شَيطانِي بابت
معنيٰ
شَيطان جو / جِي، شيطانڪو / شيطانڪِي، ڏاناسِرو. (اسم) شيطان جھڙو ڪم، حرڪت، لچائي. بدمعاشِي. فساد. خراب ڪم. جمع شَيطانِي.
Devilish, of the devil. (s. f) Devilment, devil’s tricks.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنھِن تَہ مُوسٰي جِھَڙو، سِيرَتَ شَيطانِي، بازِي بيرانِي، ڪَڍِي ڪوھُ نَہ ڇَڏِيين.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]