھن کي ’ڪارن جو قبرستان‘، سڏبو آھي. اُٺ ڊھي جي اتر طرف بزرگ جلال شاھ جي مزار، ’اڇي قبر‘ جي نالي سان مشھور آھي. ھن جُوءِ ۾، ھڪ ديھ جو نالو بہ ’ديھ اُٺ ڊھو‘ آھي. پر اُٺ ڊھي واري ايراضي، ديھ کاڙڪ ۾ آھي. اُٺ ڊھي کان ٿورو ئي پرڀرو، ڳوٺ حاجي ابراھيم خاصخيلي آھي. ھن ڳوٺ جي پاڻيءَ جو تڙ اُٺ ڊھي لڳ آھي، ھتي 200 فٽن تي (Hand Pump) نلڪي ذريعي ڳوٺاڻا جيڪو پاڻي پيئن ٿا، سو صحت لاءِ نقصانڪار آھي. ھتان آنھيري ۽ دُنبڙي ترائي لڳ ڀڳ 16 کن ڪلوميٽر اوڀر طرف آھن. اُٺ ڊھي تي اچڻ لاءِ آسان رستو بدين کان نئين ڪوٽ وارو آھي. ان روڊ تي 40 ڪلوميٽرن تي ونگي ولاسي واري جُوءِ پھچي، وري 6 ڪلوميٽر اتر طرف ھلبو تہ ڳوٺ حاجي ابراھيم خاصخيلي ايندو، جنھن جي ويجهو ئي اتر طرف ’اُٺ ڊھو‘ آھي.

انهيءَ ساڳئي گهنور جت جي ڳوٺ تان ڀيرو ڪرڻ وقت رکيو لُنڊ پنھنجي گهر وارِي ۽ پُٽ سميت شاھ لطيف جو مريد ٿيو ھو ۽ پوءِ لنڊ فقيرن شاھ لطيف کان راڳ پڻ سکيو ھو. شاھ لطيف ڳوٺ گهنور جت تان سال ۾ ھڪ ڀيرو ضرور ڪندو ھو.

شاھ لطيف جي ماڙي يا ڀٽائيءَ جو پَڊُ

دُنبڙي ترائيءَ جي ڀرسان عزيز فقير جي ڀٽ جي ويجهو شاھ لطيف پنھنجي حويلي قائم ڪئي ھئي. انهيءَ حويليءَ ۾ ڪافي وقت گذاريائين. اھا حويلي ونگي ۽ ولاسي جي سرحد تي واقع آھي. اتان ونگو ٿوري پنڌ تي موجود آھي، جتي جمال شاھ رهندو ھو، جيڪو پوءِ شاھ لطيف جو گادي نشين ٿيو.

شاھ لطيف جا ٻيلي تان ڀيرا

مٺيءَ جي ويجهو، پُراڻ جي اولهہ پاسي، پَکي ٿر جو ٻيلو ھوندو ھو. انهيءَ ٻيلي جا مالڪ پکي ٿر جا سما ھوندا ھئا، اُھي ’ٻيلي ڌڻي‘ سڏبا ھئا. اُتي جا سما، ٻاھر ويا تہ انهن ساڳي نسبت کي زندہ رکڻ لاءِ پاڻ کي اتي جي ٻيلي سان لاڳاپيل رکيو ۽ پنھنجي پراڻي ماحول کي نئين ماحول ۾ ضم ڪيو. لاڙ ۾، پکي ٿر وارو ٻيلو مڙني ٻيلن کان قديم آھي. اوڍر، ڳھڙ، مھڙا، انڙ، جکرو ۽ ٻيا سڀ انهيءَ ٻيلي جي نسبت سان ياد ڪيا ويا آھن. شاھ لطيف پڻ انهيءَ ٻيلي کي ڳايو آھي، جو شاھ لطيف جا عزيز بہ پکي ٿر ۾ رهندا ھئا.

ھن ٻيلي جي ڌڻين مان گرنار وارا سما بہ ھئا. مٿئين ذڪر موجب جکرو پڻ انهيءَ ٻيلي سان لاڳاپيل ھو، انهيءَ ڪري شاھ لطيف فرمايو آھي تہ:

ڪَري آسَ اَپار، پاريءَ جهلِيو نہ رَهي،

ٻيلي ۽ گرنار، اُٺو گنگا جَرُ جکرو.

