جِهيڻو بابت
معنيٰ
هلڪو، نرمُ، نفيس، خفيف، نِٻَلُ، نھُولڙو، ضعيف، ڪمزورُ، هيڻو. ٿورو آواز. آهستو، ماٺو.
Soft, mild, weak, slow.
بيتن ۽ وائين ۾
- چَڱا چَنڊَ چَئيجِ، سَنِيھا کي سَڄَڻين، اَڱَڻَ مَٿان اُڀرِي، پِريان جي پَئيجِ، جِهيڻو، ڳالَهائيجِ، پيرين وِجِهي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- رُئان تان راندِ، کِلان تان کامي ھِنيُون، جَهلِئان جِهيڻو نَہ ٿِئي، جو جَرُ نيڻين پاندِ، اَکڙِيُون ويساندِ، پِرِينءَ گَڏِجِي ڪَندِيُون.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]
- جِيئَن سو تَئِئَ تَرو، کامي کُوري وِچَ ۾، مُون کي ڏِنو سَڄَڻين، مَنجهان سِڪَ سَرو، وَرُ جِهيڻو ٻَرو، مَ ڦوڙائو…[ سُر رِپ - اندر، سٻر ۽ نھائين ]