آسَڻُ بابت
معنيٰ
وِهڻي، ويهڻ جو نمونو، وِهڪَ. وهِڻ جي جاءِ، بيٺڪ، گدي. پاٿاري،وِهَڪَ. آستان، ماڳ، تڪيو، مڪانُ. فقيراڻو تڪيو، اوتارو، آستانو.
Sitting place, position of sitting. Posture in coitus or yoga.
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ جي عَمِيقَ مان، چُڪو چَکِيائِين، وِھَڻُ تَنھِن وِھُ ٿِئو، گهَرُ ٻارُ گهورِيائِين، الاللهَ آسَڻُ ڪَري، سَرِيرُ سوجِهيائِين، مَن عَرَفَ…[ سُر سھڻي - جيئري، ساھڙ ڌاران ]
- جُزُ وِڃايو جوڳِيين، ڪُلَ سين آھِينِ ڪَمُ، آسَڻُ جَنِ عَدَمُ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]