مَڪي بابت
معنيٰ
عربستان جو هڪ مشھور شھر، حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جن جي ڄمڻ جو شھر. مڪه مڪرمه .
A famous city of Saudi Arabia, where Prophet Muhammad (PBUH) was born.

بيتن ۽ وائين ۾
- مَ ڪِي ھيجِ مَ ھوجَ، تَرسُ مَ تاڻِ جَھازَ، چَئُہ ڪَلمُو مُحَّمَدَ تي، تَہ اَڳِيان اَچي اوڄَ، تَہ سَھکِيءَ ڀَتِ…[ سُر سريراڳ - تياري ۽ ساٺ ]
- مَڪي کان ٿِي موٽِيُون، اُٺِيُون تي عَرَفاتِ، روضي پاسِ رَسُولَ جي، ريجَهہ ڪِيائُون راتِ، وِڄَڙِيُون پِرِڀاتِ، موٽِي مِصِرِ آيُون.[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- جِتِ نَہ پَکِيان پيرُ، تِتي ٽَمَڪي باھَڙِي، ٻِئو ٻارِيندو ڪيرُ کاھوڙَڪِيءَ کيرَ ري.[ سُر کاھوڙي - گنجي ٽڪر، پکيان پير ]