سَنگُ بابت
معنيٰ
سنگت، صحبت، دوستي، ياراني. گاڏيپو، لاڳاپو، ناتو، ملاوت، رِلملائي، گڏجاڻي، همراهي، ميل، ميلاپ. محبت، پيار، ڀائپائي، شراڪت، پنگت، ساٿ. جماعت، سٿ، مَنڊِلي، مجلس، سڀا.
Companionship, society, company, fellowship. A body of pilgrims. A head of gram, ear of corn. A cone shaped or paramedical lump of sugar candy. Computation.
بيتن ۽ وائين ۾
- مَحَبتَ جي مَيدانَ ۾، ڪِي جو آھي رَنگُ، ڪوڙيِين وِئا ڪيتِرا، نِينھَن نِباھي نَنگُ، عِشقُ نانگُ نِسَنگُ، خَبَرَ کاڌَنِ کان…[ سُر يمن ڪلياڻ - محبت جو ميدان ۽ ڪانُ ]
- نانگا نَنگا نِڱِئا، نانگَنِ مَٿي نَنگُ، نَڪِي وَڄائِين سِڱِيُون نَڪِي چورِينِ چَنۡگُ، گَنگا ۽ گِرنارَ جو، سامِينِ ٻَڌو سَنگُ، راوَلُ…[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- صِفَتَ سَنگُ اَحَدَ سين، اَحَدُ صِفَتَ ريءَ ناھِ، اُنھُ ۽ آھِ، ٻَئِي ٻِيائِي ٿِئا.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]