سُر گهاتو، روسي فلسفي گرجيف ۽ ميٽرڪس فلم
جارج گرجيف ۽ ميٽرڪس فلم
![]() |
![]() |
![]() |
ڪجهہ ڏينھن اڳ ڪراچي مان ڪار تي لاڙڪاڻو موٽندي پنھنجي ڀاڻجي طارق کجڙ سان ڪچھري ڪندي منھنجي انگريزي ۾ لکيل ناول Moriro Fisherman and The Shark of Kalachi جي ڳالهہ نڪرڻ تي ھن ٻڌايو تہ “هالي ووڊ جي بلاڪ بسٽر فلم ميٽرڪس جو بنيادي خيال مورڙو ميربحر جي جدوجھد تان ورتل آھي.“ ان خبر تي مون کي حيران ٿيندي ڏسي امر فياض جي لکيل ڪالم جي باري ۾ ٻڌايائين جنھن لکيو ھيو تہ ”وڪاسڪي ڀائرن ميٽرڪس فلم ڀٽائي جي ڪردار مورڙو کان متاثر ٿي ٺاھي ھئي.“ لاڙڪاڻو پڄي جڏهن مون ان سلسلي ۾ تحقيق ڪئي تہ حيرت انگيز حقيقتون سامهون آيون.
يورپ، روس ۽ مغربي دنيا ۾ پنھنجي سماجي ۽ روحاني تعليمات سان نمايان مقام ماڻيندڙ گرجيف کي برصغير جي صوفي آستانن ۽ ادب ۾ جورجي زادي جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آھي. جارج آوانووچ گرجيف 13 جنوري 1866ع ڌاري اليگزيندروپول (روس) ۾ جيون ورتو ۽ 29 آڪٽوبر 1949ع ۾ فرانس جي ھڪ امريڪي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو. يورپ ۾ سندس شمار ويهين صدي جي لائق دانشورن ۽ روحاني استادن ۾ ڪيو وڃي ٿو۽ کيس نالي کي اھڙو ئي مقام ڏنو وڃي ٿو جيڪو اسان وٽ اوشو جھڙي سماجي مفڪرن کي حاصل آھي. گرجيف زندگي ڀر سچ جي ڳولا ۾ دنيا ڀر جي تعليمي، روحاني ۽ مذھبي حلقن منجهہ پاڻ سڃاڻڻ جي تعليمات جي تبليغ سان گڏ انسانيت جي ڪائنات ۾ بيھڪ جھڙي موضوعن کي عام ڪندو رهيو. ان سلسلي ۾ ھن جوان ٿيندي ئي ايشيا، مصر، انڊيا، تبت، روم ۽ سنڌ جي صوفين، درويشن، بزرگن، دانشورن ۽ درگاھن تان اندر اجارڻ جي سکيا لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
دنيا گردي جي ياترا دوران گرجيف افغانستان کان پشاور وارو رستو وٺيون سنڌ ۾ پڻ آيو جتي گهمندو ڦرندو ڀٽائي جي درگاھ تي حاضري ڏئي ڪيتري عرصي تائين اتي ويھڪ اختيار ڪيائين جتي گيڙو گودڙين وارن سان راڳن، ويراڳن، رهاڻين، قصن، سرورن ۽ روحاني سرڪين سندس اندر جو آئينو ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو. ويتر ڀٽائي جي پارکن کان لطيفيات جي سمجهاڻين ۽ ان جي ڪلام ۾ موجود ڪردارن جي جدوجھد سندس ۾ درويشي صور ڦوڪي صاف دل پر باعمل صوفي بڻائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. ڀٽائي سرڪار جي درگاھ جي آڳر ۾ ٻھاريون ڏيندڙ گرجيف، شاھ جي ڪلام جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان گڏ صوفين سان رنگ رهاڻ جون محفلون مچائي ڇيريون ٻڌي رقص جا مزا پڻ ماڻي ٿو. لطيفيات جي مطالعي دوران کيس سر گهاتو جي منڊڙي پر بھادر مورڙو جي شاندار جدوجھد من ۾ کپي وڃي ٿي جيڪو جسماني نقص جي باوجود پنھنجي ڀائرن جي قاتل خونخوار شارڪ سان حرفت سان پنڃرو ٺھرائي مھاڏو اٽڪائي سوڀارو ٿئي ٿو. سچ جي تلاش جي رڃ ۾ پير ڦٽيندڙ ھي روسي دانشور ڪجهہ عرصو سنڌ جي سامين، صوفين، درويشن ۽ علم وارن سان رهاڻيون ڪندي سالڪن جي صحبت ۾ گيان جا گيت اڻي نرواڻ جا آڪرش ڪيا.
