ديسُ بابت
معنيٰ
ڏيھُ، مُلڪ، راشٽر. صوبو، پرڳڻو، ڄمڻ جو هنڌ، علائقو، اباڻو ملڪ، وطن، ساڻيھ.
A country.
بيتن ۽ وائين ۾
- آءُ بادَلِيا ڪِجِ بينِتِي، ڪَونُ تَمارَ ديسُ، سُکِي تان گهَرِ اَپِڻي، دُکِي تان پَرَديسُ،[ سُر سارنگ - بادل نيڻ ۽ مينھن ]
- آديسِي آديسُ، ھِتان ڪَري ھَلِئا، ڪاپَڙِيَنِ قَلبَ ۾، ڪِئو ڏُوراڻو ڏيسُ، ويراڳِي نَئُون ويسُ، راوَلَ ڍَڪي رَمِئا.[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]
- توڻي تُون ھَميشه، ڪانڌَ نَہ مُون کي ڪوٺِيين، تَہ دوسَ تُنھِنجو داسَڙا، وَرَ نَہ لاھِيان ويسُ، گهورِئو ھِيءُ پَرَديسُ، پاڙي…[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- مارُئِي نَہ ڄائِي، تَہ مارُو نَہ پِئا مامِري، ديسُ ڇَڏي پَرَديسَ ۾، ڪَنھِن ايرادي آئِي، جا ڄارِيُنِ ۾ ڄائِي، تَنھِن…[ سُر مارئي - بندياڻي واجهائي وطن کي ]