کاڻا بابت
معنيٰ
جليا، سڙيا، (عشق جي باھ ۾) پچيا.
Those who burnt themselves.
بيتن ۽ وائين ۾
- کاڻا تَنِ کَٽِئو، اُجَهاڻَنِ اُونداھِ، جَنِ اَندَرِ ٻَرِي باھِ، اِيءَ سُڌِ سَڀَڪا تَنِ کي.[ سُر يمن ڪلياڻ - باھ ۽ ساڙو ]
- پَتَنگَنِ پَھُ ڪَري، اَچِي اُجهائِي آڳِ، ڪِينئَنِ کي قُرِبَ جي ڪا جَا لَڳِي لاڳِ، مِڙِي سَڀَ ماڳِ، کاڻا کُوري وِچَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- کاڻا کُوري وِچَ ۾، وِئا پَتَنگَ سَڀَ پَچِي، اُنِهين وَٽِ آتِش جي، سَڀَڪا سُڌِ سَچِي، موٽِئو ڪونَہ بَچِي، کامِي مِڙيئِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سِري وَٽِ سَھائي، اَچِي پِئا آڳِ ۾، ڪُڏِي سَڀَ ڪاھي، لاڳاپا لاھي، کاڻا کُوري وِچَ ۾.[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- پُرِي پَتَنگَ آئِيا، سائُو سَڀَ سَري، کاڻا کُوري وِچَ ۾، مَنجهان قُرِبَ ڪَري موٽِئو ڪو نَہ وَري، اُڇَلَ پَسِي آڳِ…[ سُر يمن ڪلياڻ - پتنگ ۽ باھ ]
- کاڻا لاڻا ڪَرَھا، چانگا ھَڏِ مَ چَرُ، سُڄي ٿو سَيِّدُ چئَي، اَڳِئان بيدِي بَرُ، ڍَڪِيءَ ھَلِي ڍَرُ، تَہ کَرَنِ خَبَرَ…[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]