اَڌُ بابت
معنيٰ
ڪنھن شيءِ جي ٻن پورِن حصن مان هڪڙو حصو، اَڌڙُ، نصف، نِيمُ.
Half, moiety.
بيتن ۽ وائين ۾
- سَڄِي ڇوڙَڻُ سُٿِرِي، ڇوڙيِين جَي اَڌُ ڳَنڍِ، تَہ ڪَڙو لاھِيين ڪَنڊِ، سُپيرِيان جي سيرَ جو.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- وارَو وَرُ وَٺِي وِئا، ڪَري ڏيرَ ڏورو، ساڄَنَ ريءَ سَرَتِيُون، ٿِئو آتَڻُ اَڌُورو، نِيَ سين نِسورو، سَرَتِيُون جو سِتَمُ ٿِئو.[ سُر ديسي - دانھُون ڪُوڪُون ]
- اَڌُ لوئِي اَنگَ تي، اَڌَ ۾ ٻَچا ٻارَ، اِهَڙا جَنِ اَطوارَ، تَنِ جِي سامَ پَرتِيَئِي سُومَرا.[ سُر مارئي - جھ سي لوڙائو ٿئا ]