(شاھواڻي، غلام محمد، (2005ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر بلاول، داستان 2، بيت 13، ص:901)

ھتي جيڪي بہ قبيلا رهيا، سي ٻيلائي سڏيا ويا. شاھ لطيف، ٻيلي متعلق جيڪي بہ بيت چيا آھن، سي گهڻي قدر ھن ٻيلي سان لاڳاپيل آھن. شاھ لطيف ھن ٻيلي تان ڪيئي ڀيرا ڪيا. 

ڏَڏُ ٿِي ڏانُ گهُرِ، ڇَڏِ وِڄا جي وائِي، 

سَٻَڙَ راتِ سَنباھِيَا، تازِي تو لائِي، 

جو ڄاڻي نہ ڪائِي، تِنہ ٻيلي ڌَڻي ٻاجهہ ڪِي. 

(بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر، (2009ع)، ’شاھ جو رسالو‘، سُر پرڀاتي، داستان 2، بيت 3، ص: 150).

شاھ لطيف جا رُونڪِين تان ڀيرا

َکي ٿر تان ڀيري ڪرڻ وقت، شاھ لطيف ڪڏهن ڪڏهن رُونڪين تان پڻ ڀيرو ڪندو ھو. ديھ مٺي، تپي مٺي، تعلقي بدين ۾ رُونڪيون نالي پکي ٿر جو مکيہ قديم آستان چيو وڃي ٿو. ڪڍڻ کان اوڀر طرف اٽڪل 13 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي، رونڪڙن جي ڀٽ تي پھچڻ سان رونڪين تي پھچي سگهجي ٿو. واٽ ۾ ’وڌاواھ‘ جا ڀڏا ٽپڻا پوندا. 1857ع کان اڳ اتان ’وڌا واھه‘ وھندو ھو، جو پوءِ سُڪي ويو. ھينئر رڳو انهيءَ جا آثار باقي آھن.

رونڪين ۾ گُجر بہ رهندا ھئا ۽ اھي سومرن سان اصل ٺھندا نہ ھئا. سومرا اسماعيلي عقيدي جا ھئا، انهيءَ ڪري بہ سندن وچ ۾ ٽڪراءُ پيو ٿيندو ھو. سياسي ڇڪتاڻ پڻ انهيءَ جهيڙي ۾ شامل ھوندي ھئي.

روايت آھي تہ، جڏهن علاؤالدين خلجيءَ جو لشڪر سومرن تي ڪاھي آيو، تڏهن رونڪيون پڻ رَتَ جي ڳاڙهي رنگ ۾ رنڱجي ويون. ھتي جو گُجر حاڪم ’راوت‘، سومرن جي سيناتنگيءَ سبب اڳي ئي سومرن جي خلاف ھو، جنھن سومرن جي خلاف باقاعدي جنگ جو ڍنڍورو ڏياريو ھو. سومرن، علاؤالدين جي لشڪر جي اچڻ کان اڳي ئي رونڪين کي تلوار جو کاڄ بڻائي ڇڏيو ۽ راوت کي رت ۾ وھنجاري ڳجهن جو ڳاھ بنايو ھو.

شاھ لطيف جي ميين مُرکئي سان ملاقات

پُراڻ جي ڪناري تي، ڳوٺ شادي ڦڙدي جي ڀرسان شاھ ڪريم بلڙائيءَ جو پيڙهياتو مريد، ميون مُرکيو رهندو ھو. ھي بزرگ ونگي ولاسي جي مڙني روحاني اڃايلن جي اُڃ اُجهائيندو ھو. جيئن تہ شادي ڦڙدي جي ڀرسان ئي ونگو نالي شھر آباد ھو، جنھن ۾ شاھ لطيف جو عزيز جمال شاھ رهندو ھو، ۽ انهيءَ وٽان شاھ لطيف تڪڙا ڀيرا ڪندو ھو، انهيءَ ڪري شاھ لطيف، ميين مُرکئي کان روحاني تعليم حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪيو ۽ سندس خدمت ۾ پھچي، نہ رڳو روحاني درجا حاصل ڪيا، پر کانئس ديني ۽ دنيوي فيض پڻ پرايو. شاھ لطيف انهيءَ بزرگ وٽ ڪيترائي ڀيرا ھلي ويو. ھن کانئس جيڪو فيض پرايو، اھو پنھنجي خاص خليفي سومار فقير جي حوالي ڪيو، جيڪو شاھ لطيف جي فقيرن کي روحاني فيض ڏيندو ھو.

