ڪِلا بابت
معنيٰ
ڪاٺيءَ يا لوھ جا چهنبيارا ٽڪر، وڏا ڪِلا، ڪِلَ، وڏا ڪوڪا، ميخون، ڪيرا، ڪيرَ، کونٽا، چوبَ،
Spikes.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنڌِيءَ ڀَرِ ڪِلا، دُونھان دوسِتَ ميھارَ جا، لَهِرِنِ ۾ لَطِيفُ چئَي، دَھِلِجِ ڪِيمَ دِلِا، مَتان ڪا گِلا، ساھَڙُ سَمُنَ جِي…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- ساوَڻَ مَڇَ نَہ موٽِيين، بَڊي ڪِيَئِي اُڪِيرَ، گهَٽَ ۾ گهاتُوئَڙَنِ جا، کُتَئِي ڪِلا ڪِيرَ، تَڏَھِين سارِيَئِي سِيرَ، جَڏَھِين مَڇَ ڦاٿين…[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]
- کَڻُ بورائُو بازَ کي، ڳِجَهہ مَ ڳَري لاءِ، آھي اِنَ اَنڌِيءَ جِي، جِيفي پاسي جاءِ، کاڄُ اُھوئِي کاءِ، ھُو جو…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]