شايد سنڌ جي ڏاھن وٽان کيس پنھنجي انهن کوجنائن جو صلو ملي چڪو ھيو جن لاءِ ھن کاھوڙ ۽ جاکوڙ جا سندرا ٻڌا ھيا. ماڳ ماڻيندي گرجيف باقي ويراڳ ڇڏي 1912ع ڌاري واپس وطن موٽي ويو. رستي ۾ پنھنجي روحاني رهبر عبدالقادر قالين فروش کي ملاقات دوران ٻڌايائين تہ ”مان اونهو سمونڊ ۽ انسانن جي ازلي آزادي ڏسي آيو آھيان.“ بعد ازان گرجيف سموري ڄمار انسان جي ان ازلي آزادي جي پرچار ڪندو رهيو جنھن کي ھن سنڌ ۾ شاھ عبدالطيف جي درگاھ تي مٽيون ڀريندڙ ميرانجهي درويشن کان پسيو ھيو. گرجيف پنھنجي تعليمات ۽ لکڻين ۾ بيشمار دفعا ورجايو آھي تہ ھي دنيا ھڪ ڪُن جيان آھي ۽ انسان ان ڪن جي خون پياڪ مانگر مڇن جي گهيري ۾ آھي جن سان مھاڏو اٽڪائڻ جي کيس سخت ضرورت آھي نہ تہ سندس روحاني ۽ سماجي معاملا سدائين لاءِ معاشري جي ڪاري قوتن جي چاڪري ۾ ھليا ويندا.
سندس شاگرد ۽ سوانح لکندڙ Olga de Hartmann پنھنجي ڪتاب ”گرڊجيف جا نامعلوم استاد“ ۾ رقمطراز آھي تہ: ”استاد محترم مشرق مان موٽڻ کان پوءِ ورجائيندو رهندو آھي تہ مان ھڪ قطرو آھيان ۽ سمونڊ ڏسي آيو آھيان.“ ھو اھو بہ ورجائي رهيو آھي تہ ”اسان سڀئي مانگرمڇن ھٿان تباھ ٿي رهيا آھيون ۽ ھاڻي اسان جي اولين ذميداري آھي تہ انهن جو مڙس ماڻهائپ سان مقابلو ڪيون.“ گرجيف سموري تدريسي رولاڪڙي جو احوال پنھنجي ڪتاب Meetings with Remarkable Men ۾ ڏنو آھي جڏهن تہ پنھنجي ٻين ڪتابن بشمول The Herald of Coming Good، All and Everything، Beelzebub's Tales to His Grandson، Views from the Real World وغيرہ ۾ بہ انهن سفر جا حوالا ڏنا آھن. سندس روحاني استاد عبدالقادر قالين فروش ۽ حسن ڪربلائي ھيا جن سان سندس ملاقات پڻ مڃتا جي ان سفر دوران ٿي ھئي. سنڌ جي سيلانيت کان واپسي تي گرجيف پوري انسانيت ظلم جي ڪاري ڪوجهي سامراجي طاقتن ھٿان يرغمال نظر اچي ٿي. سندس لکڻيون اھڙي ڪردار جي تلاش ۾ سرگردان نظر اچن ٿيون جيڪو انسانيت کي سماجي واڳن کان نجات ڏياري جو وڙ رکي. گرجيف جي روحاني مسيحا متعلق ان کوج کان متاثر ٿي سندس شاگرد اوس پنسڪي پڻ پنھنجي لکڻين ۾ مورڙو جي جدوجھد واري ڳالهہ کي نواڻ ڏئي پنھنجي ڪتابن ۾ پيش ڪندو رهيو ھيو جنھن مان سموري يورپي دنيا اڄ تائين متاثر ٿيندي نظر اچي ٿي.
مشھور روسي صوفي، سائنسي ۽ سماجي لکاري پي ڊي اوسپنسڪي (Pyotr Demianovich Ouspenskii 1915ع ڌاري گرجيف جي شاگردي ۾ آيو جو پڻ اڀرندي پار جي روحاني دانشوري جو ڳولائو ھيو. ھن ڪيترائي سال پنھنجي استاد جي صحبت ۾ گزاري جيڪو علم پرايو، سکيو ۽ سمجهيو انھن تجربن کي In Search of the Miraculous نالي ڪتاب ۾ سموھيو آھي. علم جي کوج ۾ اوسپنسڪي پاڻ بہ يورپ، مشرق، انڊيا، سري لنڪا ۽ مصر وغيرہ جي خاڪ اڏائي ھئي. ان ڏس ۾ ھن جو ڏنل نظريو ”چوٿون رستو“ يورپ ۾ تمام گهڻو مشھور ٿيو جنھن ۾ ھن اندر جي انقلابي تخشيص ۽ ذات جي نفي لاءِ درويشي، جوڳي پڻي اپنائڻ ۽ انا جي انحرافي جي ڳالهہ ڪئي آھي. سندس ڪتاب The Fourth Way ۾ بہ گرجنيف سان ٿيل ڪچھريون سوالن جوابن تي مشتمل آھي جيڪو 1957ع ڌاري ڇپيو ھيو جنھن يورپ جي ادبي ۽ روحاني دنيا کي جنجهوڙي ڇڏيو. سندس انهن ٻنهي ڪتابن ۾ منڊڙي مورڙو جي ڪرداري حوالن کان کان متاثر ٿي ھالي ووڊ جي ٻن ھدايتڪار ڀائرن اينڊي وڪاسڪي ۽ ليري وڪاسڪي (Wachowske Brothers) مورڙي جي جدوجھد کي کي آڏو رکي جديد سائنسي مسئلن ۽ سائبر دنيا سان لاڳاپو ڏيکاري “ميٽرڪس” جي ڪھاڻي لکي 31 مارچ 199ع ڌاري 136 منٽن جي ھڪ فلم ٺاھي جنھن جي ڪاسٽ ۾ Keanu Reeves, Laurence Fishburne, Carrie Anne Moss, Hugo Weaving, Joe Pantoliano وغيرہ شامل ھيا.