حقيقت ۾ سومار فقير، ننگر ٺٽي واري، مُرکئي فقير کان فيض ورتو. جنھن جو سرچشمو، شاھ ڪريم بلڙائي ھو، پر جيئن تہ شاھ لطيف کي اھو فيض مُرکئي کان مليو ھو، انهيءَ ڪري ھو مرکيي جو بيحد احترا م ۽ ايتري قدر خيال رکندو ھو، جو ھن پنھنجي والد حبيبشاھ جي مقبري جو در، شاھ ڪريم، ميان لعل محمد للاڻيءَ ۽ ميين مرکئي جي نسبت سبب ڏکڻ طرف ڪيو ھو. انهيءَ مان انهن بزرگن جي عقيدت جو اظھار ٿئي ٿو. شاھ لطيف سڄي ڄمار احترام وچان پنھنجي پاٿاريءَ جي پيراندي انهيءَ طرف نہ ڪئي ۽ ھميشه ٻئي پاسي پير ڊگهيريندو ھو.

شاھ لطيف ميين مرکئي کي پنھنجو روحاني ۽ دنيوي رهبر مڃيندو ھو. اُتي جو مشھور وڏيرو حسن راھو، شاھ لطيف سان نہ ٺھندو ھو ۽ سندس مخالفت ڪندو وتندو ھو. انهيءَ تي شاھ لطيف چيو ھو تہ:

”حسن راھو ھن جو، منھنجو آھي ميون.“

اھو ميون مُرکيو سڄي ڄمار شاھ لطيف جو رهبر ٿي رهيو ۽ شاھ لطيف بہ سڄي ڄمار سندس مداح رهيو.

شاھ لطيف جا مُلَڪو دڙي تان ڀيرا

ھي ڳوٺ، تعلقي ٽنڊيالھيار ۾، ’ميين مشائخ ھوٿيءَ‘ واري ماڳ کان اٽڪل ٻہ ڪلوميٽر، ڏکڻ طرف موجود آھي. ھن ڳوٺ ۾ حافظ ميون اسحاق بنوري مڪتب ۾ پڙهائيندو ھو. پاڻ وڏو عابد ۽ زاھد ھو.

شاھ لطيف، انهيءَ ڳوٺ ۾ ميين صاحب وٽ ڀيرا ڪندو ھو. مشائخ ھوٿي ۽ ’مُلڪو دڙي‘ جي مقامي ماڻهن ۾ روايت مشھور آھي تہ، ھڪ دفعي ميون صاحب، ٻارڙن کي پڙهائي رهيو ھو تہ، شاھ لطيف جو وٽس اچڻ ٿيو ۽ کيس مليو، ۽ پُڇيائين تہ: ’ادا پاڙهين ٿو يا کارين ٿو؟‘ حافظ صاحب جواب ڏنو تہ: ’جي کاريندس تہ بہ لطيف ٿيندا‘ (يعني اکرن ۾ کريا، تہ بہ اخلاق ۾ لطيف يعني نيڪ ۽ پاڪ ٿيندا.) شاھ لطيف اشارو سمجهيو، ۽ ساڻس وڏي محبت مان مليو، ۽ پوءِ ڪيترائي ڀيرا ساڻس ملڻ لاءِ ڀيرا ڪيائين.

