مَھَلَ بابت
معنيٰ
ٽاڻو، ويرم، عرصو، سمون، وير. ويل، ويلو، ساعت، گهڙي، پل. دير، ڍر، آهستي. مُند، موسم، رُت، فُرجو، مھا، فرصت، مُدو، مَعياد، نؤبت، صاحبي، ايام ڪاري. دفعو، ڀِڙڪو، وار، لڱا، ڀِڙڪ وارو، گهمرو. موقعو، وجهہ.
Time, moment.
بيتن ۽ وائين ۾
- نِرتِي تَندُ نِيازَ سين، ٻُرائِي ٻِيجَلَ، راجا رَتولَنِ ۾، اونائِي اَمُلَ، رازُ ڪِئائِين راءَ سين، ڪَنھِن موچارِيءَ مَھَلَ، اَنَا اَحْمَدٌ…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]