مَلَڪُوتَ بابت
معنيٰ
بادشاهت، بادشاهي، حڪمراني. حڪومت، سلطاني ، تاجداري. ارواح، عالم معنيٰ، عالم الغيب. فرشتن جي عبادت جو مقام. فرشتا، ملائڪ، مَلَڪ.
Dominion, kingdom, divine, magnificence, unseen world, the world of angels or spirits, according to Islamic theology, the second world of the above nine worlds.
بيتن ۽ وائين ۾
- نِڱِئا ناسُوتان، مَڻِئائُون مَلَڪُوتَ ڏي، جوڳِي جَبَروتان وَڄائي واٽَ ٿِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- قافَئُون قَرابَتَ ڪُڙِمَ کان، ڇِنِي ڇَڏِيائُون، لاھُوتَ ۽ جَبَرُوتَ جا، اُھِڃَ آندائُون، ناسُوتَ ۽ مَلَڪُوتَ ۾، گِهڙِي گهارِيائُون، فَبَصَرُڪَ الْيَوْمَ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]