جوڙُون بابت
معنيٰ
قدرت سان عجيب شيون پيدا ڪرڻ، رٿون رٿڻ، اٽڪلون رٿڻ، ٺاھڻ، رٿڻ، عجيب ڪم ڪرڻ.
Creating, developing, making, founding
جوڙون جوڙ: جوڙ مان جوڙ، صنعت جي وسيلي جھان کي خلقڻ. ڪري پاڻ ڪريم الخ. ٻاجهارو خدا پنھنجي صنعت جي وسيلي جھان کي جوڙي راس ڪري ٿو، يعني خدا صانع يا ڪرتار بہ آھي. بمبئيءَ واري سنگي ڇاپي ۽ ڀٽ واري قلمي نسخي واري ڇاپي جي پڙهڻيءَ موجب معنى ٿيندي: ٻاجهارو خدا جھان جون جوڙون پاڻئي جوڙ ڪري ٿو، يعني جھان جون آسون اميدون پڄائي ٿو.