سِياڻا بابت
معنيٰ
عقل وارا، عاقل، عقل مند. سمجهو، سمجهدار، گياني. داناءَ، تيز فھم، سگهڙ، اڪابر، زيرڪ، فھميدا. هنرِي. پڪا، تجربيڪار. طبيب، ڏاها. عيارَ. دورانديش.
Wise, sagacious, cunning, shrewd, sensible, intelligence.
بيتن ۽ وائين ۾
- اَدِيُون اَگِهي آھِيان، پِرِيَنِ پُڄاڻا، سي ڪوھِيارا ڪِيڻَ وِئا، ساڄَنَ سِياڻا، جٖي سَسُئِيءَ سِيباڻا، سي وَڃِي ڪيچِ قَرارِئا.[ سُر ڪوھياري - خودڪلامي ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها، اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا، تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]