تَنوارُون بابت
معنيٰ
پچارون، واڄا، آوازَ، جهونگارون، پکين جون لاتيون، للڪارون، سڏَ، ذڪر جون ھونگون.
Calls, murmurings, utterings, voices.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون حَبِيبُ، تُون طَبِيبُ، تُون دَردَ جو دارُون، دَوا آھِين دِلِ کي، تُنھِنجِيُون تَنوارُون، ڪَرِيان ٿِي ڪارُون، ٻُڪِي ٻِئَنئان نَہ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جَتِ تِکيُون تَنوارُون، مُنھِنجُون مانَ ميھارَ کي، پَهچَنِ پُڪاروُن، لَھُ ساھَڙَ سَنڀارُون، لَهِرِنِ لوڏِي نَہ مَران.[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ جَبَلَ گهُونا گهُونِ ، ليڙَنِ جُون لَطِيفُ چئَي، تَنگِ تَنوارُون پُونِ، جَنِ ڏِٺو پيرُ پِرِينءَ…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڏُونگَرَ تو ڪارُون، ڪِئا نَہ ٻاروچن سين، ڪَندا تَنوارُون، پاَسان تو پِرِين وِئا.[ سُر ڪوھياري - ڪوھ سان ڪچھري ]