ويتَرِ بابت
معنيٰ
اڃان بہ وڌيڪ، تمام گهڻو، حد زيادہ، تمام جهجهو، وري. وڌيڪ ۽ اجايو وڌيڪ، زيادتي.
Very much, very greatly.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڦِٽو ڦوڙائو، وَرِئو وَرَقُ وِصالَ جو، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، ڏُوران ڏيکائو، ھِينئَڙو اَڳَ ڍائو ، ويتَرِ پِرِيَنِ پَراھِئو.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]
- ويراڳِي وارَنِ کي، ڇَوِيھِينءَ ڇوڙِينِ، لايو خاڪِ لِڱَنِ کي، جَٽائُون جوڙِينِ، سِڱِيُون نِيو سُڃَ ۾، کاھوڙِي کوڙِينِ، ويتَرِ ٿا ووڙِينِ،…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]