قَندِيلَ بابت
معنيٰ
شمعن ٻارڻ لاءِ شيشي جي رنگين پيالن وارو شمعدان.
A kind of hanging lamp.

بيتن ۽ وائين ۾
- ويٺِي پُوڄِي پِيرَ، سَسُئِي سَنگهَرَ پَٽِيين، اُسَ مَ لَڳي اُوٺِيين، ھاڙِھي لَڳي نَہ ھِيرَ، ڪارِيءَ راتِ قَندِيلَ ٻَرِيَمِ ٻاروچَن جا.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ڍَرَنِ تِتِ ٻَرَنِ، ڪوڙيِين قَندِيلَنِ جُون، رَھَنِ ڪَٽي ڪَنڌِيين، بوتا مَنجِهہ بَرَنِ، وَڻَ ٽِڻَ ڦُلَنِ ڇانيا، چانگا جِتِ چَرَنِ، وَڃِي…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- ويٺي ٻارِئَمَ ٻانگَ سِينءَ، ڪوڙيِين اَڄُ قَندِيلَ، ھئَي ھئَي ھَنجُون ھارِيان، مَنجهان سِڪَ سَبِيلَ، مَتان مُون کي ڇَڏِيين، جانِي لَڳِ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]
- سورَھين ڏِينھِن سَيِّدُ چئَي، ڪا بُولي ڪاھِين، چوتا چاڙِھئو چيلِهِہ تي، سَناسِي ساھِينِ، ڪِينَ قَندِيلَ ڪَڇَ مان، لاھُوتِي لاھِينِ، اِنَهِن…[ سُر رامڪلي - ڏھاڙي وارتا ]