حَجَ بابت
معنيٰ
لغوي معنيٰ ”ارادو ڪرڻ“ ۽ اصطلاحي معنيٰ ”ڪعبة الله جي طواف ۽ ٻين حڪمن جو عبادت جي نيت سان ارادو ڪرڻ.“ اسلام جي پنجن رڪنن مان هڪ رڪن، جنھن ۾ عرفات جي ميدان ۾ ذوالحج جي نائين تاريخ خاص حڪمن جي بجا آوري سان ادا ٿئي.
Pilgrimages to Mecca.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيڏانھَن ڪَري نِيتِيان، مِڙيئِي مَسِيتِ، ھَلِئو وَڃين حَجَ تي، راوَلَ اِي نَہ رِيتِ، پَڪِي کَڻُ پِرِيتِ، تَہ ڪُلَ ۾ ڪَعبو…[ سُر رامڪلي - آديسي ۽ مونا طور سينا ]