شاھ لطيف جو راھمڪي بازار وارو حُجرو

شاھ لطيف راھمڪي بازار جي ڀرسان ڏکڻ طرف اٽڪل 1ڪلوميٽر پنڌ تي ھڪ ڀٽ تي اچي رهيو. انهيءَ ڀٽ ھيٺان ڪنڊي ھئي، ان ڪنڊيءَ ھيٺان سندس تڪيو ھو، اُھا ڀٽ، کيس ايتري پسند آئي، جو فيصلو ڪيائين تہ: ’آءٌ سڄي ڄمار ھتي ئي رهندس.‘ پوءِ اُتي پنھنجو حجرو ٺاھي رهي پيو. ڀرسان ھڪ ٻيو روحاني پيشوا، حسين شاھ ھو، جنھن شاھ لطيف کي منع ڪئي تہ: ’تون ھتي نہ ره، ڇو تہ اسين ھتي اڳيئي رهيا پيا آھيون. ان ڪري تنھنجي گنجائش نہ آھي،‘ پر شاھ لطيف چيو تہ: ’ڏيھ ڏاتار جو آھي. مون کي ھيءَ ڀٽ وڻي ٿي. آءٌ اتي ئي رهندس، وڌيڪ جيئن رازق کي منظور ھوندو، تيئن ٿيندو.‘ ڪجهہ عرصي کان پوءِ، حسين شاھ وفات ڪري ويو. سندس معتقدن مٿس مقبرو جوڙايو. انهيءَ دوران شاھ حبيب، شاھ لطيف وٽ آيو ۽ کيس پنھنجي ڳوٺ ھلڻ لاءِ چيائين. شاھ لطيف پنھنجي پيءُ جو چيو موٽائي نہ سگهيو ۽ ڳوٺ موٽڻ جو فيصلو ڪيائين. ڪن معتقدن اھا روايت بيان ڪئي آھي تہ، ان کان پوءِ حسين شاھ جي مقبري کي آرپار اولهہ کان اوڀر طرف ٻہ وڏا ڏار پئجي ويا ۽ مقبري ھوندي بہ حسين شاھ جي قبر تي صبح توڙي شام ڪاڙهو ايندو آھي. وڃڻ مھل شاھ لطيف انهيءَ ڀٽ مان واريءَ جي مُٺ ڀري کنئي ۽ موجودہ ڀٽ تي وڃي ڇٽڪاري، جنھن ۾ پڻ ڪجهہ ساڳيون خاصيتون قائم رهيون. شاھ لطيف جي وڃڻ کان پوءِ انهيءَ تڪيي تي شاھ لطيف جا ڪنڀار مريد ڏيئو ٻاريندا آيا. انهيءَ حُجري تي سال بہ سال چيٽ مھيني ۾ ميلو لڳايو ويندو ھو، ۽ شاھ لطيف جو راڳ پڻ ٿيندو ھو. انهيءَ ميلي ۾ ’ڏِنگ‘، ’شڪور‘، ’علي بندر‘ ۽ ’وِلاسي‘ جي ايراضيءَ ۽ ڀرپاسي وارا ماڻهو شامل ٿيندا ھئا، ۽ شاھ لطيف جو راڳ پڻ ٻڌندا ھئا. ھن وقت اھا تڪيي واري جاءِ, پاڪستان رينجرز جي ڇانوڻيءَ لڳ ڏکڻ طرف آھي. سواءِ ڳوٺاڻن جي ٻيو عام ماڻهو ھن طرف نہ ٿو اچي سگهي، ڪنھن سال ميلو ڪرڻ ڏين ٿا تہ وري ڪنھن سال منع ڪري ٿا ڇڏين، حسين شاھ جي مزار ھن وقت بہ اھڙيءَ ريت ٺھيل آھي، جو مزار جي اندر صبح توڙي شام جو سج جا ڪرڻا پوندا رهن ٿا، رات جو ڍانڍي ڳوٺ جا سيد جيڪي مزار جا مجاور آھن، سي ڏيئو روشن ڪندا اچن. شاھ حسين جي مزار تي اچڻ لاءِ ڪَڍڻ ڏيپلي روڊ تي, 40 ڪلوميٽرن کان پوءِ ڏانداري اسٽاپ کان ڏکڻ طرف ڪچي روڊ سان 4 ڪلوميٽر ڍانڍي يا ڍنڍ ڪرو ڳوٺ اچبو آھي، جتان ھڪ ڪلوميٽر اولهہ طرف حسين شاھ جي مزار پري کان پڌري آھي. ھيءَ درگاھ ھن وقت يونين ڪائونسل ٻولهاڙي، ديھ لياري، تپي راھمڪي بازار، تعلقي ڏيپلي ۽ ضلعي ٿرپارڪر ۾ آھي. ھن مزار جي اتر طرف لياري، ڏکڻ طرف ڪانجهي ڪوٽ، الهندي راھمڪي بازار ۽ اڀرندي طرف ڍنڍيءَ، نالي ڳوٺ موجود آھن.