ڇِڄَنِ بابت
معنيٰ
ٽُٽَنِ، ڀَڄن. ڌارَ ٿين، جدا ٿين، الڳ ٿين. هَڄن، ٿَڪِجن.
To break, snap, break down. To fall, subside a flood of water.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَوين سائِرَ گَجَنِ، تَہ سَھجُ نَہ مَٽِي سُهڻِي، ڪِ ڪي نِينھَن ڇِڄَنِ، پَرِ تَنھِين پِرِيَنِ سين.[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- ڇُلان تَہ ڇِڄَنِ پيرَ، وِھان تَہ وَڃَنِ نِڱِئو، مُون جِيئَن ڪَندِي ڪيرَ، جَتَنِ پُٺِيءَ جُلهُون.[ سُر ديسي - جبل ڏي نہ جواب ]