لُنگُ بابت
معنيٰ
گوڏ يا سلوار هيٺان ڪپڙي جو لنگ، لُنگ ٻڌڻ جو ڪپڙو، ننڍي گوڏ، لانگوٽو، ڪڇو، چوتو، لانگوٽي، ننڍي چَڍِي، لانگوٽ.
The lingra of Siva. Membrum Virile. The piece of cloth tied round the loins.
بيتن ۽ وائين ۾
- جانۡ ساماڻِينءَ سَسُئِي، تَہ ويسُ وِڙَنِ جو ڪَرِ، لائي لُنگُ لَطِيفُ چئَي، ٿِيءُ بيکارِياڻِي بَرِ، تَہ ويندي پَوي وَرِ، اَڳِيان…[ سُر آبڙي - ٿڪيائي ٿر ٿيلهہ ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اِسلامان اَڳي ھُئِي سا ٻُڌائُون ٻانگَ، سامِي ڇَڏي سانگَ، گَڏِئا گورَکِناٿَ کي.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- لُنگُ ڪَڍِيائُون لانگَ، موٽِي ڪَنِ نَہ مَسَحو، اورِيندي اَلِفَ سين سُکَ ڇَڏِيائُون سانگَ، لاھُوتِي لَطِيفُ چئَي، آڌِيءَ ڏِينِ اُڇانگَ، ٻُڌائُون…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]