63 ملين ڊالر جي بجٽ واري ان فلم نہ رڳو 463،517،383 ملين ڊالر ڪمائي ڏيکاريا پر دنيا جي فلم انڊسٽري ۾ اھڙو تهلڪو مچائي ڇڏيو جنھن جي گونج اڃان تائين دلين مان ڪونہ نڪري سگهي آھي. ھن فلم ۾ ڏيکاريو ويو آھي تہ دنيا ۾ سائنسي ترقي عروج تي پھچڻ سبب مشينيون انسانن مٿان پنھنجي حاڪميت قائم ڪرڻ لاءِ انساني آبادين کي مختلف سائنسي طريقن سان مطيع ڪري رهيون آھن. انسانيت جي ان تحقير تي ”نيو“ نالي ھڪ ڪمپيوٽر پروگرامر پنھنجي جانثار ساٿين سان گڏجي انهن بي رحم مشينن خلاف اعلانِ جنگ ڪري مھاڏو اٽڪائي ھڪ ڊگهي جدوجھد کانپوءِ انساني نسل لاءِ بقا جي جنگ ۾ مورڙپ جيان سوڀارو ٿئي ٿو. آسٽريليا ۾ ٺھندڙ ھن فلم کي دنيا جي چوٿون نمبر بھترين سائنسي فلم قرار ڏنو ويو جنھن بيشمار ايوارڊ حاصل ڪيا جن ۾ اڪيڊمي ايوارڊ، بيفٽا ايوارڊ، سٽيرن ايوارڊ وغيرہ شامل آھن. ميٽرڪس واري خيال پٺيان بعد ۾ بہ بيشمار ٻيون فلمون جھڙوڪ The Matrix Reloaded, The matrix Revolutions پڻ ٺاھيون ويون. وڪاسڪي ڀائرن Making of Matrix 2 جي شوٽنگ دوران صحافين سان ڳالهائيندي انڪشاف ڪيو ھيو تہ ”اسان ميٽرڪس جي مرڪزي خيال متعلق ڳالهايون ۽ جناب اوس پنسڪي جو حوالو نہ ڏيون تہ مناسب نہ ٿيندو جنھن کي اسان ننڍپڻ کان پڙهندا آيا آھيون. سندس لکڻين ۾ ھڪ منڊڙي ڪردار کان متاثر ٿي اسان ميٽرڪس جي ڪھاڻي سرجي فلم ٺاھڻ جو ارادو ڪيو جيڪو ھيڪلي سر انسانيت کي آزاريندڙ بلا مارڻ جو سندرو ٻڌي نڪري ٿو پوي.“
مان سوچي رهيو آھيان تہ جيڪڏھن ڀٽائي جي گهڻ رخي فلسفي ۽ ترقي پسند سوچ مان يورپ، روس يا آسٽريليا وارا متاثر ٿي اتان جا روحاني پيشوا يا سماجي لکاري مورڙي جي جدوجھد کي مشعل راھ بڻائڻ ٿا يا جيڪڏھن سندس سندس ڪردارن جي جدوجھد کي نواڻ ڏئي ھالي وڊ جا بھترين دماغ ميٽرڪس جھڙيون فلمون ٺاھي سگهن ٿا تہ اسان سنڌي ائين ڇونہ ٿيا ڪيون. اسان ڇو ڀٽائي سرڪار جي بين الاقوامي فلسفي، عظيم ڪردارن ۽ جديد سوچن کي ڇڙو تصوف جي مٽ ۾ ويهاري ان جو طواف ڪري رهيا آھيون. منھنجي سنڌي نوجوان ھدايتڪار بلال لاشاري کي پڻ گذارش آھي جنھن WAR جھڙي شاندار ۽ بلاڪ بسٽر فلم ٺاھي دنيا ۾ پنھنجو پاڻ مڃرايوآھي تہ ڀٽائي جي لافاني ڪردارن تي بہ ڪا فلم ٺاھڻ جو قومي فرض نڀائي.