ڪَپي بابت
معنيٰ
وڍي، ڪاٽي، ڪٽي. ڪتري. جُدا ڪري، الڳ ڪري، ڌار ڪري، ٽوڙي، ڇني، پَٽي. چَھَڪ ڏيئي، زخمي ڪري، چير ڏيئي. ٻيرا ڪري. ڳَترا ڪري، ٽُڪر ٽُڪر ڪري.
To cut.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪِئائُون قَلبَ کي، طَرَحَ تَنُورا، جيرا جِگرَ بُڪِيُون، ڪَپي ڪِئائُون ڪورا، سِيخُنِ ۾ سُورا، تَرِيائون تَرتِيبَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- سِڪَ تُنھِنجِي سُپِرِين، ڪَپي ۽ ڪوري، سَگهان نَہ چوري، ڏاڍو نِيَرُ نِينھَن جو.[ سُر سھڻي - تران، سڀت، ڏٺي ڏينھن ]
- ڏيرَنِ کي ڏائو، ھيرَ ھَلَندي مَ ٿِئي مانَ وِرمَنِ وِچَ ۾، پوئينِ پارائو، رِڃُنِ جو رائو، ڪَپي پيرَ پِيادِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- مَتان ڪا ٻَڙِي، ٻولِ ٻاروچي وِسَھي سَندِي جِيءَ جَڙِي، ڪَپي ڪوھِيارو وِئو.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]