سِيباڻِي بابت
معنيٰ
وڻيل، پسند ٿيل. مناسب، لائق، دِل گهرِي، خواهان، سيبڻ. سُھائڻ، جُڳائڻ.
Liked, favourite, able, needed.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏيٺي سين ڏاتارَ، يارَ، ڪِي موچارِي مَڱڻي، اَچِي چارَڻَ نَہ چورِيين، ڪا جَا تَندُ تَنوارَ، سا سِيباڻِي راڄِيي، سَٻاجهي سَتارَ،…[ سُر سورٺ - وايون ]
- چَرَکو چوري ھَٿِ ڪَرِ، ھِيءَ ھَڏِ وِھاڻِي، ڪاپائِتي سَڀَڪا، ڪِتي سِيباڻِي، ڄاتو جَنِ ڄاڻِي، تَنِ پَھِي ھَٿان نَہ ڇَڏِي.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]
- ھيٺِنِ مَٿنِ ھيڪِڙِي، پاسَنِ پُراڻِي، رِيتِ اُنِ جي راءَ کي، سَمي سِيباڻِي، رِيجِهئو رِھاڻِي، ڪَري تَماچِي تَنِ سين.[ سُر ڪاموڏ - تڙ تماچِي آيو ]