دِلِاسو بابت
معنيٰ
ڏَڍُ، آسرو، دلجاءِ، تَسلي، تسڪين، آٿَتُ، دلداري. هِمَت، فرحت، آرام.
Comfort, encouragement, consolation.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُونگَرَ ڏُکويُون، تو ۾ اورَڻَ آيُون، اَچَنِ ڦوڙايُون، ڏِجِ دِلِاسو تَنِ کي.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]
- اُٿِي وَڃُ اَندوھَ، دوسِتَنِ دِلِاسو ڪِئو، مَولا سَڀَ مَعافُ ڪِئا، ڏُکَ، ڏَمَرَ ۽ ڏوھَ، جَا پَرِ لُھارِئين لوھَ، سا پَرِ…[ سُر بروو سنڌي - عاشق اکڙِيُون ]
- مُون کي ڏِنَڙو دوسِتَ دِلِاسو ڀَلو جيڏِيُون، ڏِنَڙو يارَ دِلِاسو، جُڙِي آھِيان، ھيڏانھَن ھوڏانھَن سُپِرِين، ڪيڏانھَن وارايان پاسو، ھَنڌَ حَويلِيُون…[ سُر بروو سنڌي - وايون ]
- راڻا تُنھِنجِيءَ راھَ تي، ويٺِي رُئان رَوَ، دوسَ دِلِاسو جَي ڏيِين، مُون کي جيڏو جَوَ، جَي سوڍَنِ مِڙَنِ سَوَ، تَہ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]