دُونھُون بابت
معنيٰ
دکندڙ، باھ مان نڪتل ڪاري هوا، دونھن، دُودُ. ڪاراڻِ، ڪارَٺِ. بُخار، ٻاڦ، اُٻَ. واسُ، ڌُوپ. ڪک، ڪَھَڄَرُ ۽ سُڪَلَ ڇيڻي جو باھ ڏنل ڍڳُ.
Smoke, fume, vapor. A smoking fire.

بيتن ۽ وائين ۾
- سُونھان چائِين سُڌِ نَہ ڏِينِ، ڪو نَہ سُڄي سُونھون، دُکائي دُونھُون، وَٽان مُون واٽَ ٿِئا.[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- دالَئُون دُونھُون دَردَ جو، دِلِ ۾ دُکائِينِ، آڻِئو آڳِ عِشقَ جِي، چَقمَقُ چُهٽائِينِ، جِيءُ پَنھِنجو جوشَ ۾، پَل پَل پَچائِينِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]